”اهو آهي جهجهن چاڪليٽن کائڻ جو نتيجو!“ ڪنهن چيو.
مس باما ڳالهائي نه پئي سگهي. ”هن کي تازي هوا گهرجي“،
هوءَ چوڻ لڳي. ”بهتر آهي ته گهڙيءَ لاءِ هن کي
لاريءَ کان ٻاهر ڪڍي ليٽائجي.“
چارليءَ هن جو گهنجن پيل پريشان چهرو ڏٺو، ۽ چيائين،
”مائي، تون ويهي رهه. آءٌ پاڻيهي ٿو هن کي هيٺ
لاهيان.“
ڪڪو انهيءَ هنگامي کي ڏسي ڊڄي ويو، ۽ روئڻ لڳو. مارج هن
کي ٻانهن ۾ لوڏي ماٺ ڪرائڻ لڳي. مس باما وري اچي
پنهنجي سيٽ تي ويهي رهي. ڊاڪٽر ڪائولي جا لفظ سندس
ڪنن ۾ گونجڻ لڳا – ”مون توکي اڳي ئي چيو هو!“ هن
پنهنجي ڇاتيءَ جي هڏي هيٺان هڪ چڀندڙ سور محسوس
ڪيو – هن جو اهو درد ڪلهي تائين پهچي، کاٻيءَ
ٻانهن ۾ لهي پيو. هن جي اکين اڳيان دنيا تحليل
ٿيندي، گم ٿي رهي هئي. هن جي درد جي شدت کان
هزارين ميل دور، ڪنهن هنڌ ڊاڪٽر ڪائولي جي ڏنل
گورين جو پڙو پيل هو، پر هوءَ اتي پهچي نه ٿي
سگهي.
پيٽ، دريءَ منجهان چارليءَ کي ننڍڙي ڇوڪري سان بيٺل
ڏٺو. ڇوڪرو اُلٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
ڊرائيور ڇوڪري کي چئي رهيو هو، ”جلدي ڪر، الٽي ڪري
وٺ!“ پيٽ پنهنجي پٺيان ڳچيءَ تي ورجينيا جي ساهه
کي محسوس ڪيو. جڏهن هن پنهنجو ڪنڌ پاسيرو ڪيو،
تڏهن ڏٺائين ته هوءَ لاريءَ کان ٻاهر نه، پر کيس
ئي ڏسي رهي هئي – جوئِيءَ گهڻائي زور لاتا، پر کيس
الٽي نه آئي. نيٺ روئڻ لڳو. ”الٽي نه ٿي اچي“، هن
ڪڪ ٿي، روئندي چيو.
لارا کي ڪابه خبر نه هئي ته ڇا پئي ٿيو. هن نه ڪجهه
ڏٺو، نه ڪجهه ٻڌو. هوءَ انهيءَ انتظار ۾ هئي ته
سندس ماءُ، جا سندس پاسي ۾ آڪڙي ويٺي هئي، ڪجهه
ٿڌي ٿئي، ته وري کانئس ڪي سوال پڇي.
”ٺهيو هاڻ هل اندر.“ چارليءَ ڇوڪري کي چيو. ڇوڪر جي
پويان پاڻ به اندر آيو. نون ڪپڙن وارين ٻن مسافر
عورتن وٽان لنگهي، هڙن واريءَ وٽان ٽپي، ٻين به ٻن
مسافرن کي اورانگهي، هڪ سيٽ وٽ اچي بيهي رهيو.
”هاڻ ماٺ ڪري هت ويهي رهه، ۽ ڪابه چُرپُر نه
ڪجانءِ،“ هن ڇوڪري کي چيو. جوئِي، لٿل منهن سان،
ماٺ ڪري، جيروسلم بيليءَ جي ڀر ۾ ويهي رهيو، جيڪا
دهشت زده ٿي هن کي ڏسي رهي هئي. چارليءَ مس باما
کان پڇيو: ”مائي، منهنجي لائق ڪا ڪار خذمت هجي ته
چئي ڏي!“ ڪنهن دور دراز هنڌ تان واپس ايندي، مس
باما ڪنڌ لوڏي ناڪار ڪئي. چارليءَ وري چيس، ”ڪنهن
به ڳالهه جي ضرورت ٿئي، ته رڳو نوڙي ڇڪي اطلاع
ڏجانءِ!“
چارليءَ لاري چالو ڪئي؛ ۽ سندس چهري تي هڪ مرڪ ڇانئجي
ويئي. هو اهو سوچي رهيو هو ته پنهنجي زال کي پهرين
ڪهڙي ڳالهه ٻڌائي – آنن جي سودي جي ڳالهه ٻڌائي،
يا اڄ جيڪو واقعو ٿيو هو، سو بيان ڪري. هن کي
افسوس ٿيڻ لڳو ته اهو واقعو انهيءَ ساڳئي ڏينهن ٿي
پيو هو، جنهن ڏينهن هن ڪڪڙ جي آنن جو سودو ڪيو هو.
