سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :10

پٿر جي عظيم شڪل

از – نئٿنيل هاٿورن                  مترجم – سراج

----------

The Great Stone Face

By

Nathaniel Hawthorne


 

هڪ ڏينهن شام جو، جڏهن سج هري هري ٿي الهي رهيو هو، هڪ ماءُ ۽ هن جو ننڍڙو پٽڙو، پنهنجي ننڍڙي گهر جي دروازي وٽ ويهي، ”پٿر جي عظيم شڪل“ بابت ڳالهائي رهيا هئا. هنن جي اکين مٿي کڻڻ جي دير هئي؛ ۽ پريان ڪافي دور هجڻ جي باوجود، اها شڪل کين ائين نظر اچي رهي هئي، ڄڻ ٻاهر، بنهه ويجهڙو، ڪٿي اها بيٺي هئي! پوئين سج جا ڪرڻا سڌو ان جي منهن تي پئي، ان جي خدوخال کي تنهان ئي روشن ڪري رهيا هئا.

        اها ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڇا هئي؟

        بلند بلند پهاڙن جي گود ۾، هڪ تمام وسيع وادي هئي، جنهن ۾ هزارين انسان آباد هئا. انهن نيڪ انسانن مان ڪيترا، اُڀين ۽ مشڪل ٽاڪرو بستين ۾، ڪاٺ جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا. سندن چوڌاري هڪ گهاٽو ٻيلو ڇانيل هو. ٻين کي پنهنجا آرام ده ڳوٺاڻا گهر هئا، ۽ هو ماٿريءَ ۾ آس پاس جي لاهين ۽ سندن ميدانن جي زرخيز زمينن کي پوکيندا هئا. اڃائي ڪجهه ٻيا آسپاس جي وسندڙ ڳوٺن ۾ رهندا هئا، جتي هڪ سرڪش جابلو ندي، پنهنجي مٿانهن جبلن جي جنم آسٿان تان لهندي، ور وڪڙ کائيندي، وهندي ويندي هئي؛ ۽ جنهن کي انسانن پنهنجي ڪاريگريءَ سان مطيع ڪري، پنهنجي ڪپهه جي انجڻين کي هلائڻ تي مجبور ڪيو هو. هن واديءَ ۾ بيشمار انسان آباد هئا، جيڪي حياتيءَ جي مختلف ڌنڌن ۽ دستورن ۾ رڌل رهندا هئا. پر انهن سمورن رهواسين، ٻارن توڙي ٻڍڙن جي انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ سان هڪ قسم جي آشنائي ۽ پنهنجائپ هئي. انهن مان ڪي ماڻهو هئا، جن کي هن قدرت جي عظيم مظهر جي شناس پنهنجن ٻين پاڙيسرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهري ۽ مڪمل هئي.

        ائين کڻي چئجي ته هيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ فطرت جي شاهانه رمزيت ۽ شوخيءَ جو هڪ ڪارنامو هئي، جيڪا هڪ جبل جي عمودي پاسي تي، ڪن بيحد ڀاري ڇپن منجهان ٺهي پيئي هئي. اهي ڇپون ڪجهه اهڙي انداز سان اڇلجي، سهيڙجي پيون هيون، جو ڪجهه فاصلي تان ڏسڻ سان منجهانئن بلڪل ڪنهن انسان جا مهانڊا ٿي معلوم ٿيا – ائين معلوم ٿي ٿيو، ڄڻ ڪنهن عظيم ديو يا يوناني ديوتا جبل ۾ پنهنجي شبيهه تراشي ڇڏي هئي: سو کن فوٽ اوچي، پيشانيءَ جي محرابي بيهڪ، ڊگهيءَ ڪناريءَ سان نڪ، ۽ ويڪرا چپ – جيڪي هوند ڪڏهن ڳالهائي سگهن ها، ته سندن لفظن جي گجگوڙ واديءَ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ٿيڙ کائيندي سموريءَ فضا کي هوند ٻُرائي ۽ لرزائي ڇڏي ها. البت، ماڻهو جيڪڏهن ان جي بنهه ويجهو هليو ٿي ويو، ته انهيءَ ديو جهڙيءَ صورت جو خاڪو هن جي نظر کان گم ٿي ٿي ويو، ۽ هن کي فقط بي انداز ڀاري ۽ بي ڊولين ڇپن جو هڪ ڍير نظر ٿي آيو، جيڪي هڪ ٻئي جي مٿان عجيب بي هنگم نموني ۾ سٿيون پيون هيون. ڪجهه قدم پٺتي هٽي وڃڻ سان، وري اهي حيرت انگيز مهانڊا نظر اچڻ ٿي لڳا؛ ۽ جيترو ماڻهو پوئتي هٽندو ٿي پئي ويو، اوترو اهي مهانڊا وڌيڪ واضح ٿيندا، انساني چهري جهڙا ٿيندا ٿي ويا، جن ۾ اها ساڳي انفراديت ڏيا ۽ الوهيت موٽي ظاهر ٿيندي پئي ويئي: جيئن جيئن فاصلو وڌندو ٿي ويو، آسپاس جبلن جي مٿان ڪڪرن ۽ سونهري ڪوهيرن ۾ اها شڪل نيٺ جهڪي ٿيندي ٿي ويئي – تان جو ان جو مهيب تصور ئي ڏسندڙ جي ذهن ۾ وڃي ٿي باقي بچيو: اُتان جي بيشمار رهواسين کي اها ”پٿر جي عظيم شڪل“ سچ پچ جئري جاڳندي ۽ پاڻ وانگر هڪ زنده حقيقت ٿي معلوم ٿي.

        واديءَ جي ٻارن جي اها خوش قسمتي هئي، جو اهي انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ کي پنهنجي اکين سان ڏسندي ڏسندي وڌندا ۽ وڏا ٿيندا ٿي رهيا، ۽ نيٺ وڃي بلوغت ۽ پڪيءَ عمر جي درجي کي ٿي پهتا؛ ڇاڪاڻ ته انهن پرشڪوهه مهانڊن ۾ نيڪي ۽ عظمت نمايان هئي؛ ۽ انهيءَ چهري جي ڪيفيت اهڙي ته عظيم الشان ۽ دلاويز هئي، جو ائين ٿي معلوم ٿيو – ڄڻ اها هڪ وسيع ۽ محبتي دل جي چمڪ هئي، جنهن سڄي انسان ذات کي پنهنجي شفقت جي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو هو، ۽ منجهس اڃا به وڌيڪ انسانن جي سمائجڻ جي گنجائش موجود هئي. ان ڏانهن ٺلهو نهارڻ به هڪ قسم جي تعليم هئي. ڪيترن ماڻهن جو ته اهو عقيدو هو ته سندن واديءَ جي زرخيزي انهيءَ مبارڪ صورت جي ئي طفيل هئي، جنهن سدائين ان جي مٿان چمڪي، اونداهن ڪڪرن کي به روشن ٿي ڪيو، ۽ جنهن ساڙيندڙ اس جي آڏو اچي ان ۾ به نرمي ڀري ٿي ڇڏي.

        خير، اسان ڪهاڻي اتان شروع ڪئي هئي ته هڪ ماءُ ۽ سندس پٽڙو پنهنجي گهر جي چائنٽ وٽ ويهي، انهيءَ عظيم صورت ڏانهن گهوري رهيا هئا، ۽ ان بابت گفتگو ڪري رهيا هئا. نينگر جو نالو هو ”ارنسيٽ.“

        ”اما،“ ڇوڪرو چوڻ لڳو، ۽ ان وقت هن جي مٿان اها ديوتائن جهڙي شڪل مرڪي رهي هئي – ”اها صورت جي ڳالهائي سگهي، ته هوند ڇا ٿئي؟ پريان اِها اهڙي ته مهربان ٿي نظر اچي، جو ان جو آواز به ضرور وڻندڙ هوندو. جيڪڏهن مون کي ههڙن مهانڊن سان ڪو ماڻهو نظر اچي، ته هوند آءُ هن کي ڏاڍو پيار ڪريان.“ ماءُ جواب ڏنو، ”پٽ، هڪ پراڻي پيشنگوئي جيڪڏهن سچي نڪري پوي، ته پوءِ ڪڏهن نه ڪڏهن اسان وٽ هوبهو انهن مهانڊن جو ماڻهو ضرور پيدا ٿيندو!“

