لِويءَ جي واپسي
از – يوڊورا ويلٽي مترجم – سراج
----------
Livvie Is Back
By
Eudora Welty
From the Wide Net and other Stories”. Published by permission
of Russell and Volkening Inc,
New York
يوڊورا ويلٽيءَ (1909ع -) جو پهريون افسانو 1936ع ۾ شايع ٿيو.
ان بعد، افسانن جي مختلف چٽاڀيٽين ۾ انعامن مٿان
انعام کٽندي رهي آهي، ۽ آخري انعام – ”او. هينري
ميموريل اواڊر“ – 1943ع ۾ ”لوي از بئڪ“ (”لويءَ جي
واپسي“) افساني تي مليس. سندس افسانن جي پهرئين
ڪتاب، ”اي ڪَرٽين آف گرين“ جو پُرلطف ۽ پُرمعنى
پيش لفظ مشهور افسانه نويس ”ڪئٿرن ائني پورٽر“
لکيو. اهو ڪتاب 1941ع ۾ شايع ٿيو.
مس ويلٽي، ’مسيسپي‘ رياست جي ’جئڪسن‘ شهر ۾
ڄائي، ۽ اڃا تائين اتي ئي رهي ٿي. ’يونيورسٽي آف
وسڪانسن‘ جي گريجوئيٽ آهي، ۽ اتان وري ‘ڪولمبيا
سڪول آف ائڊورٽائزنگ‘ ۾ تعليم وٺڻ ويئي. جيسين
افسانن مان چڱو اپراسو ٿيڻ لڳس، تيسين اشتهار ۽
ريڊيو لاءِ مضمون لکي، روزگار حاصل ڪندي رهي.
’واٽر ڪلر‘ پينٽگ ڪرڻ، ۽ فوٽو گرافيءَ جي فن ۾ به
چڱو ڪمال حاصل ڪيائين. ”سارويان“ وانگر، هن کي
انهن تڪليفن ۽ دقتن کان سواءِ ئي ڪاميابي حاصل ٿي
ويئي، جيڪي ننڍن ۽ نون لکندڙن کي هميشھ پيش
اينديون آهن. هوءَ خود به انهيءَ جو اعتراف ڪندي
آهي ته ”شروعات کان ئي منهنجي قسمت چڱي رهي آهي.“
”سالومن“ جڏهن ”لويءَ“ سان شادي ڪئي، تڏهن هن کي سندس مائٽاڻي
گهر کان ايڪيهه ميل دور وٺي ويو، ۽ کيس ’اولڊ نئچز
ٽرئس‘ پهاڙي علائقي جي بنهه ٻهراڙيءَ ۾ نيئي
پنهنجي گهر ۾ رهايائين. انهيءَ وقت هوءَ سورهن
ورهين جي هئي. ماڻهو چوڻ لڳا ته شايد هو سمجهي ٿو
ته اتي وٽن ڪير به ڪين ايندو! ٿورو ئي وقت پوءِ،
هڪڙي ڏينهن – جيڪو ڏينهن به لويءَ کي پوءِ ياد نه
رهيو – ماڻهن جي اها ڳالهه هُن لويءَ کي ازخود
ٻڌائي ڇڏي هئي؛ ساڳئي وقت اشاري اشاري ۾ هي به چئي
ڇڏيو هئائينس ته ماڻهن جي ڳالهين ۾ ڇا رکيو هو –
ڀرسان رستي تي سڄو ڏينهن ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي
هئي! لويءَ سان هن جو سلوڪ نهايت محبت ڀريو هوندو
هو، پر هميشھ هن کي گهر اندر ئي رکڻ جي ڪوشش ۾
رهيو. لويءَ اهو ڪڏهن ڪونه سوچيو ته هوءَ اتان
ڪيڏانهن ٻاهر نٿي نڪري سگهي. البت جتان هوءَ آئي
هئي، اتي جي ماڻهن جو چوڻ هو ته هڪ پوڙهو ماڻهو
ڪڏهن به ڪين چاهيندو ته سندس ڪنوار کي ماڻهو ڏسن –
انهيءَ خيال کان ته متان ڪو کيس وٽانئس ڀڄائي وڃي.
