سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :8

آرزو مند مهمان

از – نئٿنيل هاٿورن                     مترجم – سراج

---------

The Ambitious Guest

By

Nathaniel Hawthorne


 

نئٿنيل هاٿورن (1804ع – 1864ع) ڇائيتاليهن ورهين تائين، خود پنهنجي ئي لفظن ۾ ”آمريڪا جو گمنام ترين اديب“ رهيو – تان جو پنهنجو ڪتاب ”دي اسڪارليٽ ليٽر“ شايع ڪيائين، جنهن کيس بي انداز شهرت ڏياري. ان کان اڳ هن جا ڪيترا افسانا ۽ خاڪا شايع ٿيا، پر انهن تي هو پنهنجو نالو ڪين ڏيندو هو. هن ”سوفيا پيباڊي“ سان شادي ڪئي؛ ۽ ٽي ورهيه ’سئلم‘ بندر جو سروير ٿي ڪم ڪيائين. ”دي اسڪارليٽ ليٽر“ هن کي هڪ اديب جي حيثيت ۾ زنده جاويد ڪري ڇڏيو. ٻن سالن کان پوءِ ”اولڊ ورلڊ“ شايع ڪيائين. 1860ع ۾، اٽليءَ جي ڏيڍ سال جي قيام جي عرصي ۾، ”دي ماربل فان“ لکي، ڇپايائين. زندگيءَ جي آخري چئن سالن ۾ گهڻو ڪجهه ڪين لکيائين. ’گهرو لڙائي‘ آئي، ۽ هن جي صحت ڪرندي ويئي؛ لکڻ جي پورهئي هن کي ڪافي ٿڪائي وڌو هو.

                  سندس موت کان پوءِ، رکي رکي سندس ذاتي خط، ۽ نوٽبڪ ۽ ٻيون چيزون شايع ٿينديون رهيون. انهن چيزن هن جي شهرت کي ڪو خاص فائدو ڪين پهچايو، پر انهن مان هن جي فن جي غير معمولي گهرائي ۽ سندس فڪر جي سنجيدگي، ۽ ان جي بلندين جي تصديق ٿئي ٿي.

 


       

سيپٽمبر جي هڪ رات جو گهر جا سمورا ڀاتي، آتشدان جي چوڌاري ويٺا هئا. پهاڙي چشمن ۾ وهي ايندڙ ڪاٺين، صنوبر جي سڪل ڏوڏن ۽ پراڻن وڻن جي ڇوڏن جو هڪ انبار آتشدان ۾ پيل هو. چمنيءَ ۾ باهه جا اُلا اٿي رهيا هئا، جن جي ڪري ڪمري ۾ گرميءَ سان گڏ چڱي خاصي روشني ڦهلجي ويئي هئي. ماءُ ۽ پيءُ جي چهرن تي هڪ گنڀير خوشيءَ جي لهر ڇانيل هئي، ٻار کلي رهيا؛ وڏي ڇوڪري، جنهن جي عمر سترهن سال کن هئي، خوشيءَ ۽ مسرت جو پيڪر معلوم ٿي رهي هئي؛ ۽ پوڙهي ڏاڏي، جا ڪمري جي هڪ ڪوسيءَ ڪنڊ ۾ ڪجهه مَڙهي رهي هئي، تنهن جي منهن تي هڪ اهڙيءَ خوشيءَ جو عڪس نچي رهيو هو، جنهن ۾ قدامت ۽ دائميت جا آثار ظاهر هئا. ساري نيو انگلنڊ جي ظلمت ڪده ۾ هنن سڀني کي ڄڻ ته اها اڻلڀ ٻوٽي هٿ چڙهي ويئي هئي، جنهن کي ”دل جو سڪون“ سڏيندا آهن. هي ڪٽنب سفيد ٽڪرين (وائيٽ هلز) جي هڪ چوٽيءَ تي آباد ٿيل هو، جتي سڄو سال تيز ۽ تند هوائن جا واچوڙا ۽ طوفان لڳندا آهن، ۽ جتي سيارن ۾ هوائون ڏاڍيون ظالم ۽ سرد هونديون آهن. اهي هوائون چوٽيءَ کان ٿينديون، ’ساڪو‘ جي واديءَ ۾ پهچڻ کان اڳ، هنن جي ننڍڙي گهر ۾ پنهنجي سموري تکاڻ ۽ تازگي ڇڏي وينديون هيون. هيءُ ڪٽنب هڪ سرد علائقي ۾ رهندو هو، جو ڪافي خطرناڪ پڻ هو، ڇاڪاڻ ته هنن جي مٿان هڪ اهڙو جبل بيٺل هو، جو ايترو ته لڙيل هو، جو اڪثر آڌيءَ رات جو جڏهن ڪا ڀاري ڇپ خطرناڪ ڌماڪي سان اڇلجي اچي هيٺ ڪِرندي هئي، ته هي سڀ ڊپ کان وسامجي ويندا هئا.

