سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :6

  

”واديءَ جو ڪڙمي“

از – ايڊ نافربر                         مترجم – سراج

Farmer in the Dell

By

Edna Ferber

 

From “One Basket.” Reprinted by permission of

the author. Copyirght, 1919, Crowell Publishing Co.

 

ايڊنا فربر 1887ع ۾ مچيگن رياست جي ’ڪالامزو‘ شهر ۾ ڄائي هئي. سندس ماءُ پيءُ ٻئي يهودي نسل مان هئا. سندس پيءُ هنگريءَ ۾ ڄائو؛ ۽ سندس ماءُ ’ملواڪيءَ‘ ۾ ڄائي هئي. جڏهن هوءَ اڃا ننڍي هئي، تڏهن هو لڏي ’وسڪانسن‘ رياست جي ’ائپلٽن‘ شهر ۾ آيا، ۽ ننڍپڻ جو سمورو عرصو هن اتي گذاريو.

                  جڏهن پڻس اکين کان ويهي رهيو تڏهن هن کي مجبوراً ناٽڪن جي تعليم جي تمنا کي ترڪ ڪري، نوڪري ڪرڻي پئي. هن کي ”ائپلٽن ڊيلي ڪريسينٽ“ اخبار ۾ هفتيوار ٽن ڊالرن جي نوڪري ملي ويئي. ڪجهه وقت کان پوءِ هوءَ ”ملواڪي جرنل“ ۽ ”شڪاگو ٽربيون“ اخبارن لاءِ به لکڻ لڳي.

                  کيس پنهنجو پهريون ناول بنهه پسند ڪين آيو، ۽ ڪاوڙ مان اڇلائي ڇڏيائين. ڪنهن طرح سندس ماءُ کي اهو ڪتاب هٿ چڙهي ويو، سو هڪ ناشر کي ڏياري موڪليائين. 1911ع ۾ اهو ئي ڪتاب ”ڊان اوهارا“ جي نالي سان سندس پهريون ڪتاب ٿي شايع ٿيو.

                  مس فربر 1924ع ۾ پنهنجو مشهور ڪتاب ”سوبِگ“ شايع ڪرايو. ان کان پوءِ سندس ٻه مقبول عام ناول ”شوبوٽ“ (جنهن جي آڌار تي پوءِ هڪ نغميه ناٽڪ، فلم ۽ ريڊيو فيچر تيار ڪيا ويا)، ۽ ”سائميران“ شايع ٿيا.

                  هوءَ ناٽڪ نويسيءَ ۾ به چڱي ڪامياب رهي آهي. ”جارج ايس .ڪوفمئن“ سان گڏ سندس ”ڊنر ائٽ ايٽ“، ”دي رايل فئملي“، ”اسٽيج ڊور“، ۽ ”دي لئنڊ از برائيٽ“، مشهور ناٽڪ شايع ٿيل آهن. پڇاڙيءَ واري ناٽڪ کان سواءِ ٻين سڀني ناٽڪن جون به فلمون بنايون ويون آهن.

 

 

 

ٻڍڙو ”بين ويسٽر ويلڊ“ پنهنجي دل کي پرڀائي رهيو هو، نس نس ڇڪيل، رڳ رڳ ڦوڪيل، سندس تيز اکيون ڪمري جي گهٽيل ماحول ۾ اوندهه جي پردي کي چيرڻ جي اجائي ڪوشش ۾ مصروف – بين ويسٽر ويلڊ پنهنجي بستري ۾ ليٽي دل کي پرڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پر ڏاڍي مشڪل ڳالهه هئي – سخت مشڪل. هن اٿڻ ٿي چاهيو. هن جي اٿڻ جي آرزو ايتري ته شديد هئي، جو ليٽي رهڻ جي محض ڪوشش به هن جي سموري بدن ۾ پيڙا پيدا ڪري رهي هئي. هن جي پيرن جا پٻ انهيءَ ڪوشش ۾ وٽجي ڦڏا ٿي ويا هئا. سندس مٺيون ڀيڙجي وييون هيون. سندس ساهه جي رفتار گهٽجي ويئي، ۽ هن جون سٿرون مروڙجي رهيون هيون. هو شديد قسم جي اعصابي روڳ ۾ گرفتار هو. پر ٻڍڙي بين ويسٽر ويلڊ کي پنهنجي ان روڳ جي ڄاڻ ڪانه هئي. پنهنجي ڌنڌي کان سبڪدوش ٿيلَ، پنهنجي مڇي مانيءَ واري هڪ ڪڙميءَ کي اعصابي روڳ جي ڪهڙي ڄاڻ، ۽ خاص طور تڏهن، جڏهن هو پنهنجين ٻنين تان لڏي شهر ۾ اچي آباد ٿيو هو، ۽ پنهنجي دل کي پرڀائي رهيو هو. ڪاش، هن کي رڳو اها خبر هجي ها ته ان مهل وقت گهڻو ٿيو هو. هت شڪاگوءَ ۾ ته واچ ڏسڻ کان سواءِ خبر ئي ڪانه پوندي ته چار وڳا آهن يا ست. سو وقت معلوم ڪرڻ لاءِ بتي ٻارڻ جي ضرورت هئي. ۽ بتي ٻارڻ جي معنيٰ هئي پاسي ۾ ستل پنهنجي زال ”بيلا“ جي بدمزاجيءَ ۽ شڪايتن جي سيلاب جو منهن کولڻ.

        جڏهن اوهين زندگيءَ جا پنجيتاليهه سال فجر جو ساڍي چئين بجي اٿڻ جا عادي هجو، تڏهن سستيءَ منجهان بي اونو ٿي ستو رهڻ جي عادت پرائڻ ڏاڍي مشڪل آهي. انهيءَ ۾ پوريءَ طرح ڪامياب ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهين فطري طرح ڄائي ڄم کان ننڊ جا ڪوڏيا هجو ۽ ان پنهنجي اصلوڪي طبيعت ڏانهن موٽڻ چاهيندا هجو. بيلا ويسٽر ويلڊ برابر ننڊ جي ڀري هئي، تنهن ڪري اها اڃا تائين ستي پيئي هئي. ٻڍڙو ”بين“ ته ننڊ جو ڪوڏيو ڪونه هو، سو هو اکيون کولي جاڳي رهيو هو، ۽ انهيءَ حيرت ۾ هن ته جڏهن هو ماٺ ڪيو ائين بيڪار ليٽيو پيو هو، تڏهن سندس دل ايتري تيزيءَ مان ڇو ٿي ڌڙڪي. جيڪڏهن روشني هجي ها، ته سندس ماٺيڻي چهري جي لڙڪي آيل ماس ۾ اوهان کي مجبوريءَ جي تسليم و رضا جون ليڪون ۽ گهنج نظر اچي سگهن ها.

