”نه، مئڊم،“ لويءَ چوڻ چاهيو، پر اکر تارونءَ ۾
اٽڪي پيس.
”ڪڏهن سينگار جون شيون استعمال ڪيون اٿئي؟“
”نه مئڊم.“
”ته پوءِ، هان، هي وٺ،“ هن کيس چيو، ۽ سڀ کان آخري شي
صندوق مان ڪڍندي کيس ڏنائين.
”هيءَ آزمائي ڏس!“ هن جي هٿ ۾ سونهري رنگ جي هڪ ’لپسٽڪ‘
هئي، جيڪا جادوءَ وانگر کلي ٿي پيئي. انهيءَ
منجهان هڪ تيز خوشبو نڪري آئي، - ۽ لويءَ اوچتو رڙ
ڪري چيو، ”الا، جهڙا موتئي جا گل!“
هن هٿ وڌائي لپسٽڪ ورتي، ۽ گهڙيءَ لاءِ هوءَ پُر بهار
فضا ۾ اڏامڻ لڳي؛ ۽ هڪ مخمور مرڪ سان ڪنهن قرمزي
رنگ جي ڪڪر منجهان گهوريندي، هوءَ موتئي جي ٻوٽي –
سندس چهچ ساون پنن ۽ نوراني گلن کي – سڏڻ لڳي، ۽
تصور ئي تصور ۾ هوءَ وري ان گهر ۾ پهچي ويئي، جنهن
کي ڇڏي آئي هئي. موتئي جي ٻوٽي جي هڪ پاسي سندس
ماءُ هڪ ڊگهو پيشبند پايو بيٺي هئي: هوءَ اهو به
ڏسي رهي هئي ته سندس ماءُ جي پيشبند جي جهول ۾ پڪل
انجير هئا؛ ۽ ٻئي پاسي سندس پيءُ هڪ تلاءَ ۾ مڇين
ڦاسائڻ جي ڪنڍي وجهيو ويٺو هو. هوءَ اهو منظر
چٽيءَ طرح ڏسي رهي هئي، ۽ ڏٺائين ته تلاءَ جي شفاف
پاڻيءَ ۾ مڇيون اڇلون ڏيئي ڪناري تائين پئي آيون.
”نه نه، انهيءَ ۾ موتئي جا گل نه، پر ٻيون ڪي عجيب شيون
آهن،“ مس بيبي ميريءَ چيو، ”تون ڀل استعمال ڪري
ڏس. چپن تي خوب مهٽي هڻجانءِ.“
لوي پٻن تي هلندي، پاڻيءَ جي گينڊيءَ تائين ويئي، ۽
آرسيءَ ۾ ڏسندي، چپن تي سرخي هڻڻ لڳي. پاڻيءَ جي
سطح تي سندس منهن شعلي وانگر نچڻ لڳو. مس بيبي
ميري سندس پٺيان آئي، ۽ لويءَ جي منهن ڏانهن ڏسي
چيائين، ”بلڪل ٺيڪ لڳائي اٿئي.“
لويءَ، لپسٽڪ سان ڀنل چپن کولڻ کان سواءِ، چيو،
”مهرباني.“
مس ميري لويءَ جي پٺيان بيهي، سندس ڪلهن وٽان آرسيءَ ۾
ڏسندي، هن جي وارن جي ڳُتُن کي ٺيڪ ڪرڻ لڳي. ”هيءَ
لپسٽڪ آءٌ توکي فقط ٻن ڊالرن ۾ ڏينديس،“ هن سندس
پاسي ۾ بيهندي چيو.
”پر مون وٽ ته پئسو بنهه ڪونهي. نه ڪي ڪڏهن ڪو هئم ئي
سهي،“ لويءَ چيو.
