سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :2

 

نئٿن ائش پولنڊ جي وارسا شهر ۾ 1902ع ۾ ڄائو هو. هو مشهور ناول نويس ’شوليم ائش‘ جو پٽ آهي. تيرهن ورهين جي عمر ۾ آمريڪا آيو؛ تنهن کان اڳ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ سئٽزرلنڊ، جرمني ۽ فرانس ۾ رهيو هو. آمريڪا جي ’سائرا ڪيوز‘ ۽ ’ڪولمبيا‘ يونيورسٽين ۾ تعليم ورتائين. سندس پهريون ڪتاب ”دي آفيس“ 1925ع ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ به ٻيا پنج ڪتاب شايع ٿيا اٿس. انهن کان سواءِ ڪيترائي افسانا پڻ لکيا اٿس. هن وقت سئنفرئنسڪو جي ڀرسان ’مل وٽلي‘ ڪئليفورنيا، ۾ رهي ٿو.

 

 مغربي سمنڊ جي ساحل تي

     

  مسافر لاريءَ ۾ ڏاڍي آرام ۽ فرحت سان ويٺا هئا. لاري هلڻ ۾ هاڻ دير ڪانه هئي. اوچتو سڀني مسافرن جون نگاهون هڪ ئي وقت لاريءَ جي اڏي جي انتظار گاهه ڏانهن کڄي ويون، جتان ”مارج“ ۽ سندس گدلا ٻار لاريءَ ڏانهن وڌي رهيا هئا. سمورا مسافر بي چين ٿي ويا، ۽ منهن ورائي پنهنجي پاسي وارين خالي سِيٽن کي ڏسڻ لڳا. ”مسٽر پرسيل“ ته خاص طور ڏاڍو پريشان ٿي ويو: هو تمام سويري آيو هو، ۽ لاريءَ جي هڪڙيءَ پٺينءَ سيٽ تي اچي ويهي رهيو هو. ان کان اڳينءَ رات کيس ۽ سندس زال کي، اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺندڙ پٽ کان تار پهتي هئي ته هن هڪ اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان تازو شادي ڪئي هئي، جنهن کي هنن ڏٺو به ڪين هو. تار پهچڻ جي وقت کان وٺي هو ٻيئي ڏاڍو پريشان هئا. هاڻي مسٽر پرسيل پنهنجي پٽ ڏانهن وڃي رهيو هو؛ سو جڏهن مارج ۽ سندس ٽن ٻارن کي ڏٺائين، تڏهن اچي انهيءَ ڳڻتيءَ ورايس ته هو اچي سندس ڀرسان ويهندا ۽ هن جي خيالن ۾ رنڊڪ اچي ويندي ۽ جنهن نازڪ مسئلي جي حل تلاش ڪرڻ ۾ هن جو ذهن رڌل هو، تنهن ۾ خلل پئجي ويندو.

        ”مس باما“، جيڪا هن کان ڇهه سيٽون اڳيان ويٺي هئي، سا اڃا تائين اڳينءَ رات واريءَ اعزازي دعوت جي اثر کان تذبذب جي حالت ۾ هئي. اها دعوت کيس سندس پراڻن شاگردن ڏني هئي، جن مان ڪيترا ته هن کي بنهه ياد به ڪونه هئا. هن جي نوڪريءَ تان پينشن تي لهڻ ڪري، سڀئي شاگرد گڏجي، اظهار عقيدت طور کيس سفر جي استعمال لاءِ هڪ صندوق سوکڙيءَ طور پيش ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا. اها شاندار سوکڙي لاريءَ ۾ سندس مٿان سامان جي طاق تي رکي هئي. ٻي هڪ سادي صندوق، لاريءَ جي سامان خاني ۾ رکائي هئائين. اهي ٻه صندوقون، ٽين پاڻ – دنيا ۾ وٽس اهوئي ڪجهه وڃي رهيو هو. اڳينءَ رات، شهر جي ڪيترين ئي زالن ۽ مردن، کلندي مرڪندي، کيس يقين ڏياريو هو ته هنن کي هن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هميشھ هميشھ ياد رهنديون: سندس ڪي خاص جملا ۽ محاورا، جيڪي هوءَ مختلف موقعن تي استعمال ڪندي هئي، ڪلاس ۾ سندس اچ وڃ جو نظارو، سندس بي ڌيانا ۽ بي نياز اشارا – سڀ کين ياد رهندا. هنن کيس اهو به چيو هو ته هو انهن ڳالهين جي ياد کي پنهنجي زندگيءَ ۾ نهايت عزيز رکندا. مس باما ڪلهن کي ٿورو مٿي کنيو. هن کي ڪابه اهڙي ڳالهه ياد نه آئي، جنهن ۾ هن ڪو غير معمولي ڪارنامو سرانجام ڏنو هجي. هوءَ سوچڻ لڳي: جڏهن استاد آخرڪار رٽاير ڪندا آهن، سندن ڪهڙو حال ٿيندو هوندو؟ هن جي ذهن ۾ هڪ جهاز جو خيال آيو، جيڪو سالن جا سال ننڍن ننڍن ڄاتل سڃاتل سمنڊن ۾ سفر ڪندو رهيو هو، ۽ جنهن کي آس پاس جي سمورن ساحلن ۽ سندن ورن وڪڙن جي پوري پوري ڄاڻ هئي؛ پر هاڻ اهو جهاز هڪ وسيع ۽ اڻ ڏٺل سمنڊ ۾ سفر ڪري رهيو هو، ۽ اجنبي، غير واقف ۽ انوکي ماحول ۾ گهيرجي ويو هو.

