نيو انگلنڊ جي راهبه
از – ميري اي. ولڪنس فريمئن مـتـرجم – سراج
----------
A New England
Nun
By
Mary E. Wilkins Freeman
From “A
New England
Nun and other Stories”
Reprinted by permission of Harper and Brothers
ميري اي . ولڪنس، ’مئساچيوسيٽس‘ رياست جي ’رئنڊولف‘ شهر ۾ 1852ع
۾ ڄائي. ڪجهه وقت ’ورمانٽ‘ رياست جي ’برئٽلبورڊ‘
شهر ۾ رهي، جتي 1902ع ۾ ڊاڪٽر سي. ايم . فريمئن
سان شادي ڪيائين. شادي، کان ترت ئي پوءِ ’نيو
جرسي‘ لڏي آيا، جتي زندگيءَ جا باقي ڏينهن
گذاريائون.
مسز فريمئن، ’نيو انگلنڊ‘ جي سادن سودن ماڻهن جي
زندگيءَ جي عڪاسي ڪري، ادب ۾ هڪ ممتاز مقام حاصل
ڪيو. هن پنهنجي ڪردارن جي زندگيءَ ۽ روح جي سادگين
کي پنهنجي آکاڻين ۾ چٽيو آهي. 1883ع ۾ جڏهن سندس
پيءُ گذاري ويو، تڏهن هن اڳيان روزگار جو مسئلو
پيدا ٿي پيو - ۽ ان لاءِ هوءَ افسانا لکڻ لڳي. پر
ادبي نقادن وٽ هن کي تيسين اهو ممتاز درجو حاصل ٿي
ڪين سگهيو، جيسين سندس افسانن جو ٻيو مجموعو –
”نيو انگلنڊنن ائنڊ اڌر اسٽوريز“ ڇپجي نه آيو.
انهيءَ ڪتاب هن کي وسيع شهرت ۽ نالو بخشيو. هن جي
ادبي ڪاوشن ۾ ٻارنهن ناول، هڪ ناٽڪ ۽ شعر جا ٻه
جلد به شامل آهن. هن 1930ع ۾ وفات ڪئي.
شام جو وقت هو، ۽ روشني جهڪي ٿيندي ٿي ويئي. ٻاهر اڱڻ ۾ وڻن جا
پاڇولا به رنگ بدلائي رهيا هئا. دور ڪٿي ڍڳيون
رنڀي رهيون هيون، ۽ هڪڙو گهنڊ وُڄي رهيو هو؛ ڪيڏي
ڪيڏي مهل ڪا بيل – گاڏي اچي ٿي لنگهي، ۽ مٽيءَ جا
ڪڪر اڏائي ٿي ويئي؛ نيرين قميصن سان ڪجهه پورهيت
ڪلهن تي بيلچا کڻيو لنگهي رهيا هئا؛ ۽ نرم نرم هوا
۾ مکيون ننڍيون ننڍيون ٽوليون ٺاهي ماڻهن جي چهرن
تي نچي رهيون هيون. ائين ٿي معلوم ٿيو ته هر چيز
۾، محض ڍري ۽ جهڪي ٿي وڃڻ واسطي، هڪ هلڪي لرزش جي
ڪيفيت پيدا ٿي رهي هئي - ۽ اها ڪيفيت ئي شايد
آرام، سڪوت ۽ رات جي اڳواٽ آگاهي ڏيئي رهي هئي.
ڏينهن جي اها هلڪي ۽ سست – هنگامي ڪيفيت ”لوئيسا ايلس“
تي به ڇانيل هئي. منجهند کان وٺي هوءَ پنهنجي ڪمري
۾ خاموشيءَ سان سبڻ جو ڪم ڪندي رهي هئي. پنهنجي
سئي ڪپڙي ۾ ٽنبي، ڪپڙي کي چڱيءَ طرح ويڙهي،
پنهنجون چيزون – سئي، سڳا، ڪئنچي ۽ انگشتان،
هڪڙيءَ ٽٻڻيءَ ۾ رکي ڇڏيائين. لوئيسا ايلس کي ياد
نه ٿي پيو ته ڪڏهن ڪو هن پنهنجي انهن زنانين چيزن
کي ڪنهن غلط جاءِ تي رکيو هو؛ ۽ اهي چيزون گهڻي
استعمال ۽ مسلسل لڳاءَ جي ڪري هن جي شخصيت جو هڪ
حصو بنجي پيون هيون.
لوئيسا پنهنجي چيلهه جي چوڌاري سائي رنگ جو هڪ پيشبند
ٻڌو، ۽ سائيءَ ربن وارو هڪ ڪکن جو ٺهيل ٽوپلو ٻاهر
ڪڍيائين. پوءِ هڪ نيري رنگ جي چينيءَ جو پيالو
کڻي، پنهنجي شام جي ”چانهه“ لاءِ ڪجهه ڊاک چونڊڻ
ويئي. جڏهن ڊاک چونڊي لاٿائين، تڏهن دروازي وٽ
ويهي، ان جون ڏانڊيون جدا ڪرڻ لڳي؛ ۽ خبرداريءَ
سان اهي ڏانڊيون پنهنجي پيشبند ۾ گڏ ڪري، ڪڪڙين جي
کاري هيٺ اڇلائي ڇڏيائين. آسپاس جي گاهه تي چڱيءَ
طرح نظر ڪيائين، ته ڪا ڏانڊي ڪري ته ڪانه پئي هئي.
لوئيسا پنهنجا ڪم ڪاريون هري هري ۽ ڌيرج سان ڪندي هئي؛
کيس چانهه ٺاهڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. پر جڏهن چانهه
تيار ٿي ويئي، تڏهن اها پنهنجي اڳيان اهڙيءَ ته
خوبيءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان سجائي رکيائين، ڄڻ ته
هوءَ پنهنجي پاڻ مهمان هئي. ننڍڙي چورس ميز
بورچيخاني جي پوري وچ تي رکيل هئي، ۽ هڪ سفيد رنگ
جي ريشمي چادر سان ڍڪيل هئي، جنهن جون ڪناريون گلن
ڦلن جي ڀرت سان ڀريل هيون. لوئيسا پنهنجي چانهه جي
ٽري مٿان گلابي رنگ جو هڪ ريشمي ٽوال ڏيئي ڇڏيو
هو، ۽ ان جي ڀرسان شيشي جو هڪ پيالو رکيل هو، جنهن
۾ چانهه جا چمچا رکيل هئا، ۽ ان جي ڀرسان هڪ
چانديءَ جو ’ڪريم‘ وجهڻ جو برتن، چينيءَ جي ٺهيل
شڪر داني، ۽ گلابي رنگ جي چينيءَ جو ڪوپ ۽ ساسر
رکيا هئا. لوئيسا هميشھ چينيءَ جا ٿانو ڪم آڻيندي
هئي سندس پاڙيسرين مان ڪوبه اهي ڪم ڪين آڻيندو هو.
هنن جون ميزون عام رواجي ٿانون سان ڀريل هونديون
هيون، ۽ جيڪي چينيءَ جي ٿانون جا سيٽ وٽن هئا، سي
رڳو ڏيکاءَ لاءِ ڪٻٽن ۾ رکيا هوندا هئا. لوئيسا ڪا
کانئن وڌيڪ شاهوڪار يا وڌيڪ سڌريل خاندان جي ڪانه
هئي. ان هوندي به هوءَ هميشھ چينيءَ جا ٿانو
استعمال ڪندي هئي. رات جي مانيءَ لاءِ وٽس کنڊ ۾
ٺهيل ڊاک جي مربي لاءِ هڪ شيشي جو طباخ، هڪڙي پليٽ
ننڍن ڪيڪن لاءِ ۽ ٻي ننڍڙن نفيس بسڪيٽن لاءِ هوندي
هئي. ٻه ٽي پن ”سلاد“ جا، هوءَ نهايت نفاست سان
ڪتري پنهنجي اڳيان رکندي هئي. لوئيسا سلاد جي ڏاڍي
شوقين هئي، ۽ پنهنجي ننڍڙي باغيچي ۾ ان لاءِ پن
گوبي، ٽماٽا، موريون وغيره چڱي انداز ۾ پوکي ڇڏيون
هئائين. هوءَ ڏاڍي چاهه سان ڍو تي کائيندي هئي،
جيتوڻيڪ نهايت ننڍا ننڍا گرهه ڪري کائيندي هئي، ۽
حيرت ٿيندي هئي ته کاڌي جو ايترو انداز پليٽ مان
آخر ڪيئن ٿي گم ٿي ويو.
