ٻلين جو بادشاهه
از – اسٽيفن ونسينٽ بنيٽ مترجم – رباني
---------
The King of the Cats
By
Stephen Vincent Benet
Published by permission of Brandt and
Brandt,New York.
اسٽيفن بنيٽ (1898 - 1943). اڻ مندائتي موتَ، جو جنگ جي
پروپئگنڊا جي اڻ کٽ ڪم لاءِ اورچائي سان ڪيل موثر
محنت جو نتيجو هو، اسان جي دور جي هڪ نامياري
جمهوريت پسند اديب جي زندگي ختم ڪري ڇڏي. اسٽيفن ۽
ڀاڻس وليم روز بنيٽ، اديبن ۽ فوجين جي هڪ ڊگهي
سلسلي منجهان آهن. هو بيٿلهم، پنسلوينيا ۾ ڄائو،
”ييل“ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ ٿيو، ۽ پوءِ
”ساربون“ (فرانس) ۾ داخل ٿيو، جتي مسز بنيٽ سان
ملاقات ٿيس، ۽ جوش جذبي سان لکڻ شروع ڪيائين.
1929ع ۾، کيس ”جان برائونس باڊي“ لاءِ، ”پلزر جو
شاعريءَ واسطي انعام“ – مليو. ساڳئي ئي انعام جو،
ٻيهر 1944ع ۾ آمريڪا، جي ترقيءَ تي سندس لکيل
شاهڪار، ”ويسٽرن اسٽار“، لاءِ اعلان ٿيو. ”ويسٽرن
اسٽار“ سندن موت کان پوءِ، 1943ع ۾ ڇپيو. سندس ٻه
ناول ”بگننس آف وزڊم“ ۽ ”اسپئنش بايونيٽ“ ايترو
ڪامياب ڪين ويا، پر سندس مختصر افسانا سندس
شاعريءَ سان گڏ زنده رهندا. منجهانئن هڪ، ”دي
ڊيول، ائنڊ ڊينيل ويسٽر“، فلمايو به ويو هو، ۽
آمريڪي لوڪ ثقافت جي بهترين مظهر – ”گرانڊ آپرا“
وسيلي به پيش ٿيو.
مس ڪلورين ٿڌو ساهه ڀري چيو، ”پر مَنَ! تون ائين ته نٿي چئين ته
........ ته هن کي سچ پچ هڪڙو پڇ آهي.“
”بلڪل، بلڪل،“ ’مسز ڊنگل‘ ڪنڌ ڌوڻي چيو. ”پنهنجي اکين
سان ڏٺو اٿم. ٻه ڀيرا. هڪ ڀيري پئرس ۾، ۽ ٻئي ڀيري
روم ۾، جتي هو وڏي شان سان پيش ٿيو هو. اسان شاهي
باڪس ۾ ويٺا هئاسين، هن ’آرڪيسٽرا’ (سازينه) جي
مهنداري پئي ڪئي. مان ٿي چوان ته تو سڄيءَ عمر ۾
اهڙي عمدي وڄت نه ٻڌي هوندي!... ۽ منهنجي مٺڙي،“
هن ٿورو رڪجي، آهستي چيو، ”هدايتڪاريءَ جا اشارا
اُنهيءَ سان ئي ٿي ڪيائين!“
مسز ڪلورين اشتياق مان چيو، ”ڏاڍي عجب جي ڳالهه چئبي!
ڇا چئجي! هتي اچي، ته دعوت ڪيونس؛ الائي ڪڏهن ٿو
پهچي؟“
”ٻارهينءَ.“ مسز ڊنگل جي اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي؛ چوڻ لڳي
”’نيو سمفنيءَ‘ وارن (جديد موسيقارن) کيس دعوت ڏني
آهي ته واڄي جي ٽن محفلن ۾ سندن مهنداري
ڪري.......... ارادو اٿم ته جڏهن هتي اچي، ته هن
جي کاني جي دعوت ڪريان – توکي به شرڪت جي دعوت
ڏينديس.............. هتي هوندو ته ڏاڍو مشغول، پر
اسان سان هونئن به وعدو ڪيو اٿائين ته جيڪا به
واندڪائي ٿيس، سا اسان سان گڏ گذاريندو.“
”سا ته تنهنجي مهرباني؛ تون سدائين مهربان ميزبان هوندي
آهين، پر پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اسان کي به وارو ڏي. ٿڪجي
نه پئين. ڪجهه ته اسان کي به پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ
گهرجي، هونئن ته ’هئري‘ ۽ مان اکين سان....“ مسز
ڪلورين جڏهن اهي اکر ٿي چيا، ته کيس اها ڳالهه دل
۾ پئي کُکي ته تازو مسز ڊنگل جي دلپسند انگريزي
ناول نگار جو ڪيئن گذريل دفعي خوامخواهه پاڻ مٿو
ئي کائي ويئي هئي.
مسز ڊنگل کان به ڳالهه اڃا نه وسري هئي. چوڻ لڳي، ”من!