ٻين ڏينهن تي هو جڏهن گهر پهچندو هو، تڏهن پٽس اڱڻ
۾ پيو راند روند ڪندو هو، ۽ ”هيلن“ اچي سندس آجيان
ڪندي هئي؛ ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه نه هوندي هئي، جا کڻي
کيس ٻڌائي. اڄ ته هڪڙي ئي ڏينهن ٻه ڳالهيون ٿي
پيون هيون. هن آرسيءَ تي نگاهه وڌي، ۽ سندس مرڪ
غائب ٿي ويئي. ٻڍڙي مائي شايد پنهنجي سيٽ تي هيٺ
جهڪي ويئي هئي؛ هو کيس ڏسي نه سگهيو.
مسز بيريمئن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. اولاد لاءِ پنهنجي زندگي
قربان ڪر، پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال هن لاءِ
وقف ڪر، راتين جا اوجاڳا ڪڍ، هن جي اون رک......
هن جي ذهن ۾ جئڪ برنس جون اکيون اڀري آيون، جن ۾
نهارڻ سان هن ۾ هڪ عجيب غير ثابت قدميءَ جو احساس
پيدا ٿيو، پر نهايت ديانتداريءَ سان هن انهيءَ دل
لڀائيندڙ گهُور کي هٽائي ڇڏيو، ۽ تصور ئي تصور ۾
لارا سان گفتگو ڪرڻ لڳي؛ ”واقعي تون عظيم رقاصه
آهين! اي منهنجي نو عمر ڌيءَ، توکي صرف اهڙي موافق
ماحول جي ضرورت آهي، جنهن ۾ تون پنهنجي لياقتن کي
ڀلجي نه سگهين.“
مس باما جي دل جو دورو ختم ٿيو، ۽ هو ائين محسوس ڪرڻ
لڳي ڄڻ ته هن جو جسم گهٽجي ويو هو، ۽ هوءَ پنهنجو
پاڻ نه رهي هئي. هن کي اهو اچي خوف ٿيو ته هوءَ
پنهنجو ڪنڌ به چوري نٿي سگهي. پر اهو خيال اجايو
هوس، هن جو ڪنڌ برابر مڙي سگهيو ٿي. هن پنهنجي آس
پاس، ۽ پاڻ کان پري ويٺل اجنبي انسانن کي ڏٺو – ٻن
وڏن ٻارن، غير معمولي ڪڪي ۽ سندس ماءُ کي ڏٺائين.
ڪڪو کيس ڏسي مرڪي رهيو هو، ۽ مس باما کي تعجب لڳي
رهيو ته هوءَ ان ڏينهن ايتري بي اعتنائي ڇو محسوس
ڪري رهي هئي.
پيٽ چئي رهيو هو – ”آءٌ نٿو ڀانيان. آءٌ ته سڌو اڳتي
وڃي رهيو آهيان.“ ورجينيا پڇيس – ”سڌو وڃڻ مان
تنهنجو مقصد ڇا آهي؟ توکي آرام جي ضرورت آهي. ٺيڪ
آهي يا نه؟“
هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو، ۽ ٽيڏيءَ اک سان ورجينيا کي ڏسڻ
لڳو، ۽ هن ۾ اها چيز تلاش ڪرڻ لڳو، جا هن کي پسند
ٿي آئي. هن کي اچي ڳڻتين ورايو. ورجينيا جي لائق
بنجڻ لاءِ هن ڇا ڪيو هو؟ هو پنهنجي بخت کان غير
مناسب ڳالهه ته طلبي ڪونه رهيو هو؟
”جيڪڏهن تون اهو ٿو سمجهين ته تون مون کي ڌتاري يا
هرکائي سگهندين، ته اهو خيال ئي لاهي ڇڏ،“ ورجينيا
چوڻ لڳي. ”منهنجي طبيعت هميشھ دوستيءَ تي آماده
آهي. آءٌ هميشھ چوندي آهيان ته ماڻهن کي پنهنجي
مرڪ سان وندرائڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي: انهيءَ سان ماڻهن
جي دل خوش ٿي ٿئي.“
لاري هڪ ويڪريءَ شاهراه جي ڇيڙي تي اچي پهتي هئي - ۽
چارليءَ لاريءَ جي رفتار ڍري ڪري، هڪ سوڙهي ڪڪريءَ
۽ ريتيءَ جي رستي تي موڙ کاڌو. منجهند جو وقت هو،
۽ اُس سڌي اکين ۾ پئي آيس، انهيءَ ڪري اُس کان
بچاءَ واري تاڪي هيٺ ڪري ڇڏيائين.