        ”مٺڙي امڙ، ڪهڙي پيشنگوئي؟“ ارنسيٽ اشتياق منجهان پڇيو. ”ڀلائي ڪري ٻڌائينم ته سهي!“

        ماڻس هن کي هڪ ڪهاڻي ٻڌائي، جيڪا هن پاڻ، جڏهن هوءَ ارنسيٽ جي عمر جي هئي، تڏهن پنهنجي ماءُ کان ٻڌي هئي؛ هڪ اهڙي ڪهاڻي – جا گذريل ڳالهين جي نه، پر جيڪي آئينده ٿيڻو هو، ان جي ڪهاڻي هئي؛ ۽ اها ڪهاڻي ايتري ته قديم هئي، جو خود سرخ هندستاني، جيڪي اڳ انهيءَ واديءَ ۾ رهندا هئا، تن به پنهنجن ابن ڏاڏن کان اها ٻڌي هئي، ۽ جن کي وري اها ڪهاڻي پهاڙي ندين جي سرگوشين ۽ وڻن جي بلند چوٽين تي لڳندڙ هوا جي ڀڻڪن منجهان معلوم ٿي هئي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جو مطلب اهو هو ته مستقبل ۾ ڪنهن ڏينهن ان واديءَ ۾ هڪ اهڙو ٻار پيدا ٿيندو، جيڪو پنهنجي زماني جو عظيم ترين ۽ نيڪ ترين شخص بنبو، ۽ جنهن جي شڪل، جوانيءَ ۾ هوبهو انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جهڙي هوندي. ڪيترن ئي پراڻي طور طريقي جي ماڻهن ۽ جوانن جو، پنهنجي اميدن جي جذبي هيٺ، انهيءَ پيشنگوئيءَ ۾ پڪو عقيدو، ۽ پورو يقين ٿي ويو هو. پر ڪيترا اهڙا به هئا، جن زماني ۾ ڪجهه وڌيڪ ڏٺو وائٺو هو ۽ جيڪي نهاري نهاري آخر ٿڪجي پيا، پر کين اهڙو ماڻهو ڪٿي به نظر نه آيو؛ نڪي ڪو اهڙو ماڻهو ئي ڏٺائون، جيڪو پنهنجي پاڙيسرين کان ڪو گهڻو مرتبي وارو يا نيڪ ثابت ٿيو هجي: اهي شخص نيٺ انهيءَ نتيجي تي پهتا هئا، ته اهو محض هڪڙو من گهڙت قصو هو. بهرحال، پيشنگوئيءَ وارو عظيم شخص اڃا تائين ان سرزمين تي ظاهر ڪين ٿيو هو.

        ”مٺڙي امڙ، آءٌ پنهنجي حياتيءَ ۾ اهو شخص ضرور ڏسندس!“ ارنيسٽ ٻاراڻي جذبي کان پنهنجي مٿي تي هٿڙا ڦيريندي چيو. سندس ماءُ ڏاڍي مهربان ۽ سمجهدار عورت هئي، ۽ هن محسوس ڪيو ته هن ننڍڙي ٻارڙي جي اميدن جي همت شڪني نه ڪرڻ ئي سياڻپ ڀري ڳالهه هئي. سو سندس شل دل وٺندي، کيس ايترو جواب ڏنائين، ”هائو پٽ، شايد تون کيس ڏسي سگهين!“

        ارنيسٽ کي ماءُ کان ٻڌل ڪهاڻي هرگز ڪين وسري. جڏهن به هو ”پٿر جي شڪل“ ڏانهن نهاريندو هو، تڏهن سندس دل ۾ هميشھ اها ڪهاڻي تازي ٿيندي هئي. هن پنهنجو ٻالڪپڻ انهيءَ جهوپڙيءَ ۾ گذاريو، جت ڄائو هو. پنهنجي ماءُ جو نهايت فرمانبردار ۽ سهابت ڀريو پٽ هو، ۽ پنهنجي ننڍڙن هٿڙن ۽ محبت ڀريءَ دل سان ماءُ جي مدد ڪندو رهندو هو. انهيءَ نموني هڪ مسرور پر فڪرمند ٻار مان وڌي، هڪ نرم مزاج، ماٺيڻو، ۽ صلح پسند نينگر بنجي پيو. ٻنين ۾ پورهيو ڪرڻ ڪري رنگ ٿورو سانورو ٿي ويو هوس. پر چهري تي ذهانت جي هڪ اهڙي چمڪ هوندي هيس، جا وڏن وڏن مشهور اسڪولن ۾ تعليم وٺندڙ شاگردن ۾ به خبر ڪا هوندي آهي. ارنيسٽ کي ته ڪوبه تعليم ڏيڻ وارو هو ئي ڪونه، سواءِ انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي جيڪا هن جو دائمي استاد بنجي پئي هئي. جڏهن ڏينهن جو پورهيو ختم ٿيندو هو، تڏهن هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو انهيءَ ڏانهن گهوريندو هو، تان جو هن ۾ اهو احساس پيدا ٿيڻ لڳو ته انهن وسيع مهانڊن واريءَ صورت هن کي سڃاتو ٿي، ۽ هن جي عزت ۽ احترام ڀريءَ نگاهه جي موٽ ۾ انهيءَ صورت کيس شفقت ۽ همت افزائيءَ سان ڀرپور هڪ مرڪ ٿي ڏني. جيتوڻيڪ حقيقت ۾ انهيءَ شڪل ارنيسٽ کي ڪو آسپاس جي دنيا جي ڀيٽ ۾ مختلف نظرن سان ڪين ٿي ڏٺو، نه ڪي اها شڪل ڪا ارنيسٽ تي وڌيڪ مهربان ٿي نظر آئي؛ پر انهيءَ جو اسرار هي هو ته هن نينگر جي نازڪ ۽ اعتماد سان ڀرپور سادگيءَ ان ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو، سو ٻيا ماڻهو نه ڏسي سگهيا، ۽ ان طرح محبت جي نعمت، جيڪا سڀني لاءِ ساڳي آهي، سا سموري هن جي شخصيت جو خاص حصو بنجي ويئي.

        ان وقت ڌاري، واديءَ ۾ اهو افواهه هُلڻ لڳو ته صدين جي پيشنگوئيءَ وارو اهو عظيم شخص، جنهن جا مهاندا انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ سان هوبهو مشابهه هئا، سو آخرڪار ظاهر ٿيو آهي. ائين معلوم ٿي ٿيو ته ڪافي ورهيه اڳ هڪڙو ماڻهو انهيءَ واديءَ مان لڏي هڪ دور دراز سامونڊي بندر تي وڃي رهڻ لڳو هو، جتي ٿورا ڏوڪڙ گڏ ڪري، هڪڙو ننڍڙو دڪان کولي ويٺو هو. سندس نالو هو ”گئدر گولڊ“ (سون سميٽو)، پر اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهو سندس سچو پچو نالو هو، يا سندس عادتن ۽ زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيءَ جي ڪري مٿس اهو نالو پئجي ويو هو. ڏاڍو چالاڪ ۽ اورچ ماڻهو هوندو هو؛ ۽ خدا به کيس اها حيرت انگيز لياقت بخشي هئي، جيڪا وڌي وڌي اها ڪجهه بنجي پئي، جنهن کي دنيا ڀاڳ سڏي ٿي: انهن ڳالهين جي ڪري هو هڪ نهايت دولتمند واپاري، ۽ ڪيترن ئي ڳرن جهازن جي هڪ وڏي آرماڙ جو مالڪ بنجي پيو هو. ائين ٿي معلوم ٿيو ته دنيا جي سڀني ملڪن گڏجي رڳو هن شخص جي بي انداز دولت کي ئي پئي وڌايو: آرڪٽڪ گهيري جي پاڇولي ۾ جيڪي به اتر جا ٿڌا علائقا هئا، سي هن ڏانهن پنهنجا نذرانا پشم ۽ سنجاب و سمور جي صورت ۾ موڪليندا هئا؛ گرم آفريڪا پنهنجي دريائن جي سوني مٽي هن لاءِ ٿي گڏ ڪئي، ۽ پنهنجي ٻيلن مان هاٿين جا ڏند هن لاءِ ٿي ڪٺا ڪيا، ايشيا هن لاءِ پنهنجي قيمتي شالن، مصالحه، چانهه، هيرن جي چمڪ دمڪ، ۽ بي بها موتين جي روشن پاڪيزگي ٿي آندي؛ سمنڊ به زمين جي ريس ۾ هن لاءِ پنهنجي ’ويل‘ مڇي ٿي پيش ڪئي، ته جيئن مسٽر گئدر گولڊ ان جو تيل وڪڻي دولت ڪمائي. اصل شي ڪهڙي به هجي. پر هن جي هٿن ۾ آئي، اها هڪدم سون ٿيو ٿي پئي. هن لاءِ، آکاڻيءَ واري ’مئڊاس‘ بادشاهه وانگر ائين کڻي چئجي ته جنهن به شي کي هن هٿ ٿي لاتو، سا چمڪندي، زرد رنگ اختيار ڪندي، سون ۾،- يا جا ڳالهه هن لاءِ وڌيڪ سهوليت ڀري هئي -، سونن سِڪن جي انبار ۾ تبديل ٿي ٿي پئي. ۽ جڏهن مسٽر گئدر گولڊ ايترو شاهوڪار ٿي ويو، جو هوند پنهنجي دولت ڳڻڻ ويهي، ته به جيڪر سو ورهيه لڳي وڃنس، تڏهن کيس اصلوڪي وادي ياد پئي، ۽ اهو پڪو ارادو ڪيائين ته اوڏانهن موٽي پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن اتي پورا ڪري، جتي هو ڄائو نپنو هو. انهيءَ مقصد کي خيال ۾ رکي، هن هڪ نهايت هوشيار معمار موڪليو ته واديءَ ۾ هن لاءِ اهڙو محل تيار ڪري، جيڪو هن جهڙي دولتمند ماڻهوءَ جي شان وٽان هجي.