اها ته تنهنجي نوازش چئبي، پر اسان ’موسيو
تائيبالت‘..... ڪيئن نالو وڻيئي ٿو نه!.... چون ٿا
ته ’روميو جيوليٽ‘ ڊراما ۾ جيڪو تائيبالت ڪردار
آهي، هي انهيءَ جي ئي اولاد مان آهي، - ان ڪري
’شيڪسپيئر‘ کان چڙ اٿس! ها، سوچيم ٿي ته اسان
موسيو تائيبالت جي خوش مرحبا تي گهڻو کٽراڳ ڪونه
ڪنداسون. بس واڄي جي پهرينءَ محفل کان پوءِ هڪڙي
مختصر ۽ معمولي دعوت.“ ميز جي چوڌاري نهاري چوڻ
لڳي، ”وڏيون دعوتون کيس وڻن ئي ڪونه. بس اها ئي هن
جي اجائي چرڙيائپ!“ ٿورو آهستي کنگهي، وري چوڻ
لڳي، ”ڌارين سان ملندي شرمائبو آهي.“
”پر، چاچي ايملي،“ مسز ڊنگل جي ڀائٽئي ’ٽامي بروڪس‘
چيو، ”مان اڃا اها ڳالهه ڪانه سمجهي ته هن وحشي
تائيبالت کي، ڀولڙن يا ٻين جانورن جيان پڇ آهي!“
مسز ڪلورين تڪڙو ٿي چيو، ”ٽامي! اول ته موسيو تائيبالت
وحشي ناهي..... . هو هڪ وڄت جو وڏو ماهر آهي......
هڪ عظيم موسيقار! يورپ ۾ اهڙو ٻيو هدايتڪار ڪونهي!
۽ تنهن کان پوءِ....“
”کيس“ مسز ڊنگل ڌيرج سان چيو. ”کيس سچ پچ پڇ آهي.
انهيءَ سان ئي هدايتڪاري ڪندو آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي ٽاميءَ جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا. چوڻ لڳو،
”اڙي! پر ايمان سان..... منهنجو مطلب آهي......
خير، چاچي جي تون چوين ٿي، ته پوءِ مون کي اعتبار
اچي ٿو ته کيس ...... پر پوءِ آهي ته ڏاڍي عجيب
ڳالهه..... منهنجو مطلب ته سمجهين ٿي نه
چاچي!....... ڪيئن پروفيسر ’ٽاٽو‘ اوهان جو ڇا
خيال آهي؟“
پروفيسر ٽاٽوءَ پهريائين ته پنهنجي نڙي صاف ڪئي.
”اُنهه“ ڪيائين. ۽ پوءِ پنهنجي ٻنهي هٿن جي آڱرين
جي چوٽين کي گڏي چوڻ لڳو، ”مون کي موسيو تائيبالت
کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي. مون اڄ تائين ته پڇ سان
ڪو ماڻهو ڪونه ڏٺو آهي، ان ڪري ڪجهه گمان ٿو ٿئيم؛
پر تڏهن به.... مثلاً وچئين دور ۾.... پڇ وارن
ماڻهن يا پڇ جهڙي شي رکندڙ ماڻهن بابت چيو ويندو
هو ته اهي موجود آهن؛ ۽ جيستائين اسان تحقيق ڪري
سگهيا آهيون، ته ان زماني ۾ اهو اصل عام عقيدو هو.
ارڙهين صديءَ ۾ ولنديزي سامونڊي ڪپتان، جنهن جي
ڳالهه تي واقعي ڪجهه ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، فارموسا
ٻيٽ ۾ اهڙن ساهوارن جي هڪ جوڙي جو ذڪر ڪيو آهي.
منهنجو خيال آهي ته اهي اڃا تهذيب جي شروعاتي دور
۾ هئا، پر منجهن مذڪور نشانيون بلڪل چٽيون هيون. ۽
1860ع ۾، ڊاڪٽر ’گرم بروڪ‘، انگريز جراح، دعوا ڪئي
هئي ته هن آفريڪا ۾ هڪڙن ٽن ڄڻن جو علاج ڪيو هو،
جن کي ننڍڙا پر چٽا پٽا پڇ هئا. جيتوڻيڪ سندس
انهيءَ دعوا جي ٻئي ڪنهن به تصديق ڪانه ڪئي هئي.
خير، اها ڳالهه ناممڪن ته ناهي – جيتوڻيڪ ان ۾ شڪ
ضرور جاڳي ٿو. ماڻهن ۾ ڄاريءَ وارا ڳنڍيل پير....
يا ڳچيءَ وٽ ٻاهر لٽڪندڙ ڳلڦڙا....... اهي ته عام
آهن. زائد آنڊو ته اسان سڀني کي آهي. بن مانس مان
اسان جي ارتقا جو سلسلو اڃا مڪمل نه ٿيو آهي. باقي
رهيو پڇ جو سوال، سو.....“ ائين چئي، هن ميز جي
چوڌاري نهاريو، ۽ ٿورو آهستي چوڻ لڳو، ”اسان جي
پٺيءَ جي ڪنڊي جون پڇاڙيءَ واريون ريڙهيون، دراصل
پڇ جو شروع وارو حصو ئي ته آهن! سو، اها ڳالهه
بلڪل ممڪن آهي... بلڪل، بلڪل... ته ڪنهن غير
معمولي حالت ۾ ڪو پنهنجي اصل ڏانهن موٽندو
هجي،....... جيتوڻيڪ، البت.....“
”مون اڳاهرو توکي چيو نه!“ مسز ڊنگل ائين چيو، ڄڻ ڪا
سوڀ کٽي هئائين؛ ”آهي نه مزيدار ڳالهه! ڪيئن
شهزادي؟“
شهزاديءَ ويورڪا نرد جون آسمان جي گهراين جيان وڏيون
ويڪريون ۽ بنفشي جي گل جيان نيريون اکيون گهڙيءَ
کن لاءِ مسز ڊنگل جي چمڪندڙ چهري تي کپي ويون.