”پر تون هينئر ڀلي نه ڏينم. آءٌ وري ڀيرو ڪنديس، تڏهن
ڏجانءِ. آءٌ ائين ئي ڪندي آهيان. ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ وري اينديس.“
”اوهه،....... ڪجهه ڏينهن کان پو!“
”جي هينئر نه وٺندينءَ، ته وري نه ملنديئي. هي پهريون
ڀيرو آهي، جو تنهنجي گهر آئي آهيان – وري نه
اينديس.“ مس ميريءَ تکائيءَ مان چيو. ”هي تنهنجو
گهر دنيا جهان کان پري آهي؛ تون ڪا شهر جي ويجهو
ڪين ٿي رهين.“
”برابر مئڊم، سچ ٿي چوين. پر پئسا منهنجي مڙس وٽ آهن،“
لويءَ ڪجهه ڏڪندي چيو. ”هو ڏاڍو سخت ماڻهو آهي. هن
کي اها به خبر ڪانهي ته ڪا تون هتي آئي آهين – نه
ته ...... مس بيبي ميري!“
”تنهنجو مڙس ڪٿي آهي؟“
”هُن ڪمري ۾ ستو پيو آهي. ٻڍڙو ماڻهو آهي. کانئس آءٌ
پئسا گهري ڪين سگهنديس.“
مس بيبي ميريءَ لپسٽڪ وري پيتيءَ ۾ بند ڪري ڇڏي. سڀ
شيشيون ۽ دٻلا به ميڙي، پيتيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائين.
پوءِ هوءَ اٿي وڃڻ لڳي.
”خدا حافظ،“ هن چيو، ۽ اهڙيءَ طرح هلڻ لڳي، جئن پٺيان
سندس هار سينگار ۽ ٺاهه ٺوهه چڱيءَ طرح ظاهر ٿئي.
پر وري پويان مُڙي ڏسڻ کان رهي نه سگهي.
”ڏسان ته سهي، تنهنجو مڙس ڪهڙو آهي؟“
لويءَ ڏاڍيءَ فرمانبرداريءَ منجهان پٻن تي هلندي، ٻئي
ڪمري جو دروازو کوليو. مس ميري به سندس پويان اچي
اندر نهاريو.
”الا، هي ته بنهه ڪو جيتامڙو، ٻڍڙو شخص آهي!“ هن ڀڻ ڀڻ
ڪندي چيو؛ ۽ هٿ مهٽيندي، ڪنڌ ڌوڻيندي، وري چوڻ
لڳي، ”هيءَ رضائي ته ڪهڙي نه سهڻي آهي!........
ڪيترو نه پوڙهو آهي هي شخص!“
”هي سڄو سڄو ڏينهن ائين مٺيءَ ننڊ ۾ ستو پيو هوندو
آهي،“ لويءَ ٿورو فخر منجهان بنهه ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو.
گهڙيءَ لاءِ جو هن کي گهري ننڊ ۾ ستل ڏسنديون رهيون، ۽
پوءِ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳيون. ائين ٿي ڀانيو ته
هنن ڪو راز معلوم ڪري ورتو هو. هو بنهه چريو به
ڪين. پوءِ لويءَ آهستگيءَ سان دروازو بند ڪري
ڇڏيو.
”خير، هاڻ ته آءٌ هيءَ لپسٽڪ ضرور ڏيئي وينديس،“ مس
ميريءَ خوش طبعي مان چيو. هوءَ دروازي وٽ بيهي
مرڪڻ لڳي.
”پر مون توکي اڳي ئي ٻڌايو آهي ته مون وٽ پئسو ڪونهي،
نه ڪي اڳ ڪڏهن هو.“ ”۽ نه ئي ڪڏهن ٿيندو، ائين
نه؟“ پوريءَ فضا ۾، هن سفيد فام عورت جي مٿي جي
چوڌاري هڪ روشن حلقو پيدا ٿي پيو هو؛ ۽ اهو ڏينهن
واقعي بهار جو ڏينهن هو.
”ڀلا، چئين ته ڪجهه بيضا ڏيانءِ؟“ لويءَ آهستي چيو.
”نه، مون وٽ ڪافي بيضا آهن!“ مس بيبي ميريءَ چيو.
”ته پوءِ ڇا ڪجي؛ مون وٽ پئسا ته آهن ئي ڪين،“ لويءَ
چيو؛ ۽ مس بيبي ميري پنهنجي صندوقڙي کڻي، ڪنهن
پاسي هلي ويئي.
لوي بيٺي، هن کي ويندي ڏسندي رهي، ۽ سمورو وقت سيني جي
ڏائي پاسي ۾ پنهنجي دل جي تيز تيز ڌڪ ڌڪ محسوس
ڪندي رهي. هن هٿ کڻي ان جاءِ تي رکيو. ائين ٿي
محسوس ٿيو ته سندس چپن جي انهيءَ جهلڪن ڏيندڙ رنگ
جي ڪري سندس دل ڌڙڪي رهي هئي ۽ سندس سڄي منهن مان
شعلا نڪري رهيا هئا. هوءَ اندر وڃي سالومن جي
ڀرسان ويهي رهي - ۽ جڏهن هن اکيون کوليون، تڏهن هن
۾ ڪابه تبديلي ڏسي نه سگهيو. ”شايد سفر جي تياريءَ
۾ آهي،“ هن دل ئي دل ۾ چيو. اهو ئي راز هو. پوءِ
هوءَ ٿڌي هوا کائڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتي.
