سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :14

جونيس مالٽبي

از – جان اسٽينبيڪ            مترجم – سراج

---------

Junius Mlaltby

By

John Steinbeck

From “The Pastures of Heaven.” Reprinted by permission of  the anthor’s agent. Copy right, 1932, by john Steinbeck.

 

جان اسٽينبيڪ، ’ڪئليفورنيا‘ رياست جي ’ساليناس‘ شهر ۾ 1902ع ۾ ڄائو. سندس تحريرن جو اڪثر حصو، سندس مقامي ضلعي ۽ ’مانٽيريري‘ ساحل – جتي شاديءَ کان پوءِ رهائش اختيار ڪيائين – جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو.

                  چار سال ’اسٽئنفورڊ‘ يونيورسٽيءَ ۾، ڪنهن ڊگريءَ جي اميدوار طور نه، پر هڪ ”خاص شاگرد“ جي حيثيت ۾ گذاريائين. هن سائنس تي خاص ڌيان ڏنو؛ ۽ ’علم حيات‘ – خاص ڪري سامونڊي جيون جي علم حيات – جي ڪافي ڄاڻ ۽ علم اٿس. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ گوناگون مشغوليون اختيار ڪيون: اخباري نامه نگار، تغاري کڻندڙ مزور، مال چارو، مصور، جائداد جو نگهبان، سامونڊي جيون جي علم حيات جو ماهر، سروير، مهاڻو، مالهي، ۽ مصنف ٿي رهيو آهي. 1939ع ۾، سندس تحريرن کي ’پلٽزر انعام‘ مليو.

                  بدن جو ڳرو ۽ ٿلهو مڙس، نهايت ڪَڪَا وار، گَهريون نيريون اکيون، ۽ اونهو، هلڪو صاف آواز – سٽينبيڪ طبعاً هڪ شرميلو شخص آهي. هن وقت ’ڪئليفورنيا‘ جي ٻهراڙيءَ ۾ سادي ۽ سانتيڪي زندگي گذاري رهيو آهي.

 


 

 

 

جونيس مالٽبي هڪ چڱي سکر ڪٽنب جو نوجوان هو. تعليم چڱي ورتل هيس. جڏهن سندس پيءُ ڏيوالو ڪڍي مري ويو، تڏهن جونيس پاڻ کي ڪلارڪيءَ جي نوڪريءَ ۾ اهڙو ته بريءَ طرح ڦاسائي وڌو، جو اتان جند ڇڏائڻ لاءِ برابر ڏهه سال مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو.

        نوڪريءَ تان موٽي جونيس پنهنجي سجايل ڪمري ۾ اچي آرام ڪندو هو، ۽ پنهنجي ناٽڪي ڪرسيءَ جي گديءَ کي ڇنڊي ڦوڪي پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويندو هو. ”سٽيونسن“ جي  مضمونن کي انگريزي ادب ۾ هو تقريباً بهترين شاهڪار سمجهندو هو. ”ٽرئولس وٿ اي ڊانڪي“ (”گڏهه جي پٺيءَ تي سفر جو احوال“) هو ڪيترائي ڀيرا پڙهي چڪو هو.

        پنهنجي پنجٽيهين سالگرهه ملهائڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، هڪ ڏينهن شام جو جونيس پنهنجي گهر جي ٿلهي جي ڏاڪن تي ڪري بيهوش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن هن پهريون دفعو محسوس ڪيو ته کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي ٿي. هن کي حيرت لڳي ته آخر اهو روڳ هن کي ڪيتري وقت کان هو! جنهن ڊاڪٽر وٽ ويو، سو به ڏاڍو مهربان ۽ همدرد ماڻهو هو، ۽ هن کيس ڪافي اميد ڏياري.

        ”تنهنجو مرض هروڀرو ايتريءَ حد تائين ڪونه پهتو آهي، جو تون چڱو ڀلو نه ٿي سگهين،“ هن کيس دلداري ڏيندي چيو. ”پر توکي پنهنجي انهن ڦڦڙن کي سئنفرئنسسڪو شهر مان ٻاهر ڪڍي وڃڻو پوندو. جيڪڏهن تون هتي هنن ڪوهيرن ۾ رهين، ته سال به جيئرو ڪين رهندين. ڪنهن گرم ۽ خشڪ آب هوا واري هنڌ هليو وڃ.“

