سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :7

”هاڻ ته تنهنجي دل کي آرام آيو هوندو.“ هن بين تي ملامتن جو ڌوڙيو وسائيندي چيو. ”ڀانيان ٿي ته هاڻ تنهنجي دل ڏاڍي خوش ٿي هوندي. تو هن کي ڪڙمي بنائڻ تي سندرو ٻڌو هو. سو هاڻ قصو ئي ختم ٿي ويو. بهتر اٿئي ته هاڻ وري ’ڊائيڪ‘ تي به پنهنجو هٿ آزمائي ڏس.“

        ”ڊائيڪ“ سندس ننڍو پٽ هو. سورهن سال عمر هيس. پيءُ وانگر هو به فطري طرح سچو پچو ڪڙمي هو. پنهنجي ڪوڏاڻي جي نالي کي سچو ثابت ڪيو هئائين. منهن مهانڊي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ عادتن ۾ هو پنج سو ورهين اڳ جي پنهنجي ڊچ ابن ڏاڏن تي ويو هو. سرخ ڀريل ڳل، ويڪرا ڪلها، تيز اکيون - ۽ مزاج جو سانتيڪو. اسڪول ۾ هڪ ڀيرو جڏهن ”ڊچ ڇوڪري“ واري آکاڻي ٿي پڙهيائون، جنهن ۾ هڪ ڊچ ڇوڪري پنهنجي ڳوٺ کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بند جي سوراخ ۾ کڻي هٿ وڌو هو، ۽ تيسين اتان هٿ نه ڪڍيو هئائين، جيسين ماڻهو مدد لاءِ نه پهتا هئا، تڏهن ڪلاس جي ڇوڪرن ڪتاب ۾ انهيءَ ڊچ ڇوڪري جي تصوير ڏسي، هن ننڍي بين ويسٽر ويلڊ تي کڻي ”ڊائيڪ“ نالو رکيو هو، ۽ پوءِ هميشھ هو ڊائيڪ ئي رهيو.

        ڊائيڪ ۽ سندس پيءُ جي وچ ۾ هڪ گهاٽو پر خاموش سٻنڌ ۽ هم آهنگيءَ جو احساس هو. ڇوڪر به اهڙوئي کيتيءَ جو هوشيار هو، جهڙو پڻس سندس عمر واري وقت هوندو هو. آچر ڏينهن تي ٻئي ڄڻا گڏجي ٻنيءَ جو چڪر هڻندا هئا، سوئرن تي نظرداري ڪندا رهندا هئا – سندن سوئر چڱا متارا هوندا هئا، جيڪي هوند پنهنجي تور جيتري چانديءَ جيترو ملهه ڪن؛ اَن ۽ گاهه جي ذخيرن کي ڏسندا هئا، ۽ پنهنجي زرخيز زمين تي اپريل جي چهچ سائيءَ ڪڻڪ کي ڏسي، اندازو لڳائيندا هئا ته سياري ۾ ڪڻڪ جو فصل ڪيئن ٿيندو. جوان ڊائيڪ پائيپ ڇڪيندي سياڻپ ۽ سنجيدگيءَ سان پنهنجي راءِ ڏيندو هو ته سياري جي ڪڻڪ سٺي ٿيندي. بين ويسٽر ويلڊ پٽ جي راين کي ٿڌي دماغ سان ٻڌندي، اندر ۾ بي پناهه خوشي محسوس ڪندو هو، پر ان جو اظهار ڪين ڪندو هو. شادي شده حياتيءَ جي عذاب، رنج ۽ تلخ نااميدين جو اجورو نيٺ هن ڇوڪري جي وجود ۾ نصيب ٿيو هوس.

        هن جي انهيءَ شادي شده زندگيءَ کي ٽيهن کان به مٿي ورهيه اچي ٿيا هئا، پي ايتريءَ عمر هوندي به بين ويسٽر ويلڊ وک جو کڙو تڙو هو. ويڪرن ڪلهن واري ڀريل جسم ۾ ڪا ٿوري ئي لهس ۽ هيڻائي آئي هيس. پنجونجاهه ۾ به هو اهڙوئي صاف سٿرو هو، جهڙو پنجويهن جي ڄمار ۾ هو - ۽ اها صفائيءَ جي عادت اهڙي آهي، جا ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ قائم رکڻ ڏاڍي مشڪل آهي. ماڻهو کيس پري کان سڃاڻندا هئا، ۽ عزت ڏيندا هئا. هو چڱيءَ حيثيت جو ماڻهو هو. جڏهن سياري جي هڪ صاف صبح جو رڍ جي کل جو ڪوٽ، ٽونر سان ٽوپلو ۽ بوٽ پائي شهر ۾ آيو هو، ۽ فرسٽ نئشنل بئنڪ ۾ داخل ٿيو، تڏهن خود ’شموي‘، بئنڪ جي خزانچيءَ، پنهنجي ڊيسڪ تان ڪنڌ مٿي کڻي کيس آڌرڀاءُ ڪندي چيو هو: ”هلو، ويسٽر ويلڊ؛ ڪهڙا حال آهن؟“ جڏهن شموي ڪنهن ڪڙمي جو ان نموني آڌرڀاءُ ڪندو هو، تڏهن سمجهبو هو ته انهيءَ ڪڙميءَ جي کنڌي ڪا اوڌر يا قرض رهيل ڪونهي.

        جيڪي ڪجهه بين ويسٽر ويلڊ وٽ هو، سو سندس پورهئي جو ثمر هو، سندس بازن جو ڦل هو: باغ، ٻنيون، اَن جا گدام، چوپايو مال، گاهه جون دنيون – انهن سڀني چيزن جي آئيندي جو دارومدار هن تي، ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ ڊائيڪ تي هو. هو پنهنجا ڏينهن گذاري آيو هو. سندس ڪم جو گهڻو حصو، ڏکيو ۽ سخت محنت ۽ مشقت جو هو. پر اهو ئي سندس شان هو. هن جي وجود جو جواز ئي اهو هو. ۽ هو محسوس ڪندو هو ته اهو جواز ڏاڍو چڱو هو، جيتوڻيڪ انهيءَ خيال کي هن ڪڏهن به لفظن ۾ بيان ڪين ڪيو هو. هن کي فقط اها ڄاڻ هئي ته زندگيءَ جي عظيم سٽا جو هو به هڪ حصو هو، ۽ پنهنجي حصي جو ڪم هو چڱيءَ طرح سرانجام ڏيئي رهيو هو. جيڪڏهن هو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ها، ته شايد هي لفظ چوي ها: ”خير، زندگيءَ ۾ مون کي پنهنجي حصي جو ڪم مخصوص ٿي مليو، ۽ آءٌ ان کي ڪري رهيو آهيان، ۽ ٺيڪ ڪري رهيو آهيان.“

        هاڻ هنن وٽ هڪ ٽرئڪٽر به هو؛ وٽن وچولي درجي جي هڪ مضبوط ڪار به هئي، جنهن ۾ ويهي جهوٽا کائيندي، بيلا شهر گهمڻ ويندي هئي.

        جڏهن بين ويسٽر ويلڊ آسودگيءَ ۾ پير پاتو، تڏهن سندس موقعه شناس ۽ چالاڪ زال پنهنجا هٿ ساڄا ڪرڻ لڳي. بين خود غرض قسم جو ڪڙمي ڪونه هو، جو کيتيءَ جي اوزارن ۽ گهر جي سامان سڙي ۾ پندرهينءَ صديءَ جون پراڻيون شيون استعمال ڪرڻ لاءِ زور ڀري. هن پنهنجي گهر کي چڱو وڌايو هو؛ هڪ پاسي سمهڻ جي هڪ وڌيڪ ڪوٺي اڏائي هئائين، اونهاري لاءِ ٿڌڪار وارو بورچيخانو الڳ تيار ڪرايو هئائين، برف جي ڪوٺي ۽ دروازي اڳيان ڏيڍي ٺهرائي هئائين؛ ڪپڙن ڌوئڻ جي مشين ورتي هئائين؛ ۽ وهنجڻ جي جاءِ جوڙائي هئائين. پر بيلا جو من تڏهن به ڪين ڀريو. هن جون اکيون ته شهر ڏانهن هيون. نيٺ آهسته آهسته، ٽيهن سالن جي لڳاتار ڪُرڪر بين تي اثر ڪرڻ شروع ڪيو. هو نرم طبيعت جو شخص هو، ۽ هوءَ بلڪل ابتڙ طبيعت جي هئي. نيٺ هن کيس اهڙو موڙي وڌو، جئن لوهه سون کي موڙي وجهندو آهي.