سندس آواز ائين ٻڌڻ ۾ آيو، جيئن ڪنهن ريشمي ڪپڙي
تي هٿ ڦيري ڇڏيو هجي.
”بلڪل عجيب،“ هن وراڻيو، ”مان ته ....... مان ته سچ پچ
موسيو تائيبالت سان ملڻ ۾ ڏاڍي خوش ٿينديس.“
”ها، ڀلي اچي سر اڏيءَ تي رکي!“ ٽامي بروڪ يڪساهيءَ
آهستي چيو؛ پر ڏانهنس هونئن به ڪو ڪونه ڌيان ڏيندو
هو.
جيئن جيئن هنن رياستن ۾ موسيو تائيبالت جي اچڻ جو وقت
ويجهو پوندو ويو، تيئن تيئن ماڻهن کي اچي اڻتڻ لڳي
ته ڪٿي شهزاديءَ سچ ته نه چيو هو..... ڇو ته ان
وقت تائين موسم جي گرمي شهزادي ئي هئي - ۽ اها ته
اوهان کي خبر آهي ته سوسائٽيءَ ۾ جن جو ايڏو قدر
ٿيندو آهي، انهن ۾ ڪيڏي دلبري هوندي آهي!
اِها، جي اوهان کي ياد هوندو ته سيامي رُت هئي. نج
سيامي چيزن لاءِ خلق ائين ئي شائق هئي، - جيئن
ڪنهن زماني ۾ جڏهن ’شيوسورس‘ کي عجوبو سمجهيو
ويندو هو، ته روسي لب لهجي جو ايڏو قدر ٿيڻ لڳو
هو. هيڪاندو خرچ ڪري، سيامي آرٽ ٿئيٽر گهرايو ويو
هو، جنهن تي ”سينچري ٿئيٽر“ ۾ خلق جي ڌم متي پئي
هئي. سنهن اکرن سان اڻويهن ٿلهن جلدن ۾ ڇپيل،
سيامي ڳوٺاڻي زندگيءَ بابت رزميھ ناول ”گوسپ تزگو“
لاءِ تازو ’نوبل پرائيز‘ ڏنو ويو هو. پالتو جانورن
وڪڻڻ وارن جو چوڻ هو ته سيامي ٻلين جو مارڪيٽ اڃا
تيز هو، ۽ انهن جي عام جام کاپي ۾ ڪا ڪمي ڪانه آئي
هئي. ۽ سيامي چيزن سان دلچسپيءَ جي هن لهر جي
چوٽيءَ تي شهزادي ويورڪا نرد ائين براجمان هئي،
جيئن ’هوائي‘ (Hawii)
ٻيٽن جو جل – ٻچو، آبي تخت تي عجب بي نيازيءَ جي
شان مان سان بيٺو هجي. سندس ڪو مٽ ثاني ڪونه هو.
هوءَ هر جاءِ حاضر هئي.
جوڀن ۽ جواني، اڻ ميو ڌن دولت، هڪ طرف سيامي جي شاهي
خاندان سان ۽ ٻئي طرف ”ڪيبٽ“ خاندان سان رشتيداري
(جيتوڻيڪ سندس 21 ورهين مان پهريان 18 سال، قياس
آرائين کان مٿڀرو، سراسر اسرار جي سونهري پردي ۾
ويڙهيل هئا) – نسلن جي هن ميلاپ کيس عجيب، بي مثال
حسن بخشيو هو. هوءَ ائين هلندي هئي، جيئن ڪا ٻلي
البيلائيءَ سان وک کڻي، ۽ سندس چمڙي اهڙي هئي ڄڻ
ته نجي سون جي ذرڙن سان ان جي هلڪي غازه ڪاري ڪئي
وئي هئي؛ سندس ترڇن ۽ هلڪن نيڻن جي نيراڻ اهڙي پاڪ
۽ موهيندڙ هئي، جهڙو ”مين“ جي پهاڙن درميان
سانتيڪو بيٺل سمند!
سندس سونهري وار گوڏن تي پئي پيا – ’انجمن تحفط حجام‘
کيس ڪيترا ڀيرا آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن هوءَ کانئن
وار سنوارائيندي، ته هو موٽ ۾ کيس دل گهريون رقمون
ڏيندا. جيئن نه ڀورن پهاڙن تان ڪوآبشار ٿيڙ
کائيندو ڪري! انهن وارن ۾ صندل ۽ ٻين انيڪ سرهين
ٻوٽين جي سرهاڻ هئي، ۽ سج جهڙي رنگت. ڳالهائيندي
ٿورو هئي...... ڇو ته ان جي کيس ضرورت ئي نه پوندي
هئي. سندس آواز ۾ هڪ يگاني هلڪي، سريلي، رکائي
هئي، جا دل کي گهاءَ پئي ڪندي هئي. اڪيلي رهندي
هئي، ۽ ڏاڍي سست ٻڌبي هئي،........ گهٽ ۾ گهٽ هر
ڪنهن کي اها سڌ هئي ته هوءَ ڳَچ ڏينهُن سمُهي پورو
ڪندي هئي؛ پر رات جو سندس خماري نيڻ ”چنڊ – گل“
جيان کلي پوندا هئا.