        شهر ۾ رهندي کين پورو سال اچي ٿيو هو، پر روز صبح جو هن جي اهائي حالت هوندي هئي. اکيون کولي، هڪڙي هٿ سان، جيڪو هاڻ اچي نستو ٿيو هو، بستري جي پاسي واريءَ ڪرسيءَ تي لڙڪيل پنهنجي پورهئي جا خاڪي ڪپڙا کڻندو هو. پوءِ هن کي ڪجهه ياد ايندو هو، ۽ وري بستري تي ڊهي پوندو هو، ۽ سندس دل تي بي انتها افسردگي ۽ دل شڪستگي ڇانئجي ويندي هئي. ڀلا اُٿي به ڇا لاءِ؟ دل کي چوندو هو: ’ڪپڙا وري ڪرسيءَ تي رکي ڇڏ.‘ هو پاڻ کي پرڀائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

        جڏهن ”الينائس“ رياست جي ڏکڻ ۾ پنهنجي ٻنين تي هوندو هو، تڏهن اکيون کولڻ سان هن کي وقت جي خبر پئجي ويندي هئي. هِتي ته پاسي وارو فلئٽ ايترو ويجهو هوندو هو، جو سمهڻ واري ڪمري ۾ منجهد جي وقت به ڀنڀرڪي واري اوندهه ڇانئجي پيئي هوندي هئي. ٻنين تي، هو رڳو اندازي مان ئي وقت ٻڌائي سگهندو هو ،- اتي وقت هن لاءِ هڪ عجيب غير شعوري چيز هئي، پر هن جو اندازو ڪڏهن به غلط نه ويندو هو. هو انهيءَ اوندهه جي خاصيت منجهان وقت جو اندازو لڳائي وٺندو هو، جيڪا پرهه کان اڳ ڇانيل هوندي آهي. ڪڪڙن جون ٻانگون، چوپائي مال جي اٿڻ جا آواز سندس دريءَ جي مٿان جيڪو ’ايلم‘ جو پوڙهو وڻ هوندو هو، ان جي مٿان پکين جون ٻوليون – پر انهن چيزن جي به هن کي ايتري ضرورت نه هئي. هن کي ڄڻ ته ڪنهن طرح اڳيئي ڄاڻ هئي: پر هت، شڪاگو جي هن وڻن کان خالي ٽڪري ۾، جنهن کي .”اينگل وُڊ“ (اينگل جو ٻيلو) جو بي تڪو نالو ڏنو ويو هو، خود اوندهه به عجيب خاصيت جي هوندي هئي. بيشمار عجيب و غريب ۽ ناآشنا آواز هن کي منجهائي وجهندا هئا. هتي ته نه ڪڪڙ هئا، نه چوپايو مال، نه ڪو ايلم جو وڻ. سڀ کان عجيب ڳالهه اها هئي ته هت ته ڪو اهڙو فطري احساس به ڪونه ٿي ٿيو. هڪ ڀيري، جڏهن شهر ۾ هو نوان نوان آيا هئا، تڏهن ته هو ساڍي ٻارهين بجي ننڊ مان اٿي ويهي رهيو، ۽ سمجهيائين ته صبح ٿي ويو هو. سو هڪدم اُٿي. پنهنجي فلئٽ ۾ ٺڪ ٺڪ ڪندو ٽهلڻ لڳو __ سڀ جاڳي پيا، ۽ سندس زال اٿندي ئي پنهنجي وات مان اهڙيون ته مٿس تيزابي گاريون وسايون، جو هن جو اجهامي ويل احساس به جلي رک ٿي ويو.

        پاسي واري فلئٽ جي سمهڻ واري ڪمري ۾ ستل ماڻهن ضرور بيلا جي هنن ڳالهائن کي ٻڌو هوندو.

        ”او جهنگلي! آڌيءَ رات جو اٿي ڍڳن وانگر ڪهڙو ممڻ کڻي مچايو اٿئي؟ جيڪڏهن اهڙو انڌو ۽ گونگو ٿي ويو آهين، جو رات ڏينهن جو فرق نٿو محسوس ٿيئي، ته ڀلائي ڪري گهَر جي پويان هڪڙو مَنَهه اڏي، اتي وڃي ڊهندو ڪر!“

        شادي ڪئي پنجٽيهه سال ٿي ويا هئس، پر هو ”بيلا“ جي طبيعت ۽ ڳالهائڻ جي سختيءَ ۽ کهراڻ کان اڃا به ڊڄندو هو، - اها بيلا جنهن سان جڏهن هن شادي ڪئي هئي، تڏهن هوءَ ڏاڍي نرم مزاج، نازڪ ۽ نفيس هوندي هئي. هو ان واقعي کان پوءِ لڄي ٿي، وري بستري ۾ گهڙي ويو، پر ڀرواري فلئٽ جي سمهڻ واري ڪمري منجهان رهندڙ جوڙي کي ڪرڪندي، مٿن قياس گاڏڙ انداز ۾ ٿورو کلندي ٻڌي رهيو هو. انهيءَ ڀرواري فلئٽ جي سمهڻ واري ڪمري کان به اڃا تائين هو ٿورو خوف کائيندو رهندو هو. ان جي ڀت سان ڀت واري ويجهڙائي، ۽ زوريءَ جي واقفيت ۽ آشنائي به هن کي روزانو صدما پهچائيندي هئي. جڏهن هو پنهنجي ٻنين تي هوندو هو، تڏهن سندس ويجهي ۾ ويجهو پاڙيسري به اڌ ميل جي مفاصلي تي هوندو هو. ڪاٺ جي فرش تي، ڪنهن جي بوٽ ڪِرڻ جو آواز، غسل خاني ۾ پاڻيءَ جو آواز، رات جو انهيءَ جوڙي جون پاڻيءَ ۾ سرگوشيون، رات جي وقت ڪنهن ٻار جي ڊيڄاريندڙ رڙ – اهي سڀ ڳالهيون هن کي سخت پريشان ۽ اداس ڪري وجهنديون هيون. هو ته کيتن جي ڀرپور آوازن تي هريل هو. هن جا ڪم لاباري جي مشين جي آواز جي موسيقيءَ جا آشنا هئا، ۽ ٽرئڪٽر جي گڙ گڙ ۽ آيل آگبوٽ جي سيٽي ٻڌي هن جي دل کي فرحت ملندي هئي. هن جون ٻنيون تيز ۽ ڪڙڪي سان وهندڙ مسيسپي نديءَ جي ڪناري سان بنهه لڳ هيون.