        ٿوري دير ٿي، جو ڇوڪريءَ ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي هئي، جو سڀني جا منهن خوشيءَ کان ٻهڪڻ لڳا هئا، پر جڏهن ماٿريءَ جي چوٽين جي طرف کان هوا جو هڪ تيز جهوٽو آيو، ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته اهو جهوٽو هنن جي ننڍڙي گهر جي دروازي تي گهڙيءَ پلڪ لاءِ ترسي پيو هو، ۽ دروازو زور سان کڙڪڻ ۽ وڄڻ لڳو، تڏهن ڄڻ ته هنن جي چوڌاري ٻاهر دانهن ڪوڪن جهڙو دلخراش شور بلند ٿيو. گهڙيءَ ساعت لاءِ سڀني جا منهن لهي ويا، حالانڪه انهيءَ گوڙ شور ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي، جا هروڀرو هنن لاءِ غير معمولي هجي. جهٽ کان پوءِ هن ڪٽنب جي ڀاتين جي منهن تي وري رونق ڇانئجي ويئي، ۽ سندن خوشي موٽي آئي. هنن کي اهو گمان ٿيو ته شايد ڪنهن واٽهڙوءَ رستي جي ڦاٽڪ کي کوليو هو، ۽ اهو آواز واقعي ڦاٽڪ کلڻ جو ئي آواز هو؛ پر ان نو وارد جي قدمن جو آواز تيز هوا جي شور ۾ هنن کي ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو؛ پوءِ جڏهن اهو واٽهڙو قدم اڳتي وڌائڻ لڳو، تڏهن گهڙيءَ پلڪ لاءِ هوا روڪجي ويئي، ۽ ترت ئي ڄڻ ته دانهون ڪوڪون ڪندي آخر دروازي وٽان لنگهندي اڳتي هلي ويئي.

        هي ڪٽنب جيتوڻيڪ هڪ تنها علائقي ۾ رهندو هو، پر هنن جا لاڳاپا باقي دنيا سان به قائم هئا. چوٽيءَ جو پر رونق لَڪُ، ڄڻ ته ان علائقي جي هڪ وڏيءَ شريان وانگر هو، جنهن جي ذريعي منجهس اندروني تجارت ۽ واپار جو زنده خون مسلسل جاري رهندو هو. ان جي هڪ طرف ”مين“ رياست آهي، ٻئي طرف ”گرين مائونٽين“ (سبز جبل) ۽ ”سينٽ لارينس“ نديءَ جا ڪنارا آهن. سرڪاري گاڏي به هميشھ هن گهر جي دروازي تي اچي بيهندي هئي، هر ڪو ڪوچوان پنهنجي عملي جي ماڻهن سان هتي ترسندو هو، ۽ ڪجهه اوڀاريون لهورايون ڪندو هو ته جئن هن سفر ۾ انهيءَ جابلو لڪ مان لنگهڻ ۽ ٻيءَ منزل تائين پهچڻ تائين اڪيلائيءَ جو احساس مٿس غالب نه پئجي وڃي؛ ۽ ڪو پورهيت ’پورٽ لئنڊ‘ جي مارڪيٽ ڏانهن ويندي رات هتي ئي رهي پوندو، ۽ جيڪڏهن ڪو ڪنوارو هوندو هو ته سويل ئي سمهي رهڻ بدران ڪلاڪ اڌ وڌيڪ جاڳندو هو، ۽ موڪلائڻ کان اڳ پهاڙي دوشيزه جي چپن تان اڌ چمي چورائي وٺندو هو. هيءَ هڪ اهڙي سراءِ هئي، جتي مسافر فقط پنهنجي کاڌي پيتي ۽ رهڻ جو خرچ ڀريندو هو، پر جتي کيس اهڙي گهريلو محبت ۽ پنهنجائپ نصيب ٿيندي هئي، جنهن جي ملهه جو ڪاٿو ئي ڪرڻ مشڪل هو.

        جڏهن ٻاهرئين ۽ اندرئين دروازي جي وچ ۾ ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن ڪٽنب جا سمورا ڀاتي – پوڙهي ڏاڏي، ماءُ، ٻار ۽ سڀ – اٿي بيهي رهيا، ڄڻ ته هو اهڙي شخص جي آجيان ڪري رهيا هئا، جو هنن جو پنهنجو هو، ۽ جنهن جي قسمت هنن جي قسمت سان وابسته هئي.

        دروازو هڪ نوجوان کوليو. هن جي چهري تي سڀ کان اول ڏکويل ۽ غمزده تاثرات جي هڪ جهلڪ نظر آئي – هڪ اهڙي اداسي ۽ مايوسي، جا هڪ وحشتناڪ، سرد ۽ ويران رستي تي سفر ڪندڙ ڪنهن مسافر جي چهري تي نظر ايندي آهي. جڏهن هن پنهنجي آجيان ايتري محبت ۽ گرمجوشيءَ سان ٿيندي ڏٺي، تڏهن هن جا اهي غمگين تاثرات ڄڻ ته تسليءَ ۽ اطمينان جي روشنين ۾ تبديل ٿي ويا. هن کي محسوس ٿيو ته سندس دل ڄڻ هنن ماڻهن سان اڳيئي  پنهنجي لاءِ بيتاب هئي: انهيءَ ٻڍڙيءَ سان، جنهن هن لاءِ پنهنجي چولي سان هڪ ڪرسيءَ تان مٽي صاف ڪئي. ۽ انهيءَ ٻارڙي سان، جنهن هن کي ڏسي پنهنجون ننڍڙيون ٻانهون اڇلائي اڳيان ڪيون – انهن سڀني سان ملڻ لاءِ هاڻ هن جي دل اڇلون ڏيئي رهي هئي. وڏي ڇوڪريءَ جي هڪ دزديده نظر ۽ هلڪيءَ مرڪ هن کي هڪ معصوم پنهنجائپ جو احساس ڏياريو.

        چوڻ لڳو: ”واهه، هيءُ مچ – ته وڏي نعمت آهي؛ ۽ اهڙي موقعي تي ته خاص ڪري هن نعمت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جڏهن آتشدان جي چوڌاري ههڙا دلڪش ماڻهو موجود هجن! آءٌ ته بنهه ٺري ڳڱ ٿي پيو آهيان؛ جنهن لڪ کان آءٌ لنگهي آيو آهيان، سو ته ڄڻ ڪنهن برف جو وڏو پائيپ آهي، جنهن مان ’بارٽلٽ’ کان وٺي هيستائين سرد هوائن جا واچوڙا منهنجي منهن ۾ سٽبا رهيا آهن.”