تنهنڪري جيڪڏهن ٽامي بروڪ مٿس عاشق ٿي پيو، ته اها عجب
جي ڳالهه نه هئي. عجب ته اهو هو ته ٽامي بروڪ جي
انهيءَ گستاخيءَ کي هن گوارا ٿي ڪيو. ٽاميءَ ۾
ڪابه خاص ڳالهه ڪانه هئي. بس، هو انهن خوش مزاج
جوانڙن مان هڪڙو هو. جي ڀائنجي ٿو ته پيدا ئي ان
لاءِ ٿيا هئا ته سڄو ڏينهن يونيورسٽي ڪلب ۾
اخبارون پڙهي پورو ڪن، ۽ بهرحال مٿن اهو ڀروسو ڪري
سگهجي ته جيڪڏهن ڪنهن رات دعوت ۾ ڪنهن مهمان جي ڪا
خالي جاءِ رهجي وڃي، ته هو ڪٿان نه ڪٿان اچي پر
گهٽ ٿين، ۽ اها جاءِ ڀري ويهي رهن. اهو ته درست
آهي ته شهزادي ويورڪا نرد پنهنجي چاهيندڙن کي محض
گواره به ڏاڍي مشڪل سان ڪري سگهندي هئي. پر ان کان
وڌيڪ منجهانئس ڪا اميد رکڻ به اجائي هئي. ڪڏهن
ائين ڪين ٿيو هو ته ڪو مرد آيو هجي، ۽ شهزاديءَ جي
ارڏين اکين ۾ ڪا چمڪ پيدا ٿي هجي. پر ڀائنجي ٿو ته
هوءَ ٽاميءَ کي ٻين کان مڙيو ئي سرس گواره ڪندي
هئي. ايتري قدر، جو نيٺ ڏينهن جا خواب ڏسندڙ هي
جوانڙو تَنَهائين ۽ ”پارڪ اَوينيو“ جي خيالي مڪانن
جي ويچارن ۾ محو ٿي ويو، - پر عين انهيءَ منزل تي
ميدان ۾ موسيو تائيبالت اچي وارد ٿيو، ۽ ترت ئي
”ڪارنيگي هال“ ۾ پنهنجي وڄت جو پهريون تماشو
ڏيکاريائين.
ٽامي بروڪ شهزاديءَ جي ڀر ۾ ويٺو هو، پر اميد ۽ پيار
ڀريل نظرن سان نهاري رهيو هو، پر شهزاديءَ جو چهرو
نقابي چهري جيان غير متاثر هو. شروعات واريءَ پيهه
۾ هن رڳو ايترو چيو، ”ڀائنجي ٿو ته ماڻهو گهڻا آيا
آهن.“ ۽ ٽاميءَ کي ٻيو نه، ته گهٽ ۾ گهٽ اهو آٿت
ته مليو ته شهزادي اڄ مڙئي موج ۾ ڪانهي؛ ڇو ته
اڳئين ڏينهن تي، مسز ڪلورين جي دعوت کان پوءِ، کيس
اهو وسوسو ٿي پيو هو ته ڪٿي هي نئون مخلوق،
تائيبالت، شهزاديءَ کي پاڻ ڏانهن متوجهه نه ڪري
وٺي. سو، هن موقعي تي ٽاميءَ جي موجودگي ئي اهو
ٻڌائي رهي هئي ته هو ڪيتري قدر نه موهت هو. ڀلا
جنهن شخص جي طبيعت ”رڳو ٿورڙي پيار ۽ هڪ ننڍڙيءَ
مٺيءَ“ ۾ ئي موسيقيءَ جي فن جو نچوڙ موجود تصور
ڪيو هجي، تنهن لاءِ سچي پچي موسيقيءَ جي هيءَ
’معمولي‘ محفل ته واقعي نسورو عذاب هو؛ پر شام
واريءَ هن محفل جي عذاب برداشت ڪرڻ لاءِ هو اڄ دل
جهليو، همت ٻڌيو ويٺو رهيو، ۽ هر هر زور ڪري مرڪي
رهيو هو.
”شـِّ....-.....-......!“ مسز ڊنگل سهڪندي چيو، ”اچي
ٿو!“
جڏهن موسيو تائيبالت داخل ٿيو، ته ايڏيون ته تاڙيون
وڳيون، جو ٽامي ائين ڇرڪ ڀري پنهنجو پاڻ ۾ پيهي
ويو، ڄڻ سخت گوليبازيءَ وقت خندق ۾ پناهه وڃي
ورتي هئائين.
اهي تاڙيون پوءِ آهستي آهستي جهڪيون ٿينديون ويون، ۽
انهن جي بدران عجب ۽ اضطراب جي هڪ عام صدا بلند ٿي
ويئي، - پر ان کي صدا نه به چئجي، ڄڻ هڪ اُڀو ساهه
هو، جو حاضرينن هڪ ئي وقت گڏجي ڀريو هو! ڇو ته
اخبارن واقعي ڪوڙ ڪين لکيو هو، - پڇ برابر موجود
هو!
ڪن اخبارن فقط هي لکيو هو ته اهو هُن جو ناٽڪپڻو هو.
ائين ئي سهي، پر هُن ناٽڪپڻي کي ڪيڏو نه چڱيءَ طرح
سمجهيو هو! مٿي کان پيرن تائين ڪاريءَ پوشاڪ ۾
ملبوس (سندس ڪاري قميص) کيس ’مسولينيءَ‘ کان
قدرشناسيءَ طور تحفو ٿي ملي هئي)، هو هلي نه رهيو
هو پر ڄڻ چهلقدمي ڪري رهيو هو – آهستگيءَ سان،
آسانيءَ سان ۽ بي نيازيءَ سان؛ نانءِ چڙهيو پڇ
سندس هڪڙي هٿ جي ڪرائيءَ ۾ البيلائيءَ سان ويڙهيل
هو. ڄڻ هڪ ڪارو، بردبار چيتو رمز ڀريءَ ڪنڌ – لوڏ
سان ائين باغ ۾ گهمي رهيو هو، جيئن بي آواز چيتا
پڃري جي سيخن جي پويان هلندا آهن. سندس اکين جي
پراسرار چمڪندڙ ڪاراڻ کي ڪابه حيرت، ڪابه برتري.
