مون پريان ئي رڙ ڪري چيو، ”گورا حيوان، بيهه ته آءٌ ٿو تنهنجي
خبر وٺان، ۽ پاڻيءَ ۾ غرق ڪريانءِ!“ پر آءٌ
اوڏانهن نه وڃي سگهيس؛ ۽ منهنجي نه وڃڻ جو سبب رڳو
اهو هو ته آءٌ پاڻ کي بيحد ٿڪل ۽ نستو محسوس ڪري
رهيو هوس. رڳو تري اوستائين وڃڻ جي خيال به دل ۾
بيزاري ٿي پيدا ڪئي. انهيءَ ڪري مون ڪناڪا کي پاڻ
ڏانهن سڏيو، ۽ پنهنجي تختي ۾ هن کي ڀائيوار ڪيم.
هن پنهنجو نالو ”اوتو“ ٻڌايو (اچار هوس ’اُوتو
اُو)، ۽ اهو به ٻڌايائين ته رياستن جي بنهه الهندي
پاسي ”بورا بورا“ جو باشندو هو. مون کي ڪجهه وقت
کان پوءِ معلوم ٿيو ته تختو پهريائين هن کي ئي هٿ
لڳو هو، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ڪپتان اوڊائوز کي
لڙهندو ڏسي، هن کي پنهنجي تختي ۾ ڀائيوار ٿيڻ جي
آڇ ڪئي هئائين، ۽ جتان ايتري مصيبت سهسائڻ کان
پوءِ پاڻ ٿڏجي نڪتو هو.
اها هئي منهنجي ۽ اوتوءَ جي پهرين ملاقات. هو جهيڙاڪ يا
ويڙهاڪ نه هو. هو محبت ۽ نهٺائيءَ جو مجسمو هو،
نهايت پيارو انسان هو. جيتوڻيڪ ڇهن فوٽن جو قداور
مڙس هو، ۽ بدن ۾ به پهلوانن وانگر پيٺل هو، پر
جهيڙاڪ بنهه ڪين هو، نڪي وري ڪو ڪانئر هو. شينهن
جي دل هيس؛ ۽ ايندڙ سالن ۾ هن اهڙا اهڙا جوکم سر
تي کنيا، جي آءٌ هوند خواب ۾ به ڪين برداشت ڪري
سگهان!
منهنجو مقصد هي آهي ته اوتو جيتوڻيڪ جهيڙاڪ نه هو، ۽
هميشھ جهيڙي جهڳڙي کان پاسو ڪندو هو، پر جڏهن سر
تي اچي ويس ته ڪڏهن به پٺ نه ڏيندو هو. مون اوتوءَ
کي ”ويئرشول“ ڀيري پهريون دفعو وڙهندي ڏٺو، جيڪا
حالت هن ”بل ڪنگ“ سان ڪئي، سا مون کان هرگز ڪين
وسرندي. ”بل ڪنگ“، آمريڪي بحري فوج ۾ باڪسنگ جو
”هيوي ويٽ چئمپين“ سمجهيو ويندو هو. هو انسان جي
روپ ۾ هڪ ڀيانڪ حيوان هو، سچو پچو گوريلو ٿي معلوم
ٿيو: موتمار ڌڪ هڻڻ، سخت جان هجڻ ۽ ٺونشيبازيءَ جي
فن ۾ ماهر هجڻ جي خصوصيتن کان هو تَرَ ۾ ڏاڍو
مشهور هو. جهڳڙو به هن ئي شروع ڪيو، ۽ اوتوءَ کي
ٻه لتون وهائي ڪڍيائين. اوتو جيسين وڙهڻ جي ضرورت
محسوس ڪري، تيسين هن ٻيو ڌڪ به وهائي ڪڍيس. بس
پوءِ ته ٻئي ڄڻا گڏجي ويا. آءٌ نٿو سمجهان ته ڪو
جهڳڙي چار منٽ به جٽاءُ ڪيو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ بدنصيب
بل ڪنگ جون چار پاسريون ٽن هنڌان ڀڄي پيون، هڪ
ٻانهن ڀڳيس، ۽ ٻي ٻانهن ڪلهي وٽان نڪري پيس.
اوتوءَ کي باڪسنگ جي هنر جي ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي؛ هو
ته فقط پنهنجي بازن جي سگهه سان ٿي وڙهيو. اوتوءَ
جي هٿان بل ڪنگ کي ان ڏينهن ’ايپيا بيچ‘ تي جيڪي
ٿورڙو ڪجهه ٿيو، ان مان صحتياب ٿيڻ ۾ اٽڪل ٽي
مهينا لڳي ويس.
پر آءٌ پنهنجي ڪهاڻيءَ کان اڳڀرو هليو آيو آهيان. سو
مون ڳالهه پئي ڪئي ته اسين هڪ ئي تختي تي ڀائيوار
ٿياسون: واري واري سان هڪڙو تختي تي ساهه پٽڻ لاءِ
ليٽي ٿي پيو، ۽ ٻيو فقط هٿن جي آڌار تي ڳچيءَ
تائين پاڻيءَ ۾ تڙڳندو ٿي رهيو. ٻه ڏينهن ۽ ٻه
راتيون، ان طرح واري واري سان ڪڏهن پاڻيءَ ۾ ته
ڪڏهن تختي تي، اسين سمنڊ ۾ لڙهندا رهياسون. آءٌ ته
سڄو وقت گهڻو ڪري هذيان جي حالت ۾ هوس؛ ۽ ڪنهن
ڪنهن وقت اوتوءَ کي به پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڀٽڪندو
ڪرڪندو ٿي ٻڌم. گهڻي وقت ۽ لڳاتار پاڻيءَ ۾ رهڻ،
اسان کي اڃ وگهي مرڻ کان بچائي وڌو هو؛ جيتوڻيڪ
سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جي تيزابي اثر ۽ تيز اس اسان
کي بنهه لوساٽي ڇڏيو هو.
آخرڪار اوتوءَ منهنجي حياتي بچائي؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن آءٌ
هوش ۾ آيس، تڏهن آءٌ ڪناري تي، پاڻيءَ کان ويهارو
فٽ پري ليٽيل هوس، ۽ منهنجي جسم مٿان اس کان
بچاءَ لاءِ ٻه ٽي ناريل جا پن پيل هئا. اوتوءَ ئي
مون کي گهلي اوستائين آندو هو، ۽ ناريل جا پن مٿان
وجهي ڇڏيا هئائين. هو پاڻ به منهنجي پاسي ۾ ليٽيو
پيو هو. ان کان پوءِ وري آءٌ بي هوش ٿي ويس؛ ۽ ٻئي
دفعي، جو اک کليم، ته ڏاڍي ٿڌيري ۽ تارن ڀري رات
هئي، ۽ اوتو منهنجي چپن تي ناريل رکي، مون کي
ناريل جو پاڻي ڍڪ ڍڪ ڪري پيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
هو.
’پيٽيٽ جين‘ جهاز منجهان رڳو اسين ٻه ڄڻا بچيا هئاسين،
ڪپتان اوڊائوز به شايد ٿڪ ۽ نستائيءَ جي ڪري مري
ويو؛ ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس تختو خالي اچي
ڪناري سان لڳو. آءٌ ۽ اوتو انهيءَ ٻيٽ جي مقامي
ماڻهن سان ڪجهه ڏينهن رهي پياسون، جتان اسان کي هڪ
فرينچ جهاز کڻي ”ٽهٽي“ پهچايو. انهيءَ دوران ۾
اسان هڪ ٻئي سان نالن مٽائڻ جي رسم به ادا ڪري ڇڏي
هئي. ڏکڻ وارن سمنڊن ڏانهن اها رسم ٻن شخصن کي رت
جي رشتي ۽ سڳن ڀائرن کان به وڌيڪ ڳنڍي ڇڏيندي آهي.