شاديءَ کان اڳ، سالومن، لويءَ کان پڇيو هو؛ ڇا
هوءَ هن سان خوش رهي سگهندي؟“ – ڪافي اخلاقي جرئت
جو سوال هو، ڇاڪاڻ ته هو گورو نه پر هڪ سياهه فام
ماڻهو هو، جنهن کي پنهنجون ٻنيون هيون، جن جا
باقاعدي کاتا به سرڪار ۾ هن جي نالي سان داخل هئا؛
۽ جيئن ته هو وڏو هو ۽ هوءَ پاڻ ننڍي هئي، ان ڪري
سوال ٻڌي، ادب وچان لويءَ فقط هيءُ ئي جواب صحيح
ڄاتو هو – ”هائو، سائين.“ وري هن لويءَ کان پڇيو
هو ته هوءَ سرءُ کي پنهنجي لاءِ انتخاب ڪري، ڪٿي
بهار لاءِ ته بيتاب ڪانه ٿيندي! تڏهن لويءَ جواب
ڏنو هو، ”بلڪل نه!“ ان کان پوءِ، هن جي سامهون،
جيڪي به هوءَ ڳالهائيندي هئي، سو هميشھ انهيءَ
ويچار سان ته هو پير مرد هو، ۽ پاڻ هڪ بي سمجهه
ڇوڪري. انهيءَ طرح نو سال گذري ويا، ۽ اهو سمورو
وقت، پر مرد پوڙهي کان پوڙهو ٿيندو ويو – ۽ نيٺ
ايترو پوڙهو ٿي ويو، جو ڳالهه سندس وس کان نڪري
ويئي. آخرڪار هو سڄو سڄو ڏينهن بستري ۾ پيو ننڊون
ڪندو هو، - ۽ هِن جي اڃا نئين جواني هئي.
گهر، اندران توڙي ٻاهران، چڱو سهڻو گهر هو. پهرين ڳالهه
ته ان ۾ ٽي ڪمرا هئا. مُهڙ واري ڪمري جي ڀتين تي
ست گلي جي ول سان چِٽيل روغني ڪاغذ لڳل هو، جنهن ۾
ٿوريءَ ٿوريءَ وڇوٽيءَ تي کجيءَ جا وڏا پن نڪتل
هئا. جاري تي پر رونق ڪنارين سان ڪٽيل تازي اخبار
جا پنا چنبڙيل هئا، جن تي پيلي رنگ جي فريمن ۾ لڳل
ڪن ٻارن ۽ ٻڍڙن جا فوٽا سڌا ٽنگيل هئا – جيڪي
سالومن جي خاندان جا ڀاتي هئا. سالومن جو گهر ساز
و سامان سان ڀريو پيو هو: هڪ ٻٽو ڪوچ هو؛ هڪڙي چٽن
اڪريل جهولڻي ڪرسي هئي؛ مهڙ واري ڪمري ۾ هڪ پيانو
رکيل هو؛ ۽ گلابي پٿر سان هڪ گول ٽپائي هئي. جنهن
تي هڪ ٽن سونين ٽنگن واري بتي رکيل هئي؛ ان جي
ڀرسان هڪ بلوري گلاس رکيل هو، جنهن ۾ ڪڪڙ جا سهڻا
سهڻا کنڀ هڪ خاص ترتيب ۽ انداز سان پيا هئا.
مهڙ واري ڪمري جي پٺيان واري ڪمري ۾ پالش ٿيل مُٺين سان
هڪ لوهي پلنگ پيل هو، جنهن تي سالومن سڄو ڏينهن
ننڊ ڪندو هو، دريءَ تي سفيد ڏوريءَ جا پردا چڙهيل
هئا، ۽ بستري تي هڪ جهالر سان چادر پيل هئي: پر
سالومن جنهن چيز کي مٿان وجهي، مٺي مٺي ۽ گَهري
ننڊ ڪندو هو، سا هئي هڪ اڻ کٽندڙ ٽوپي سان سبيل
هئي – ان جو تهه ايڪيهن رنگن جي چار سو چاليهن
ٽُڪرين مان ٺهيل هو؛ مٿس هزار کن وال ڌاڳو استعمال
ٿيو هو؛ ۽ اها رضائي ئي هئي، جا سندس ماءُ پنهنجن
ٻڍڙن هٿن سان پاڻ ويهي ٺاهي هئي. هڪڙيءَ ٽيبل تي
انجيل مقدس ۽ چاٻيءَ سميت هڪ صندوق رکي هئي. ڀت تي
ٻه پراڻا ڪئلينڊر ۽ هڪ آفرين نامو ٽنگيل هو، جو
سالومن جي خاندان مان ڪنهن کي مليو هو، ۽ ان جي
هيٺان لويءَ جي اڪيلي ملڪيت – هڪ فوٽو – ڪوڪن سان
کتل هو، جنهن ۾ هڪ گوري ٻار جي تصوير هئي، جنهن
ٻار جي مائٽن وٽ هوءَ شاديءَ کان اڳ، پنهنجي اباڻي
ڳوٺ ۾، نوڪري ڪندي هئي.
پريان رڌڻي ۾ هڪ وڏو ڪاٺين ٻارڻ جو چلهو هو؛ اتي ئي
ٿورو پرڀرو هڪ وڏي گول ميز رکيل هوندي هئي، جا
تقريباً هميشھ آلي رهندي هئي، جنهن تي هڪ بلوري
گلاس ۾ ڪانٽا ڇريون پيا هوندا هئا ۽ ٻئي ساڳئي قسم
جي گلاس ۾ چمچا رکيل هوندا هئا؛ گلاسن جي وچ ۾
سُرڪي جو هڪ شيشو رکيل هو، ازانسواءِ اتي ئي سڪل
انجير، هنداڻا، ٻن چئن قسمن جا مربا ۽ آچار پڻ
رکيا رهندا هئا؛ کير ولوڙڻ جي منڌي ٻاهر اُس ۾ پئي
هوندي هئي؛ ٽجوڙيءَ جا ٻئي طاق هميشھ بند رهندا
هئا، ۽ رڌڻي جي هر ڪنڊ ۾ هڪ ڪئامار پڃرو پيل هوندو
هو.