لاري مانيءَ جي وقفي لاءِ بيهي رهي. چارلي لاريءَ کي
سفر جي وچئين اڏي تي وٺي آيو هو؛ ۽ اعلان ڪيائين:
”ماني کائڻ جي وقفي لاءِ لاري ويهه منٽ هت
ترسندي.“ پوءِ هو آنن جي هڙ، ۽ انهيءَ غريب ڪٽنب
جي ڳالهه پاڻ سان کڻي پنهنجي گهر هليو ويو. بنا
ڪنهن حرڪت جي، لاري ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ بيٺي رهي.
مسر بيريمئن ۽ لارا هڪ ميز تي خاموشيءَ سان ماني
کائي رهيون هيون. مسٽر ڪواءِ پنهنجي لاءِ ’سُوپ‘
جو آرڊر ڏنو هو. گهٻرايل ۽ بک مري ويل پيٽ ضد
منجهان اعلان ڪيو ته هن کي بک ئي ڪانه لڳي هئي؛ ۽
ورجينيا سوچڻ لڳي؛ ’هي ته عجيب ڳالهه آهي؛ منهنجي
دل به ماني کائڻ تي بنهه ڪانه ٿي وري!‘ مس باما
نستي ٿي پنهنجي سيٽ تي ليٽي پئي هئي، ۽ پنهنجي ذهن
تي زور لڳائي، ٻاهرينءَ دنيا سان پنهنجا لاڳاپا
معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ماضيءَ جي ڪوهيرن
منجهان هن جي ذهن تي اهي کُڏ ۽ ڇتيون تري آيون،
جيڪي پنهنجي ڪلاس جي ڪمري جي درين مان هوءَ ڏسندي
رهندي هئي؛ ۽ هن کي اسڪول جي چوڪيدار جو ماتا جي
داغن سان ڀرپور چهرو ياد اچي ويو.
بس وري هلڻ لڳي؛ ۽ هاڻ ان کي ”جان جوزف توهي“ هلائي
رهيو هو، جو ڪمپنيءَ جو هڪ نهايت پراڻو ملازم هو،
۽ سندس خلاف ڪابه شڪايت درج ٿيل ڪانه هئي. توهي
پنهنجي مرضيءَ سان لاري هلائڻ جو ڪوبه وقت مقرر
ڪرائي ٿي سگهيو، پر رات جو سفر هن ان ڪري پسند ڪيو
هو، جو رات پنهنجي گهر ترسڻ نه ٿي گهريائين: سندس
ٻارن جون به شاديون مراديون ٿي ويون هيون، ۽ انهن
وڃي پنهنجا گهر وسايا هئا. رستو الهندي طرف ٻيلن
منجهان ٿي لنگهيو. ائين ٿي معلوم ٿيو ته لاري سڌي
سج ڏانهن سفر ڪري رهي هئي. مس باما، ٿورو اٿي
ويٺي، ۽ پاڻ ۾ ڪجهه سگهه به محسوس ڪرڻ لڳي. ڪجهه
ڪجهه بک جا وٽ به محسوس ڪيائين. جئن ئي کير جو
شيشو ٿي کوليائين، تئن لاري هڪ ننڍي شهر ۾ گهڙي، ۽
’ٽرئفڪ‘ جي بتيءَ وٽان لنگهي ’بس ڊيپو‘ جي نشان وٽ
اچي بيهي رهي. توهيءَ دروازو کوليو، ۽ مارج ڏانهن
اشارو ڪري چيائين، ”توکي هتي لهڻو آهي.“ جڏهن هوءَ
پنهنجي جاءِ تان ڪين چري، تڏهن موٽي وٽس آيو.
”توکي هن شهر ۾ وڃڻو آهي نه؟“ هن پڇيس. مارج رڳو
پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. ”پر تنهنجي ٽڪيٽ ته هتي جي
آهي،“ هن وري چيو، ”توکي هيءَ ٽڪيٽ ڪٿان ملي؟“
”هن خريد ڪئي هئي،“ جيروسلم بيليءَ چيو.
ڊرائيور هن ڏانهن منهن ڪري پڇيو، ”هوءَ ڳالهائي نه ٿي
سگهي ڇا؟“
ٻنهي وڏن ٻارن پنهنجو ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”ڇو ڪين، بلڪل
ڳالهائي سگهي ٿي.“
ورجينيا گووئنس پنهنجي سيٽ تان جهڪي، ڊرائيور کي سڏيندي
چيو، ”منهنجي خيال ۾ وٽن ڪوبه سامان سڙو ڪين آهي.“
توهيءَ وري پڇيو، ”توکي هيءَ ٽڪيٽ ملي ڪٿان؟“
”هن پاڻ ان لاءِ صحيح ڪئي هئي،“ جيروسلم بيليءَ چيو.
