سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

 

صفحو :15

”پر پاڻي؟“ جيڪب وچ  ۾ ٽپي پيو. ”پاڻيءَ بابت به اهو ئي خيال اٿئي؟“

”نه، پاڻيءَ لاءِ نه؟“

”پر، مون کي آهي،“ جونيس چوڻ لڳو. ”تنهنجو مقصد آهي ته پاڻي زندگيءَ جو تخم آهي. ٽنهي عناصرن مان پاڻي جيو گهرڙو آهي؛ ڌرتي، ماءُ جي ڪُک وانگر آهي؛ ۽ اُس ارتقا جو قالب آهي.“

        انهيءَ طرح هو هن کي فضوليات سيکاريندا رهيا.

        واديءَ جي ماڻهن هن جي زال ۽ ٻن پٽن جي مري وڃڻ کان پوءِ، جونيس مالٽبيءَ سان بنهه لڳ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيا هئا؛ ۽ کيس نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. وبا جي ڏينهن ۾ سندس بيرحميءَ جون ڳالهيون ايترون ته وڌي ويون، جو آخرڪار خودبخود انهن ڳالهين جي اهميت ئي ختم ٿيندي ويئي، ۽ نيٺ اڳتي هلي ماڻهن انهيءَ واقعي کي ئي وساري ڇڏيو. پر جيتوڻيڪ پاڙيسرين اها ڳالهه وساري ڇڏي هئي ته جڏهن سندس ڇوڪرا گذاري ويا، تڏهن هو ڪتاب پڙهندو رهيو هو؛ پر هو انهيءَ مسئلي کي وساري نه سگهيا، جيڪو هاڻ پيش اچي رهيو هو. هن زرخيز واديءَ ۾ جونيس خوفناڪ قسم جي مسڪينيءَ ۽ غربت جي حياتي گهاري رهيو هو. جتي ٻيا ڪٽنب دولت گڏ ڪري رهيا هئا، فورڊ موٽرون ۽ ريڊيا خريد ڪري رهيا هئا، بجلي هڻائي رهيا هئا، ۽ هفتي ۾ ٻه ڀيرا ’مانٽيري‘ يا ’ساليناس‘ شهرن ۾ فلم ڏسڻ ويندا هئا، اتي جونيس جي حالت ابتر ٿيندي ويئي، ۽ هو بنهه چيٿرن ۾ لپٽيل هڪ وحشي بنجي پيو هو. ماڻهن کي سندس زرخيز ترائيءَ واريءَ زمين تي جهنگ جهر ڄاپندو ڏسي، سندس ميوي جا وڻ اڻ تراشيل ۽ اڻ سنڀاليل ڏسي، ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. زالون سندس گهر جي ٿلهي تي گندگيءَ جا ڍير پيل ڏسي، ۽ مٽيءَ سان اٽيل دريون ڏسي، نفرت کان منهن کڻي ٻئي پاسي ڦيرينديون هيون. زالن توڙي مردن کي سندس سستي ۽  ذاتي فخر جي احساس کان عاري هجڻ جي حالت لاءِ سخت ڌڪار پيدا ٿي پئي هئي. گهڙيءَ لاءِ هن وٽ پير ڀري ايندا هئا، ته من سندن صفائي سٿرائي ڏسي، هو پنهنجي گندگيءَ مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري. پر هو هنن سان نهايت فطري طرح ۽ برابريءَ واري دوستيءَ جي جذبي سان ملندو هو.  هو پنهنجي مسڪينيءَ يا ليڙن کان ڪائي لڄ محسوس ڪين ڪندو هو. رفتھ رفتھ پاڙيسرين جونيس کي اڇوت سمجهي هن سان قطع تعلق ڪري ڇڏيو. هاڻ ته هو هن جي گهرواري رستي تان به ڪين لنگهندا هئا. هنن پنهنجي شريفانه سماج ۾ هن جو داخل ٿيڻ ممنوع ٺهرائي ڇڏيو ، ۽ فيصلو ڪيائون ته جيڪڏهن هو پاڻ ڪنهن سان کڻي ملڻ به اچي، ته به ڪير هن کي منهن نه ڏئي.

        جونيس کي پاڙيسرين جي نفرت جي ڪائي سڌ ڪانه هئي. هو اڃان به ڏاڍي شان سان مسرور زندگي گذاري رهيو هو. هن جي زندگي به هن جي خيال ۽ فڪر جهڙي غير حقيقي، روماني ۽ فضول هئي. اُس ۾ ويهڻ ۽ نهر جي پاڻيءَ ۾ پير وجهي ويهڻ ۾ ئي هو خوش هو. هن وٽ سٺا ڪپڙا ڪين ها، پر کيس اهڙو هنڌ به ڪين سُجهندو هو، جتي هن کي چڱا ڪپڙا پائي وڃڻو پوي.

        جيتوڻيڪ ماڻهو جونيس کي ڌڪاريندا هئا،  پر کين ننڍڙي ڇوڪر روبيءَ تي ڏاڍو قياس ايندو هو. زالون هڪٻئي سان ڳالهيون ڪنديون هيون ته ٻار جو ههڙي گندي ماحول ۾ پلجڻ ڪيترو نه دکدائڪ هو. پر جئن ته ماڻهو گهڻو ڪري سڀ شريف هئا، انهيءَ ڪري هنن جونيس جي ذاتي معاملن ۾ دخل ڏيڻ مناسب نه ٿي سمجهيو.

        ”خير، جيسين اسڪول وڃڻ جي عمر کي پهچي“، ’مسز بئنڪن‘ هڪ ڏينهن پنهنجي گهر آيل چند مهمان زالن کي چئي رهي هئي، ”تيسين اسين جيڪڏهن ڪجهه چاهيون، ته به نٿيون ڪري سگهيون. في الحال ته هو پنهنجي پيءُ جي حوالي آهي. پر ڇهن سالن جي عمر جو ٿيو، ته آءٌ اوهان کي ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته سرڪار کي ڪجهه ڪرڻو ئي پوندو.“

        ’مسز ائلن‘ پنهنجو ڪنڌ لوڏيو، ۽ ڪنهن ويچار کان اکيون کڻي بند ڪيائين. پوءِ چوڻ لڳي، ”اسان ته اهو وساري ٿيون ڇڏيون ته هو جهڙو پٽ مالٽبيءَ جو آهي، اهڙو ’مئمي ڪئيڪر‘ جو به ته آهي. منهنجو ته خيال آهي ته اسان کي هن کان گهڻو اڳ دخل ڏيڻ کپندو هو. پر خير، جڏهن اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو، تڏهن ويچاري کي اسين ڪجهه چيزون وٺي ڏينديون سين، جيڪي هن کي ڄمار ۾ نصيب ڪين ٿيون آهن.“

        ”گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته اسين ڪري ٿيون سگهون ته کيس بدن ڍڪڻ لاءِ پورا ڪپڙا ڏيون،“ هڪ ٻيءَ عورت انهيءَ ڳالهه کي تسليم ڪندي چيو.

ائين ٿي معلوم ٿيو ته سموريءَ واديءَ جا ماڻهو ان وقت تائين اهڙيءَ طرح انتظار ۾ وٽ کائيندا رهيا، جيسين روبي اسڪول وڃڻ جهڙو ٿيو. جڏهن اسڪول کليا، ۽ ڇهين سالگرهه کان پوءِ روبي داخلا وٺڻ لاءِ ڪونه پهتو، تڏهن ’جان وائيٽ سائيڊ‘، اسڪول بورڊ جي منشيءَ ، جونيس مالٽبيءَ کي هڪ خط لکي اماڻيو.

        ”مون کي  ته اهو خيال ئي ڪونه آيو هو،“ جونيس خط پڙهي، روبيءَ کي چيو. ”منهنجي خيال ۾ توکي اسڪول وڃڻو ئي پوندو.“

        ”آءٌ نٿو وڃڻ چاهيان،“ روبيءَ چيو.

        ”مون کي اها به خبر آهي. خود آءٌ به تنهنجي وڃڻ ۾ راضي ڪونه آهيان، پر قانون قانون آهي. قانون سان گڏ هڪ خود ساخته ضميمو به آهي، جنهن کي سزا ’سڏين‘ ٿا. اسان کي قانون ٽوڙڻ جي خوشيءَ ۾ سزا ڀوڳڻ جو بدلو ادا ڪرڻو پوندو. ’ڪارٿيجينينس‘ ته ماڻهوءَ کي هن جي ’بدقسمتي‘ لاءِ به سزائون ڏيندا هئا. جيڪڏهن ڪو جنرل محض بدبختيءَ ڪري جنگ هارائي ويهندو هو، ته کيس ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيندا هئا. موجوده دور ۾ اسان جو سماج ماڻهن کي ڄمڻ جي اتفاق ۽ ٻين مالي حالتن جي اتفاق لاءِ ساڳئي نموني ۾ سزائون ڏئي ٿو.“

        انهيءَ بحث جي دوران ۾ خط جي ڳالهه ئي دل تان لهي وين. جان وائيٽ سائيڊ وري کين هڪ تنبيهي خط لکي موڪليو.