        جيئن مٿي چئي آيا آهيون، اتي اڳي ئي اهي افواهه هُليل هئا ته مسٽر گئدر گولڊ پيشنگوئيءَ واري اها ساڳي شخصيت آهي، جنهن لاءِ ماڻهو ايترو سارو وقت اجايو انتظار ڪندا رهيا هئا؛ ۽ هن جا مهانڊا مڪمل طرح ۽ هوبهو ”پٿر جي عظيم شڪل“ جهڙا هئا. ماڻهن جڏهن سندس پيءَ جي غريباڻي ٽٽل ڦٽل گهر جي جاءِ تي اهڙو عظيم الشان محلات تعمير ٿيندو ڏٺو، جو ڄڻ ته جادوءَ منجهان تيار ٿيندو پئي ويو، تڏهن ته هيڪاري هنن کي پڪ ٿيندي ويئي ته اها ڳالهه ضرور سچي هئي. ٻاهريون حصو اهڙي ته چمڪندڙ سفيد سنگ مرمر جو ٺهيل هو، جو ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ سڄو محلات اجهو ٿو برف جي گهرڙن وانگر ڳري وگهري وڃي – بلڪل اهڙن گهرڙن وانگر، جيڪي هر شي کي سون ۾ مٽائڻ جي اٽڪل سکڻ کان اڳ، مسٽر گئدر گولڊ ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي هٿن سان وسندڙ برف منجهان ٺاهيندو هو. ان محلات ۾ اڳيان هڪ خوبصورتيءَ سان جڙيل ڏيڍي هئي، جا بلند بلند ستونن تي بيٺل هئي. ان جي هيٺان وري هڪ بلند دروازو هو، جنهن ۾ چانديءَ جا ڪڙا ڪنڍا لڳل هئا، ۽ جيڪو اهڙي قيمتي ڪاٺ جو ٺهيل هو، جيڪو ست سمنڊ پار وارن ملڪن کان آيو هو. هر شاهاڻي ڪمري ۾ فرش کان وٺي ڇت تائين هر هڪ دري هڪ تمام وڏي يڪي شيشي جي چادر منجهان ٺهيل هئي، ۽ اهو شيشو اهڙو ته شفاف هو، جو چيو ٿي ويو ته خود کليل روشنيءَ کان به وڌيڪ نفيس ۽ صاف هو. ان محل جي اندرئين حصي کي ڏسڻ جي ڪنهن کي به اجازت ڪانه هئي؛ پر ماڻهن ٿي چيو - ۽ ان ۾ ڪافي سچ ٿي ڀاسيو – ته اندريون حصو ٻاهرئين حصي کان به وڌيڪ رونقدار ۽ دلاويز هو؛ ۽ ٻين گهرن ۾ جتي لوهه يا پتل ڪم ايندو آهي، هن محل ۾ انهن جاين تي چاندي ۽ سون لڳل هئا: ۽ خاص ڪري مسٽر گئدر گولڊ جي سمهڻ وارو ڪمرو ته ايترو ٿي ٻهڪيو، جو رواجي انسان ته اتي پنهنجون اکيون بند ئي نه ٿي ڪري سگهيو. ٻئي طرف، مسٽر گئدر گولڊ پنهنجي دولت کي ڏسڻ جو ايترو ته عادي ٿي ويو هو، جو سمهڻ وقت شايد تيسين هو پنهنجون اکيون بند ئي ڪري نه سگهندو هو، جيسين ان جي چمڪ بنهه سندس اکين جي پردن هيٺان نه پهچندي هئي.

        نيٺ اهو محل تيار ٿي ويو؛ ان کان پوءِ عاليشان قسم جو ساز و سامان آڻي محل کي سينگاريو ويو. ان کان پوءِ گورن ۽ ڪارن نوڪرن جي هڪ قطار به اچي پهتي. مسٽر گئدر گولڊ جا نقيب به اچي پهتا هئا. آخر هڪڙي ڏينهن مسٽر گئدر گولڊ، بنفس نفيس، پنهنجي شاهاڻي شان سان، سج لٿي مهل اتي پهچي رهيو هو. اسان جي دوست ارنيسٽ جي دل ۾ انهيءَ خيال هڪ عجيب طوفان مچائي ڏنو هو ته آخرڪار، صدين جي انتظار کان پوءِ، سندن واديءَ ۾ پيشنگوئيءَ وارو اهو عظيم شخص، اهو نيڪ مرد، عنقريب ظهور ۾ اچڻ وارو هو. پنهنجي ننڍيءَ عمر جي عقل سارو هن کي اهو خيال ٿيو ته مسٽر گئدر گولڊ ڪيترن ئي طريقن سان پنهنجي بي انداز دولت جي طفيل پنهنجي پاڻ کي نيڪيءَ ۽ ڪرم جو فرشتو بنائي ٿي سگهيو، ۽ انساني معاملن تي ايترو وسيع ۽ شفقت ڀريو ضابطو حاصل ڪري ٿي سگهيو، جيتري وسعت ۽ شفقت ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي مرڪ ۾ هئي. انهيءَ اميد ۽ ايمان سان ڀرپور هجڻ ڪري، جيڪي دنيا پئي چيو. ارنيسٽ کي ان جي صداقت ۾ ڪنهن به قسم جو گمان ڪونه هو؛ ۽ هاڻ رڳو هن کي جبل وارن عظيم ۽ حيرت انگيز مهانڊن جي مشابهت جو ديدار ڪرڻو هو. هو اڃا تائين واديءَ جي جبلن ڏانهن ڏسي رهيو هو، ۽ ”پٿر جي عظيم شڪل“ هميشھ جيان موٽ ۾ هن ڏي شفقت ۽ مهربانيءَ سان گهوري رهي هئي. ايتري ۾ ورن وڪڙن واري رستي تي ڪنهن گاڏيءَ جي ڦيٿن جي هلڻ جو آواز ٿيو.

        ”اجهو، اچي ويو؛ اجهو، اچي ويو!“ ماڻهن جي هڪ ٽولي دانهن ڪئي. اهي سمورا ماڻهو هن جي آجيان ڪرڻ لاءِ آيل هئا. ”ڏسو، ڏسو؛ عظيم انسان مسٽر گئدر گولڊ، اچي ويو!“

        چئن گهوڙن سان هڪ گاڏي، رستي جي موڙ وٽان تيزيءَ سان ڦرڻ لڳي. انهيءَ گاڏيءَ اندر، دريءَ کان ڪجهه ٻاهر نڪتل هڪڙي ٻڍڙي جا مهانڊا ظاهر ٿيا، جنهن جي چمڙي ايتري ته خشڪ ۽ زرد هئي، ڄڻ ته خود پنهنجي مئڊاس بادشاهه جهڙن هٿن سان پنهنجي چمڙيءَ کي به سونو ڪري ڇڏيو هئائين: سوڙهي پيشاني، ننڍڙيون شوخ اکيون، جن جي چوڌاري بي انداز گهنج پئجي ويا هئا، ۽ تمام سنها چپ، جيڪي هن جي زور سان ڀيڙڻ ڪري وڌيڪ سنها ٿي ويا هئا – اهو هو مسٽر گئدر گولڊ.