چانهه پيڻ کان پوءِ، پليٽ مٺي اٽي جي ڪيڪن سان ڀريل
کڻي، گهر جي پٺيان صحن ۾ آئي.
’سيزر!‘ هوءَ سڏ ڪرڻ لڳي. ”سيزر! سيزر!“ هلڪو آواز ٿيو،
۽ زنجير جو کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو، ۽ اڇي ۽ پيلي رنگ جو
هڪ وڏو ڪتو پنهنجي ننڍڙي مَنهَه منجهان ظاهر ٿيو،
جيڪو گاهه ۽ گلن جي ٻوٽن ۾ ڍڪيو پيو هو. لوئيسا
چچڪار ڏيئي، ڪيڪن جي پليٽ کڻي سندس اڳيان رکي.
پوءِ هوءَ موٽي گهر آئي، ۽ چانهه جي برتنن کي
ڌوئي، چينيءَ کي چڱيءَ طرح چمڪائي رکي ڇڏيائين.
اوندهه به گهري ٿيڻ لڳي هئي؛ ٻاهر دريءَ منجهان
ڏيڏرن جا آواز اچي رهيا هئا. لوئيسا سائي رنگ جو
پيشبند لاهي ڇڏيو، پر ان جي هيٺان وري اڇي ۽ گلابي
رنگ جو ڇريل ٻيو پيشبند ٻڌو پيو هوس. پنهنجي بتي
ٻاري، وري سبڻ جي ڪم تي ويهي رهي.
اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ ”جو ڊئگيٽ“ آيو. لوئيسا هن جي هلڻ
جو آواز ٻڌو، ۽ اٿي پنهنجي گلابي ۽ اڇي رنگ جو
پيشبند لاهي ڇڏيو؛ ۽ انهيءَ جي هيٺان اڃا به ٻيو
پيشبند ٻڌل هوس، جو اڇيءَ سڻيءَ جو ٺهيل هو، ۽
هيٺان سوٽي ڪپڙي جو سنجاف چڙهيل هوس. مهمانن اچڻ
وقت لوئيسا اهو پيشبند پائيندي هئي. جيڪڏهن ڪو
مهمان نه هوندو هوس، ته پوءِ ان جي مٿان پنهنجي
سبڻ جو سڻيءَ وارو پيشبند چاڙهي ڇڏيندي هئي. هن
انهيءَ اڇي ۽ گلابي رنگ جي پيشبند کي ويڙهي، ميز
جي هڪ خاني ۾ مس رکيو، ته دروازو کليو ۽ جو ڊئگيٽ
اندر داخل ٿيو.
هن جي اچڻ سان ائين ٿي معلوم ٿيو ته سمورو ڪمرو ڀرجي
ويو هو. ڏاکڻيءَ ڪنڊ ۾ هڪ سائي پڃڙي ۾ هڪ ننڍڙي
مينا ستي پيئي هئي. سا به جاڳي پئي، ۽ پڃري جي
تيلين سان پنهنجيون ننڍڙيون ننڍڙيون کنڀڙاٽيون
هڻي، زور زور سان ٻولڻ لڳي.
لوئيسا هن جي مرحبا ڪئي، ۽ نهايت سنجيده پنهنجائپ سان
کيس پنهنجو هٿ ڏنو.
”هلو، لوئيسا!“ هن بلند آواز ۾ لوئيسا کي کيڪاريو.
لوئيسا هڪ ڪرسي ريڙهي کيس ڏني، ۽ هڪ ٻئي جي آمهون
سامهون ويهي رهيا – وچ ۾ هڪ ميز رکي هئي. هو سڌو
ٿي پنهنجي ڳرن پيرن کي پٻڻ تي بيهاري ويهي رهيو
هو، ۽ هڪ عجيب پرمسرت بي آراميءَ سان ڪمري جي
چوڌاري نهارڻ لڳو. هوءَ به نهايت بردباريءَ سان
ڪرسيءَ تي ويهي رهي، ۽ پنهنجا نازڪ نازڪ هٿ اڇي
ريشمي پيشبند جي جهوليءَ ۾ رکي ڇڏيائين.
”اڄ ڏينهن ڏاڍو فرحتي هو.“ ڊئگيٽ چيو.
”واقعي فرحتي هو،“ لوئيسا نرميءَ سان جواب ڏنو. ”تو اڄ
سڄو ڏينهن گاهه پئي ڪيو ڇا؟“ هن ڪجهه دير کان پوءِ
وري پڇيو.
”ها، سڄو ڏينهن، ڏهن ايڪڙن واري بلاڪ ۾ گاهه پئي ڪيم.
ڪافي سخت ڪم آهي.“
”ضرور هوندو!“
”هائو، خاص ڪري اُس ۾ ڪم ڪر ڻ سان ته ڏاڍي گرمي ٿي
ٿئي.“
”تنهنجي ماءٌ ته چڱي ڀلي آهي؟“
”ها! بلڪل چڱي ڀلي آهي.“
”ڀانيان ٿي ته ’للي ڊاير‘ به هاڻ ساڻس گڏ آهي.“
ڊئگيٽ جي منهن جو رنگ بدلجي ويو، ”هائو، هوءَ ساڻس
آهي.“ هن آهستگيءَ سان جواب ڏنو.
هو عمر جو ايترو ننڍو به ڪين هو، پر تڏهن به سندس چهري
تي ننڍن ڇوڪرن واري ڪيفيت هئي.
لوئيسا هن کان ننڍي هئي، سندس مُنهن وڌيڪ ڳورو ۽ سهڻو
هو، پر هن جي چهري جي ڪيفيت اهڙي هوندي هئي، جو
ماڻهو هن کي عمر جي وڏي سمجهندا هئا.
”منهنجي خيال ۾ هوءَ تنهنجي ماءُ کي چڱي مدد ڏيندي
هوندي،“ هن وري چيو.
”برابر، منهنجو به اهو ئي خيال آهي. مون کي خبر نه ٿي
پوي ته اما هن کان سواءِ ڪيئن ڪندي.“ ڊئگيٽ هڪ
ڪشمڪش ۽ گرمجوشيءَ مان چيو.
”هوءَ واقعي هڪ لائق ڇوڪري آهي. خوبصورت به آهي،“
لوئيسا چيو.
”ها، چڱي خوبصورت آهي.“
ان وقت ڊئگيٽ ميز تي رکيل ڪتابن کي الٽ پلٽ ڪرڻ لڳو.
ميز تي هڪ ته ڳاڙهي رنگ جو چورس ”آٽو گراف آلبم“
هو، ۽ ٻيو ”جوان عورتن جي سوکڙين جو ڪتاب“ هو، جو
لوئيسا جي ماءُ جو هوندو هو. هن هڪ هڪ ڪري ٻئي
ڪتاب کنيا ۽ کولي ڏسڻ لڳو؛ پوءِ وري ”سوکڙين جي
ڪتاب“ مٿان آلبم رکي ڇڏيائين.
لوئيسا هڪ هلڪيءَ بي چينيءَ سان اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهي
هئي. نيٺ هوءَ اٿي، ۽ ڪتابن جي بيهڪ بدلائي، آلبم
کي سوکڙين جي ڪتاب هيٺان رکي ڇڏيائين. اول به ميز
تي ڪتاب انهيءَ نموني سان رکيل هئا.