        جڏهن کان هو شهر ۾ آيا هئا، تڏهن کان فقط هڪڙو آواز هن کي وڻندو هو – پرهه ڦٽيءَ جو کير واري جي کڙ کڙ ۽ ٺڪ ٺڪ ۽ هن جو زورائتو ڳرو آواز. کير وارو صبح جو ڇهين بجي ايندو هو، ۽ هو ڄڻ ته فرشتو هو، جو بين ويسٽر ويلڊ کي هن بڇڙي قيد خاني جي هولناڪ خواب مان سجاڳ ڪري ڇڏيندو هو، - ۽ جڏهن سياري جا مهينا ايندا هئا، ۽ هو دير سان اچڻ لڳندو هو، تڏهن هو به هن لاءِ هڪ بيڪار گهڙيال وانگر بنجي ويندو هو. پر هاڻ وري مارچ جو مهينو هو، موسم به چڱي هئي. کير واري جو سڏ وري به ٻڍڙي بين لاءِ سجاڳ ٿيڻ جي صدا بنجي ويندو. جڏهن کان هتي، پنهنجي فطري دنيا کان پري، هن پنهنجي دل کي پرڀائڻ شروع ڪيو هو، ان کان اڳ صبح جو ڇهين بجي هن جي ننڍڙي دنيا هڪدم پنهنجي ڪم ڪار ۾ مشغول ٿي ويندي هئي، ۽ هن جا پنهنجا سخت ۽ کهرا کهرا پورهيت هٿ ئي انهي سموري ڪاروبار کي حرڪت ۾ آڻيندا هئا. انهن ساڳين هٿن هاڻ هن کي منجهائي وڌو هو. هاڻي هو انهن ڏانهن عجيب بي تعلق نظرن سان ڏسڻ لڳندو هو، ڄڻ ته اهي ڪنهن ٻئي جا هٿ هئا، سندس هٿ سفيد، لسا ۽ نرم ٿي ويا هئس، جيڪي هونئن سخت پورهئي ڪرڻ ڪري پاڻيهي ٽٽي پوندا هئس. ڪجهه ڏينهن کان هٿن جي پٺ ۽ آڱوٺن جي چوڌاري ناسي رنگ جا چِٽا ٿي پيا هئس.

        ”ڀانيان ٿو ته منهنجو جيرو وڌي ويو آهي.“ هن انهن چِٽن کي مهٽيندي سوچيو. ”شايد ڪوبه ڪم نه ڪرڻ ڪري، جيرو به سست ٿي پيو آهي. بهار جي موسم ۾ ڪا طاقت جي دوا وٺان، ته شايد فائدو ڏئي! ڪجهه توانائي اچي ويندي.“

        رستي نمبر ٽيهٽ جي پاسي، هالسٽيڊ گهٽيءَ ۾ هڪ دوائن جي دڪان تان هن کي ناسي رنگ جي دوا جي هڪ شيشي ملي. دوا فروش، جنهن کي صاف سٿرا سفيد ڪپڙا پيل هئا، ڏاڍو خوش مزاج شخص هو. سڳنڌ ڀرئي دڪان اندر ڏاڍيءَ مروت سان هن سندس آجيان ڪئي هئي. انهيءَ ناسي رنگ جي دوا حيرت انگيز اثر ڪيو، ۽ ترت ئي ٻڍڙي بين کي چڱو ڀلو ڪري وڌائين – دوا هلي به گهڻو وقت – هن ٻه شيشيون خريد ڪيون: پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن دوا پيڻ ڇڏي ڏني، ته وري سندس صحت ڍرڪي پيئي.

        بين ويسٽر ويلڊ اسٽور تان ورتل سبيل ٺهيل پوشاڪ  - صاف نيري قميص ۽ بي ڊولو ٽوپلو – پايو بنا ڪنهن مقصد جي شڪاگو جي مشغول پٿرائين گهٽين ۾ پيو رلندو هو. افسوس! سندس زندگي ڪيڏي نه المناڪ بنجي ويئي هئي! هي سندس وڏا، مضبوط ۽ ڪارائتا هٿ، جيڪي هاڻي سندس بيڪار ڪراين مان پنگلن وانگر پيا لڙڪندا هئا، سي ڪڏهن ڌرتيءَ کان رزق ۽ روزري ڇِني وٺندا هئا؛ سندس عجيب چٽين نيرين اکين ۾ اڃا نگاهه جي اها تيزي هئي، جيڪا زمين ۽ آسمان جي وسيع ميدانن ڏانهن نهارڻ سان پيدا ٿيندي آهي؛ سندس مضبوط ۽ ويڪري جسم کي ڏسي، بي سود قوت جو خيال ٿي آيو. اف، سندس زندگيءَ جو هي الميه روپ! بلڪ ان کان بدتر – ڏٺو وائٺو زيان!

        اٽڪل اڌ صديءَ لاءِ هن شخص زندگيءَ جي حقيقتن کي اوچي ڳاٽ، سجاڳ نظر ۽ مضبوط جسم سان منهن ڏنو هو. هن هوا، سج، مينهن ۽ سوڪڙ، طوفانن ۽ ٻوڏن سان چوٽون کاڌيون هيون. هو هميشھ پرهه کان اڳي سجاڳ ٿيو هو، ۽ سج لهڻ سان سمهي پيو هو. انهيءَ دوران ۾، هن تي انهن وڻن، انهيءَ ڌرتيءَ ۽ انهن پهاڙن جي اڻ گهڙيل ڪيفيت ۽ رنگ چڙهي ويو هو، جتي هن رات ڏينهن پورهيو ڪيو هو. ڪجهه هن ۾ انهن جو شان ۽ وقار به اچي ويو هو، جيتوڻيڪ ڪو عام شهري ماڻهو شايد سندس ٻاهرئين روپ جي تهه ۾ انهيءَ کي ڏسي نه سگهي ها. هن ۾ شهري ماڻهن واري وڏائي، ڏيکاءُ ۽ شوخي بنهه ڪانه هئي. ائين ٿي معلوم ٿيو ته هو فطرت جي پس منظر سان ايتري قدر هم آهنگ ٿي ويو هو، جو هن کي هوا ۾ اڏامندڙ پکين ۽ جهنگ جر ۾ گذاريندڙ ٻي مخلوق وانگر، فطرت کان جدا ڪري سڃاڻڻ محال هو. هيءُ ڪڙمي، شهري ماڻهوءَ کان ائين مختلف هو، جئن هڪ قدرتي ٽڪَر ”گولف“ راند جي هٿرادو ٺاهيل دڙي کان مختلف هوندو آهي، جيتوڻيڪ صورت ۽ بناوت ۾ ٻئي هڪ جهڙا هوندا آهن.