هوءَ نئچز ماٿريءَ واري رستي تي هلڻ لڳي. ڪيترو پنڌ
ڪيائين، تنهن جي هن کي پروڙ نه رهي، پر اڃا هوءَ
گهڻو پري نه ويئي هئي، ته هن کي ڪجهه نظر آيو. اهو
هو هڪ ماڻهو....... جيڪو هن کي جن ڀوت وانگر نظر
اچي رهيو هو – هوءَ پيچري جي هڪ پاسي بيٺي هئي، ۽
اهو ماڻهو ٻئي پاسي تي.
جئن ئي هن ماڻهوءَ جي هن تي نظر پئي، تئن هو پنهنجي
ٺاهه ٺوهه کي ڏسڻ لڳو. پنهنجي چمڪندڙ چهنبدار بوٽ
کان شروع ڪندي، هن مٿي نهارڻ شروع ڪيو؛ پنهنجي
ڪلهن کان پٽن واري پتلون کي ڇڪيندي، پنهنجي
خوبصورت جورابن کي پوريءَ طرح ڏٺائين؛ ڊگهي ۽
ويڪري سائي رنگ جي ڪوٽ کي کولي، پنهنجي بادامي رنگ
جي پتلون کي ڏسڻ لڳو؛ ۽ ڪالرن وٽان ڇڪيندي پنهنجي
پتلون کي سڌو ڪيائين. کيس هلڪي گلابي رنگ جي هڪ
ريشمي قميص پيل هئي. پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ٿالهه جهڙي
گول ٽوپلي کي لاهي ڏٺائين، ۽ ان ۾ پيل سائي رنگ جي
کنڀ کي هٿ لائي ڏٺائين، جيڪو بهار جي هوا ۾ ڦڙڪي
رهيو هو.
هوءَ کڻي ڪهڙي به لڳندي هجي، پر يقيناً هِن جوان جهڙي
دلڪش ڪانه ٿي معلوم ٿي - ۽ لويءَ کي انهيءَ تي ڪو
افسوس ڪونه ٿيو. هن کي پاڻ هڪ قسم جي خوشي محسوس
ٿي.
هُن ٽي ٽپ ڏنا – هڪڙو هيٺ ٻه مٿي - ۽ لويءَ جي ڀر ۾
پهچي ويو.
”منهنجو نالو ’ڪئش‘ آهي،“ هن چيو.
هُن جي کيسي ۾ هڪ ننڍڙو سهو پيو هو. ٻئي ڄڻا رستي تي
هلڻ لڳا. هوءَ هن ڏانهن چتائيندي، گهوريندي رهي؛
هو ائين هلي رهيو هو، ڄڻ ته هو هن سان گڏ پنڌ ڪرڻ
بجاءِ ڪو عجيب جرات ڀريو ڪارنامو ڪري رهيو هو.
لويءَ ڏانهنس صرف انهيءَ ڪري ڪين ٿي نهاريو ته ڪو
هن کي شهري قسم جا ڪپڙا پيا هئا، يا کيس ڪا اها
اميد هئي ته هو ڪو شهري نموني سان هن کي گستاخ
نظرن سان ڏسڻ لڳندو. محض هن جي هلڻ جي نموني به هن
کي متاثر ڪين ٿي ڪيو – جو هو رستي ۾ گلن کي به ٿڏا
هڻندو ٿي هليو، ڄڻ ته هن جي رستي ۾ جيڪي ايندو،
تنهن کي مسمار ڪندو ويندو – بلڪ اڃا ڪا ٻي چيز
هئي، جنهن کي ڏسي لويءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي.
جيڪڏهن هن ۾ ان ڏينهن واري ڪيفيت نه هجي ها، ته
شايد هوءَ هن کي ايترو چتائي ڪين ڏسي ها؛ پر
ماڻهوءَ جي شان ۾ وقت وقت جو به ته فرق آهي، ۽
ڪهڙيءَ گهڙيءَ زندگيءَ ۾ ڪو ماڻهو اچي ٿو نروار
ٿئي، اها به ته وڏي ڳالهه آهي!