        مِني هاڻي شڪاگوءَ ۾ رهندي هئي – طبيعت جي چڱي هئي، پر پنهنجي ماءُ وانگر ڏاڍي سست ۽ ڪم چور هوندي هئي. سندس بدمزاج مڙس اڃا تائين پنهنجي حقن بابت پيو دانهون ڪندو هو، ۽ شاهوڪارن کي گاريون ڏيندو رهندو هو. کين ٻه ٻار هئا. مِنيءَ پنهنجي ماءُ ڏانهن ٻنهي ٻارن جو احوال، ۽ شهر جي فرحتن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون خطن ۾ لکي موڪليون هيون: روز سئنيما ڏسڻ؛ گهرجي پاسي ۾ هالسٽيڊ گهٽي؛ وڏا وڏا دڪان؛ لاريون، جيڪي جهٽ ۾ سڄو شهر گهمائي اچن؛ سڀ کان وڏي ڳالهه ته شهر ۾ هر گهڙيءَ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿي رهيو هو. بيلا ويسٽر ويلڊ، اهڙن خطن کان پوءِ ته بنهه بدمزاج ۽ بي حد زبان دراز عورت بنجي پيئي هئي.

        جڏهن بين ويسٽر ويلڊ ڪڻڪ جي فصل ۽ سوئرن جي پرورش تي خاص توجهه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن کيس اها ڳالهه خواب خيال ۾ به ڪانه هئي ته ڪڻڪ ۽ سوئرن لاءِ ايندڙ چار سال ڪو ايترو گرم رهندا. پوءِ جڏهن اهو وقت آيو، تڏهن ٻئي چيزون چڱي چوکي انداز ۾ هن وٽ موجود هيون، ۽ دلگهرين اگهن تي وڪڻي ڇڏيائين. پر ان ڏينهن، سوئر، ڪڻڪ ۽ مارڪيٽون ڪنهن کي ياد به نه هيون، جنهن ڏينهن ضلعي جي ستن ٻين جوانن سان ڊائيڪ کي فوج ۾ ڀرتي ڪري ويجهي تربيتي ڪئمپ ڏانهن موڪليو ويو، ته جيئن اتان تربيت وٺي، هو فرانس ۾ جنگ تي هليا وڃن.

        بيلا ته ڏٺو وائٺو گهمسان مچائي ڏنو؛ اوڇنگارون ڏيئي، ڇڙيون هڻي، ڏنڊڻجيو ٿي ويئي. ٻڍڙي بين نهايت ضبط ۽ صبر کان ڪم ورتو. هو پاڻ پٽ کي گاڏيءَ تي چاڙهي شهر ڇڏي آيو. جڏهن ريل گاڏي ڇٽي، ته سندس نيريءَ قميص جي مٿان سندس گردن جون رڳون ۽ نسون ڦوڪجي آيون هيون، پر ٻيو ڪجهه به ڪين ٿيس. ڪجهه هفتن کان پوءِ سندس کڙي تڙيءَ وک ۾ فرق لڳو. هن جو پٽ ته فقط سندس هٿان ڪين ويو هو – گويا سندس ساڄيءَ ٻانهن جهڙو مددگار کانئس وڇڙي ويو هو. ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ وارا ٻيا ڪمي به ڪين ٿي مليا. ٻڍڙو بين سمورو ڪم اڪيلي سر به نه ٿي ڪري سگهيو. سياري ۾ سنڌن جي سور ٻه مهينا کن کيس اڌ لولو بنائي ڇڏيو هو. بيلا جي زبان پوءِ به پنهنجي عادت نه ڇڏي.

        ”مان ته سمجهي نٿي سگهان ته تون اڪيلو سڄو بوجو ڪيئن سنڀالي سگهندين؟ تون ته مري پنهنجي جند ڇڏائي ويندين، ۽ هي سڄو ڳٺ منهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو“ – اهي لفظ ٻڌي هو آتشدان جي ويجهو ڪرسيءَ تي ويٺي ئي کيس خاموشيءَ سان ڏسڻ لڳو. هن جي برداشت جي قوتِ هاڻ جواب ڏيئي رهي هئي – کيس اها خبر هئي. هو اڃا مرڻ وارو ڪونه هو – اها به هن کي خبر هئي. پر منجهس ڪا شي ضرور مري رهي هئي. ڪا شي جنهن ايترا سال کيس پنهنجي زال کي برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. ڪا شي، جيڪا هن کي انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ايتري تائين خود خيال ۽ باوقار بنايو بيٺي هئي.

        انهن بيماريءَ وارن ڏينهن ۾، جڏهن هو آتشدان جي ويجهو ويٺو هو، تڏهن کيس اڪثر ايما بايرس جي يادگيري ايندي هئي. هوءَ اٺاويهه سال اڳ ڳوٺ مان لڏي ويئي هئي – شادي به ڪئي هئائين؛ ۽ هن ٻڌو هو ته شڪاگو ۾ ڏاڍي خوشحال زندگي گذاري رهي هئي. اجائي افسوس ڪرڻ ۾ هو پنهنجو وقت ڪين وڃائيندو هو. هن بيوقوفي ڪئي هئي، ۽ بيوقوفيءَ جي ڳري قيمت ادا ڪري چڪو هو. بيلا جا ڪمري ۾ هُل مچائيندي پئي ايندي ويندي هئي، تنهن کي ان ڪمري ۾ ٽئين شخص جي موجودگيءَ جو احساس ئي ڪونه هوندو هو – ٻاويهن ٽيويهن سالن جي هڪ قداور ڇوڪري، خوبصورت منهن، ذهين ۽ تيز اکيون، ويڪري ۽ سنجيده پيشاني – بيلا ان جو ڀلا ڪيئن تصور ڪري ٿي سگهي؟

        ”جيئن پوءِ تيئن حالت بگڙندي ويندي.“ بيلا پنهنجي بڪ جاري رکندي چيو. ”سڀڪو ٿو چوي ته لڙائي اڃا به سالن جا سال هلندي رهندي. تون پنهنجي ڪم ۾ اڪيلو پڄي ڪين سگهندي. هرڪا چيز زبون ٿيندي پئي وڃي. ٻيو نه ته آزمودي خاطر ٻن سالن لاءِ مقاطعي تي ڏيئي ڇڏ. ’بروڪرس‘ خوشيءَ سان کڻڻ لاءِ تيار آهن. هنن وٽ ٽي ڏٽا مٽا اڻ گهڙين ڪاٺن جهڙا جوان ويٺا آهن، جن ۾ نه آهي عقل نه سمجهه، ۽ فوج جي لائق ئي ڪين آهن. پاڻهي اهي حصا پتيون ڪري پوکيندا. جيڪڏهن کين ڪو وجهه لڳو، ته ممڪن آهي ته سڄي زمين رڳو خريد به ڪري وٺن. ڊائيڪ به هاڻ مشڪل ئي واپس .....“

        پر ان گهڙيءَ هن جي چهري جي ڪيفيت ڏسي ۽ اوچتو هن جي غير معمولي غصي جي گُهٽيل دانهن ٻڌي، هڪدم هن پنهنجي بڪ بڪ کڻي بند ڪئي.