سالومن جو گهر ٻاهران چڱو سهڻو ٿي لڳو. ٻاهرئين حصي کي
جيتوڻيڪ رنگ ڏنل ڪين هو، پر ڏيڍيءَ وارو حصو بلڪل
هڪ – ساريڪو رڱيل هو. ڏيڍيءَ کان اندر واري حصي ۾
ٻنهي پاسن تي اوچن اسپرنگن واريون ڪرسيون رکيل
هيون، جن ٻنهي جي مٿان ڇت ۾ گلن جي هڪ هڪ ٽوڪري
ٽنگيل هئي، ۽ ڀرسان هيٺ سادن سودن گلن جي هڪ هڪ
ڪونڊي پيل هئي. دروازي جي ڀر ۾ ائٽ رکيو رهندو هو،
ان جي سامهون ٻيءَ ڀت ۾ ڦڻيءَ سميت هڪ چورس آئينو
کتل هو، جنهن جي هيٺان هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ چينيءَ
جي
هڪ گينڊي رکيل هئي. دروازي ۾ عاج جي مٺئي سان ڪاٺ جي هڪ ٽنگڻي
کتل هئي، جنهن ۾ سالومن ٻاهران گهر اچڻ وقت پنهنجو
ٽوپلو ٽنگي ڇڏيندو هو. گهر کان ٻاهر هڪ کليل پٽ
اڱڻ طور هوندو هو، جتان ڪک ڪچرو، ڊڀ ڊاڙي لويءَ جي
روزانه کهري ٻهاري ڏيڻ سبب پٽجي صاف ٿي ويا هئا –
ايتري قدر جو پٽ تي زور سان ڏنل ٻهاري جي رهڙن جا
نشان هميشھ بيٺائي رهندا هئا. گهر جي ٿلهي جي ڏاڪن
جي ٻنهي پاسن کان گلاب جا ٻوٽا رکيل هئا، جن ۾
ٻنهي پاسي هر مهيني ٽي چار رت جهڙا ڳاڙها گل ٽڙندا
هئا. هڪ پاسي بادام جو وڻ هو، ۽ ٻئي طرف ڏاڙهونءَ
جو وڻ بيٺل هو. ان کان سواءِ ’نئچز ٽرئس‘ پهاڙيءَ
جي موڙ کان وٺي گهر تائين ”ڪريپ مرٽل“ وڻن جي هڪ
سڌي قطار هئي؛ انهن وڻن مان هر هڪ وڻ جي ٽارين سان
نيري يا سائي رنگ جون شيشون ٻڌل هيون. سالومن اهو
ڪڏهن به ظاهر نه ڪيو هو ته اهي شيشيون وڻن ۾ ڇا جي
لاءِ ٽنگيون ويون هيون، پر لويءَ کي خبر هئي ته
اهي شيشيون وڻن تي جادو ڪرڻ جي خيال کان ٽنگيون
وينديون هيون، ۽ ننڍي هوندي هن ٻڌو هو ته شيشين
ٻڌل وڻ گهر کي جنن ڀوتن کان بچائڻ لاءِ هوندا آهن
– ڇاڪاڻ ته ماڻهو چوندا هئا ته ڀوت اهي رنگين
شيشيون ڏسي، هرکجي انهن اندر گهڙي ويندا هئا، ۽
وري اتان ٻاهر نڪري ڪين سگهندا هئا. سالومن شيشين
وارا اهي وڻ نون سالن ۾ تيار ڪيا هئا، ۽ هر هڪ وڻ
تي شيشين ٻڌڻ ۾ هڪ هڪ سال لڳي ويو هوس؛ ۽ هن کي
انهيءَ پورهئي ڪرڻ تي دل ۾ ڪو رنج به ڪين ٿيندو
هو، ڇاڪاڻ ته گهر کي جنن ڀوتن کان بچائڻ جي احتياط
۾ هن کي ايترو ئي فخر ٿيندو هو، جيترو پنهنجي گهر
جي ٻئي بندوبست رکڻ تي هوندو هوس؛ ايتري قدر، جو
ڪڏهن ڪڏهن اهي شيشين وارا وڻ اُس ۾ هن جي گهر کان
به وڌيڪ دلڪش ۽ رونقدار لڳندا هئا.