        بين ويسٽر ويلڊ کي اها ڄاڻ ڪانه هئي ته سندس زندگي هڪ الميه بنجي چڪي هئي، ڪڙمي ڪڏهن به اندر ۾ جهاتي پائي سوچيندو نه آهي، انهيءَ ڪري هر ڪنهن کي خبر آهي ته شهر ۾ هو هڪ تماشو ۽ مذاق بنجي پوندو آهي. تماشن، ناٽڪن، اخبارن جي خاص هفتيوار پرچن ۽ مزاحيه رسالن ۾ هن کي ٺٺوليءَ ۽ مذاق جو نشانو سمجهيو ويندو آهي. پر شايد هن کي صحيح سڃاڻڻ لاءِ لابارن جي ڏينهن ۾ پگهر ۾ شل، ۽ ڳاهن ۽ وائرن جي زماني ۾، تُهيءَ، بُهه ۽ ڪکن ڪانن سان ڀڀوت ٿيل ڏسڻ گهرجي، جڏهن سندس بوٽن جي تري ۾ مسيسپي نديءَ جي ڀرواريءَ زمين جو زرخيز ۽ ڪارو راءُ ۽ مٽي ڄميل هوندي آهي.

        پنجويهن ورهين جي عمر ۾، ٽئونر سان ٽوپلو، ريشمي صدري، ۽ گوڏن تائين جوراب چڙهيل، ۽ وات ۾ هڪ ڊگهو سنهون پائيپ – بين ويسٽر ويلڊ، موج مزي ۾ هڪ مست رئيسزادو ٿي معلوم ٿيو؛ اک ۾ مستي، ڳاڙها ڳل، جوانيءَ جي قوت سان ڀرپور – بنهه هڪ شرارت جو پتلو؛ ڳالهائڻ جو بلا، پر گفتگو ۾ رس ۽ ميٺاج: جيئن وڏو ٿيندو ويو، منجهس سنجيدگي ۽ سيتلتائي ايندي ويئي، ۽ هن جي چنچل ۽ شرارت ڀري طبع مٽبي ويئي، تان جو جڏهن آسوده ۽ خوشحال زندگيءَ جي دور ۾ قدم رکيائين، تڏهن سندس جوانيءَ وارا جوش، شوخيون ۽ شيطانيون ائين ماٺيون ٿيندي ٿيندي، نيٺ ختم ٿي وييون.

        ويسٽر ويلڊ جا وڏا ”ڊچ“ هئا، جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي. سوين سال اڳي ويسٽر ويلڊ ڪٽنب جو پهريون شخص آمريڪا ۾ آيو هو، ۽ وقت گذرڻ سان انهيءَ ڪٽنب جون آمريڪين سان سڱابنديون ٿينديون رهيون، تان جو منجهانئن هالنڊ جي اصليت ئي نڪري ويئي. لڏپلاڻ ڪندي هو نيٺ اچي ڏکڻ ’الينائس‘ رياست ۾ پهتا ۽ ’ڪلهائون‘ ضلعي ۾ اچي آباد ٿيا، جيڪو ان وقت بنهه ويران علائقو هو، پر منجهس پر رونق پهاڙ، عاليشان درياه، ۽ سرخ سونهري زمينون هيون. پر ويسٽر ويلڊ جي عملي ذهن لاءِ، حسين پهاڙن، مستيءَ ڀرين درياهن ۽ سرخ ميدانن جي وجود جي اهميت صرف فصلن ۽ آب و هوا جي نسبت سان هئي. بين ڪڏهن ڪڏهن ڪنڌ مٿي کڻي آسمان ڏانهن نهاريندو هو، پر، هو ائين ڪو محض آسمان ۾ ڪڪرن جي مدهوش ڪيفيت جي جائزي وٺڻ لاءِ ڪونه نهاريندو هو. ائين ته هو پنهنجي هَرَ جي هٿئي تي جهڪي، ڀڙڪا کائي اڏامندڙ تترن ڏانهن به نهاريندو هو. هن کي جيڪڏهن ڪا شعوري محبت هئي، ته صرف پنهنجي کيتيءَ جي ڪم سان. هو ان جي مسلسل محنت مان ڪڏهن به بيزار نه ٿيندو هو. هو فطري طرح هڪ ڪڙمي هو، جيئن ڪي ماڻهو فطري طرح مستري، ڳائڻا يا واپاري هوندا آهن. هو ڀائيندو هو ته ڌرتيءَ مان هر شي هن لاءِ ئي اڀري رهي هئي. هن کي فطري طور زمين ۽ ٻج جي رشتي جي حقيقن جو علم هو، جيڪو ٻين ماڻهن کي تجربي ۽ ڪتابن مان حاصل ڪرڻو پوندو آهي. سندس ڳوٺ واري علائقي ۾ ماڻهو چوندا هئا، ته ”بين ويسٽر ويلڊ ٽڪَرن تي به فصل اپائي سگهي ٿو.“

        ڳوٺ جي ميڙن ملاکڙن ۾، جيڪي رانديون رونديون ٿينديون هيون، انهن ۾ حصو وٺندڙ ڪڙمي جوانن جي ڀيٽ ۾، بين ويسٽر ويلڊ، ڊوڙ، پڃرين کڻڻ ۽ زور آزمائڻ ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويندو هو. جڏهن هو ڪنهن ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ هٿ وجهي، سڌي ٻانهن جهلي، کڻي مٿي ڪندو هو، تڏهن اها ڇوڪري ڪجهه خوف، ڪجهه خوشيءَ، مان دانهون ڪرڻ لڳندي هئي. ڳوٺ جون سموريون ڇوڪريون ”بين“ تي اول گهول پييون وينديون هيون. ڪجهه هن جي بدن جي سگهه سندن اندر جي عورت کي متاثر ڪندي هئي، ڪجهه هن جي نرم مزاجي سندن نازڪ ۽ لطيف روح کي لوڏي سجاڳ ڪندي هئي. هو به ڇوڪرين کي پسند ڪندو هو؛ ۽ جي چاهي ها، ته پنهنجي لاءِ ڪنهن به ڇوڪريءَ کي چونڊي ٿي سگهيو هو سڀني ڇوڪرين کي چيڙائيندو هو، کين گهوڙي گاڏيءَ ۾ سير ڪرائيندو هو، يا کين دعوتن تي وٺي ويندو هو. پر جڏهن پنجويهن سالن جو ٿيو، تڏهن ڀرواريءَ ٻنيءَ جي ’بائرس‘ ڪٽنب جي هڪ ڇوڪريءَ سان نينهن اٽڪي ويس. پاڙيسرين جي چوڻ موجب ٻنهي جي وچ ۾ دلين جو راضپو هو، جيتوڻيڪ هن شايد ڪڏهن بائرس ڇوڪريءَ کي شاديءَ لاءِ زبان سان چيو ڪونه هو. هفتي جي ستن راتين مان چار راتيون هو بائرس ڪٽنب ڏانهن ويندي ڏسبو هو. مضبوط ۽ ڳري جسم جي باوجود، هن جي وک تمام هلڪي هوندي هئي، ۽ پورهئي کان ٿڪجي چور ٿيل هاريءَ جي ڳري ۽ بيجان قدم کان سندس هلڻ بنهه مختلف هو. هن جي عادت هوندي هئي ته هلڻ مهل هو ڪنهن وڻ مان ڪا ٽاري ڀڃي هٿ ۾ ڪندو هو، هلندي انهيءَ ٽاريءَ کي ڏاڍي مزي سان هيڏانهن هوڏانهن گهمائيندو رهندو هو. انهيءَ ٽاريءَ جي لڪڻ ڀڃڻ ۽ ان کي گهمائڻ منجهان، سندس بدني قوت ۽ جوانيءَ جون چـَـريون ڪيفيتون ظاهر ٿينديون هيون. پر ان سان رستي تي بيٺل ٻوڙن جي ڪنهن ڪچڙي گونچ کي به هن ڪڏهن ڪين مـُـنڍيو.