        ”واقعي، ’پٿر جي عظيم شڪل‘ جو  هوبهو عڪس آهي!“ ماڻهن دانهن ڪئي. ”نيٺ اها پيشنگوئي سچي ثابت ٿي ۽ آخر اهو عظيم شخص اسان وٽ پهچي ويو!“

        ۽ جنهن ڳالهه ارنيسٽ کي بنهه منجهائي وڌو، تنهن ڳالهه لاءِ ماڻهن کي ڄڻ ته پورو پورو يقين اچي ويو هو ته واقعي هن ۾ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي مشابهت آهي. رستي جي هڪ پاسي ڇنل ڦاٽل ڪپڙن ۾ هڪ ٻڍڙي بکارڻ پنهنجي ٻن ننڍڙن ٻارڙن سان بيٺي هئي؛ شايد ڪنهن دور دراز هنڌ تان هو ڀٽڪندا ڀٽڪندا هت اچي پهتا هئا. جيئن ئي گاڏي اڳتي وڌي، هنن پنهنجا هٿ کڻي اڳتي واڌيا، ۽ نهايت نماڻي ۽ رحم جوڳي آواز سان خيرات لاءِ سوال ڪيائون. هڪ زرد ۽ پيلي رنگ جي مٺ – جنهن ساڳيءَ مٺ ايتري ساري دولت ڪٺي ڪئي هئي – گاڏيءَ جي دريءَ کان ٻاهر نڪتي، ۽ ڪجهه ٽامي جا سڪا کڻي زمين تي اڇلايائين. هن عظيم شخص جو نالو ته مسٽر گئدر گولڊ (سون سميٽو) هو، پر ان ڪنجوسيءَ تي هوند سندس نالو مسٽر سڪئٽر ڪاپر (ٽامي ڇَڙڪو) رکجي ته به ٺهي اچي. پر، ان جي باوجود، ماڻهو ساڳئي يقين ۽ بلند آواز سان اهو ئي پڪاريندا رهيا –

        ”اچي ويو، ’پٿر جي عظيم شڪل‘ وارو انسان؛ هوبهو ان جو عڪس – بنهه اهو ساڳيو!“

        پر ارنيسٽ، نهايت ڏکويل جذبات سان، انهيءَ گهنجن پيل بخيل چهري تان پنهنجو نظرون ڦيرائي، واديءَ جي وسعتن ۽ ان جي عظيم پهاڙن جي بلندين ڏانهن ڏٺو، ۽ وڌندڙ ڪوهيرن وچان، سج جي آخري ڪرڻن جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ هو انهيءَ تابناڪ چهري کي گهورڻ لڳو، جنهن سان زندگي سندس روح کي ايڏو متاثر ڪيو هو. انهيءَ چهري جي هر خدو خال ۾ هن جي لاءِ شفقت ۽ همت افزائي هئي. اهي شفقت سان ڀريل چپ ڄڻ ته کيس اهو پيغام پهچائي رهيا هئا.......

        ”هو ضرور ايندو. ارنيسٽ، تون ڳڻتي نه ڪر، اهو انسان ضرور ايندو!“

        سال گذرندا ويا، ۽ ارنيسٽ به ڇوڪري مان هڪ جوان مرد ٿي پيو. واديءَ جا باشندا هن ڏانهن گهڻو توجهه نه ڏيندا هئا، ڇو ته هنن سندس زندگيءَ ۾ ڪابه غير معمولي چيز ڪانه ٿي ڏٺي، سواءِ انهيءَ جي ته جڏهن ڏينهن جو پورهيو ختم ٿيندو هو، تڏهن هو پاسيرو وڃي ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن گهوريندو، ۽ ويچاريندو رهندو هو. ماڻهن ليکي، اها هن جي بيوقوفي هئي، پر کين سندس انهيءَ عادت کي نظرانداز ڪرڻوئي پوندو هو، ڇاڪاڻ ته ارنيسٽ نهايت محنتي، مهربان ۽ سٺو پاڙيسري هو، ۽ انهيءَ بيڪار مشغلي ۽ عادت جي ڪري هو پنهنجي ڪنهن به ضروري فرض کان غفلت ڪين ڪندو هو. هنن کي اها خبر نه هئي ته ”پٿر جي عظيم شڪل“ هن لاءِ روحاني استاد بنجي چڪي هئي، ۽ انهيءَ شڪل ۾ جيڪي جذبات نمايان هئا، تن هن جي قلب کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وسيع ۽ اونهين همدردين سان ڀرپور ڪري ڇڏيو هو. هنن کي اها خبر ڪانه هئي ته انهيءَ منجهان هن کي ڪتابن جي ڀيٽ ۾ بهتر فهم ۽ بهتر علم نصيب ٿيندو، ۽ هن جي زندگي ٻين جي زندگين جي بدنما مثال کان بدر جها بهتر نموني ۾ تڪميل پائيندي. خود ارنيسٽ کي به اها خبر ڪانه هئي ته جيڪي خيال ۽ تاثرات هن ۾ ٻاهر ٻنين تي يا گهر ۾ آتشدان جي ڀرسان يا ٻئي ڪنهن هنڌ پنهنجي پاڻ سان همڪلام ٿيڻ سان پيدا ٿي رهيا هئا، سي ٻين سمورن ماڻهن جي خيالن کان گهڻو بهتر، پاڪيزه ۽ بلند هئا. ڪيترو نه ساده لوح انسان هو – ايترو ساده لوح، جو جڏهن ماءُ پهرين پهرين هن کي قديم پيشنگوئي ٻڌائي هئي، تڏهن کان وٺي هو انهيءَ عظيم الشان صورت کي پنهنجي روشنيءَ سان واديءَ کي منور ڪندو ڏسي حيرت ۾ هوندو هو ته آخر ان جي هم شڪل انسان ظاهر ٿيڻ ۾ ايتري دير ڇو لاتي هئي!

        وقت گذرندو رهيو: ان وچ ۾ ويچارو مسٽر گئدر گولڊ به وڃي قبر ڀيڙو ٿيو؛ ۽ سڀ کان عجيب ڳالهه اها هئي ته سندس دولت جنهن ۾ هن جو ساهه هو – بلڪ جيڪا خود هن جو ساهه هئي – سابه سندس موت کان اڳ ختم ٿي چڪي هئي، ۽ هن محدود ۽ مختصر انسان ۾ سواءِ گهنجن پيل زرد زرد چمڙيءَ سان ڍڪيل جسم جي ٻيو ڪجهه به باقي نه رهيو هو. جڏهن کان هن جا خزانا کپي کاڄي ويا هئا، تڏهن کان ماڻهو به تسليم ڪرڻ لڳا ته واقعي جبل واري عظيم شڪل، ۽ هن زبون ۽ تباهه ٿي ويل واپاريءَ جي فرسوده مهانڊن ۾ ڪابه قابل توجه مشابهت ڪانه هئي. ان ڪري سندس حياتيءَ ۾ ئي ماڻهن کيس اهو اڳيون مان ۽ عزت ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو، ۽ سندس موت کان پوءِ ته کيس بنهه ئي وساري  ڇڏيائون. البت اهو صحيح آهي ته ٻارهين ڇهين مهيني جڏهن هن جي ٺهرايل عاليشان محل جي ڳالهه نڪرندي هئي، تڏهن گهڙيءَ لاءِ ماڻهو هن کي به ياد ڪندا هئا. انهيءَ محل کي هاڻي اجنبي مسافرن جي رهڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ کڻي تبديل ڪيو هئائون، جتي هر اونهاري جي مند ۾ هزارين ماڻهو فطرت جي انهيءَ عجائب، يعني ”پٿر جي عظيم شڪل“ جو ديدار ڪرڻ لاءِ اچي سهڙندا هئا. جڏهن مسٽر گئدر گولڊ ائين بي مانو ٿي ماڻهن کان وسري ويو، تڏهن وري هو پيشنگوئيءَ واري عظيم انسان جو انتظار ڪرڻ لڳا.