        بهار جي شروع ۾ هو لڏي شڪاگو آيا. ڊائيڪ کي جنگ تي اسهڻ وقت، گاڏيءَ تي پهچائڻ لاءِ وٺي وڃڻ مهل، بين ويسٽر ويلڊ جي منهن جي جا ڪيفيت هڻي، سا وري سندس چهري تي اڀري آئي، - پر هن ڀيري شايد اها ڪيفيت مٽجڻ جهڙي نه هئي. ’ڪلهائون‘ ضلعي ۾ بهار اچڻ سان ڄڻ ڪئليفورنيا جو سمورو حسن اچي هڪ هنڌ ڪٺو ٿيندو آهي. سڄي ماحول ۾ هڪ عجيب سونهري روشني ڦهليل هوندي آهي ۽ پهاڙن تي  قرمزي ڪوهيرا جمع ٿي ويندا آهن. بين ويسٽر ويلڊ کي رستي تان لنگهندي، ڪنهن ڳوٺاڻي ناٽڪ جي ڪردار کان به وڌيڪ چڀندڙ ڊرامائي احساس ٿي رهيو هو. البت ناٽڪ وانگر هن پٺ ورائي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ڪونه نهاريو. هن کي نهارڻ جي همٿ ئي نه ٿي.

        شڪاگو ۾، مِنيءَ جي گهر کان سڏ پنڌ تي هنن اينگل وڊ ۾ هڪ فلئٽ مسواڙ تي ورتو. بيلا انهن ڏينهن ۾ ڪجهه نهٺي ٿي پئي هئي. شهري زندگيءَ کي هن اهڙيءَ طرح اختيار ڪيو، جو ڄڻ ته گذريل ٽيهه سال هن جي زندگيءَ ۾ آيا ئي ڪين هئا. نرم سفيد چمڙي جا بوٽ، نفيس نفيس چيزن جا دڪان، فلمون، گهورڙين سان کٽ پٽ، ماڻهن جا انبوهه، گوڙ گهمسان، عجيب گهٽيل ۽ غير فطري طرزِ زندگي – جيڪا چئن ڪمرن واري فلئٽ جو لازمي نتيجو هئي – اهي سڀ شهري لوازمات هن لاءِ اهڙيون ته فطري چيزون هيون، جو ڄڻ ته ڄائي نپني انهن چيزن جي وچ ۾ هئي.

        مِني ۽ پاڻ سڄا سڄا ڏينهن اجاين خريدارين ۾ وڃائينديون هيون. هن جي پاڙي ۾ چڱا عزتدار ماڻهو – دستڪار، منشي، اڪائونٽنٽ ۽ ننڍا دڪاندار – رهندا هئا، گهرن ۾ البت زالون پنهنجي ميرن ڪپڙن ۽ داغدار زنانين ٽوپين سان ڪم ڪار ڪنديون رهنديون هيون – انهن ٽوپين هيٺان سندن کنڊريل ۽ مَـــرُ کان ڀورا ٿيل مٿا لڪل هوندا هئا. ائين ٿي ڀانيو ته کين اجائي گفتگو ۽ يٽن شتن هڻڻ لاءِ ڪافي وقت ملندو هو. صبح جو ستين بجي کان شام چئين بجي جي وچ ۾ جتي ڪٿي زالون پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندي نظر اينديون هيون. آمهون سامهون گهرن جي سمهڻ وارن ڪمرن جي بالڪنين مان هر هنڌ ٻه زنانيون ٽوپيون جهڪيل نظر اينديون، ڪي دهليز ۾ بيٺل هونديون، ته ڪي گهر جي ٿلهي کي صاف ڪندي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه وقت ڪڍي وٺنديون، ۽ ڪي رستي تي بيٺيون اوڀاريون لهواريون ڪنديون. مني ته ”اجهو، گهڙيءَ لاءِ اما وٽان ٿي اچان ٿي“ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڃائيندي هئي. هڪ ٻئي جي طبيعت جي ناواقف هجڻ ڪري، هو پاڻ ۾ وڙهنديون به ڏاڍو هيون، پر جن خاصيتن هنن کي ويڙهايو ٿي، تن ساڳين خاصيتن ڪنهن عجيب مقناطيسي طريقي سان هنن کي وري پرچائي به ٿي ڇڏيو.

        ”اڄ بازار مان ڪجهه خريداري ڪرڻي اٿم،“ مني چوندي هئي. ”امان تون هلندينءَ؟“

        ”وٺڻو ڇا اٿئي؟“

        ”اوهه، خيال ڪيم ته ’پـَـرلِيءَ‘ لاءِ ٻه چولا وٺي اچان.“

        ”جڏهن تنهنجي وهيءَ ۾ هيس، تڏهن تنهنجا سمورا ڪپڙا آءٌ پنهنجي هٿن سان سبندي هيس.“

        ”بلي ڙي بلي! ڏاڍا ٺاهوڪا ٺاهيندي هئينءَ – هيءَ ٻهراڙي ته ڪانهي. مون کي جنهن به شي جي ضرورت ٿيندي آهي، ته جهٽ ٺهيل جڙيل وٺي ايندي آهيان. سئي سڳي سان ته منهنجي پويئي ڪانه.“

        ”آءٌ ته مائي سڀ هٿ سان ڪندي هيس – گهر جو ڪم ڪار، سيبو ٽوپو، رڌ پچاءُ، ۽ تنهن کان سواءِ....“

        ”تو گهڻائي ڇيهه ڪيا هئا – مون کي ڇا ٿي چئي ٻڌائين!“

        اها چخ چخ جهيڙي جي صورت اختيار ڪندي هئي، پر پڇاڙيءَ ۾ ٻئي گڏجي شهر وينديون هيون. هو بازار ۾ رڏ ڪڏ سان، هڪ ٻئي کي آڱرين سان اشارا ڏينديون، ”اسٽيٽ“ گهٽيءَ جي کاٻي پاسي تي ”پنجن – کان – ڏهن – سينٽن“ وارن ستن دڪانن تي ڪُر ڪُر ڪنديون، خريداري ڪنديون هيون. ماڻهن جي انبوهه وچان گهتون هڻنديون، سستي شيءِ جي ڪپڙي يا ڪنهن ردي ڪپڙي جي ٽوٽن ٽڪرن تي جهپ هڻنديون رهنديون هيون. ڪڏهن ڪنهن دڪان تان نمڪين بوهي چڻن جو ڳوٿرو خريد ڪنديون هيون، ته ڪڏهن گلابي رنگ جا کٽمٺڙا وٺنديون هيون، ۽ پوءِ سڄي واٽ انهن کي چرنديون چٻاڙينديون هلنديون اينديون هيون.

        پوءِ دير دير سان ٿڪجي ٽٽي، پنهنجي بت مان بيزار ٿي، اچي گهر سهڙنديون هيون، ۽ دڪانن تان ورتل شين سان رات جي ماني کائي وڃي ڊهي پونديون هيون.

        ان طرح سابق ڪڙميءَ بين ويسٽر ويلڊ، جي فارغ البال زندگي پئي گذرندي هئي. ۽ هو هاڻي بستري ۾ بي صبريءَ سان پاسا ورائي رهيو هو، بي چينيءَ مان چادر جي ڪناريءَ کي پريشان هٿ سان مهٽيندي پنهنجي پاڻ کي چئي رهيو هو ته ’خير جو ٻيو ڏينهن به اچي ويو. پر ڏينهن ڪهڙو هو؟ ترس ته حساب ڪريون. ڪالهه ڏينهن هو..... ڪالهه!‘

        هن تي ٿورو هراس ڇانئجي ويو. هن کي اهو به ياد نٿي پيو ته ڪالهه ڏينهن ڪهڙو هو. ڏاڍيءَ محنت سان هن پٺيان ڏينهن ڳڻڻ شروع ڪيا، ۽ نيٺ انهيءَ نتيجي تي پهتو ته اڄ خميس جو ڏينهن هئڻ گهرجي. ائين به ڪونه هو ته انهيءَ سان ڪو فرق ٿي پئجي ويو.