        هن جي صحت سان جيڪو حادثو ٿي پيو هو، ان تي جونيس کي هڪ ڳالهئين ڏاڍي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ذريعي هن جا اهي ٻنڌڻ ٽٽي پيا، جن کي ٽوڙڻ ۾ پنهنجي طرفان هو هميشھ ناڪام ٿيندو رهيو هو. هن وٽ پنج سو ڊالر پنهنجا پيل هئا. ائين به ڪين هو ته هن اهي ڏوڪڙ بچائي رکيا هئا، بلڪ هن کي محض اهي خرچ ڪرڻ وسري ويا هئا. ”هنن پئسن منجهان يا ته صحتياب ٿي زندگيءَ کي نئين سر ڪنهن نئينءَ راهه تي موڙيندس، يا ته مري سموري جهنجهٽ کان ڇٽي پوندس.“

        سندس آفيس جي هڪ ماڻهوءَ کيس هڪ گرم ۽ محفوظ واديءَ – ”پاسچرس آف هيون“ (جنت جا سبزه زار) جو ڏس ڏنو؛ ۽ جونيس هڪدم اوڏانهن اسهيو. کيس اهو نالو ڏاڍو وڻيو. ”يا ته اهو هڪ سوڻ آهي ته هاڻ آءٌ زنده رهي ڪين سگهندس، يا ته وري موت جو اهو هڪ سهڻو ۽ اشاريت سان ڀرپور نعم البدل ٿيندو،“ هن سوچيو. هن محسوس ڪيو ته انهيءَ  نالي جي هن سا ڪا ذاتي وابستگي هئي، ۽ هن کي انهيءَ تي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڏهن سالن ۾ دنيا جي ڪنهن به چيز جو هن سان ذاتي ۽ شخصي تعلق ڪين رهيو هو.

        ’پاسچرس آف هيون‘ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪٽنب هئا، جيڪي مسافرن کي پاڻ وٽ ماهوار خرچ تي رهائڻ لاءِ تيار هئا. جونيس هر هڪ ڪٽنب جي چڱيءَ طرح معائني ڪرڻ کانپوءِ هڪ بيوه ”مسز ڪئيڪر“ وٽ رهڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ گهر ۾ هن کي اها به سهوليت ملي ته هو ٻنيءَ واري گهر کان جدا هڪ منَهن ۾ سمهي ٿي سگهيو. مسز ڪئيڪر کي ٻه ننڍا پٽ هئا، ۽ پنهنجي ٻنيءَ کي سنڀالڻ لاءِ هڪ ماڻهوءَ کي نوڪر ڪري رکيو هئائين.

        گرم آب هوا جونيس جي ڦڦڙن تي ڏاڍو چڱو اثر ڪيو. سال اندر هن جي منهن جو رنگ ئي مٽجي پيو، ۽ بدن جي تور ۾ اضافو اچي ويس. ٻنيءَ تي هو هڪ خاموش، پـُـرسڪون ۽ مسرور زندگي گذاري رهيو هو. سڀ کان وڌيڪ خوشي ۽ لطف انهيءَ ڳالهه مان ٿي محسوس ڪيائين ته آفيس وارا ڏهه سال دل تان ئي لهي ويا هئس، ۽ هو نهايت سست ٿي پيو هو. جونيس پنهنجي ڪَڪَن وارن ۾ ڦڻي به ڪين ڪندو هو؛ هو پنهنجي عينڪ پنهنجي ٿلهي نڪ تي بنهه هيٺ پائيندو هو، ڇو ته هاڻ سندس اکيون به تيز ٿينديون ٿي ويون، ۽ محض عينڪ کي محسوس ڪرڻ جي عادت ڪري هن کي عينڪ پائڻي ٿي پيئي. سڄو ڏينهن ڪنهن ڪاٺيءَ جو هڪ ننڍو ٽڪر پيو وات ۾ آڻيندو نيندو هو، ۽ اها عادت هميشھ سست ۽ گهڻو سوچيندڙ ماڻهن ۾ هوندي آهي. سندس صحتيابي 1910ع ۾ مڪمل ٿي ويئي.