پر اتي ڪو جن ته ڇا، پر ڪو ماڻهو به ڪونه هو، بلڪ ڪنهن
ماڻهوءَ جو پاڇولو به ڪونه هو- ويندي ڪنهن گوري
ماڻهوءَ تائين به ڪو ڪونه هو. ۽ جيڪڏهن ڪو هجي ها،
ته سالومن لويءَ کي ڏانهنس ڪڏهن نهارڻ به ڪين ڏئي
ها. هو پنهنجن ڪمين مان به ڪنهن کي لويءَ ڏانهن
نهارڻ ڪين ڏيندو هو، نڪي لويءَ کي ڪنهن ڪميءَ کي
ڏسڻ جي اجازت هئي. آس پاس ۾ ٻيو ڪو گهر به ڪونه
هو. پرڀرو ڪمين جون جهوپڙيون هيون، پر اوڏانهن وڃڻ
کان لويءَ کي منع ٿيل هئي؛ ۽ انهيءَ ترائيءَ ۾،
جيتري پنڌ تي هوءَ لڪي لڪي ويئي به هئي، اوتري
تائين ٻئي ڪنهن جو ڪوبه گهر ڪونه هو. جڏهن هوءَ
اهڙيءَ ريت نڪري ويندي هئي، تڏهن هوءَ ائين محسوس
ڪندي هئي ڄڻ ته ڪو درياهه جهاڳي رهي هئي، ڇو ته
انهيءَ پيچري تي وڻن جا سڪل پن ايترا ته پيل هوندا
هئا، جو گوڏن تائين هوءَ انهن ۾ ڍڪجي ويندي هئي: ۽
جڏهن هوءَ انهن ۾ رهڙجي ڦٽجي پوندي هئي، تڏهن هوءَ
سمجهندي هئي ته اُن رستي جي ڪا منزل ئي ڪانه هئي.
هڪ ڏينهن، ننڍڙيءَ ماٿريءَ تي چڙهي، هن هڪ قبرستان
۾ چوڌاري ڊَڀَ ڄاول هئا. (هوءَ مٿي ان ڪري چڙهي
هئي، جو هن محسوس ڪيو هو ته هن ڪنهن فرشتي جا کنڀ
ڏٺا هئا.) پريان اُس ۾ سوٻٽن جي ڄارن منجهان وڻ
شعلن وانگر چمڪي رهيا هئا. ڪٿي ڪٿي ٿوهر جا ٻوٽا،
سالومن جي گهر ۾ رکيل انجيل جي ”پيغمبرن“ جيان
بيٺا هئا. هڪ اداس ڪبوتر جو اڪيلو آواز ماحول ۾
گونجي رهيو هو. ڪاش! هي وڻن جا پن چرندا رهن، ۽
ڪاش، هي ڄار ٽٽي پون! پر ماٿريءَ تان لهندي لويءَ
دل ئي دل ۾ اها دعا گهري ته شل ڪو جن ڀوت ائين نه
ڪري! سالومن جي منجي جهلڻ کان پوءِ، هوءَ ٻئي هڪ
ڀيري کان سواءِ وري ٻاهر نه ويئي.
لويءَ کي احساس هو ته ڪنهن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ گهربل
نفاست ته هن جي ڪو اچي ڏسي! ڪير آهي، جو ان لاءِ
هن کي داد ڏيئي نه سگهندو! هوءَ ’ٽري‘ ۾ کاڌي جون
شيون حيرت جهڙيءَ خوش اسلوبيءَ سان رکندي هئي.
جڏهن ڪپڙن کي استري ڪرڻ وهندي هئي، تڏهن پنهنجو
ڳائڻ به بند ڪري ڇڏيندي هئي؛ ۽ جڏهن هوءَ بستري تي
ويهي پکو جهلي مکيون هڪليندي هئي، تڏهن ته هوءَ
اهڙيءَ خاموشيءَ ۽ سڪوت سان وهندي هئي، جو هن کي
پنهنجي ساهه کڻڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ ڪين ايندو هو.
هوءَ سڄي گهر کي، بنا ڪنهن شي ڪيرائڻ جي صفا ڪري
سگهندي هئي؛ پليٽون بنا ڪنهن آواز جي ڌوئندي هئي.
جڏهن هوءَ کير ولوڙڻ لاءِ ٻاهر ايندي هئي، تڏهن
منڌيءَ جو آواز کيس ڏاڍو پُرسوز ۽ ڏک ڀريو محسوس
ٿيندو هو؛ ۽ جيڪڏهن سالومن بدران اهو آواز کيس
پنهنجي وطن ۽ گهر جي ياد ڏياريندو هو، ته هوءَ ان
تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏيندي هئي.
پر سالومن اکيون کولي هن کي ڏسندو به ڪين هو، کاڌو به
مس ڪو چکندو هو. هو ڪو بيمار يا پنگلو ڪين هو، نڪي
بدن ۾ ڪو ڏک سور هوس، پر هن جو جسم يقيناً ڳرندو
ڀُرندو ٿي ويو. لوي ڪهڙو به لذيذ طعام رڌي آڻي کيس
ڏيندي هئي، ته هو فقط ان کي اهڙين نظرن سان ڏسندو
هو، ڄڻ ته هن جي کائڻ جا ڏينهن پورا ٿي ويا هئا.