        شهر ۾ رهندي کين سال کن ٿي ويو هو. پر شهر بين کي هضم ڪري نه سگهيو. هو هڪ چم جهڙي اهڙي گرنهه مثل هو، جو ڳريو ئي نه ٿي. هو شڪاگو جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو – نه ڪجهه ڪيائين ٿي، نه ڪجهه کيس ئي فائدو حاصل ٿي ٿيو. هڪ ڳنوار وانگر کِل جهڙي ڪالر واريءَ قميص ۾ هالسٽيڊ يا اسٽيٽ گهٽيءَ ۾ بي مقصد پيو ڀٽڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو مِنڍڻ ۽ گدلي چوڪيدار سان زور ڪري وڃي ڳالهائيندو هو، جيڪو اصل سوئيڊن جو رهاڪو هو ۽ هت ڳاڙهين سرن وارين فلئٽن واري بلاڪ جي پهريداري ڪندو هو. هڪ عجيب حسرت سان بين انهيءَ چوڪيدار وٽ وڃي لهواري اوڀاري ڪندو هو. بين، مِنيءَ جي بدمزاج مڙس ”گس“ کان سواءِ ڪنهن کي ڪونه سڃاڻندو هو. بدتميز گس، بين کي پنهنجي نفرت جي لائق به ڪين سمجهندو هو. جڏهن بين کي اهي خيال ايندا هئا ته جڏهن هو ڪامرشل جي مکيه گهٽيءَ ۾ داخل ٿيندو هو تڏهن کيس ڪيتري نه عزت ۽ آڌرڀاءُ ملندو هو، ۽ جڏهن هن کي اهو خيال ايندو هو ته ڳوٺ ۾ ڪوهن تان ڪهي ڪڙمي وٽس صلاح مشوري لاءِ ايندا هئا، - تڏهن هن جا چپ مِڙي ويندا هئا، ۽ ڳچ وقت لاءِ خاموش ٿي ويندو هو.

        ڪڏهن پهريدار مهرباني ڪري پنهنجي بلڊنگ جي بٺيءَ ۾ کيس وٺي ويندو هو، جتي هو پاڻ رهندو هو. بس اُتي ڦلهيار ڪڍي، بٺيءَ ۾ کرپيءَ سان اڱر وجهندو هو؛ شين کي کڻندو، رکندو، اٿلائيندو پٿلائيندو هو. اڱر ڍوئيندو رهندو هو، ۽ پنهنجي پائيپ جي دونهين مان لطف اندوز ٿيندو رهندو هو. هتي هن کي ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪرڻ لاءِ ملي ويندو هو. هو اتان دونهين ۾ ڪارو ٿي اٿندو هو، پر هن جي دل کي ڪجهه خوشي ملي ويندي هئي.

        ”تون انهيءَ بٺيءَ جي کُنڌ کُنڌ جي پچر ڪين ڇڏيندين!“ بيلا هن کي ڇينڀيندي چوندي هئي. ”جي هروڀرو ڪم ڪرڻ لاءِ ماندو آهين ته ڇو نه گهر جيپٺئين پاسي ۾ ڪو باغ پوکين ۽ ڪا ڀاڄي ڀُتي اُپائين؟ ٻنيءَ تي ته توکي چرين وارو شوق هوندو هو.“

        بيلا جي تنبيهه ٻڌي گهڙيءَ لاءِ هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويندو هو. هو هن کي سمجهائي نه ٿي سگهيو ته انهيءَ ننڍڙيءَ بٺيءَ ۾ ڪم ڪرڻ سان هن جي پنهنجي نظرن ۾ ڪابه آبرو گهٽ ڪانه ٿي ٿي پئي؛ پر عزت نفس هن کي باغ رکڻ جي اجازت ئي نه ٿي ڏني – جنهن شخص ڇهه سو ايڪڙن جي زرخيز زمين تي حڪمراني ڪئي هئي، ان جي دل هڪ ٻن وکن جي باغ رکڻ تي ڪهڙي ورندي!

        سياري جي راتين جو هو فلمن تي هليو ويندو هو. ۽ اتي جي گهٽيل ۽ اونداهي ماحول ۾ پنهنجون بيڪار گهڙيون گذاري ايندو هو. ٽوڪيو، روم، گيليپولي شهر فلمن ۾ ڏسندو هو. هو خوبصورت عورتن کي گورين ٻانهن سان بناوٽي پيار منجهان مضبوط جوانن کي ڀاڪر پائيندي ۽ چميون ڏيندي ڏسندو هو. هن جي انهيءَ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هئي. جيڪو ساڻس ڳالهائيندو هو، تنهن سان ڳالهائيندو ئي رهندو هو – جيتوڻيڪ هو فطري طرح هڪ لڄارو شخص هو. هو حجام، باڪري، دوا فروش، لاريءَ جي ڪنڊڪٽر، کير واري ۽ برف واري سان هڪدم ڳالهين ۾ جنبي ويندو هو. پر انهن ماڻهن کي ڪڻڪ جي اگهن سان ڪائي دلچسپي ڪانه هوندي هئي. هنن کي اها ڄاڻ ڪانه هئي ته ڪڻڪ جي قيمت دنيا جي گفتگوءَ جو اهم ترين موضوع هو.

        ”هن سال ئي کڻي ڏسو،“ هو چوندو هو، ”هن سال ڪڻڪ جو فصل اٽڪل ايڪانوي ڪروڙ ستر لک ’بشيل‘ لٿو آهي. اهڙي سٺي فصل سان ئي لڙائيءَ ۾ فتح حاصل ٿيندي. بالڪل، ائين اٿو، سائين، آءٌ ته چوان ٿو ته ڪڻڪ نه هوندي، ته جنگ به ڪين جيتبي.“

        ”هائو........ ائين ئي هوندو!“ شهري ماڻهو هن تي کلڻ لڳندا هئا، پر عجيب ڳالهه اها هئي ته ڪڙميءَ بين جي ڳالهه سچي هئي.

        مِني ته بين کي آيا وانگر استعمال ڪرڻ لڳي. انهيءَ طرح کيس يٽن هڻڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي ملي ويندي هئي.

        ”بابا، گهڙيءَ لاءِ پَرلِيءَ کي ته راند ڪراءِ. مون کي بزار ۾ هن رنگ جو ٿورو ڪپڙو ڏسڻو آهي. جيڪڏهن پاڻ سان ٿي کڻي وڃانس، ته بيزار ٿيو پوي، ۽ ڪپڙا لٽا خراب ڪريو وجهي. اما به مون سان گڏ ٿي هلي.“ هوءَ چوندي هئي.

        پَرليءَ جي نازڪ نازڪ بخملي هٿن کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي هن کي بي انتها خوشي ٿيندي هئي. هو هن کي ”ننڍڙي مائي“ سڏيندو هو. هن جون وڏيون ناسي رنگ جون آڱريون هن جي ننڍڙين پوشاڪن جا بٽڻ کولڻ ۽ بند ڪرڻ، سندس نازڪڙا چپ صاف ڪرڻ ۽ ٻين به ڪيترين اهڙين چاڪرين ڪرڻ تي حيرت انگيز نموني سان هري ويون هيون. هو پنهنجي پاڻ سان هڪ انوکي راند کيڏي رهيو هو، ۽ تصور ئي تصور ۾ اهو ڍونگ ڪندو هو ته ڊائيڪ وري ننڍڙو ٻالڪ بنجي ويو هو. هڪ ڀيري ٻئي ”لنڪن پارڪ“ گهمڻ ويا، جتي سڄو ڏينهن، جانورن کي ڏسندي، مڪئيءَ جا ڦلا کائيندي، ۽ رانديڪي جي ننڍي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي، کيل تماشي ۾ گذاريائون.