        ”مسز آرٿرر بيريمئن“ پنهنجي ڌيءُ ”لارا“ سان، اڳيان ئي اڳيان، دروازي جي ڀرواريءَ سيٽ تي ويٺي هئي. هن پنهنجو بهار جي موسم لاءِ ٺهرايل ڪوٽ ڇڪي پنهنجي ڪلهن تي وڌو. ڌيڻس لارا شهر جي ’بئلي‘ ناچ جي هڪ سڪول ۾ وظيفو کٽيو هو، ان جي خوشيءَ ۽ جوش ۾ هن خريدارين جي ڌُم لائي ڏني هئي، ۽ لارا ۽ پنهنجي لاءِ طرح طرح جون رنگارنگي پوشاڪون کڻي خريد ڪيون هئائون. پر ائين ڪرڻ سان مرڳو سندن زندگيءَ جي مستقبل جو پروگرام خطري ۾ پئجي ويو هو. هن کي اها اچي ڳڻتي لڳي هئي ته هن بيوقوفي ڪري پنهنجي معاملي کي پاڻ ئي ڪمزور ڪري ورتو هو. سندس تجويز اها هئي ته پاڻ ۽ لارا، ”آرٿر“ (سندس مڙس) سان ملاقات ڪري، ٻئي وري شهر موٽي اينديون؛ ۽ آرٿر گهر ۾ رهي، ڪمائي، پنهنجي ڌيءَ کي انهيءَ نئينءَ راهه تي قدم رکڻ ۾ گهربل مدد ڏيندو رهندو. لارا ۾ ڪافي صلاحيتون هيون، ۽ کيس موقعو  ضرور ملڻ گهربو هو. اهو سندن مقدس فرض هو ته هو ڪفايت شعاريءَ کان ڪم وٺي، ڪجهه پاسيرو ڪندا وڃن، ۽ قربانيون ڪري پنهنجي ڌيءُ کي هڪ عظيم رقاصه بنجڻ ۾ مدد ڪن. پر جڏهن آرٿر بهار لاءِ خريد ڪيل انهن نفيس نفيس پوشاڪن جي انبار کي ڏسندو، ۽ سندس ذهن جڏهن انهن جي قيمتن جي اندازي لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو، تڏهن هو آرٿر کي قائل ڪهڙيءَ ريت ڪري سگهنديون؟ مسز بيريمئن، مارج ۽ سندس ٻارن کي ايندو ڏٺو، ته دل ئي ڏڪي ويس. ايترا ٻار ۽ سندن اها حالت ضرور ڪنهن شخص جي غير ذميداريءَ جو نتيجو هئي! هوءَ رڙهي لارا کي ويجهي ٿي ويئي، ڄڻ ته لارا کي پناهه ڏيئي رهي هئي، ۽ ڄڻ ته هوءَ لارا ۽ پنهنجي پاڻ کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته هو پاڻ ڪڏهن به اهڙي بيوقوفيءَ جو شڪار نه ٿينديون.

        ”پيٽ ڊئلي“ آخري ڇيڙي تي پنهنجي نرم و گداز سيٽ تي ويٺو هو، پر هن کي محسوس ائين ٿي رهيو هو، ڄڻ ته هو سڄيءَ دنيا جي چوٽيءَ تي چڙهيو ويٺو هو، ۽ سندس ذهن ۾ زندگيءَ ۾ ٻڌل ناچ جي سنگيت جون سموريون طرزون وڄي رهيون هيون. سندس هڪڙو هٿ کيسي ۾ پيل هو، ۽ کيسي ۾ پيل پنهنجي هيڪلي سڀاڳي چانديءَ جي ڊالر کي مضبوطيءَ سان جهليو ويٺو هو؛ سندس هٿ جي پٺ هڪڙي گول ويڙهي کي پئي ڇُهيو، جنهن ۾ ڏيڍ سئو ڊالرن جا نوٽ ويڙهيل هئا. جڏهن پيٽ، مارج ۽ سندس ٻارڙن کي لاريءَ جي اڏي جي ايوان وٽان ايندو ڏٺو، تڏهن گهڙيءَ لاءِ سندس سنگيت خاموش ٿي ويو، ۽ پنهنجو واندو هٿ ورائي کڻي ڀرواريءَ خالي سيٽ تي رکيائين. اڳينءَ رات هڪ شرابخاني جي پٺئين ڪمري ۾ ڇڪي جي جوا پئي هلي؛ هو به راند ڏسڻ لا بيهي رهيو هو. هِن وقت، هن وٽ نه فقط نوٽن جو ويڙهو هو...، بلڪ لاريءَ جي ٽڪيٽ به خريد ڪري چڪو هو. هن ڏاڍيءَ آس منجهان انتظار گاهه ڏانهن پئي نهاريو. هن اهو پئي سوچيو ته ڪا خوبصورت جوانڙي اڌ اگهاڙين ٽنگن سان لچڪندي مٽڪندي بس ۾ داخل ٿيندي – ڪا اهڙي جوانڙي، جنهن لاءِ هو پنهنجي نوٽن جي ويڙهي کي کولڻ لڳندو، ۽ جنهن لاءِ هن پنهنجي لڳو لڳ ڀرواري سيٽ روڪي ڇڏي هئي.