        ڪئين سال اڳ انهيءَ واديءَ جو هڪ مقامي جوان فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو هو، ۽ ڪافي جنگين ۾ جانبازيءَ سان لڙڻ کان پوءِ، هو فوج جو هڪ ناميارو ڪمانڊر بنجي ويو هو. تاريخ ۾ هن کي کڻي ڇابه سڏين، پر فوجي ڇانوڻين ۽ جنگ جي ميدان ۾ هن کي ”شير دل سپاهيءَ“ جي نالي سان سڏيندا هئا. جنگ جو سٽيل هي سپاهي، وڏيءَ عمر ۽ موتمار زخمن جي ڪري اپاهج ۽ محتاج ٿي پيو هو، ۽ فوجي زندگيءَ جي سختين، ۽ بيوگل ۽ دف جي آوازن کان ورچي، جيڪي سدائين هن جي ڪنن ۾ پيا ٻُرندا هئا، هن نيٺ ارادو ڪيو ته پنهنجي وطن جي واديءَ ڏانهن موٽي، زندگيءَ جا باقي ڏينهن ڪجهه آرام ۽ فرحت سان اُتي وڃي گذاري. واديءَ جي باشندن – سندس پراڻن ساٿين، ۽ ان جي اولاد – هن جنگي جوڌي جي آجيان ڪرڻ لاءِ توبن جي سلاميءَ ۽ عوام طرفان هڪ دعوت جي اهتمام جو پڪو ارادو ڪيو. جڏهن کين اها خبر پئي ته انهيءَ سپاهيءَ ۾ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي مشابهت به هئي، تڏهن ته سندن شوق ۽ جوش تنهان ئي وڌي ويو. ايتريقدر، جو انهيءَ فوجي ڪمانڊر جا پراڻا ساٿي ۽ واقفڪار سنهن قسم کڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويا ته سندن يادگيريءَ موجب، جڏهن اهو جنرل اڃا ٻار هو، تڏهن به سندس مهانڊا انهيءَ عظيم شاهاڻي شڪل سان لڳي ٿي آيا، پر ان وقت کين ان حقيقت جو خيال ئي نه آيو هو. انهيءَ ڪري سموريءَ واديءَ ۾ ڏاڍو اشتياق ۽ جوش ڦهلجي ويو، ۽ ڪيترا ماڻهو، جن انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن سالن جا سال نهاريو به ڪين هو، سي به هاڻ سڄو سڄو ڏينهن انهيءَ کي گهوريندا رهندا هئا ته ڏسن ”شير دل سپاهيءَ“ جا مهانڊا ڪيتري قدر ان سان لڳي ٿي آيا.

        انهيءَ جشن واري ڏينهن، ارنيسٽ به واديءَ جي ٻين ماڻهن سان گڏ، پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، انهيءَ هنڌ تي پهتو، جتي عاليشان تقريب جو اهتمام ڪيو ويو هو. جڏهن هو اُتي پهتو، تڏهن ”ڊاڪٽر بئٽل بلاسٽ“ (اعلانِ جنگ) نالي پادريءَ موقعي جي لحاظ کان حاضرينن لاءِ جيڪي چڱيون شيون سندن ذهن ۾ هيون، تن جي سڪار لاءِ مناسب دعائون گهريون، ۽ پوءِ سڀني گڏجي هن امن جي شيدائي ڪمانڊر جي عمر درازيءَ ۽ خيريت لاءِ پڻ دعا گهري.

        ٻيلي ۾ هڪ هنڌ تي جهنگ جهر صاف ڪري، هڪ گهيري ۾ ميزون رکيون ويون هيون، جن جي چوڌاري ڊگها ڊگها وڻ بيٺل هئا، پر فقط اڀرندي طرف ٿورو حصو اهڙيءَ طرح کليل هو، جتان ”پٿر جي عظيم شڪل“ بلڪل صاف نظر اچي ٿي سگهي. جنرل جي ڪرسيءَ مٿان – جيڪا ڪرسي جارچ واشنگٽن جي گهر جي هڪ يادگار ڪرسي هئي – گلن ڦلن سان سينگاريل هڪ محراب ٺاهيو ويو هو، جنهن جي وچ ۾ گلن جو هڪ ڇٽ نهايت خوبصورتيءَ سان ٽنگيل هو. ان جي مٿان وري ملڪ جو جهنڊو چڙهيل هو، جنهن جي سايي هيٺ هِن فوجي ڪمانڊر ڪيترائي ڀيرا جنگين ۾ فتح ۽ ڪامراني حاصل ڪئي هئي. اسان جو دوست، ارنيسٽ، هن نامياري مهمان جي چهري جي هڪ جهلڪ ڏسڻ خاطر پٻن تي ٿي بيٺو، پر مهمان جي اڳيان پيل ميزن وٽ، تقريرن ۽ جنرل جي واتان جواب ۾ ٻه ٽي لفظ ٻڌڻ لاءِ، ماڻهن جو هڪ وڏو انبوهه جمع هو؛ تنهن کان سواءِ محافظ رضاڪارن جو هڪ جٿو سنگينون کڻيو بيٺو هو، ۽ خاص ڪري جنهن ماڻهوءَ کي نمايان طور خاموش بيٺل ٿي ڏٺائون، ان کي پنهنجي سنگينن سان بنهه پوئتي هٽائي ٿي ڇڏيائون. ان ٿيلهه ٿيلهان ۾، ارنيسٽ پنهنجي ماٺيڻي طبيعت جي ڪري بنهه پٺيان پس منظر ۾ ڌڪجي ويو، ۽ اتان هو ٻڍڙي جنرل ”شير دل“ جي شڪل شبيهه ڏسي ڪين سگهيو. پنهنجي پاڻ کي آٿت ڏيڻ ڪاڻ، هن نگاهون ڦيري ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن نهاريو، جا هڪ وفادار ۽ تاعمر دوست جيان، موٽ ۾ ٻيلي جي کليل حصي مان هن ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي. ان دوران ۾، ارنيسٽ آيل ماڻهن جون ڳالهيون به ٻڌي رهيو هو، جيڪي هن سورمي جي شبيهه ۽ ”پٿر جي عظيم شڪل“ کي ڀيٽي رهيا هئا.

        هڪڙو ماڻهو خوشيءَ مان اڇلون ڏيئي چئي رهيو هو:  ”بنهه ساڳي هوبهو ساڳي شڪل اٿس: وار جو به تفاوت ڪونهي!“ ٻئي جواب ۾ چيو: ”بيشڪ، سچ ٿو چئين. حيرت آهي، بنهه هوبهو هن جهڙي شڪل!“

        ٽيون چوڻ لڳو: ”هن جهڙي شڪل! سو ڪيئن؟ آءٌ ته چوان ٿو ته اها ’پٿر جي عظيم شڪل‘ هڪ ديو جيڏي غيبيءَ آرسيءَ ۾ خود اسان جي هن ’شير دل سپاهيءَ‘ جو ئي عڪس آهي؛ ۽ هجي به ڇو نه؟ هي لاشڪ هن صديءَ بلڪ هر صديءَ جو عظيم ترين انسان آهي!“

        پوءِ انهن ٽنهي ماڻهن وٺي زور سان هڪ نعرو هنيو، جنهن ڄڻ ته سڄي مجمعي ۾ بجليءَ جي لهر ڊوڙائي ڇڏي؛ ۽ پوءِ هزارن آوازن گڏجي هڪ زوردار نعرو هنيو، جنهن جو پڙاڏو ميلن جا ميل جبلن ۾ گونجندو رهيو، ۽ ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ ته خود ”پٿر جي عظيم شڪل“ انهيءَ نعري ۾ پنهنجي ساهه جي گونج ملائي ڇڏي هئي. ماڻهن جي انهن راين ۽ ايتري اشتياق اسان جي دوست جي دلچسپيءَ ۾ پاڻ اضافو ڪيو؛ ۽ ان وقت هن کي پڪ ٿيندي ٿي ويئي ته جبل واريءَ عظيم شڪل کي نيٺ پنهنجو انساني جوڙ جيس ملي ويو هو.