ڊئگيٽ ڦڪو ڦڪو ٿيندي، کلندي چيو، ”ڀلا ڪهڙو فرق ٿو پئي
ته ڪهڙو ڪتاب هيٺ آهي، ڪهڙو مٿي؟“
لوئيسا ناپسنديديءَ جي مرڪ سان هن ڏانهن ڏسڻ لڳي. ”آءٌ
انهن کي هميشھ ان نموني رکندي آهيان،“ هن ڀڻ ڀڻ
ڪندي چيو.
”تون هر چيز ۾ شڪست ڏيو وڃين،“ ڊئگيٽ وري کلڻ جي ڪوشش
ڪندي چيو. هن جو ويڪرو منهن لڄ کان ڳاڙهو ٿي ويو
هو.
هو ڪلاڪ کن ويٺو رهيو، پوءِ اٿي موڪلايائين. ٻاهر نڪرڻ
وقت هن غاليچي تان ٿاٻو کاڌو، ۽ پاڻ سنڀالڻ جي
ڪوشش ۾ سندس هٿ ميز تي پيل لوئيسا جي ڪم جي ٽٻڻيءَ
کي لڳي ويو، ۽ ٽٻڻي اچي پٽ تي ڪري.
هن پهريائين لوئيسا ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ پٽ تي ڪِريل
ڍيرن ڏانهن ڏٺائين؛ ۽ ڦڪو ٿي جيئن ئي انهن کي کڻڻ
لاءِ هيٺ ٿي نِوڙيو، تيئن هن کيس روڪيو. ”فڪر
ناهي.“ هوءَ چوڻ لڳي – ”تنهنجي وڃڻ کان پوءِ آءٌ
پاڻيهي انهن کي ميڙي رکنديس.“
هوءَ هلڪيءَ سختيءَ سان ڳالهائي رهي هئي. يا ته هوءَ
ڪجهه بيزار ۽ پريشان ٿي پئي هئي، يا هن جي گهٻراهٽ
مٿس اثر ڪيو هو، ۽ هن کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ تي
جبر ڪري رهي هئي.
جڏهن جو ڊئگيٽ گهر کان ٻاهر آيو، تڏهن شام جي ٿڌيري
خوشگوار هوا ۾ هڪ ٿڌو ساهه ڀريائين، ۽ پاڻ کي اهڙو
معصوم ۽ صاف نيت وارو محسوس ڪري رهيو هو، جهڙو
چينيءَ جي دڪان مان ڪو رڇ سامان کي هيٺ مٿي ڪري
ٻاهر نڪري محسوس ڪري.
ٻئي طرف لوئيسا پاڻ کي اهڙي نيڪدل ۽ دکي محسوس ڪري رهي
هئي، جهڙو چينيءَ جي دڪان جو ڪو مالڪ ان رڇ جي
ٻاهر نڪرڻ وقت محسوس ڪري.
هن گلابي پيشبند مٿان سائو پيشبند ٻڌي سموريون ٽڙيل
پکڙيل شيون ميڙي چونڊي وري پنهنجي ٽٻڻيءَ ۾ رکيون،
۽ غاليچي کي ڇڪي سڌو ڪري ڇڏيائين. بتيءَ کي فرش تي
ٺاهي رکيائين، ۽ غاليچي تي پنهنجون آڱريون ڦيري،
ان کي ڏسڻ لڳي.
”ڏسجي ٿو ته هو ڪٿان مٽيءَ جي ڪنهن ڍير منجهان لنگهي
آيو هو،“ هوءَ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳي. ”مون به ائين ئي
سمجهيو هو.“
لوئيسا برش سان غاليچي تي ٿيل هن جي پيرن جا نشان صاف
ڪري ڇڏيا.
جيڪڏهن هن کي اِها ڳالهه جي خبر پوي ها، ته هن جو
مونجهارو ۽ بي چيني ضرور وڌي وڃي ها، جيتوڻيڪ پوءِ
به هن جي وفاداريءَ ۾ ذري برابر به فرق نه اچي ها.
هو هفتي ۾ ٻه ڀيرا لوئيسا ايلس کي ڏسڻ ايندو هو، ۽
هر دفعي، هن جي نفاست سان سينگاريل ڪمري ۾ ويهي،
هو پاڻ کي ائين ڀائيندو هو، ڄڻ ڏورين ۽ جهالرين جي
نرم ۽ نفيس گهيري ۾ ويڙهجي ويو هو. هو چرپر ڪرڻ
کان ڊڄندو هو، متان هن جو ڪو اجايو هٿ پير پرين جي
هن ڄار ۾ نه لڳي وڃي؛ ۽ هن کي هميشھ ان جو احساس
هوندو هو ته لوئيسا انهيءَ ڊپ کان هميشھ هن کي
گهوريندي رهندي هئي ته متان هو ڪا اهڙي حرڪت ڪري
وجهي.
ان هوندي به لوئيسا ۽ سندس ڏورين ۽ جهالرين لاءِ هن کي
مڪمل احترام، احتياط ۽ وفاداريءَ جا جذبا هوندا
هئا. پندرهن سالن جي ڊگهي عرصي جي انوکي معاشقي
کان پوءِ، مهيني کن ۾ هن جي شادي ٿيڻي هئي. انهن
پندرهن سالن منجهان چوڏهن سال ٻنهي هڪ ٻئي جي صورت
به نه ڏٺي هئي، ۽ هڪ ٻئي کي خط پٽ به ورلي لکندا
هئا. ”جو“ اهي سمورا سال آسٽريليا ۾ هو، جتي هو
دولت ڪمائڻ ويو هو، ۽ دولت ڪمائي موٽي آيو هو.
جيڪڏهن هن کي پنجاهه سال انهيءَ مقصد لاءِ اتي
رهڻو پوي ها، تڏهن به رهي ها، ۽ پوءِ ضعيف ۽ ابتر
حالت ۾ لوئيسا سان شادي ڪرڻ لاءِ ماڳهين واپس ئي
ڪونه اچي ها.
پر هن چوڏهن سالن ۾ ئي دولت ڪمائي ورتي ۽ هاڻ انهيءَ
عورت سان شادي ڪرڻ لاءِ واپس گهر موٽيو هو، جنهن
اهو سمورو عرصو صبر سان ۽ بنا ڪنهن چون چرا جي هن
جي انتظار ۾ گذاريو هو.
مڱڻي ٿيڻ کان ٿورو پوءِ، هن لوئيسا کي پنهنجي پختي
ارادي کان واقف ڪيو هو ته هو نيون ٻنيون پوکائيندو
۽ شاديءَ کان اڳ هو چڱي آسودي ۽ خوشحال حالت تي
رسي ويندو. هن سڀڪجهه ٻڌي، نهايت ڌيرج سان پنهنجي
رضامنديءَ جو اظهار ڪيو هو؛ هن پنهنجو اهو ڌيرج ان
وقت به هٿان ڪين ڇڏيو هو، جڏهن سندس پريمي هڪ ڊگهي
۽ غير يقيني سفر تي اسهيو هو. ”جو“، جيڪو پنهنجي
مضبوط ارادن سبب بااعتماد ۽ اڏول هو، سو به
موڪلاڻيءَ جي گهڙيءَ دلگير ٿي پيو هو، پر لوئيسا
صرف هلڪي لڄ ۽ حيا مان کيس چمي ڏيئي الوداع ڪيو
هو.
”مون کي گهڻو وقت ڪين لڳندو،“ ’جو‘ ڀريل آواز سان چيو
هو؛ پر ان ۾ کيس چوڏهن سال لڳي ويا هئا.
انهيءَ عرصي ۾ گهڻو ڪجهه ٿي ويو هو. لوئيسا جي ماءُ ۽
ڀاءُ فوت ٿي ويا، ۽ هوءَ دنيا ۾ اڪيلي رهجي ويئي
هئي. پر سڀ کان اهم واقعو – هڪ اهڙو نازڪ واقعو،
جو ٻنهي جي ساري سمجه کان بعيد هو – اهو ٿيو هو ته
لوئيسا جا قدم هڪ اهڙي رستي تي مڙي پيا هئا، جو
نهايت هموار هو، ۽ شايد ڪنهن پُر سڪون ۽ پر
اطمينان آڪاش جي هيٺان ٿي لنگهيو، پر اهو ايترو ته
سڌو ۽ سنئون سنواٽو هو، جو ان ۾ ڪا روڪ فقط سندس
قبر وٽ ئي پيدا ٿي سگهي ٿي، ۽ اهو رستو ايترو ته
سوڙهو هو، جو ساڻس گڏ هلڻ لاءِ ان تي ٻئي ڪنهن
ماڻهوءَ لاءِ جاءِ نه هئي.