        ”مسٽر هو ريس ڪواءِ“، جيڪو پنهنجي ٻن تجارتي سامان سان ڀريل صندوقڙين سان، لاريءَ جي وچئين رستي جي سامهون واريءَ سيٽ تي ويٺو هو، سو پنهنجي ليکي جي ڪتابڙيءَ ۾ ڪي انگ اکر لکي رهيو هو. بي خياليءَ منجهان ٻاهر نهاريائين، ۽ مارج تي نظر پيس. هن جو نظرون مارج جي مُرين کي تڪڻ لڳيون، ۽ اهو ڏسي ذرا ارمان ٿيس ته هن کي سندس ڪارخاني جي ڇاپ وارا جوراب پيل ڪين هئا.

        ”ورجينا گووئنس“ پيٽ ڊئلي ڏانهن گهوري رهي هئي، ۽ سندس نظر تيسين مارج ۽ سندس ٻارن تي ڪانه پئي، جيسين هو لاريءَ اندر نه اچي سهڙيا. ورجينيا، ڊرائيور جي پٺيان سيٽ اچي والاري هئي، ۽ اها اميد هيس ته ڊرائيور سان گفتگو شروع ڪندي. پر هيڏانهن هوڏانهن لوڻي ڦيرائڻ کان پوءِ سندس نظر وڃي پيٽ ڊئلي تي پئي، جيڪو ’ٽيڏو – پسي – ٽي‘ وارين نظرن سان کيس تڪي رهيو هو؛ ۽ هن کي هاڻ ارمان ٿيڻ لڳو ته هن اجايو ڊرائيور تي قسمت آزمائي ڪئي.

        جنهن وقت هيءُ ننڍڙو ڪٽنب لاريءَ ۾ چڙهڻ لاءِ پهتو، ان وقت لاريءَ ۾ اڃا ٻيا به ڪجهه مسافر ويٺل هئا. هڪڙي ته ”مسز فريزر“ هئي، جنهن وٽ ايتريون ته هڙون هيون، جو کيس اها ڳڻتي ئي ڪانه هئي ته ڪو سندس ڀرواري سيٽ اچي والاريندو. ٻي ”مس ٽيٽ“ هئي، جا غلطيءَ کان هن لاريءَ ۾ چڙهي پئي هئي، ۽ جنهن کي، لاري هلڻ کان اڳ ڊرائيور لاهي ڇڏڻ وارو هو.

        مارج ۽ سندس ٻار – ”جوئِي“، ”جيروسلم بيلي“ ۽ ننڍڙو ڪڪو – اچي بس ۾ چڙهيا. بهار جي هن سرد ڏينهن تي، مارج کي ڏينهن جا پراڻا ۽ ڦاٽل ڪپڙا پيل هئا – ڦاٽل جوراب، ميرا گهنجهيل سوٽي ڪپڙا، مٿو اگهاڙو. ننڍڙو ڪڪو ڪڇ تي هوس. جوئي ۽ جيروسلم بيليءَ جا پير اگهاڙا هئا. جوئِيءَ کي چتين لڳل پتلون پئي هئي، ۽ مٿي تي ڪکن جو هڪ پراڻو ڇنل ٽوپلو هوس. جيروسلم بيليءَ کي هڪ ڊگهو چولو پيل هو، ۽ ڀورن وارن ۾ چهچ ڳاڙهي رنگ جي ربين ٻڌي پئي هيس. جڏهن هي ننڍڙو ڪٽنب لاريءَ کان ڏهن فوٽن جي فاصلي تي هو، ته ٻئي وڏا ٻار ڊڪ پائي، ٽپ ڏيئي، لاريءَ اندر چڙهي آيا. پهريائين جيروسلم بيلي چڙهي – لاريءَ جي وچئين رستي تان اڇل ڏيئي، دريءَ جي ڀرسان، هڪ سيٽ خالي ڏسي ويهي رهي. جوئِي به سندس ڀر ۾ ويهي رهيو، ۽ بلند آواز ۾ چوندو پئي آيو ”اهڙي خار ٿي اچيم، ڀانءِ ته خون ڪري ڇڏيانءِ.“