ڪوبه جذبو متزلزل، نه ٿي ڪري سگهيو. جڏهن تاڙيون
وڃي جنون جي حد کي پهتيون، ته هن شاهانه انداز سان
ڪنڌ لوڏي شڪريو ادا ڪيو. هن جي ڪنڌ لوڏ ۾ ڪا اهڙي
ڳالهه هئي، جنهن ٽاميءَ کي بي تحاشا شهزاديءَ
ويورڪا نرد جي ياد ڏياري. پوءِ هو پنهنجي آرڪيسٽرا
ڏانهن منهن ورائي بيهي رهيو.
حاضرين محفل وري هڪڙو ٻيو ۽ زياده گَهرو ساهه ڀريو، ڇو
ته جيئن هن پٺي ورائي ته سندس ويساهه ۾ نه اچڻ
جهڙي پڇ جي چوٽيءَ، نهايت بي نيازيءَ سان ور کائي،
ڪنهن لڪل کيسي مان هڪڙي ڪاري ڏنڊي ڪڍي کڻي ٻاهر
ڪئي. پر ٽاميءَ ايڏانهن توجهه ئي ڪونه ڏنو. هو ان
جي بجاءِ شهزاديءَ ڏانهن نهاري رهيو.
شروع ۾ ته شهزاديءَ تاڙي به ڪين وڄائي هئي، پر
هينئر....! سچ پچ ٽاميءَ ڪڏهن به کيس ايترو محو
ڪين ڏٺو هو! هن تاڙيون ڪين ٿي وڄايون. سندس ٻئي هٿ
گود ۾ ڀڪوڙيل هئا، ۽ سندس سڄو جسم اصل لوهه جي سيخ
وانگر هڪ هنڌ سُڪو بيٺو هو. سندس اکين جا نيرا گل،
موسيو تائيبالت ڏانهن حيرت جي عالم ۾ جهڪيل هئا، ۽
سندس جسم ائين ساڪن هو جو ٽاميءَ کي خفقانين جيان
اچي اهو ڊپ لڳو ته ڪٿي شهزادي پتنگ جيان ٽپ کائي
وڃي تائيبالت جي ڀر ۾ نه بيهي،...... هائو، بلڪل
ائين..... عقيدت خاطر، پنهنجي مغرور پيشاني رڳو هن
جي ڪاري ڪوٽ سان رڳڙڻ خاطر! ڪٿي مسز ڊنگل نه
گهڙيءَ ۾ اها حالت ڏسي وٺي!
”شهزادي.........“ هن هراسجي ڀڻڪو ڪيو،
”شهزادي........“
هوريان هوريان شهزاديءَ جو بت ڍرو ٿيڻ لڳو. هوءَ آرام ۾
آئي، ۽ سندس اکين ۾ ساڳي اصلوڪي سانتيڪائي اچي
ويئي.
”هان، ٽامي؟“ هن پنهنجي مخصوص دستوري آواز ۾ چيو. پر
اڃا به هن جي ڪيفيت........
”ڪجهه نه، رڳو ....... ٺهيو، ڇڏيندس........ هو شروع
ڪري رهيو آهي!“ ٽاميءَ چيو. موسيو تائيبالت پنهنجا
ڍرا ٻڌل هٿ اڳيان ڪري، حاضرين ڏانهن منهن ڪيو. هن
جون اکيون جُهڪيون ۽ پڇ موثر نموني لڏيو، ۽ پوءِ
شروع ڪرڻ لاءِ فرش تي ڏنڊي سان ٽي ڀيرا ٺڪ ٺڪ ٺڪ
ڪيائين.
”گلوڪ“ جي نغمي ”افيجيني اِن آلس“ تي به شايد ئي ڪڏهن
ايتري واهه واهه ٿي هجي. جيتري هينئر ٿي؛ پر جڏهن
اٺون سُرُ پيش ٿيو، حاضرين اصل حواس باخته ٿي ويا.
”جديد موسيقارن“ ڪڏهن به ايڏي ڪمال سان واڄو ڪين
وڄايو هو. بيشڪ هن کان اڳ ڪڏهن به سندن اهڙي
شاندار هدايتڪاري ڪانه ڪئي ويئي هئي. حاضرين ۾
موسيقيءَ جا ٽي ناميارا هدايتڪار، واڄي جي خاتمي
وقت، ساڙ ۾ سڙيل ٻارن جيان ٿڌا ساهه ڀري رهيا هئا؛
منجهانئن هڪڙي لاءِ ته ٻڌو ويو ته اوڏيءَ مهل ئي
هڪڙي مشهور جراح کي، جو اتي ويٺو هو، ڏهن هزارن
ڊالرن جي رڳو ان ڳالهه لاءِ آڇ ڪيائين ته هو رڳو
ان ڳالهه جي ثابتي ڏئي ته بنا پڇ واريءَ مخلوق ۾
سائنس جي ڪرشمي سان ڪونه ڪو پڇ پيوند ڪري سگهجي
ٿو. ۽ هاڻي ان ۾ ڪو شڪ به نٿي ٿي
سگهيو................. ڪوبه فاني هٿ يا ٻانهن،
کڻي اهي ڪيتري به تجربي وارا ڇو نه هجن، ائين
نزاڪت ۽ حسن جي آميزش نٿي ڪري سگهيا، جيئن موسيو
تائيبالت جي پڇ ڪري ڏيکاريو.
