سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :4

ڪافر

ز – جئڪ لنڊن                     مترجم  - سراج

_________

The Heathen

By

Jack London

 

Published by permission of Charmain  K. London

 

جئڪ لنڊن ( 1876ع – 1916ع) ڪئليفورنيا رياست جي اوڪلئنڊ شهر ۾ ڄائو هو. هن جي زندگي سندس ڪتابن جي بنسبت وڌيڪ غير معمولي آهي. هن خود به ضرور اها ڳالهه محسوس ڪئي هوندي، ڇو ته هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو زياده تر آتم ڪهاڻيءَ جي طرز جو آهي. ننڍي  هوندي جي مسڪينيءَ ۽ غربت، جوانيءَ جي وقت جي تڪليفن ۽ مصيبتن جي ڪري، هن ۾ غريبن ۽ مصيبتن جي ماريل انسانن لاءِ همدردي پيدا ڪئي. هن جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾، غريبن ۽ مصيبت زده انسانن لاءِ همدردي ۽ سندن بهتريءَ لاءِ جدوجهد جو جذبو نمايان آهي.

     هن جو اهو اعتقاد هو ته فطرت جي دنيا ۾ جيڪا ڪشمڪش آهي، سا انسان ۽ انسان جي وچ ۾ باهمي ڪشمڪش کان گهڻي گهٽ آهي. سندس ڪامياب ترين ڪتاب ”دي ڪال آف دي وائيلڊ“ ”مشابهتي يگانگت“ (Allegorical Parallelism) جو هڪ نمونو آهي.

      هن جي ڪيترن دلڪش افسانن ۾ انسان ۽ فطرت جي ٻاهرينءَ دنيا جي باهمي ڪشمڪش جي تصوير چٽيل آهي.

 

 

        منهنجي هن سان پهرين ملاقات هڪ طوفان ۾ ٿي هئي؛ ۽ جيتوڻيڪ طوفان جي دوران ۾ ساڳئي جهاز ۾ سوار هئاسين، پر منهنجي نظر هن تي تيسين نه پئي، جيسين اسان جو جهاز ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويو. لاشڪ هن مون کي ”پيٽيٽ جين“ جهاز تي ”ڪناڪا“ ملاحن جي جٿي ۾ ڏٺو هو، پر آءٌ هن جي موجودگيءَ کان آگاهه ڪين هوس، ڇو ته جهاز ۾ بي شمار ماڻهو سٿيا پيا هئا. جهاز، اٺن ڏهن ڪناڪا ملاحن کان سواءِ هڪ سفيد فام ڪپتان، سندس نائب، مال ڪپتان، ڇهه ڪئبن وارا مسافر ۽ اٽڪل پنجاسي ڊيڪ جا مسافر کڻي ”رنگيروئا“ کان نڪتو هو – جن ۾ ”پاموٽن“ ۽ ”ٽهٽين“ ماڻهو – زالون، مرد ۽ ٻار – هئا، ۽ جن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي واپار جي پيتي هئي، ۽ ان کان سواءِ وٽن سمهڻ لاءِ اڪيچار تڏا، ڪمبل ۽ ڪپڙن جون هڙون هيون.

        ”پاموٽس“ کاريءَ ۾ موتين جي مند ختم ٿي هئي، ۽ سڀ ماڻهو ”ٽهٽي“ ٻيٽ ڏانهن واپس موٽي رهيا هئا. ڪئبن مسافرن مان اسين ڇهه ڄڻا موتين جا سوداگر هئاسين: ٻه آمريڪي هئا، هڪ چيني، ”آه چون“، هو – (مون پنهنجي ڄمار ۾ گوري ۾ گورو چيني اهو ڏٺو هو)- ، هڪڙو جرمن هو،  هڪ پولنڊ جو يهودي، ۽ ڇهون آءٌ هوس.

        ان سال موسم چڱي ڪامياب ۽ نفعي بخش ثابت ٿي هئي. اسان مان ڪنهن کي به ڪو شڪايت جو سبب ڪونه هو، نڪي هنن پنجاسي ڊيڪ جي مسافرن مان ئي ڪنهن کي اهڙو سبب هو. سڀني چڱو ڪمايو هو، ۽ سڀني کي اها آس هئي ته ”پپيٽي“  شهر ۾ پهچي، آرام ۽ فرحت سان وقت گذاريندا. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ”پيٽيٽ جين“ جهاز تي حد کان وڌيڪ بار لڏيل هو. ستر ٽنن جو جهاز مس هو؛ ۽ کيس مٿس چڙهيل ماڻهن جي هجوم جي ڏهين حصي کڻڻ جو به حق ڪين هو. سندس تختن هيٺان موتين جي سپين ۽ ڏونگهين جا انبار ائين سٿيا ۽ ڏٽيا پيا هئا، جو تر ڇٽڻ جي جاءِ ڪانه هئي. ملاح کيس ڪنهن طرح هلائي رهيا هئا، اهو به هڪ معجزي کان گهٽ ڪين هو. ڊيڪ تي ڪابه چرپر ڪانه هئي: ماڻهو هڪ ٻئي تي ائين ڳاهٽ هئا، جو مس ٿي رڙهي سگهيا؛ ان ڪري ملاح به رڳو ريلن جي آڌار تي پئي لٿا چڙهيا.