        اها حقيقت آهي ته ارنيسٽ پنهنجي تصور ۾ ائين ئي سمجهندو هو ته اها شخصيت، جنهن لاءِ ماڻهو هڪ عرصي کان منتظر هئا، ضرور ڪنهن امن دوست انسان جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي، جنهن جي زبان مان دانائيءَ جا موتي نڪرندا، جيڪو نيڪيءَ جو مجسمو هوندو، ۽ جيڪو انسانن کي خوشي ۽ مسرت بخشيندو. پر هميشھ جيان، وسيع نظر کان ڪم وٺندي، پنهنجي سموريءَ سادگيءَ جي باوجود، هو اهو ويچارڻ لڳو ته انسان ذات کي ڀلائي پهچائڻ لاءِ فطرت پنهنجو ذريعو پاڻ چونڊيندي آهي، ۽ جيڪڏهن هن معاملي ۾ به عام سمجهه کان بالاتر فطرت جي فهم ۽ ادراڪ اهو ئي بهتر سمجهيو آهي ته پوءِ ممڪن آهي ته اهو عظيم مقصد هڪ جنگي جوڌي، ۽ هڪ خونخوار تلوار باز دواران پڻ حاصل ٿي پوي.

        ”جنرل، جنرل!“ سڀني جي وات اها ئي آيت هئي. ”خاموش، خاموش! شايد ’شير دل سپاهي‘ تقرير ڪندو!“

        خير، جڏهن ڪپڙو هٽائي ڇڏيائون، ۽ جنرل جي صحت لاءِ دعا گهري ويئي، تڏهن تاڙين جي ڦهڪن وچان، جنرل پنهنجي آجيان ڪندڙن جي شڪر ادائي ڪرڻ لاءِ اٿيو. ارنيسٽ هن کي ڏٺو: اڳيان مڙيل مجمعي جي ڪلهن مٿان، ٻن چمڪندڙ فوجي ٽوپن جي وٿيءَ مان،- ڀرت ڀريل ڪالر مٿي کنيل، گلن ڦلن سان سينگاريل محراب ۽ ڇٽ جي هيٺان، جنرل پاڻ نظر اچي رهيو هو؛ مٿان ڦڙڪندڙ جهنڊو هن جي پيشانيءَ تي لڏي رهيو هو. انهيءَ ساڳئي هنڌان، ساڳيءَ نگاهه ۾، ٻيلي جي کليل منظر منجهان، ”پٿر جي عظيم شڪل“ به نظر اچي رهي هئي. ڇا واقعي ٻنهي جي مهانڊن ۾ ايتري مشابهت هئي، جنهن لاءِ ماڻهو سنهن قسم کڻي تصديق ڪري رهيا هئا؟ افسوس، ارنيسٽ انهيءَ کي تسليم نه ڪري سگهيو! هن هڪ جنگين جو ماريل ۽ هوائن جو سٽيل چهرو ڏٺو، جنهن ۾ طاقت ۽ مضبوط ارادي جي جهلڪ هئي؛ پر هن شوخ طبع ”شير دل سپاهيءَ“ جي شڪل ۾ اها نماڻي دانائي ۽ ڏاهپ، اها اونهي، وسيع ۽ پريم ڀري همدردي ڪٿي! ۽ جيڪڏهن ”پٿر جي عظيم شڪل“ هن جي چهري واري شوخي ۽ هيبت اختيار به ڪري ها، تڏهن به گڏوگڏ ان ۾ نرميءَ ۽ نفاست جا آثار ضرور باقي موجود هجن ها!

        ”هي پيشينگوئيءَ وارو شخص نه آهي!“ ارنيسٽ ٿڌو ساهه ڀري دل ئي دل ۾ چيو، ۽ مجمعي مان ٻاهر نڪري ويو. ”ڇا دنيا کي اڃا به وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو؟“

        دور جبل جي چوڌاري ڪوهيرا گڏ ٿي ويا هئا، ۽ پريان ”پٿر جي عظيم شڪل“ جا پر شڪوه ۽ رعبدار مهانڊا نظر اچي رهيا هئا، رعبدار پر نهايت محبت ۽ شفقت سان ڀرپور، - ڄڻ ته ڪو پُر عظمت فرشتو پهاڙن ۾ ويٺو هو، ۽ سونهري ۽ فيروزي ڪڪرن منجهان ٺهيل پوشاڪ ۾ ملبوس پنهنجي اردگرد کي پنهنجي فيض ۽ برڪت جي نگاهن سان نوازي رهيو هو. جيئن ئي هن ڏٺو، ارنيسٽ ائين سمجهيو، ڄڻ پٿر جي انهيءَ صورت تي هڪ مرڪ ڦهلجي ويئي، جنهن جي چمڪ جيئن پوءِ تيئن تيز ٿيندي ٿي ويئي، جيتوڻيڪ ان جي چپن ۾ ڪابه حرڪت نه ٿي آئي، شايد اهو الهندي کان ايندڙ سج جي هلڪيءَ روشنيءَ جو اثر هو، جيڪا انهن ڪوهيرن کي چيريندي پئي آئي، جيڪي ارنيسٽ ۽ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي وچ ۾ ڦهلجي ويا هئا. پر – هميشھ وانگر – هن جي عظيم الشان دوست جي صورت هن کي ايترو ته بااُميد ڪري ڇڏيو، جو هو محسوس ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته هن جي اميد ڪڏهن به اجائي نه ويندي.

        ”ارنيسٽ، ڳڻتي نه ڪر،“ هن جي دل چيو؛ ڄڻ ته ”پٿر جي عظيم شڪل“ هن جي اندر ۾ سرگوشيون ڪري رهي هئي. ”ڪابه ڳڻتي نه ڪر؛ ارنيسٽ، هو ضرور ايندو!“

        سال پرُامن نموني ۾ تيزيءَ سان گذرندا ويا. ارنيسٽ اڃا تائين انهيءَ واديءَ ۾ رهندو هو، ۽ هاڻ هو اڌڙوٽ عمر کي پهچي چڪو هو. غير محسوس نموني ۾، درجي بدرجي، ماڻهن ۾ هن جي ناموس وڌندي ويئي. هاڻ به اڳئين وانگر ئي هو پنهنجي روزيءَ لاءِ پورهيو ڪندو هو، ۽ ساڳيو ساده لوح انسان هو، جهڙو اڳي هو؛ پر هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ايترو سوچيو ۽ فڪر ڪيو هو، هن پنهنجي زندگيءَ جون ايتريون ته بهترين گهڙيون انسان ذات کي ڀلائي ۽ نيڪيءَ پهچڻ جي اميدن ۾ صرف ڪيون هيون، جو ائين ٿي ڀانيو، ڄڻ ته هو فرشتن سان گفتگو ڪندو رهيو هو، ۽ بي خبريءَ ۾ هنن جي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جو هڪ حصو هن ۾ پيهي آيو هو. اهو هن جي روزاني زندگيءَ جي خاموش ۽ پُر فڪر نيڪيءَ منجهان ظاهر ٿي ٿيو، ۽ سندس نيڪيءَ جي اها خاموش لهر پنهنجي سموري رهگذر جي ٻنهي پاسن تي رنگ برنگ گل ۽ ٻهڪندڙ سر سبز درختن جون قطارون بنائي ويئي هئي. اهڙو ڪوبه ڏينهن نه هوندو هو، جڏهن دنيا کي هن جي سادي وجود منجهان نيڪي ۽ ڀلائي نه پهتي هجي. هو پنهنجي رستي تان ڪڏهن به ڪين هٽيو، پر هر حالت ۾ هن جي پاڙيسريءَ کي هن منجهان ڪانه ڪا چڱائي ضرور رسندي رهي. هو بنا ڪنهن ارادي جي هڪ مبلغ بنجي پيو هو. هن جي فڪر جي پاڪيزه ۽ بلند سادگي، جنهن جو هڪ مظهر انهن نيڪيءَ جي ڪمن ۾ ظاهر ٿيندو هو، جيڪي نهايت خاموشيءَ سان هن جي هٿان پيا سرانجام ٿيندا هئا، سا هن جي گفتگوءَ منجهان پئي ليئا پائيندي ۽ بکندي هئي. هو اهڙيون صداقتون بيان ڪندو هو، جيڪي ٻڌندڙن کي متاثر ڪري، سندن زندگين کي يڪسر تبديل ڪري ڇڏينديون هيون. ٿي سگهي ٿو ته ٻڌندڙن کي اهو ڪڏهن به گمان ڪونه ٿيو ته ارنيسٽ، سندن پنهنجو پاڙيسري ۽ ساڳيو دوست، ڪو هڪ رواجي انسان کان مٿڀرو هو؛ خود ارنيسٽ کي به پنهنجي لاءِ ذري برابر به اهڙو گمان ڪين هو. پر ڪنهن نديءَ جي اٽل سرگوشين وانگر، هن جي چپن مان اهڙا اهڙا خيال ۽ ويچار پيا نڪرندا هئا، جيڪي ڪنهن به ٻئي انسان جي چپن مان ڪڏهن ادا نه ٿيا هئا.