هوءَ کيس کائڻ لاءِ ڪا منٿ ڪري، تنهن کان اڳ هو
گَهريءَ ننڊ ۾ پئجي ويندو هو. جيڪڏهن هو ڪا شي نه
چکندو هو، ته هوءَ هن کي وڌيڪ ڪجهه چئي به ته نه
سگهندي هئي؛ ۽ هن کي هميشھ اها ڳڻتي اچي ورائيندي
هئي ته اڳتي هو هن جي آندل ڪابه شي وات تي ڪانه
رکندو، - ته پوءِ هو جيئرو ڪيئن رهي سگهندو!
پر هڪڙي ڏينهن صبح جو نيرن جي وقت، قياس ڪري هن لاءِ
بيضا تيار ڪيائين، ۽ ’ٽري‘ ۾ رکي کڻي آئي، ته کيس
نالو وٺي سڏ ڪيائين. هو گَهريءَ ننڊ ۾ هو. هو
بستري جي پوري وچ تي، پنهنجي واچ پاسي ۾ رکي،
ڏاڍي شان سان ستو پيو هو. هڪ هٿ سان رضائي مٿي
کنيائين: جيتوڻيڪ بهار جي مند اچي ويئي هئي، پر هو
اڃا تائين رضائي مٿان ڪري سمهندو هو. دريءَ جي
سڻيءَ جي پردن منجهان هلڪي هوا ڦون ڦون ڪندي پئي
آئي، ڄڻ ته ڪن ٻارڙن جي گول گول نازڪ ڳلن منجهان
ٿي نڪتي. سڄي رات ڏيڏرن ’ٽان ٽان‘ ڪري هُل مچايو
هو، پر هو سڄي رات بنا ڪنهن چرپر جي گَهريءَ ننڊ ۾
پيو هو؛ ۽ لوي ساري رات جاڳندي ڏيڏرن کي ”شش، شش“
ڪري ماٺ ڪرڻ لاءِ پاراتا ڏيندي رهي؛ هن کي اهو ڊپ
هو ته متان سالومن ڏيڏرن جي آوازن تي رنج ٿي پوي.
هن جي منهن مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته هن اڃا به ڪجهه
وقت ننڊ ڪرڻ ٿي چاهي، ان ڪري ’ٽري‘ پاسي تي رکي،
هوءَ هن جي جاڳڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. ان طرح بلڪل
سانت ۽ چپ چاپ ويهندي، هوءَ پنهنجي پاڻ کي خواب ۾
محسوس ڪرڻ لڳي. ڪڏهن هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته
هوءَ جو ان طرح بنا ڪنهن آواز جي اچي، خاموشيءَ
سان ويهي رهندي هئي، سو ان ڪري جو گهر ۾ ڄڻ ته ڪو
ننڍڙو ٻار سمهيل هو. هوءَ محسوس ڪندي هئي ته هن کي
ڄڻ ته هڪ ٻار هو، ۽ هوءَ سندس ماءُ هئي. جڏهن هوءَ
سالومن جي بستري وٽ بيهي، کيس ڏسندي هئي، تڏهن
هوءَ سوچيندي هئي ته ”هو ڪهڙي نه مٺيءَ ننڊ ۾
آهي!“ ۽ هن کي جاڳائڻ تي مرضي ئي ڪانه ٿيندي هيس.
ٻئي هڪ خيال کان به هوءَ هن کي جاڳائڻ کان ڊڄندي
هئي، ڇاڪاڻ ته ننڊ ۾ به هو ڏاڍو شوخ نظر ايندو هو.
سامهون ڀت ۾ ٽنگيل فوٽي ۾، سالومن جي جوانيءَ جي تصوير
هئي، ڪاش، هن کان اهو وسري وڃي ته اها تصوير ڪنهن
جي هئي! ان زماني ۾ هن جي پيشانيءَ تي ڪنهن شاهي
ڇٽ وانگر وارن جي هڪ چَڳ پئي لڙڪندي هئي. هاڻ سندس
وار گهڻو هٽي ويا هئا، ۽ انهن مان بهار موڪلائي
ويئي هئي. جوانيءَ ۾ سالومن جو منهن به رونقدار
هو: ڇڊا تڻڪيل ڀرون، تيز ۽ ڀرپور اکيون، رعبدار
وات، جنهن تي سدائين هڪ سونهري مرڪ ڇانيل هوندي
هئي. اڃا به جڏهن ڪپڙا لٽا پائيندو هو، ته هو اهڙو
ئي لڳندو هو؛ پر ڏينهن جو جڏهن بستري ۾ ستل هوندو
هو – پوءِ جاڳندو هجي يا ’بائيبل‘ پڙهندو هجي – هو
بنهه هڪ مختلف ۽ ننڍڙو شخص معلوم ٿيندو هو. پنهنجي
پاڻ جو ڪو ٻڍڙو مائٽ معلوم ٿيندو هو. ۽ جڏهن هو
ننڊ ۾ ستو پيو هوندو هو، ۽ هوءَ مٿانئس بيهي مکيون
هڪليندي هئي، تڏهن هن جو منهن اهڙو نئون، اهڙو لسو
۽ صاف لڳندو هو، ڄڻ ته سامهون دريءَ جي ڀرسان ڪو
بلوري گلاس رکيو هو؛ ۽ هوءَ هن جي پيشانيءَ مان
ذري گهٽ پروڙي سگهندي هئي ته هو ڇا سوچي رهيو هو.