        رات جو هو سمهيل ماڻهن کي اورانگهي مٿان لنگهيو ٿي ويا: سڄي ڊيڪ سمهيل ماڻهن سان ائين سٿيل هئي، ڄڻ ته ڊيڪ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڪو ٿلهو فراس وڇايو پيو هو. ماڻهو هڪ ٻئي جي بنهه مٿان ستا پيا هئا. اف، ڪا گپا گيهه هئي! ڊيڪ تي سوئر، ڪڪڙيون، پٽاٽن جون ڳوڻيون – الائي ڇاڇا پکڙيو پيو هو. ڪا اهڙي جاءِ نه ڇڏي هئائون، جتي ناريلن جون قطارون ۽ ڪيلن جا ڇڳا نه پئي لڙڪيا. ٻنهي پاسن تي سڙهن جي اڳيُن ۽ وچيُن ٿوڻين جي وچ ۾، رسا اهڙيءَ طرح ڇڪي ٻڌا ويا هئا، جئن اڳيون سڙهه چڱيءَ طرح هوا ۾ ڀرجي سگهي، ۽ انهن رسن مان هر هڪ ۾ ڪيلن جا اٽڪل پنجاهه پنجاهه ڇڳا پئي لڙڪيا.

        جيڪڏهن ڏکڻ اوڀر کان سڻايون تجارتي هوائون لڳنديون آهن، ته هيءُ سفر ٻه ٽي ڏينهن مس وٺندو آهي. اسين هي سفر ٻن ٽن ڏينهن اندر ئي کڻي پورو ڪريون ها، ته به هي ڪو سفر هو! – ٻن ٽن ڏينهن جو خيال دل ۾ آڻي، طبعيت تي وحشت طاري ٿيو ٿي ويئي! پر سڻائو واءُ به ڪين وريو. پهرين پنجن ڪلاڪن کان پوءِ تجارتي هوا گِهڏي گِهڏي ٿورو چري، پر ڏهن ٻارنهن جهوٽن کان پوءِ وري ٻٽجي ويئي. سڄي رات ۽ سڄو ڏينهن سمنڊ بنهه مئو پيو هو – سمنڊ جي ماٺائي به اهڙي ته کائيندڙ ۽ شيشي وانگر بي رنگ هئي، جو رڳو ان تي هڪ نگاهه وجهڻ جي خيال اچڻ سان مٿي ۾ ڦيري پوڻ ٿي شروع ٿي.

        ٻئي ڏينهن هڪ ماڻهو مري ويو – ايسٽر آئلنڊ جو ويٺل هو، ۽ ان مند ۾، کاريءَ جي بهترين ٽوٻن مان هڪڙو هو. ماتا ......... ها، ماتا وگهي مري ويو: آءٌ اڃا تائين سمجهي ڪين سگهيو آهيان ته ماتا جهاز تي پکڙي ڪيئن، جو جڏهن اسان ”رنگير وئا“ ڇڏيو هو، تڏهن اتي ساحل تي ڪوبه ماتا جو ڪيس ڪونه ٿيو هو. ان هوندي به ماتا پکڙجي ويئي – هڪ ماڻهو مري ويو، ٽي ٻيا ماتا ۾ ڊٺا پيا هئا.

        ڪجهه به ته نه ٿي ڪري سگهياسون. بيمارن کي الڳ به نه ٿي ڪري سگهياسون، نه ئي هنن جي پرگهور لهي ٿي سگهياسون. مکين ماڪوڙين وانگر هونئن ئي هڪ ٻئي تي سٿيا پيا هئاسون؛ سو ٿي به ڇا ٿي سگهيو – سواءِ ان جي ته ڪِنا ٿي مرون. پهرئين موت کان پوءِ جا رات آئي، ان رات ڪجهه به نه ٿي سگهيو: البت ان رات نائب ڪپتان، مال ڪپتان، پولش يهودي ۽ چار مقامي ٽوٻا مڇين مارڻ جي هڪڙيءَ وڏيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي کسڪي ويا. ان بعد هنن جو ڪو پتو پار ڪونه پيو ته مئا ڪي بچيا. صبح جو ڪپتان هڪدم سڀني ٻيڙين کي ٽڪائي سوراخ ڪرائي ڇڏيا – هاڻ ته آقي باقي به جهاز تي ئي قابو ٿي وياسين.