        ”ٻڌ روبي، منهنجي خيال ۾ هاڻي توکي ضرور وڃڻو پوندو –“ جونيس اهو خط پڙهي روبيءَ کي چيو. ”ان کان سواءِ، اُتي توکي هو چڱيون ۽ ڪارائتيون ڳالهيون سيکاريندا.“

        ”تون ڇو نٿو اهي ڳالهيون مون کي سيکارين؟“ روبيءَ دليلبازي ڪندي چيو.

        ”اوهه، آءٌ هاڻ ڪٿي ٿو سيکاري سگهان. جيڪي چيزون هو سيکاريندا هئا، سي سڀ مون کان وسري ويون آهن.“

        ”آءٌ بنهه وڃڻ نٿو چاهيان. آءٌ ڪجهه به سکڻ نٿو گهران.“

        ”مون کي خبر آهي ته تنهنجي مرضي ڪانهي، پر مون کي ٻيو ڪو رستو به ڪونه ٿو سُجهي!“

        سو نيٺ هڪ ڏيهن صبح جو روبي اسڪول ۾ نمودار ٿيو. هن کي هڪ قديم قسم جي پرائي پتلون جيڪا گوڏن ۽ ويهڻ جي هنڌ وٽان بنهه ڳري ويئي هئي، ۽ هڪ نيري رنگ جي قميص پيل هئي، جنهن جو ڪالر به ڳري ڦاٽي ويو هو - ۽ بس. سندس ڊگها وارا اکين تي ائين لڙڪي رهيا هئا، جيئن ڪنهن خچر جي منهن تي اڳيون بشڪون پيون لڙڪنديون آهن.

        اسڪول جي اڱڻ ۾ سمورا ٻار هن جي چوڌاري مڙي آيا، ۽ خاموشيءَ سان هن کي تڪڻ لڳا. هنن سڀني مالٽبي ڪٽنب جي غربت ۽ جونيس جي سستيءَ جون ڳالهيون ٻڌيون هيون. ڇوڪرا انهيءَ گهڙيءَ  جي انتظار ۾ هئا، جڏهن کين روبيءَ کي ستائڻ جو موقعو ملي. آخر اُها گهڙي به اچي ويئي هئي؛ سندن مرضي هئي ته کيس ”اهي ڪپڙا ڪٿان هٿ ڪيا اٿئي“، يا ”وار ته ڏسوس“، يا ٻيا ڪي اهڙا جملا چئي چيڙائيندا؛ پر ڪنهن به ڇوڪري اهي جملا ڪين چيا. کيس ايذائڻ جي چاهنا دل ۾ پيدا نه ٿيڻ ڪري ڇوڪرا منجهي پيا هئا.

        رهيو روبي، سو پنهنجي چوڌاري مڙي آيل ڇوڪرن کي ڏاڍين ڳنڀير نظرن سان چتائي رهيو هو. هن کي ڊپ ته بنهه ڪونه هو. ”اوهين راند ڪونه ڪريو ڇا؟“ هن پڇيو. ”بابا ته چيو ٿي ته اوهين رانديون ڪندا آهيو.“

        پوءِ ته سڀئي ڇوڪرا ڳالهائڻ ۾ لڳي ويا. ”هن کي ڪائي راند ڪانه ٿي اچي،“ – ”اچو ته هن کي ’پيوي‘ راند سيکاريون.“ – ”نه نه، ’شيدي ڇوڪر واري راند‘ ، - ”ٻڌو، ٻڌو! پهرين کيس ’قيدي‘ راند سيکارجي“ – ”هن کي ڪائي راند ڪانه ٿي اچي!“ ۽ جيتوڻيڪ کين سبب جي ڪائي ڄاڻ ڪانه هئي، پر سڀ ڇوڪرا سمجهڻ لڳا ته راند نه ڄاڻڻ پاڻ سٺي ڳالهه آهي. روبيءَ جو سنهون منهن اشتياق مان چمڪي رهيو هو. ”پهرين ’پيوي‘ راند کي آزمائڻ گهرجي.“ هن پاڻ فيصلو ڏنو. نين راندين ۾ هو بنهه اناڙي هو، پر سندس نون استادن کيس ان تي چيڙائڻ شروع ته ڪيو. اٽلندو، هن کي ’پيوي‘ جي ڪاٺي جهلڻ جي نموني سيکارڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ هو هڪ ٻئي سان وڙهڻ لڳا. ’پيوي‘ راند جا به ڪيترائي نمونا آهن. روبي، پاسي تي ٿي ڪا گهڙي هنن جو تڪرار ڏسندو رهيو؛ نيٺ هن پنهنجو استاد پاڻ چونڊيو.

        اسڪول تي روبيءَ جو اثر ڏاڍو ترت ٿيو. وڏن ڇوڪرن ته کيس پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو، پر ننڍا ڇوڪرا ته هر ڪنهن ڳالهه ۾ هن جو نقل ڪرڻ لڳا: ايتريقدر، جو هو پنهنجي پتلونن ۾ گوڏن واري هنڌ تي سوراخ ڪري ڇڏيندا هئا. جڏهن هو اُس ۾ اسڪول جي ڀت کي پٺ ڏيئي، منجهند جي ماني کائڻ ويهندا هئا،  تڏهن روبي کين پنهنجي پيءُ ۽ انجيرن جي وڻ جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. هو اهي ڳالهيون ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندا هئا ۽ دل ئي دل ۾ اها تمنا به ڪندا هئا ته ڪاش سندن پيءَ به اهڙا مهربان ۽ واندا هجن ها.

        ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڇوڪرا، پنهنجي مائٽن جو چيو نه مڃي، لڪي لڪي  مالٽبيءَ جي گهر ايندا هئا. مالٽبي هميشھ جيان انجير جي ڏار تي ويٺو هوندو هو، ۽ جڏهن ڇوڪرا سندس ٻنهي پاسن کان ويهي رهندا هئا، تڏهن کين ”ٽريير آئلنڊ“ پڙهي ٻڌائيندو هو يا کين ”گانڪ (فرانس جي) جنگين“ ۽ ”ٽرئفلگر“ جي لڙائي احوال ٻڌائيندو هو ٿوري ئي وقت اندر روبي پنهنجي پيءَ جي پٺڀرائي سان اسڪول جي ايوان جو راجا بنجي پيو. اهو انهن حقيقتن مان ٿو ظاهر ٿئي ته ڇوڪرن مان ڪوبه هن جو مخصوص دوست ڪونه هو، ڇوڪرن هن تي ڪڏهن به چيڙ جو نالو ڪين رکيو، ۽ هو ڇوڪرن جي سمورن تڪرارن ۽ جهيڙن کي نبيريندو هو. هن کي ايترو ته بلند مرتبو ملي ويو هو، جو ڪنهن به ڇوڪري هن سان وڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي.

        روبيءَ کي اهو احساس رفتھ رفتھ پيدا ٿيو ته هو اسڪول جي ننڍن ڇوڪرن جو اڳواڻ بنجي چڪو هو. هن ۾ ڪا اهڙي خود ضابطگي ۽ پختگي هئي، جو سندس سمورا ساٿي هن کي اڳواڻ بنائڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ٿوري ئي وقت اندر هن جو هڪڙوگفتو ئي فيصلو ڪندو هو ته ڪهڙي راند کيڏڻ گهرجي. ”بيس بال“ راند ۾ هو ’امپائر‘ بنجندو هو، سو به رڳو ان ڪري جو ٻيو ڪوبه ڇوڪرو فساد ڪرائڻ کان سواءِ ڪوبه فيصلو ڏيئي نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ هن کي پاڻ اها راند ايتري ڪانه ايندي هئي، تڏهن به راند جي قاعدن قانون لاءِ اڻ پڇيو هن کان ئي فيصلو ورتو ويندو هو.