هوءَ پکو هڻندي رهي، ۽ نيٺ هن پنهنجون اکيون کوليون، ۽
سندس نالو وٺي سڏ ڪيائين، پر هوءَ جيڪي بيضا تيار
ڪري کڻي آئي هئي، تن کي چکيائين به ڪين.
هوءَ رڌڻي ۾ ويئي، ۽ اتي پنهنجي ۽ هن جي نيرن گڏي خوب
ڍو ڪري کاڌائين، ۽ پوءِ کليل دروازي کان ٻاهر ڏسڻ
لڳي. ڪالهوڪو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات، هن پنهنجي قريب
بهار جي ڪيفيت محسوس ڪئي هئي. گهر ۾ بهار جي
موجودگي اهڙي انداز ۾ هئي، جيئن ڪو نوجوان ماڻهو
گهر ۾ موجود هوندو آهي. چنڊ جون پويون تاريخون
هيون، ۽ ٻاهر ماڻهو زمين کي هر ڏيئي رهيا هئا، ۽
ان ۾ مٽر پوکي رهيا هئا. سرخ سرخ ٻنين ۾، جهنگ جي
اوڙن کي ڏنل باهه مان دونهون اهڙيءَ طرح ڦهلجي
رهيو هو، ڄڻ ته آسمان جو نيلگون پلو لُڏي رهيو هو.
ٻنين ۾ هڪ سرخو گهوڙو ۽ بگو خچر هر ڇڪي رهيا هئا.
ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ فضا ۾ گهٽيل گهٽيل پڪارون اٿي
رهيون هيون، ۽ هن کي ائين ٿي جاڳايائون ڄڻ ته هوءَ
ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ جهوٽا کائي رهي هئي، ۽ کيس چئي
رهيون هيون ته ”اٿي، ٻاهر نڪر!“ هوءَ ڏسي رهي هئي
ته ٻنين ۾ ماڻهو – جوان ۽ ڇوڪريون، مرد ۽ عورتون –
گهمي رهيا هئا، ڪي پيادل هئا، ته ڪي خچرن تي سوار
هئا. مٿن تي ٽوپلا پيل هئن، ۽ ڪلهن تي پاهوڙا ۽
ٻيانا رکي، کلندا ڪڏندا ائين وڃي رهيا هئا، ڄڻ ته
ڪلهن تي جهنڊا کڻي ڪنهن دور دراز مقام ڏانهن سفر
تي نڪتا هئا - ۽ ائين ٿي ڀانيو ته ڪنهن اشاري ملڻ
سان، هو نعرا هڻندا، هوڪرون ڏيندا، سانگ ڪندا، هڪ
ٻئي کي سڏ ڪندا ۽ جواب ڏيندا، ڊوڙندا ۽ هڪ ٻئي کي
جهلڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن گوهيون ڏيندا، آخر وڃي
منجهند جي فرحت بخش مدهوشيءَ ۾ زمين تي ليٽي لطف
اندوز ٿيندا. پوءِ ٻڍڙيون عورتون پنهنجي جهوپڙن
مان نڪري آيون، ۽ پورهيتن کي ماني ڏنائون، ماني
کائي سڀ پورهيت ٻنين ۾ پنهنجي پنهنجي ڪم تي ٽڙي
پکڙي ويا. ننڍڙا ٻار به، ڪنهن اڇلون ڏيندڙ درياهه
وانگر، ٻنين تي ڇانئجي ويا، ۽ کيڙيل ڌرتيءَ جي
کلئي پيٽ تي، مردن ڏانهن، زال ڏانهن، ڪتن ڏانهن،
پکين پٺيان – مطلب ته جيڏانهن ٿي آين تيڏانهن ڊوڙ
ڊوڙان لائي ڏنائون – سندن سنهڙا آواز مس ٿي ٻڌڻ ۾
آيا. پري ٻنين جي وچ ۾ گاهه جون دنيون سفيد ۽
سونهري مينارن وانگر معلوم ٿي رهيون هيون، ۽ ڪاري
رنگ جون ڍڳيون انهن جي پاسن ۾ چڪ وجهڻ لاءِ اچي
مڙيون هيون. ٻنين، سندن پنهنجي گهر، جهوپڙين ۽
چوگرد رستي – جيڪو ڄڻ ته ڪنهن کاهيءَ وانگر انهن
چيزن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ جهليو بيٺو هو – هر چيز
مٿان ڦرندڙ آسمان هو، جنهن جي نيراڻ ۾ شعلن وانگر
بلندين تي ڦهليل سهڻا سهڻا سفيد ڪڪر هئا. جيڪي
ڪجهه ٻاهر ٿي رهيو هو – اهو سڀڪجهه سالومن جو
پنهنجو هو -، ان جي وچ ۾ گَهريءَ ننڊ ۾ ستل سالومن
هڪ خاموش نقطي وانگر معلوم ٿي رهيو هو.