ڪاريءَ ڏنڊيءَ، پيتلي سازن مان ائين ور ور ڏيئي نغما
پئي پيدا ڪيا، جو ڄڻ ڪاري وڄ پئي مٿن وراڪا ڏنا؛
هن غيبي چهبڪ، ڪاٺ جي ٺهيل سازن مان جهنگل جي
هوائن جي اصلوڪي سريلي ساهه جو آخري دم به ڇڪي
ٻاهر پئي آندو، ۽ انهن جي طوفاني تارن تي سچي
پچيءَ جادوءَ جي لڪڙيءَ جيان ڄڻ راڄ ٿي ڪيو. موسيو
تائيبالت وري وري پئي جهڪيو ۽ هر دفعي واه واه جي
گوڙ کان ايوان جا بنياد لڏي ٿي ويا؛ ۽ آخرڪار جڏهن
هو ٿڪجي، ساڻو ٿي، پلئٽ فارم تان هيٺ لٿو، تڏهن
”هفتيوار موسيقي محفل“ جي صدر صاحبه کي وڏيءَ
مٿاڪٽ سان ان ڳالهه تان لاٿو ويو، جو هوءَ داد ڏيڻ
خاطر پنهنجو نوي هزار ڊالرن جو هيرن جو هار ڏانهس
اڇلڻ واري هئي.
هو نيو يارڪ ۾ آيو، اکئين ڏٺائين، ۽ نيو يارڪ فتح ٿي
چڪو هو. مسز ڊنگل کي اخباري نمائندن اچي ورايو؛ ۽
هينئر ٽامي بروڪ ان ”مختصر دعوت“ جو انتظار ڪري
رهيو هو، جتي هن کي وقت جي معزز مهمان سان، گويا
موت جي برقي ڪرسيءَ تي ويهي، منهن قابل ٿيڻو هو.
شهزاديءَ ۽ موسيو تائيبالت جي ملاقات سندن توقعات کان
بهتر به ثابت ٿي ۽ بدتر پڻ. بهتر ان ڪري، جو هنن
گهڻو ڪونه ڳالهايو ٻولهايو؛ ۽ بدتر ان ڪري، جو
ٽاميءَ هنن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ قسم جو اهڙو دلي لڳاءُ
محسوس ڪيو، جنهن لاءِ لفظن جي ضرورت ئي ڪين رهندي
آهي. جڏهن موسيو تائيبالت شهزاديءَ جي هٿ چمڻ لاءِ
جهڪيو، ته حاضرين ۾ انهن ٻن جهڙو ٻيو سرهو جوڙو
موجود ڪونه هو. مسز ڊنگل ڀڻڪيو: ”هي ٻئي پرديسي
ڪيترا نه پيارا آهن، ۽ ڪيڏا نه مختلف!“ پر ٽامي
ساڻس اتفاق راءِ نه ڪيو.
برابر ٻيئي هڪ ٻئي کان مختلف هئا...... هو سانورو چست
اجنبي جيڪو عجيب بي نيازيءَ سان پنهنجو حيرتناڪ پڇ
کيسي ۾ رکيو پئي گهميو، ۽ هيڏانهن هيءَ نيرين اکين
۽ سونهري وارن واري ڇوڪري. پر اهو امتياز ته پاڻ
ٻنهي جي هڪ جهڙائيءَ کي هيڪاري نمايان ڪيو بيٺو
هو، - سندن چرپر ۾، سندن خاموشيءَ ۾، سندن اکين جي
بيهڪ ۾ ڪا شيءِ.... ڪا اهڙي شيءِ ضرور هئي، جا خون
۽ نسل جي قرابت کان به وڌيڪ گَهري هئي. ٽاميءَ ان
پروليءَ کي سلڻ ٿي چاهيو، ۽ پوءِ چوڌاري ٻين ڏانهن
نهاريندي، هن کي ڄڻ الهام اچي ويو. ائين محسوس
ڪيائين، ڄڻ واقعي هو جوڙو پرديسي هو..... نه فقط
نيو يارڪ لاءِ، پر سموري عام انساني نسل لاءِ.....
ڄڻ ته هو ٻيئي بنهه ڪنهن ٻئي سيّاري کان لهي آيل
معزز مهمان هئا.
مطلب ته ٽاميءَ جي شام چڱي ڪين گذري، هِنَ جو مَنُ
هوريان هوريان اِها ڳالهه ويچاريندو رهيو، ۽ گهڻو
گهڻو دير سان کيس هڪ جنون آميز شڪ جاڳيو.
شايد ٽاميءَ جي ترت پرولي سلي نه سگهڻ کي ڏوهه ڏيئي نٿو
سگهجي. آئينده چند هفتا هن لاءِ سخت پريشانيءَ
ڀريا گذريا. ائين ڪين هو ته ڪو شهزاديءَ جو ڏانهنس
رخ مٽيل هو – هن هينئر به کيس ائين ئي ٿي سَٺو،
جيئن اڳي؛ پر موسيو تائيبالت هنن جي سامهون هر وقت
حاضر هو. هو وقت بوقت وٽن ائين ماٺ ماٺ ۾ اچي پئي
نڪتو، ڄڻ ته هوا جي سنهي تهه مان اوچتو ئي اوچتو
نڪري ظاهر ٿي ٿي ويو. پنهنجي ڊگهي قد جي باوجود هو
ائين ٿي چپ چاپ گهميو، جيئن پوپٽ اڏامي. نيٺ حالت
اها اچي بيٺي، جو ٽامي، غاليچي تي پيرن کڻڻ جي
انهي هلڪيءَ آهٽ کي، جا موسيو تائيبالت جي
موجودگيءَ جو اطلاع ڏيندي هئي، ائين ڌڪارڻ لڳو
جيئن ڪڏهن موتمار توبزنيءَ کي به نه ڌڪاريو
هئائين.