         انهيءَ ڇوڪريءَ سان سندس معاشقو به هڪ عجيب بي زبان قسم جو هو.

        ”هلو، ايما،“

        ”ڪيئن آهي، بين؟“

        ”خيال آيم ته شايد تون گهڙي کن ٿورو ٽنگون ساهڻ لاءِ نڪرين، ته آءُ به گڏيو هلانءِ، ’آگ ٽيٽجينس‘ وٽ هڪ گابڙو پنجن ٽنگن سان ڄائو آهي، ڏسڻ هلندينءَ؟“

        ”مون به ٻڌو آهي. ٽنگن ساهڻ جو برابر خيال اٿم، پر ڪجهه ٿڪل آهيان، پر ينهن ونگار جو ڏينهن آهي، سڄو ڏينهن رڌ پچاءَ ۾ گذارڻو اٿئون.“

        بين جي شرارت ۽ خوش مزاجيءَ جي پردي ۾ ٿوري لڄ لڪل هئي. ٻئي ڄڻا رستي تي هڪ عجيب پياري پياري تذبذب ۽ اضطراب سان هلندا رهيا هئا. پاڙيسرين سچ ٿي چيو ته هنن جو اڃا تائين ڪو پڪو فيصلو ڪونه ٿيو هو، هنن ٻنهي جي دلين ته اڳيئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو. هڪ ڀيري بين چيو هو: ”بابا چوي ٿو ته آءٌ اتر وارا اسي ايڪڙ ننڍين ننڍين قسطن تي کڻي ٿو سگهان، جيڪڏهن ................ جڏهن ................“

        الما بائرس جو منهن حيا کان سرخ ٿي ويو هو، پر جواب ڏنو هئائين: ”اها زمين به ڀلي آهي. تنهنجو والد ته ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي.“

        هنن ٻنهي جي ٻاهرين بي حسيءَ جي پردي ۾ ڪافي گداز ۽ ڀرپور جذبات لڪل هئا. ايما بائرس جي ذهين پيشاني ۽ تيز اکين منجهان اها ڪيفيت صاف ظاهر ٿي رهي هئي. سندس ماءُ مري ويل هئي، پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ لاءِ گهر جو ڪم ڪار کيس ئي ڪرڻو پوندو هو. هن کي سڏيندائي هئا ”بائرس جي سچلي ڇوڪري.“ ڳوٺ کان ٻارهن ميل پري ‘ڪامرشل‘ مارڪيٽ ۾ سڄي ضلعي جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سندس مکڻ، بيضا، ڀاڄيون ۽ ميوا وڏن اگهن تي وڪامندا هئا. ڳوٺ جي معيار مطابق هوءَ هروڀرو ڪا ايتري حسين به ڪانه هئي، پر هن ۾ ٻاويهن سالن جي عمر ۾ به ايتري ذهانت، سياڻپ ۽ ڀروسي جوڳي سنجيدگي هئي، جنهن مان بين ويسٽر ويلڊ جي مستقبل جي خوشيءَ ۽ مسرت جي ساک ٿي ملي.

        پر بين ويسٽر ويلڊ جو مستقبل ايما بائرس جي سگهڙ هٿن ۾ اچڻو ئي ڪين هو. هن ان وقت ئي اهو محسوس ڪيو، جڏهن هن جي ”بيلا هڪنس“ تي نظر پيئي هئي. بيلاهڪنس ’ريڊ فرنٽ‘ واري ٻڍڙي ”هڪنس“ جي ڌيءَ هئي، جو ”ڪامرشل“ مارڪيٽ ۾ ساڳئي ئي پر لطف نالي واري هوٽل جو مالڪ هو. بيلا اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو هو، سو ان ڪري نه ته ڪو کيس علم سان ايترو چاهه هو، پر ماستريءَ کي هوءَ ڏاڍو شاندار ڌنڌو سمجهندي هئي. هڪنس ڪٽنب ايترو معزز ڪونه هو. انهن ڏينهين ڪنهن ڳوٺ ۾ سال ٻه پڙهائڻ سان اڄوڪي وقت جي ماستريءَ جو سرٽيفڪيٽ ملي ويندو هو.، بيلا جي نظر ”ڪامرشل“ واري ڳوٺ کان چاليهه ميل پري ”سينٽ لوئي“ شهر تي هئي. انهيءَ ڪري هن ڳوٺ جي اسڪول کي هڪ ڏاڪو اڳتي ٽپڻ جو سمجهي، اتي ماستري ورتي هئي، جيتوڻيڪ هن کي ڳوٺاڻي زندگيءَ کان بڇان ايندي هئي، ۽ هِن وچ واريءَ آزمائشي نوڪريءَ کان ته بنهه تنگ هئي.

        ”هڪڙي بگي کڻي وٺنديس، جنهن ۾ چڙهي گهمي به سگهنديس ۽ ڇنڇر آچر تي شهر به موٽي سگهنديس -،“ هن چيو هو.

        بين ويسٽر ويلڊ جي هن سان پهرين ملاقات رستي تي ٿي. هوءَ ڪاري رنگ جي الپاڪي جي تنگ پوشاڪ ۾ هن جي سامهون رستي تان پئي آئي. شام جو وقت هو، ۽ لهندڙ سج کي پٺي ڏيندي، هوءَ سامهون پئي آئي. هن جا وار چمڪندڙ سونهري رنگ جا هئا. هن جي چيلهه ايتري ته سنهڙي هئي، جو هوند بين ويسٽر ويلڊ جي ٻنهي هٿن ۾ اچي وڃي. بين کي اها ڄاڻ پوءِ پيئي؛ پر ان وقت هن ائين سمجهيو ته اهڙي نفيس ۽ پرين جهڙي چيز هن ٻي ڪابه ڪانه ڏٺي هئي – جيتوڻيڪ ان وقت اها تشبيهه هن جي ذهن ۾ ڪانه جڙي آئي هئي. هو ٻين اهڙين ڳالهين يا خيالن ۾ تيز ڪونه هو.