        لاري شاهراه تي اهڙيءَ طرح هلي رهي هئي، ڄڻ ته ڪو جهاز سمنڊ جهاڳي رهيو هو، ۽ رستي جي ٽڪرن ۽ ٽيلن تان سمنڊ جي لهرن وانگر ڪڏهن مٿي ٿي چڙهي ته ڪڏهن هيٺ ٿي لٿي. اندران، لاري مختلف چيزن سان ڏٽي پئي هئي: پهرين ته سائي رنگ جي بخملي سيٽن جون قطارون هيون، جن مان هر هڪ سيت جي مٿان مٿي ٽيڪڻ لاءِ اڇي رنگ جي ٽيڪ به ٺهيل هئي؛ لاريءَ جي وچئين رستي تي هلڻ وقت پاڻ کي لوڏن کان بچائڻ لاءِ هٿيا لڳل هئا؛ پردا، بتيون، ڊرائيور جي ڌيان ڇڪائڻ ۽ چتاء ڏيڻ لاءِ نوڙيون، اوچتي جهٽڪي کان بچڻ لاءِ چمڙي جون پٽيون به موجود هيون؛ مسافرن لاءِ عام اطلاع، اشتهار، باهه وسائڻ جي چمڪندڙ مشين، پاڻي ٿڌي ڪرڻ جو ڊم - ۽ ٻيون به ڪيتريون شيون ڀريون پيون هيون. لاريءَ جي مهڙ ۾ لڳل آرسيءَ ۾ اندرين شين جو عڪس پوڻ ڪري لاري ٻيڻي ڀريل ٿي نظر آئي. هر گهڙيءَ بدلجندڙ ٻاهرئين نظاري به لاريءَ جي انهيءَ ڀيڙ کي وڌيڪ نمايان ٿي ڪيو – ٽيليگراف جا ٿنڀا ۽ تارون، گهر، ٻنيون، تيل وجهائڻ جون جايون، ۽ رستي ۾ ايندڙ ڳوٺڙا – سڀ تيزيءَ سان پويان ڀڄندا ٿي ويا.

        ڊرائيور، ”چارلي فئريل“ (ڪمپني نمبر پهريون – هڪ ڀيرو ڪمپنيءَ کان تنبيهي چتاءُ به ملي چڪو هوس، شادي ڪيل هئس ۽ هڪڙو ٻار به هئس)، - پنهنجي پويان طاق تي نظر ڪئي، جتي ڪڪڙ جي آنن جا ٽي درجن رکيا هئائين؛ پوءِ هڪڙو هٿ ’اسٽرنگ‘ تان کڻي پنهنجي ’ٽاءِ‘ جي ڳنڍ تي ڦيرڻ لڳو ته واقعي ٺيڪ ٻڌل هئي يا نه. گهڙيءَ کان پوءِ سندس نظر آرسيءَ تي پئي، ۽ لاريءَ ۾ موجود مسافرن جي ويهڻ جي ترتيب معلوم ڪري ورتائين. پوءِ رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ ’ايڪسيليٽر‘ تي پير سان زور ڏنائين، ۽ لاريءَ هيٺان شاهراه وڌيڪ تيزيءَ سان پوئتي ڊوڙڻ لڳي. رفتار تيز ٿيڻ ڪري سندس ٽنگ ۾ به هلڪي لرزش اچي ويئي. هن وري آرسيءَ مان هڪ مسافر تي نگاهه وڌي، جنهن جا ڪارا ڪارا وار سندس اکين تي وري آيا هئا؛ ۽ پڪ ٿيس ته هن ائين ئي ويٺي پنڪيون کاڌيون، ۽ کيسي ۾ لڪايل شراب جي بوتل مان ڍڪ ڀرڻ جي ڪوشش ڪانه ٿي ڪيائين. چارليءَ پنهنجي پٺيان ٿوري چرپر محسوس ڪئي، ۽ اهو خيال ٿيس ته سندس پويان ويٺل عورت اجها ٿي مٿس سوالن جي وارو وار شروع ڪري. هن پنهنجي ڪلهن کي اڳيان جهٽڪو ڏنو، ۽ ’اسٽيرنگ‘ تي جهڪي ويو.

        مسٽر پرسيل جي ڀرواري سيٽ خالي رهجي ويئي هئي. تصور ئي تصور ۾، هو پنهنجي پٽ جي مٿان بيٺو هو، آڱر سان پٽ جي چِٽيل ڏکيل ۽ شوخ وشنگ ڪنوار ڏانهن اشارو ڪندي چئي رهيو هو – ”پنهنجي ماءُ جو ته ڪجهه خيال ڪرين ها، جا روئي روئي ماندي ٿي ويئي آهي!“ مس باما جون اکيون بند هيون. هوءَ ”ڊاڪٽر ڪائولي“ جا حيرت ڀريا لفظ ٻڌي رهي هئي – ”تون ته بنهه چري ۽ ديواني ٿي پئي آهين. حيرت آهي، تو پنهنجي عمر جا سٺ ورهيه ته ڏاڍي عقلمندي ۽ سمجهداريءَ سان گذاريا آهن. هاڻ توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“ پيٽ ڊئلي کي اوچتو محسوس ٿيو ته کيس بک لڳي هئي: خوشيءَ جي زعم ۾، نوٽن جي ويڙهي کي کولي، کاڌي جي ڪا شي به خريد نه ڪئي هئائين. ورجينيا گووئنس ڊرائيور کان پڇڻ واري هئي ته سڄو ڏينهن لاري هلائڻ ڪري هو ٿڪجي ته ضرور پوندو هوندو؛ پر ايتري ۾ پويان پيٽ ڊئلي جو ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيس. هن ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو، ۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ پنهنجي ڪنڌ کي پٺيان سٽ ڏيئي سڌي ٿي ويهي رهي. پيٽ ڊئلي کيس اک ڀڳي هئي. جيروسلم بيلي پنهنجو نڪ دريءَ جي ٿڌي شيشي سان لڳائي، رستي جا وڻ ڳڻي رهي هئي – ”هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنجن، ڇهه.... ست“ پر لاريءَ جي تيزيءَ ۾ سڀ اکين اڳيان گم ٿي ٿي ويس. هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي ته جوئِي مٿس ليٽندو ٿي آيو. هن سندس جسم جو بوجهه محسوس ڪيو ۽ ڌڪو ڏيئي کيس پاڻ کان پري ڪري ڇڏيائين. پوءِ سيٽ جي بخمل جي پوري اڌ تي، جوئِي ۽ پنهنجي وچ ۾ هٿ رکي، جوئِيءَ کي چيائين: ”هي اڌ منهنجو، اهو اڌ تنهنجو: هاڻ هيڏانهن سري نه اچجانءِ! هن ليڪ جي هن پاسي وارو حصو منهنجو آهي.“