        ”چئبو ته اوهين شايد ’ورمانٽ‘ وڃي رهيا آهيو؟“ گهر جي مالڪ، نوجوان جي ڪلهن تان سندس چمڙي جو ٿيلهو لاهيندي پڇيو.

        هن جواب ڏنو، ”ها، ’برلنگٽن‘ – بلڪ ان کان به اڳتي وڃڻو اٿم. اڄ رات ته مون کي ’ايٿن ڪرافورڊ‘ پهچي وڃڻ گهربو هو؛ پر پيرين پيادو مسافر ههڙي رستي تي هونئن ئي ڪڪ  ٿي سست قدم ٿي پوندو آهي. خير، چڱو ٿيو؛ هي ٻرندڙ مچ، ۽ اوهان جا هي خوشيءَ کان ٻهڪندڙ منهن ڏسي، مون کي ائين محسوس ٿو ٿئي، ڄڻ ته اوهان هيءُ مچ رڳو مون لاءِ ٻاريو آهي، ۽ ڄڻ ته اوهين منهنجا ئي منتظر هئا. ان ڪري آءٌ هتي ترسندس، ۽ اوهان جو اڻ ڪوٺيو مهمان ٿي رات جا چار پهر هتي آرامي ٿيندس.“

        اڃا هي زنده دل اجنبي جوان ڪرسي ريڙهي، آتشدان جي ويجهو ويٺو ئي مس، ته ٻاهر ڪنهن شي جي ڳوري قدم جهڙو آواز ٿيو، ڄڻ ته ڪنهن نهايت ئي ڳريءَ چيز، جبل جي ترائيءَ مان ٿيندي، گهر جي پاسي وٽان ايترو زور سان ٽپ ڏنو هو، جو سامهون ٽيلي سان وڃي ٽڪري هئي. گهر جي سمورن ڀاتين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو، ڇو ته هنن کي خبر هئي ته اهو آواز ڇا جو هو؛ ۽ سندن مهمان جو ساهه به خوبخود روڪجي ويو.

        گهر جي مالڪ پاڻ سنڀاليندي چيو، ”هن ٻڍڙي جبل اسان ڏي هڪ ڇپ اڇلائي آهي: انهيءَ خيال کان ته اسين کيس وساري نه ويهون. ڪڏهن ڪڏهن ته هو پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي، اسان کي هتان هيٺ لهي وڃڻ جي ڌمڪي ڏيندو آهي؛ پر اسين هن جا پراڻا پاڙيسري آهيون، ۽ اسان جي وچ ۾ صلح ٿيل آهي. پر جيڪڏهن هو سچ پچ ڪاوڙ ۾ ڀرجي مٿان ڪِري پوي، ته هيءَ جاءِ اسان لاءِ هڪ بهترين پناهه گاهه پڻ آهي.“

        هاڻ اسان کي هي معلوم ڪرڻ گهرجي ته هي اجنبي آخر رڇ جو گوشت کائي رات جي مانيءَ کان واندو ٿيو، ۽ پنهنجي فطري بي تڪلفيءَ سان سڄي گهر جي ڀاتين جي دلين ۾ جاءِ حاصل ڪري ورتائين. ان ڪري هو هن سان ايترو ته حجت ۽ بي تڪلفيءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳا، ڄڻ ته هو به انهيءَ پهاڙي علائقي جو ئي هڪ سپوت هو. هو هڪ باوقار پر نرم فطرت جو انسان هو؛ ۽ اميرن ۽ وڏي مرتبي جي ماڻهن جي وچ ۾ هو بد دماغ ۽ مغرور ٿي هلندو هو، پر غريب جي جهوپڙيءَ سامهون عقيدتمنديءَ ۽ نياز وچان سر جهڪائي ڇڏيندو هو، ۽ اُتي جي آتشدان اڳيان هو هڪ پٽ يا ڀاءُ بنجي پوندو هو. لڪ جي نزديڪ هن گهر ۾ هن کي محبت، گرمجوشي ۽ احساس جي سادگيءَ جي دولت ملي، دل ۾ گهر ڪرڻ واري نيو انگلنڊ جي دانائي ۽ شعريت ملي، جيڪا هنن پنهنجي روماني پر خطرناڪ علائقي مان سهيڙي هئي. هو سڄي عمر اڪيلو ۽ طويل سفر ڪندو رهيو هو. هن جي سموري زندگي هڪ ويران ۽ سنسان رستي وانگيان هئي، ڇو ته هن جي فطري بلندي ۽ احتياط پسنديءَ هن کي اهڙن ماڻهن کان هميشھ پري رکيو هو، جيڪي هوند اڄ هن جا شايد اڻانگا ساٿي هجن ها. هي ڪٽنب، جيتوڻيڪ ڏاڍو مهربان ۽ مهمان نواز هو، پر ان جي ڀاتين ۾ هڪ قسم جي باهمي يڪجهتي ۽ باقي دنيا کان بي تعلقيءَ جو احساس هو؛ ۽ اهو احساس هر گهريلو ماحول ۾ هڪ اهڙو مقدس مقام پيدا ڪري ٿو، جتي ڪو اجنبي آسانيءَ سان داخل ٿي نٿو سگهي. پر ان رات ڪنهن غيبي همدرديءَ جي احساس، هن تعليم يافته ۽ بااخلاق جوان کي مجبور ڪيو ته هو هنن سادن سودن پهاڙي باشندن جي اڳيان پنهنجي دل جا داستان کولي ٻڌائي؛ ۽ موٽ ۾ ساڳيءَ غيبي همدرديءَ جي احساس کان ان گهر جا ماڻهو هن جي سوالن جا جواب ساڳيءَ آزاديءَ ۽ اعتماد سان ڏين. ائين ٿيڻ به گهربو هو: ڇا قسمت جي همرنگيءَ جو رشتو، خون ۽ نسل جي رشتي کان وڌيڪ مضبوط رشتو نه آهي؟