جڏهن ”جو“ واپس آيو هو (هن کيس پنهنجي اچڻ جو ڪو اطلاع
ڪونه ڏنو هو)، تڏهن لوئيسا جو پهريون جذبو هڪ هيبت
۽ خوف جو احساس هو، جيتوڻيڪ هن کي اهڙي جذبي تي
خود به اعتبار نه ٿي آيو، ۽ ”جو“ کي ته ان جو خواب
خيال به ڪين هو. پندرهن سال اڳ، هن ”جو“ سان نينهن
اٽڪايو هو – گهٽ ۾ گهٽ هوءَ پنهنجي طرفان ته ائين
سمجهندي هئي. عين ان وقت دوشيزگيءَ جي فطري وهڪ ۾
وهندي، لڄ ڀرئي رضامنديءَ سان هن محسوس ڪيو هو ته
شادي زندگيءَ جو هڪ خاطر خواه نتيجو ۽ معقول
خصوصيت آهي. انهيءَ موضوع تي پنهنجي ماءُ جا رايا
هوءَ نهايت خاموش اطاعت شعاريءَ سان ويهي ٻڌندي
هئي. هن جي ماءُ غير معمولي فهم و عقل ۽ نرم ۽
هموار مزاج جي عورت هئي. جڏهن جو ڊئگيٽ ايندو هو،
تڏهن هوءَ پنهنجي ڌيءَ سان نهايت ڏاهپ ۽ دانائيءَ
سان ڳالهائيندي هئي، ۽ لوئيسا هن کي ڪنهن به پس و
پيش کان سواءِ قبول ڪيو هو. هن جي سموري زندگيءَ
۾ هو ئي پهريون ۽ آخري پريمي هو.
هوءَ سمورا سال هن سان وفادار رهي. هن کي ٻئي ڪنهن سان
شادي ڪرڻ جي امڪان جو خواب و خيال به ڪونه هو. هن
جي زندگي، خاص ڪري پڇاڙيءَ جا ست سال، هڪ خوشگوار
سڪون سان ڀرپور رهي هئي، ۽ هن کي پنهنجي پريميءَ
جي غير حاضريءَ لاءِ ڪڏهن به بي صبري ۽ شڪايت نه
هئي؛ ان هوندي به هوءَ هميشھ هن جي واپس موٽڻ ۽
سندن شادي – زندگيءَ جي هڪ اٽل نتيجي – جي اميد ۾
منتظر رهندي هئي. البت، هوءَ ان جو مستقبل ۾ ايترو
دور تصور ڪندي هئي، جو هن جو اهو تعين ڄڻ ته بنهه
ٻيءَ حياتيءَ جي سرحدن ۾ ٿي داخل ٿيو.
جڏهن ”جو“ آيو هو، تڏهن کيس اڳيئي هن جي اچڻ جي خاموش
توقع هئي؛ ۽ هن سان شادي ڪرڻ جي توقع به چوڏهن سال
ڪندي رهي هئي؛ پر جڏهن هو پهتو، تڏهن هوءَ بي
انتها حيرت ۾ پئجي ويئي هئي، ۽ ششدر ٿي ويئي هئي،
ڄڻ ته هن ڪڏهن انهيءَ جو تصور به ڪين ڪيو هو.
”جو“ جي سامهون اهو مونجهارو ٿورو دير سان آيو. هن اچڻ
سان لوئيسا کي اڳئين ساڳئي چاهه ۽ الفت سان ڏٺو.
هن ۾ خير ڪا تبديلي آئي هئي. هن ۾ اڃا تائين اها
خوبصورتي ۽ دلبري موجود هئي، ۽ ”جو“ محسوس ڪيو ته
هوءَ ايتري ته پرڪشش آهي جهڙي اڳي هئي. هن جي
پنهنجي خواهش هاڻي پوري ٿي چڪي هئي، ۽ دولت ڪمائڻ
جو هاڻ زياده خيال ڪونه هوس؛ ۽ هن جي ڪنن ۾ پراڻي
نينهن جو سنگيت ساڳين مٺڙن سُرن ۾ بلند آواز سان
گونجڻ لڳو. انهن گيتن ۾، جيڪو هو عرصي کان ٻڌندو
رهيو هو، صرف لوئيسا موجود هئي؛ ۽ هڪ عرصي کان هن
کي اهو يقين ٿي ويو هو ته اهو سنگيت هو اڃا تائين
ٻڌي رهيو هو، پر پڇاڙيءَ ۾ ائين معلوم ٿيو ته
جيتوڻيڪ هوائن اهو ساڳيو گيت ٿي ڳايو؛ پر ان جو
نالو بدلجي چڪو هو. پر لوئيسا لاءِ ان ڀرپور سنگيت
بدران هوائن ۾ ڪن هلڪين سرگوشين کان وڌيڪ ڪجهه ڪين
هو؛ ۽ اهي سرگوشيون به هن لاءِ هاڻ جهڪيون ٿي ويون
هيون ۽ هر چيز خاموش هئي. هن انهن کي گهڙيءَ لاءِ
حسرت ڀرئي توجهه سان ٻڌو؛ پوءِ هوءَ خاموشيءَ سان
اتان هٽي ويئي، ۽ پنهنجي شاديءَ جي ڪپڙن سبڻ جي ڪم
تي وڃي ويٺي.
”جو“ پنهنجي گهر جي جاءِ ۾ ڪافي ڦير گهير آڻي، ان کي
ڏاڍو شاندار بنائي ڇڏيو هو. سندس گهر پراڻو
خانداني گهر هو؛ ۽ نئون شادي ڪيل جوڙو انهيءَ گهر
۾ رهڻ وارو هو، ڇو ته ”جو“ پنهنجي جاءِ کي ڇڏي نه
ٿي سگهيو، ۽ ماڻس پنهنجي پراڻي گهر کي ڇڏڻ کان به
انڪار ڪيو هو. ان ڪري لوئيسا کي پنهنجو گهر ڇڏڻو
هو. روزانو صبح جو اٿي، پنهنجي گهر جي صاف، ۽
ڪنوارپ جي زماني وارين چيزن کي ڏسندي هئي، تڏهن هن
کي ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ته هوءَ مرڻ وقت
پنهنجي پيارن دوستن جا منهن آخري بار ڏسي رهي هئي.
ائين برابر هو ته انهن مان ڪيتريون چيزون هوءَ پاڻ
سان کڻي وڃي ٿي سگهي، پر هن جي خيال ۾، پنهنجي
پراڻي ماحول کان ڇڄي ڌار ٿي، هو اهڙو روپ
ڌارينديون، جو هنن جو اصلي وجود ئي تقريباً ختم ٿي
ويندو. ان کان سواءِ هن ويچاريو، شايد هن کي
پنهنجي مسرور تنها زندگيءَ جون ڪي انوکيون
خصوصيتون مجبوراً يڪسر ڇڏڻيون پونديون. هنن دلڪش ۽
مختصر ضرورت جي ڪمن کان شايد وڌيڪ سخت ڪم ۽
جوابداريون هن کي کڻڻيون پونديون. هڪ وڏي گهر جي
سنڀال ڪرڻي پونديس، آئي وئي، مهمان مڙي جي هن کي
مرحبا ڪرڻي پوندي، ”جو“ جي ڪمزور پر سخت گير ماءُ
جي پرگهور لهڻي پوندي، ۽ هڪ کان وڌيڪ نوڪر رکڻ به
ڪفايت شعاريءَ جي ڳوٺاڻين روايتن جي خلاف ٿيندو.