        جوئِي ۽ جيروسلم بيليءَ واري ساڳيءَ سيٽ تي مارج پنهنجي ڪڪي کي کنيو ويٺي هئي. ننڍڙو ٻالڪ ماءُ جي هنج ۾ ڏاڍيءَ فرحت سان آرام ڪري رهيو هو: ٻنهي جون نظرون، برف جهڙن اڇن وارن واريءَ ٻڍڙيءَ عورت کي گهوري رهيون هيون. مس باما پنهنجون اکيون کوليون، ۽ مارج ۽ ڪڪي کي ڏسي مرڪڻ لڳي. پوءِ مارج کان پڇڻ لڳي، ”تنهنجو ڪڪو ڪافي ڀريل ٿو ڀانئجي؟“ مارج ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي. ”ڏاڍو همت ڀريو ٻالڪ آهي!“ مس باما وري چيو.

        مسز بيريمئن ته بنفس نفيس ميٽرو پوليٽن اوپيرا هائوس (ناچ گهر) جي ڪمري ۾ بيٺي هئي، جتان مڪمل ’آرڪيسٽرا‘ جي سنگيت جون لهرون سندس ڪنن ۾ گونجي رهيون هيون. هن جي ڏڪندڙ هٿن ۾ هڪ ريشمي چادر هئي؛ ۽ جڏهن اپسرائن جهڙي لارا رقص ڪندي اسٽيج تي ترندي ترڪندي ٿي ويئي، تڏهن سندس دل اضطراب کان لرزي رهي هئي. مسز بيريمئن زور سان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻڻ لڳي. آرٿر کان دور رهڻ ۾ هن لاءِ ڪا خوشي ڪانه هئي، اها ته پاڻ هن لاءِ هڪ قرباني هئي. ائين سوچيندي، هوءَ انهيءَ ڪاوڙ ڏياريندڙ آواز کي وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، جيڪو آرٿر پنهنجو گلو صاف ڪرڻ مهل ڪڍندو هو. هن کي ياد آيو ته منجهند جو جڏهن گهر جي اڱڻ ۾ هوءَ آرٿر جي قدمن جو آواز ٻڌندي هئي، تڏهن هوءَ پنهنجي پاڻ کي ڪيترو نه ٿڪل ۽ بيزار محسوس ڪندي هئي. هن بيچين ٿي لارا تي هڪ نظر وڌي، ۽ چيائين ”مٺڙي، ’چيوئنگ گم‘ کائيندينءَ؟“ لارا ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي.

        مسٽر پرسيل سختيءَ سان پٽ کي چئي رهيو هو: ”آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻي، جڏهن تو منهنجي ڪلهن تان پنهنجي سنڀالڻ جو بار لاهي ڇڏيو آهي، تڏهن تو پنهنجي لاءِ ضرور ڪا نوڪري چاڪري تلاش ڪئي هوندي.“ مسٽر ڪواءِ پنهنجي تجارتي سامان جي صندوقڙين ڏي نظر ڪئي، ۽ دل ئي دل ۾ اهو فيصلو ڪيائين ته هيڏي ساري ڌنڌي تي ويندي، جيڪڏهن لاريءَ جي اڏي تائين ٽئڪسي ڪري اچي ها، تڏهن به هو حق بجانب هو. پوءِ پنهنجي ڪتابڙيءَ ۾ ان جي عيوض پنجاسي سينٽن جو انگ داخل ڪيائين، ۽ ان سان گڏ پنڌرهن سينٽ بخشيش جا به ليکي ۾ چاڙهي ڇڏيائين. پيٽ ڊئلي ٻيهر ويچارڻ لڳو؛ ’گوشت جي چاپ بصرن ۾ نه، پر کُنڀين سان ترسيل هوندي.‘

        مس باما، مارج جي اڳيان سميٽ تي جهڪيل سندس ٻن وڏن ٻارن کي ڏسڻ لڳي. ٻنهي پنهنجا ڪنڌ هن ڏانهن ورايا. ننڍڙي ڇوڪريءَ بنا هٻڪ جي چئي ڏنو: ”اڄ صبح جو اسان نيرن به ڪانه ڪئي!“

        ”هان!“ مس باما حيرت مان چيو.