”هن ماڻهوءَ چيو ته اسان کي پنهنجي ناني وٽ وڃڻو
آهي.“
”ڪنهن چيو؟“ ڊرائيور پڇيو.
”ويمي ڪمپنيءَ جي ماڻهوءَ،“ جوئيءَ جواب ڏنو.
ٻاهر ڪنهن موٽر جي ’پون پون‘ جو آواز آيو، جيڪا لاريءَ جي پويان
اچي بيهي رهي هئي.
مس باما پڇيو، ”اوهان جو نانو ڪٿي ٿو رهي؟“
پهرئين ڀيري، سڀني مارج جو آواز ٻڌو: ”هِن رستي جي ڇيڙي تي.“
مس باما ڊرائيور کان پڇڻ لڳي، ”هنن کي اوستائين وڃڻ لاءِ ڪيترو
تفاوت ڀرڻو پوندو؟“
”ڪڪي جو ڀاڙو ته ڪين لڳندو. هنن ٻن ٻارن جو ڀاڙو به اڌ لڳندو.
ڪل اٺ ڊالر ۽ ٽيهه سينٽ ٿيندا،“ ڊرائيور چيو.
”آءٌ ان منجهان ڪجهه حصو ڀرڻ لاءِ تيار آهيان،“ پيٽ ڊئلي
ورجينيا کي ٿورو ريڙهيندي چيو. ”يا سڄو ئي ڀاڙو
آءُ ٿو ڀري ڏيان.“ ائين چئي کيسي منجهان نوٽن جو
ويڙهو ڪڍيائين.
مس باما چوڻ لڳي، ”نه، اڌ آءٌ ڀرينديس.“
توهيءَ چيو، ”ڏاڍو چڱو، جيڪا اوهان جي مرضي.“ هن پيسا وٺي، باقي
ريزو کين واپس ڪيو. ”اوهان کي خبر آهي ته قانون
منهنجا ٺاهيل ڪين آهن.“ ”ٺهيو، ڇڏ انهيءَ ڳالهه
کي،“ پيٽ چيو. پوءِ مس باما کي گهوريندي چوڻ لڳو،
”مائي، اسان وٽ ته آيو ۽ ويو وارو حساب آهي.“ مس
باما هن کي ڏسي مرڪڻ لڳي. هو نوٽن جو ويڙهو کيسي ۾
وجهي، پوئتي موٽي ويو.
ورجينيا چوڻ لڳي، ”ڏسو ته سهي؛ هن تنهنجو شڪريو به ادا ڪين ڪيو.
توکي پنهنجي پئسن خرچڻ ۾ ايتري بي پرواهي نه ڪرڻ
گهرجي!“
هو ويهي رهيو، ڏاڍو خوش هو. پوءِ ڏاڍي انتظار منجهان پنهنجي
پاسي ۾ ويٺل جوانڙيءَ ڏانهن ڏٺائين. مار! هوءَ
هينئر کان ئي هن جي پئسن خرچڻ جي اون ۽ ڳڻتي ڪري
رهي هئي!
مسٽر پرسيل چئي رهيو هو: ”پٽ ڌيان ڏيئي، منهنجي ڳالهه ٻڌ!
هيڏانهن اچڻ ۾ مون کي وڏو سبق حاصل ٿيو آهي.
لاريءَ ۾ هڪ غريب ڪٽنب چڙهيل هو: ٻارن جا پير
اگهاڙا هئا، ۽ گذريل رات کان هنن ڪجهه به ڪين کاڌو
هو. شايد سندن پيءُ مري ويو هو: شايد ڪنهن حادثي
جو شڪار ٿيو هو، ڇو جو هو چئي رهيا هئا ته کين
ڀاڙي لاءِ پئسا ويمي ڪمپنيءَ جي ڪنهن ماڻهوءَ ڏنا
هئا. هنن کي پنهنجي سفر پوري ڪرڻ لاءِ به پورا
پئسا ڪين هئا، ۽ هنن لاءِ لاريءَ ۾ مسافرن کي چندو
ڪرڻو پيو. هو پنهنجي ناناڻي گهر وڃي رهيا هئا، ۽
محتاجن وانگر، مٽن مائٽن جي خيراتن تي وڃي زندگي
گذاريندا. اهو رڳو انهيءَ ڪري، جو ڪنهن گهڙيءَ
جذبات جي ڪمزوريءَ کان هڪ جوان مرد ۽ جوان عورت هڪ
اهڙو بيوقوفيءَ جو ڪم ڪري وڌو، جهڙو تو ڪيو آهي، ۽
جو کين ڪڏهن به ڪرڻ نه گهربو هو.“
لارا پنهنجي پاڻ کي چئي رهي هئي: ”هاڻ آءٌ دنيا جي هر شيءِ حاصل
ڪري سگهان ٿي. جيڪي دل ۾ آيم، سو ڪري سگهنديس.