انهيءَ جي شروعات به مون ئي ڪئي؛ جڏهن ساڻس اها
ڳالهه ڪيم؛ تڏهن هن جي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي.
”ڏاڍو چڱو ٿيو،“ هن ٽهٽين ٻوليءَ ۾ چيو، ”ڇو ته اسين
موت جي وات ۾ ٻه ڏينهن ساٿي جو ٿي رهيا آهيون!“
مون مرڪي چيو، ”پر موت اسان کان ڊڄي ويو!“
هن جواب ڏنو ته، ”مالڪ تو نهايت بهادريءَ جو ڪم ڪيو هو،
۽ موت کي اسان سان ڳالهائڻ جي به مجال نه ٿي.“
”تون مون کي ’مالڪ‘ ڇو ٿو سڏين؟“ مون ڏکويل انداز ۾ هن
کان پڇيو. ”هاڻ ته اسان پنهنجا نالا مٽايا آهن: تو
لاءِ آءٌ ’اوتو‘ آهيان، ۽ مون لاءِ تون ’چارلي‘
آهين. اسين پاڻ ۾ هڪ ٻئي لاءِ هميشھ هميشھ ائين ئي
هونداسين: تون چارلي هوندين، ۽ آءٌ اوتو. انهيءَ
رسم جو مقصد به اهوئي آهي، جڏهن اسين مري
وينداسون، ۽ جيڪڏهن هن آسمان ۽ تارن جي پٺيان ڪنهن
دنيا ۾ هلي رهڻو پيو، تڏهن به تون منهنجي لاءِ
چارلي هوندين، ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ اوتو هوندس!“
”هائو، مالڪ!“ هن جواب ڏنو؛ هن جون اکيون خوشيءَ کان
چمڪي رهيون هيون.
”وري ڏس، وري ساڳي ڳالهه!“ مون رڙ ڪندي چيو.
هن دليل ڏيندي چيو، ”رڳو منهنجي چپن جي ڪجهه چوڻ سان ڇا
ٿو ٿي پوي؟ اهو ته رڳو منهنجا چپ ٿا چون؛ آءٌ ته
توکي هميشھ اوتو ئي سمجهندس. جيڏيءَ مهل به آءٌ
پنهنجي باري ۾ سوچيندس، ان مهل تنهنجي لاءِ به
ضرور سوچيندس؛ جڏهن ماڻهو مون کي نالي سان سڏ
ڪندا، تڏهن به فوراً مون کي تنهنجو خيال ايندو؛ ۽
هنن تارن ۽ آسمانن جي پٺيان به، هميشھ هميشھ لاءِ،
تون منهنجي لاءِ اوتو ئي رهندين. ٺيڪ آهي، نه
مالڪ؟“
مون پنهنجي مرڪ لڪائيندي چيو، ”هائو، ٺيڪ آهي.“
’پپيٽيءَ‘ وٽ اسان هڪ ٻئي کان موڪلايو. آءٌ اتي ئي ساحل
تي ڪجهه وقت آرام ڪرڻ لاءِ رهي پيس، ۽ هو هڪ
ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پنهنجي ٻيٽ ’بورا بورا‘ ڏانهن روانو
ٿي ويو. ڇهن هفتن کان پوءِ، هو وري واپس اچي
سهڙيو. آءُ حيرت ۾ پئجي ويس، ڇو ته هن مون کي چيو
هو ته هو پنهنجي زال ڏانهن موٽي ٿي ويو، ۽ آئنده
هو ڊگهين مسافرين تي وڃڻ ڇڏي ڏيندو.
خوش خير عافيت کان پوءِ هن مون کان پڇيو، ”مالڪ، هاڻ
ڪيڏانهن اسهڻ جو ارادو آهي؟“
مون پنهنجي ڪلهن کي ٿورو لوڏيو، ۽ سوچ ۾ پئجي ويس:
واقعي سوال ته ڏاڍو ڏکيو هو.
نيٺ جواب ڏنم، ”سموري دنيا، سمورا سمنڊ، ۽ سمنڊن جا
سمورا ٻيٽ گهمندس!“
”آءٌ به توسان هلندس،“ هن سادگيءَ سان چيو؛ ”منهنجي زال
مري ويئي!“
مون کي ڪوبه سڳو ڀاءٌ ڪونه هو؛ پر جن ماڻهن کي سڳا ڀائر
آهن، انهن جي حالت مان اندازو لڳائي ٿو چوان ته
جيڪي ڪجهه اوتو منهنجي لاءِ هو، سو ڪو ڀاءُ به
ڪنهن جي لاءِ ڪين هوندو. هو منهنجو ڀاءُ، منهنجو
پيءُ، منهنجي ماءُ – منهنجو سڀڪجهه هو. هيءُ مون
کي يقين آهي ته رڳو اوتوءَ جي طفيل ئي مون پنهنجي
زندگي بهتر ۽ صحيح طريقي سان گذاري. ٻين ماڻهن جي
مون کي پرواهه ڪانه هئي، پر اوتوءَ جي نظرن ۾ مون
کي سڌو ٿي رهڻو هو. محض هن جي ڪري پنهنجي آبروءَ
سان کيڏڻ جي مون کي همت نٿي ٿي. هن مون کي پنهنجو
آدرش بنايو هو، ۽ منهنجي خيال ۾ هن پنهنجي پيار ۽
پوڄا جي جذبي هيٺ مون کي اها حيثيت ڏني هئي؛ ۽
اهڙا به موقعا آيا جڏهن آءٌ دوزخ جي ڪنڌيءَ تي
بيٺل هوس، ۽ جيڪڏهن اوتوءَ جو خيال مون کي نه روڪي
ها ته هوند آءٌ ڪڏهوڪو ان ۾ ڪري پوان ها. هن جو
مون تي فخر ۽ غرور، خود مون ۾ پيهي آيو هو، تان جو
منهنجي ذاتي اخلاق جو اهو هڪ مکيه متو ٿي پيو ته
آءٌ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪندس، جا هن جي غرور ۽ فخر
کي صدمو رسائي.
ظاهر آهي ته هن جا منهنجي لاءِ جيڪي جذبات هئا، انهن کي
هڪدم آءٌ پروڙي ڪين سگهيس. هو ڪڏهن به مون تي ڪا
نقطه چيني نه ڪندو هو؛ ڪڏهن به مون کي پنهنجي
غلطين تي ڪين ٽوڪيندو هو؛ ۽ آهستھ آهستھ، هن جي
اکين ۾ جيڪو منهنجو بلند مقام هو، سو مون تي واضح
ٿيڻ لڳو؛ ۽ رفتھ رفتھ مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته
منهنجي ڪا ٿوري ۾ ٿوري لغزش به هن جي جذبات کي بي
انتها ڏکوئي ۽ زخمي ڪري ٿي سگهي.
اسين سترهن سال گڏ رهياسون؛ سترهن ئي سال هو بنهه گڏ
مون ساڻ رهندو آيو: آءُ ننڊ ڪندو هوس، ته هو
منهنجي نگهباني ڪندو هو؛ مون کي ڦٽ ڦرڙي يا ڪو تپ
تاءُ ٿيندو هو، ته منهنجي تيمارداري ڪندو هو ؛ -
نه رڳو ايترو، پر منهنجي لاءِ وُڙهي پنهنجي سر تي
سٽون سهندو هو. هن پنهنجو نالو به ان جهاز تي داخل
ڪرايو، جنهن تي آءٌ سوار ٿيس؛ ۽ ’هوائي‘ کان ’سڊني
هيڊ‘ ۽ ’ٽوريس‘ کارين کان ’گالا پگوس‘ تائين سمورو
پئسفڪ سمنڊ گڏجي لتاڙيوسون. ’نيو هيبرائيڊس‘ ۽
’لائين‘ ٻيٽن کان وٺي الهندي طرف سڌو،
’لوليسياڊس‘، ’نيو برٽن‘، ’نيو آئرلنڊ‘، ۽ ’نيو
هئنوور‘ تائين اسين ٻانهنِ جو واپار ڪندا رهياسون.