        جيروسلم بيلي ۽ جوئِي ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي. مارج به پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. ڪڪو ٻاراڻي فطرت جي خلاف خاموش هو.

        ورجينيا گووئنس ٿورو اڳيان جهڪي آئي؛ ڊرائيور کي پٺيان ئي چوڻ لڳي، ”لاريءَ ۾ پويان به ايترائي لوڏا ۽ جهوٻا ايندا، جهڙا هت ٿا اچن؟“ چارليءَ جواب ڏنو، ’ڳالهه ته ساڳي ٿيندي.‘

        ورجينيا ’کِي کِي‘ ڪري کلڻ لڳي. ”ٻڌ، آءٌ به ڏاڍي عجيب آهيان“، هوءَ چوڻ لڳي، ”هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو آءٌ ڪنهن لاريءَ ۾ چڙهي آهيان. منهنجي سموري بدن ۾ عجيب لرزش پئي ٿئي!“

        لاري هڪ واديءَ ۾ لهڻ لڳي. هڪ نديءَ وٽ پل ٽپي ان کي وري مٿي چڙهڻو پيو، ۽ مٿي چڙهڻ وقت ’گهر گهر گهر‘ جو آواز ڪري، زور لڳائي مٿي چڙهڻ لڳي. چارليءَ جيئن ئي ’گيئر‘ مٽايا، تيئن آواز جهڪو ٿي ويو، ۽ پوءِ پهرين ٿوري، پوءِ گهڻي شور سان لاري چوٽيءَ تي چڙهڻ لڳي. چوٽيءَ تي پهتي، ۽ گهڙيءَ لاءِ هيٺ سرسبز کيتن ۽ ڳوٺن جو نظارو ڏسي هيٺ لهڻ لڳي. اندر ويٺل مسافرن جا ڪنڌ به جهڪي ويا.

        اڳيان، هڪ تختي تي، ”’جو‘ جو پڪل گوشت“ لکيل نشان آيو، ۽ لاري ان جي سامهون اچي بيهي رهي. چارليءَ اندرئين کيسي منجهان سگريٽ ڪڍي، دروازي جي هٿئي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، ۽ پنهنجي سيٽ ۽ اسٽيرنگ جي چڪري جي وچ ۾ اٿي بيٺو، ۽ چيائين؛ ”ڏهه منٽ آرام ڪريو. اندر زالن لاءِ ضرورت جو جدا ڪمرو آهي. ٻئي پاسي مردن لاءِ ڪمرو آهي. “ سگريٽ چپن ۾ رکي ، هن مس باما کي هيٺ لهڻ ۾ مدد ڪئي. مس باما سندس شڪريو ادا ڪيو، ۽ سامهون جاءِ جي ڀڳل دروازي منجهان، انهيءَ بوسيده عمارت ۾ داخل ٿي. هڪڙو ماڻهو ’ڪافيءَ‘ جي ڪٽليءَ ۾ ٽهڪندڙ پاڻي وجهي رهيو هو. ان کان پڇيائين ته ”اوهان وٽ کير هوندو؟“

        ماڻهوءَ پنهنجو ڪنڌ ورايو – “پڪ ڪانه اٿم، پر شايد هوندو!“

        مس باما چيو، ”مون کي چار چاڪليٽ جون لٺيون گهرجن، ۽ ڪجهه مٺائيءَ جون ٽڪيون به گهرجن.“

        دروازو وري چيچاٽ ڪري کليو، ۽ پيٽ ڊئلي اندر داخل ٿيو. ”کاڌي پيتي لاءِ اوهان وٽ ڇا ملندو؟“ هن پڇيو.

        ”کاڌي پيتي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪين اٿئون“؛ ماڻهوءَ جواب ڏنو، ”’ڪافي، آهي، مٺيون ٽڪيون آهن - ۽ سگريٽ آهن.“

        ”ٻاهر جو لکيو پيو آهي ’پڪل گوشت‘؛ ڇا انهيءَ جو مطلب اهو ڪونهي ته کائڻ لاءِ اوهان وٽ ٻيو ڪجهه به ملي سگهندو؟“

        ماڻهوءَ کير ڏسڻ لاءِ پنهنجو منهن کڻي برف جي پيتيءَ ۾ وڌو، سو جواب ئي ڪين ڏنائين.

        لاريءَ ۾، چارليءَ ورجينيا گووئنس کي ٻه ٽي سيٽون پٺيان هٽائي وهاريو، ۽ مسز بيريمئن ۽ لارا ٻنهي کي عجيب نظرن سان ڏسي رهيون هيون. ورجينيا حد کان زياده غرور ۽ شان جو مظاهرو ڪري رهي هئي. جئن ئي سندن ڀرسان لنگهي، چوڻ لڳي، ”ڇوڪريءَ کي ٿيلهو ته ڪونه آيو؟ ڀلائي ڪري معاف ڪجو.“ مسز بيريمئن ۽ لارا ڪجهه به ڪين چيو، ۽ چپ چاپ ويٺيون رهيون.