پر، ٻيون ڳالهيون ته پري رهيون، هي شخص وري به ڪيترو نه
لَسو ۽ ڪيڏو نه ٿڌو ۽ نرم هو! ڪڏهن به ڪاوڙ ڪين ٿي
لڳيس، ڪڏهن به ڪا پريشاني منهن تي ڪانه هيس. هو
ٽاميءَ سان ڪيڏيءَ نه حليمائي ۽ نرمائيءَ سان پيش
ايندو هو، - پر تڏهن به ٽاميءَ کي محسوس ائين
ٿيندو هو، ڄڻ نظرن ئي نظرن ۾ هو سندس مذاق اڏائي
رهيو هو، ۽ جواب ۾ کيس هو ڪجهه به ڪري نه ٿي
سگهيو. شهزادي هوريان هوريان هن اجنبيءَ ڏانهن
اهڙي خاموش نموني ڇڪجي رهي هئي، جو ان کي اظهار جي
ضرورت ئي نه هئي، - ۽ ٽايمءَ اهو سڄو رنگ ڏٺو ٿي،
ان کي ڌڪاريائين ٿي، پر تڏهن به ڪري ڪجهه نٿي
سگهيو: هن کي هينئر تائيبالت جي روح ۽ جسم ٻنهي
سان نفرت ٿي ويئي هئي. شايد انهيءَ ڪري هينئر هو
ڏاڍي ننڊ ڪرڻ لڳو هو، ۽ جڏهن به ننڊ ٿي ڪيائين ته
خواب ٿي لڌائين – تائيبالت جا، جو هن جي نظرن ۾
هاڻي ماڻهو نه رهيو هو، بلڪ هڪ پاڇو، هڪ ڀوت بنجي
پيو هو، هڪ اهڙي جانور جو ڀوت، جنهن جو هر لفظ
سندس تيز نوڪدار ڏندن مان ٻليءَ جي غر غراٽ جيان
ٿي نڪتو. يقيناً هن شخص جي شڪل ۾ ئي ڪجهه رولو
هو........ هن جي پاڻيٺ مٿ نرمي، مٿي جي بيهڪ؛ ٻيو
ته ٺهيو، پر هن جي خود ننهن جي ساخت ۽
نمونو............. پر اصلي معاملو ڇا هو – اهو
ٽاميءَ کي باوجود سخت ۾ سخت سوچ ويچار جي به سمجهه
۾ نه آيو. ۽ جڏهن هو هڻي هڻي نيٺ وڃي مقصد تي
پهتو، ته پهريائين ته کيس اعتبار ئي نه آيو!
آخر ٻن حادثن هن جي اڳيان اهي راز کولي ڇڏيا، جن جي
قبولڻ کان اڃا به سندس عقل لاچار هو. سياري جي هڪ
شام جو، هو مسز ڊنگل ڏي انهيءَ آسري سان ويو ته
مَنَ شهزاديءَ سان ملاقات ٿي وڃي. مسز ڊنگل پنهنجي
چاچيءَ سان گڏجي ٻاهر ويئي هئي، پر آسرو هو ته
چانهه جي مهل تي ضرور موٽي ايندي. سو هو سندس
انتظار ڪرڻ لاءِ سستيءَ وچان وکون کڻندو، لئبرريءَ
۾ داخل ٿيو. لئبرريءَ ۾ اونهاري جو به (جڏهن ٻاهر
اس گهڻي هوندي آهي) اوندهه هوندي هئي. ان ڪري ٽامي
بتي ٻارڻ تي هو، ته پريان ڪنڊ ۾ چمڙي جي ڪوچ تي،
ڪنهن جي ساهه کڻڻ جو آواز ٻڌائين. هو هوشياريءَ
سان اوڏانهن وڌيو، ڏٺائين ته ڪو موسيو تائيبالت
جهڙو، ڪوچ تي ليٽيو، آرام سان ننڊ ڪري رهيو آهي.
اهو ڏسي ٽاميءَ کي ڏاڍي مٺيان لڳي، ۽ دل ئي دل ۾
گهٽ وڌ چوندو، ٻاهر نڪرڻ جي ارادي سان، دروازي ڏي
موٽيو. جڏهن در وٽ پهتو، ته هڪڙي عجيب احساس، جنهن
جي اسان سڀني کي خبر آهي ۽ جنهن کان اسان سڀ نفرت
ڪيون ٿا ته ڪي اکيون اسان کي ڏسي رهيون آهن، جن کي
اسان ڪين ٿا ڏسون، هن جي پيرن ۾ وَنگ وجهي ڇڏيا.