        هن نوجوان جي ڪردار جو راز سندس هڪ بلند ۽ نازڪ آرزوءَ ۾ لڪل هو. هو هڪ بي نام و نمود زندگي ته بيشڪ گذاري ٿي سگهيو، پر هن کي اها ڳالهه ڪين ٿي وڻي ته مرڻ کان پوءِ هن کي ڪو ياد به نه ڪري. هن جي اها آرزو ۽ هن جا آسرا ڀرپور اميدن جي درجي تي پهچي چڪا هئا، ۽ اهي اميدون، جيڪي ڪافي عرصي کان هن جي سيني ۾ پلجي رهيون هيون، هاڻي يقين جي حد تي پهچي چڪيون هيون. هن کي يقين ٿي چڪو هو ته هو پنهنجي انهيءَ ڊگهي سفر ۾ پنهنجي راهن تي، جيئن جيئن قدم اڳتي وڌائيندو  ويندو، تيئن تيئن هن جي اڳيان سندس ڪامرانين جي روشني ڦهلجندي ويندي. هن کي يقين هو ته شايد ترت ائين نه به ٿئي، پر جڏهين ايندڙ نسل حال جي ڪوهيرن ۾ - جيڪو آخر ماضي بنجي ويندو -، جهاتي پائيندا، تڏهن انهن کي هن جا چمڪندڙ نقش پا ضرور نظر ايندا: اهڙيءَ طرح، جو جڏهن ٻين جون مختصر ۽ ڦڪيون ڪامرانيون ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ لَٽجي وينديون، تڏهن ايندڙ نسل هن جي عظيم ڪارنامن کي ياد ڪري اعتراف ڪندا ته هڪ شخص، جنهن کي خدا هيتريون صلاحيتون عطا ڪيون هيون، پنهنجي ٻالڪپڻ جي جهولي مان ائين ئي وڃي قبر ۾ ستو، پر هن جي جيئري نه هن کي ڪنهن پورو سڃاتو ۽ نه هن جي عظمت جو قدر ڪيو.

        اجنبيءَ جون اکيون ۽ ڳل عجيب جوش کان بکي رهيا هئا، ۽ هو بلند آواز سان چوڻ لڳو، ”اڃا تائين ته مون ڪوبه ڪم ڪونه ڪيو آهي. سڀاڻي جيڪڏهن آءٌ ائين ئي هن جهان مان موڪلائي وڃان، ته اوهان کان وڌيڪ مون کي ڪو سڃاڻندو به ڪين؛ ۽ اها سڃاڻپ به ڪهڙي: بس اها ئي ته هڪ گمنام جوان هڪ رات ’ساڪو‘ جي ماٿريءَ کان آيو، ۽ پنهنجي دل کولي کڻي اوهان جي اڳيان رکيائين. ۽ پوءِ سج اڀرڻ وقت لڪ پار ڪري جيئن آيو هو تيئن هليو ويو، ۽ ان بعد هن کي ڪنهن به ڪين ڏٺو. ڪو هڪڙو انسان به اهڙو نه هوندو، جو کڻي پڇا ڪري ته ’مسافر ڪير هو؟‘ يا ’اهو سيلاني ڪيڏانهن، ڪهڙي طرف ويو؟‘ پر نه نه، جيسين مون پنهنجي زندگيءَ جو مقصد حاصل نه ڪيو آهي، تيسين تاريخ ۾ آءٌ ڪين مرندس: پوءِ ڀل ته موت اچي؛ تيستائين تاريخ ۾ آءٌ پنهنجي لافانيت جا سامان پيدا ڪري چڪو هوندس!“

        اهي خيال ڪٽنب جي ڀاتين لاءِ جيتوڻيڪ بلڪل نوان ۽ انوکا هئا، پر خيالن جي محويت ۾ فطري جذبي جي ايتري ته وهڪ هئي، جو هو نوجوان جي جذبات کي چڱيءَ طرح سمجهي ويا. اجنبيءَ کي پنهنجي بيجا جذباتي ڪيفيت جو فوراً احساس ٿيو، ۽ اُن جي جوش ۽ گرميءَ کي محسوس ڪري لڄي لڄي ٿيڻ لڳو. 

        ”توهين سڀ مون تي کلو پيا –“، هو وڏيءَ ڇوڪريءَ جو هٿ هٿ ۾ جهلي مشڪي چوڻ لڳو، ”اوهين سمجهو ٿا ته آءٌ جنهن آرزوءَ ۽ تلاش ۾ نڪتو آهيان، سان بي معنيٰ آهي: ڄڻ ته آءٌ ڪو مائونٽ واشنگٽن جي چوٽيءَ تي پهچي برف ۾ ڄمي مري وڃڻ لاءِ نڪتو آهيان، محض انهيءَ لاءِ ته جيئن اوسي پاسي جا ماڻهو هر طرف کان نگاهون اوچيون ڪري، مون ڏانهن نهاريندا رهن. آءٌ ته سمجهان ٿو ته انسان جي پتلي لڳائڻ لاءِ اها جڳهه تحقيق هڪ عاليشان مقام آهي!“

        ”پر بهتر ته ائين آهي ته هن وقت اسين مچ جي ويجهو ڪوسا ٿيا ويٺا رهون“، ڇوڪريءَ شرمائيندي جواب ڏنو. ”اسان کي گهرجي ته آرام سان رهون ۽ ان تي ئي قناعت ڪريون، پوءِ ڀل ته ماڻهو کڻي اسان بابت نه ئي سوچين!“