        1911ع ۾، مسز ڪئيڪر پاڙيوارن جون چميگويون ٻڌي ڳڻتين ۾ پئجي ويئي. جڏهن هن پاڻ به پنهنجي گهر ۾ هڪ اڪيلي غير مرد ماڻهوءَ جي رهڻ جي مفهوم تي ٿورو غور ڪيو، تڏهن ڏاڍي ششدر ۽ پريشان ٿي ويئي. جڏهن جونيس جي مڪمل صحتيابيءَ جي پوري پڪ ٿي ويس، تڏهن هڪ ڏينهن هن اڳيان پنهنجي پريشانيءَ ۽ بيچينيءَ جو اعتراف ڪيائين. جونيس هڪدم، ڏاڍيءَ خوشيءَ سان هن سان شادي ڪري ڇڏي. هاڻ ته هن وٽ پنهنجو گهرتڙ به ٿي پيو، - ۽ مستقبل به نهايت روشن هو – ڇاڪاڻ ته نئين مسز مالٽبي گاهن پکن سان سرسبز جبل جي ٻن سون ايڪڙن، ۽ ترائيءَ ۾ ڀاڄين ۽ ميون جي پنجن ايڪڙن جي مالڪ هئي. جونيس ترت ئي پنهنجا ڪتاب، ناٽڪي ڪرسي ۽ ’ويلا سڪئيز‘ جي ڪتاب ”ڪارڊينل“ جو هڪ جلد پنهنجي اڳئين گهر مان گهرائي ورتا. مستقبل هن لاءِ هڪ پرلطف ۽ روشن شام معلوم ٿي رهيو هو.

        مسز مالٽبيءَ، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نوڪر کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙس کي ڪم ڪار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ان ۾ هن کي ڪافي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، ۽ اها مزاحمت تنهان ئي وڌيڪ پريشان ڪندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ اڳيان وار ڪرڻ لاءِ ڪا خاص چيز هئي ئي ڪانه. صحتيابيءَ جي دوران ۾، جونيس سستيءَ کي بنهه پيار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. هن کي واديءَ ۽ ٻنين سان به چاهه هو، پر هو انهن کي، فقط سندن انهيءَ حيثيت سان، پري کان پسند ڪندو هو؛ هن ڪي نيون شيون اپائڻ، يا پراڻيون اکاڙڻ نٿي گهريون. جڏهن مسز مالٽبيءَ کيس هٿ ۾ ڏانٽو ڏيئي ڀاڄين جي باغ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ بيهاريو، تڏهن ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ، توقع مطابق، هن کي چرا گاهه جي نهر ۾ پير وجهي، ”ڪڊ نئپڊ“ ڪتاب پڙهندو ڏٺائين. هن افسوس ظاهر ڪيو هو، ۽ جواب ۾ چيائين ته هن کي اها خبر ئي ڪانه پئي هئي ته ائين ڪيئن ٿيو؛ ۽ اهو برابر سچ هو.

        شروع شروع ۾، سندس سستيءَ ۽ پوشاڪ جي اڍنگائيءَ تي هوءَ کيس گهڻو ئي جٺ ملامت ڪندي هئي، پر ترت ئي جونيس پاڻ ۾ هن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏيڻ جي هڪ صلاحيت پيدا ڪري وڌي. هو سوچيندو هو ته جنهن وقت هو هڪ عورت جي حيثيت ۾ سامهون نه هجي، ان وقت مٿس توجهه ڏيڻ بي مروتيءَ جو مثال ٿيندو. اهو ڄڻ ته ڪنهن پنگلي محتاج کي گهوري ڏسڻ جي برابر ٿيندو. ۽ مسز مالٽبي هن جي هن ڪوهيڙي مثل مزاحمت سان ڪافي وقت  پنهنجو مٿو ڀڃندي رهي، پر جڏهن نتيجو ڪوبه ڪين نڪتو، تڏهن هن محض لڙڪ ڳاڙڻ شروع ڪيا، ۽ بدلي طور پاڻ به پنهنجي وارن ۾ سينڌ ڦڻي ڪرڻ ڇڏي ڏنائين.

        1911ع ۽ 1917ع جي وچ ۾ مالٽبي ڪٽنب ڏاڍو غريب مسڪين ٿي ويو. جونيس ٻنين جي نظرداري نه ڪئي، سا نه ڪئي. تان جو اها حالت اچي ٿين، جو کاڌي ۽ ڪپڙي لٽي لاءِ پئسن خاطر ڪجهه ايڪڙ چراگاهي زمين جا وڪڻي ڇڏيائون، پر تڏهن به وٽن کائڻ لاءِ پوري ڪين هوندي هئي. مسڪيني ۽ غربت ٽنگون ٽيڙيو ٻنين تي کپ کوڙي ويٺي هئي، ۽ مالٽبي حضراب ليڙن ۾ لپٽيل هئا. هنن وٽ نون ڪپڙن جو ته نالو به ڪين هو، پر جونيس پنهنجي لاءِ ”ڊئوڊ گريسن“ جا مضمون تلاش ڪري وٺي آيو. هن کي پراڻا ڦاٽل ڪپڙا پيا هوندا هئا، ۽ چراگاهه جي نهر جي ڪناري وارن انجيرن جي وڻن هيٺ ويٺو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن زال ۽ ٻنهي پٽن کي ”ائڊوينچرس اِن ڪنٽينيمينٽ“ (”قناعت جا ڪارناما“) پڙهي ٻڌائيندو هو.