ٽي ڀيرا اسان جا جهاز تباهه ٿيا – ’جبرالٽر‘ ۾،
’سانتا ڪروز‘ ۾، ۽ ’فجي‘ ٻيٽن ۾. ڪٿي به اسان کي
واپار سانگي، موتين، سپن، ناريلن، ڪَڇُن ڪُمين جي
کلن ۽ جهازن جي ڀڳل ٽٽل شين مان هڪڙي ڊالر ڪمائڻ
جي به اميد هئي، اتي اسين گڏجي ويندا هئاسون.
هن جڏهن دور دور سمنڊن ۽ ٻيٽن ڏانهن مون سان گڏجي هلڻ
جو ارادو ڪيو، ان کان ٿورڙو وقت پوءِ هڪ ڀيري اسين
’پپيٽيءَ‘ ڏانهن اچي رهيا هئاسون. پپيٽيءَ ۾ انهن
ڏينهن هڪڙي ڪلب هوندي هئي، جتي ڏکڻ سمنڊ جا موتين
جا سوداگر، واپاري، ڪپتان ۽ ٻيا ڪيترائي اوباش
ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا، جوا زور شور سان هلندي
هئي، شرابن جا دنگ پيا لٽبا هئا؛ ۽ آءٌ اتي نهايت
دير ۽ ڪمهلي وقت تائين ويٺو هوندو هوس، جا ڳالهه
مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ بنهه شانائتي ڪانه هئي.
جڏهن رات جو آءٌ ڪلب مان نڪرندو هوس، تڏهن کڻي
ڪهڙو به ڪمهلو وقت هجي، اوتو در جي ٻاهران، مون کي
سلامتيءَ سان گهر پهچائڻ لاءِ ڌرني ماريو ويٺو
هوندو هو.
شروع شروع ۾ ته سندس هن روش کي مون کلي ٽاري ڇڏيو، پر
پوءِ جهڻڪيومانس. نيٺ سڌو سنئون چئي ڏنومانس ته
”مون کي ڪنهن نگهبان جي ضرورت نه آهي.“ ان کان
پوءِ، ڪلب کان ٻاهر نڪرڻ وقت اوتو ٻاهر نظر نه
آيم. اوچتو هڪ ڀيري، هفتو ڏيڍ پوءِ، مون کي خبر
پئجي ويئي ته اڃا ائين، مون کي گهر تائين سلامت
پهچائڻ لاءِ، گهٽيءَ جي هن ڀر انبن جي وڻن جي
پاڇولن ۾ لڪندو، هو پٺيان پٺيان پيو ايندو هو. آءٌ
ڪري به ڇا ٿي سگهيس؟ ۽ پوءِ جيڪي ڪجهه ڪيم، سو آءٌ
ڄاڻان ٿو.
ان کان پوءِ آءٌ غير محسوس طرح سوير موٽڻ لڳس. بارش يا
طوفان جي راتين ۾، عيش عشرت ۽ جوا بازي جڏهن
پنهنجي پوري زور تي هوندي هئي، ان وقت مون کي
لامحاله اوتوءَ جو خيال ايندو هو، ۽ انبن جي وڻن
وچان سندس مون تي لڪل نظرداري ياد اچي ويندي هئي.
واقعي، هن مون کي هڪ بهتر انسان بنائي ڇڏيو. هو
مذهب جو ايترو پائبند ۽ پرهيزگار به ڪين هو، ۽ هن
کي عام عيسائي اخلاقيات جي به ڪا خبر ڪانه هئي.
”بورا بورا“ ٻيٽ جا سمورا ماڻهو عيسائي هئا، پر هي
ڪافر هو؛ پنهنجي ٻيٽ تي اڪيلو منڪر ۽ ملحد شخص هو:
بنهه ماده پرست هو، جنهن کي اهو عقيدو هو ته جڏهن
هو مري ويندو، تڏهن هو هميشھ لاءِ مري ويندو. هن
جو يقين فقط سچائيءَ، نيڪيءَ ۽ جائز ۽ مناسب سلوڪ
۾ هو. هلڪڙائيءَ واري ڪميڻپ، هن جي اصولن موجب،
خون ڪرڻ جهڙو ئي سنگين جرم ۽ گناهه هو، ۽ مون کي
اهو يقين آهي ته هو هڪ خونيءَ کي هڪ ذليل ۽ ڪميڻي
ماڻهوءَ کان دل ۾ وڌيڪ عزت ۽ احترام لائق سمجهندو
هو.
رهيس آءٌ، سو منهنجي ذات لاءِ هو منهنجي هر انهيءَ
ڳالهه تي اعتراض ڪندو هو؛ جيڪا منهنجي لاءِ
نقصانڪار هوندي هئي. هو خود به هڪ شوقين جواري هو،
پر چوندو هو ته رات جو ڪمهلو کيڏڻ صحت لاءِ
نقصانڪار هو. هن اهڙا ماڻهو تپن ۾ لڇندي مرندي ڏٺا
هئا، جن پنهنجي صحت جي اون نه ٿي ڪئي. هو نشي کان
خواه مخواه باغي، يا بنهه صوفي ڪونه هو؛ ۽ جڏهن
جهازن يا ٻيڙين تي صورتحال اهڙي تهڙي هوندي هئي ته
هو پاڻمرادو ٻه ٽي تيز گلاس خوشيءَ سان چاڙهي
ڇڏيندو هو. پر هو شرابخوريءَ ۾ به اعتدال جو حامي
هو. هن ڪيترن ماڻهن کي اسڪاچ وسڪيءَ جي بي انداز
پيڻ ۽ نشي جي ڪري مردو، يا ذليل ٿيندو ڏٺو هو.
اوتوءَ جي دل ۾ هميشھ منهنجي ڀلائيءَ جو اونو هوندو هو.
هو منهنجي لاءِ مون کان به ٻه قدم اڳتي سوچيندو
هو، منهنجي رٿن تي غور ڪندو هو، ۽ انهن ۾ مون کان
به وڌيڪ دلچسپي وٺندو هو. شروع شروع ۾ جڏهن مون کي
هن جي انهيءَ دلچسپيءَ جو پتو ڪونه هو، تڏهن هو
منهنجي ارادن کي پاڻ تاڙي ويندو هو: مثال طور
پپيٽيءَ ۾ هڪ مقامي ٺڳ ۽ دوکيباز ماڻهوءَ سان هڪ
ڀيري سانڊن جي واپار ۾ ڀائيواري ڪرڻ لاءِ سوچي
رهيو هوس – تڏهن مون کي خبر ڪانه هئي ته اهو شخص
ڪو بدمعاش هو. ’پپيٽيءَ‘ ۾ ڪنهن به گوري ماڻهوءَ
کي اها خبر ڪانه هئي ته ڪو هو ٺڳ ۽ بدمعاش هو.
اوتوءَ کي به خبر ڪانه هئي؛ پر جڏهن هن ڏٺو ته
اسين پاڻ ۾ گهرا ٿيندا پئي وياسون، تڏهن منهنجي
چوڻ کان سواءِ پتو لهي آيو. ’ٽهٽيءَ‘ ۾ ڪيترا
مقامي ملاح اچي گڏ ٿيندا آهن؛ ۽ اوتو رڳو ٿوري شڪ
پوڻ جي ڪري، انهن وٽ وڃي فوراً سڄي معلومات هٿ ڪري
آيو، جنهن مان هن جو شڪ پڪو ٿي ويو، ۽ ڳالهه سچي
نڪتي. ”رنڊولپ واٽرس“ ٺڳ جي زندگي هڪ عجيب واردات
هئي، ۽ جڏهن اوتوءَ مون کي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي،
تڏهن مون کي خود يقين نه پئي آيو. پر جڏهن مون
”واٽرس“ کي منهن تي چئي ڏنو، تڏهن هو ماٺڙي ڪري،
منهن ڦلهڙو ڪري نڪري ويو، ۽ ان ئي ڏينهن پهرئين
جهاز ۾ ”’آڪلنڊ‘ ڏانهن رفوچڪر ٿي ويو.