هو ماٿريءَ جي پنن ڀريل پيچرن تان هلندا رهيا؛ وڻن وچان
روشني ۽ پاڇولا هنن جي چوڌاري پکڙجندا ٿي ويا؛
سفيد ’آئرس‘ گل ڪنارن تي شمعن وانگر ٻهڪي رهيا
هئا؛ ۽ شاه بلوط جي ٽارين ۾ نوان نوان گونچ
سبزستارن وانگر چمڪي رهيا هئا. هو هلندا اچي
سالومن جي گهر، شيشين وارن وڻن وغيره وٽ پهتا.
لويءَ جا قدم رڪجي ويا، ۽ هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي
رهي.
ڪئش سينڍ وڄائي ڪو سُر ڪڍڻ لڳو. لويءَ کي خبر ڪانه هئي
ته اهو سُر ڪهڙو هو؛ هن اهو سر اڳ ۾ پري کان ٻڌو
هو – پوءِ هن کي ڄڻ ته الهام ٿيو، ۽ سمجهي ويئي.
ڪئش ڪڙمي هو. گهڙيءَ ۾ بدلجي ٻيو ٿي پيو هو. ڪئش،
سالومن جو ماڻهو هو. پر هن پورهئي جا ڪپڙا لاهي،
ٻي پوشاڪ پاتي هئي. ۽ هاڻي هو سالومن جي گهر اڳيان
بيهي ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. هن جو مٿو گول هو، هن جو
چهرو به گول گول هو؛ ۽ هن جي هر چيز جوان هئي، ۽
هو پنهنجي ڪنڌ کي سٽ ڏيئي، مٿي آسمان ڏانهن نهاري
رهيو هو، ۽ هو سالومن جي گهر کي سامهون بيٺل ڏسي
ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. لويءَ نظر ورائي ڏٺو، ۽ سندس
نظر مهڙ واري دروازي جي ڪليءَ ۾ ٽنگيل سالومن جي
ڪاري ٽوپلي تي پيئي – دنيا ۾ سڀ کان ڪاري چيز اها
هئي.
”آءٌ نئچز مان ٿي آيو آهيان،“ ڪئش ڪنڌ آسمان ڏانهن
ڦيريندي چيو.
لابارن کان اڳ ۾ ايترو خوبصورت ايسٽر لاءِ تياري ڪئي
اٿم.“
لابارن کان اڳ ۾ ايترو خوبصورت لڳڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ شايد
ڪئش ضرور ڪٿان پيسا چوري ڪيا هوندا. لنگهه وٽ
بيهي، ٽهڪ ڏيندي، پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيائين ته
ڪڏهن مٿي ٿي ڪيائين. هو پنهنجي کڙين سان پوئتي ٿڏا
هڻي رهيو هو. لويءَ جي سڄي بدن ۾ سياٽو پئجي ويو.
هن جي ٽهڪن ۾ اهڙي دهشت ۽ گهمسان ڀريل هو، جو ائين
ٿي معلوم ٿيو ته هو پنهنجي مضبوط هٿ سان ڪنهن ڀير
تي ڌڪ هڻڻ وارو هو، يا ڪنهن ماڻهوءَ تي مڪن جو
وسڪارو ڪرڻ وارو هو. هوءَ منهن ۾ گهنڊ پائي هن جي
ويجهو ويئي، ۽ هن جي جهولندڙ ٻانهن هن کي هڪدم ڇڪي
کڻي ڀاڪر ۾ آندو، ۽ هن جي جسم مان ڊپ ائين نپوڙجي
نڪري ويو، جئن تيليءَ جو ننڍڙو شعلو انهيءَ ساڳيءَ
چيز جي هيٺان دٻجي وسامي ويندو آهي، جنهن سان ان ۾
شعلو پيدا ٿيو هجي. لويءَ ٻانهون ورائي سندس ڳچيءَ
۾ وڌيون، ۽ پٺيان ڪوٽ کي ٻنهي هٿن ۾ ڇڪي جهليندي،
پنهنجا چپ هن جي چپن سان ڀچائي ڇڏيائين؛ ۽ هن کي
پنهنجي پاڻ تي اهڙي ئي عبرت ٿيڻ لڳي، جهڙي شروع
شروع ۾ هن کي ڏسي ٿي هيس.
ان گهڙيءَ هن کي ڪجهه اهڙو احساس جاڳيو، جنهن جو بيان
ڪري نٿو سگهجي – هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي ته سالومن جو
موت قريب هو، ۽ اهو هن جي لاءِ اڳيئي مري چڪو هو.