        هن هڪدم سمجهيو ته هوءَ نئين ماسترياڻي هئي. هن سندس اچڻ جو ٻڌو هو، پر ان وقت انهيءَ گفتگوءَ ۾ هن ڪائي دلچسپي نه ورتي هئي. بيلا کي به خبر هئي ته هو ڪير هو. جنهن ڏينهن هوءَ پهتي هئي، تنهن کان ٻه ڏينهن پوءِ هن ضلعي جي سمورن قابل نظر نوجوانن جا نالا ۽ ٻي سموري معلومات حاصل ڪري ورتي هئي. اهو سڀ، ڪجهه ته سندس ذاتي تجسس جي ڪري هو، ۽ ڪجهه انهيءَ حقيقت جي ڪري ته هوءَ هڪ بيوه ’بيڪر‘ سان گڏ رهندي هئي، جا سڄي ضلعي اندر ڳالهين جي ڳهير ليکي ويندي هئي، بيلا جي ذهن ۾ جوانن جي جيڪا فهرست هئي، ان ۾ بين ويسٽر ويلڊ جو نالو اڳيئي چوٽيءَ تي هو.

        جڏهن هو هڪ ٻئي جي ويجهو پهتا، تڏهن بين ويسٽر ويلڊ پنهنجو چهرو سرخ ٿيندي محسوس ڪيو. پنهنجي اضطراب کي لڪائڻ لاءِ هن پنهنجي اکڙوٽ جي لڪڻ کي زور سان گهمايو ۽ پنهنجي ڪتي ’ڊنڊر‘ کي سڏ ڪيائين؛ جيڪو رستي تي نوس نوس ڪندو پئي آيو. ڊنڊر اڳيان مڙي، نئين ماڻهوءَ کي ڏسي، ڪتن واري فطري تجسس ۽ ڏاڍي ڪوڏ منجهان بيلا ڏانهن اڇل ڏني.

        بيلا کان رڙ نڪري ويئي. هوءَ رڙيون ڪندي ڀڳي، ۽ بين کي چنبڙي پئي، ۽ پنهنجا ٻئي هٿ کڻي سندس ٻانهن ۾ وڌائين. بين پنهنجو لڪڻ مٿي کڻي زور سان ڊنڊر کي وهائي ڪڍيو، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن ڪتي کي ايذاءُ پهچايو هو. ان وقت کان وٺي بيلا هڪنس سان شادي ڪرڻ جي وقت تائين، جيڪڏهن هن کي ڪا سمجهه اچي ها ته کيس ڪتي جون ڊنل اکيون ۽ ڏڪندڙ جسم ڪڏهن  به ڪين وسرن ها ۽ کيس جيڪو ايذاءُ رسايو هئائين، ان لاءِ پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪري ها.

        بيلا هن جي جسم سان چنبڙي، اڃا به ڪيڪون ڪري رهي هئي. بين چئي رهيو هو: ”ڪتو توکي ايذاءُ ڪونه رسائيندو. ڊڄ نه! توکي ڪونه ايذائيندو.“ ۽ هن جي ڪلهي تي ٿپڪيون به ڏيندو رهيو. هن ڊپ کان بيلا جي زرد ٿيل چهري ڏانهن نهاريو. هوءَ ڪيتري نه نازڪڙي، ٻارن جهڙي ۽ ڳوٺاڻين سگهارين ڇوڪرين کان ڪيتري نه مختلف هئي. انهن ڇوڪرين کان – جن کي هو سڃاڻندو هو، هوءَ ڪيتري نه مختلف هئي. هن جي بي وسيءَ ۽ نسوانيت جي خصوصيت هن جي مردانگيءَ جي ذري ذري کي بي حد متاثر ڪيو. بيلا، تجربيڪار بيلا، هن جي جسم سان چهٽندي، پيرن کان چوٽيءَ تائين، پاڻ ۾ بجليءَ جي هڪ عجيب لرزش محسوس ڪئي، جنهن ۾ لا انتها لطف ۽ ڪيف هو، پر ان ۾ پنهنجي ڪمزور هڏين کي چيڀاٽائي ڇڏڻ جي هڪ خاموش آرزو به هئي. جيڪڏهن هوءَ محض ڪا بيوقوف دل آڙائڻ جي شوقين عورت هجي ها، ته کيس احساس ٿئي ها ته هو ڀرپور قسم جي مردانگيءَ جو هڪ جيئرو جاڳندو روپ هو، جنهن سان کيڏڻ آسان نه هو. پر هن جي چهري تي مرڪ اچي ويئي، ۽ هن کي گهوريندي چيائين: ”الا! منهنجو ته ساهه ئي نڪري ويو هو!“

        هوءَ هن کان ٿورو هٽي بيهي رهي – بنهه ٿورو.

        ”هو ته ڪنهن مک کي به ڪين ايذائيندو“‘ بين چيو.

        پر بيلا وري آڏيءَ اک سان ڏٺو ته ڪتو رستي تي بيٺو هو، ۽ بين کي هڪ غير يقيني نگاهه سان ڏسي رهيو هو. ڪتي کي شايد اهو خيال اچي رهيو هو ته اها ڪا نئين راند هئي؛ جيتوڻيڪ کيس انهيءَ راند ڪرڻ جو خيال ڪونه هو، پر جيڪڏهن سندس مالڪ جي دل کي ڳالهه وڻي آهي ته پوءِ کيس اها راند کيڏڻي ئي پوندي. بين ٿورو نمي، هڪ پٿر کنيو، ڊنڊر ڏانهن اڇلايائين – پٿر اچي ڪتي جي ڪک ۾ لڳو.

        ”وڃ گهر!“ هن سختيءَ سان حڪم ڏنو. ”ڀڄ هتان، وڃ گهر!“ هو سخت ڪاوڙ منجهان ڪتي ڏانهن وڌيو. ڊنڊر هلڪي ڀونڪ ڪري، پڇ ٽنگن جي وچ ۾ ڏيئي، وٺي گهر ڏانهن ڀڳو – ويچارو ڪتو!

        بيلا، بين جي منهن ۾ گهوريندي رهي. بين جون نگاهون به بيلا جي جسم کي گهوري رهيون هيون.

        ”تون نئين ماسترياڻي آهين، ائين نه؟“

        ”هائو! سمجهان ٿي ته تون مون کي بيوقوف سمجهي رهيو آهين، جو آءٌ ٻارن وانگر ڪتي ڀر پيئي ڊڄان.“

        ”سڀئي ڇوڪريون هوند هن کان ڊڄي وڃن، جيڪڏهن هنن کي اها خبر نه هجي ته هو ڪنهن کي به ڪونه ايذائيندو آهي. هو ڏاڍو غريب ڪتو آهي!“

        هو گهڙي لاءِ چپ ٿي ويو. سندس منهن مان ڦڪائي ظاهر ٿي رهي هئي. ”منهنجو نالو بين ويسٽر ويلڊ آهي.“

        ”تو سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي اٿم.“ بيلا جواب ڏنو.