        جونيس ۽ جيڪب سان ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ، روبيءَ ٻه نيون رانديون ايجاد ڪيون، جيڪي ٿوري ئي وقت ۾ ڏاڍيون مشهور ٿي ويون. هڪڙيءَ جو نالو رکيائين ”سلڪي ڪوائٽ“ جا مقامي ”ڪتي ۽ سهي“ واريءَ راند جهڙي هئي، ۽ ٻيءَ جو نالو هو ”ٽنگ ڀڳي“. انهن ٻنهي راندين لاءِ قاعدا قانون به هو پنهنجي مرضيءَ تي گهڙيندو هو.

        مس مارگن، ماسترياڻيءَ، کي به هن ننڍي ڇوڪري سان دلچسپي پيدا ٿي پئي، ڇو ته ڪلاس ۾ به هو ايترو ئي حيرت انگيز هو، جهڙو ڪلاس کان ٻاهر اسڪول جي ايوان ۾. هو نهايت هوشياريءَ سان سبق لس پڙهي ويندو هو، ۽ وڏيءَ عمر جي ماڻهن وارا لفظ استعمال ڪندو هو، پر لکي ڪجهه به نٿي سگهيو. هن کي انگن جي سڄي خبر هئي – کڻي ڪيترا به وڏا انگ هجن، سڃاڻي ويندو هو؛ پر سولي کان سولي حسابي ڪم ڪرڻ کان بنهه نابري واري ٿي بيٺو. روبي ڏاڍو مشڪل سان لکڻ سکيو. پنهنجي اسڪول جي پٽيءَ تي هو ڏڪندڙ هٿن سان عجيب بي ڍنگا اکر لکندو هو. نيٺ مس مارگن هن کي خاص مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.

        هڪڙو هڪڙو اکر ڪري کڻ، ۽ ان کي وري وري لک، ته جئن پڪو ٿي وڃيئي،“ مس مارگن کيس صلاح ڏني. ”هر اکر کي نهايت خبرداريءَ سان جهلي جهلي لک“.

        روبي پنهنجي ذهن  ۾ اهڙي شي تلاش ڪرڻ لڳو، جيڪا کيس پسند ايندي هجي. نيٺ هن هي اکر لکيا: ”دنيا ۾ ڪابه چيز ايتري ڀيانڪ ڪانهي، سواءِ ان جي، جو اسين پاڻ ئي ان کي ڀيانڪ سمجهي ويهي رهون“. هن کي ’ڀيانڪ‘ لفظ ڏاڍو وڻندو هو. انهيءَ لفظ ڪنهن چيز کي ڏاڍي ڳنڀيرتا ۽ رعب ٿي بخشيو. جيڪڏهن ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا لفظ هئا، جن جي اچار جي قوت سان زمين منجهان ڪي جن ڀوت پنهنجي مرضيءَ بنان ئي نڪري اچن، ته پوءِ ’ڀيانڪ‘ لفظ بيشڪ انهن اکرن مان هڪ هو. هن اهو جملو وري وري پئي لکيو، ۽ خاص ڪري ’ڀيانڪ‘ لفظ کي ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان جهلي جهلي ٿي لکيائين. ڪلاڪ کان پوءِ مس مارگن پٽي ڏسڻ آئي.

        ”روبي، ٻڌاءِ ته سهي ته آخر تو هي جملو ڪٿان ٻڌو آهي؟“

        ”مئڊم، اهو جملو ’اسٽيونسن‘ جو آهي؛ بابا کي سڄو بر زبان ياد آهي.“

        مس مارگن، جونيس جي ڪافي بدنامي ٻڌي چڪي هئي، ۽ ان هوندي به هن کي پسند ڪندي هئي. پر هاڻ ته هن سان ملاقات ڪرڻ جي کيس ڏاڍي چاهنا ٿي پئي.

        اسڪول ۾ راندين جي دلچسپي به ختم ٿيندي ٿي ويئي. هڪ ڏينهن اسڪول وڃڻ وقت روبيءَ ڏاڍي ڏک مان سڄي حقيقت جونيس کي ٻڌائي. جونيس ڏاڙهي کنهندي سوچ ۾ پئجي ويو. ”’جاسوس‘ به سٺي راند آهي،“ هن آخرڪار چيو. ”مون کي ياد آهي ته مون کي ننڍي هوندي ’جاسوس‘ راند ڏاڍي وڻندي هئي.“

        ”پر جاسوسي به ڪنهن تي ڪريون؟“

        ”ڪنهن تي به نه. انهيءَ جو ڪو فڪر ڪونهي. اسين ته اٽليءَ وارن تي جاسوسي ڪندا هئاسون.“

        روبي ڏاڍي جوش ۽ اشتياق منجهان اسڪول ڏانهن ڀڳو، ۽ ان ڏينهن شام جو ڪافي محنت کان پوءِ اسڪول جي لغت مان هن ”بي. اي. ايس. ايس. ايف. اي. اي. جي.“ نالو تجويز ڪيو. انهيءَ جي معنيٰ هئي ”بوائز آڪسيليري سيڪريٽ سروس فار ايسپيونيج اگينسٽ دي جئپنيز“ – (جپانين خلاف جاسوسي ڪرڻ لاءِ ڇوڪرن جي خفيه مددگار فوج)؛ هو اها معنيٰ هڪ ٻئي کي به بنهه ڪَن ۾ ٻڌائيندا هئا. ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري نه، ته به محض انهيءَ رعبدار نالي جي ڪري انهيءَ تنظيم کي ڪافي قوت ملي ويئي. هڪ هڪ ڪري، سڀني ڇوڪرن کي پاڻ سان اسڪول جي ايوان ۾ وڻ جي ڇانوَ ۾ وٺي ويو، ۽ اتي سڀني کان جدا جدا انهيءَ راز کي ڳجهي رکڻ لاءِ وڏا سنهن قسم کڻايائين. پوءِ سموري گروهه کي هڪ هنڌ گڏ ڪيائين. روبيءَ ڇوڪرن کي اها سمجهاڻي ڏني ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن جپانين سان اسان جي جنگ ضرور ٿيندي.

        ”اسان جو فرض آهي ته اسين هاڻ تيار رهون،“ هن چيو. ”انهيءَ ڀيانڪ قوم جي ڀيانڪ ڪار گذارين جي جيتري وڌيڪ معلومات هٿ ڪنداسون، اوتري وڌيڪ جاسوسيءَ جي معلومات جنگ شروع ٿيڻ تي اسين پنهنجي ملڪ کي پهچائي سگهنداسون.“

        جاسوسيءَ جي اميدوارن کي انهيءَ شاندار تجويز کي مڃڻ کان سواءِ چارو ئي ڪونه هو. هو انهيءَ صورتحال جي سنجيدگيءَ کي محسوس ڪري دل ئي دل ۾ ڪنبي ويا، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ اهڙن وڏن لفظن جي ضرورت پيش آئي هئي. ڇاڪاڻ ته اها جاسوسي في الحال اسڪول ۾ ئي ٿيڻي هئي، ان ڪري ننڍڙو ”تڪاشي ڪيٽو“، جيڪو ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو، سڀ کان پهريون ان جو شڪار بنيو. ان وقت کان پوءِ هن ويچاري کي گهڙيءَ لاءِ به شخصي تنهائي نصيب ڪانه ٿي. جيڪڏهن تڪاشي اسڪول ۾ ٻه آڱريون اڀيون ڪندو هو، ته روبي ’مددگار فوج‘ جي هڪڙي ڇوڪري ڏانهن معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندو هو، ۽ ترت ئي هڪڙو ٻيو هٿ به هوا ۾ اڇلجي اُڀو ٿي ويندو هو. جيڪڏهن تڪاشي اسڪول پوري ڪرڻ کان پوءِ گهر وڃڻ لاءِ نڪرندو هو، ته اٽڪل پنج کن ڇوڪرا رستي جي ٻوڙن مان نڪري، هن جو پيڇو ڪندا هئا. آخرڪار، مسٽر ڪيٽو، تڪاشيءَ جي پيءُ، هڪ رات پنهنجي دريءَ مان هڪ گوري چهري کي جهاتيون پائيندو ڏسي، بندوق جو ٺڪاءُ ڪرايو. ٻئي ڏينهن روبيءَ ڏاڍي اڻتڻ کان پوءِ مددگار فوج جو هڪ ميڙ ڪوٺايو، ۽ حڪم ڏنائين ته سج لٿي کان پوءِ جاسوسي نه ڪئي وڃي. ”دشمن رات جي وقت ڪابه ڪار گذاري ڪري ئي نه سگهندو،“ هن کين سمجهائيندي چيو.