ايترو اعتراف مون کي ڪرڻو پوي ٿو، ته اول اول منهنجي
معاملن ۾ اوتوءَ جي هن دخل اندازيءَ تي مون کي
ڪاوڙ اچي ويندي هئي. پر مون کي خبر هئي ته انهيءَ
۾ هن کي پنهنجي ذاتي لالچ ڪانهي؛ ۽ نيٺ مون کي
سندس ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ۽ ترت فيصلي جي قوت
کي تسليم ڪرڻو پيو. هن جون اکيون هميشھ منهنجي
لاءِ بهترين موقعي جي تلاش ۾ هونديون هيون. هو
ڏاڍو تيز فهم ۽ دور انديش شخص هو. ٿوري ئي وقت ۾
هو منهنجو صلاحڪار بنجي پيو، ۽ منهنجي معاملن جي
مون کان به وڌيڪ خبر هن کي هوندي هئي. هن کي
منهنجو مفاد، مون کان به وڌيڪ پيارو هو. منهنجي ته
ڄڻ جوانيءَ جي لاغرض ۽ بي پرواهه طبيعت هئي، ڇو ته
آءٌ محض ڊالرن، ۽ عيش عشرت جي زندگيءَ جو ڪو ڏيو
هوس. ان ڪري چڱائي انهيءَ ۾ هئي ته منهنجي معاملن
جي ڪو شخص نظرداري ڪندو رهي. مون کي يقين آهي ته
اوتو نه هجي ها، ته اڄ آءٌ به هتي نه هجان ها!
بي شمار واقعن مان، آءٌ هڪڙو واقعو ٿو اوهان کي ٻڌايان.
’پاموٽس‘ ۾ موتين جي سوداگريءَ تي وڃڻ کان اڳ، مون
کي حبشي ٻانهَن جي واپار جو ڪجهه آزمودو هو.
’ساموئا‘ ساحل تي آءٌ ۽ اوتو ترسيل هئاسين – اسين
ڪناري تي لٿل هئاسين، ۽ پئسو پنجڙ به ڪونه بچيو هو
-، تڏهن ٻانهَن جي سوداگرن جي هڪ ٻيڙي، حبشين کي
ڀرتي ڪرڻ جي نوڪريءَ جو موقعو ملي ويم. اوتوءَ به
هڪ ملاح طور پاڻ کي ڀرتي ڪرايو؛ ۽ ان ڏينهن کان
برابر ڇهه سال اسين ’ميلنيشيا‘ جي خطرناڪ ۽ ڀيانڪ
علائقن ۾ گڏ ڀٽڪندا رهياسون. اوتو هميشھ اها ڪوشش
ڪندو هو ته هن کي منهنجي ٻيڙيءَ ۾ ونجهه هڻڻ جو
موقعو ملي. ٻانهَن کي ڀرتي ڪرڻ جو اسان وٽ دستور
اهو هوندو هو ته ڀرتي ڪرڻ واري ٻيڙي ڪناري تي آڻي
بيهاريندا هئاسين. هڪ وڏي بچاءَ جي وڏي ٻيڙي ڪناري
کان ڪجهه سو فٽن جي مفاصلي تي لنگر کڻڻ لاءِ بلڪل
تيار بيٺي هوندي هئي. جڏهن آءٌ پنهنجي ٻيڙي ڇڏي،
سودي جي سامان سان هيٺ لٿس، تڏهن اوتو به پنهنجي
جاءِ تان اٿي ٻيڙيءَ جي پوري وچ تي ٿي بيٺو، جتي
هڪ ’ونچيسٽر‘ بندوق ٽاٽ جي ٽڪري ۾ ويڙهي رکي هئي
ته جئن ضرورت پوڻ شرط امالڪ اتان کڻي سگهجي.
ٻيڙيءَ جا ٻيا ملاح به سڀ هٿياربند هئا: هنن وٽ
ٽوٽيءَ واريون بندوقون هيون، جي ٻيڙيءَ جي ڪناري
تي ٽاٽ جي پردن ۾ ڍڪيون پيون هيون. جيسين آءٌ
گهنڊيدار وارن وارن حبشين سان ڳالهيون ڪري، کين
’ڪئينسلنڊ‘ ۾ ٻنين تي ڪم ڪرڻ لاءِ هرکائيندو هوس،
تيسين اوتو ڏاڍي خبرداريءَ سان پيو چوڪسي ڪندو هو؛
۽ اڪثر ڪري حبشين جي مشڪوڪ حرڪتن ۽ دوکيبازيءَ کان
هلڪا آواز ڪري مون کي خبردار ڪندو رهندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن ته هن جي رائيفل مان هڪ گوليءَ جو تکو آواز،
مون کي پنهنجي جاني خطري جو پهريون ئي چتاءُ ڏيندو
هو. اهڙن وقتن تي جڏهن آءٌ پنهنجي ٻيڙيءَ ڏانهن
ڀڄندو هوس، تڏهن اوتو اڳي ئي ونجهه تيار ڪيو ويٺو
هوندو هو ته جئن مون کي سلامتيءَ سان ڪڍي وڃي. هڪ
ڀيرو، مون کي ياد آهي، ’سانتا ائنا‘ ۾، ڪناري سان
ٻيڙي لڳڻ شرط آفت اچي ويئي. بچاءَ واري ٻيڙي اسان
جي مدد لاءِ تيزيءَ سان اچڻ لڳي، پر سوين وحشي ان
جي پهچڻ کان اڳ اسان کي ختم ڪري ڇڏين ها: ان وقت
اوتو ٽپو ڏيئي ڪناري تي لهي پيو، ۽ سودي جي سامان
۾ ٻئي هٿ وجهي، چئن ئي طرفن تي تماڪ، موتين جون
مالائون، ڪاترون، چاقو ۽ ڪپڙا پکيڙي ڇڏيائين.
گهنڊيدار حبشين لاءِ اهو ڪافي هو. جيسين هو انهيءَ
خزاني کي ميڙين، تيسين اسين ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي
چاليهه فٽ کن پاڻيءَ ۾ نڪري وياسين. ان ساڳئي ٻيٽ
تي چئن ڪلاڪن کان پوءِ، مون ٽيهه ڄڻا ڀرتي ڪيا.
جيڪو خاص واقعو آءٌ ٻڌائڻ گهران ٿو، سو ’مئليٽا‘ ٻيٽ تي
ٿيو؛ اهو ٻيٽ ’سالومن‘ ٻيٽن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ
۽ وحشي ٻيٽ آهي. مقامي ماڻهو غير معمولي طرح،
مهربانيءَ ۽ قرب سان پيش اچي رهيا هئا؛ ۽ اسان کي
ڪهڙي خبر ته سڄي ڳوٺ جي ماڻهن گذريل ٻن سالن کان
چندا گڏ ڪري رکيا هئا ته هڪ گوري ماڻهو جو سر خريد
ڪن؟ اهي ڪميڻا سڀ آدمخور هئا، ۽ هنن کي گوري
ماڻهوءَ جو سر وڌيڪ پسند ايندو هو. هنن منجهان
جيڪو شخص، گوري ماڻهوءَ جو سر آڻيندو هو، ان کي
اهو سمورو گڏ ٿيل خزانو ڏيندا هئا. جيئن آءٌ چئي
چڪو آهيان، هو ڏاڍا مهربان نظر اچي رهيا هئا؛ ۽ ان
ڏينهن آءٌ ڪناري تي ٻيڙيءَ کان سو کن وال اڳڀرو
نڪري آيو هوس. اوتوءَ مون کي اڳ ۾ ئي چتاءُ ڏيئي
ڇڏيو هو؛ ۽ هميشھ جيان، جڏهن هن جي ڳالهه تي ڌيان
نه ڏنم، ته آفت ۾ اڙجي ويس.