        ”تون ڪهڙي پاسي ويندينءَ؟ ٽيٽجين واري پاسي به هڪ ڪتو آهي، جنهن کان سڀ ڊڄندا آهن. هن بنهه خچر جيڏو ٿو لڳي. وڏو دنير ڪتو آهي.“

        ”صبح جو اسڪول ۾ ڪا شي وساري آئي هيس – سو اها کڻڻ لاءِ اسڪول پئي ويس.“ اهو هن ڪوڙ ڳالهايو. ”اميد اٿم ته منهن – سوجهري ۾ ئي اتي پهچي وينديس. تون ٻئي پاسي ٿي وئين، ائين نه؟“

        ”اوهه! ڪنهن خاص پاسي وڃڻ جو ارادو ڪونه هوم. اسڪول کان ٿي واپس اچڻ تائين توسان هلڻ ۾ خوشي ٿينديم.“ هن کي پنهنجي هن اوچتيءَ استاديءَ تي حيرت ٿي رهي هئي.

        هو ٻئي رستي تي اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندا هلڻ لڳا، ڄڻ ته ٻئي هڪ ٻئي جا ورهين جا واقف هئا. بين هميشھ جيان بايرس جي ٻنيءَ تي وڃڻ لاءِ نڪتو هو، پر بايرس جي ٻني ۽ ايما بايرس هن جي ذهن مان مڪمل طرح نڪري ويون، ڄڻ ته اهي جادوءَ جي زور تي گُم ٿي ويو هيون.

        بيلا هڪنس کي هن سان شادي ڪرڻ جو ڪوبه خيال ڪونه هو. ٻنين جي زندگيءَ کان هن کي نفرت هئي. ڪڙمين کي هوءَ ڌڪار جي نگاهه سان ڏسندي هئي. رڌ پچاءَ ۽ پورهئي کان هن کي بڇان ايندي هئي. هڪنس ڪٽنب ”ڪامرشل“ ۾ پنهنجي هوٽل جي مٿان رهندو هو، ۽ مسز هڪنس هميشھ سوئر جي گوشت ۽ ’زبان‘ اٻارڻ، سوئر جي پاين رڌڻ ۽ گوبيءَ جي پنن ڪترڻ ۾ مشغول رهندي هئي. اهي چيزون هيٺ هوٽل ۾ ٻپهريءَ جي مانيءَ لاءِ هونديون هيون. بيلا گهڻو وقت اڳ اهو فيصلو ڪري چڪي هئي ته سندس زندگيءَ ۾ اٻارڻ، رڌڻ، ۽ مرچ مصالح سڪائڻ جو ڪو ڪم نه هئڻ گهرجي. جڏهن به ڪو بهانو هٿ ايندو هوس، تڏهن هوٽل ۾ پئي چڪر ڏيندي هئي. اتي هن کي زندگي ۽ رنگ روپ نظر ايندو هو. ٻڍڙو ”ريڊ فرنٽ هڪنس“ هن کي اتان تڙي ڪڍندو هو، ۽ هوءَ وري به ڪو بهانو ڳولي، هيٺ اچي سهڙندي هئي – ڪڏهن ڪا کاڌي جي پليٽ دخل تي آڻي رکندي هئي، ته ڪڏهن ڌوتل ٽوال کڻي ايندي هئي.

        بين ويسٽر ويلڊ به پنهنجي پاڻ کي ڪڏهن به صاف لفظن ۾ ڪين چيو هو ته ”آءٌ بيلا سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.“ هن کي انهيءَ خيال کي عمل ۾ آڻڻ جي جرات ئي نه ٿيندي هئي. هن نهايت ديانتداريءَ سان ايما بايرس سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي. پر هيءَ ڳالهه هن جي وس کان ٻاهر ثابت ٿي. باقي بيلا، ساهن تي کلندي رهندي هئي، پر دل ۾ هن کان ڊڄندي به هئي. ٻئي ڄڻا انهيءَ خيال سال پنهنجي پنهنجي من ۾ وڙهندا رهيا – هوءَ خود غرضيءَ کان ۽ هي بنا ڪنهن غرض جي، ڇو ته بائرس ڇوڪري، پنهنجي صاف ۽ پرسڪون اکين ۽ ڀروسي جوڳين عادتن سان هن جي دل تي قابض هئي. بيلا لاءِ بين جي ڪشش محض هن جي مقناطيسي مردانگيءَ ۾ هئي. هن ڪڏهن به هن جي لطيف خاصيتن تي ڪين سوچيو هو. بين لاءِ هن جي ڪشش سندس نازڪ ۽ هرکائيندڙ نسوانيت ۾ هئي. پر نيٺ پڇاڙيءَ ۾ ٻنهي شادي ڪئي. سڄي ڳوٺ کي حيرت کان ڏندين آڱريون اچي ويون.

        رومان لڙائڻ واري عرصي ۾ مرد پنهنجي پسند جي ڇوڪريءَ کي هر کائڻ لاءِ طرح طرح جا رنگ روپ ڪندو آهي؛ پر بين ويسٽر ويلڊ نهايت ديانتداريءَ سان، جيئن هو اصل هو، تيئن ئي هلندو چلندو رهيو. هن پاڻ وڻائڻ لاءِ يا بيلا کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪوبه اهڙو سانگ ڪونه رچايو هو. هو ايترو ته ايماندار ۽ سچو مڙس هو، جو اڳتي هلي، هن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته هيءَ بدتميز ۽ جهيڙاڪ عورت اها ساڳي نازڪ، دلڪش ۽ خوبصورت عورت هئي، جنهن سان هن شادي ڪئي هئي. هن ۾ ذاتي صفائيءَ جي عادت هئي، سا به انهن ڏينهن ۾، جڏهن ماڻهو سال ۾ فقط هڪ اڌ دفعو ڪنهن خاص ڏڻ يا موقعي تي وهنجندا هئا، ۽ ان ڪري بدن جي صفائي ڏاڍي مشڪل هوندي هئي؛ ۽ ڪپڙن پائڻ کان پوءِ هوءَ ايتري بي داغ ۽ خوبصورت رڳو ان ڪري لڳندي هئي، جو سندس چمڙيءَ ۽ اکين ۾ قدرتي طور هڪ رونق ۽ صفائي هئي، ۽ سندس سونهري وار، سندس پيشانيءَ تان پاڻهي پاڻ صفائيءَ سان پوئتي مڙيا بيٺا هوندا هئا. باقي ٻين ڳالهين ۾ هوءَ پڪي وڇائت ۽ وڻواند عورت هئي؛ گاريون ته اهڙيون ڏيندي هئي، جي هوند ٻڍڙي ”ريڊ فرنٽ هڪنس“ جي شرابخاني جي ڪنهن گراهڪ کي ئي سونهن ها.