لوئيسا وٽ عرق چڪائڻ جي هڪ ننڍي مشين هوندي هئي، ۽
اونهاري ۾ هوءَ ڦودني ۽ گلاب منجهان سندن خوشبودار
۽ تيز عرق چڪائي پاڻ وندرائيندي هئي. آهستي آهستي
کيس اها وندر به ڇڏڻي پوندي. هن وٽ عرقن جو چڱو
مقدار گڏ ٿي ويو هو؛ ۽ هن کي هميشھ وانگر پاڻ
وندرائڻ لاءِ عرقن چڪائڻ جو وقت ئي ڪونه ملندو. ان
وقت ”جو“ جي ماءُ انهيءَ کي بيوقوفي سمجهڻ لڳندي؛
جنهن اڳيئي اهڙو اشارو کيس ڏيئي ڇڏيو هو. لوئيسا
ريشمي ڪپڙي سبڻ کي بي انتها پسند ڪندي هئي – ڪنهن
استعمال ۾ آڻڻ خاطر نه، پر سندس ساده طبيعت کي ان
منجهان ڀرپور ۽ سچو لطف حاصل ٿيندو هو، ان ڪري هن
کي اهو ڪم ڏاڍو وڻندو هو. اهو اعتراف ڪرڻ هن لاءِ
ڏاڍو ڏکوئيندڙ ثابت ٿئي ها ته هن ڪيترا ڀيرا ريشمي
چادرن کي محض ان ڪري اڊيڙي ٿي ڇڏيو ته جئن انهن کي
وري سبڻ جو لطف حاصل ڪري. ڪيترين شامن تي هو
پنهنجي دريءَ جي ڀرسان ويهي جڏهن نفيس ۽ نازڪ
ڪپڙي ۾ سئي هلائيندي هئي، تڏهن هوءَ همه تن سڪون
بنجي ويندي هئي؛ پر مستقبل ۾ کيس اهڙين اٻوجهائيءَ
جي فرحتن ۽ مسرتن جو موقعو خيرڪو ملندو. ”جو“ جي
سخت گير ماءُ، جيڪا ٻڍي ٿي وڃڻ جي باوجود ڏاڍي شوخ
طبع هوندي، ۽ ممڪن هو ته خود ”جو“ به پنهنجي
مردانه سختيءَ جي ڪري، - ٻئي ڄڻا هن جي انهن
ڪنواري هوندي جي دلپذير پر بي مقصد مشغولين تي کلڻ
۽ ناراض ٿيڻ لڳندا.
پنهنجي تنها ۽ پرسڪون گهر جي صفائي ۽ ترتيب رکڻ ۾
لوئيسا کي هڪ فنڪار جهڙو چاهه ۽ شوق هوندو هو.
هوءَ پنهنجي درين جي شيشن کي اهڙيءَ خوبيءَ سان
پالش ڪندي هئي، جو هيرن موتين وانگر بکڻ لڳندا
هئا، ۽ انهن کي ڏسي هن جي دل بي انتها خوشيءَ ۽
مسرت کان اڇلون ڏيڻ لڳندي هئي. هوءَ پنهنجي لکڻ جي
ميز جي خانن کي ڏاڍي شوق ۽ تمنا جي نظرن سان ڏسندي
هئي، جن ۾ مختلف چيزون ڏاڍيءَ خوبصورتيءَ سان
ويڙهيون رکيون هونديون هيون، ۽ جن ۾ مختلف قسمن جي
خوشبوئن، عطرن ۽ پاڪيزدگيءَ جي هٻڪار پيئي ايندي
هئي. ڇا هوءَ انهن چيزن جي پائيداريءَ جو يقين ڪري
سگهي ٿي؟ هوءَ ويٺي ويٺي هنن پنهنجين دل لڀائيندڙ
چيزن جا عجيب غريب خواب ڏسندي هئي، ۽ انهن ۾ هن کي
هر هنڌ ٻيون ڌاريون بدنما چيزون پکڙيل نظر اينديون
هيون – بيحد گندگيءَ سان ڀريل مردانيون اڍنگيون ۽
کهريون شيون، جن ۾ هن کي فقط ڌوڙ ۽ بي ترتيبي نظر
ايندي هئي، جيڪا نفاست سان ڀريل هم آهنگيءَ ۽ خوش
ترتيبيءَ جي ماحول ۾ عام طور مرد جي لطافت کان
خالي موجودگيءَ مان لازمي طرح پيدا ٿيندي آهي.
هن جي تشويش ۽ پريشانيءَ جي انديشن ۾، سيزر ته در حقيقت
هڪ تارڪ الدنيا ڪتو هو. زندگيءَ جو ڳچ حصو هن
پنهنجي دنيا کان دور اڪيليءَ جهوپڙيءَ ۾ گذاريو
هو، ۽ پنهنجي سموريءَ ذات جي صحبت ۽ ڪتن جي سمورين
معصوم مسرتن کان محروم رهيو هو. پنهنجي جوانيءَ جي
ڏينهن کان وٺي هن ڪنهن سهي جي ٻر ڏي نهاريو به ڪين
هو، ۽ پاڙيسريءَ جي رڌڻي جي در تي ڪنهن هڏي لاءِ
نوس نوس ڪرڻ جو لطف به ڪين ورتو هئائين. اهو سڀ
ڪجهه هو هڪڙي گناهه جي ڪري ڀوڳي رهيو هو، جيڪو هن
ان وقت ڪيو هو، جڏهن پلونگڙي واريءَ ڄمار مان مس
مٿي چڙهيو هو. هن هيڻي ۽ معصوم شڪل جي ٻڍڙي ڪتي جي
پشيمانيءَ جي گَهرائيءَ جو ڪير به اندازو نٿي
لڳائي سگهيو، - پر هن کي پشيماني ٿي هجي يا نه،
ليڪن هو انهيءَ جي سزا چڱيءَ طرح ڀوڳي چڪو هو.