اول ته وڻن جي ٻوڙن مان مون تي ڀالن جو وسڪارو ٿي ويو.
اٽڪل ٻارنهن ڀالا اچي منهنجي بدن ۾ کتا. مون ڀڄڻ
شروع ڪيو، پر هڪڙو ڀالو جيڪو بڪيءَ ۾ لڳو هو، تنهن
تي ٿاٻڙجي ڪري پيس. حبشين وٺي منهنجي پويان ڊڪ
پاتي؛ هر هڪ جي هٿ ۾ هڪ وڏي ڳن سان ڊگهو ڪات هو،
جنهن سان منهنجي سر وڍڻ جو ارادو هون. هو انعام
حاصل ڪرڻ جي خيال ۾ اهڙا ته محو ۽ مگن هئا، جو هڪ
ٻئي سان ٽڪرجڻ لڳا. انهيءَ مونجهاري ۾، ريتيءَ تي
پاڻ کي ساڄي کاٻي اڇلائيندي، مون ڪيترا وار گسائي
ڇڏيا.
پوءِ ته اوتو اچي پهتو. ڪنهن طرح هن کي ڳرو ڏنڊو هٿ
چڙهي ويو هو، ۽ هٿو هٿ مقابلي ۾ اهو ڏنڊو بندوق
کان به وڌيڪ ڪارگر هو. اوتو بنهه سندن وچ ۾ بيهي
رهيو، ان ڪري هو هن تي ڀالي سان حملو به نه ٿي ڪري
سگهيا، ۽ سندن ڪات ته بنهه بيڪار ثابت ٿيا. هو
منهنجي لاءِ وڙهي رهيو هو، ۽ جوش ۾ بنهه وحشي ٿي
بيهي رهيو. جنهن نموني هو ڏنڊي کان ڪم وٺي رهيو
هو، سو حيرت انگيز هو. هنن جون کوپڙيون پڪل
نارنگين وانگر ڦسي ٿي پيون. تيسين هن کي ڪو زخم
ڪونه پهتو، جيسين سڀني کي هڪالي، مون کي پنهنجي
ٻانهن ۾ کڻي ڊوڙڻ نه شروع ڪيائين. ٻيڙيءَ تائين
پهتو، ته سندس پٺ ۾ چار ڀالا اچي کتا؛ ايندي شرط
اچي ’ونچيسٽر‘ بندوق کنيائين، ۽ هر گوليءَ سان
هڪڙو حبشي ٿي ڪيرايائين. پوءِ اسين ٻيڙي ڪڍي اڳتي
نڪري وياسون، ۽ سلامتيءَ جي جاءِ تي ويهي مرهم
پٽيءَ جو بندوبست ڪيوسون.
سترهن سال اسين گڏ هئاسون: هن مون کي سڀڪجهه بنائي
ڇڏيو. جيڪڏهن هو نه هجي ها ته اڄ آءٌ وڌ ۾ وڌ يا
ڪو مال ڪپتان هجان ها، يا ته اهوئي حبشي غلامن جو
ڀرتي ڪندڙ.
هڪ ڏينهن هو چوڻ لڳو ته ”تون پنهنجا پئسا خرچ ڪري ٿو
ڇڏين؛ ٻاهر وڃي وري ڪمائي ٿو اچين. هن وقت ناڻو
ڪمائڻ سولو آهي. پر جڏهن تون ٻڍو ٿي ويندين، ۽
تنهنجو ناڻو به خرچ ٿي ويندو، تڏهن تون ٻاهر وڃي
ڪمائي ڪين سگهندين. مالڪ، مون کي سڄي خبر آهي. مون
گورن ماڻهن جي طريقي کي چڱيءَ طرح پروڙيو آهي.
ساحلي ٻيٽن تي مون ڪيترا ٻڍڙا ڏٺا آهن، جيڪي ڪنهن
وقت جوان هئا، ۽ تو وانگر ناڻو ڪمائي ٿي سگهيا.
هاڻ هو ٻڍڙا ٿي ويا آهن، ۽ پئسو پنجڙ به ته ڪين
اٿن؛ ۽ هاڻ فقط تو جهڙن جوانن جي انتظار ۾ آهن، ته
مَنَ هنن کي ٻه ٽي ڍڪ شراب جا خريد ڪري ڏين!
”حبشي نينگر ٻنين تي ٻانهو ٿي ڪم ٿو ڪري، کيس سال ۾
ويهه ڊالر ٿا ملن: هو سخت پورهيو ٿو ڪري. داروغو
محنت ڪين ٿو ڪري: رڳو گهوڙي تي چڙهي حبشي نينگر جي
ڪم جي نگهباني ٿو ڪري؛ هن کي سال ۾ ٻارنهن سو ڊالر
ٿا ملن. آءٌ ٻيڙين يا جهازن تي ملاح ٿي ٿو ڪم
ڪريان. مون کي مهيني ۾ پندرهن ڊالر ٿا ملن: اهو به
ان ڪري جو آءٌ هڪ سٺو ملاح آهيان؛ آءٌ پورهيو به
سخت ٿو ڪريان، ڪپتان کي ٻٽي ڪمائي آهي، ۽ هو ڊگهين
ڊگهين بوتلن منجهان سدائين بيئر پيئندو ٿو رهي.
مون هن کي ڪڏهن ڪو رسو ڇڪيندي يا ونجهه هڻندي ڪين
ڏٺو آهي. ڏيڍ سو ڊالر مهيني ۾ ٿا ملنس. آءٌ ملاح
آهيان، ۽ هو جهازن کي ٿو هلائي. مالڪ، منهنجي خيال
۾ جيڪڏهن تون جهاز هلائڻ سکين، ته ڏاڍو سٺو!“
اوتوءَ مون کي اشتياق ڏياري، نيٺ اهو ڪم سيکارايو.
منهنجي پهرئين ٻن سڙهن واري ننڍي جهاز تي هو
منهنجو نائب ڪپتان ٿي رهيو، ۽ منهنجي قيادت تي مون
کان به وڌيڪ هن کي فخر هو. ڪجهه وقت کان پوءِ چوڻ
لڳو: ”مالڪ، ڪپتان کي برابر پگهار سٺو ٿو ملي، پر
جهاز جي نگهباني ۽ سنڀال به هن کي ئي ڪرڻي ٿي پوي،
۽ انهيءَ اون کان هو ڪڏهن به فارغ ڪين ٿو رهي.
جهاز جي مالڪ کي سٺي ڪمائي ٿي ٿئي – جهاز جو مالڪ،
جيڪو شهر ۾ نوڪرن چاڪرن سان آسائش ۽ فرحت ۾ رهي،
پئسا ٺاهيندو ٿو رهي!“
”ٺيڪ آهي، پر ننڍي ۾ ننڍو جهاز به پنج هزار ڊالر ٿو
کائي – سو به پراڻو جهاز.“ مون اعتراض ڪندي چيو.
”پنج هزار ڊالر گڏ ڪرڻ ۾ منهنجي ته عمر ئي ڳري
ويندي!“
”گورن لاءِ ناڻي پيدا ڪرڻ جا ڪيترائي سولا رستا آهن.“
هن ناريل جي وڻن سان ڍڪيل ساحل ڏانهن اشارو ڪندي
چيو. ان وقت اسين ’سالومن‘ ٻيٽن تي هئاسين، ۽
’گاڊل ڪئنال‘ جي اڀرندي ڪناري تان عاج جو مال لڏي
آيا هئاسون.