        هنن کي ٽي ٻار ٿيا – هڪ ڌيءَ، ٻه پٽ. پنهنجي زال جي انهيءَ طبيعت جي باوجود، هو جئين پوءِ تيئن آسودو ٿيندو ويو. ڪجهه سالن ۾ اسي ايڪڙ هِتي ۽ اسي ايڪڙ هُتي وٺندو ويو، تان جو سندس زمينون مسيسپيءَ جي ڪنارن تائين وڃي لڳيون. انهيءَ ۾ ڪو گمان ئي ڪونهي ته سندس زال هن جي راهه ۾ گهڻيئي رنڊڪون وڌيون، پر هو اهڙو ته هوشيار ڪڙمي هو، جو ڪنهن طرح ناڪام ٿي نه سگهيو. فصل ڳاهڻ جي موقعي تي، سڀ ڪڙمي بين لاءِ ڪم ڪرڻ واسطي آتا هوندا هئا، پر سندس زال بيلا جي رڌل کاڌي کان توبهون ڀريندا هئا. سڄي ضلعي ۾ هوءَ رڌڻ پچائڻ ۽ گهر سنڀالڻ ۾ صفا بي لڇڻي عورت مشهور هئي. سمورا سال، ڏکن سکن ۾، سندس اهائي شڪايت ۽ دانهن هوندي هئي ته ”جيڪڏهن اها سڌ هجيم ها، ته هيئن مون کي ٻهراڙيءَ ۾ ۽ ٻنين تي سالن جا سال سڙڻو پوندو ۽ هنن ماڻهن جي رات ڏينهن غلامي ڪرڻي پنديم، ته هوند ان کان مرڻ بهتر سمجهان ها: هتي هيئن سڙي مرڻ کان ته اهو موت چڱو ٿئي ها.“

        ماستريءَ وارن ڏينهن جي سندس شائسته انگريزي به بس ٿي چڪي هئي – هاڻ ته سندس گفتگو به اهڙي ئي گندي هوندي هئي، جهڙي سندس پوشاڪ. بدن ۾ به ٿلهي ۽ بي ڊولي ٿيندي ويئي، ۽ سندس جسم جي چمڙي به گهڻي کائڻ ۽ سنڀال نه ڪرڻ ڪري کهري ٿيندي ويئي. پنهنجي اولاد جي دلين ۾ ڪڙميءَ ۽ کيتيءَ جي زندگيءَ خلاف نفرت ڀريندي رهندي رهي. ”تون پاڻ کي هن عذاب کان  بچائي سگهين ٿي،“ هن پنهنجي ڌيءَ ’مِنيءَ‘ کي صلاح ڏني. ”تون پنهنجي پيءُ وانگر هڪ خسيس هاري نه ٿجانءِ،“ هن پنهنجي وڏي پٽ ”جان“ کي چتاءُ ڏنو هو. مِني اڃا سترهن سالن جي هئي، ته ”ڪامرشل“ ۾ وڃي نوڪري ڪرڻ لڳي. هن جي واڌ عمر جي لحاظ کان گهڻي اجائا هئي، ۽ اجائي ڏيکاءَ ۽ تيل ڦليل لاءِ بي حد چاهه هوندو هوس. ويهن سالن جي ٿي، ته هڪ دستڪار سان شادي ڪيائين، جو نهايت آواره ۽ بدمزاج شخص هو. هڪڙي شهر کان ٻئي شهر ڀٽڪندا رهيا. ڪنهن به هڪ نوڪريءَ تي هن کي ٽڪاءُ ئي نه ٿي آيو. ”جان“ به پنهنجي ماءُ جو اهڙو ئي پٽ ثابت ٿيو، جهڙي مِني پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ هئي. نڪمو، ڪُرڪريو، بي وقوف – پڻس کي منجهائنس ڪابه اميد ڪانه هئي. پنهنجي ٻنين جي گهوڙن کي شرطن جي گهوڙن وانگر جبلن تي ۽ ماٿريءَ ۾ سرپٽ ڊوڙائيندو رهندو هو. سڄو ڏينهن پيو ڳوٺ جون گهٽيون ڪڇيندو هو؛ ماڻس کان ”ڪامرشل“ ڏانهن وڃڻ لاءِ هميشھ پئسن جون تقاضائون ڪندو رهندو هو. اها سَستي ڀاڙي وارن آگبوٽن شروع ٿيڻ کان اڳي جي ڳالهه آهي. کيتيءَ ۾ جيڪي چيزون لازمي آهن، انهن مان ڪابه ڳالهه جيڪڏهن هن کي ڪرڻي پوي ها، ته هن جي حياتي گهڻو اڳ ختم ٿي وڃي ها. پر جيڪا حياتي هو گهاري رهيو هو، ان ۾ به هو جالي نه سگهيو؛ ۽ هڪ ڏينهن پرهه ڦٽيءَ جو کيس رستي جي ڪناري تي پيل ڏٺو ويو، ۽ گهوڙا، پرزا پرزا ٿيل گاڏيءَ کي گهليندا آهسته آهسته اچي پنهنجي ڪڙهه وٽ پهتا هئا. اڳينءَ رات جڏهن چوڪيدار سمهي رهيو هو، تڏهن هو چوريءَ گهوڙا گاڏيءَ ۾ جوٽي، ٻاهر آيو هو، ۽ پوءِ گهوڙن کي تکو ڀڄائيندي، شهر ۾ پنهنجي روزاني آستان تي وڃي پهتو هو. گاڏيءَ منجهان رڳو ڪري پوڻ ڪري شايد کيس ايترا زخم نه ٿيا هجن، پر شايد اهو اٽڪل ميل کن پنڌ جو گاڏيءَ سان گهلجندو آيو هو، ۽ پوءِ گاڏيءَ جي ڀڄي پوڻ ۽ رينن ٽٽي پوڻ سان سندس جسم چچرجي، چيٿاڙجي، گاڏيءَ مان ڪري هڪ پاسي تي پئجي رهيو هو.

        اهو ڀيانڪ واقعو شايد بين ويسٽر ويلڊ ۽ سندس زال کي هڪ ٻئي کي سڃاڻڻ ۽ سندن پرچاءَ ۾ مدد ڪري ها، پر ائين نه ٿيو. پاڻ ڳوٺ ۽ ان جي زندگيءَ لاءِ بيلا جي تلخي ۽ نفرت وڌي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org