        1917ع جي شروعات ۾، مسز مالٽبيءَ کي خبر پيئي ته هوءَ وري پيٽ سان هئي؛ ۽ انهيءَ ساڳئي سال جنگ جي زماني واري ’انفلوئنزا‘ جي بيماري اچي هن ڪٽنب کي ورايو. ٻئي ڇوڪرا، جيڪي هونئن ئي پورو کاڌو نه هئڻ ڪري ڪمزور هئا، سي هڪ ئي وقت وبا ۾ وٺجي پيا. برابر ٽي ڏينهن  ويچارا ٻار تپ ۾ اسڙڪندا رهيا، ۽ پنهنجي ضعيف آڱرين سان بستري جي چادر کي جهٽي موت جي چنبي مان جان ڇڏائڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا. ٽي ڏينهن هو موت سان مسلسل جدوجهد ڪندا رهيا، ۽ چوٿين ڏينهن ٻئي ڄڻا مري ويا. سندن ماءُ کي سندن ڪائي خبر نه هئي، جو هوءَ پاڻ ويم جي سورن ۾ هئي، ۽ جيڪي زالون گهرن جي نظرداري ڪري رهيون، تن ۾ ايتري همت ۽ ايتري ڪٺورتا ڪانه هئي، جو کڻي کيس ٻڌائين. هوءَ ويم جي سورن ۾ ئي هئي، ته کيس به اچي انهي ڪاري تپ ورتو، ۽ هوءَ پنهنجي نئين ٻالڪ کي ڏسڻ کان سواءِ ئي مري ويئي.

        پاڙي وارين زالن، جن انهيءَ ويم واري وقت، هنن سان پير ڀريو هو، تن سموريءَ واديءَ ۾ اها ڳالهه مشهور ڪري ڇڏي ته جنهن وقت سندس زال ۽ ٻار موت جي منهن ۾ هئا، ان وقت جونيس نهر جي ڪناري تي بيپرواهه ٿيو ڪتاب ويٺو پڙهندو هو. جڏهن هو بيماريءَ ۾ سٽجي پيا، ان ڏينهن به هو نهر جي پاڻيءَ ۾ پير وجهيو ويٺو هو، ڇو ته هن کي خبر ئي ڪانه هئي ته هو ڪي بيمار ٿي پيا هئا. پر جڏهن خبر پيس، تڏهن هڪ بيمار ڇوڪري کان ٻئي تائين پيو اجائي اٿ ويهه ڪندو هو، ۽ کين اجايون سجايون مورکپڻي جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. وڏي ڇوڪري کي ٻڌائيندو هو ته هيرا جواهر ڪيئن ٺهندا آهن. ٻئي ڇوڪري جي پاسي ۾ بيهي هو ’سوا ستيڪا‘ جي سونهن، قدامت ۽ اشاريت جو بيان ڪندو هو. هڪڙو ڇوڪرو ته عين ان وقت موڪلائي ويو، جڏهن هو ”ٽريير آئلنڊ“ جو ٻيو باب بلند آواز سان پڙهي رهيو هو، ۽ ڇوڪري جي پساهن ٽٽڻ جي تيسين خبر نه پيس، جيسين اهو باب پڙهي پورو ڪري مٿي نه نهاريائين. انهن ڏينهين هن جي مت ئي منجهي پيئي هئي، ۽ سخت حيران ۽ پريشان هو. هن وٽ جيڪي به چيزون هيون، سي آڻي کين آڇيندو هو، پر هنن ۾ موت سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ئي نه رهي هئي. هن کي خود به اها خبر هئي ته هنن ۾ طاقت ڪانه آهي، ۽ انهيءَ ڪري اهي چيزون هن لاءِ پاڻ وڌيڪ پريشان ڪندڙ ثابت ٿي ٿيون.