جيڪڏهن اما مون کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ته کيس
چونديس ته آءٌ بابي کي خط لکي ٿي موڪليان!“
لاري شام پوري ڪري رات جي سفر ۾ داخل ٿي. لاريءَ جي مهڙ ۾، ٻه
روشن متلاشي اکيون چمڪي رهيون هيون پر اندر اوندهه
هئي. مسافر آرام ڪرڻ جي خيال کان ور وڪڙ کائي رهيا
هئا، پنهنجي جسم کي هيڏانهن هوڏانهن مختلف ڪنڊن تي
سهسائڻ جي ڪوشش ڪري، ننڊ جو انتظار ڪري رهيا هئا.
ٿوري وقت کان پوءِ ڪجهه مسافرن اها ڪوشش ڇڏي ڏني ۽
اکيون کولي ويهي رهيا؛ دريءَ منجهان ٻاهر گهوريندا
رهيا، ۽ پنهنجا ڪنڌ ورائي هڪ ٻئي جي بي چين چهرن
کي تڪيندا رهيا. اڳين بتين جي روشنيءَ ۾ ڊرائيور
جي پٺ به کين نظر اچي رهي هئي.
مسز بيريمئن سوچي رهي هئي ته هن کي دنيا ۾ ڪوئي موقعو نه مليو
هو. پنهنجي سڪول جو آخري سال، رومان لڙائڻ وارا
ڏينهن، ۽ سندس پيار ۾ آرٿر جي فضول خرچيءَ کي ياد
ڪرڻ لڳي. انسانن کي پنهنجي زندگيءَ جو اهم ترين
فيصلو ان وقت ڇو ٿي ڪرڻو پيو. جڏهن هو بنهه
ناتجربيڪار هوندا آهن؟ هن کي سندس ڪنهن به فطري
احساس اهو چتاءُ نه ڏنو ته هي جو آرٿر کيس گل
دائوديءَ جا تحفا ٿي موڪليا، کيس هوٽلن ۾ دعوتون
ٿي کارايون، جڏهن هاءِ سڪولن جا ڇوڪرا پنهنجي دوست
ڇوڪرين کي رڳو سوڍا پيارڻ لاءِ ٻاهر وٺي ويندا
هئا، سو ان جو سبب رڳو اهو هو ته هو انهيءَ معاملي
۾ اڳي ئي تجربيڪار هو. هو اڳئين نسل جو ماڻهو هو ۽
پنهنجي زندگيءَ کي اڳيئي هڪ خاص مقام تي پهچائي
چڪو هو. جن ڇوڪرن هاءِ سڪول ۾ ئي پنهنجون ونيون
تلاش ڪيون هيون، سي هاڻ مالي حالت ۾ آرٿر جهڙائي
هئا، ۽ ڪي ته کائنس گهڻو اڳتي نڪري ويا هئا. آرٿر
هاڻ ٻڍو ٿي چڪو هو، ۽ اهو وقت پري ڪين هو، جڏهن
کيس سندس تابوت سان ڪانڌي ٿي وڃڻو پوندو – جيتوڻيڪ
اڃا هوءَ پاڻ جوان هئي، ۽ منجهس کل خوشيءَ ۽ موج
مزي جون خواهشون به موجود هيون. هوءَ مرڪڻ لڳي.
هوءَ وري اڳينءَ رات واري ’ريسٽورانٽ‘ ۾ پهچي
ويئي، ڪجهه پيتل به هئي، ۽ ڪجه خوفزده ٿي جئڪ برنس
کان پنهنجي باري ۾ ڳالهيون ٻڌي رهي هئي.
لارا اوندهه کان ڊڄندي هئي. هوءَ رڙهي ماءُ جي ويجهو آئي، ۽ دل
۾ چيائين: ”پياري اما، منهنجو مقصد اهو ڪين هو.
آءُ بابا کي خط ڪنهن به صورت ۾ ڪانه لکان ها.“
ڏاڍيان چوڻ ۾ هن کي ڊپ ٿي ٿيو. شايد هوءَ ڪوڙ
ڳالهائي رهي هئي؛ ۽ جيڪڏهن هوءَ ڪوڙ ڳالهائيندي،
ته ممڪن آهي سندس ماءُ کي خبر پئجي وڃي. هن جي
ماءُ کي هميشھ سندس ڪوڙ جي خبر پئجي ويندي هئي.