        پڇاڙيءَ ۾ تڪاشيءَ کي به پاڻ تي ٿيندڙ جاسوسيءَ مان ڪو نقصان ڪين پهتو. مددگار فوج کي هن تي نظر رکڻي هئي، ان ڪري هن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ کان سواءِ هو ڪوبه ڪارائتو گشت ڪري نٿي  سگهيا. هن ڏٺو ته هن کي هر هنڌ دعوت ڏيئي گهرايو ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هن تي نظر رکڻ لاءِ ڪنهن به پوئتي رهڻ قبول نٿي ڪيو.

        ڇوڪرن جي مددگار فوج کي خاتمي جو ڌڪ ان ڏينهن لڳو، جنهن ڏينهن تڪاشيءَ، جنهن کي سندن وجود جي ڪنهن طرح کڙڪ پئجي ويئي هئي، ’فوج‘ ۾ داخلا لاءِ درخواست ڪئي.

        ”توکي داخل ڪرڻ لاءِ مون کي ته ڪو رستو ئي ڪين ٿو سجهي“، روبيءَ هن کي سمجهائيندي چيو. ”تون خيال ته ڪر ته تون هڪ جپاني آهين، ۽ اسان کي جپانين کان نفرت آهي.“

        ويچاري تڪاشيءَ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ”جهڙا اوهين هتي ڄاوا آهيو، اهڙو ئي آءٌ هتي ڄائو آهيان،“ هو روئڻ لڳو. ”آءٌ اوهان جهڙو ئي آمريڪي آهيان – آهيان ڪي نه؟“

        روبي سوچ ۾ پئجي ويو. هن تڪاشيءَ سان ظلم ڪرڻ ڪين ٿي گهريو. پوءِ هن جي پيشانيءَ تان سوچ جا گهنج لهي ويا. ”چڱو ڀلا، توکي جپاني ٻولي اچي ٿي؟“ هن پڇيو.

        ”هائو، بلڪل چڱيءَ طرح.“

        ”ته بس، تون اڄ کان اسان جو ترجمان آهين؛ ۽ سمورا ڳجها نياپا توکي ئي ترجمو ڪري ڏيڻا پوندا.“

        تڪاشيءَ جو منهن خوشيءَ کان چمڪڻ لڳو. ”بيشڪ، آءٌ اهو ڪم ڪري سگهندس،“ هن ڏاڍي جذبي ۽ اشتياق منجهان چيو. ”جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ته پوءِ اچو ته بابي تي ئي جاسوسي شروع ڪريون.“

        پر تجويز ناڪام ٿي ويئي. مسٽر ڪيٽو تي جاسوسي ڪرڻ کان سواءِ، مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو ماڻهو ئي ڪونه هو؛ ۽ ڊپ هو ته متان مسٽر ڪيٽو پنهنجي ننڍيءَ ڇيرن واريءَ بندوق سان مرڳو کين ڪو نقصان نه پهچائي وجهي.

        ’شڪراني‘ جو هفتو به گذري ويو. انهيءَ دوران ۾ ڇوڪرن تي روبيءَ جو اثر انهيءَ مان ظاهر ٿيڻ لڳو ته سڀئي ڇوڪرا لفظن جو چڱو موچارو انداز سکي پيا هئا، ۽ کين بوٽن ۽ هر قسم جي نون ڪپڙن پائڻ کان نفرت ٿي پئي. جيتوڻيڪ روبيءَ کي خود به اهڙو احساس ڪين هو، پر هن هڪ اهڙي اسٽائيل، هڪ اهڙي وضع پکيڙي ڇڏي هئي، جيڪا جيتوڻيڪ بنهه نئين به ڪين هئي، پر وڌيڪ پختي ۽ سخت ضرور هئي. سٺا ڪپڙا پائڻ مردن جو شان نه هو، ۽ سڀ کان وڌيڪ، اها روبيءَ جي بي عزتي سمجهي ويندي هئي.

        هڪ جمعي جي شام جو، روبيءَ چوڏنهن چٺيون لکي، لڪ ڇپ ۾ اسڪول اندر چوڏنهن ڇوڪرن کي پهچايون. انهن چٺين ۾ لکيل هو ته ”سڀاڻي ڏهين بجي، منهنجي گهر، ريڊ انڊينس (سرخ هندستانين) جو هڪ وڏو لشڪر، آمريڪا جي پريزيڊنٽ کي جيئري جلائڻ لاءِ ڪاهي ايندو. اوهين هيٺ ٻنين ۾ لڪي ويهجو، ۽ لومڙن وانگر هوڪارون ڪندا رهجو. آءٌ اچي اوهان جي اڳواڻي ڪندس، ۽ پوءِ هن ويچاري کي انهيءَ آفت کان بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسون.“

        ڪافي مهينن کان مس مارگن، جونيس مالٽبيءَ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ارادو ڪري رهي هئي. هن بابت جيڪي ڳالهيون ٻڌيون هئائين، ۽ وري ڇوڪري سان جو لاڳاپو رهيو هوس، ان ڪري سندس دلچسپي تنهان ئي وڌي ويئي هئي. ڪلاس ۾ اڪثر ڪونه ڪو ڇوڪرو مالٽبيءَ متعلق ڪا نئين معلومات بيان ڪندو رهندو هو. مثال طور هڪ ڇوڪري، جيڪو واقعي پنهنجي مورکپڻي جي ڪري اڳئي مشهور هو، مس مارگن کي ٻڌايو ته ”هينگيسٽ“ ۽ ”هورسا“ انگلنڊ تي ڪاهه ڪئي هئي. جڏهن ڇوڪري تي زور رکيائين، تڏهن هن ٻڌايس ته اها معلومات کيس جونيس مالٽبيءَ وٽان حاصل ٿي هئي، ۽ اهو به چيو هئائين ته اها هڪ راز جي ڳالهه هئي. ٻڪريءَ واري ڳالهه ٻڌي ماسترياڻيءَ کي ايترو ته لطف آيو، جو هڪ مخزن کي لکي موڪليائين، پر ڪنهن به مخزن اها خريد نه ڪئي. ڪيترائي ڀيرا مالٽبيءَ جي ٻنيءَ تي وڃڻ لاءِ ڏينهن مقرر ڪري چڪي هئي.

        ڊسمبر جي هڪ صبح جو جاڳي، ته هوا ۾ پارو ڄميل، ۽ تکي اُس پکڙيل ڏٺائين. نيرن ڪري، ’ڪارڊ راءِ‘ ڪپڙي جي اسڪرٽ، ۽ ريشمي بوٽ پائي، گهر کان ٻاهر نڪتي. اڱڻ ۾ ويٺل پنهنجي پاليل ڪتي کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چچڪار ڏنائين، ۽ ٻيا ڪتا هلڪي ’ڪون ڪون‘ ڪري وري وڃي اُس ۾ سمهي رهيا.