        جڏهن جنازن کي کڻي ٿي ويا، تڏهن جونيس موٽي اچي نهر تي ويٺو، ۽ ”ٽرئولس وٿ اي ڊانڪي“ جا ڪجهه صفحا پڙهڻ لڳو. ”ماڊيسٽائين“ گڏهه جي هٺ ۽ ضد جو احوال پڙهي، هو غير يقيني طرح چپ بند ڪري کلڻ لڳو. اسٽيونسن کان سواءِ ٻيو ڪير هڪ گڏهه کي ”ماڊيسٽائين“ (نماڻو) نالو ڏيئي ٿي سگهيو؟

        هڪڙيءَ پاڙيسرڻ زال ته کيس سڏي اهڙيون کُتيون ٻڌايون، جو هو سخت گهٻرائجي ويو، ۽ هن جي ڳالهين کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پر هوءَ زال به ٻئي هٿ دڏين تي رکي، کيس ڌڪار ۽ نفرت سان ڪجهه وقت تڪيندي رهي، ۽ پوءِ هوءَ سندس نئين ڄاول پٽ کي کڻي آئي ۽ اچي سندس هنج ۾ ڏنائين. جڏهن دروازي کان مڙي ڏانهنس نهاريائين، تڏهن هو اڃا تائين هن رون رون ڪندڙ پونگڙي کي ٻانهن ۾ کڻيو بيٺو هو. ڳچ وقت ته هن کي ڪا اهڙي جاءِ ئي هٿ نه آئي، جتي کڻي هن کي رکي، سو ڪافي وقت کيس ٻانهن ۾ ئي کڻيو بيٺو رهيو.

        جونيس بابت ڳوٺ جا ماڻهو گهڻيئي پيا ڳالهيون ڪندا هئا. ڪڏهن هن کان نفرت ڪرڻ لڳندا هئا، جيئن مصروف ماڻهو سستن کي هميشھ نفرت سان ڏسندا آهن؛ ڪڏهن هن جي سستيءَ ۽ ڪاهليءَ سان ريس ڪرڻ لڳندا هئا، پر گهڻو ڪري مٿس رحم به کائيندا هئا ته هو سخت غلطي ڪري رهيو هو. سموريءَ واديءَ ۾ ڪنهن کي به اهو احساس ڪونه هو ته هو پنهنجي زندگيءَ مان ڏاڍو خوش هو.

        ماڻهو ڳالهيون ڪندا هئا ته هڪڙي ڊاڪٽر جي صلاح تي ٻارڙي جي کير لاءِ ٻڪري وٺڻ ويو. هن ٻڪريءَ جي نر ماد جي ته پڇا ئي ڪانه ڪئي، نڪي ٻڪريءَ جي ضرورت جو سبب ئي بيان ڪيائين. جڏهن ٻڪري سندس گهر پهتي، ۽ هيٺ نهاريائين، تڏهن ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان پڇيائين. ”هيءَ ٻڪري ٺيڪ ته آهي؟“

        ”بلڪل ٺيڪ آهي،“ ٻڪريءَ جي مالڪ جواب ڏنو.

        ”پر سندس پوين ٽنگن جي وچ ۾ مٿڀرو ڪا ڳوٿري يا ڪي ٻي اهڙي شي ته هئڻ گهرجي يا نه؟....... منهنجو مطلب آهي ته کير ڏيڻ لاءِ ............“

        واديءَ جي ماڻهن جڏهن اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن ڪي ڏينهن ته پئي کليا. پوءِ، جڏهن هڪ نئين ۽ ڪارائتي ٻڪري مليس، تڏهن ٻه ڏينهن مٿس مٿا مونا هنيائين، پر کير جو ڦڙو به ڏهي ڪين سگهيو. هن هيءَ ٻڪري به بيڪار سمجهي موٽائي ڏيڻ ٿي گهري، پر جڏهن ٻڪريءَ جي مالڪ ڏهڻ سيکاريس، تڏهن وڃي مُڙيو. ڪن ماڻهن ته ائين به ٿي چيو ته هو ٻار کي ٻڪريءَ جي ٿڻن هيٺان جهلي بيهندو هو ته جيئن پنهنجو کير پاڻ ڌائي پئي، پر ماڻهن جو اهو اجايو وڌاءُ هو. واديءَ جا ماڻهو ائين به پيا هڪ ٻئي کان پڇندا هئا ته جڏهن هن کي ڪابه خبر چار ڪانه هئي ته پوءِ آخر هن ٻارڙي کي ڪهڙيءَ طرح ٿي پاليو نپايو!