        ان ڏينهن ٻه موت ٿيا، ٻئي ڏينهن ٽي، ٽئين ڏينهن هڪدم وڌي انگ وڃي اٺن کي پهتو. اسان سڀني جي حالت ڏسڻ وٽان هئي: مثال طور مقامي ماڻهو ته ڊپ کان ڄڻ ته بنهه بي حس ۽ گونگا ٿي ويا هئا. ڪپتان، جنهن جو نالو ”اوڊائوز“ هو ۽ فرينچ هو، تنهن جا به حواس خطا ٿي ويا هئا، ۽ ڊپ کان وڦلڻ لڳو هو. هن کي سچ پچ اچي ٿڙڪڻيءَ ورتو. چڱو ٿلهو متارو مڙس هو، اٽڪل ٻه سو پائونڊ تور هيس. ڏڪڻيءَ وقت سندس حالت اهڙي هئي، ڄڻ ته چرٻيءَ جو ڪو پٽڙو جبل لرزي رهيو هو.

        جرمن مسافر، ٻن آمريڪين، ۽ مون گڏجي، جهاز تي جيڪا به اسڪاچ وسڪي ملي سگهي، سا خريد ڪئيسون - ۽ ويهي پيڻ لڳاسون. اسان جو ويچار ڪافي ڪامياب ٿي نظر آيو – ته جيڪڏهن اسين پاڻ کي شراب ۾ ٻڏل رکنداسون، ته ماتا جو جيڪو جيوڙو اسان جي ويجهو آيو، سو سڙي رَکُ ٿي ويندو، ۽ اهو ويچار بيشڪ ڪامياب ثابت ٿيو. البت ايترو اعتراف ڪندس ته ڪپتان اوڊائوز ۽ آهه چون چينيءَ تي به بيماريءَ حملو نه ڪيو: فرينچ ڪپتان ته ماڳهين شراب کي هٿ به ڪين لائيندو هو، باقي آهه چون روزانو هڪڙو پيگ مس پيئندو هو.

        سج اتر طرف لڙي، بنهه ڪاپار مٿان چمڪي رهيو هو. هوا بند هئي، رکي رکي تيز واچوڙا ٿي لڳا. انهن واچوڙن پنجن منٽن کان وٺي اڌ ڪلاڪ تائين نهايت تيزيءَ سان لڳي، نيٺ رکي رکي طوفان ۽ مينهن جي وسڪارن جو روپ ورتو. هر واچوڙي کان پوءِ ساڙيندڙ اس ٿي نڪري آئي، جنهنڪري ڊيڪ جي پسيل تختن منجهان ٻاڦ جا ڪڪر نڪرڻ شروع ٿي ٿي ويا.

        اها ٻاڦ ڏاڍي بڇڙي هئي، ڄڻ ته موت جي ٻاڦ هئي، جنهن ۾ ڪروڙين جيوڙا ڀريل هئا. اسان جڏهن به مري ويلن يا مرندڙ بيمارن مان اها ٻاڦ اٿندي ٿي ڏٺي، تڏهن هڪ ٻه گلاس شراب جو وڌيڪ ٿي پيتوسون. اهڙن موقعن تي اسين شراب کي اهڙيءَ طرح ملائيندا هئاسون. جو تنهان ئي تيز ٿي پوندو هو، ۽ هڪدم ٻه ٽي گلاس چاڙهي ڇڏيندا هئاسون. ان کان سواءِ جڏهن مري ويل ماڻهن کي جهاز جي چوڌاري مڙي آيل ڄرڪن ۽ واڳن جي حوالي ڪندا هئا، تڏهن به هڪ ٻه گلاس چڙهڻ جو اسان پاڻ لاءِ هڪ نيم مقرر ڪري ڇڏيو هو.

        هفتو کن اها حالت رهي، پوءِ وسڪي به ختم ٿي ويئي. وسڪيءَ جي ڪري پئي تڳياسين، نه ته ته آءٌ هيستائين جيئرو رهي ڪين سگهان ها. پر وسڪيءَ جي ختم ٿي وڃڻ ۾ به ڪا حڪمت هئي، ۽ آخرين صورت ۾ آءٌ ان حڪمت سبب ئي بچي نڪتس. اُن کان پوءِ جيڪي حالتون پيش آيون، انهن مان فقط هڪڙو ئي ٻيو اڻ پياڪ ماڻهو بچي نڪتو. جڏهن اوهان کي سموري حقيقت ٻڌائيندس، تڏهن ئي اوهين مٿين خيال ۾ مون سان شامل راءِ ٿيندا. اهو ٻيو ماڻهو هو ”ڪافر“ – مون کي جڏهن هن جي موجودگيءَ جي ڄاڻ پئي، تڏهن ڪپتان اوڊائوز کي کيس انهيءَ نالي سان سڏيندو ٻڌو هوم.