        مالٽبيءَ جو گهر ٻه ميل پري ”گيٽو اماريلو“ نالي هڪ ننڍڙي لڪ منجهه هو. انهيءَ لڪ ۾ اڃا ڪافي سيءٌ هو، جو اتي سج اڃان جبلن کان چڙهي مٿي ڪين آيو هو. هلندي هلندي مس مارگن محسوس ڪيو ته هن کي پنهنجي اڳيان ڪنهن جي هلڻ ۽ ڳالهائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، پر جڏهن موڙ تي پهتي ته ڪير به نظر نه آيس. البت، رستي جي پاسي ۾ ٻوڙن منجهان عجيب و غريب آواز پئي آيا. مس مارگن اڳ ڪڏهن به ان پاسي ڪانه آئي هئي. پر جڏهن اتي پهتي، تڏهن مالٽبيءَ جي ٻنين کي سڃاڻي ورتائين. لوڙها ڊٺا پيا هئا، ۽ مٿانئن ڪن ڪچرو وري ويو هو. ميوي جي وڻن تي بيپاڙي چڙهي ويئي هئي، ڪارن ٻيرن جون وليون صوفن جي وڻن تي چڙهي ويئون هيون. سندس پيرن هيٺان نوريئڙا ۽ سها گهڙيءَ گهڙيءَ اوچتيون اڇلون ڏيئي وٺي ٿي ڀڳا، ۽ مٺڙين ٻولين وارا ڪبوتر ڦڙ ڦڙ ڪري اڏامي رهيا هئا. هڪ ڊگهي صنوبر جي وڻ تي بيشمار ڪٻرون ڪو مناظرو ڪري رهيون هيون. ڪجهه اڳتي هلي، ’ايلم‘ وڻ جي پاسي ۾، جنهن جا پن پاري ۾ سڙي ڀورا ٿي ويا هئا، مس مارگن کي مالٽبيءَ جي گهر جي ڇت جون سينواريل ڪنگريون ڏسڻ ۾ آيون. جاءِ جي خاموشيءَ مان ائين ٿي ڀانيو ته هيءَ جاءِ ڪا هزار سالن کان ويران ۽ سنسان پيل آهي. ”ڪهڙي نه ويران ۽ اجاڙ جڳهه آهي،“ هن سوچيو. ”بنهه بي تُڪي، پر نهايت پياري جڳهه آهي!“ هوءَ هڪڙي ننڍڙيءَ ڪاٺ جي ڏاڪائين دروازي مان گهر جي اڱڻ ۾ داخل ٿي. ٻنيءَ واريون جڳهيون، هوائن ۾ ڄڻ ته کاڄي ويون هيون، ۽ ڀتين تي طرح طرح جون جهنگلي وليون چڙهي ويون هيون. مس مارگن اڱڻ جي ڪنڊ ۾ نهاريو، ۽ اتي ئي ڏانوڻ پئجي ويس؛ وات حيرت کان ڦاٽي ويس، ۽ سڄي بدن جا وار ڪانڊارجي ويس. اڱڻ جي پوري وچ ۾ هڪ مضبوط ٿوڻي کتل هئي، ۽ انهيءَ سان چيٿڙن جهڙن ڪپڙن پهريل هڪ ٻڍڙو ماڻهو نوڙين سان چوکنڀو ٻڌو پيو هو، ۽ ٻيو به هڪ چيٿڙن ۾ لپٽيل – پر ٿورو عمر جو ننڍو شخص – سندس پيرن هيٺان سڪل ڪاٺين ۽ ڪکن جو هڪ ڍير گڏ ڪري رهيو هو. مس مارگن کي ڏڪڻي وٺي ويئي، ۽ ڊپ ۾ ماٺ ڪري هڪ ڪنڊ ۾ بيهي رهي. ”هن زماني ۾ ههڙيون ڳالهيون ٿي نٿيون سگهن،“ ”هوءَ پنهنجو پاڻ کي سمجهائڻ لڳي. ”متان خواب لهي رهين آهين. ههڙيون ڳالهيون بنهه ناممڪن آهن!“ ۽ پوءِ هن ڏٺو ته ٻئي شخص پاڻ ۾ نهايت دوستانه نموني ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا.

        ”ڏهه اچي وڳا آهن،“ ’ايذائيندڙ“ چيو.

        ’قيديءَ‘ جواب ڏنو، ”هائو؛ ڪکن جي باهه ڏيڻ ۾ خبرداري ڪجانءِ. باهه ڏيڻ کان اڳ اها پڪ ڪجانءِ ته هو اچي رهيا آهن.-“

        مس مارگن اها ڳالهه ٻڌي اطمينان منجهان ذري گهٽ رڙ ڪرڻ واري هئي. هوءَ آهستي آهستي ٿوڻي ڏانهن وڌي آئي. ’آزاد‘ ماڻهوءَ مڙي کيس ڏٺو. گهڙيءَ لاءِ ته هو حيرت ۾ پئجي ويو، پر جلد ئي پاڻ سنڀالي کيس سلام ڪيائين. ڇنل ڦاٽل ڪپڙن ۽ اڻ سنواريل ڏاڙهيءَ واري شخص وٽان اهو سلام ڏاڍو کل جهڙو پر وڻندڙ پئي لڳو.

        ”آءٌ اسڪول جي ماسترياڻي آهيان،“ مس مارگن يڪساهيءَ چوڻ لڳي، ”سير ڪرڻ لاءِ نڪتي هيس؛ هن گهر تي نظر پيم، سو لنگهي آيس. گهڙيءَ لاءِ هن جئري جلائڻ جي منظر کي بلڪل سچو ۽ سنجيده سمجهي آءٌ نهايت ڊپ ۾ ڀرجي ويئي هيس.“

        جونيس مرڪڻ لڳو. ”پر هي واقعو واقعي بلڪل سنجيده آهي. جيڪو تنهنجو اندازو آهي، ان کان به وڌيڪ سنجيده آهي. گهڙيءَ لاءِ ته مون سمجهيو هو ته تون بچاءَ واري گروهه مان آهين. ڏهين بجي بچاءَ وارو گروهه پهچڻو آهي.“

        گهر جي پٺيان لومڙن جون وحشي ڪوڪارون ٻڌڻ ۾ آيون. ”اجهو، واهر به پهچڻ واري آهي،“ جونيس چيو.

        ”مس مارگن، معاف ڪجانءِ. منهنجو نالو جونيس مالٽبي آهي، ۽ هي شخص جيڪو هونئن ته جيڪب اسٽٽز سڏبو آهي، پر اڄ هي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو صدر آهي، جنهن کي ’انڊين‘ ماڻهو جئرو جلائي رهيا آهن. گهڙيءَ لاءِ ته اسان سمجهيو هو ته هي ’گئينيور‘ ثابت ٿيندو، پر پوري شڪل صورت نه هئڻ هوندي به هي ڪنهن ’گئينيور‘ کان وڌيڪ سٺو پريزيڊنٽ ٿو لڳي. ڪيئن ٿي ڀانئين؟ ان کان سواءِ، هن ’اسڪرٽ‘ پائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.“

        ”بنهه مورکپائي چئبي،“ پريزيڊنٽ اطمينان منجهان جواب ڏنو. مس مارگن کلڻ لڳي. ”مسٽر مالٽبي، آءُ بچاءَ جو ڪارنامو ڏسي سگهان ٿي “

        ”آءٌ مسٽر مالٽبي ڪونه آهيان، آءٌ هن وقت ’ٽي سو انڊين ماڻهو‘ آهيان.“ لومڙن جي اونايون وري گونجڻ لڳيون. ”تون هتي ٿلهي وٽ ٿي بيهه،“ ’ٽن سو انڊين ماڻهن‘ چيو. ”اتي توکي انڊين سمجهي، هو ’خون‘ نه ڪندا.“ هو نهر طرف چتائي نهارڻ لڳو. نيٽ جي وڻ جي هڪ ٽاري زور سان لڏي رهي هئي. جونيس هڪ تيلي پنهنجي پتلون سان ريڙهي ٻاري، ۽ ٿوڻيءَ هيٺان گڏ ٿيل ڪکن ڪانن کي باهه ڏنائين. جيئن ئي شعلا بلند ٿيا، نيٽ جا وڻ ڄڻ ته پرزا پرزا ٿي پيا، ۽ هر هڪ پرزو هڪ ڇوڪرو بنجي پيو. ڇوڪرن جي لشڪر اڳيان جلهه ڪئي؛ هو اهڙن اجاين سجاين هٿيارن سان مسلح هئا، جهڙا ’بئسٽلي‘ تي حملي ڪرڻ وقت فرينچ انقلابين وٽ  هئا. باهه تيزيءَ سان پريزيڊنٽ ڏانهن وڌي رهي هئي -، پر جلد ئي ان کي ٿڏن سان وسائي ڇڏيائون. بچائيندڙ لشڪر وارا ڏاڍي جوش مان هڪدم سڀ نوڙيون ڪپي ڇوڙڻ لڳا، ۽ جيڪب اسٽٽز آزاد ٿي فخر ۽ خوشيءَ مان هيٺ لهي آيو. ان کان پوءِ جيڪو جشن ٿيو، سو به گهٽ اثرائتو ڪين هو. جڏهن ڇوڪرن جو لشڪر سلاميءَ لاءِ تيار ٿي بيٺو، تڏهن پريزيڊنٽ سڄي قطار لتاڙيندي، هر هڪ ڇوڪري جي ڪوٽ تي شيهي جو هڪ ٻلو ٽاچيندو ويو، جنهن تي ”بهادر“ لفظ کرڙي لکيو ويو هو. راند پوري ٿي چڪي هئي.

        ”آئينده ڇنڇر تي اسين ڏوهاري بدمعاشن کي ڦاهيءَ تي چاڙهينداسون، جن ههڙي ڀيانڪ سازش جي ڪوشش ڪئي آهي.“ روبيءَ اعلان ڪيو. ڇو نه هينئر ئي ڪريون؟ اچو ته هينئر ئي کين ڦاهيءَ چاڙهيون،“ فوج يڪ آواز ٿي چيو.

        ”نه منهنجا پهلوان ساٿيو؛ اسان کي ٻيا به ڪيترائي ڪم سرانجام ڏيڻا آهن. ڦاهيءَ جو تختو به ته تيار ڪرڻو پوندو!“ هن مڙي پنهنجي پيءُ ڏانهن ڏٺو. ”منهنجي خيال ۾ اوهان ٻنهي کي ڦاسيءَ تي چاڙهڻو ئي پوندو،“ هن چيو. گهڙيءَ لاءِ هن مس مارگن کي به حريص نگاهن سان ڏٺو، پر پوءِ بيد ليو ٿي هن جو خيال لاهي ڇڏيائين.