        شام جو ٿڪجي، مٽيءَ ۾ لٽجي واپس آيا، پر سندن دليون ڏاڍيون خوش هيون.

        بيلا گهڻو وقت هميشھ ڊائيڪ لاءِ سوچيندي، ڳڻتيون کائيندي رهندي هئي. بين، ڊائيڪ بابت ورلي ڳالهه ٻولهه ڪندو هو. پر سندس خيالن ۾ هو هر وقت موجود هوندو هو. هنن ڊائيڪ کي شهر ۾ لڏي اچڻ جو احوال لکيو هو. پر معلوم ائين ٿي ٿيو ته هن کي انهيءَ ڳالهه تي يقين ئي ڪين آيو هو. هن جي خطن مان ظاهر ٿيندو هو ته هن جي خيال ۾ هو شايد مِنيءَ کي ڏسڻ لاءِ شهر آيا هئا – يا ائين ئي تفريح لاءِ اتي آيا هئا. ڊائيڪ خط گهٽ لکندو هو. پر انهن ٿورن خطن کي به بين هڪ خزانو سمجهندو هو ۽ ورائي ورائي پيو انهن کي پڙهندو هو. جڏهن جنگ فتح ٿي ۽ صلح جون خبرون پهتيون، ۽ ڊائيڪ جي اچڻ جو امڪان نظر آيو، تڏهن بين، ڪوشش ڪندي تصور ۾ هن کي جنگ کان موٽڻ بعد شهري زندگيءَ ۾ آباد ٿيندي ڏٺو. پر خيال ايندي ئي بين جو سمورو وجود لرزجي ويو.

        هالسٽيڊ ۽ ٽيهٺ نمبر گهٽين جي ڪنڊ تي هو ڪيترن ئي سانوري رنگ ۽ موهيڙن سان ڀريل چهرن وارا نوجوان بيٺل ڏسندو هو، جيڪي رستي تي ٿڪون اڇلائيندا رهندا هئا ۽ ڏاڍيءَ مهارت سان چپن ۾ سگريٽون جهلي گهمندا رهندا هئا. هو هلڪي آواز سان فقره بازي ۽ گندي گفتگو ڪندا رهندا هئا، ۽ جڏهن تنگ پوشاڪن سان لپ اِسٽڪ لڳل ڇوڪريون ٿي لنگهيون، تڏهن کين ڏسي سندن اکيون چنجهيون ٿي ٿي ويون. بين ويسٽر ويلڊ کي دل ۾ ڊپ اچي جاڳيو هو.

        جسماني پورهئي ۽ ورزش نه هئڻ ڪري بين جي جسم تي برو اثر پوڻ لڳو هو. سستيءَ ۽ ڪاهليءَ کان مٿس ڪا ٿولهه ۽ چرٻي به ڪانه ٿي چڙهي. ان جي برعڪس سندس چمڙي، سندس جسماني پڃري تي، بت کان وڏيءَ پوشاڪ وانگر لڙڪڻ لڳي هئي. هو پنڌ تمام گهڻو ڪندو هو؛ ۽ شايد سندس ڪمزوريءَ جو اهوئي سبب هو. شهر جي رستن تي ميلن جا ميل جهاڳي ايندو هو. هو پاڻ کي نهايت اڪيلو محسوس ڪندو هو. ۽ پوءِ، هڪ ڏينهن اتفاق سان هو ”سائوٿ واٽر“ گهٽيءَ ۾ اچي نڪتو. جڏهن اتي پهتو تڏهن ان ڏانهن اهڙيءَ طرح گهوڙڻ لڳو، جيئن ڪو پاڻيءَ جو پياسي مسافر، ڪنهن بيابان ۾ پاڻيءَ جي چشمي کي ڏسي شڪرگذاريءَ سان پاڻي پيڻ لڳندو آهي.

        سائوٿ واٽر گهٽي شڪاگو جي ان داتا آهي. انهيءَ ڳتيل رستي تي وڪري لاءِ ايتريون ڀاڄيون ۽ ميوا ايندا آهن، جيڪي هوند ڏهن لکن دستر خوانن لاءِ پورا ٿي اچن. بين ان بابت ڪيترا ڀيرا ٻڌو هو، پر ڪڏهن به ان گهٽيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئائين. هاڻ اوچتو اتي اچي پهتو هو، ۽ اتي بيهي سال کان به وڌيڪ وقت کان پوءِ هن پهريون ڀيرو شڪاگو ۾ سک جو ساهه کنيو. هن سگهارن انسانن کي پورهئي جي ڪپڙن ۾ اتي گهمندو ڦرندو ڏٺو. سندن هٿن ۾ چهبڪ هئا – ها، گاڏين هلائڻ وارا چهبڪ. جڏهن کان پنهنجون ٻنيون ڇڏي آيو هو، تڏهن کان هن اهڙا ماڻهو ڪونه ڏٺا هئا. هنن کي ڏسي، هن جي دل ۾، پنهنجي وطن جي يادگيريءَ ۾، اداسيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي ويئي، هن جو هٿ کيسي کان ٻاهر آيو ۽ ڊڄندي ڊجندي هن جي هريل مريل آڱر، رستي جي هڪ پاسي کوکي ۾ پيل پٽاٽن تي وڃي پيئي. پوءِ هن جون آڱريون وڌنديون ويون، ۽ پٽاٽن کي هٿن ۾ جهلي هن جي دل خوشيءَ کان اڇلون ڏيڻ لڳي.

        ائين ٿي ڀانيو ته هن جي اندر ۾ ڪا شي تڻڪيل ۽ بکايل هئي، ۽ پٽاٽن کي ائين ڇهڻ سان هن جي سڪ ڍري ٿي ويئي، ۽ بک پلجي ويئي. اهي هن جون نسون هيون، جن کي وري اهو ساڳيو کاڌو مليو، جنهن لاءِ هو هڪ عرصي کان بک جي ڪري پاهه ٿي رهيون هيون.

        هو هڪڙي طرف کان ٻئي طرف اچڻ وڃڻ لڳو. ڀاڄين جا ٽوڪرا، بصرن جا کارا، صوفن جا کوکا، - مار، ڀاڄيون ته ڏسو ڀاڄيون! مورين ۾ واهه جو قرمزي رنگ آيو هو. گجر هڪڙي هڪڙي ڄڻ ته ڪنهن ڪنوار کي تحفي ڏيڻ جهڙو گلدستو پئي معلوم ٿيس.

        ۽ ماڻهو ته ڏسو! هن کي ڪڏهن خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه آئي هئي ته هن ٺٺ ٺانگر، ٺاهه ٺوهه ۽ اڇن ڪالرن وارن ماڻهن جي شهر ۾ ههڙا ماڻهو به هوندا. سانوري رنگ جا ماڻهو – پنهنجي ڦاٽل، ميرن ۽ پورهئي جي ويڪرن ڪپڙن يا نيرين قميصن ۽ بي پرواهيءَ سان پيل ٽوپلن سان هيڏانهن هوڏانهن هلي گهمي رهيا هئا. ماڻهو – خوش مزاج، نيڪ طبيعت، صاف ۽ تيز اکين وارا ماڻهو، جن ۾ اها ساڳي زندگي بخش تازگي ۽ صحت بخش پاڪيزگي هئي، جيڪا سندن فصلن جي پيداوار ۾ هوندي آهي.

        ”بين“ بصرن، ٿوم ۽ ٻين ڀاڄين سان چنبڙيل تيز تيز هڳاءَ مان هڪ اونهو ساهه کنيو – ڪمال سادگيءَ ۾ شڪر گذاريءَ جي احساس سان اونها ساهه کڻندو رهيو، ۽ هن کي هڪ عجيب سڪون محسوس ٿيڻ لڳو.