        خير! هفتي جي پڇاڙيءَ ۾، وسڪي به ختم ٿي ويئي، ۽ موتين جا سوداگر به گم سم ڪنڊڙيءَ ۾ ويڙهجي ويهي رهيا. اتفاق سان ڪئبن واري رستي تي ٽنگيل بئراميٽر تي منهنجي اوچتي نظر وڃي پيئي. پاموٽس ۾ ان جو اوسطه درجو 9 عـ 29 آهي، ۽ عام طرح 85 عـ 29، 00 عـ 30 ۽ 05 عـ 30 درجن جي وچ ۾ پيو ڦرندو گهرندو آهي، پر مون جيڪو درجو ڏٺو – يعني 62 عـ 29، سو ته اهڙو هو، جو ڪنهن نشي ۾ بنهه ٻڏل موتين جي سوداگر جا به نشا ٽوڙي ڇڏي، پوءِ هو کڻي اسڪاچ وسڪيءَ سان ماتا جي جيوڙن کي بي اثر ڪري، ماتا کان بچي ويو هجي.

        مون ڪپتان اوڊائوز کي سڏ ڪري، سندس ڌيان ان طرف ڇڪايو؛ پر هن جواب ڏنو ته هن کي اڳئي خبر هئي، ۽ گذريل چند ڪلاڪن کان درجي کي هيٺ ڪرندو ڏسي رهيو هو. بچاءَ جي صورت خيرڪا رهي هئي، پر جيڪي ڪجهه ٿي سگهيو ٿي، سو موجوده حالتن هيٺ هن بيشڪ نهايت عقلمنديءَ سان ڪيو: هلڪا سڙهه لهرائي ڇڏيائين، طوفاني بادبان کي ننڍو ڪري، بچاءَ وا را سڙهه پکيڙائي ڇڏيائين - ۽ پوءِ هوا جو انتظار ڪرڻ لڳو. پر هوا جي چرڻ کان پوءِ هن جيڪي ڪيو، سا هن جي نسوري غلطي هئي. هن جهاز کي ساحلي رخ تي موڙيو – خط استوا جي ڏکڻ ۾ ائين ڪرڻ بلڪل ٺيڪ آهي، بشرطيڪ جهاز طوفان جي بنهه رستي ۾ نه هجي.

        اسين طوفان جي بنهه سڌي رستي ۾ هئاسون. هوا جي رفتي رفتي وڌڻ ۽ بئراميٽر جي درجي جي هري هري ٿي گهٽجڻ مان آءُ اهو بخوبي ڏسي پئي  سگهيس. منهنجي مرضي هئي ته هو جهاز کي موڙي، هوا سان گڏ ساحلي رخ تي ان وقت تائين هلندو رهي، جيسين بئرا ميٽر جو درجو گهٽجڻ بند ٿئي، ۽ پوءِ سڙهه ڇڪائي اڳتي هلي. گهڻي ئي دليل بازي ڪئيسون، ڳالهائيندي ڳالهائيندي هن کي ذري گهٽ ماليخوليا ٿي پئي، پر مڙس مڙيو ڪين. سڀ کان خراب ڳالهه ته اها ٿي، جو آءٌ ٻين موتين جي سوداگرن کي پنهنجي تائيد ڪرڻ تي آماده ڪري نه سگهيس. آءٌ ڪير ٿيندو هوس، جنهن کي هڪ خاص طور سکيا ورتل ۽ آزمودگار ڪپتان کان به وڌيڪ سمنڊ ۽ ان جي معاملن جي خبر هجي؟ اهي هئا خيال هنن جي دماغ ۾ - سا مون کي به خبر هئي.

        طوفان سان سمنڊ به خطرناڪ حد تائين چڙهي آيو؛ ۽ مون کي سمنڊ جا اهي ٽي اڀار ڪڏهين به ڪين وسرندا، جن ’پيٽيٽ جين‘ تي حملو ڪيو. اهڙن خطرناڪ وقتن تي هميشھ جهازن جا تختا ئي اکڙي پوندا آهن: پهريون اُڀار آيو، ۽ اسان جو جهاز ان جي سٽ جهلي نه سگهيو، ۽ هڪ پاسو ٽٽي پيس. بچاءَ جا تختا به فقط مضبوط ۽ سگهارن ماڻهن جي ڪم اچي ٿي سگهيا، پر هت ته اهي انهن لاءِ به بيڪار ثابت ٿيا؛ ۽ زالون، ٻار، ڪيلا ۽ ناريل، سوئر ۽ واپار جون پيتيون، بيمار ۽ مرندڙ – هڪ ئي بي پناهه، گجگوڙ ڪندڙ ريلي ۾ ٻهارجي ويا.

        ٻيو اڀار آيو ۽ سڄي ڊيڪ ريلن تائين پاڻيءَ سان تار ٿي ويئي، ۽ جئن ئي جهاز جو دنبالو پاڻيءَ ۾ هيٺ ويهي رهيو، ۽ چوٽي آسمان ڏانهن اڇلجي ويئي، تئن سامان ۽ بدنصيب انسانن جي زندگيءَ جو هڪ انبار جو انبار پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو. هڪ انساني سيلاب هو، جو پوري زور سان وهي اُٿي هليو: ڪي اونڌا، ڪي ابتا، ته ڪي پاسيرا، ڦيريون پائيندا، وٽبا سٽبا، ويڙهبا سيڙهبا، لڙهندا ٿي ويا. ڪيڏيءَ مهل ڪنهن جو هٿ اوچتو ڪنهن تختيءَ يا نوڙيءَ ۾ پئجي ٿي ويو، پر پويان لڙهي ايندڙ جسمن جي زور پوڻ ڪري هن جو هٿ وري ڇڏائجيو ٿي ويو!