        اهڙي پر لطف شام زندگيءَ ۾ مس مارگن خير ڪا گذاري هئي. جيتوڻيڪ هن کي انجير جي ڏار تي ويهڻ جي عزت واري جڳهه به ڏنائون، پر ڇوڪرن هن جي استاد هجڻ جو ڪو گهڻو خيال ڪين ڪيو.

        پنهنجا بوٽ جيڪڏهن لاهي ويهين، ته هوند وڌيڪ فرحت محسوس ڪندينءَ،“ روبيءَ کيس دعوت ڏيندي چيو. ۽ واقعي جڏهن هن پنهنجو بوٽ لاهي، پير پاڻيءَ ۾ وڌا، تڏهن هن ڏاڍي فرحت محسوس ڪئي.

        ان شام جو، جونيس ”ائليوشن انڊين“ ماڻهن ۾ آدمخورن جي ٽولن جو ذڪر ڪيو. هن کين ٻڌايو ته ڪيئن غلامن جي فوج ’ڪارٿيج‘ جي خلاف ٿي پئي هئي. هن کين ’لئڪيڊيمونين‘ ماڻهن جو قصو ٻڌايو، جيڪي ’ٿرموپلي‘ وٽ مرڻ کان اڳ پنهنجي وارن کي ڦڻيون ڏيندا رهيا. هن ارڙهين صديءَ واري ’مڪاروني‘ فرقي جي اصليت جو احوال به بيان ڪيو؛ ۽ کين ٽامي جي دريافت جو احوال اهڙيءَ طرح ٻڌايو، ڄڻ ته پاڻ اتي حاضر هو. آخرڪار جڏهن باغ عدن مان حضرت آدم جي نڪرڻ جي مسئلي تي جيڪب سندس دليل جي مخالفت ڪئي، تڏهن پاڻ ۾ وڙهي پيا، ۽ سڀ ڇوڪرا پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. مس مارگن ڇوڪرن کي وڃڻ جي اجازت ڏني، ڇو ته هُن هِن عجيب شخص بابت اڪيلائيءَ ۾ ڪجهه سوچڻ ٿي چاهيو.

        اسڪول بورڊ طرفان اسڪول جي معائني ڪرڻ واري ڏينهن کان استاد توڙي شاگرد ڏاڍا ڊڄندا هئا. اهو ڏينهن ڏاڍو بي آراميءَ جو ڏينهن هو. سبقن جو وري وري دور ٿي رهيو هو. ڪنهن ڇوڪري جيڪڏهن ڪنهن لفظ جي هجي ڪرڻ ۾ ڪا غلطي ٿي ڪئي، ته ڄڻ ته هن کان ڪو وڏو گناهه ٿي سرزد ٿيو. ان ڏينهن تي ڇوڪرا هميشھ کان وڌيڪ چڪون ڪندا هئا، ۽ استاد جا حواس ته بنهه خطا ٿي ويندا هئا.

        ’پاسچر آف هيونس‘ جي اسڪول بورڊ جي جماعت پندرهين ڊسمبر جي منجهند جو، سڪول جي معائني ڪرڻ لاءِ پهتي. منجهند جي ماني کائي، هو هڪ هنڌ گڏ ٿيا، ۽ ڏاڍا اداس، مغموم ۽ لڄارا ٿي رهيا هئا. پهرين اسڪول بورڊ جو ٻڍڙو سيڪريٽري ”جان وائيٽ سائيڊ“ پهتو. تعليم متعلق هن جا خيال ڏاڍا آزاد هئا، ان ڪري واديءَ ۾ اڪثر هن تي سخت نقطه چيني ڪئي ويندي هئي. ان کان پوءِ ”پئٽ هئمبرٽ“ آيو. پئٽ انهيءَ ڪري چونڊجي ويو هو، جو هن چونڊجڻ چاهيو ٿي – تنهائي پسند ماڻهو هو، ۽ خودبخود ماڻهن کي وڃي ملڻ جي هن ۾ عادت ئي ڪانه هئي؛ ۽ ماڻهو زوريءَ هن کي پنهنجي صحبت ۾ گهلي ايندا هئا. هن جا ڪپڙا اهڙائي اڻ ٺهڪندڙ ۽ بي تڪا هئا، جهڙا  واشنگٽن ۾ ابراهم لنڪن جي مجسمي تي پتل جا ڪپڙا پيل آهن. ان کان پوءِ ”ٽي . بي . ائلن“ آيو. هو واديءَ جو اڪيلو واپاري هو، ان ڪري بورڊ ۾ سيٽ ملڻ جو پاڻ ئي حقدار هو. ان جي پٺيان ”ريمند بئنڪس“ آيو، جو بدن جو ڀريل ۽ طبيعت جو خوشمزاج هو. سندس هٿ ۽ منهن نهايت سرخ سرخ ٿي نظر آيا. انهيءَ قطار ۾ سڀ کان پويان، نئون چونڊيل ميمبر ”برٽ منرو“ هو. ڇاڪاڻ ته اسڪول ۾ پهريون دفعو آيو هو، ان ڪري ميمبرن جي پويان ويندي هو ڏاڍو ڦڪو ۽ لڄارو ٿي رهيو هو. سڀ ڪلاس – ڪمري ۾ وڃي ويهي رهيا.

        جڏهن سڀ ميمبر ججن وانگر اڳيان اچي ويهي رهيا، تڏهن سندن زالون پويان اچي ڪلاس ۾ شاگردن جي پٺيان ويهي رهيون. شاگرد انتظار ۽ بي آراميءَ کان وٽ کائي رهيا هئا. هو ائين محسوس ڪري رهيا هئا، ڄڻ ته هنن جي چوڌاري گهيرو ڪيو ويو هو، ۽ ڀڄڻ جي واٽ ئي ڪانه هئي. پنهنجي سيٽن تي بي آراميءَ منجهان هنن ڏٺو ته زالون ڏانهن ڏاڍيءَ مهربانيءَ ۽ شفقت جي نظرن سان ڏسي رهيون هيون. هو مسز منرو جي هنج ۾ هڪ وڏي ڪاغذ جي پڙي کي چتائي ڏسي رهيا هئا.

        اسڪول شروع ٿيو. مس مارگن، ڏاڍي مشڪل سان چپن تي مرڪ آڻي، ميمبرن جي آجيان ڪئي. ”صاحبو، اڄ اسين اوهان کي ڪا غير معمولي چيز پيش ڪين ڪنداسون. بس جيڪي روزمره ڪلاس ۾ ڪم ٿيندو آهي، بلڪل اهو ئي اوهان ٻڌندا، ۽ اميد اٿم ته اوهان کي ان تي اطمينان ۽ خوشي ٿيندي.“ گهڙيءَ کان پوءِ هن کي احساس ٿيو ته ناحق هن  اهي لفظ چيا. پنهنجي سڄيءَ عمر ۾ هن اهڙا ڪجسا ۽ بيوقوف شاگرد ڪين ڏٺا هئا. جن شاگردن مس مس ڪجهه ڳيتون ڏيئي ڪي لفظ ڳالهايا ٿي، انهن کان به ڏاڍيون ڳريون چڪون ٿي رهيون هيون. هجي ڪرڻ ۾ ته سڀني نهايت شرمناڪ چڪون پئي ڪيون. هنن جو پڙهڻ ڄڻ ته چرين واري بڙ بڙ پئي معلوم ٿي. بورڊ جا ميمبر هونئن ته پنهنجي پاڻ تي ضابطو رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر ٻارن جي بي آرامي ۽ اضطراب کي محسوس ڪري، هو مرڪڻ کان رهي نه سگهيا. مس مارگن جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون نمودار ٿيڻ لڳيون. هوءَ تصور ئي تصور ۾ ڏسي رهي هئي ته بورڊ ڪاوڙجي کيس ڊسمس ڪري رهيو هو. پٺيان ويٺل ميمبرن جون زالون به مرڪي رهيون هيون، ۽ وقت گذري رهيو هو. جڏهن حسابن جي گڙٻڙ به پوري ٿي، تڏهن جان وائيٽ پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي بيٺو.