        ڇوڪريءَ جو پيءُ به ڳالهين جو لطف وٺندي چوڻ لڳو، ”۽ منهنجي خيال ۾ نوجوان جيڪي چوي ٿو، ان ۾ ڪجهه فطري صداقت به آهي. جيڪڏهن اوائل ۾ منهنجو ذهن به ان طرف وڃي ها، ته شايد آءٌ به اهو ئي سوچيان ها!“ پوءِ زال ڏانهن منهن ڪندي چوڻ لڳو، ”پياري، عجيب ڳالهه آهي ته هن جون ڳالهيون ٻڌي، آءٌ به اهڙيون ڳالهيون سوچڻ لڳو آهيان، جيڪي ڪڏهن به پوريون ڪين ٿينديون.“ زال چيو، ”شايد ٿي پون! مُٺيس، متان هي مڙسالو اهو ته ڪونه پيو سوچي ته رنِجي وڃڻ کان پوءِ هو ڇا ڪندو؟“

        هو پنهنجي زال جي انهيءَ خيال تي نهايت محبت آميز آزردگيءَ سان چوڻ لڳو، ”نه نه، ايسٿر! تنهنجي موت جو خيال ايندو آهي، ته آءٌ پنهنجي موت جو به تصور ڪندو آهيان... آءٌ ته رڳو اهو پيو سوچيان ته ڪاش، ’بارٽليٽ‘ ۾ اسان کي ڪا چڱيري ٻني هجي ها، يا ’بيٿلهم‘، ’لٽلٽن‘، يا ’وائيٽ مائونٽين‘ (سفيد جبل) جي ڪنهن پاسي؛ پر يقيناً ڪنهن هاڻوڪيءَ جهڙيءَ جڳهه تي نه، جتي جبل کي جڏهن وڻي، تڏهن اسان جي مٿان ڇپن ۽ پٿرن جو وسڪارو ڪري ڏئي. منهنجي دل به چوي ٿي ته آءٌ پنهنجي پاڙيسرين سان اوچي ڳاٽ بيٺل هجان، ۽ مون کي ’سائين‘ سڏين. آءٌ عدالت ۾ وڃان، ڇو ته هڪ سچار ۽ ايماندار ماڻهو عدالت ۾ قانونداد جي حيثيت ۾ ڪافي ڪجهه ڪري سگهي ٿو؛ ۽ جڏهن آءٌ ٻڍو ٿي وڃان، ۽ تون به پوڙهي ٿي وڃين، جڏهن اسان مان ڪو مئو، ته ٻيو به هن جي پٺيان ڪوچ ڪرڻ ۾ دير ڪانه لائيندو، ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ ٻنهي ۾ ڪنهن لمبيءَ جدائيءَ جو خوف ئي ڪونه رهندو، - تڏهن شل پهريائين آءٌ پرسڪون ۽ مسرور مري وڃان، ۽ اوهان سڀني کي پنهنجي چوڌاري روئندو ڇڏي وڃان. رهيو ڪتبو، سو ڪاري پٿر جو هجي يا سنگمرمر جو، ڳالهه مڙئي ساڳي آهي؛ بس، ان تي منهنجو نالو هجي، ۽ هڪ دعا - ۽ ٻيو ڪجهه به جي لکيل هجي، ته فقط اهڙا ٻه لفظ، جن مان ماڻهن کي اها خبر پوي ته مون ايمان ۽ سچائيءَ جي زندگي بسر ڪئي، ۽ آخر تائين عيسائي هئس.“

        اجنبي چوڻ لڳو، ”بلڪل صحيح! مون به ته اها ئي ڳالهه ٿي ڪئي! انسانن ۾ قبرن تي ڪتبن لڳائڻ جي خواهش فطري آهي، پوءِ اهي کڻي ڪاري پٿر جا هجن يا سنگمرمر جا؛ چاهي سنگ خارا جا ڪي ٿنڀ هجن يا فقط ڪي پر عظمت يادگيريون ئي هجن. جي انسانن جي دلين ۾ اڪريل رهجي وڃن.“

        زال جي اکين ۾ لڙڪ جهلڪي رهيا هئا؛ چوڻ لڳي، ”اڄ ڪجهه عجيب عجيب ڳالهيون ٿي رهيون آهن. چوندا آهن ته اهڙيون ڳالهيون بدسوڻ آهن، ۽ انهن مان نه چوڻ جهڙا واقعا رونما ٿي پوندا آهن. هوڏانهن ٻارڙن جون ڳالهيون به ته ٻڌو!“

        سڀ ڪَن لائي ٻڌڻ لڳا. ننڍن ٻارن کي هڪ جدا ڪمري ۾ سمهاريو ويو هو، ۽ ان ڪمري جو دروازو کولي ڇڏيو هئائون ته جيئن انهن جي گرما گرم ڳالهين جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو رهي. ائين ٿي ڀانيو ته ٻارن به آتشدان جي چوڌاري ويهي جيڪي ڳاليهون ٻڌيون هيون، انهن کان ڪافي متاثر ٿيا هئا، ۽ نوجوان جي آرزوءَ جو احساس هنن جي دلين ۾ به پيهي آيو هو. هر ڪو شخص هڪ ٻئي کان وڌيڪ هوائي قلعا اڏي رهيو هو. ٻار سوچي رهيا هئا ته جڏهن هو وڏا  ٿيندا، ۽ ٻارن مان ڦري مرد ۽ زالون بنبا، تڏهن هو ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما ڪندا. آخرڪار هڪڙو ٻارڙو پنهنجي ڀائرن سان مخاطب ٿيڻ بدران، بلند آواز سان ماءُ کي سڏيندي چوڻ لڳو:

        ”اما، آءٌ ٻڌايانءِ ته آءٌ ڇاٿو ڪرڻ چاهيان؟ منهنجي دل ٿي چوي ته تون، بابا، ڏاڏا، ۽ اسين سڀ، ۽ هي صاحب به – سڀ گڏجي هينئر هيٺ هلي نهر منجهان پاڻي پي اچون!“

        آتشدان جو دامن ڇڏي، ڪوسن بسترن مان نڪري ٻاهر وڃڻ ۽ نهر جي پاڻي پيئڻ جي خواهش جي اظهار تي هو پنهنجي کل روڪي نه سگهيا. اها نهر سامهون ٽِلي وٽان ٿيندي لڪ تائين ٿي ويئي. اڃا ٻارڙي جي ڳالهه پوري مس ٿي، ته رستي تان هڪ گاڏيءَ جي لنگهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آڏي دروازي جي سامهون اچي بيهي رهي. بظاهر ائين ٿي معلوم ٿيو ته انهيءَ گاڏيءَ ۾ ٻه ٽي ماڻهو هئا، جيڪي پنهنجي دل وندرائڻ لاءِ هڪ گيت بي سُرن آوازن ۾ ڳائي رهيا هئا. هنن جي ڳائڻ جو آواز، پهاڙي رستي جي هيٺاهين مٿاهين جي ڪري ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. شايد مسافر اهو سوچي رهيا هئا ته سفر جاري رکجي، يا اتي ئي گوڏو کوڙي منزل ڪجي.

        ڇوڪري چيو، ”بابا، هو اوهان جو نالو وٺي، اوهان کي سڏي رهيا آهن!“ پر هن نيڪ بخت کي اها پڪ ئي نه پئي ٿي ته ڪو سچ پچ هنن کيس سڏ ڪيو هو يا نه. ٻاهر وڃڻ تي دل نه ٿي ٿيس: شايد مرضي اها هيس ته ويٺي ئي هنن کي سڏي چوي ته هو جي چاهين، ته رات وٽس رهي ڀلي آرامي ٿين. ان کان وڌيڪ هن مسافرن کي آڻي ٽڪائڻ ۽ پيسن ڪمائڻ لاءِ ڪو خاص انتظار ڏيکارڻ نٿي گهريو. ان ڪري هو دروازي ڏانهن ڪين ويو. ايتري ۾ ٻاهر رستي جي ڦاٽڪ کلڻ جو آواز آيو، ۽ مسافر لڪ ۾ داخل ٿي ويا. هو اڃا تائين ٽهڪ ڏيئي کلي رهيا هئا، ۽ ڳائي رهيا هئا....... البت سندن ڳائڻ جو آواز ٽڪرين وچان نهايت جهيڻو ۽ جهڪو ٿيندو پئي ويو.

        ٻارڙي وري چيو، ”امان ٻڌين ٿي – هاڻ ته نهر تائين وڃڻ لاءِ سواريءَ جو انتظام به ٿي ويو!“

        ٻار جي راتين جو گهمڻ ڦرڻ جي انهيءَ ٻاراڻيءَ خواهش تي سڀني کان کل ڇٽڪي ويئي. پر ڇوڪريءَ جي روح مٿان ڄڻ ته هڪ هلڪو مبهم پاڇولو لنگهي ويو؛ ۽ هوءَ نهايت گنڀير ٿي باهه جي شعلن کي گهورڻ لڳي. هن هڪ اونهو ٿڌو ساهه ڀريو، ڄڻ ته کانئس آهه نڪري ويئي. ڪافي ضبط جي باوجود اها آهه سندس چپڙن مان نڪري ويئي، ۽ هوءَ شرمائجي ويئي. هن جو منهن سُرخ ٿي ويو ۽ هوءَ آتشدان جي چوڌاري ويٺل ماڻهن کي سرسري نظر سان ڏسڻ لڳي، ڄڻ ته اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته انهن سندس سيني جي اندر جي خلش کي پروڙي ته ڪين ورتو هو. اجنبيءَ کانئس پڇيو، ”تو ڇا پئي سوچيو؟“

        هن نظر جهڪائيندي، زير لب مرڪندي چيو، ”ڪجهه به نه، فقط پنهنجي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهي هيس!“

        اجنبيءَ ڪجهه سنجيدگيءَ سان چيو، ”اوهه! مون ۾ اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته آءٌ ماڻهن جي دلين جو حال پروڙي وٺندو آهيان. چئين ته توکي تنهنجي دل جو راز ٻڌايان؟ مون کي خبر آهي ته جڏهن هڪ دوشيزه آتشدان جي گرميءَ ۽ حرارت ۾ پنهنجي ماءُ سان گڏ ويٺي اڪيلائي محسوس ڪري، ته انهيءَ جو مطلب ڇا هوندو آهي. ڇا انهن احساسن کي لفظن ۾ بيان ڪري ٻڌايانءِ؟“

        ”جيڪڏهن اهي لفظن ۾ بيان ٿي ويا، ته پوءِ اهي احساس هڪ ڇوڪريءَ جا احساس ته نه رهيا!“ پهاڙي حور کلندي، پنهنجون نظرون اجنبيءَ کان بچائيندي، جواب ڏنو.