        هڪ ماڻهو ڏٺم، مٿي ڀر وڃي زور سان جهاز جي ساڄيءَ ڪنڊ واريءَ ٿوڻيءَ سان ٽڪريو، ۽ سندس مٿو ڪڪڙ جي آني جيان ٽڙڪي پرزا پرزا ٿي ويو. مون کي اچي پنهنجي سر جي لڳي، سو ٽپ ڏيئي ڪئبن جي مٿان چڙهي ويس؛ ۽ اتان سڀ کان وڏي سڙهه کي وڃي چهٽي پيس. آهه چون ۽ هڪڙي آمريڪيءَ منهجي پويان اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آءُ هڪڙو ٽپ هنن کان اڳ نڪري ويو هوس. آمريڪي ته پنهنجي تختي تان ڪکن ڪانن وانگر ٻهارجي ويو. آهه چون جو هٿ چڪر جي هڪ آري ۾ پئجي ويو، ۽ هو انهيءَ جي پٺيان لڙڪي پيو. پر عين ان وقت ”رارو ٽانگا“ قوم جي هڪ ٿلهي متاري عورت – سندس وزن 250 پائونڊ ته ضرور هوندو – اچي هن سان ٽڪري، ۽ سندس هڪڙي ٻانهن آهه چون جي ڪنڌ ۾ پئجي ويئي. ويچاري آهه چون پنهنجي ٻئي هٿ سان پاسي ۾ بيٺل ’ڪناڪا‘ ملاح کي کڻي جهليو، پر عين ان گهڙيءَ جهاز جي ساڄي پاسي وارو تختو اونڌو ٿي پيو.

        ڪئبن ۽ ريلن جي وچ ۾، پاڻيءَ جي ڇوليءَ جي تيزيءَ ۽ لاشن جي اڇل اوچتو ڦيرو کاڌو، ۽ سڌو زور رکيائون ساڄي پاسي واري تختي تي. هڪدم ٿلهي عورت، آهه چون ۽ ملاح ٻهارجي ويا؛ ۽ آءٌ قسم سان ٿو چوان ته جيڏيءَ مهل آهه چون ريلن تان اٿلندو وڃي پاڻيءَ هيٺ پهتو، ان وقت هن مون ڏانهن هڪ عجيب فيلسوفانه صبر ۽ رضا جي نظر سان ڏٺو، ۽ سندس چپن تي هڪ تلخ مرڪ ڇانئجي ويئي هئي.

        ٽيون اڀار، جيڪو ٽنهي اُڀارن منجهان سڀ کان وڏو اُڀار هو، تنهن ايترو نقصان ڪونه پهچايو. جيسين اهو اڀار پهتو، تيسين گهڻو ڪري هر شخص آخرين ڪوچ ڪرڻ جي تياريءَ ۾ هو. ڊيڪ تي باقي ڪي ڇهه ڄڻا، مصيبت جا ماريل، بي هوش و حواس ۽ اڌ مئا وڃي بچيا هئا، جي ڦيريون پائيندا ڪنهن سلامتيءَ واري جاءِ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. پاڻيءَ جي اڇلن وچان مون ۽ ٻين موتين جي سوداگرن اٽڪل پندرهن زالن ۽ ٻارڙن کي ڪئبن ۾ آڻي، حفاظت خاطر ڪئبن کي بند ڪري ڇڏيو. پر انهيءَ ڪوشش به ويچارن کي پڇاڙيءَ ۾ خير ڪو فائدو پهچايو.

        هوا؟ پنهنجي سموري زندگيءَ جي تجربي ۾ مون کي يقين ئي نه ٿي ٿي سگهيو ته اهڙيءَ طرح به هوا لڳي سگهي ٿي، جهڙي ان ڏينهن لڳڻ شروع ٿي هئي. ان جو بيان ته ڪري ئي نٿو سگهجي. ڀلا ڪنهن ڀيانڪ خواب جو بيان ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگهي؟ ساڳي ڳالهه انهيءَ هوا سان لاڳو هئي. هوا اسان جي بدنن تان ڪپڙا پٽي ڦاڙي آسمانن تائين اڇلي ڇڏيا. آءٌ چوان ٿو ته هوا اسان جي بدن تان ڪپڙن کي بنهه پٽي ڦاڙي ويئي، ۽ اهو اکر به اکر حقيقت آهي. آءٌ اوهان کي يقين ڪرڻ لاءِ زور ڪين ٿو ڀريان: آءٌ ته فقط اوهان کي اهو ڪجهه ٿو ٻڌايان، جيڪو آءٌ پاڻ اکين سان ڏسي ۽ معلوم ڪري چڪو آهيان ڪڏهن ڪڏهن ته آءٌ پاڻ به يقين نه ڪندو آهيان ته ڪو ائين ٿيو هوندو. پر اها واردات مون سان ٿي گذري آهي - ۽ اهو چوڻ مون لاءِ ڪافي آهي. اهڙيءَ هوا جي زد ۾ اچي، ماڻهوءَ جو زنده رهڻ قطعي ممڪن نه آهي. هڪ عجيب ڀيانڪ چيز هئي، هيءَ هوا - ۽ ان ۾ سڀ کان ڀيانڪ ڳالهه ته اها هئي ته جيئن پوءِ تيئن وڌندي ٿي ويئي، ۽ وڌندي رهي!