        ”مهرباني، مس مارگن،“ هو چوڻ لڳو. ”جيڪڏهن اجازت ڏين، ته ٻارن سان ٻه اکر ڳالهايان؛ پوءِ ڀل تون کين موڪل ڏيئي ڇڏج. اسان جي هت اچڻ تي هنن کي ڪو ته اجورو ملڻ گهرجي.“

        ماسترياڻيءَ ڇوٽڪاري جو هڪ ٿڌو ساهه ڀريو، ۽ چوڻ لڳي، ”شايد اوهان سمجهي چڪا آهيو ته شاگرد اڳئين وانگر ايترا هوشيار ڪين آهن. خير چڱو ٿيو، جو اوهان کي خبر ته پئجي ويئي.“

        جان وائيٽ سائيڊ مرڪڻ لڳو. هو اسڪول جي معائني وارن ڏينهن تي ڪيترا اهڙا پريشان ۽ مضطرب استاد ڏسي چڪو هو. ”جيڪڏهن آءٌ اهو سمجهان ته ڇوڪرا نهايت هوشيار ٿي ويا آهن، ته هوند آءٌ اسڪول کي ئي بند ڪري ڇڏيان،“ هن چيو. پوءِ ٻارن سان پنج منٽ مخاطب ٿيو، ۽ کين هدايت ڪيائين ته هنن کي محنت ڪري پڙهڻ گهرجي، ۽ پنهنجي استاد جي عزت ڪرڻ گهرجي. اها ننڍڙي ۽ آسان تقرير هو ورهين کان ڪندو آيو هو. جڏهن تقرير پوري ٿي، تڏهن هن ماسترياڻيءَ کي ٻارن کي موڪل ڏيڻ لاءِ چيو. ٻار اول ته خاموشيءَ سان ٻاهر ڀڳا، پر ٻاهر نڪرندي شرط خوشيءَ مان ڪيڪون ڪندا، هڪ ٻئي سان وڙهندا ماريندا، اڇلون ڏيندا، اسڪول جي اڱڻ ۾ پکڙجي ويا.

جان وائيٽ سائيڊ مس مارگن سان هٿ ملايو، ۽ ڏاڍيءَ شفقت سان چيائين، ”اسان کي اڃا تائين اهڙو استاد نه مليو آهي، جنهن جي ڪلاس ۾ هيڏو انتظام هجي، توکي شايد خبر نه هجي، پر شاگرد توکي ڏاڍي محبت ۽ عزت سان ٿا ڏسن.“

 

”ٻار به سمورا سلڇڻا ٻار آهن،“ هن باضابطه جواب ڏنو. ”هو  نهايت سٺا ٻار آهن.“

        ”بيشڪ صحيح آهي،“ جان وائيٽ سائيڊ اعتراف ڪندي چيو. ”خير، ڀلا هو ننڍڙو ڇوڪرو، مالٽبي، ڪيئن پيو هلي؟“

”هو ڏاڍو ذهين ٻار آهي – ڏاڍو عجيب ڇوڪرو آهي. منهنجي خيال ۾ ته هڪ نهايت تيز ۽ روشن ذهن جو ٻار آهي.“

        ”مس مارگن، اسان بورڊ جي ميٽنگ ۾ به ان ڇوڪري بابت ڳالهيون ٻولهيون ڪيون هيون، توکي ته خبر آهي ته هن جي گهرو زندگي اهڙي ڪانهي، جهڙي هئڻ گهرجي. اڄ ته مون خاص طور هن کي ڌيان سان ڏٺو. ويچاري ٻارڙي کي پورا ڪپڙا به ته پيل ڪونه هئا.“

        ”برابر، پر هن جي گهر جي عجيب حالت آهي،“ مس مارگن محسوس ڪيو ته هن کي جونيس مالٽبيءَ جو پاسو کڻڻو ئي پوندو. ”اهو گهر عام رواجي گهرن جهڙو ڪين آهي، پر اهڙو خراب به ڪين آهي.“

        ”مس مارگن، مون کي غلط نه سمجهه، اسين هن جي معاملن ۾ دخل ڪين ٿا ڏيڻ گهرون. اسان رڳو ايترو سوچيو ته هن کي ڪجهه چيزون ڏيڻ گهرجن. توکي ته خبر آهي ته هن جو پيءُ ڏاڍو غريب ماڻهو آهي.“

        ”مون کي سموري خبر آهي،“ هن آهستي جواب ڏنو.

        ”مسز منرو هن لاءِ ڪجهه نوان ڪپڙا وٺي آئي آهي. تون ڀلائي ڪري هن کي اندر سڏ ڪري وٺ، ته کيس اهي ڪپڙا ڏيون.“

        ”اوهه. بلڪل نه، آءٌ کيس ڪانه سڏينديس........“ هوءَ چوڻ لڳي.

        ”پر ڇو نه؟ اسان هن لاءِ هڪ ٻه ننڍريون قميصون، هڪڙي پتلون ۽ بوٽ آندو آهي.“

        ”پر، مسٽر وائيٽ سائيڊ، ممڪن آهي ته ڇوڪري کي ڪجهه رنج ٿي پوي، هو ڏاڍو مغرور ٻار آهي، نون ڪپڙن تي رنج ٿيندو؟ بلڪل غلط، منهنجي خيال ۾ هن کي پاڻ اهي ڪپڙا نه ملڻ تي رنج ٿيندو، پر انهيءَ کان سواءِ، ههڙي سيءَ ۽ ٿڌ ۾ هن جو پيرين اگهاڙو رهڻ ڏاڍو خطرناڪ آهي. هفتي کان وٺي روزانو صبح جو پارو ٿو وسي.“

        ”ڪاش، اوهين پنهنجي ڳالهه تان لهي وڃو،“ هن لاچاريءَ مان چيو، ”ڪاش، اوهين ائين نه ڪريو!“

        ”مس مارگن، تون اهو نه ٿي سوچين ته تنهنجو ضد اجايو آهي؟ مس منرو رحم کائي هن لاءِ اهي چيزون خريد ڪري آئي آهي. ڀلائي ڪري سڏ ڪرينس، ته هوءَ کيس ڪپڙا ڏئي.“

        گهڙيءَ کان پوءِ روبي سندس اڳيان بيٺو هو. هن جا کنڊريل وار سندس منهن تي پئجي رهيا هئا، ۽ سندس اکيون شايد پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ کيڏيل ناٽڪ جي هيبت کان چمڪي رهيون هيون. ڪمري ۾ گڏ ٿيل گروهه هن کي شفقت ۽ پيار جي نظرن سان ڏسڻ لڳو. هنن سندس ليڙن ٿيل ڪپڙن کي هروڀرو تڪي ڪين ٿي ڏٺو. روبي ڏاڍيءَ بيچينيءَ مان هنن ڏانهن نهاري رهيو هو.

        مس مارگن چيو، ”رابرٽ، مسز منرو تنهنجي لاءِ ڪي شيون وٺي آئي آهي.“ پوءِ مسز منرو اڳتي وڌي آئي، ۽ ڪاغذ جو وڏو بنڊل کڻي سندس هٿن ۾ ڏنائين – ”ڪهڙو نه سٻاجهو نينگر آهي!“

        رابرٽ ڏاڍي خبرداريءَ سان بنڊل کڻي پٽ تي رکيو، ۽ پنهنجا هٿ پٺيان ٻڌي بيٺو رهيو.

        ”رابرٽ، بنڊل کي کولي ته ڏس“ ٽي. بي. ائلن ٿورو تکائي سان چيو.

        ”اڄ تنهنجي لڇڻن کي ڇا ٿيو آهي؟“

روبيءَ هن ڏانهن شڪايت ۽ ڪاوڙ ڀريل نگاهن سان نهاريو. ’هائو، سائين،‘ چئي، هن بنڊل جا ڌاڳا ڇوڙيا. نيون قميصون ۽ نئين پتلون ۽ نئون بوٽ هن جي اڳيان کلي پيا؛ ۽ هو انهن ڏانهن هڪ عجيب اٻوجهائيءَ مان گهورڻ لڳو. اوچتو هن کي احساس ٿيو ته اهي ڪهڙيون چيزون هيون! هن جو منهن تپي ڳاڙهو ٿي ويو. گهڙيءَ لاءِ هن پنجوڙ ۾ ڦاٿل ڪنهن جانور وانگر هراسيل نظرن سان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو؛ ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو، لوهه ڏيئي دروازي ڏانهن ڀڳو – ڪپڙن جو بنڊل اتي ئي رهيو. اسڪول بورڊ جي ميمبرن اسڪول جي اڱڻ ۾ هن جي ڊوڙڻ جو آواز ٻڌو؛ ۽ روبي وڃي چڪو هو.

        مسز منرو بيوسيءَ مان ماسترياڻيءَ ڏانهن ڏٺو. ”هن سان آخر وئل ڪهڙو آهي؟“

        ”ڀانيان ٿي ته هن کي ڏاڍو رنج پهتو آهي،“ مس مارگن چيو.