        ڪجهه وقت کان پوءِ، جڏهن ماڻهن جو جوش ڍرو ٿيو، ۽ سندن دماغ ٿڌا ٿيا، تڏهن هو تسليم ڪرڻ لڳا ته جنرل ”شير دل سپاهي“ جي جنگجو چهري ۽ جبل واري پُرشفقت چهري ۾ ڪنهن مشابهت ڳولڻ ۾ واقعي هنن کان سخت غلطي سر زد ٿي ويئي هئي. پر هاڻ وري، اخبارن ۾ اهي رپورٽون شايع ٿيڻ لڳيون ته ”پٿر جي عظيم شڪل“ سان مشابهت هڪ معروف سياستدان ۾ ظاهر ٿي هئي. مسٽر ”گئدر گولڊ“ ۽ ”شير دل سپاهيءَ“ وانگر اهو سياستدان به انهيءَ واديءَ جوئي هڪ رهواسي هو، پر ننڍي هوندي ئي هتان لڏي ويو هو، ۽ پوءِ قانون ۽ سياست جو ڌنڌو وڃي اختيار ڪيو هئائين. دولتمند جي دولت، ۽ جنگي جوڌي جي تلوار جي بدران هن وٽ رڳو پنهنجي زبان هئي، ۽ اها زبان انهن ٻنهي کان طاقتور هئي. هو اهڙو ته بهترين مقرر ۽ خطيب هو، جو هو جيڪي به چوندو هو، ٻڌندڙن کي ان کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ڪو رستو ئي نه رهندو هو. هن جي لفظن ۾ غلط چيز صحيح معلوم ٿيندي هئي، ۽ صحيح چيز غلط محسوس ٿيندي هئي؛ ڇاڪاڻ ته جيڏيءَ مهل به هن کي وڻندو هو، هو پنهنجي ڦوڪ سان ڄڻ ته هڪ اهڙو روشن ڪوهيرو پيدا ڪري وجهندو هو، جنهن جي پاڇولي ۾ خود ڏينهن جي قدرتي روشني به جهڪي ٿي ويندي هئي. هن جي زبان واقعي ڪا جادوءَ جي ٺهيل هئي: ڪڏهن گجگوڙ وانگر پئي ڪنن ۾ ٻُرندي هئي، ته ڪڏهن مٺڙي سنگيت جيان دل ۾ پئي لهرا ڏيندي هئي. سندس آواز جنگ جو ا علان هو؛ امن جو گيت هو -، ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ ته انهيءَ ۾ واقعي ڪا دل موجود هئي، پر افسوس، حقيقت ۾ هن وٽ ڪجهه به ڪين هو. حقيقت ۾ هو صرف هڪ عجوبي جهڙي شخصيت جو مالڪ هو، ۽ جڏهن هن جي چتر زبان کيس هر قسم جي ممڪن ڪامرانيءَ ۽ فتحيابيءَ سان نوازيو، - جڏهن هن جون تقريرون رياست جي ايوانن ۽ سلطانن ۽ شهنشاهن جي درٻارن ۾ گونجڻ لڳيون، - جڏهن هو سڄيءَ دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين مشهور ٿي ويو، تڏهن سندس ديسواسين هن کي ملڪ جو صدر چونڊڻ جو خيال ڪيو. انهيءَ کان اڳ، جيئن ئي هن جي ناموس ايتري وڌي ويئي، سندس مداحن هن جي شڪل ۽ ”پٿر جي عظيم شڪل“ ۾ مشابهت ڳولي ڪڍي هئي؛ ۽ هو انهيءَ کان ايترو متاثر ٿيا هئا، جو هي ناميارو شخص سڄي ملڪ ۾ ”اولڊ اسٽوني فز“ (ٻڍڙو پٿرائون چهرو) جي نالي سان مشهور ٿي ويو. انهيءَ اصطلاح مان سمجهيو ٿي ويو ته هن جي سياسي مفاد کي وڏو فائدو ٿي رسيو؛ ڇو ته وڏي پادريءَ، پوپ، جي عهدي وانگر ڪوبه اهڙو شخص هن ملڪ جو صدر نه بنيو هو، جنهن تي پنهنجي اصلي نالي کان سواءِ ٻيو ڪو دلچسپ ۽ مقبول عام نالو نه رکيو ويو هجي.

        جڏهن هن جا دوست هن کي صدر بنائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا هئا، تڏهن ”اولڊ اسٽوني فز“ پنهنجي وطن جي واديءَ جو گشت ڪرڻ لاءِ نڪتو، جتي هو ڄائو نپنو هو. هن جو مقصد رڳو پنهنجي پراڻن ديسواسين سان ملڻ جو هو؛ انهيءَ گشت جو سندس چونڊ تي ڪهڙو اثر پوندو، ان لاءِ هن نڪي سوچيو هو، نه ئي هن ان جي پرواهه ئي ٿي ڪئي. هن نامور سياستدان جي آجيان ڪرڻ لاءِ عظيم الشان تياريون ٿيڻ لڳيون: رياست جي سرحد تي سندس خير مقدم ڪرڻ لاءِ گهوڙيسوارن جو هڪ جٿو تيار ڪيو ويو، ۽ واديءَ جا سمورا ماڻهو پنهنجا ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏي هن جي مرحبا ڪرڻ لاءِ رستي جي ٻنهي پاسي اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ارنيسٽ به هو. جيتوڻيڪ هو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا نااميد ٿي چڪو هو، جيئن اسين ڏسي چڪا آهيون، پر هن جي طبيعت اهڙي ته بااميد ۽ پُراعتماد هئي، جو هر اها چيز جيڪا کيس سهڻي ۽ نيڪ معلوم ٿيندي هئي، ان ۾ هڪدم يقين آڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. هو پنهنجي دل کي هميشھ کليل رکندو هو، انهيءَ ڪري هن کي پڪ هئي ته جڏهن به وقت آيو، کيس نيڪي ضرور حاصل ٿيندي. ان ڪري، هن ڀيري به، هميشھ وانگر، هو ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي همشڪل ماڻهوءَ کي ڏسڻ لاءِ آيو هو.

        گهوڙيسوارن جو جٿو رستي تي ٽاپ ٽاپ ڪندو، سنبن جي وڏي آواز سان، مٽيءَ جا ڪڪر اهڙا ته گهاٽا ۽ بلند ٿيندا ٿي ويا، جو ارنيسٽ جي نظرن کان جبل جو پاسو بنهه لڪي ويو. آس پاس جا سمورا ممتاز ماڻهو گهوڙن تي سوار هئا، - فوجي وردي پهريل آفيسر، ڪانگريس جا ميمبر، رياست جو ’شيرف‘ (پوليس ڪماني)، اخبارن جا ايڊيٽر وغيره، ڪيترا ڪڙمي به مقدس آرتوار جي ڏينهن جا ڪوٽ پائي، پنهنجي ڏٻرن ۽ غريب گهوڙن تي چڙهي آيا هئا. واقعي ڏاڍو رونقدار نظارو هو: خاص طور ان ڪري جو گهوڙيسوارن جي جٿي سان بيشمار جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا، جن مان ڪن تي نامور سياستدان ۽ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جون وڏيون وڏيون تصويرون اهڙيءَ طرح اڪريل هيون، جن ۾ ٻئي ڄڻا، ٻن جاڙن ڀائرن وانگر، هڪ ٻئي ڏانهن مرڪي رهيا هئا. جيڪڏهن انهن تصويرن تي اعتبار ڪجي، ته پوءِ اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته ٻنهي جي شڪلين ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي ۽ مشابهت هئي. اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته انهيءَ سان گڏ موسيقيءَ جي هڪ بئنڊ به موجود هئي، جنهن جي نغمن جا پڙاڏا جبلن ۾ اهڙيءَ طرح گونجندا رهيا، جو انهن جي روح افزا نغمگي جبلن جي بلندين ۾ گونجڻ لڳي، ۽ ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ ته هن جي وطن جي واديءَ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کي پنهنجي نامور مهمان جي مرحبا ڪرڻ لاءِ مناسب آواز ملي پيو هو. سڀ کان پُر رونق تاثر  ته ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن دور جبلن جي چوٽين کان انهيءَ سنگيت جي باز گشت ٿي آئي، ۽ ائين ٿي معلوم ٿيو ڄڻ ته ”پٿر جي عظيم شڪل“ به اهو تسليم ڪندي، ته نيٺ پيشينگوئيءَ وارو انسان ظاهر ٿيو هو، ان فتحيابيءَ جي خوشيءَ ۾ ماڻهن جي انهيءَ سنگيت سان پنهنجو غيبي سر ملائي رهي هئي.