        اها گهٽي ڏاڍي مصروف هئي. بين کي ڪيترائي ڀيرا هٿ گاڏين، گهوڙي گاڏين ۽ ٺيلهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ وک وڌائڻي ٿي پئي. پر ان هوندي به انهن مصروف ماڻهن کيس کيڪارڻ ڪين وساريو. ”ڪهڙا حال احوال آهن –“ ماڻهو کانئس عزت سان پڇڻ لڳا – ”خوش ته آهين نه؟“ هن کي مارڪيٽن جي ايتري ڄاڻ هئي ته انهن مصروف ماڻهن مان ڪي دلال هئا، ڪي باڪري هئا، ڪي خريدار ۽ منشي هئا. انهيءَ گهٽيءَ ۾ عورت جو نشان به ڪونه هو. هڪ هنڌ جتي واپار سڀ کان تيز هو، اتي گهٽيءَ جي هڪ ڪنڊ تي، دلال جي هڪ دڪان اڳيان، هن کي هڪ عورت نظر آئي. هوءَ واپار ۾ مصروف هئي، ۽ هن ڏٺو ته ماڻهو هن وٽ ٻيرن ۽ ڀاڄين جا ٽوڪرا چڪاس ڪرائڻ لاءِ کڻيو پئي آيا. انهيءَ عورت کي نيري رنگ جي ”اسڪرٽ“ (پڙي جو هڪ ننڍو قسم) پيل هئي، ۽ ڪاري رنگ جو ننڍو ٽوپلو مٿي تي هوس.

زال ذات لاءِ اهو ڌنڌو به عجيب هو، - هاڻ ته الائجي هو ڪهڙن ڪهڙن ڌنڌن ۾ ڪاهي پيون هيون! هو ٿورو مڙي هڪ سوڙهي لنگهه مان، عورت جي چوڌاري گڏ ٿيل ماڻهن جي هجوم کان نڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. انهن مان هڪ ماڻهوءَ – ڳاڙهن ڳلن واري، خوش مزاج نوجوان – کلي چيو، ”خير، ايما، تو کٽيو، مون هارايو. اگهه پار ۾ توسان پڄڻ جي جاءِ ناهي. مون بس ڪئي. جيئن وڻيئي، تيئن ڪر!“

ان هوندي به هن کيس نه سڃاتو. هن کي خواب خيال به ڪونه هو ته هيءَ سنهي جسم جي، صاف سٿرن ڪپڙن سان، اڇن وارن واري عورت، جيڪا ماڻهن سان ا هڙيءَ پڪائيءَ سان واپار ڪري رهي هئي، سا ڪا پراڻن ڏينهن واري ايما بائرس هئي. پر هو گهڙيءَ لاءِ اتي ئي ويهي رهيو ۽ تجسس سان هن ڏانهن نهارڻ لڳو، ۽ عورت به ان وقت ڪنڌ مٿي کنيو. هن ڏانهنس نهاريو، ۽ هو انهن ذهين اکين ۽ ڳنڀير پيشانيءَ کي سڃاڻي ويو. انهن اکين ۽ انهيءَ پيشانيءَ جي تصوير پنهنجي دل ۾ ٽيهن کان مٿي سال سانڍيندو آيو هو، سو ان ۾ ڪابه حيرت جهڙي ڳالهه ڪانه هئي.

هو هٻڪيو ڪونه. هو جي ٿورو سوچ ۾ پئجي وڃي ها، ته شايد ڪجهه هٻڪ ٿئيس ها؛ پر هو ته بنا ارادي هن ڏانهن وڌي آيو، ۽ هن جي اڳيان اچي بيهي رهيو – ”تون ايما بائرس آهين نه؟“

        هن پهريائين کيس ڪين سڃاتو. هن ويچاريءَ جو به ڪهڙو ڏوهه، - هن زرد ۽ اداس اکين واري ٻڍڙي ۾ اهو شرير ۽ سگهارو ڪڙمي جوان، جيڪو هن جي ذهن ۾ اچي ٿي سگهيو، مڪمل طرح بنهه گم ٿي ويو هو.

”اوهه، بين!“ هن آهستگيءَ سان چيو. هن جي آواز ۾ رحم هو، جيتوڻيڪ هن جو مقصد اتي اهو ظاهر ڪرڻ جو ڪونه هو. هن پنهنجو هٿ – اهو ساڳيو ڪارائتو ۽ پُر يقين هٿ – وڌائي، هن جي هٿ ۾ ڏنو ۽ گهڙيءَ لاءِ چپ ڪري بيٺي هن کي ڏسندي رهي. اها هڪ عجيب ۽ پر معنى ڳالهه هئي ته هوءَ هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو ائين بيٺي رهي.

”ايما، تون هت آخر ڇا پئي ڪرين؟“ هن خوش مزاج ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. هن منهن ورائي ان شخص ڏانهن ڏٺو، جنهن سان سودو طي ڪري رهي هئي، ۽ مرڪندي چيائين –

        ”جوُ، آءٌ هتي ڇا پئي ڪريان؟“

        جوُ به مرڪڻ لڳو، ۽ مذاق طور چوڻ لڳو – ”ڪجهه به نه، صرف رستي تي هلندڙ ماڻهن کي ماري ڪٽي، ايترو ناڻو پئي ٺاهين، جو........“

        پر هن کيس وچ ۾ ئي روڪيو. ”بس بس، آءٌ پنهنجي لاءِ پاڻ ئي سمجهاڻي ڏيان، ته بهتر.“ هوءَ وري بين ڏانهن منهن ورائي چوڻ لڳي، ”۽ تون هت شڪاگو ۾ ڇا پيو ڪرين.“

        بين کاڏيءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳو.

        ”آءٌ؟ آءٌ...... اوهه! اسين ته هتي ئي رهون ٿا – ها، هتي ئي ٿا رهون!“

        هن ٿورو تکائيءَ مان بين کي ڏٺو. ”ته ڇا، ٻنين کي ڇڏي آيو آهين، بين؟“

        ”هائو!“

        ”گهڙي ترس،“ ائين چئي جوُ سان سودو طي ڪيائين؛ ۽ واپار به ڏاڍو تيزيءَ سان ۽ پنهنجي اطمينان سان ڪيائين. پنهنجي تيز نيرين اکين جي ڦڙتائيءَ ۽ تيز تيز حرڪتن مان هوءَ ڄڻ جهرڪي پئي لڳي – واپار ڪندڙ جهرڪي – جيڪا جيتن ڦاسائڻ ۾ ماهر هئي.

        هن جي ٻئي گفتي هن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ”تو منجهند جي ماني کاڌي آهي؟“

        ”ڇو نه، مون خيال.......“

        ”ستين بجي کان هت اچي بيٺي آهيان. بک ۾ ساهه ٿيو وڃيم. هل ته هن ڪنڊ واري يوناني هوٽل تي ڪجهه ٽڪر ڀور کائون. ڪافي ۽ ’سئنڊوچ‘ ئي کڻي کائينداسون.“

        ننڍڙي خالي ميز تي ويهي، هوءَ پنهنجي ذهين، سمجهدار ۽ مهربان اکين سان هن جو جائزو وٺندي رهي، ۽ هو ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ ته ماضيءَ جا ساڳيا سال ڦري هن جي اڳيان اچي بيٺا هئا. هو محسوس ڪري رهيو هو ته ٻئي ڳوٺ واري رستي تي هلي رهيا هئا، ۽ هوءَ خاموشيءَ سان سندس ڳالهيون ٻڌي، کيس صلاح مشورو ڏيئي رهي هئي.