        هڪڙي ڏينهن جونيس ”مانٽيري“ ويو، ۽ اتان هڪ جرمن کي ٻنيءَ تي مدد ڪرڻ لاءِ پگهار طي ڪري وٺي آيو. هن پنهنجي نئين نوڪر کي پنج ڊالر حساب ۾ ڏنا، ۽ وري کيس پائي به ڪين ڏنائين. ٻن هفتن اندر اندر هي نوڪر به سستيءَ ۾ اهڙو گرفتار ٿي ويو، جو پنهنجي مالڪ کان به ٻه رتيون ڪسر. ٻئي ڄڻا ڪنهن هنڌ ويهي اهڙين ڳالهين تي بحث مباحثو ڪندا هئا، جيڪي دلچسپ هجڻ سان گڏ کين منجهائي وجهنديون هيون – گلن تي رنگ ڪيئن ٿو اچي، - فطرت ۾ اشاريت آهي يا نه، - ”ائٽلانٽس“ (ائٽلانٽڪ سمنڊ جو هڪ روايتي گم ٿيل ٻيٽ) ڪٿي هوندو هو، - ”انڪا“ (’پيرو‘ ملڪ جا اصلوڪا رهاڪو) پنهنجي جنازن کي ڪيئن دفن ڪندا هئا، - وغيره.

بهار جي مند ۾ هو پٽاٽا پوکيندا هئا، ۽ هميشھ دير سان ٻج ڇٽيندا هئا، ۽ جيتن جڻين کان بچاءَ لاءِ مٿن ڪو رک ڦلهيار به ڪين وجهندا هئا. چونئرن، اناج يا مٽرن جو ٻج ڇٽيندا هئا، ڪجهه وقت لاءِ انهن جي نظرداري به ڪندا هئا، پر پوءِ کانئن بنهه ڳالهه ئي وسري ويندي هئي. تان جو هر چيز جهنگ جهر سان ڍڪجي ويئي. اها ته هڪ عام ڳالهه هوندي هئي ته هڪ ڀيري جونيس مٽرن جي ٻوڙي ۾ هٿوراڙيون ڏيندي، رنبي سان کوٽيندي کوٽيندي، هڪ سڪل ۽ پيلو ٿي ويل ونگو لهي آيو هو. هن بوٽ پائڻ ڇڏي ڏنو هو، ڇو ته پنهنجي پيرن تي گرم گرم ڌرتيءَ جو ڇهاءُ هن کي ڏاڍو وڻندو هو، ۽ ڇاڪاڻ ته هن وٽ ڪو بوٽ به ڪونه هو.

شام جو  جونيس، پنهنجي نوڪر ”جيڪب اسٽٽز“ سان ڪافي گفتگو ڪندو هو. ”ٻڌ“، هو چوندو هو، ”جڏهن ٻار مري ويا، تڏهين مون سمجهيو هو ته آءٌ خوف ۽ هيبت جي هڪ عجيب چوٽيءَ تي پهچي ويو آهيان. پوءِ خيال ڪندي ڪندي، اهو خوف بدلجي ڏک ٿي ويو، ۽ ڏک به گهٽجي اداسيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. ڀانيان ٿو ته آءٌ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو ئي ڪونه هوس. شايد هو مون کي حد کان وڌيڪ ويجها هئا. اها سڃاڻپ يا ’ڄاڻ‘ هڪ عجيب چيز آهي: ’ڪنهن چيز جي تفصيل کان باخبر ٿيڻ‘ کان سواءِ ان جو مفهوم ٻيو ڪجهه به ڪينهي. ڪن ماڻهن جي ذهني نظر فقط ويجهين شين تي پوندي آهي، ته ڪن جي فقط پري وارين چيزن تي پوندي آهي. آءٌ انهن شين کي ڏسي نه سگهندو آهيان، جيڪي مون کي ويجهيون هونديون آهن. مثال طور، مون کي جيتري ’پارٿينن‘ (اٿينس – يونان جي هڪ عبادتگاهه) جي ڄاڻ آهي، اوتري پنهنجي گهر جي ڪين اٿم.“ اوچتو جونيس جو منهن ڪنهن جذبي کان ڳاڙهو ٿي ويو. ”جيڪب“، هن چيو، ”تو ڪڏهن ’پارٿينن‘ جي ستون جي تصوير ڏٺي آهي؟“

”هائو، واقعي ڏاڍو شاندار ستون آهي“، جيڪب چيو.