”هن درياهه ۽ ٻئي درياهه جي وچ ۾ ٻه ميل فاصلو آهي،“ هو
چوڻ لڳو. ”اتان سڌي زمين ڪافي پري تائين هلي ٿي
وڃي. هينئر ان جو ڪوبه ملهه ڪونهي. آئينده سال
ڪهڙي خبر؟ يا ان کان ٻئي سال انهيءَ زمين لاءِ
ماڻهو ڪافي ناڻو آڇيندا. لنگر گاهه چڱو آهي. وڏا
آگبوٽ ويجها بيهي سگهن ٿا. ٻڍڙي سردار کي، تون ڏهه
هزار تماڪ جون ڏانڊيون، ڏهه بوتلون شراب جون، ۽
هڪڙي ٽوٽيءَ واري بندوق ڏيئي، اها زمين خريد ڪري
سگهين ٿو – ان تي ڪل خرچ سئو ڊالر مس ٿيندو. اهو
دستاويز تون ڪمشنر وٽ داخل ڪرائي، جمع ڪرائي ڇڏ.
آئينده سال، يا ان کان سال پوءِ، اها زمين وڪڻي،
تون آسانيءَ سان جهاز خريد ڪري سگهين ٿو.“
مون هن جي صلاح تي عمل ڪيو، هن جا لفظ بلڪل صحيح ثابت
ٿيا؛ البت ان ۾ ٻن جي بجاءِ ٽي سال لڳي ويا. ان
کانپوءِ، ’گاڊل‘ ڪئنال جي چراگاهي زمين وارو سودو
ڪيوسون – ويهه هزار ايڪڙ زمين، نو سو نوانوي سالن
جي سرڪاري مقاطعي تي نهايت ٿورن پئسن ۾ ملي ويئي.
مون وٽ اها زمين فقط نوي ڏينهن رهي، ۽ پوءِ هڪ
ڪمپنيءَ کي وڪڻي ڇڏيم، ۽ ان منجهان به چڱي خاصي
دولت ملي ويم. اوتو ئي هميشھ دور انديشي ڪري اهڙا
موقعا تلاش ڪندو هو. ’ڊانڪاسٽر‘ جهاز جي سودي لاءِ
به هو ئي ذميدار هو – نيلام ۾ سئو پائونڊن ۾
ورتائين، ۽ خرچ لٿي ان مان ٽي هزار پيدا ڪيائين.
هن ئي مون کي ’سوائي‘ جي ٻنين، ۽ ’اپولو‘ تي
”ڪوڪا“ (هڪ قسم جي وڻ جي ڇوڏن) جو سودو ڪرايو.
اسين اڳئين جيترو بحري سفر ڪونه ڪندا هئاسون. آءٌ ڪافي
سکيو ۽ مالدار ٿي چڪو هوس. شادي ڪيم، ۽ زندگيءَ جو
معيار به بلند ٿي ويو؛ پر اوتو ساڳيو اوتو رهيو:
پٺن تي هڪ شلنگ جي گنجي، چئن شلنگن واري پراڻي
پتلون، وات ۾ ڪاٺ جو پائيپ – سڄو ڏينهن گهر يا
آفيس ۾ پيو اچ وڃ ڪندو هو. پئسي ڏوڪڙ خرچڻ لاءِ،
ڪوشش جي باوجود، آءٌ هن کي آمده ڪري نه سگهيس. هن
جي ٿورن لاهڻ جو رستو سواءِ کيس پيار ڏيڻ جي، اسان
وٽ ٻيو ڪوبه ڪونه هو، ۽ اهو ڀرپور پيار خدا ٿو
ڄاڻي هن کي اسان وٽان هر طرح ملندو هو. ٻار ته
بنهه کيس پوڄيندا هئا؛ ۽ جيڪڏهن گهڻي پيار سبب کري
پوڻ جهڙو هجي ها، ته منهنجي زال جو پيار يقيناً هن
جو مٿو ڦيرائي ڇڏي ها.
ٻار! هن منهنجن ٻارن کي زندگيءَ جي عملي ميدان ۾ واقعي
پنهنجي پيرن تي بيهڻ سيکاريو. هن ئي هنن کي پنڌ
سيکاريو. جڏهن ٻار بيمار ٿيندا هئا، ته هي سندن
مٿان راتين جون راتيون ويٺو رهندو هو. هر هڪ ٻار
کي، اڃا هو پنڌ ڪرڻ جهڙو مس ٿيو ته ڀرواري تانگهي
ڍنڍ تي وٺي ويندو هو، ۽ اهڙي طرح سڀني ٻارن کي سٺو
تارو بنائي ڇڏيائين. مڇين جي عادتن ۽ کين ڦاسائڻ
جا اهڙا گُر هنن کي سيکاريائين، جن جي مون کي به
خبر ڪانه هئي. ”ٽام“ ستن سالن جو ٿيو ته هن کي
واڍڪو ڪم ايترو اچي ويو، جو آءٌ خواب ۾ اهڙو ڪين
ڪري سگهان. ”ميري“ ڇهن سالن جي هئي، ته اُڀي
ٽڪريءَ تان بنا ڪنهن ٿيڙ کائڻ جي تيزيءَ سان لهي
ويندي هئي - ۽ مون چڱن خاصن مضبوط ماڻهن کي انهيءَ
معاملي ۾ دل هڻندي ڏٺو آهي؛ ۽ ”فرئنڪ“ اڃا ڇهه سال
مس پورا ڪيا، ته ارڙهن ويهن فوٽن جي اونهي پاڻيءَ
منجهان ٽٻي هڻي، شلنگ جا سڪا ڪڍي ايندو هو.
”’بورا بورا‘ ۾ منهنجي قوم جا ماڻهو اسان ڪافرن کي پسند
ڪين ٿا ڪن – اهي سڀ عيسائي آهن؛ ۽ مون کي وري
’بورا بورا‘ جا عيسائي ڏٺي ڪين وڻن.“ هڪ ڏينهن هو
چوڻ لڳو. هڪ ڀيري جڏهن کيس ڪجهه پئسن خرچڻ لاءِ
آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، جيڪي سچ پچ هن جا پنهنجا
هئا، مون کيس اسان جي جهازن مان هڪڙي جهاز تي
پنهنجي ٻيٽ تان گهمي ڦري اچڻ لاءِ آڇ ڪئي، تڏهين
هن جو اهو سفر هن جي ”فضول خرچيءَ“ جو هڪ انوکو
مثال ٿي پوي ها!
مون ’اسان جي جهازن‘ جا لفظ استعمال ڪيا آهن، جيتوڻيڪ
قانوني طرح اهي صرف منهنجي ملڪيت هئا. هن کي پاڻ
سان ڀائيوار ڪرڻ لاءِ مون کي واقعي ڏاڍا مٿا مونا
هڻڻا پيا.
آخر هن چيو: .اسين ’پيٽيٽ جين‘ جي ٻڏڻ واري ڏينهن کان ڀائيوار
رهيا آهيون. پر جيڪڏهن تنهنجي دل هروڀرو ائين ٿي
گهري ته پوءِ اسين بيشڪ قانوني طرح به ڀائيوار
ٿينداسون. مون کي ڪوبه ڪم ڪار ڪونهي، ان هوندي به
منهنجو خرچ وڏو آهي: آءٌ کان پيئان گهڻو ٿو، ۽
تماڪ به گهڻو ٿو ڇڪيان – مون کي خبر آهي ته ان تي
ڪافي خرچ ٿو اچي. ’بليئرڊس‘ راند لاءِ به آءٌ پئسا
ڪونه ڀريان، جا تنهنجي ميز تي کيڏندو آهيان؛ پر
تڏهن به پئسا ته وڃن ٿا. مڇي مارڻ اميرن جو شوق ۽
وندر آهي: ڪنيون ۽ رسيون به مهانگيون آهن. هائو؛
ضروري آهي ته اسين قانوني طرح ڀائيوار ٿيون. مون
کي پئسي جي ضرورت آهي. آءٌ آفيس جي وڏي منشيءَ کان
پاڻهي پيو وٺندس.“
سڀ ڪاغذ پٽ تيار ٿي ويا. سال کن کان پوءِ وري مون کي
شڪايت ڪرڻي پئي.