ٻڍڙو سيزر ڀونڪڻ لاءِ ورلي ڏاڍيان آواز ڪندو هو؛
هن جي اکين جي چوڌاري زرد زرد حلقا پئجي ويا هئا،
۽ ائين معلوم ٿيندو هو ته اکين تي عينڪون چڙهيون
پيون هيس؛ پر هڪڙي پاڙيسريءَ جي هٿ تي سندس ڪيترن
جوان ۽ تيز تيز ڏندن جي نشان جي اڃا به مهر لڳل
هئي، - ۽ ان ڪري ئي هو چوڏهن سال زنجير ۾ ٻڌو
پنهنجي ننڍڙيءَ جهوپڙيءَ ۾ قيد ٿيو پيو هو. اهو
پاڙيسري سور کان تپجي بيمار ٿي پيو هو، سو اهو
مطالبو ڪيو هئائين ته يا ته سيزر کي بنهه ماريو
وڃي يا ماڳهين ڳوٺ مان کيس جلاوطن ڪيو وڃي. انهيءَ
ڪري، لوئيسا جي ڀاءُ، جيڪو ڪتي جو مالڪ هو، تنهن
انهيءَ ننڍڙيءَ جهوپڙيءَ ۾ کيس هميشھ لاءِ زنجيرن
سان قيد ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ جوانيءَ واري جوش کان
وٺي، جڏهن هن اهو يادگار چڪ پاتو هو، برابر چوڏهن
سال هو قيدي ٿي رهيو هو، سواءِ انهيءَ جي، جو
سندس مالڪ يا لوئيسا کيس زنجير کان وٺي ڪڏهن ڪڏهن
سير لاءِ وٺي ويندا هئا. ائين چوڻ شايد صحيح نه
ٿئي ته پنهنجي محدود دائري ۾ هن ڪو پنهنجي انهيءَ
حالت تي فخر محسوس ڪيو، پر ايترو آهي ته ڳوٺ ۾ هو
ڪافي مشهور هو ۽ سڀئي ٻار توڙي وڏا هن کي نهايت
خونخوار ڪتو سمجهندا هئا. ”سينٽ جارج جي ازدها“ جي
به ايتري بدناموسي ڪانه هئي، جهڙي لوئيسا ايلس جي
هن پيلي ٻڍڙي ڪتي جي هئي. مائرون پنهنجي ٻچڙن کي
طرحين طرحين ڊپ ڏياري، کين منٿون ڪنديون هيون ته
ڪتي جي ويجهو نه وڃن، ۽ ٻار به ٻڌي يقين آڻيندا
هئا؛ پر ٻاراڻي شوق ڪري، لڪي لڪي لوئيسا جي گهر
وڃي چوري چوريءَ هن کي ڏسي ايندا هئا. اتفاق سان
جيڪڏهن کڻي ڪتي ڀونڪ ڪئي، ته سڀني کي ڏڪڻي وٺي
ويندي هئي ۽ ڊپ مان ڀڄي ويندا هئا. واٽهڙو، جيڪي
لوئيسا جي گهر وٽان لنگهندا هئا، سي به کيس هيبت
زده ۽ هراس ڀريل نگاهن سان ڏسڻ لڳندا هئا، ۽ پڇي
پڪ ڪندا هئا ته سندس زنجير ته مضبوط هئي. سيزر
جيڪڏهن ڇڙواڳ گهمندو ڦرندو هجي ها، ته شايد بلڪل
معمولي ڪتو نظر اچي ها، ۽ ايتري بدناموسي ڪين
پرائي ها؛ پر زنجير ۾ ٻڌجڻ ڪري، سندس بدناموسي مٿس
ڇانئجي ويئي هئي، ۽ هن جون اصلوڪيون خصوصيتون ئي
لڪي ويون هيون ۽ هو محض هڪ هيبتناڪ دنير ڪتو نظر
ايندو هو. البت جو ڊئگيٽ، پنهنجي چڱي سمجهه ۽
چالاڪيءَ جي ڪري کيس رواجي ڪتو سمجهندو هو. هو
ڏاڍيءَ جرات سان هلي ڪتي وٽ ويندو هو، ۽ سندس مٿي
تي هٿ ڦيرڻ لڳندو هو؛ لوئيسا کيس گهڻائي چتاءُ
ڏيندي هئي، پر پاڻ هو کيس وڌيڪ ڇيڙڻ خاطر، ڪتي کي
ڇوڙي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندو هو؛ لوئيسا ايترو ته ڊپ ۾
ڀرجي ويندي هئي، جو هو پنهنجي ارادي کان باز اچي
ويندو هو، پر جڏهن ٻئي ڀيري وٽس ايندو هو، تڏهن
پنهنجي راءِ جو اظهار ضرور ڪندو هو – ”هن جهڙو
ماٺيڻي طبع جو ڪتو سڄي ڳوٺ ۾ ٻيو ڪونهي؛ هن کي
ائين زنجيرن ۾ جڪڙي رکڻ نسورو ظلم آهي. ڪنهن نه
ڪنهن ڏينهن ضرور آءٌ هن کي هتان ٻاهر ڪڍندس.“
لوئيسا کي هميشھ اهو خيال رهندو هو ته ڪنهن نه
ڪنهن ڏينهن جڏهن هنن ٻنهي جون دلچسپيون ۽ ملڪيتون
گڏجي هڪ ٿي وينديون، تڏهن هو ضرور پنهنجي ضد کي
پورو ڪندو. هوءَ تصور ئي تصور ۾ سيزر کي پرسڪون ۽
بي بچاءَ ڳوٺ ۾ عضبناڪ حالت ۾ ماڻهن کي چيريندو
ڦاڙيندو ڏسندي هئي. هوءَ خود به ٻڍڙي ڪتي کي گهڻو
ڀانئيندي هئي، ڇو جو هو سندس فوت ٿيل ڀاءُ جو ڪتو
هو، ۽ خود ڪتو به هن سان ڏاڍو مانوس ٿي ويو هو –
ان هوندي به لوئيسا کي هن جي خونخوار طبيعت جو اڏل
يقين ٿي ويو هو. هوءَ هميشھ ماڻهن کي ڪتي جي
ويجهو وڃڻ کان روڪيندي هئي. هوءَ هميشھ هن کي
راهبن وارو کاڌو – اٽي جا لولا ۽ ڪيڪ – کارائيندي
هئي، ۽ کيس هڏا يا گوشت ان ڪري نه ڏيندي هئي ته
متان هن جي خطرناڪ طبيعت ۾ وڌيڪ شوخي ۽ تيزي پيدا
ٿئي. لوئيسا ڪتي کي پنهنجو سادو کاڌو چٻاڙيندي ڏسي
رهي هئي، ته کيس پنهنجي شاديءَ جو خيال آيو، ۽
هوءَ سڄي ڏڪي ويئي. اڃا تائين ته پنهنجي امن و
سڪون جي زندگيءَ بدران بي ترتيبيءَ ۽ مونجهارن جي
اڳڪٿين، سيزر جي غضبناڪ ڇڙواڳيءَ، ۽ پنهنجي ننڍڙي
زرد مينا جي مٺين ٻولين جي خيالن هن جي ارادي ۾
وار جو تفاوت به ڪين آندو هو. جو ڊئگيٽ گذريل
ايترن سالن کان هن کي پيار ڪندو آيو هو ۽ هن لاءِ
هٿ پير هڻي رهيو هو، سو ڇا به ٿي پوي، پر هوءَ
ڪنهن به صورت ۾ بيوفا ثابت ٿي، هن جي دل کي پرزا
پرزا ڪري نه ٿي سگهي. هوءَ پنهنجي شاديءَ جي ڪپڙن
۾ سهڻا سهڻا سيبا ڏيندي رهي، ۽ وقت گذرندو رهيو.
تان جو سندس شاديءَ ۾ باقي وڃي هفتو رهيو؛ اربع جي
شام هئي، ۽ ٻيءَ اربع تي سندس شادي هئي.
ان رات، چوڏهينءَ جي چنڊ رات هئي. نوين بجي ڌاري لوئيسا
رستي تي ٿوريءَ دير لاءِ سير ڪرڻ واسطي نڪتي هئي.
رستي جي ٻنهي پاسن کان لابارن لاءِ تيار ٻنيون
بيٺل هيون، جن جي ڪنارن کان ننڍيون ننڍيون پٿر جون
ديوارون کنيل هيون. هڪ ديوار جي پاسي ۾ ٻوٽن ٻوڙن
جا جهڳٽا هئا ۽ انهن جي ڀرسان ٿوري ٿوري پنڌ تي
جهنگلي بادامن ۽ صوفن جا وڻ بيٺل هئا. لوئيسا ڀت
تي چڙهي ويهي رهي، ۽ هلڪيءَ اداسائيءَ مان پنهنجي
متعلق سوچڻ لڳي. هڪ پاسي ٻيرن جي گهاٽن وڻن، ۽ ٻئي
پاسي صوفن ۽ بادامن جي وڻن جي نميل ٽارين هن کي
ڍڪي ڇڏيو هو. انهن وڻن جي وچ ۾ هن کي ويهڻ لاءِ
خالي جاءِ ملي ويئي هئي. رستي جي ٻئي پاسي، هن جي
بلڪل سامهون هڪ وڏو گهاٽو وڻ هو؛ چنڊ ان جي ٽارين
منجهان جهاتيون پائي رهيو هو، ۽ ان جا پن چانديءَ
وانگر پئي چمڪيا. رستي تي چانڊوڪيءَ ۽ پاڇولن جو
هڪ عجيب دلڪش منظر ڇانيل هو، ۽ هوا ۾ عجيب
پُراسرار خوشبوءِ ڇانيل هئي. هوءَ اتي ڪجهه وقت
ويٺي رهي. هن اٿڻ جو خيال پئي ڪيو، ته ڪنهن جي
قدمن ۽ آهستي ڳالهائڻ جو آواز ڪن تي پيس؛ هوءَ ماٺ
ڪري ويٺي رهي. اڪيلي سنسان جڳهه هئي، ۽ هن کي ٿورو
ڊپ به ٿيڻ لڳو. هن خيال ڪيو ته هوءَ وڻن جي پاڇولي
۾ لڪي بيهي رهندي؛ ۽ جڏهن اهي ماڻهو لنگهي ويندا،
تڏهن اتان اٿي گهر ويندي.