جيروسلم بيلي ۽ جوئِي پنهنجي سيٽ تي ٻانهون ٽنگون ورايو، آرام
سان ويٺا هئا. ڪڪو ڪجهه بي آرام هو. هن شڪايت جي
انداز ۾ رون رون ڪرڻ شروع ڪئي.
مس باما چيو، ”مون کي ڏيندينءَ، ته آءٌ جهلي ويهانس؟“ هن ٿورو
ڇڪي، انهيءَ گرم ۽ وزني ٻار کي پنهنجي ٻانهن تي
آندو. اوندهه ۾ هن ڪڪي جي اکين کي پنهجي اکين ۾
گهوريندو ڏٺو؛ ۽ هوءَ پنهنجي ذهن ۾ ٻار کي سمهارڻ
جا طريقا تلاش ڪرڻ لڳي. هوءَ هڪ گيت ڳائي، ٻار کي
لولي ڏيڻ لڳي.
مسٽر پرسيل سمجهيو ته هو اهو گيت ٻڌي رهيو هو، جيڪو هن جي زال
پٽ کي ننڍي هوندي سمهارڻ مهل ڳائيندي هئي. سندن
ڇوڪرو هميشھ بيمار رهندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن
مسٽر پرسيل کي رات جو اويرو جاڳ ٿيندي هئي، ۽
پنهنجي بستري جو پاسو خالي ڏسندو هو، تڏهن هو اٿي
ٻار جي ڪمري ۾ ويندو هو، ۽ ڏسندو هو ته سندس زال
ٻار تي جهڪي اهائي لولي پيئي ڳائيندي هئي.
پيٽ کي بک کان پيٽ ۾ وڪڙ پوڻ لڳا. هو ڪالهه ڪٿي هو؟ سڀاڻي ڪٿي
هوندو؟ هو ڪنهن هنڌ ترسي، ڪنهن چيز کي حاصل ڪرڻ جي
ڪا ڪوشش ڪندو، يا نه؟ هن لاريءَ ۾ هو ڇو چڙهيو هو؟
هو هتي ڇا ڪري رهيو هو؟ هن منتظر جوانڙيءَ کانئس
ڇا ٿي چاهيو؟ وٽس ڪجهه به ته ڪين هو. هو اڪيلو ۽
آزاد هو، ۽ ور وڪڙ کائيندو نهن کان چوٽيءَ تائين
هيٺ ڪرندو ٿي ويو.
ورجينيا، ’هن‘ کي هڪ ڪڪر منجهان، يا چنڊ، يا ٻئي ڪنهن
هنڌ تان، هڪ سفيد گهوڙي تي چڙهيل، شاهي دٻدٻي سان
ايندو ڏسي رهي هئي. ’هو‘ ان چرئي شخص جهڙو ڪين هو،
جيڪو سندس ڀر ۾ ويٺو هو، جنهن کي هن پسند به ڪونه
ٿي ڪيو، ۽ تنهن هوندي به کيس خبر نه ٿي پئي ته
هوءَ ان لاءِ ايتري فڪرمند ڇو ٿي رهي هئي. ’هو‘
مرڪي رهيو هو، ۽ ’هن‘ جو هٿ ٿڌو ۽ مضبوط هو، ۽ ٻئي
گڏجي ڪنهن ڪڪر ۾ گُم ٿي ويا.
مسٽر ڪواءِ پنهنجو مٿو هيٺ مٿي لوڏي رهيو هو. هن کي ڪو
ليکو چڱيءَ طرح ياد نه پئي آيو. اوندهه ۾ هن جيئن
تيئن ڪري انگ اٽڪائي ڇڏيا، ۽ اچي اها ڳڻتي ٿيس ته
سڀاڻي الائجي انهن انگن کي پڙهي سگهندو يا نه.
مس باما لوليءَ جي آخري لفظن کي وري وري دهرائي، ڊگهو
ڪري رهي هئي، ۽ انهن لفظن سان هن جي سموري ڊگهي
زندگي، جيڪا هاڻ پوري ٿي رهي هئي، ڪنهن نتيجي تي
ٿي اچي پهتي. مسز بيريمئن محسوس ڪيو ته لارا رڙهي
کيس ويجهي آئي هئي. ورجينيا ۽ سندس تصور جو سردار
بلند کان بلند تر اڏامي رهيا هئا: سندس مٿو پيٽ جي
ڪلهي تي رکيو هو، ۽ سندس ٻانهون هن جي چوڌاري
ويڙهيون پيون هيون. مسٽر پرسيل ’سڀاڻي‘ ۾ داخل ٿي
رهيو هو. مس باما پنهنجي لولي پوري ڪئي، ۽ ستل ٻار
موٽائي ماءٌ جي حوالي ڪيائين، پوءِ هوءَ ويهي رهي
۽ انتظار ڪرڻ لڳي.