        اوهين ذرا بيشمار، ڪروڙين بلڪ اربين، واريءَ جي ٽنن جو تصور ڪريو: ۽ سمجهو کڻي ته اهي واريءَ جا بيشمار ٽن نوي، سو، سو ويهه يا ان کان به وڌيڪ ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان چيريندا اڏامندا پيا اچن. البت اهو تصور ڪريو ته اها واري ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي، بلڪ غير محسوس ۽ بي جسم هئي، - ان هوندي به منجهس واريءَ جو وزن ۽ گهاٽائي موجود هئي. اهو تصور ڪرڻ سان شايد اوهان کي تمام هلڪو اندازو ٿي سگهندو ته اها هوا ڪهڙي قسم جي هئي.

        شايد واريءَ واري مشابهت به صحيح نه آهي. سمجهو کڻي ته اها هوا ٿلهيءَ گپ يا گاري وانگر ئي ڳوري هئي. نه نه، انهيءَ کان به وڌيڪ – ائين سمجهو ته انهيءَ هوا جو هڪ هڪ اَڻو، گاري جو هڪ انبار هو، ۽ پوءِ انهن بيشمار گاري جي انبارن جي وسڻ جو اثر تصور ۾ آڻيو. نه نه منهنجي بيان ڪرڻ جي طاقت کان اهو بنهه ٻاهر آهي. هر ڪا زبان ۽ ٻولي حياتيءَ جي رواجي حالتن کي ته بيان ڪري سگهي ٿي، پر هوا جي ايتري بي انداز ڇوهي جي حالتن کي بيان ڪرڻ ڪنهن ٻوليءَ لاءِ قطعي ناممڪن آهي. بهتر ته ائين هو - ۽ جيئن شروع ۾ ارادو به ڪيو هوم – ته انهيءَ کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪريان ها!

        آءٌ فقط ايترو چوندس ته پهرين سمنڊ جو جيڪو اڀار چڙهيو، سو هوا جي سٽ نه جهلي وري لهي ويو. بلڪ ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ ته سمنڊ چوسجي طوفان جي اوجهريءَ ۾ سمائجي ويو هو، ۽ خلا جي انهيءَ حصي ۾ اڇلون ڏيندو رهيو، جيڪو اڳ هوا سان والاريل هو.

        اسان جو بادبان ڪافي وقت ٿيو، لڙهي ويو هو. پر ڪپتان اوڊائوز وٽ ’پيٽيٽ جين‘ جهاز تي هڪ اهڙي شي موجود هئي، جيڪا مون اڳ ڪنهن به ڏکڻ سمنڊ جي جهاز تي ڪانه ڏٺي هئي - ۽ اها چيز هئي سامونڊي لنگر. اهو ٽڪنڊي شڪل جي ٽاٽ جي ٺهيل هڪ ڳوٿريءَ وانگر هو، جنهن جو منهن هڪ گول لوهي دائري سان کليل هو. اهو لنگر هڪ لغڙ وانگر واڳيل هو، ۽ جئين لغڙ مٿي هوا ۾ ڄڻ چڪ پائي بيهندو آهي، تيئن هي لنگر به پاڻيءَ ۾ چڪ پائي قابو ٿي ٿي ويو، پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته سامونڊي لنگر سمنڊ جي سطح هيٺان عمودي يا اڀي نموني ۾ اٽڪي بيهي ٿي رهيو. اهو لنگر وري جهاز سان هڪ ڊگهي رسي سان ڳنڍيل هو. انهيءَ ڪري ’پيٽيٽ جين‘ هوا جي رخ تي، جهڙي سمنڊ جي حالت هئي، تيئن ان تي گهلجندو رهيو.