        شايد هنن جي دلين ۾ پريت ڪر موڙي رهي هئي: هڪ اهڙي بي لوث پريت، جيڪا آسمانن ۾ ئي پلجي اُڀري سگهي ٿي، ڇو ته اهڙي بي لوث محبت هن دنيا ۾ ته جالي ئي ڪين سگهندي. عورتون اهڙي وقار جي پوڄا ڪنديون آهن، جهڙو هن اجنبيءَ ۾ هو؛ ۽ مغرور ماڻهو، جيڪي هميشھ اوچي ڳاٽ هلندا آهن، سي اڪثر اهڙي سادگيءَ جو شڪار بنجي ويندا آهن، جهڙي هن دوشيزه ۾ هئي. پر گفتگوءَ جي نرميءَ ۾ هو دلاويز غمگينيءَ ۽ روشن پاڇولن کي ڏسي رهيو هو – هڪ دوشيزه جي شرميلي فطرت جي ناز و ادا کي ڏسي رهيو هو. لڪ مان لنگهندڙ هوا جي شور جو آواز جيئن پوءِ تيئن گهرو ٿيندو ويو، ۽ وڌيڪ گونجڻ لڳو؛ ۽ اجنبيءَ جي چوڻ موجب اهي آواز ڄڻ ته انهن روحن جي گيتن جي آوازن جهڙا هئا، جيڪي قديم ”ريڊ انڊين“ باشندن جي دور ۾ هنن ٽڪرين ۾ آباد ٿيل هئا، ۽ جن هنن جبلن کي پنهنجو مقدس آماجگاهه بنايو هو. رستي تي ڄڻ ته هڪ دانهن ڇانئجي ويئي، ڄڻ ته ڪو جنازو لنگهي رهيو هو. وڌندڙ اوندهه کي دور ڪرڻ لاءِ هنن آتشدان ۾ سڪل پن وجهڻ شروع ڪيا، ۽ باهه ۾ پوڻ شرط اهي سڪل پن ٽڙ ٽڙ ڪري ٻرڻ لڳا. مچ وري دهڪڻ لڳو، شعلا جاڳي پيا، ۽ وري هڪ دفعو سڪون ۽ اطمينان جو ماحول پيدا ٿي پيو. روشني ڦهلجي ويئي، ۽ هنن سڀني جا منهن – ٻارڙن جا منهن، جيڪي پنهنجي بسترن مان ليا پائي رهيا هئا، نوجوان جو منهن، دوشيزه جو منهن، ۽ ٻڍڙيءَ ڏاڏيءَ  جو منهن، جا اڃا تائين هڪ ڪوسيءَ ڪنڊ ۾ ويٺي مَڙهڻ ۾ مصروف هئي – سڀ انهيءَ روشنيءَ ۾ اجاگر ٿي ويا. ٻڍڙيءَ نظر مٿي ڪئي، پر سندس آڱريون مڙهڻ ۾ رڌل هيون.

        ٻڍڙي چوڻ لڳي: ”وڏڙن کي به هميشھ پنهنجا پنهنجا عقيدا هوندا آهن  - جهڙيءَ طرح نوجوانن کي پنهنجا خيال آهن. توهين سڀ هوائي قلعا اڏيندا رهيا؛ اوهان اهڙيون ڳالهيون ويٺي ڪيون، جو آءٌ به ويچار ۾ پئجي ويس. پر هڪ ٻڍڙي عورت، جا قبر ڪنڌيءَ تي ويٺي هجي – ان جي خواهش ٿي به ڪهڙي ٿي سگهي؟ منهنجا ٻچڙو، جيڪڏهن آءٌ پنهنجي خواهش، اوهان کي نه ٻڌائينديس ته منهنجا خيال رات ڏينهن مون کي پريشان ڪندا رهندا!“

        زال مڙس ٻنهي هڪ ئي وقت پڇيو، ”اما، ڪهڙي خواهش؟“

        تڏهن ٻڍڙي عورت پراسرار انداز ۾ چوڻ لڳي ته ڪجهه سال اڳ هن پنهنجي ڪفن جو بندوبست ڪري رکيو هو. پڻئي جو ڪفن، ململ جي ٽوپي، ۽ ٻيون به سموريون چيزون جيڪي ڪفن دفن لاءِ ضروري هونديون آهن، سي سڀ جمع ڪري رکيون هئائين. اهي سڀ شيون اهڙي عمدي ڪپڙي جون هيون، جو هن اهڙو ڪپڙو شاديءَ کان پوءِ وري ڪين پاتو هو. پر ان رات هنن جون ڳالهيون ٻڌندي، هن کي هڪ وهم اچي ورايو هو. سندس جوانيءَ جي زماني ۾ ماڻهو چوندا هئا ته جيڪڏهن مڙدي سان چڱو سلوڪ نه ڪيو وڃي – جيڪڏهن ڪفن سٺي ڪپڙي جو نه هجي، يا ان کي ٽوپي صحيح طور نه پارائي وڃي – ته پوءِ مڙدي کي آرام نه ملندو. انهيءَ وهم هن کي ڏاڍو پريشان ڪيو هو.

        ڇوڪريءَ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”ڏاڏي، واسطو اٿئي، اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪر!“

        پوڙهي چوڻ لڳي، ”منهنجا ٻچڙو، منهنجي خواهش آهي ته جڏهن آءٌ مري وڃان، ۽ مون کي ڪفن پارايو وڃي، تڏهن اوهان مان ڪو منهنجي منهن اڳيان آرسي کڻي بيهي: شايد آءٌ پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگهان، ۽ اهو معلوم ڪري سگهان ته منهنجي آخري سينگار جي هر چيز ٺيڪ آهي يا نه!“

        اجنبي جوان سڀڪجهه ٻڌو، ۽ آهستگيءَ سان چوڻ لڳو، ”اسين جوان هجون يا پوڙها، پر اسين رڳو قبرن ۽ ڪتبن بابت ئي سوچيندا ٿا رهون. مون کي حيرت اها ٿي ٿئي ته جهازن ٻڏڻ وقت ملاحن کي ڪهڙو احساس ٿيندو هوندو؟ هو سڀ بينام ۽ غير معروف، هڪ ٻئي سان گڏ، هڪ اٿاهه سمنڊ جي بينام قبر ۾ هڪ ئي هنڌ دفن ٿيو ٿا وڃن. ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي!“