        ”پر هن کي رنج ڇو ٿيڻ گهرجي، اسين ته هن سان چڱائي ڪري رهيا هئاسون.“ ماسترياڻي هنن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر انهيءَ ڪوشش ۾ هوءَ هنن سان ڪاوڙجي پئي.

        ”اوهان ته ظلم ڪري ڇڏيو، ڏٺوَ نه........... هڪ گهڙي اڳ هن کي اهو احساس ئي ڪونه هو ته هو ڪو غريب هو. هن جي پندار کي ڌڪ لڳو آهي.“

        ”اها منهنجي چڪ هئي،“ جان وائيٽ معافي گهرندي ۽ افسوس ڪندي چيو. ”مون کي سخت افسوس آهي، مس مارگن!“

        ”هاڻ ان لاءِ آخر ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ برٽ منرو پڇيو.

        ”مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. سچ پڇ ته هاڻ مون کي ڪو رستو نظر نٿو اچي.“

        مسز منرو پنهنجي مڙس کي چوڻ لڳي، ”برٽ، منهنجي خيال ۾ تون پاڻ وڃي مسٽر مالٽبيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري اچ؛ شايد ڳالهه ٺهي پوي. تون هن سان مهربانيءَ سان پيش اچج. رڳو ايترا ٻه اکر چئجانس ته ڇوڪر کي ان طرح پيرن اگهاڙو گهمڻ نه گهرجي. ممڪن آهي ته انهن ٻن اکرن مان ئي قصو ٺهي پوي. مسٽر مالٽبي ممڪن آهي ته ننڍڙي رابرٽ کي چوي ته کيس ڪپڙا وٺڻ گهرجن. اوهان جو ڇا خيال آهي، مسٽر وائيٽ سائيڊ؟“

        ”مون کي اها تجويز بلڪل پسند ڪانهي. منهنجي راءِ کي ريٽڻ لاءِ اوهان کي شايد ووٽ وٺڻا پوندا. آءٌ اڳئي ڪافي نقصان پهچائي چڪو آهيان.“

        ”منهنجي خيال ۾ هن جي جذبات کان هن جي صحت وڌيڪ اهميت ٿي رکي،“ مسز منرو چوڻ لڳي.

        اسڪول ويهين ڊسمبر کان ناتال جي موڪلن لاءِ بند ٿي ويو. مس مارگن پنهنجون موڪلون ”لاس اينجلز“ ۾ گذارڻ جو پروگرام رٿيو هو. هوءَ هڪ چوسول تي ”ساليناس“ ڏانهن وڃڻ واريءَ لاريءَ جي انتظار ۾ بيٺي هئي ته هڪ ننڍڙي ڇوڪري ۽ هڪ شخص کي ”پاسچرس آف هيون“ مان پاڻ ڏانهن ايندڙ رستي تي ڏٺو. هن کي نهايت سستي قسم جا نوان ڪپڙا پيل هئا، ۽ هو ٻئي اهڙيءَ طرح هلي رهيا هئا، ڄڻ ته سندن بوٽن کين پيرن ۾ لڦون وجهي ڇڏيون هيون. جڏهن هو ويجهو پهتا، تڏهن مس مارگن ڇوڪري ڏانهن چتائي نهارڻ لڳي، ۽ ڏٺائين ته هو روبي هو. هن جي منهن مان ڏک ۽ اُداسي ظاهر ٿي رهي هئي.

        ”ڇو رابرٽ، ڳالهه ڇا آهي؟ ڪاڏي پيا وڃو؟“ مس مارگن پڇيو. هن شخص جواب ڏنو، ”مس مارگن، ’سئنفرئنسسڪو‘ ٿا وڃون.“

        هوءَ هن ماڻهوءَ ڏانهن نهارڻ لڳي. هو جونيس مالٽبي هو، هن پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏي هئي. هن کي اهو احساس ئي ڪونه هو ته هو ڪو ايترو پوڙهو هو. سندس اکيون، جيڪي جوان لڳنديون هيون، سي به هاڻ پوڙهيون ٿي ويئون هيون. هن جو منهن ڏاڍو زرد هو؛ شايد هيترو وقت سندس ڏاڙهي هن جي منهن کي اُس کان بچائيندي رهي هئي. هن جي منهن تي هڪ سخت مونجهاري ۽ پريشانيءَ جي ڪيفيت هئي.

        ”موڪلون ملهائڻ پيا وڃو ڇا؟“ مس مارگن پڇيو. ”ناتال جي ڏينهن ۾ سجايل سينگاريل دڪان مون کي ڏاڍا وڻندا آهن. ڏينهن جا ڏينهن ڀانءِ ته انهن کي بيٺي ڏسندي هان!“

        ”نه،“ جونيس مالٽبيءَ هوريان جواب ڏنو، ”شايد اسين هميشھ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيا آهيون. مس مارگن، آءٌ هڪ اڪائونٽنٽ آهيان. گهٽ ۾ گهٽ ويهه سال اڳ ته آءٌ اڪائونٽنٽ ئي هوس. نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ٿو وڃان.“ هن جي آواز ۾ هڪ عجيب درد سمايل هو.

        ”پر آخر ڇو ٿو ائين ڪرين؟“ هن پڇيو.

        ”ڏس، مس مارگن،“ هن سادگيءَ سان کيس سمجهائڻ شروع ڪيو، ”مون کي اهو احساس ئي ڪونه هو ته هت آءٌ پنهنجي پٽ سان ڪو ظلم ڪري رهيو هوس. مون ان تي ڪڏهن سوچيو ئي ڪين هو. هاڻ خيال ٿو ڪريان ته مون کي ان بابت ضرور سوچڻ گهربو هو. تون خود به ضرور اهو محسوس ڪندينءَ ته هن ٻار کي هيئن مسڪينيءَ ۽ اڻ هوند جي ماحول ۾ نپائڻ نه گهرجي ها. تون اهو محسوس ڪرين ٿي يا نه؟ مون کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته ماڻهو اسان لاءِ ڇا چئي رهيا هئا!“

        ”پر تون هت ٻنين تي ڇو نٿو رهين؟ تنهنجي زمين به ڪافي ڀلي آهي!“

        ”پر آءٌ انهيءَ مان گذر سفر پيدا ڪري نه سگهيس، مس مارگن. مون کي ٻنين يا هارپ جي ڪابه سڌ ڪانهي. جيڪب ٻنيءَ کي وري آزمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآهي. پر جيڪب ڏاڍو سست آهي. ڪجهه وقت کانپوءِ، جڏهن ڪجهه پير کوڙي ويس، ته انهيءَ زمين کي وڪڻي ڇڏيندس، ۽ روبيءَ کي ڪجهه شيون وٺي ڏيندس، جيڪي زندگيءَ ۾ هن کي ڪڏهن نصيب نه ٿيون آهن.“

        مس مارگن کي چڙ اچي ويئي، پر ساڳئي وقت هن کي ائين محسوس ٿيو ته هوءَ روئڻ واري هئي. ”تون بيوقوف ماڻهن جي چوڻ تي اعتبار ٿو ڪرين ڇا؟“

        هو ڏانهنس حيرت مان نهارڻ لڳو. ”بلڪل نه؛ پر تون خود ڪانه ٿي محسوس ڪرين ته هڪ وڌندڙ ڇوڪري کي جانورن وانگر نپائڻ نه گهرجي؟“

        پريان رستي تان لاري ايندي نظر آئي. جونيس، روبيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هِن ته اچڻ ئي نه ٿي گهريو. ڀڄي وڃي جبلن ۾ لڪو هو. ڪالهه رات جيڪب ۽ آءٌ وڃي جهلي وٺي آياسونس. گهڻائي ڏينهن جانورن وانگر گذاريا اٿس. ان کان سواءِ هن کي اها خبر ئي ڪانهي ته سئنفرئنسسڪو ۾ رهڻ ڪيترو نه چڱو آهي.“

        لاري اچي سندن سامهون بيهي رهي. جونيس ۽ روبي چڙهي پٺين سيٽن تي وڃي ويهي رهيا. مس مارگن به سندن ڀر ۾ ويهڻ واري هئي، پر اوچتو هن کي ڪو خيال آيو، ۽ رخ ڦيري اڳيان وڃي ڊرائيور جي ڀر واريءَ سيٽ تي ويهي رهي. ”بيشڪ“، هوءَ پنهنجي ئي پاڻ کي چئي رهي هئي. ”بيشڪ، هنن کي اڪيلائيءَ جي ضرورت آهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org