صبح ٿي ويو هو. لاري هڪ نشان – ”شهر جون حدون – رياست
جو انتظام هتي پورو ٿيو“ – وٽان لنگهي گئريجن، ۽
تيل کڻڻ جي ڊيپن وٽان ٿيندي، شهر جي گهرن وٽان
گذرندي، ’ٽرئفڪ‘ جي ڳاڙهي بتيءَ وٽ اچي بيهي رهي.
تو هي سڄي رات لاري هلائيندو رهيو هو. جڏهن سائي
روشني ظاهر ٿي، تڏهن ’ڪلچ‘ دٻائي، لاريءَ کي اڳتي
وڌايائين. بس وري هلڻ لڳي، مسافرن ۾ به چرپر پيدا
ٿي. مسز بيريمئن هڪ ننڍڙي دستي آئيني ۾ پنهنجو
منهن ڏسڻ لڳي، ۽ کيس پنهنجي منهن جا گهنج نظر آيا.
لارا، پنهنجو مٿو ماءُ جي هنج ۾ رکي ستي پيئي هئي.
مس باما خاموش ويٺي هئي. هن کان پوءِ، جيروسلم
بيلي ۽ جوئِي دريءَ سان نڪ لڳايو ويٺا هئا. مارج
اڃا تائين پنهنجي وزني ٻار کي کنيو ويٺي هئي. مسز
فريزر پريان ئي ڊرائيور کي سڏ ڪندي چئي رهي هئي؛
”مهرباني ڪري ياد ڪجانءِ، مون کي هڙون هيٺ لاهي
ڏج!“
مسٽر ڪواءِ کي اميد هئي ته بس ڊيپوءَ ۾ ضرور ايتري
صفائي هوندي، جو هو اتي ويهي ڏاڙهي لاهي ۽ منهن هٿ
ڌوئي سگهندو، جيئن ائين معلوم ٿئي ته هو ڪنهن ريل
گاڏيءَ جي گاڏي مان لٿو هو. مسٽر پرسيل رات جو
پنهنجا ڪالر مٿي کڻي ڇڏيا هئا، سو هاڻ انهن کي ٺيڪ
ڪري بٽڻ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ورجينيا
پنهنجا وار ٺيڪ ڪري رهي هئي. هن جي وات ۾ سيون
سيون لڳي رهيون هيون، ۽ هوءَ ڀيڙيل چپن منجهان
ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي: ”توکي بلاشڪ هتي هڪ
چڱو ڪمرو ملي ويندو.“ هوءَ هن کي زور ڀرڻ لڳي –
”هي شهر ڏاڍو سهڻو آهي.“
”آءٌ رهندس ڇا تي؟“
ورجينيا چيو – ”توسان مصيبت اها آهي، جو تون پنهنجي
پئسن جو ملهه ڪين ٿو سڃاڻين. تون ضرور ڪنهن کي هٿ
ڪر، جا تننجي پئسن جي تنهنجي لاءِ سنڀال ڪري!“
صبح جو هيترو سوير به شهر اهڙو ئي ساڳيو معلوم ٿي رهيو
هو، جهڙو هميشھ مسز بيريمئن کي معلوم ٿيندو هو.
هن کي هاڻ ڪالهوڪي عجيب و غريب ناممڪن تجويزن جو
ڪو خيال ڪونه هو. هن کي هن وقت فقط پنهنجي گهر،
گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ، گرم شال ۽ سليپرن جي ضرورت
هئي. هن جي اندر ۾ آرٿر جي ڏٺل وائٺل چهري کي ڏسڻ
جا ناقابل اظهار تمنا موجود هئي. هن محسوس ڪيو ته
لارا سندس هنج ۾ مٿو چوري رهي هئي، سو پڇيائينس:
”مٺڙي ننڊ چڱي آيئي؟“ ننڊ مان اٿيل لارا جون اکيون
۽ چپ مرڪڻ لڳا.
پيٽ کي ايتري بک لڳي هئي، جو مٿو ڦرڻ لڳس. دريءَ مان
منهن ڪڍي، ٻاهر ڏسڻ لڳو. هو سوچڻ لڳو: جيڪڏهن هو
هت رهي پيو ته هو ٿوري ئي وقت اندر شهر جي جڳهين
جي هر پٿر ۽ سر کان واقف ٿي ويندو، جتان لنگهندو
اتان دڪانن کي سڃاڻي وٺندو، ۽ هر واٽهڙوءَ جي چهري
کي سڃاڻڻ لڳندو.