        هوءَ کانئس نرميءَ سان سوال پڇڻ لڳي. پر هن ۾ سندس پراڻي صلاحيت وري اڀري آئي. ”نه، پهرين تون پنهنجو احوال ڏي. مون کي ته ڪائي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي – تون ۽ هتي سائوٿ واٽر گهٽيءَ ۾ - هي واپار وغيره؟“

        هوءَ کيس مختصر طرح پنهنجو احوال ٻڌائڻ لڳي. هوءَ دلاليءَ جي ڌنڌي ۾ لڳل هئي. چڱي ڪامياب هئي. وڏين هوٽلن، جهڙوڪ ”بلئڪسٽون“ ۽ ”ڪانگريس،“ ۽ ٻين به اڌ ڊزن هوٽلن لاءِ خريداريون ڪندي هئي. هن کيس حقيقتون بيان ڪري ٻڌايون. پر هو به ڪافي هوشيار هو، ۽ واپار جي چڱي موچاري خبر هيس، سو از خود به سمجهي ويو ته هيءَ عورت واپار ۾ برابر هڪ حيثيت حاصل ڪري چڪي هئي.

        ”پر اهو ڪيئن آهي ته تون اهو سمورو وقت اڪيلي ڪم ڪندي ٿي رهين؟ تون نيٺ ڪنهن سان.... ائين نه، ته ڪو تون ائين ٿي معلوم ٿين..... پر .....“ هو ڪجهه هٻڪڻ لڳو، ۽ چپ ٿي ويو.

        هوءَ کلڻ لڳي – ”بلڪل ٺيڪ آهي، بين. آءٌ توکي غلط فهميءَ ۾ ڇور کان. آءٌ ڪم ڪندي ٿي رهان. جو ڪم مان مون کي خوشي ٿي حاصل ٿئي. آءٌ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. منهنجا ٻار مون کي هاڻ آرام ڪرڻ لاءِ چوندا رهندا آهن، پر مون کي کانئن بهتر ڄاڻ آهي. آءٌ پاڻ کي ڪٽجڻ ڪين ڏيندس. آءٌ ڪم ۾ ئي ڳهي وڃڻ ٿي چاهيان.“ پوءِ هڪ اڻ پڇيل سوال هن جي اکين ۾ ڏسي چوڻ لڳي: ”ها، هو مري ويو. ويهه سال ٿيا سندس وفات کي. پهرين، جڏهن ٻار اڃا سنها هئا، تڏهن ڏاڍي مصيبت ۽ تڪليف ٿي؛ پر مون کي گهٽ ۾ گهٽ باغبانيءَ جو ڪم ته ايندوئي هو. اهو فطري طرح مون کي اچي ويو هو. بس اهي آهن احوال!“

        ۽ پوءِ هن به بين کان سندس احوال ٿورو ٿورو ڪري معلوم ڪيو. هن ٻنين ۽ ڊائيڪ جي به ڳالهه ڪئي، ۽ ان وقت هن جي آواز ۾ فخر نمايان ٿي رهيو هو. هن بيلا، حادثي ۾ مري ويل پٽ ۽ مِنيءَ جي به ڳالهه ڪئي. هن جو آواز ۽ هن جا لفظ اٿڙي رهيا هئا. هو ڪجهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو – پر ڌوڪو ڏيئي نه ٿي سگهيو. جڏهن هن پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي، تڏهن ايما چيو:

        ”بين، منهنجي ڳالهه ٻڌ. ڀلائي ڪري تون ٻنين تي موٽي وڃ!“

        ”ناممڪن. هوءَ ....... آءٌ واپس وڃي نه ٿو سگهان.“

        هوءَ ڪنهن جذبي کان هيٺ جهڪي ويئي.

”توکي ٻنين تي واپس وڃڻ گهرجي.“

        هن هارائڻ جي انداز ۾ مٺيون ڀيڙي ڇڏيون. ”آءٌ واپس وڃي نه ٿو سگهان!“

        ”توکي هت رهڻ نه گهرجي. تون پنهنجي پاڻ کي هٿ وٺي ماري رهيو آهين. پنهنجي پاڻ کي زهر ڏيئي رهيو آهين. ڪڏهن زهري جيوڙن جي ڳالهه ٻڌي اٿئي؟ انهيءَ جي معنيٰ آهي زهر ۽ موت، ۽ تون پاڻ کي پاڻ زهر ڏيئي رهيو آهين! تون انهيءَ وگهي ئي مري ويندين. تو ۾ اڃا پورهئي جا ويهه سال موجود آهن: توکي ڪهڙي چيز عليل ڪيو آهي؟ تون پنهنجي ڪڻڪ، پنهنجي صوفن ۽ پنهنجي سوئرن ڏانهن موٽي وڃ. دنيا ۾ انهيءَ کان بلند ۽ بهتر ٻيو ڪوبه ڪم ڪونهي.“

        هن جي روح افزا شخصيت جي گرميءَ کان هن جي چهري ۾ گهڙيءَ لاءِ چمڪ اچي ويئي. پر اها چمڪ اتي جو اتي وري مري ويئي. جڏهن هو وڃڻ لاءِ اٿيا، تڏهن هن جا ڪلها وري ڍرڪي پيا، ۽ سندس رڳون وري ساڻيون ۽ نستيون ٿي وييون. دروازي تي هو گهڙي کن بيهي رهيو، ۽ لڄي لڄي ٿيندي هن کان موڪلايائين. هن جو رنگ زرد ٿي ويو - ۽ هو هٻڪڻ لڳو.

        ”ايما – منهنجي دل جي آرزو هئي ته توکي دل جي ڳالهه ٻڌايان. خدا جي اها مرضي هئي، جو تنهنجي نصيب هن طرح ڦيرو کاڌو – پر مون هميشھ چاهيو ٿي....“

        ايما وري به هن جو هٿ پنهنجي مضبوط هٿ ۾ جهليو، ۽ پنهنجي مهربان نيرين نيرين اکين سان هن کي ڏسندي رهي. ”بين، مون توکي ڪڏهن به ڏوهه ڪين ڏنو. مون کي سمجهڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. پر منهنجي دل ۾ ڪا به شڪايت نه هئي. ڀانيان ٿي ته شايد ائين ٿيڻوئي نه هو. پر بين، منهنجي ڳالهه ٻڌ. جيئن چوانءِ ٿي، تيئن ڪر. تون پنهنجي ڪڻڪ، پنهنجي صوفن، پنهنجي سوئرن ڏانهن موٽي وڃ. انهيءَ کان وڌيڪ مردانگيءَ جو ڪم دنيا ۾ ٻيو ڪوبه پيدا نه ٿيو آهي. تنهنجي پناهه، تنهنجو آکيرو اهوئي آهي.“

        بنا ارادي هن جا ڪلها وري سڌا ٿي ويا. ۽ ان طرح هنن ٻنهي هڪ ٻئي کان موڪلايو.

        هو ميلن جا ميل گهر ڏانهن پنڌ ڪندو رهيو. شايد رستو ڀلجي ويو هو. هڪ ڪنڊ تي پهچي ڏٺائين ته گهٽيءَ جو نالو اوپرو معلوم ٿيس.

        هو ڀٽڪندو رهيو؛ ماڻهن کان ڏس پڇيائين، پر پاڻ کيس وڌيڪ گمراهه ڪيائون. نيٺ هڪ گهٽيءَ منجهان ٿيندو، هلندي هلندي ستين بجي اچي پنهنجي گهر واري گهٽيءَ  ۾ پهتو. هن کي خبر هئي ته گهر پهچندي کيس تنبيهه سهڻي پوندي.

        پر جڏهن گهر جي دروازي تي پهتو، تڏهن گهر مان ايندڙ گوڙ جو آواز ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو. سڀ وڏي واڪي ڳالهائي رهيا هئا. دستور موجب بيلا جو آواز سڀني کان ڳرو هو، پر مِنيءَ جو به آواز اچي رهيو هو. گس جو گوڙ، پرليءَ ۽ ڇوڪري ايڊيءَ جا آواز ۽ ......