هن کان دانهن نڪري ويئي، ۽ هلڪيون رڙيون ڪندي گهر
ڏانهن ڀڳي.
ڪئش به هڪدم سندس پويان وڃڻ لڳو؛ هو هن جي پويان ڊوڙڻ
لڳو. هو هن جي ويجهو پهتو، رستي جي اڌ تي ٽهڪ
ڏيندو هن کان اڳتي نڪري ويو. هڪ پٿر کڻي، شيشين جي
وڻن ۾ ڦهڪائي ڪڍيائين. لويءَ پنهنجا ٻئي هٿ کڻي
پنهنجي مٿي تي رکيا، ۽ شيشين جي وڻن مان غصي ڀريل
رڙين جهڙا آواز نڪرڻ لڳا. ڪئش دڙها هڻندو، اڳين
ڏاڪن وٽان ٿيندو، اچي دروازي وٽ بيٺو.
جڏهن هوءَ اتي پهتي، تڏهن هو کيسن ۾ هٿ وجهي، مهڙ واري
ڪمري ۾ پئي داخل ٿيو. هن جي کيسي مان ننڍڙو سهو
منهن ٻاهر ڪڍي جهاتيون پائڻ لڳو. ڪئش جي اڳيان
ديوارين تي چِٽيل کجين جا پن ائين ٿي معلوم ٿيا،
ڄڻ ته ڪو سست سائي رنگ جو باندر انهن ڀتين تي ٽپا
ڏيندو رهيو هو ۽ ڀتين تي سندس هٿن پيرن جا ساوا
نشان رهجي ويا هئا.
هوءَ ڪمري مان لنگهي اڳتي ويئي؛ ۽ هن جا هٿ اڃا تائين
کيسي ۾ هئا، ۽ ٻئي ڪمري جي بند دروازي کي ڪلهي سان
ڌڪو ڏيئي کولي ڇڏيائين. هوءَ وڌي سالومن جي بستري
وٽ آئي ۽ سڏ ڪرڻ لڳي، ”سالومن! سالومن!“ ٻڍڙي شخص
جو ڏٻرو جسم چريو به ڪونه، ۽ رضائيءَ ۾ ويڙهيو
سيڙيو پيو هو، ڄڻ ته اڃا سياري جي مند هئي.
”سالومن!“ هن رضائي ڇڪي لاهي ڇڏيس، پر ان جي هيٺان هڪ
ٻي رضائي به هئي، ۽ هوءَ هن جي ڀرسان هيٺ گوڏن ڀر
ويهي رهي. هن هڪ اونهي ساهه کڻڻ کان سواءِ ڪوبه
آواز ڪونه ڪيو، ۽ لوي، ڦهليل خاموشيءَ ۾، مهڙ واري
ڪمري ۾ ڪئش جي هلڪن قدمن جي اچ وڃ جو آواز ۽ بستري
منجهان سالومن جي واچ جي ٽِڪ ٽِڪ ٻڌندي رهي. ٻڍڙو
سالومن ننڊ ۾ نهايت دور پهتل هو. هن جو چهرو
ننڍڙو، شوخ ۽ تَڻيل معلوم ٿي رهيو هو، ڄڻ ته هو
اهڙيءَ جاءِ تي محڪم ارادي سان سير ڪري رهيو هو،
جتي هوءَ تصور ۾ محض برف وسندي ڏسي رهي هئي.
پوءِ ڪجهه شور ٿيو، ڄڻ ته دروازي مان چيچاٽ آيو، ۽ ڪئش
اچي سندس ڀرسان بيٺو. جڏهن هن مٿي نهاريو، تڏهن
ڪئش جي منهن جو رنگ ايترو ڪارو هو، جو ان جي ڪاراڻ
۾ به ڄڻ هڪ چمڪ هئي؛ هن جو منهن ايترو تيز ۽ بي حس
هو، جو لويءَ جي ذهن ۾ چڀي ويو. هوءَ اٿي بيهي
رهي، ۽ پنهنجو ڪنڌ کڻي اوچو ڪيائين. ڪئش ۾ ڪا اهڙي
قوت هئي، جو هن جي محض موجودگيءَ، هن جي مرضيءَ
بغير، هن ۾ هڪ اٽل قوت پيدا ڪري وڌي هئي.