        جيڪڏهن اسين طوفان جي عين رستي ۾ نه هجون ها ته شايد صورتحال ڪجهه فائديمند ٿي پوي ها. هو ا اسان جي بادبانن کي کوهن تان ڦاڙي پٽي ڇڏيو، سڙهه ٻهاري ويئي، ۽ گيئر کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو هئائين، تڏهن به هوند اسين چڱيءَ طرح ۽ سلامتيءَ سان ان مان پار پئجي وڃون ها، بشرطيڪ اسين وڌندڙ طوفان جي وچ واري واٽ ۾ ڦاسي نه پئون ها. انهيءَ آفت اسان کي بنهه لاچار ڪري  وڌو. انهيءَ هوا جي اثر کان منهنجا حواس خطا ٿي ويا، جسم سُن ٿي ويو، ۽ ڄڻ ته اڌ رنگ جي حالت ۾ گرفتار هوس، ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته جڏهن طوفان جي محور ۾ گهيرجي وياسون، تڏهن ته آءٌ هٿ پير هلائڻ ڇڏي مرڻ لاءِ تيار ٿي ويو هوس. عين انهيءَ وقت چوڌاري ٻٽ ٿي ويئي – اوچتو ئي اوچتو، ڄڻ هوا خلا ۾ گم ٿي ويئي ڪٿي ان جو نالو نشان به نه رهيو؛ ۽ انهيءَ ٻوسٽ جي وحشتناڪ اثر کان گويا ماڻهوءَ جي دل نپوڙجي منهان ٻاهر ٿي نڪتي.

        ياد رکڻ گهرجي ته برابر ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسين نهايت شديد قسم جي اعصابي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا رهياسون، ۽ هوا جي ڀيانڪ دٻاءَ جا شڪار ٿيندا رهياسون: ۽ پوءِ اوچتو هوا جو دٻاءُ ختم ٿي ويو. مون کي ياد آهي ته ان وقت مون کي ائين محسوس ٿيو ته آءٌ اندر ئي اندر اڀامي ۽ ڦوڪجي رهيو آهيان، ۽ ڄاڻ ته منهنجا پرزا اڏامي هر طرف پکڙجي ويندا. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته منهنجي جسم جو هر هڪ اڻو، ٻئي اڻي کي زور سان ڌڪي هٽائي رهيو هو، ۽ نهايت شديد قوت سان خلا ۾ اڏامي وڃڻ لاءِ آتو هو. پر اها حالت فقط ڪن گهڙين لاءِ رهي. تباهي اسان جي مٿان بنهه لامارا ڏيئي رهي هئي.

        هوا ۽ دٻاءَ جي نه هجڻ ڪري وري سمنڊ ۾ اڀار آيو؛ ۽ اهو اڀار ٽپا ڏيندو، اڇلون ڏيندو سڌو ڪڪرن کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ياد رکو ته قطب نما جي هر رخ کان اها ناقابل تصور هوا، سمورو وقت ماٺائيءَ جي هن محور ڏانهن وڌندي رهي. نتيجو اهو ٿيو ته سمنڊ به قطب نما جي هر رخ کان اٿل کائي چڙهڻ لڳو. انهن چوطرف اٿندڙ چڙهاءَ کي روڪڻ لاءِ هوا به ڪانه هئي. پاڻيءَ جا اهي اُڀار ائين ٿي چڙهيا جئن پاڻيءَ جي ڪنهن برتن جي تري مان ٻوچ بوڙيا ڏيئي ٻاهر اڇلبا آهن. انهن ۾ ڪنهن به قسم جي پائداري ۽ تنظيم ڪانه هئي. پاڻيءَ جي هنن اڀارن ۾ ڄڻ هڪ قسم جو جنون پيدا ٿي پيو هو. گهٽ ۾ گهٽ به هي اڀار اسي فٽ جا هئا. پاڻيءَ جا هي اڀار نه لهريون هيون، نه ويريون: انسان پاڻيءَ جا اهڙا اڀار ڪڏهن به ڪين ڏٺا هوندا.

        اهي پاڻيءَ جا سيلاب هئا – ديو قامت سيلاب، ۽ بس! سيلاب، جيڪي اسي فٽ اوچا هئا. اسي! اسي کان به وڌيڪ. پاڻيءَ جون هي ديون جهڙيون ڇوليون اسان جي سڙهن مٿان وري  ٿي آيون – ڄڻ ته نشي ۾ هيون. ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن طرح اچي ٿي ڪريون. اهي هڪ ٻئي سان وڙهي رهيون هيون، هڪ ٻئي سان نهايت زور سان اچي ٿي ٽڪريون. اهي نهايت تيزيءَ سان وڌي يا ته هڪ ٻئي سان زور سان اچي ٿي ٽڪريون، يا ته ٽڪر جي هڪ ئي وقت هزارن آبشارن جي صورت ۾ ميلن ۾ ڦهلجي ٿي ويون. اهڙي قسم جو غضبناڪ سمنڊ ۽ طوفان جو محور ڪنهن جي خواب ۾ به نه آيو هوندو. هنگامه در هنگامه جو مثال هو. آپيشاهي ۽ افراتفريءَ جو عالم هو. ڄڻ ته ديواني سمنڊ جي پاڻيءَ جي هيءَ هڪ دوزخي کڏ هئي.