مون کيس چيو، ”چارلي، تون ته ڪو وڏو ٺڳ آهين: بنهه
ڪنجوس، مرچوٽ ۽ زمين جو چچڙ آهين. هي ڏس سڄي ڌنڌي
جي نفعي ۾ تنهنجي ڀائيواريءَ جو حصو هزارين ڊالر
ٿيو آهي. وڏي منشيءَ مون کي هي ڪاغذ ڏنو آهي: ان ۾
لکيل آهي ته سڄي سال ۾ تو فقط ستاسي ڊالر، ويهه
سينٽ کنيا آهن!“
”ڪجهه بچت ٿي اٿم ڇا؟“ هو ڪجهه فڪرمند ٿي پڇڻ لڳو.
مون رڙ ڪندي جواب ڏنو، ”ڪي ئي هزار ڊالر!“
هن جو چهرو ڄڻ ته ڪنهن وڏي بوجي لهي وڃڻ ڪري ٽڙي پيو.
”ڏاڍو چڱو ٿيو،“ هو چوڻ لڳو، ”پر ڏسج متان وڏو
منشي حساب ڪتاب ٺيڪ نه رکي. جڏهن به مون کي ضرورت
پئي، ته آءٌ پاڻهي کانئس وٺندس، پر هڪڙي سينٽ جي
به کوٽ ۽ غلطي نه ٿيڻ گهرجي.“
پوءِ ٿورو ترسي منهن ڳاڙهو ڪري چوڻ لڳو، ”جيڪڏهن ڪا
پائي به کٽي، ته اها منشيءَ جي پگهار مان اڳڙڻ
کپي.“
مون کي ڪافي وقت کان پوءِ خبر پئي ته هن جي وصيت ۾،
جيڪا ’ڪاروٿرس‘ وڪيلن تيار ڪئي، هئي، ۽ آميريڪي
ايلچيءَ جي ٽجوڙيءَ ۾ محفوظ رکيل هئي، هن مون کي
پنهنجو اڪيلو وارث مقرر ڪري ڇڏيو هو.
پر نيٺ پڇاڙي آئي، جيئن هر انساني رفاقت جي نيٺ پڇاڙي
ضرور اچڻي آهي. اهو واقعو ’سالومن‘ ٻيٽن تي ٿيو،
جتي اسان جي جوانيءَ جي طوفاني ڏينهن ۾ زندگيءَ جو
سڀ کان مشڪل ڪم سرانجام ٿيو هو؛ ۽ جتي هڪ ڀيرو وري
محض تفريح لاءِ آيا هئاسين. ان سان گڏ ’فلوريڊا‘
ٻيٽ تي پنهنجي ملڪيت جي نظرداري ڪرڻ، ۽ ’مولي پاس‘
۾ موتين لڀڻ جي امڪانن کي جاچڻ جو به ارادو هو.
اسين ’ساوو‘ ٻيٽ تي ترسيل هئاسين.
’ساوو‘ موتمار ڄرڪن جو ڄڻ ته گهر هو. حبشي پنهنجي مُردن
کي سمنڊ ۾ اڇلائيندا هئا، سو انهيءَ ڪري آس پاس جي
پاڻين ۾ ڄرڪا هميشھ پيا لامارا ڏيندا هئا.
بدقمستيءَ سان، هڪ ڏينهن آءُ حد کان وڌيڪ لڏيل، هڪ
ننڍڙيءَ مقامي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي آيس، ته ٻيڙي
اُٿلي پئي، ٻيڙيءَ ۾ مون کان سواءِ چار حبشي به
چڙهيل هئا – يا ائين کڻي چئجي ته ٻيڙيءَ ۾ اڀ
کُڙيا بيٺا هئا. جهاز سئو کن والن جي مفاصلي تي
بيٺل هو. مون اتان ئي رڙ ڪري جهاز وارن کي ٻيڙي
موڪلڻ جا اشارا پئي ڏنا، ته هڪڙي حبشيءَ وٺي دانهن
ڪئي. ٻيڙيءَ جي ڪنڊ ۾ سندس هٿ پيل هئا، ۽ پنج ڇهه
ڀيرا پاڻيءَ هيٺان هن کي ۽ ٻيڙيءَ کي ڇڪ آئي. نيٺ
هن جا هٿ ڇڏائي ويا، ۽ گُم ٿي ويو. هڪڙو ڄرڪو کيس
ڳهي ويو.
باقي بچيل ٽن حبشين پاڻيءَ مان نڪري ٻيڙيءَ جي پٺيءَ تي
چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. مون گهڻيون ئي دانهون ڪيون، ۽
ويجهي بيٺل حبشيءَ کي ٻه چار مڪون به وهائي ڪڍيم،
پر وريو ڪجهه به ڪين. ٻيڙي هڪڙي جو بار به مس سهي
سگهي ها، سو ٽن جي بوجي ڪري پاسيري ٿي پيئي،۽ ٽيئي
ڄڻا اڇلجي وڃي پاڻيءَ ۾ ڪِريا.
مون ٻيڙيءَ کي ڇڏي، جهاز ڏانهن ترڻ شروع ڪيو، ۽ اميد
هيم ته جهاز تائين پهچڻ کان اڳ بچاءَ جي ٻيڙي اچي
مون کي کڻي وٺندي. هڪڙو حبشي به مون سان گڏ ترڻ
لڳو، ۽ اسين خاموشيءَ سان هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ترندا
هلياسون. ڪيڏي ڪيڏي مهل، پاڻيءَ ۾ منهن وجهي، ڄرڪن
جو خيال به ڪندا رهياسون. جيڪو ماڻهو ٻيڙيءَ سان
چهٽيو رهيو، تنهن جي دانهن مان سمجهيوسين ته هو به
ڄرڪن جي ور چڙهي ويو. مون پاڻيءَ ۾ پئي نهاريو ته
ڏٺم ته هڪ وڏو هيبتناڪ ڄرڪو بنهه منهنجي هيٺان
لنگهي ويو. سورنهن فوٽن کان به ڊگهو هو. مون سڄو
واقعو اکين سان ڏٺو: ويچاري حبشيءَ کي ڄرڪي کڻي وچ
مان ورتو، ۽ کڻي وٺي ڀڳس؛ ويچاري جو منهن، ڪلها ۽
ٻانهون سڄو وقت پاڻيءَ کان ٻاهر پئي نظر آيا، ۽ دل
کي چيريندڙ رڙيون ۽ واڪا پئي ڪيائين. سوين فوٽ
ائين ئي کڄيو پئي ويو، تان جو پاڻيءَ جي سطح هيٺ
گُم ٿي ويو.