        مسز فريزر، پنهنجي جهجهين هڙن تي جهڪندي ڊرائيور کي سڏ ڪيو، ”او ڊرائيور، ڀلائي ڪري هي ته مٿي طاق تي رکي ڏينم.“

        ”بلاشڪ!“ ائين چئي، چارليءَ ورجينيا جي پيتيءَ کي ائين ئي وچ واري رستي تي ڇڏي ڏنو، ۽ مسز فريزر جون هڙون چڱيءَ طرح طاق تي رکي، لاريءَ کان هيٺ لهي ويو. ورجينيا، پيٽ ڊئليءَ کي لاريءَ ۾ چڙهندو ڏٺو. پنهنجي پيتيءَ جي ڪڙي ۾ هٿ وجهي، وري ڇڏي ڏنائين. پيتيءَ ۾ چڱو وزن هو، ۽ هوءَ ويچاري ٿي بيهي رهي، ۽ پيٽ ڊئليءَ ڏانهن نهارڻ لڳي. پيٽ ڊئلي اچي سندس ڀرسان بيٺو، ۽ پڇيائينس، ”چئين ته آءٌ پيتي طاق تي رکي ڏيانءِ؟“

        ”مهرباني، تون ته ڪو ڏاڍو ڀلو ماڻهو ٿو نظر اچين!“ هن چيو. پيٽ پيتي کڻي طاق تي رکي، ۽ وچئين رستي تان ٿيندو، پنهنجي سيٽ تي ويهڻ لاءِ اڳتي وڌيو. سندس ڀرواريءَ سيٽ تي هوءَ اڳي ئي وڃي ويهي رهي هئي.

        ”آءٌ هميشھ چوندي آهيان ته ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن تي نظر پوڻ سان چئي سگهبو آهي ته هي ماڻهو ڀروسي ۽ اعتماد جوڳا آهن“.... هوءَ چوڻ لڳي. پيٽ ٻڌڻ کان نٽائڻ لڳو، ۽ پنهنجي پاڻ کي دريءَ ڏانهن کسڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين.

        چارلي لاريءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ سڏ ڪري چيائين: ”سڀ مسافر چڙهيل آهن، يا اڃا ڪو پٺتي آهي؟“ مس باما جي هٿن ۾ ڪاغذ جا ٻه پڙا هئا، تنهن کي سهارو ڏيئي ڏاڪن کان مٿي چاڙهيائين، ۽ جيسين هوءَ ويهي نه رهي، تيسين بيٺو رهيو، پوءِ وڌي پنهنجي سيٽ تي وڃي ويٺو، ۽ دروازو بند ڪري، لاريءَ کي چالو ڪيائين.

        مسٽر پرسيل مرڪڻ لڳو – ”مون کي پڪ هئي، تون ضرور منهنجي خيالن جي تائيد ڪندين،“ هو چوڻ لڳو. هو پنهنجي پٽ کي انهيءَ عورت کان دور وٺي ويو هو، ۽ هاڻ هو هن سان خلاصو ڳالهائي ٿي سگهيو. ”ڪي ماڻهو پنهنجي اولاد سان ڪين ٺهندا آهن، پر تنهنجي ماءُ ۽ مون توسان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه تڪرار نه ڪيو آهي. اسين ٻئي گڏجي واپس هلنداسون، ۽ اسان کي ڏسي هوءَ عجب ۾ پئجي ويندي: هن کي تنهنجي ڏاڍي ڳڻتي ٿي پيئي آهي.“

        مسز بيريمئن لارا کي چئي رهي هئي: ”ياد رک ته اتي ڳالهائينديس رڳو آءٌ. تون هڪڙو اکر به نه ڪڇجانءِ!“

        مس باما پنهنجي هڪڙي پڙي مان چار ڪاغذ جا ننڍا گلاس ڪڍيا، ۽ کير جي شيشي جو ٻوچ کوليائين. ”پهريائين ننڍڙي ڪڪي کي ملندو،“ هن چيو؛ ”هو ننڍڙو چوزو آهي، ائين نه؟“ مارج ڪنڌ لوڏي ’هائو‘ ڪئي. ٻالڪ مس باما کي ڏسڻ لڳو، سندس چهرو جذبات کان عاري هو، رڳو سندس چپڙا حرڪت ڪري رهيا هئا. جڏهن گلاس جو ڪنو چپن تائين پهتس، تڏهن اکيون پورجي ويس، - پر وات چُرندو رهيس.

        چارليءَ جي پٺيان سيٽ تي ڪوئي ويٺل ڪونه هو، ان ڪري هن پنهنجي ڪلهن کي پويان ڍرڪائي ڇڏيو، ۽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ اڌ ليٽي پيو. هن آرسيءَ تي نظر وڌي، ۽ مرڪڻ لڳو. نخريليءَ نينگر يقيناً پنهنجي ڏانو جي ماڻهن کي جهٽ ٿي سڃاتو. هاڻ هن هڪ دل ڦينڪ جوان کي وڃي ڦاسايو هو، جيڪو پنهنجي سيٽ جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪرونڊڙو ٿيو ويٺو هو، ۽ هوءَ کيس پنهنجا ڪرتب ڏيکاري رهي هئي.