هنن جي اڳيان سالومن ننڊ پيو هو. ننڊ ۾ پيل ماڻهن جي
منهن مان ڏسندڙن کي اهڙين ڳالهين يا چيزن جي ڄاڻ
پئجي ويندي آهي، جن جي هنن کي اڳ ۾ ڪابه خبر ڪان
هوندي آهي. جڏهن سالومن، لوي ۽ ڪئش جي اکين سامهون
ستو پيو هو، تڏهن سندس چهرو هنن کي ديو مالا جي
ڪنهن آکاڻيءَ وانگر ٻڌائي رهيو هو ته هن پنهنجي
زندگيءَ ۾ ڪهڙن ڪهڙن جتنن ۽ ڪوششن سان ۽ ڪهڙيءَ
طرح ٿوري ٿوري ڪري عزت حاصل ڪئي هئي. پنهنجي
زندگيءَ ۾ مستقبل لاءِ ڪنهن ماڪوڙي به ايتريءَ سخت
محنت ۽ احتياط کان ڪم نه ورتو هوندو. جڏهن سالومن
جوان هو، جئن مٿي ٽنگيل تصوير مان ٿي ظاهر ٿيو،
تڏهن اهو ئي سندس واحد نصب العين هو، ۽ پنهنجي عزت
۽ آبرو حاصل ڪرڻ ۽ قائم رکڻ ۾ هن ڪا حد ئي پوئتي
ڪانه ڇڏي هئي. هن اڪيلي پنهنجو گهر تيار ڪيو هو،
ڄڻ ڪو پاليل پکي پنهنجي لاءِ پاڻ ڪو پڃرو ٺاهي
رهيو هجي؛ پر هن لاءِ انهيءَ گهر جي حيثيت عظيم
اهرام جهڙي وڃي ٿي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ اهرام
جي تعمير جي خود فراموشيءَ ۾ هو پاڻ کي مصر جي
انهن غلام معمارن وانگر محسوس ڪندو هو، جن کي
انهيءَ عمارت جي ڄاڻ ۽ مقصد جي ڪابه خبر نه ٿي
پئي، جنهن کي تعمير ڪرڻ لاءِ هنن سالن جا سال
پنهنجي زندگيءَ جي سڄي قوت صرف ڪري ڇڏي هئي. لوي ۽
ڪئش ڏسي رهيا هئا ته هو پنهنجي بستري ۾ ائين ستو
پيو هو، جئن ڪو شخص پورهئي کان پوءِ ٿڪجي ٽٽجي اچي
آرام ڪندو آهي، ۽ هو پنهنجي رضائيءَ اندر ننڊ ۾
ڏاڍيءَ فرحت سان اونها ساهه کڻي رهيو هو؛ ۽ شايد
پنهنجي خواب ۾ هو ڪا ماڪوڙي، ڪو ٽنڊڻ، ڪو پکي يا
ڪو مصري هو، جيڪو پنهنجي پٺيءَ تي بار ڍوئي، ۽ هٿن
سان ڪا شي تعمير ڪري رهيو هو، يا شايد هو هندستان
جو ڪو ٻڍڙو شخص هو، يا ڪو ٻوڪيءَ ٻڌل ٻارڙو هو، جو
بي پرواهيءَ مان هر شي ڏانهن ڏسي مرڪي رهيو هو.
پوءِ اوچتو ئي اوچتو، بنا ڪنهن چتاءَ ڏيڻ جي، سالومن
جون اکيون کلي ويون - ۽ هو ننڊ مان سجاڳ ٿي پيو.
۽ ڪئش هڪدم تيزيءَ مان هڪڙو هٿ مٿي کنيو. هن جي نرڙ تي
پگهر جون بوندون نمودار ٿيون، پر هن پنهنجي ٻانهن
هيٺ نه ڪئي – هوا ۾ ئي بيٺي رهي، ڄڻ ته ٻانهن کي
ڪنهن چيز اتي جهلي ڇڏيو هو.
اها ٻانهن لويءَ به ڪانه جهلي – هوءَ ته چري به ڪانه،
ڄڻ ته ڪنهن هن کي چيو – ”ترس“، ۽ هوءَ ترسي بيٺي
رهي. سندس اکيون سندس بي حس و حرڪت پنبڻين هيٺان
جلڻ لڳيون، سندس اکين جا پردا هڪ موڙ کائي جدا ٿي
ويا هئا، ۽ پنهنجون ٻانهون پاسن تي سُڪائي جهلي،
هوءَ ٻڍڙي سالومن ۽ مضطرب نوجوان ڪئش کان الڳ ٿي
بيهي رهي.