پر جيئن ئي هو ان جي ويجهو پهتا، سندن آواز ۽ قدم به
روڪجي ويا. هوءَ سمجهي ويئي ته انهن ماڻهن کي پٿر
جي ڀت تي ويهڻ لاءِ جاءِ ملي ويئي هئي. هوءَ اهو
سوچي رهي هئي ته هوءَ آهستي آهستي اتان کسڪي وڃي،
پر آوازن وري خاموشيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو. اهو ته جو
ڊئگيٽ جو آواز هو. هوءَ ماٺ ڪري ويهي رهي ۽ ڌيان
ڏيئي ٻڌڻ لڳي.
هڪ ٿڌيءَ آهه سان آواز شروع ٿيو، ۽ هوءَ انهيءَ آواز جي
واقف هئي.
جو ڊئگيٽ چيو، ”چئبو ته پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي؟“
”هائو“، ٻئي آواز چيو. ”آءٌ پرينءَ هتان هلي وينديس.“
”اها ته ’للي ڊاير‘ ٿي ڏسجي،“ لوئيسا پنهنجي پاڻ کي
چيو. اهو آواز هڪ جسم اختيار ڪري، هن جي اڳيان اچي
بيٺو. هن هڪ ڊگهي ۽ ڀرپور جسم جي ڇوڪري ڏٺي، جنهن
جو شوخ ۽ خوبصورت چهرو چانڊوڪيءَ ۾ وڌيڪ شوخ ۽
خوبصورت نظر اچي رهيو هو، ۽ سندس ڀورا ڀورا وار هڪ
وانگوڙي ۾ ويڙهيل هئا. ان ۾ ڳوٺاڻي مضبوطي ۽ جوڀن
هو، هن جي چهري تي اهڙي ڪيفيت هئي، جيڪا ڪنهن
شهزاديءَ جي چهري تي هوندي آهي. ڳوٺ جا سڀئي ماڻهو
للي ڊاير تي مفتون هئا؛ هن ۾ اهي خاصيتون هيون، جن
کي هوند ماڻهو ساراهڻ کان رهي ڪين سگهي. هوءَ
سلڇڻي ۽ خوبصورت هئي، لوئيسا اڪثر هن جون ساراهون
پيئي ٻڌندي هئي.
”مون کي ڳالهائڻ لاءِ لفظ ئي ڪونه ٿا سُجهن!“ جو ڊئگيٽ
چيو. ”مون کي خبر ناهي ته تون چئي به ڇا سگهندين
،“ للي ڊاير وراڻي ڏني. ”هڪڙو اکر به چوڻو ڪين
اٿم،“ ’جو‘، ڀريل آواز سان لفظن کي ڏاڍي مشڪل سان
دهرايو. پوءِ گهڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويئي. ”مون کي ڪو
افسوس ڪونهي،“ آخر هن چوڻ شروع ڪيو، - ”اسان کي
اها ڄاڻ فقط ڪالهه پئي....... ته اسان هڪ ٻئي لاءِ
ڇا ٿا محسوس ڪريون. خير، اسان کي اڳ ڄاڻ پوي ها،
ته به ساڳي ڳالهه ٿئي ها. هاڻ آءٌ ٻيو ڪجهه به
ڪونه ٿو ڪري سگهان، آئينده هفتي شادي ضرور ڪندس –
آءٌ انهيءَ عورت سان دغا ڪري، سندس دل ڪين ڀڃندس،
جيڪا چوڏهن سال منهنجي انتظار ۾ ويٺي رهي.“
”سڀاڻي جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏين، ته هوند آءٌ به وري
توکي پنهنجو ڪين ڪريان،“ ڇوڪريءَ ٿورو زور سان
پختي ارادي سان چيو.
”خير، آءٌ توکي اهڙو موقعو ڪونه ڏيندس،“ هن چيو، ”پر
مون کي يقين ئي نٿو اچي ته تون ائين ئي ڪندينءَ.“
تون پاڻ ڏسندين ته آءٌ ائين ڪري ڏيکارينديس. آبرو آبرو
آهي، ۽ انصاف انصاف آهي. جيڪو شخص منهنجي لاءِ يا
ٻيءَ ڪنهن ڇوڪريءَ لاءِ انهن ٻنهي چيزن جي خلاف
ويندو، ان ماڻهوءَ لاءِ آءٌ سوچڻ به گناهه
سمجهنديس. جو ڊئگيٽ، اهو منهنجو قول به ياد
رکجانءِ“
”خير، تون پاڻ به ڏسندينءَ ته آءٌ تنهنجي يا ٻيءَ ڪنهن
ڇوڪريءَ لاءِ انهن ٻنهي چيزن جي خلاف هرگز ڪونه
ويندس،“ هن جواب ڏنو.
هنن جي آوازن مان ائين ٿي ڀانيو ته ٻئي هڪ ٻئي سان
ڪاوڙجي پيا هئا. لوئيسا ڪن لائي ٻڌي رهي هئي.
”مون کي ڏک رڳو اهو آهي ته تون سمجهين ٿي ته توکي
هروڀرو هتان هليو وڃڻ گهرجي. خير، مون کي ته ڪا
خبر نٿي پوي. پر شايد اهو طريقو ئي بهتر آهي.“
”بيشڪ، اهو ئي طريقو صحيح آهي. مون کي پڪ آهي ته اسان
ٻنهي ۾ ايترو عقل ضرور موجود آهي.“
”تون سچ ٿي چئين،“ اوچتو ”جو“ جي آواز ۾ درد ۽ نرمي اچي
ويئي. ”للي، هڪڙو عرض ڪندوسانءِ. آءٌ پنهنجي حياتي
ته پاڻهي ٺيڪ گذاريندس، پر تنهنجو خيال ٿو اچيم ته
دل برداشت ئي نٿي ڪري سگهي – تون پاڻ ڀلائي ڪري هن
پنهنجي ناتي کي ياد ڪري، دکي نه ٿجانءِ.“
“ڀانيان ٿي ته توکي جلد ئي معلوم ٿي ويندو ته آءٌ شادي
ڪيل مرد پويان ايترو پاڻ کي دکي ڪين ڪنديس.“
”اميد اٿم ته تون دکي ڪين ٿيندينءَ – للي، اميد اٿم ته
تون ڏک نه ڪندينءَ. خدا ڄاڻي ٿو ته مون کي ڪيترو
ڏک آهي. ۽ - اميد اٿم – ته ڪنهن ڏينهن – توکي به –
ڪونه ڪو شخص ملي ويندو -.“
”ڇو ڪين ملندو – نه ملڻ جو سبب ئي ڪونهي،“ اوچتو هن جو
لهجو بدلجي ويو. هوءَ ڏاڍي صاف ۽ مٺڙي آواز ۾
ايترو ڏاڍيان ڳالهائڻ لڳي، جو رستي جي هن ڀر ٻڌڻ ۾
ٿي آيو. ”نه، جوڊئگيٽ.“ هوءَ چوڻ لڳي – ”جيسين
جيئري آهيان، تيسين ڪنهن ٻئي شخص سان شادي ڪين
ڪنديس. مون کي پنهنجو عقل آهي، ۽ آءٌ هاڻي وڌيڪ
پنهنجيءَ دل يا پاڻ تي ماڻهو کِلائڻ ڪين ڏينديس.
آءٌ هرگز شادي ڪين ڪنديس؛ ايتري اها پڪ ڄاڻج. آءٌ
انهن ڇوڪرين مان ڪين آهيان، ڇا ٻه ڀيرا نينهن ڪري.