مسٽر پرسيل رستي تي هڪ نشان ڏٺو – ”يونيورسٽي ڏيڍ ميل.“
هو اهوئي سوچي رهيو هو ته هن کي ٽئڪسي ملي سگهندي
يا نه، ۽ اها به پريشاني هيس ته پٽس الائجي
يونيورسٽيءَ ۾ ئي هوندو يا ان عورت سان شهر ڏانهن
نڪري ويو هوندو. لاري بيهي رهي. ورجينيا ڏٺو ته
پيٽ سندس صندوق لاهي رهيو هو. هن جي مرضي هئي ته
هوءَ هن جي ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي، هن سان گڏ هلي، ۽
ڪنهن طرح هن کي پاڻ سان وٺي وڃي. مسٽر ڪواءِ خوش
هو ته هن کي مزوري بچي پئي، سو ٻنهي هٿن ۾ ٿيلها
کڻي ٻاهر نڪرڻ لڳو.
”اجهو، بابو!“ لارا رڙ ڪئي. مسز بيريمئن کيس چيو ته
”ڇوڪري، سڀ کان پهريون ڪم توکي اهو ڪرڻو آهي ته
هتان هلي سمهي پئو.“
سڀ اٿي ويا، پر مس باما ويٺي رهي. سندس اکيون بند هيون،
۽ چهري تي هڪ مرڪ ڇانيل هيس. مسز فريزر ڊرائيور
لاءِ ترسيو بيٺي هئي ته کيس هڙون لاهي ڏئي. مارج ۽
سندس ٻار به بيٺا هئا ته جيئن ٻيا مسافر پهرين لهي
وٺن. پيٽ، ورجينيا جي پويان هو، جنهن سان ممڪن هو
ته سندس شادي ٿي وڃي ها! جڏهن هو هن غريب ڪٽنب جي
ڀرسان پهتو، تڏهن ڪنهن خيال کان بيهي رهيو، ۽
ورجينيا جي صندوق کڻي هيٺ رکيائين. کيسي ۾ هٿ وجهي
نوٽن جو ويڙهو ڪڍيائين – ”هان هي وٺ،“ هن جوئِيءَ
کي چيو، ”هي پنهنجي ماءُ کي ڏجانءِ!“ پوءِ ورجينيا
ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”ڀيڻ، سڀ ڳالهيون اجايون
آهن. آءٌ ته هڪ سيلاني ماڻهو آهيان!“ ورجينيا جي
ساهه جي رفتار گهڙيءَ لاءِ نهايت تيز ٿي ويئي.
پوءِ سندس چهرو هڪ اجنبيءَ جو چهرو بنجي ويو.
ڊرائيور چيو – ”هيءَ لاريءَ جي آخري منزل آهي!“
لارا، ”بابا، بابا“ چوندي ٻاهر ڀڳي. مسز بيريمئن نهايت
سنجيدگيءَ سان هيٺ لٿي. مسٽر پرسيل دريءَ منجهان
پنهنجي پٽ جو چهرو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو، ۽ کيس هٿ
سان اشارو ڏنائين. ڇوڪري کي سندس اچڻ جي خبر ڪئين
پئي؟ اڳينءَ رات ماڻس تار ته ڪين ڪئي هيس؟ مسٽر
پرسيل ايترو ته بي چين ٿي ويو، ڄڻ ته ساڻس ڪا
نهايت عجيب و غريب خوشيءَ جهڙي ڳالهه ٿي گذري هئي.
مسٽر پرسيل هڪ ڇوڪريءَ کي حجاب ڀرين نظرن سان پاڻ
ڏانهن نهاريندو ڏٺو. هو سوچڻ لڳو – ”هيءَ ته اڃا
ٻار ٿي ڏسجي.“
مارج، پنهنجي ٻارڙي ۽ غيبي دولت کي قابو جهليندي هيٺ
لٿي. جيروسلم بيلي ۽ جوئِي سندس پويان لٿا. مسز
فريزر رڙ ڪئي، ”ڊرائيور، آءٌ اڃا تائين تنهنجي
لاءِ ترسي بيٺي آهيان.“
تو هيءَ آرسيءَ ۾ نهاريو. لاريءَ ۾ باقي ٻه مسافر نظر آيس – هڪ
ته اها بي صبر عورت هئي، ۽ ٻي ٻڍڙي عورت، جا اڃا
ننڊ پيئي هئي. هن کي اهو محسوس ٿيو ڄڻ ته هوءَ
سندس زال ”مارٿا“ هئي، ۽ هن کي جاڳائيندي هن کي ڏک
ٿي رهيو هو. شايد اهڙي ڪا چيز باقي ڪانه هئي. جنهن
لاءِ هوءَ جاڳي. هن پهرين مسز فريزر ۽ سندس هڙن کي
هيٺ لاٿو، ۽ پوءِ وچئين رستي ڏانهن وڌيو. هو مس
باما جي مٿان جهڪيو مس، ته هن پنهنجون اکيون کولي
ڇڏيون. |