        ۽ ٻئي آواز تي هن جو هٿ ڏڪي ويو، ۽ در جي تاڙي ٿڙ تڙ ڪرڻ لڳي، ۽ هو ان کي ڦيرائي نه سگهيو. نيٺ هن تاڙيءَ کي ڦيرايو ۽ گهر ۾ ٿاٻڙجندي داخل ٿيو. هن جو ساهه ڏاڍي مشڪل سان کڄي رهيو هو. اهو ٻيو آواز ڊائيڪ جو هو.

        هو شايد ان وقت ئي آيو هو. حال احوال جي گرمي اڃا به جاري هئي. ڊائيڪ جو چمڙي جو ٿيلهو اڃا سندس پٺن تي هو، ۽ سندس هيلميٽ (لوهه جو هول) ڪلهي تان لڙڪي رهيو هو. سانورو، مضبوط ڊائيڪ ڪافي ڊگهو ۽ سهڻو ٿي پيو هو - ۽ عمر ۾ به ڪجهه وڏو پئي لڳو.

        اهو سڀ ڪجهه بين بجليءَ جهڙي هڪ سيڪنڊ ۾ ڏسي ورتو. پوءِ پنهنجي هٿن سان ڊائيڪ جي مضبوط ڪلهن کي جهلي بيهي رهيو - ۽ ڊائيڪ چئي رهيو هو – ”بابا“

        سڄي ڪمري ۾ ٻڍڙو بين ۽ ڊائيڪ ئي خاموش هئا. ٻيا سڀ ڊائيڪ جي احوالن کي دهرائي رهيا هئا، عجب کائي رهيا هئا، ۽ طرح طرح جا سوال پڇي رهيا هئا.

        ”هو ڪالهه........ پهتو هو. ڊائيڪ، انهيءَ شهر کي ڇاٿا ڪوٺين؟....... ها، ’هوبوڪن‘ شهر ۾ ڪالهه اچي، اتان ڳوٺ نياپو موڪليو هئائين. ڊائيڪ، تو اسان جا خط ڪين پڙهيا هئا ڇا، ته اسين هاڻ هت هئاسون؟ هت ڪلاڪ مس ٿيو اٿس. کين وري ”ڪئمپ گرانٽ“ وڃڻو آهي، جتان کين واپس وڃڻ جي موڪل ملندي. اوچتو مِنيءَ جي گهر اچي پهتو. ڪيڏو نه وڏو ٿي ويو آهي!“

        پر ڊائيڪ ۽ سندس پيءُ هڪ ٻئي کي خاموشيءَ سان تڪي رهيا هئا. پوءِ ڊائيڪ ڳالهائڻ لڳو. هن جو آواز ٻڍڙي بين وانگر ٿلهو ۽ ڍرو ڪين هو. هو هڪ نئين لهجي سان لفظ اچاري رهيو هو.

        ”بابا، تون فرينچ ڪڙمين جون ٻنيون ڏسين، ته حيرت ۾ پئجي وڃين. هر هڪ کي ايڪڙ زمين جو مس آهي، پر ان ايڪڙ جو هڪ هڪ انچ هو ڪم ۾ آڻين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن وڻ جي پور ۾ ڪا مٽي ڄمي وڃي، ته هوند اتي به ڪجهه پوکي ڇڏين. مون اهڙي حالت ڪٿي ڪانه ڏٺي. اسين هتي ته ان رکڻ ۾ ئي ڪيترو زيان ٿا ڪريون. ۽ اوزار! يقين ڪر، اوزار بنهه حضرت نوح جي زماني جا اٿن. اسان جا ٽرئڪٽر ڏسن ته هوند سمجهن، ته جرمن اچي ويا. پر انهن پراڻن اوزارن کي هلائڻ جا هو ڪاريگر آهن. مون وٽانئن گهڻائي نوان خيال پرايا آهن. اسي ورهين جا پوڙها – زالون مرد – ٻنين تي سڀ ڪم پنهنجي هٿن سان ڪن – هنن کي ڪرڻو ئي پوي ٿو. هنن جي پوکڻ جا ڪيترا نمونا آءٌ سکي آيو آهيان.“

        ”ٻنين کي هاڻ وساري ڇڏ،“ مِني چوڻ لڳي.

        ”ها“ گس واڪو ڪري چوڻ لڳو – ”ٻنين جي ڳالهه ئي نه ڪر. آءٌ توکي هتي چوئيتاليهه سينٽ روزاني پگهار تي نوڪري وٺي ڏيندس – ڪم سکي وئين، ته ڇهه ٻيا به ملندءِ.“

        ڊائيڪ سڀني جا منهن تڪڻ لڳو – ڪجهه ڊپ ۽ ڪجهه حيرت مان. هن کي اعتبار ئي نه ٿي آيو. ”ڇا پيو چوين – نوڪري؟ نوڪري ڪير ٿو ڪري! ڇا اوهين سڀ......“

        بيلا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي. خدا جي واسطي، ڊائيڪ اکيون ته کول. اسين هت رهون ٿا، هي اسان جو گهر آهي. هاڻي اسين اهي ٻهراڙيءَ جا ڳنوار ڪونه آهيون.

        ڊائيڪ منهن ورائي پيءُ ڏانهن ڏٺو. هن جي منهن تي حيرت ۽ بدحواسي هئي – رحم جوڳي ڪيفيت هئي. ڪا اهڙي ڳالهه هئي جنهن هڪدم ٻڍڙي بين کي پرليءَ ڏانهن متوجهه ڪيو، جنهن کي سندس ماءُ ڪنهن ڳالهه تان ٿڦڙ وهائي ڪڍيو هو.

        ”آءٌ ته ٻنين جي آسري تي ئي جيئرو رهيو آهيان –“ هو ڀريل آواز ۾ چوڻ لڳو. ”آءٌ وري اوڏانهن واپس وڃڻ جي خيال تي ئي زندهه رهيو آهيان. ڀلا آءٌ ........ هتي جون گهٽيون ته ڪهڙيون سوڙهيون ۽ گهٽيل آهن. منهنجو آسرو هميشھ ٻنين تي رهيو آهي. آءٌ واپس وڃڻ گهران ٿو. آءٌ وري ڪڙمي ٿيڻ گهران ٿو. آءٌ چاهيان ٿو ته ......“

        ۽ پوءِ بين ويسٽر ويلڊ ڳالهائڻ لڳو – هڪ نئون بين ويسٽر ويلڊ – اڳيون بين ويسٽر ويلڊ. بين ويسٽر ويلڊ، ڇهه سو ايڪڙن جي زرخيز زمين جو بادشاهه!

        ”بلڪل ٺيڪ آهي، ڊائيڪ،“ هن چيو. ”تون واپس اوڏانهن هلي رهيو آهين. آءٌ به توسان واپس هلندس. مون ۾ اڃا پورهئي جا ويهه سال باقي آهن. اسين ٻنين تي واپس هلنداسون.“

        بيلا جهنگلي ٻليءَ وانگر هن تي چڙهي آئي. ”هرگز نه، اسين ڪڏهن به واپس ڪين وينداسون. آءٌ ڪڏهن به ٻنين تي واپس ڪين وينديس.“

        پر بين ويسٽر ويلڊ وري پنهنجي گهر جو مالڪ بنجي چڪو هو. ”توکي به واپس هلڻو پوندو، بيلا!“ هن آهستگيءَ سان چيو. ”هاڻ حالتون ئي ٻيون آهن. تون واپس هلندينءَ، ۽ جيئن آءٌ چوان ٿو تيئن توکي گهر هلائڻو پوندو. نه ته تون مون کي سڃاڻين ٿي. جيڪڏهين تون گهر نه هلائي سگهندينءَ، ته آءٌ توکي پاڻهي گهر هلائڻ سيکاريندس. ۽ آءٌ ۽ ڊائيڪ – اسين پنهنجي ڪڻڪ، پنهنجي صوفن ۽ پنهنجي سوئرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهيون. ها، دنيا ۾ انهيءَ کان وڌيڪ مردانگيءَ وارو ٻيو ڪوبه پورهيو ڪونهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org