گهر اندر به هوا خوشبوءَ سان ڀريل هئي. سالومن لويءَ کي
ڪڏهن به ڪڪڙين جي کڏين يا ٻاهر کوهه کان اڳتي وڃڻ
جي اجازت نه ڏني هئي. پر جيڪڏهن هوءَ ٻنين ڏانهن
وڃي، پاهوڙو کڻي ايترو پورهيو ڪري، جو سندس رڳون
سرخ رت ۾ سيٽجي وڃن، ۽ پنهنجي پورهئي ۾ رڱجي ٻين
ڇوڪرين وانگر کليل ڌرتيءَ تي پنهنجون ڳل رکي سمهي
رهي، ۽ ٻڍڙي سالومن کي پنهنجي مسرت ۽ اشتياق سان
شرمندو ڪري، ته هوند ڇا ٿي پوي؟ هن کي شرمندو ڪري!
دروازي کان ٻاهر نهاريندي، اها ڪٺور تمنا ڪهڙيءَ
نه تيزيءَ سان هن جي دل ۾ اچي ويئي هئي! پوءِ هن
پليٽون ڌوئي، ميز به صاف ڪري ڇڏي. هوءَ ننڍڙن
ڇيلڙن جون ٻاڪارون ٻڌي رهي هئي. سندس ماءُ جنهن کي
شاديءَ کان پوءِ وري ڏٺو به ڪين هئائين، هڪ ڀيري
کيس چيو هو ته ’مرد ڀلي کڻي جو چاهي، ٿي پوي؛ پر
شل ڪا عورت بڇڙي نه ٿئي!‘
صبح جو سمورو وقت هوءَ چلهه تي ڪڪڙ جو شورو تيار ڪندي
چکندي رهي، ۽ جڏهن تيار ٿي ويو، تڏهن هڪ پيالو ڀري
سالومن وٽ کڻي آئي. هو ننڊ ۾ ڪو خواب ڏسي رهيو هو.
پر خواب آخر هو ڪهڙو ڏسندو هوندو؟ پوءِ هن ڏٺو ته
ننڊ ۾ هن هڪ هلڪو ٿڌو ساهه ڀريو، ڄڻ ته هن جي ذهن
۾ تازي بيضي جهڙي جيڪا گول گول شي موجود هئي. تنهن
کي ڀڃي بگيڙڻ نه ٿي چاهيائين. چئبو ته هڪ ٻڍڙو
ماڻهو به ڪنهن خوبصورت چيز جو خواب لهي ٿي سگهيو.
لويءَ سوچيو ته هو ننڊ ۾ اکيون بند ڪري، شاديءَ جي
مُنڊيءَ واري هٿ سان رضائيءَ کي سيرڻ جون ڪوششون
ڪندي هن بابت ته خواب ڪين ڏسي رهيو هو؟ شايد هو
خواب ۾ اهو ڏسي رهيو هو ته وقت گهڻو ٿي ويو هو، ڇو
ته ننڊ ۾ به هو ڪنهن گهڙيال وانگر وقت جي ڄاڻ
رکندو هو؛ ۽ هن وٽ جيڪا چانديءَ جي واچ هوندي هئي،
ان کي ڏسڻ کان سواءِ ئي هن کي صحيح وقت جي خبر
پئجي ويندي هئي. هو سمهندو هو، ته به واچ هٿ ۾
هوندي هيس. ۽ ننڊ ۾ واچ اهڙي طرح پنهنجي ڳل سان
لڳائي سمهندو هو، جيئن ٻار پنهنجي رانديڪن کي ڳل
سان لڳائي سمهندا آهن. يا ممڪن آهي ته هو ڪنهن
آگبوٽ ۾ ’نئچز‘ ڏانهن مسافري ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو
هو. ان جي باوجود هوءَ اهو ئي سوچيندي رهي ته هو
سندس ئي متعلق خواب ڏسي رهيو هو. پر جڏهن هوءَ
ائين چتائي سالومن کي ڏسي رهي هئي، تڏهن هن کي
ائين محسوس ٿيو ته پلنگ جون سيخون ڪنهن مضبوط
لوڙهي وانگر هن ۽ سالومن جي وچ ۾ اڀري رهيون هيون.
هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي ته ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ تيسين
يقين سان ڪجهه چئي سگهڻ مشڪل آهي، جيسين انهن مان
هڪڙو جاڳندو هجي، ۽ ٻيو ننڊ پيو هجي. هن کي ان وقت
پنهنجي متعلق خواب لهندو محسوس ڪرڻ، جنهن وقت ممڪن
آهي ته هو مري رهيو هجي – انهيءَ تصور ئي هن کي
ڏڪائي ڇڏيو، - ڄڻ ته هو هن کي به پاڻ سان موت
ڏانهن گهلي ويندو. هن ڪمري مان ڀڄي وڃڻ جو خيال
ڪيو. گهڙيءَ لاءِ هو پلنگ کي جهلي بيهي رهي، ۽
ڪجهه وقت ائين ئي بيٺي رهي. پوءِ سالومن اکيون
کولي کيس سڏ ڪيو، پر ڪابه شي ڪانه طلبيائين. هن
لذيذ شوروو به ڪين چکيو.
ان کان ٿورو ئي وقت پوءِ، جيئن هوءَ ٽانڊو کڻيو مهڙ
واري ڪمري ۾ ٿي ويئي، تيئن هن ڪو آواز ٻڌو، شايد
ڪو اچي رهيو هو. ٻئي پردا ڇڪي، جهاتي پائي، ٻاهر
ڏسڻ لڳي.
شيشن وارن وڻن واري رستي تان هڪ سفيد فام عورت اچي رهي
هئي. پهرينءَ نظر ۾ هو جوان نظر آيس، پوءِ هوءَ
ٻڍڙي معلوم ٿيڻ لڳي. ٻنين واري پيچري تي حيرت جهڙي
هڪ ننڍي موٽر، ڪٽليءَ وانگر ٻاڦون ڪڍندي بيٺي هئي
– ڪنهن طرح موٽر اتي پهچي ويئي هئي.
لوي ڪافي دير ماٺ ڪري دروازي کي کڙڪائڻ جا آواز ٻڌندي
رهي، پوءِ نيٺ دروازي کي ٿورو کوليائين. اها عورت
دروازي جي انهيءَ ٿوري لنگهه مان اندر هلي آئي.
هوءَ وچولي جسم جي عورت هئي، ۽ مٿي تي هڪ وڏو
ٽوپلو به پيل هوس.
”منهنجو نالو ’مس بيبي ميري‘ آهي،“ عورت چيو.
لوي، ڏاڍيءَ عزت منجهان انهيءَ عورت ۽ سندس ننڍڙيءَ
صندوق کي ڏسڻ لڳي، جيڪا هوءَ هٿ ۾ جهليو بيٺي هئي.
عورت جون نظرون گهر جي ماحول جو جائزو وٺي رهيون
هيون - ۽ هوءَ چئي رهي هئي، ”آءٌ هتان..... ’نئچز‘
کان ٿورو پرڀرو رهندي آهيان...... ۽ هي سينگار جون
شيون گورن توڙي ڪارن ماڻهن کي ڏيکارڻ ويندي
آهيان...... دور دور هنڌن تي ....... سالن جا سال،
اهي پائوڊر ۽ لاليون ڏيکاريندي رهي آهيان. مون وٽ
اهڙيون شيون آهن، جيڪي ڇوڪريون سولائيءَ سان
استعمال ڪري ٿيون سگهن، ۽ پنهنجي گهرن کان پري به
وڃڻو ڪين ٿو پوين ”.........“ جيترو زياده هن
لويءَ کي گهوريو ٿي، اوترو تيز ڳالهائڻ ٿي لڳي.
اوچتو پنهنجو منهن مٿي ڪري چوڻ لڳي، ”گلدانيءَ ۾
کنڀ وجهي رکڻ عيسائيت ۽ صفائيءَ جي اصولن جي خلاف
آهي،“ ۽ پوءِ هن پنهنجي چولي جي اڳ مان هڪ چاٻي
ڪڍي، صندوق جا ڪلف کولڻ شروع ڪيا. هن جي چهري ۾
چمڪ اچي ويئي؛ سندس منهن اڇي ۽ ڳاڙهي پائوڊر جي
تهن سان ڍڪيل هو، ۽ سندس مٿئين چپ جي مٿان چمڙيءَ
جا گهنج اڇي پائوڊر جي تهن ۾ لڪي ويا هئا. ڳاڙهن
وارن جون چڳون سندس ڪکائين ٽوپلي مان ليا پائي
رهيون هيون. هوءَ هڪ عجيب ڪامرانيءَ ۽ رازدارانه
انداز سان پنهنجي صندوق مان مختلف شيشيون ۽ دٻلا
ڪڍندي ويئي، ۽ هڪ هڪ ڪري ميز، ۽ آتشدان واري تختي
تي رکندي ويئي.
”تو ڪڏهن هيترو سارو سينگار جو سامان ڏٺو
آهي؟“ بيبي ميريءَ پڇيو. |