آءٌ فقط هڪ ڀيرو پريم ڪرڻ واري آهيان.“
لوئيسا ڪنهن جي آهه ڀرڻ جو آواز ٻڌو، ۽ ٻوڙن جي پويان
ٿوري چرپر ۽ ڪشمڪش جو آواز ٿيو؛ ۽ پوءِ للي وري
ڳالهائڻ لڳي - ۽ سندس آواز مان ائين معلوم ٿيو ته
هوءَ اٿي بيٺي هئي. ”هيءُ سلسلو هاڻ ختم ٿيڻ
گهرجي،“ هن چيو. ”اسين هتي ڪافي وقت ترسيا آهيون.
آءٌ هاڻ گهر ٿي وڃان.“
لوئيسا پاڇولي ۾ سندن موٽي ويندڙ قدمن جا آواز ٻڌندي
رهي. ٿوريءَ دير کان پوءِ، هوءَ به اٿي، ۽ آهسته
آهسته گهر ڏانهن هلڻ لڳي. ٻئي ڏينهن هن پنهنجي گهر
جو ڪم هاج روزاني ترتيب ۽ طريقي سان ڪيو؛ اهو هن
لاءِ ساهه کڻڻ وانگر روزمره جو معمول بنجي چڪو هو؛
پر هوءَ پنهنجي دريءَ جي ڀر ۾ ويهي پور پچائڻ لڳي.
شام جو، جو ڊئگيٽ آيو. لوئيسا کي اها ڄاڻ ئي ڪانه
هئي ته منجهس ڪا ايتري موقعه شناسي ۽ حڪمت عملي
موجود هئي، پر جڏهن هن ان رات انهيءَ جي پنهنجي
پاڻ اندر ڳولا ڪئي، تڏهن کيس پنهنجي زنانين خوبين
۾ اها ملي ويئي. اڃا تائين هن کي يقين نه پئي آيو
ته جيڪي هوءَ ٻڌي آئي هئي، سو ڪو سچ هو، ۽ هوءَ
سوچي رهي هئي ته جو ڊئگيٽ سان پنهنجو مڱڻو ٽوڙڻ
سان هوءَ کيس ڪو خطرناڪ زخم ته ڪين پهچائيندي. هن
جي مرضي هئي ته پنهنجي لاڙن ۽ ارادن کي ظاهر ڪرڻ
کان اڳ، جو ڊئگيٽ کي انهيءَ واٽ تي آڻي. هوءَ ائين
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي، ۽ آخر هنن پاڻ ۾ اهڙو ٺاهه
ڪيو؛ پر اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي هئي، ڇو ته جوڊئگيٽ کي
پنهنجي جذبات ظاهر ٿيڻ جو به اوترو ئي ڊپ هو،
جيترو هن کي.
هن للي ڊاير جو ڪو ذڪر ڪونه ڪيو، هن فقط ايترو چيو ته
کيس هن لاءِ ڪا شڪوه شڪايت نه هئي، پر هوءَ ڊگهي
عرصي لاءِ هڪ ئي طريقي سان زندگي گهاريندي رهي
هئي، ۽ هاڻ انهيءَ کي تبديل ڪرڻ نٿي گهريائين.
”تنهنجي مرضي، لوئيسا، پر آءُ ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو
آهيان،“ ڊئگيٽ چيو. ”آءٌ ايمانداريءَ سان ٿو چوان،
منهنجو خيال آهي ته ممڪن آهي ته اهو رستو ئي بهتر
آهي؛ پر جيڪڏهن تون ناتو نباهڻ چاهين، ته آءٌ به
توسان مرڻ گهڙيءَ تائين ٻڌل آهيان، اميد اٿم ته
تون اهو ڄاڻين ٿي.“
”هائو؛ مون کي خبر آهي،“ هن چيو.
ان رات هوءَ ۽ ڊئگيٽ اڳين ڀيرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سڪ ۽ پيار
ڀريءَ دل سان هڪ ٻئي کان جدا ٿيا. دروازي تي بيٺي،
هڪ ٻئي جا هٿ هٿن ۾ جهليندي، هنن تي يادگيرين جي
هڪ درد ڀري لهر ڇانئجي ويئي.
”خير، اسان ائين ڪڏهن به ڪين سوچيو هو ته آخر ۾ هيئن
ٿيندو؛ ٺيڪ آهي نه؟“ ’جو‘ چيو.
هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو؛ سندس پرسڪون چهري تي هلڪي لرزش
ڇانئجي ويئي. ”منهنجي ڪرڻ لائق ڪو ڪم ڪار هجيئي ته
چئجانءِ“، هن چيو. ”لوئيسا، آءٌ توکي ڪڏهن به
وساري نه سگهندس.“
لوئيسا سڄي رات اڪيلي پنهنجي منهن روئندي رهي، کيس خبر
نه ٿي پئي ته هوءَ ڇو ٿي رني؛ ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو،
ننڊ مان جاڳڻ وقت هوءَ پاڻ کي هڪ راڻيءَ وانگر
محسوس ڪرڻ لڳي، جنهن کي اهو ڊپ هجي ته متان سندس
راڄڌاني کانئس کسجي وڃي، پر هاڻ پنهنجي راڄڌانيءَ
کي پنهنجي قبضي ۾ سلامت ڏسي رهي هئي.
هاڻي ڀل ته سيزر جي ننڍڙيءَ راهبن واريءَ جهوپڙيءَ جي
چوڌاري گاهه ۽ ٻوڙا ڄمي پون، ۽ ڀل ان جي ڇت مٿان
هر سال برف ڪرندي رهي، پر هو بي بچاءُ ڳوٺ ۾
ڏهڪاءُ مچائڻ هرگز وڃي ڪين سگهندو. هاڻ ڀل ته
ننڍڙي مينا هر رات پر سڪون ننڊون ڪري، ۽ کيس جاڳي،
ڊپ کان پنهنجون کنڀڙاٽيون پڃري جي سيخن سان ٽڪرائڻ
جي ڪا ضرورت نه رهندي. لوئيسا هاڻ پنهنجي مرضيءَ
مطابق ريشمي چادرون سبي سگهي ٿي، گلاب چڪائي سگهي
ٿي، ڇنڊ ڦوڪ ڪري، ٿانون تي پالش ڪري، ۽ چيزن کي
عطرن سان ويڙهي رکي سگهي ٿي. ان شام جو هوءَ
پنهنجي سئي سڳو کڻي، دريءَ وٽ ويهي سبڻ لڳي، ۽
هوءَ پاڻ کي سڪون جي دريا ۾ ترندو محسوس ڪرڻ لڳي.
للي ڊاير – ڊگهي، قداور ۽ جوان للي ڊاير – سامهون
لنگهي ويس، پر هن پنهنجي اندر ۾ ڪابه ڪشمڪش محسوس
نه ڪئي. لوئيسا ايلس جيڪڏهن پنهنجو جنم حق وڪڻي
ڇڏيو هو، ته کيس ان جي خبر ڪانه هئي – انهيءَ طعام
جو سواد ڏاڍو لذيذ هو، ۽ وڏي عرصي کان وٺي هن جي
واحد تسڪين انهيءَ خوراڪ ۾ رهي هئي. پر هاڻ
سنجيدگي ۽ پرسڪون محدوديت هن لاءِ سندس جنم حق
بنجي چڪيون هيون. هن مستقبل جي ڪيترن ئي ڏينهن ۾
نهاريو، جيڪي گلاب جي گلن جي هار وانگر هڪ ٻئي سان
پوتل هئا، ۽ انهن ۾ سڀ گلاب جا گل هڪجهڙا هئا –
دلڪش، پرسڪون ۽ معصوم. هن جي دل شڪرگذاريءَ سان
ڀرپور هئي. ٻاهر اونهاري جي هڪ گرم شام هئي. هوا
انسانن، پکين ۽ ماکيءَ جي مکين جي آوازن سان ڀريل
هئي، جنهن ۾ هونگارن، کڙکڙ، مٺڙين پڪارن ۽
جهونگارن جا آواز ٻُري رهيا هئا. لوئيسا هڪ غير
حجره نشين راهبه وانگر، عبادت جي نوع ۾، پنهنجا
زندگيءَ جا ڏينهن ڳڻيندي رهي. |