ڪا چرپر آئي، ته اها سالومن جي منهن ۾ آئي. هن جو منهن
پوڙهو، کهرو ۽ ڪمزور هو، پر ان جي پٺيان، ڪنهن
ڍڪيل روشنيءَ وانگيان، هڪ اهڙو جوش نمايان ٿيو،
جيڪو هن جي پوڙهپڻ ۾ ڪڏهن ظاهر ٿيندو هو، ته ڪڏهن
گم ٿي ويندو هو – پر جيڪو گهڻو وقت هميشھ گم ئي
رهيو هو – هن ۾ هڪ عجيب پراسراريت پيدا ٿي ۽ هن جي
اکين ۾ رقص ڪرڻ لڳي. اها پراسراريت ئي هئي، جنهن
کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪئش کي پنهنجي ٻانهن سان ڌڪ هڻڻو
پوي ها، ۽ جنهن لاءِ لوي روئي به ڪانه سگهي ها. پر
ڪئش پنهنجي ٻانهن مٿي کڻي بيٺو رهيو. هن جي قوت جي
هلڪيءَ حرڪت سان، هن جي هڪ ئي ڦوڪ سان، ٻڍڙو
سالومن هوند موت جي مرحلي تي وڃي پهچي ها، بشرطيڪ
هن کي پنهنجي انهيءَ ڦوڪ جو استعمال معلوم هجي ها.
پر ائين نه ٿي سگهيو: سالومن جي پراڻي ۽ ڪمزور
منهن جي هڪ چمڪ ڪمري ۾ اهڙو اضطراب، هڪ اهڙي
پراسراريت پيدا ڪئي، جو ڦوڪ ڏيڻ جو موقعو ئي پيدا
نه ٿي سگهيو؛ ۽ يقين هو ته ڪئش، پنهنجي ايسٽر جي
ڪپڙن ۾ ، بي چين ٿيندي شرم محسوس ڪري رهيو هو ته
ڪنهن شخص جي حشمت ۽ شان جي جيئريءَ جاڳنديءَ حقيقت
اڳيان، بنا چتاءَ جي، هو هڪ ڦوڪ به ڏيئي نه سگهيو.
هن پنهنجو هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو، ۽ لويءَ جي پويان اچي
بيهي رهيو.
”جوان ڪڏهن به ترسي نه سگهندا،“ سالومن چيو.
لوي زور سان ڏڪي رهي هئي، ۽ سندس اکين مان زار زار لڙڪ
وهڻ لڳا، تيزيءَ سان وڃي پاڻيءَ جو گلاس ڀري آڻي
کيس ڏنائين، پر هن کيس اکيون کڻي ڪين ڏٺو.
”سو نيٺ اهو نوجوان اچي ويو، جنهن لاءِ لوي ترسيل هئي.
ڪا روم به ڪانه هئي. ڪا روڪ نه هئي. هاڻ آءُ ان کي
ڏسي رهيو آهيان، جنهن کي گهڻي وقت کان سڃاڻان. آءٌ
کيس ان وقت کان سڃاڻان، جڏهن هو ونئڻن جي هڪ ٻاري
۾ ڄائو هو، ۽ جنهن جو نيپاج به ياد اٿم. هائو، اهو
’ڪئش مڪارڊ‘ پوءِ وڏو ٿي، منهنجي گهر ۾ ايندو
هو........ ميرن ڦاٽل ڪپڙن سان، ۽ پيرين اگهاڙو.“
سالومن جي کنگهڻ مان ناراضگي ظاهر ٿي رهي هئي. پوءِ هن
پنهنجو اکيون بند ڪري ڇڏيون، ۽ هن جا چپ ڪنهن
تسبيح پڙهندڙ وانگر چرندا رهيا.