آءٌ پوري عزم سان ترندو رهيس، - مون کي اميد هئي ته اهو
آخري ڄرڪو هو، جيڪو حبشيءَ کي کڻي ويو. پر اجهو،
ٻيو به اچي پهتو. اهو ساڳيو ڄرڪو هو، جنهن حبشين
کي ڳڙڪايو هو، يا ڪو ٻيو هو، جنهن پنهنجو شڪار ٻئي
هنڌ به ڪيو هو، تنهن جي مون کي خبر ڪانهي. ايترو
هو ته هن کي ايتري تڪڙ ڪانه هئي، جهڙي ٻين ۾ مون
ڏٺي هئي. آءٌ هاڻ تيزيءَ سان تري به نه ٿي سگهيس،
جو منهنجي ڪوشش جو وڏو حصو ته ڄرڪي تي نظر رکڻ ۾
ئي صرف ٿي ٿيو. جنهن مهل هن مون تي پهريون حملو
ڪيو، ان وقت منهنجي نظر مٿس ئي هئي. خوش قسمتيءَ
سان منهنجا ٻئي هٿ هن جي نڪ تي وڃي پيا، ۽ جيتوڻيڪ
هن جي ٿيلهي ۽ زور مون کي ڪافي هيٺ ڌڪي ڇڏيو، پر
آءٌ هن کي پاڻ کان پري رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. هن
پنهنجو رخ بدلايو، ۽ منهنجي چوڌاري ڦيرا ڏيڻ لڳو.
ٻئي ڀيري به ساڳئي نموني آءٌ پاڻ بچائي ويس. ٽئين
حملي ۾ ٻئي هڪ ٻئي کان ڌڪ گسائي وياسون. جيڏيءَ
مهل منهنجا هٿ هن جي نڪ تي پوڻ گهرجن ها، هو ڌڪ
گسائي ويو، پر سندس کهري کهري کل، منهجي هڪڙي
ٻانهن جي ٺونٺ کان ڪلهي تائين چمڙي رهڙي ڪڍي ويئي.
(مون کي بنا ٻانهن جي گنجي پيل هئي.)
آخرڪار آءٌ ٿڪجي پيس، ۽ مون بچڻ جو آسرو لاهي ڇڏيو.
منهنجو منهن پاڻيءَ اندر هو، ۽ آءٌ ڄرڪي کي نئين
ڪوشش ڪندي ڏسي رهيو هوس، ته اوچتو گهري ناسي رنگ
جو هڪ جسم اسان جي وچان اچي لنگهيو، اهو اوتو هو.
”مالڪ، جهاز ڏانهن تکو تري وڃ!“ هن چيو. هن ڪجهه اهڙي
انداز اهي لفظ چيا، ڄڻ ته سڄو واقعو هڪ چرچي جهڙي
ڳالهه هئي. چوڻ لڳو ”ڄرڪن کي آءٌ گهڻو سڃاڻان. هي
ڄرڪو ته منهنجو ڀاءٌ آهي.“
مون سندس چوڻ مڃيو، ۽ آهستھ آهستھ ترندو هليس: اوتو به
منهنجي پويان ترندو آيو، ۽ منهنجي ۽ ڄرڪي جي وچ ۾
پاڻ سندس حملن کي روڪيندو، مون کي همٿائيندو پٺيان
پئي آيو.
”هنن جهازن کي اسهڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو آهي، ۽ رسا
وغيره هيٺ لاهي ڇڏيا اٿن؛“ گهڙيءَ کان پوءِ هن
چيو، ۽ پوءِ نئين حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻيءَ
منجهه هليو ويو.
جهاز باقي ڪو ٽيهارو فوٽ وڃي رهيو هو، پر مون مان سگهه
ختم ٿي چڪي هئي. آءٌ چري به نه ٿي سگهيس. جهاز تان
اسان ڏانهن ڳرا رَسا اڇلائي وڌا هئائون، پر اسان
تائين پهچي نه سگهيا ۽ کٽيو ٿي پيا. ڄرڪي ڏٺو ته
کيس ڪو ڇيهو ڪونه ٿو رسي، سو وڌيڪ بود ۾ اچي ويو.
ڪيترا ڀيرا ذري گهٽ مون کي جهٽ وڌو هئائين، پر هر
ڀيري اوتوءَ وچ ۾ اچي عين ان گهڙيءَ تي مون کي
بچائي ٿي ورتو. بيشڪ اوتو پنهنجي پاڻ کي سولائيءَ
سان بچائي وڃي ٿي سگهيو، پر هن منهنجو ساٿ نه
ڇڏيو.
”خدا حافظ، چارلي، هاڻ منهنجو خير ڪونهي!“ اهي لفظ
منهنجي وات مان مس اڄهيا.
مون کي خبر هئي ته هاڻ پڇاڙي ويجهي هئي، ۽ گهڙيءَ کان
پوءِ منهنجا هٿ مٿي کڄي ويندا، ۽ آءٌ هيٺ هليو
ويندس.
پر اوتوءَ کلي چيو، ”آءٌ توکي هڪ نئين حرفت ٿو
ڏيکاريان. بيهه ته آءٌ ٿو هن ڄرڪي جا ڏند کٽا ڪري
ڏيکاريانءِ.“
ائين چئي هو منهنجي پٺيان پاڻيءَ اندر هليو ويو، جتي
ڄرڪو مون تي حملو ڪرڻ وارو هو.
گهڙيءَ کان پوءِ مون کي سڏ ڪري چيائين، ”ٿورو کاٻي تي
هليو وڃ. پاڻيءَ ۾ رسو اٿئي. ٿورو کٻي تي،
مالڪ........ اڃا به ٿورو کٻي تي!“
مون پنهنجو رخ بدلائي، اکيون بند ڪري جهٽ هنيو. آءٌ ان
وقت مس هوش ۾ هوس. جيئن ئي منهنجا هٿ رسي ۾ ڦٻيا،
مون مٿان جهاز تان هڪ دانهن ٻڌي. منهن ورائي ڏٺم:
اوتوءَ جو نشان به ڪونه هو. گهڙيءَ کان پوءِ
پاڻيءَ جي سطح چيري هو مٿي آيو.
ڪراين وٽان هٿ ٻئي ڪپجي ويا هئس، ۽ سندس سٿرن مان رت جون ڌارون
وهي پئي نڪتيون.
”اوتو!“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو؛ ۽ آءٌ هن جي نگاهن ۾ اهو پيار
بنهه ڏسي پئي سگهيس، جيڪو هن جي آواز ۾ لرزي رهيو
هو.
ان وقت ۽ فقط ان وقت، اسان جي سمورن سالن جي انهيءَ پڇاڙيءَ
واريءَ گهڙيءَ تي، هن مون کي ان نالي سڏيو –
”اوتو، الوداع!“
پوءِ هو هيٺ گهلجي ويو، ۽ مون کي مٿي ڇڪي ورتائون، جتي آءٌ
ڪپتان جي ٻانهن ۾ بيهوش ٿي ويس.
۽ ان طرح اوتو گذاري ويو، جنهن مون کي بچايو، ۽
جنهن مون کي انسان بنايو، ۽ جنهن پڇاڙيءَ ۾ به
منهنجي جان بچائي. اسين طوفان جي پيٽ ۾ گڏيا
هئاسون، ۽ ڄرڪي جي پيٽ ۾ جدا ٿياسون – ۽ انهيءَ وچ
۾ سترهن سالن جي رفاقت ۽ ڀائپي هئي. جنهن جهڙو
مثال، آءٌ جرات سان دعويٰ ٿو ڪريان ته ڪن به ٻن
ماڻهن – هڪڙي گوري، ۽ هڪڙي ناسي چمڙيءَ جي ماڻهن –
جي وچ ۾ هرگز ڪونه ٿيو آهي. جيڪڏهن خداوند تعاليٰ
پنهنجي بلند مقام تان هر ساهواري جي زندگيءَ ۽ موت
جي ڪارڪردگيءَ کي واقعي جانچي رهيو آهي، ته پوءِ
سندس حضور ۾ اوتو – ’بورا بورا‘ جي هڪ ’ڪافر‘ – جي
سربلندي ۽ سر افرازي، ڪنهن به صورت ۾ گهٽ مرتبي ۽
گهٽ مقام واري نه هوندي. |