جونيس پنهنجي نوڪر جي گوڏي تي هٿ رکندي چيو، ”اهي (ستون جي چوٽيءَ تي تراسيل) گهوڙا – اهي خوبصورت گهوڙا – شايد بهشت ڏانهن اڏامڻ لاءِ آتا آهن. ائين ٿو ڀائنجي ته مٿن چڙهيل منتظر ۽ شانائتا جوان شايد ڪنهن حيرت انگيز جشن لاءِ سهي سنبري نڪتا آهن، جو انهيءَ ڪنگري جي آسپاس ٿيڻ وارو آهي. مون کي عجب ٿو لڳي ته انسان کي ڪهڙيءَ طرح اها خبر پئجي ٿي سگهي ته جنهن وقت گهوڙا خوش هوندا آهن، ان وقت سندن ڪهڙا احساس هوندا آهن؛ ۽ انهيءَ بت تراش کي انهيءَ احساس جي ضرور ڄاڻ هوندي، نه ته هو اهي عظيم الشان مجسما هرگز تراشي ڪين سگهي ها!“

اها هوندي هئي  هنن جي گفتگو. جونيس ڪنهن هڪ موضوع تي ته ٽڪندو ئي ڪونه هو. اڪثر  ٻئي ڄڻا بک تي ئي سمهي رهندا هئا، ڇو ته رات جي مانيءَ وقت کين گاهه ۾ ڪڪڙين جو ن کڏيون ڪين لڀنديون هيون.

جونيس جي پٽ جو نالو ”رابرٽ لوئي“ هو. جڏهن جونيس کي ڇوڪري تي نالي رکڻ جو خيال آيو هو، تڏهن انهيءَ ئي نالي سان کيس سڏڻ شروع ڪيو هئائين؛ پر جيڪب اسٽٽز ادبي نفاست پسنديءَ جي دليل تي انهيءَ نالي کان بغاوت ڪئي.

”ڇوڪرن تي ڪتن وانگر نالا رکڻ گهرجن،“ هن دليل ڏنو. ”نالي لاءِ هڪڙو اکر ئي ڪافي آهي. خود ’رابرٽ‘ لفظ به تمام ڊگهو آهي. هن کي ’باب‘ جي نالي سا سڏڻ گهرجي.“ جيڪب ذري گهٽ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو هو.

”چڱو اچ ته  انهيءَ ڳالهه تي پاڻ ۾ ٺاهه ڪريون،“ جونيس چيو. ”اسين هن کي ’روبي‘ ڪري سڏينداسون. ’روبي‘        ’رابرٽ‘ کان ننڍو نالو آهي – تنهنجو ڇا خيال آهي.“

هو هميشھ جيڪب اڳيان مڙي ويندو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪب هميشھ انهيءَ ڪوريئڙي واري ڄار کي  ٽوڙڻ جي ٿوري گهڻي جدوجهد ڪندو ئي رهندو هو، جيڪو هن جي چوڌاري اڄندو پئي ويو. ٿوري گهڻي تي، هو پاڪباز قسم جي ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي، ڄار کي ڇني ڦاڙي، گهر صاف ڪري ڇڏيندو هو!

        روبي نهايت سنجيده نموني ۾ وڌڻ لڳو. هو گهر ۾ موجود شخصن جي بحثن مباحثن کي ٻڌي سندن پيروي ڪرڻ لڳو. جونيس ڪڏهن به هن سان ننڍن ڇوڪرن وارو سلوڪ ڪين ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته ننڍن ڇوڪرن سان ڪهڙيءَ ريت پيش اچجي. جيڪڏهن روبي ڪنهن راءِ جو اظهار ڪندو هو، ته هو ٻئي ڄڻا ڏاڍيءَ شائستگيءَ سان ان کي ڌيان سان ٻڌندا هئا، يا وري ان کي ڪنهن نئينءَ تحقيق جو آغاز سمجهي استعمال ڪندا هئا. شام جو گفتگو ڪرڻ ويهندا هئا ته دنيا جهان جا موضوع آڻي گڏ ڪندا هئا. جونيس جي دماغي ”انسائيڪلوپيڊيا“ تي بيشمار حملا ٿيندا رهندا هئا. چراگاهه جي نهر مٿان انجير جي وڏي وڻ جو هڪ ڏار سڌو ئي سڌو پيل هوندو هو؛ ٽيئي ڄڻا ان تي چڙهي  ويهندا هئا، ۽ جونيس ۽ جيڪب پير پاڻيءَ ۾ وجهي، پٻن سان ننڍن پٿرن کي ريڙهيندا رهندا هئا، ۽ ننڍڙو روبي ڏاڍي ڪوشش ڪري سندن هوبهو نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پاڻيءَ تائين پڄڻ هن جي لاءِ مردانگيءَ جي معيارن مان هڪ معيار هو. جيڪب به هاڻي بوٽ پائڻ ڇڏي ڏنو هو؛ ننڍڙي روبيءَ ته زندگيءَ ۾ بوٽ پاتو ئي ڪونه هو.