        گهڙيءَ کن لاءِ هن ٻڍڙي عورت جون ڀيانڪ ڳالهيون، ٻڌڻ وارن جي ذهنن تي اهڙيءَ طرح ڇائنجي ويون، جو رات جي اونداهه ۾ ٻاهر جيڪو زبردست ڌماڪو ۽ ٺڪاءُ ٿيو، سو به هنن کي ٻڌڻ ۾ ڪين آيو. اهو ڌماڪو ايترو زوردار ۽ ايترو شديد هو، جو گهر ۽ ان جي هر چيز لرزجي ويئي. ائين ٿي ڀانيو ته زمين جا بنياد لڏي ويا آهن، ڄڻ ته اهو ڀيانڪ آواز صور اسرافيل مان نڪتو هو.

        ٻڍي ۽ جوان – هر شخص جي اکين ۾ وحشت نظر اچي رهي هئي. هر شخص پنهنجي جڳهه تي بنا حرڪت، ساڪت ٿيو ويٺو هو – زرد، خوفزده، خاموش ۽ بي حس و حرڪت! ۽ پوءِ سڀني کان به يڪ آواز دانهن نڪري ويئي.

        ”جبل ٿو ڦاٽي...... جبل ٿو ڦاٽي!“

        انهن سادن لفظن ۾ حادثي جو اظهار ته هو، پر اها ڀيانڪ تصوير نه هئي، جا سموري ماحول جي عڪاسي ڪري سگهي. هي سڀ ماڻهو گهر کان نڪري وٺي ڀڳا، هڪ اهڙي هنڌ وڃي پناهه ورتائون، جنهن کي پنهنجي خيال موجب محفوظ ٿي سمجهائون، ۽ جتي اهڙي قسم جي حادثن کان بچاءَ لاءِ هڪ پناهگاهه ٺاهي ويئي هئي. افسوس، هنن هڪ محفوظ جڳهه کي ڇڏي ڏنو، ۽ تباهيءَ جي رستي تي وڃي نڪتا! ايتري ۾ جبل جو هڪ وڏو حصو اچي هيٺ ڦهڪيو، ڄڻ ته خود تباهي اچي هيٺ ڪري هئي: گهر جي جاءِ تائين پهچڻ کان اڳ، اتان مڙي، اُن ٻه مختلف واٽون اختيار ڪيون؛ ان جو رخ ڪنهن هڪ طرف نه هو، بلڪ آسپاس جي هر شي، هر چيز ان جي زد ۾ هئي؛ ۽ ان کان اڳ جو انهيءَ جبل ڦاٽڻ جي آواز مان جيڪا گونج ۽ گرج پيدا ٿي هئي، سا ختم ٿئي، هي سڀ ماڻهو ختم ٿي چڪا هئا؛ هنن کي سڪون نصيب ٿي چڪو هو. هنن جي لاشن جو به پتو ڪين پئجي سگهيو.

        ٻئي ڏينهن صبح جو گهر جي بخاري مان هلڪو دونهون نڪري، هوائن سان ملي، جبل طرف وڃي رهيو هو. گهر اندر آتشدان ۾ اڃا تائين باهه دکي رهي هئي، ۽ آتشدان جي چئني پاسن کان ڪرسيون پيون هيون ۽ ائين ٿي ڀانيو ته هن گهر جا ڀاتي تباهيءَ جي منظر ڏسڻ لاءِ بنهه هاڻي ٻاهر نڪري ويا آهن، ۽ ٿوريءَ دير ۾ ڄاڻ ته واپس آيا، ۽ واپس اچي خدا جو شڪرانو ادا ڪندا ته ڪنهن معجزي هنن جي جان بچائي ورتي هئي! هر شخص پنهنجو ڪونه ڪو يادگار ڇڏي ويو هو؛ ۽ انهن يادگارن جي ڪري، اهي ماڻهو، جيڪي هن ڪٽنب جا واقف هئا، هر مري ويل شخص لاءِ ڳوڙها ڳاڙي ٿي سگهيا. ڪير آهي، جنهن هنن جو نالو ڪونه ٻڌو آهي؟ هيءَ ڪهاڻي هر هنڌ ٻڌائي ويئي آهي، دهرائي ويئي آهي، ۽ هنن پهاڙن ۾ هميشھ دهرائي ويندي. شاعرن انهيءَ حادثي تي المناڪ شعر لکيا آهن.

        اهڙا آثار موجود آهن، جن کي ڏسي ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ان ڀيانڪ رات جو هن جاءِ ۾ هڪ اجنبي آيو هو، ۽ گهر جي ڀاتين سان گڏ اهو به حادثي جو شڪار ٿي ويو.

        ڪجهه ماڻهو انهيءَ ڳالهه کي نٿا مڃين، ۽ چون ٿا ته اها روايت ئي بي بنياد آهي. افسوس آهي انهيءَ پر عظمت روح جي مالڪ جوان تي، جنهن هن دنيا ۾ لافاني بنجڻ جا خواب ڏٺا، ۽ سندس نالي ۽ شخصيت تي هيئن لاعمليءَ جا پڙدا چڙهي ويا. هن جي زندگي، هن جي زندگيءَ جو طريقو، هن جا ارادا ۽ آدرش – اهي سڀ اهڙا اسرار آهن، جيڪي ڪڏهن به حل ٿي نه سگهندا: ۽ هن جي زندگي، ۽ هن جو موت – ٻيئي محض هڪ گمان رهجي ويا! ڇا چئجي، انهيءَ موت جي گهڙيءَ جو ايذاءُ ڪنهن کي پهتو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org