پوئتي مڙيو. موسيو تائيبالت ائين جو ائين ليٽيو
پيو هو، پر هينئر سندس اکيون کليل هيون ۽ اهي
اکيون هينئر نڪي ته ڪاريون هيون ۽ نه ئي وري
انساني. اهي سايون هيون......... ٽامي ان ڳالهه جو
قسم کڻي وڃي ها، ۽ ان ڳالهه جو به قسم کڻي وڃي ها
ته انهن اکين جي ڪا انتها ئي ڪانه هئي، ۽ اهي ائين
چمڪي رهيون هيون جيئن اوندهه ۾ زمرد جا هيرا
چمڪندا آهن! اها ماجرا هن فقط گهڙيءَ پلڪ ڏٺي، ڇو
ته ٽاميءَ جي هٿ پاڻ مرادو بجلي بتيءَ جي بٽڻ کي
دٻايو، ۽ سوجهرو ٿي ويو. موسيو تائيبالت پنهنجي
اصلي حال ۾ سندس اڳيان موجود هو! اوٻاسيون ڏيئي
نرمائيءَ سان معافي گهريائين. پر ان عرصي ۾ ٽاميءَ
کي سوچڻ جو وقت ملي ويو. ان ماجرا کان پوءِ، ٿورو
عرصو رکي، جيڪي ڪجهه ٿيو، تنهن ته ٽاميءَ کي
هيڪاري آنڌ مانڌ ۾ وجهي ڇڏيو.
هنن باهه ٻاري هئي ۽ ان جي اڳيان ويهي ڳالهيون ٻولهيون
ڪري رهيا هئا. هاڻي ٽامي، تائيبالت کي ايترو ته
ڌڪارڻ لڳو هو، جو منجهس اهو احساس بيدار ٿيو هو،
جنهن موجب جنهن سان شديد نفرت ڪبي آهي، ان جي غير
موجودگيءَ ۾ اٻاڻڪائي محسوس ڪبي آهي. ٽاميءَ اهو
ڏسي جڪ پئي کاڌا ته تائيبالت ڪيئن نه مزي سان ويٺي
ٿي تئو ورتو ۽ گذريل واقعن کي بيان ڪندي، ڪيئن نه
پاڻمرادو پئي گد گد ٿيو. ايتري ۾ گهٽيءَ جي دروازي
کلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ تائيبالت امالڪ ڇرڪ ڀري
اڇانگ ڏنو. اڇانگ ڏيڻ ۾ سندس هڪ جوراب، لوهي چلهه
جي نوڪدار ڪنڊ ۾ ڦاسي ڦاٽي پيو، ۽ لٽڪڻ لڳو.
ٽاميءَ جي نظر پاڻمرادو وڃي جوراب جي انهيءَ انگهه
تي پئي. ڏٺائين ته رڳو اکٻوٽ جيتري لحظي لاءِ، پر
اهو ئي هن لاءِ ڪافي هو،......... ڇو ته، ٽاميءَ
جي يادگيريءَ موجب، اهو پهريون دفعو هو، جو
تائيبالت هڪدم غصي ۾ ڀرجي، آپي کان ٻاهر نڪري ويو
هو. هو هڪدم ڪنهن غير ملڪي زبان ۾ گاريون ڏيڻ لڳو.
سندس چهرو گهڙيءَ ۾ بگڙي ويو. هڪدم هٿ وڌائي جوراب
جي انگهه کي لڪايائين، ۽ پوءِ ٽاميءَ ڏانهن خار
مان گهوريندو، اڇانگ ڏيئي روم کان ٻاهر نڪري ويو.
سندس ٻڌا ٻڌا ٽپ ڏيئي ڏاڪڻين لتاڙڻ جو آواز،
ٽاميءَ کي چڱيءَ طرح ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
هي پهريون ڀيرو هو، جو ٽامي، هال ۾ شهزاديءَ جي کلڻ جو
آواز ٻڌڻ جي باوجود ڪرسيءَ تي ڄميو ويٺو رهيو. هن
شهزاديءَ کي ڏسڻ نٿي چاهيو. ڪنهن کي ڏسڻ نٿي
چاهيائين. جڏهن موسيو تائيبالت جي جوراب ۾ انگهه
ائي هئي، تڏهن ٽاميءَ جيڪا شيءِ ان پل ۾ ڏسي ورتي
هئي، سا هن لاءِ گويا هڪ الهامي چيز هئي........
اها انسان جي چمڙي ئي ڪانه هئي! ٽاميءَ ان جي صرف
هڪ جهلڪ ڏٺي هئي............ ڇا هئي هيءَ چيز!
ڪارو مخمل! ۽ ان کان پوءِ تائيبالت غصي ۾ آپي کان
ٻاهر نڪري ويو هو. الاهي! ڇا هن شخص عام رواجي
جورابن هيٺان ڪاري مخمل جا جوراب ٿي پاتا؟ يا وري
ائين ته نه هو......... ڪٿي هو سچ پچ........ ڇا
ائين به ٿي سگهيو ٿي....... پر، اتي ٽاميءَ پنهنجو
تتل مٿو کڻي پنهنجي هٿن ۾ جهليو.
ان رات، هو هنن فرضي سوالن جو ڦورو کڻي پروفيسر ٽاٽوءَ
وٽ ويو. پر جيئن ته پنهنجا سچا پچا شڪ شبها ان جي
اڳيان ظاهر نٿي ڪري سگهيو، ان ڪري پروفيسر جي فرضي
جوابن هن کي هيڪاري منجهائي وڌو. اِتي، هن کي
”بيلي اسٽرئنگ“ جي يادگيري آئي. بيلي ڪم جو ماڻهو
هو. عجيب غريب ۽ انوکين ڳالهين ۾ هن جو دماغ واهه
جو ڪم ڪندو هو. هن معاملي ۾ بيلي ئي شايد ڪجهه مدد
ڪري سگهي. |