        بحث مباحثا نهايت عالمانه هوندا هئا. روبي ٻاراڻا لفظ ۽ محاورا ته اسعتمال ڪري ئي ڪين ٿي سگهيو، ڇو ته هن ڪڏهن ٻاراڻي گفتگو ٻڌي ئي ڪين هئي. هو پاڻ ۾ گفتگو ڪين ڪندا هئا: پر ڄڻ ته تخيل  جو ڪو ٻوٽو پاڻهي پاڻ ڦٽي پوندو هو، ۽ هي ڏاڍيءَ حيرت مان ويٺا تڪيندا هئا ته انهيءَ ٻوٽي ڪيئن ٿي شاخون ڪڍيون. هنن کي پنهنجي گفتگو جي عجيب نتيجي تي ڏاڍي حيرت وٺندي هئي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي خيالن ۽ فڪر کي سڌو سنئون رخ ته ڏيندا ئي ڪين هئا، نڪي ٻين ماڻهن وانگر ڪا ان جي تراش خراش ئي ڪندا هئا.

ٽيئي ڄڻا انهيءَ ٿڙ تي ويٺا هوندا هئا: ليڙن جهڙا ڪپڙا هوندا هئن، ۽ کنڊريل وارن کي به رڳو هڪ پاسي تي ورائي ڇڏيندا هئا ته جئن اکين ۾ نه پون. ٻنهي مردن کي ڊگهيون اڻ سنواريل ڏاڙهيون هيون. هيٺ تلاءَ ۾ ننڍڙين مڇين کي ڦيريون پائيندي ڏسندا رهندا هئا – اهو تلاءُ سندن پيرن جي کوٽ کوٽان جي ڪري وڌيڪ اونهو ٿي پيو هو. سندن مٿان ديو جهڙو وڻ هوا ۾ هري هري جهولندو رهندو هو، ۽ ڪنهن ڪنهن وقت رومال وانگر اچي سندن پيرن ۾ ڪرندو هو. روبي ان وقت پنجن سالن جو هو.

هڪڙي ڏينهن انجير جو هڪ پن اچي سندس جهوليءَ ۾ ڪِريو؛ ان تي رائزني ڪندي هن چيو، ”منهنجي خيال ۾ انجير جا وڻ ڏاڍا سٺا آهن.“ جيڪب سندس جهوليءَ مان پن کنيو، ۽ کيس چيري ڏانڊيون جدا ڪرڻ لڳو.

        ”هائو،“ هن سندس ڳالهه تسليم ڪندي چيو. ”انجير جا وڻ پاڻيءَ تي ٿا پيدا ٿين. سٺيون چيزون پاڻيءَ سان محبت رکنديون آهن. بڇڙيون شيون هميشھ خشڪ هونديون آهن.“

”انجير جا وڻ ڏاڍا وڏا ۽ سٺا آهن، جونيس چوڻ لڳو. ”مون کي ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڪنهن چڱيءَ يا مهربان چيز کي جئري رهڻ خاطر نهايت وڏو هئڻ گهرجي.  ننڍيون شيون هميشھ ٻين ننڍين برين چيزن هٿان تباهه ٿي وينديون آهن. وڏي چيز ورلي زهريلي يا دغاباز هوندي آهي. انهيءَ سبب ڪري، انساني فڪر ۾ وڏائيءَ، چڱائيءَ ۽ نيڪيءَ جي خصوصيت آهي، ۽ گهٽتائي برائيءَ جي نشاني آهي. روبي سمجهيئه نه“

”هائو،“ روبيءَ جواب ڏنو. ”آءٌ سمجهي ويس – مثال طور هاٿي.“

هاٿي اڪثر برا هوندا آهن، پر جڏهن اسين سندن بابت زياده سوچيون ٿا، تڏهن ڏاڍا چڱا ۽ نيڪدل ٿا معلوم ٿين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org