        ’پيٽيٽ جين‘؟ مون کي ڪا خبر ڪانهي. ”ڪافر“ به مون کي ڪجهه وقت کان پوءِ ٻڌايو ته هن کي به ڪا خبر ڪانه هئي. جهاز ڀڄي ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، ڏري ۽ ڌونڌاڙجي پرزا پرزا ٿي ويو، سٽجي ٻورو ٿي ويو، ۽ نيست و نابود ٿي ويو. جڏهن آءٌ هوش ۾ آيس، تڏهن آءٌ پاڻيءَ ۾ هوس، ۽ پاڻهي پاڻ بنا ارادي تري رهيو هوس؛ آءٌ اڌ ٻڏو ته ٿي چڪو هوس. آءٌ اتي ڪيئن پهتس، سو مون کي به ياد ڪونه ٿو پوي. ايترو ياد پويم ٿو ته مون ”پيٽيٽ جين“ جهاز جا پرزا اڏامندا ڏٺا هئا، ۽ شايد اِهو اُهو وقت هو، جڏهن ويرين ۽ لهرين جي ڌڪن ڌومن کان منهنجا هوش حواس موڪلائي رهيا هئا. خير، هاڻ ته آءٌ پاڻيءَ ۾ هوس، ۽ موجوده حالتن ۾ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻو هوم، جيتوڻيڪ اميد خير ڪا هيم. هوا وري لڳي رهي هئي، ڇوليون به گهٽ ۽ ڪجهه قاعدي ۾ هيون، ۽ مون سمجهيو ته آءٌ طوفان جي محور مان نڪري آيو آهيان. خوش قسمتيءَ سان آس پاس ڄرڪا وغيره به ڪونه هئا. ڄرڪن جو هڪ ڌڻ جو ڌڻ اچي موت جي ان جهاز جي چوڌاري گڏ ٿيو هو، پر طوفان ٻنهي کي گهڙيءَ ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو هو.

        اٽڪل ٻپهريءَ جو وقت هو، جنهن مهل ’پيٽيٽ جين‘ تباهه ٿيو هو؛ ۽ شايد ان کان ٻه ڪلاڪ کن پوءِ مون کي جهاز جو هڪ ٿلهو تختو هٿ چڙهي ويو. مينهن به گهاٽو وسڻ لڳو هو، ۽ اهو آخري موقعو مليو هوم، انهيءَ تختيءَ جي منڍ تي ٿوري نوڙي به ٻڌل هئي؛ ۽ مون کي پڪ ٿي ويئي ته جيڪڏهن ڄرڪن کان بچي ويس ته ڏينهن اڌ انهيءَ تختي تي ڪڍي وٺندس. ٽي ڪلاڪ يا ان کان به وڌيڪ وقت تختي تي قابو ٿي چهٽو رهيس، ۽ اکيون بند ڪري، پنهنجي ذهن کي رڳو انهيءَ سوچ ۾ مشغول رکيم ته ڪنهن طرح ايتري تازي هوا کائي وٺان، جيڪا ڪجهه وقت تڳائي، ۽ ساڳئي وقت انهيءَ ڪوشش ۾ رهيس ته جئن نڪ وات کي پاڻيءَ کان بچائي، ٻڏڻ کان بچندو رهان. ايتري ۾ مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته ڪي آواز ٻڌڻ ۾ آيم. منهن به بند ٿي ويو هو، ۽ هوا ۽ سنڊ به ماٺا ٿيڻ لڳا هئا. ڏٺم ته مون کان اٽڪل ويهن فٽن جي فاصلي تي، ٻئي هڪ تختي تي ڪپتان اوڊائوز ۽ ”ڪافر“ چهٽا پيا هئا. ٻئي ڄڻا تختي تي قبضي ڄمائڻ جي خيال کان هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا هئا – گهٽ ۾ گهٽ فرينچ ڪپتان کي ته مون وڙهندو ئي ڏٺو.

        مون فرينچ ڪپتان جي دانهن ٻڌي، ۽ ساڳئي وقت ڏٺم ته ڏاڍي زور سان ’ڪناڪا‘ کي هڪ ٿڏو هنيائين. ان وقت ڪپتان جي جسم تي بوٽن کان سواءِ ڪابه پوشاڪ ڪانه بچي هئي، ۽ بوٽ به پاڻيءَ ۾ پسي ڳرا گهيتلا ٿي پيا هئس. ” ڪافر“ کي اهو ڌڪ ڏاڍو ظالمانه هنيو هئائين، جو هن غريب کي اها لت اچي وات ۽ کاڏيءَ جي وچ تي لڳي، ۽ هن جا اڌ حواس خطا ٿي ويا. مون سمجهيو ته هو ضرور بدلو وٺندس، پر هو ماٺ ڪري ڪپتان کان ڏهن ٻارهن فوٽن جي مفاصلي تي اڪيلو ترڻ لڳو. لهرين جي ڪري جيڪڏهن ڪپتان جي ويجهو ٿي اچي ويو، ته هو ٻنهي هٿن سان لڙڪندي، هن کي ٻنهي پيرن سان لتون هڻڻ ٿي لڳو. هر لت هڻڻ مهل، هن ڪناڪا کي ”ڪارو ڪافر“ ٿي سڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org