”جڏهن لويءَ شادي ڪئي، تڏهن سندس مڙس اڳئي ڪجهه بنجي
چڪو هو. هن پنهنجي زمين لاءِ ڳري قيمت ادا ڪئي
هئي. جڏهن هو کيس گهر وٺي ٿي آيو، تڏهن گاڏيءَ
کان وٺي گهر تائين، هن انجير جا پن پکيڙي ڇڏيا
هئا، ته جئن سندس پير پٽ تي نه پوي. هو کيس ڀاڪر ۾
کڻي گهر ۾ اندر داخل ٿيو هو، پوءِ هو ٻڍڙو ٿي ويو،
۽ کيس ڀاڪر ۾ کڻي نه سگهيو، ۽ هوءَ اڃا تائين جوان
هئي.“
هن جي هر اکر تي لويءَ جا سڏڪا ڪنهن هلڪي سنگيت وانگر
هر واقعي کي دهرائي رهيا هئا. سالومن جا چپ بنا
ڪنهن آواز ڪڍڻ جي ٿورو حرڪت ۾ آيا، يا شايد لوي
تمام زور سان روئي رهي هئي، ۽ شايد هن جي آواز ۾
هن جا اکر دٻجي ويا، جن ۾ شايد هو پنهنجي سموري
زندگي بيان ڪري ويو هجي - ۽ پوءِ هن چيو – ”خدا
سالومن کي سندس گناهه معاف ڪندو! خدا سالومن کي هڪ
ننڍڙي ڪنوار کڻي اچڻ، ۽ هن کي پنهنجي مائٽن ۽ هڪ
جيڏن کان دور رکڻ جو گناهه معاف ڪري، هو کيس پاڻ
وٽ واپس نيڻ چاهيندا“.
پوءِ هن پنهنجو ساڄو هٿ لويءَ ڏانهن ڊگهيريو، ۽ هن کي
پنهنجي چانديءَ جي واڇ آڇيائين. هو سندس اکين
اڳيان واچ گهمائڻ لڳو، ۽ هن پنهنجو روئڻ بند ڪري
ڇڏيو، سندس لڙڪ بند ٿي ويا. گهڙيءَ لاءِ سندس
مغرور هٿ ۾ واچ جي ٽِڪ ٽِڪ جاري رهي. پوءِ لويءَ
اها واچ کانئس ورتي، ۽ هٿ ۾ جهلي بيهي رهي. پوءِ
هن پنهنجي رضائي ڇڪي مٿان ڪئي، ۽ پوءِ هو مري ويو.
لوي سالومن کي مئل ڇڏي ڪمري کان ٻاهر نڪري آئي، لڪندي
لڪندي، بنا ڪنهن آواز جي ڪئش به هن جي پويان ويو.
هو هڪ پاڇولي مثل هو، پر سندس چمڪندڙ بوٽ مان فرش
تي هلڻ مهل چيچاٽ نڪري رهيا هئا، ۽ سندس ٽوپلي ۾
لڳل سائو کنڀ به روشنيءَ وانگر جرڪي رهيو هو. جڏهن
هو مهڙ واري ڪمري ۾ پهتا، تڏهن هن هڪ وڏي ڪاري ٻلي
وانگر جهپ هڻي کيس کڻي ڀاڪر ۾ کنيو ۽ هن کي چيلهه
کان ڇڪيندو پنهنجي قريب آڻيندو ويو، ۽ سندس منهن
هن جي منهن تي جهڪي ويو. گهڙيءَ لاءِ هوءَ هڪڙيءَ
ٻانهن ۽ انهيءَ ٻانهن جي هٿ کي سڪائي پوئتي جهلي
بيٺي رهي، جنهن ۾ سالومن واري واچ هيس. پر پوءِ
آڱريون ڍريون ٿي ويس، سندس سمورو وجود نستو ٿي
ويو، ۽ سالومن واري واچ فرش تي ڪري پيئي. واچ جي
ٽڪ ٽڪ ڪمري جي خاموشيءَ ۾ گونجندي رهي، ۽ ٻاهر
ڪنهن پکيئڙي هڪ ڀرپور گيت ڳائڻ شروع ڪيو.
هو ڪمري ۾ اڳتي وڌندا ويا ۽ کليل دروازي
جي روشنيءَ ۾ اچي پهتا، ۽ اتي هو بيهي رهيو ۽ هن
جي جسم کي ٿورو لوڏيائين. هوءَ آکيري ۾ ويٺل پکيءَ
وانگر بنا ڪنهن اعتراض جي چپ چاپ هن جي ڏڪندڙ
ٻانهن ۾ ليٽيل هئي. ٻاهر پکيئڙا کنڀڙا هڻي اڏامي
رهيا هئا، ۽ جادو ڪيل وڻن جي شيشين ۾ سج جي اس
اوتجي رهي هئي، ۽ وڻن جي وچ ۾ بادام جو جوان وڻ
بهار جي بي پناهه روشنيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو.
|