        مس باما ٻن وڏن ٻارن کي چاڪليٽ آڇڻ لڳي. ٻارڙا وٺڻ کان ٿورو هٻڪڻ لڳا. ”اچي، هان وٺو –“ مس باما زور ڀرين. ننڍڙا ننڍڙا هٿ آهستي آهستي اڳتي وڌيا، ۽ پوءِ مس باما جي هٿ مان چاڪليٽ کسي ورتائون.

        ٻار سيٽ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيا. سندن اگهاڙا پير سيٽ هيٺان وريا پيا هئا. سندن ڪنڌ جهڪيل هئا، ۽ چاڪليٽن تان چانديءَ جهڙي پنِي لاهڻ لڳا. ”تون هي ٽڪيون کائيندينءَ؟“ مس باما مارج کان پڇڻ لڳي.

        ورجينيا گووئنس چئي رهي هئي: ”آءٌ به ڏاڍي عجيب آهيان. ڪو ماڻهو ڇا ٿو ڪري، مون کي ان سان ڪو تعلق ڪونهي. منهنجي دل کي جي ڪو ماڻهو وڻندو آهي، ته بس؛ پوءِ آءٌ کيس هڪدم پسند ڪرڻ لڳندي آهيان. آءٌ ٻين ڇوڪرين جهڙي ڪانه آهيان: اهي ته تيسين توکي ڪو موقعو ئي ڪونه ڏينديون، جيسين کين پوريءَ طرح خبر نه پوي ته تو وٽ آهي ڇا؟“

        مسٽر پرسيل جي مرڪ جهڪي ٿي ويئي. کيسي مان واچ ڪڍي وقت ڏٺائين، ۽ وري کيسي ۾ رکي ڇڏيائين. پوءِ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو: سندس نظرون انهيءَ علائقي جو سفر ڪري رهيون هيون، جتي کيس وڃڻو هو. سندس چهري تي ڪجهه گَهريون ليڪون ظاهر ٿيون – ”چڱو ڀلا، جوان پٽ“، هو چوڻ لڳو، ”تو پنهنجي بستري کي تيار ڪري ڇڏيو آهي، ته پوءِ ڀل وڃي سمهي پئو!“

        ”بس،“ مس باما ٻنهي وڏن ٻارن کي چئي رهي هئي، ”هاڻ اوهان کي کائڻ لاءِ ڪجهه به نه ملندو. گهڙي کن ترسو: خالي پيٽ سان ايترو گهڻو کائڻ نه گهرجي.  کير پيئندو؟“ ٻارن ڪنڌ سان ناڪار ڪئي. سندن اکيون مس باما جي منهن تي نه، پر سندس هٿن ۽ ڪاغذ جي پڙي تي هيون. چپڙي ڪري، کيس پڙي ۾ ڪجهه ڳوليندي، ۽ چاڪليٽ ٻاهر ڪڍندي ڏسندا رهيا.

        لارا پنهنجي زبان ٻاهر ڪڍي، چپن کي آلو ڪرڻ لڳي. چيائين، ”اما!“

        ”چئه، مٺڙي.“

        ”مسٽر برنس ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي.“

        مسز بيريمئن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته ڪا ٿڌي شي اچي سندس جسم سان لڳي هئي. هن ڪنڌ هيٺ ڪري لارا جي اکين ۾ نهارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لارا جو نئون ٽوپلو سندس اکين کي آڏو ڏيو لڪايو بيٺو هو.

        ”جڏهن اسين شهر موٽي اينديونسين، تڏهن اسان کي ملڻ ايندو؟“ لارا پڇيو.

        مسز بيريمئن گهڙي ترسي چيو، ”منهنجو خيال آهي ته هو ضرور ايندو.“

        ”ڀلا هو اسان کي رهڻ لاءِ گهر هٿ ڪري ڏيندو؟“

        مسز بيريمئن ڪجهه گهڙين لاءِ لارا جي سنهڙن ڪلهن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ خود پنهنجي خاموشيءَ کان وحشت زده ٿي چوڻ لڳي، ”شايد وٺي ڏيندو.“

        لاري ڄڻ ته ڪنهن سنگيت جي لهرن تي لهرا ڏيئي هلي رهي هئي.

        ”لاريءَ کي بيهاريو!“ جوئِيءَ رڙ ڪئي. سڀني جا ڪنڌ هڪ جهٽڪي سان هن ڏانهن مُڙي آيا. ”لاري بيهاريو – بيهاريو!“ چارليءَ ’اسٽيرنگ‘ کي ڦيرائي، لاري رستي جي ڪناري تي بيهاري ڇڏي، ۽ پاڻ ڇوڪري ڏانهن وڌيو. مس باما اڳي ئي ڇوڪري تي جهڪيل هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org