        اهو سمورو وقت ماڻهو پنهنجا ٽوپلا هوا ۾ اڇلائي رهيا هئا، ۽ اهڙي ته اشتياق ۽ جوش منجهان نعرا هڻي رهيا هئا، جو ارنيسٽ جي دل به ريجهي ويئي، ۽ هو به پنهنجو ٽوپلو هوا ۾ اڇلائيندي زور سان نعرا هڻڻ لڳو: ”واديءَ جو عظيم انسان زنده باد.............! ’اولڊ اسٽوني فز‘ ......... زنده باد!“ پر اڃا تائين ته هن کيس ڏٺو به ڪين هو.

        ”اجهو، هو پيو اچي!“ ارنيسٽ جي ڀرسان بيٺل ماڻهن رڙ ڪئي. ”هو پيو اچي. ڏسو، هو پيو اچي! ’اولڊ اسٽوني فز‘ کي به ڏسو، ۽ ’پٿر جي عظيم شڪل‘ کي به ڏسو ته برابر ٻئي جاڙن ڀائرن جهڙا لڳن ٿا ڪي نه؟“

        هن عظيم الشان جشن وچان، چئن گهوڙن سان هڪ کليل گاڏي اچي رهي هئي؛ ۽ گاڏيءَ ۾ اگهاڙي ويڪري مٿي سان، اهو نامور سياستدان ويٺو هو.

        ارنيسٽ جي هڪ پاڙيسريءَ کيس چيو، ”هاڻ ته توکي تسليم ڪرڻو پوندو ته ’پٿر جي عظيم شڪل‘ کي نيٺ پنهنجو هم شڪل ملي ويو!“

        ايترو سو آهي ته جڏهن ارنيسٽ سياستدان جي چهري جي پهرين جهلڪ ڏٺي، جيڪو گاڏيءَ منجهان ماڻهن کي سلام ڪري ۽ مرڪي رهيو هو، تڏهن ارنيسٽ کي خيال ٿيو هو ته واقعي هن جي منهن ۽ جبل تي بيٺل عظيم شڪل ۾ ڪافي مشابهت هئي: سندس پيشانيءَ جي کليل گهرائي ۽ رفعت، ۽ ٻيا مهانڊا به نهايت پروقار ۽ مضبوط قسم جا هئا، ڄڻ ته ڪنهن ديوتا جي مجسمي سان ريس ڪري رهيا هئا. پر اها پاڪيزگي ۽ اهو جلال، ۽ ديوتائن واريءَ دردمنديءَ جي عظيم الشان ڪيفيت، جيڪا جبل واريءَ صورت ۾ پئي بکندي هئي، ۽ جنهن ان جي ڀاري پٿرائين جسم ۾ بي مثل روحاني لطافت پيدا ڪري وڌي هئي، سا هن سياستدان جي چهري ۾ ڳولڻ اجائي هئي. هن منجهه بنيادي طرح ڪنهن چيز جي ڪمي هئي، يا اها چيز هن منجهان گم ٿي چڪي هئي؛ ۽ انهيءَ ڪري هن بي انتها نوازيل سياستدان جي اکين جي تارن ۾ هميشه، هڪ اهڙي سڪڻي ٻار وانگر، هڪ پراڻي بک ۽ سڌ پيئي بکندي هئي، جو جيتوڻيڪ رانديڪن جي عمر کان مٿي چڙهي آيو هو، ته به ڄڻ انهن مان هن ڪڏهن به ڍو ڪونه پئي سنڀريو؛ يا هڪ اهڙي ماڻهوءَ وانگر، جنهن ۾ بي انداز صلاحيتون هيون، پر مقصد ڪوبه نه هوس، جنهن جي زندگي پنهنجي سمورين عظيم ڪامرانين جي باوجود بلڪل خالي خالي ۽ مبهم رهي هجي – ان ڪري جو ڪنهن بلند مقصد نه هجڻ ڪري حقيقت ۽ صداقت کان بنهه دور رهجي ويئي هئي.

        ارنيسٽ جو پاڙيسري اڃا تائين کيس پاسي ۾ ٺونٺيون هڻي رهيو هو، ۽ کيس جواب ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هو.

        ”هاڻي ته اعتراف ڪر؛ ميان، ڪجهه ته تسليم ڪر! ڇا هي تنهنجي ’پٿر جي عظيم شڪل‘ جي هوبهو تصوير ڪانهي؟“

        ”نه،“ ارنيسٽ رکائيءَ مان جواب ڏنو، ”مون کي ته ڪابه مشابهت نظر ڪانه ٿي اچي!“

        ”پوءِ ته تنهنجي ’پٿر جي عظيم شڪل‘ خدا کي پرتي!“ پاڙيسري چوڻ لڳو، ۽ پوءِ وري ”اولڊ اسٽوني فز“ لاءِ نعرن هڻڻ ۾ مشغول ٿي ويو.

        پر ارنيسٽ غمزده ۽ پريشان، بنهه دل برداشتھ ٿي اتان موٽيو: هن لاءِ هيءَ دلشڪستگي ۽ نااميدي اڳين سڀني کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو سڀ کان زياده شايد پيشينگوئيءَ کي پورو ڪري سگهي ها، سو به غلط نڪتو! ان دوران ۾ گهوڙيسوارن جو جٿو، جهنڊا، موسيقار، ۽ سياستدان جي گاڏي – سڀ هن کان گهڻو اڳتي نڪري ويا؛ هاڻي رڳو ماڻهن جو بيشمار انبوهه ان گاڏيءَ جي پٺيان هلندو پئي ويو. آهستي آهستي مٽيءَ جو غبار هٽندو ويو، ۽ پريان ”پٿر جي عظيم شڪل“ پنهنجي صدين جي شان و شوڪت سان وري صاف صاف نظر اچڻ لڳي.

        ”ارنيسٽ، مون ڏانهن ته نهار،“ ائين ٿي ڀانيو ته اهي شفقت سان ڀرپور چپ ڪجهه چئي رهيا هئا، ”مون تو کان گهڻو وڌيڪ انتطار ڪيو آهي، پر آءٌ اڃا ٿڪجي نااميد نه ٿيو آهيان. تون ڳڻتي نه ڪر، اهو شخص اوس ايندو.“

        سال تيزيءَ سان گذرندا ويا، ۽ تڪڙ ۾ هڪ ٻئي جي نشانن کي لتاڙيندا ٿي ويا. ارنيسٽ جي مٿي ۾ اڇا نڪرڻ لڳا، ۽ سندس پيشانيءَ ۽ ڳلن ۾ بزرگيءَ جا گهنج پوڻ لڳا. هو هاڻ ٻڍڙو ٿي چڪو هو، پر هن جو ٻڍاپڻ اجايو ڪين هو: جيترا مٿي ۾ اڇا وار هئس، اوترائي ڏاهپ ۽ سياڻپ جا ويچار سندس دل ۾ هئا. هن جي منهن جا گهنج ڄڻ ته آيتون هيون، جي وقت پنهنجي هٿ سان ويهي لکيون هيون، ۽ جن ۾ دانائيءَ ۽ انسانيت جون اهي ڪهاڻيون لکيل هيون، جن کي حياتيءَ جي روش صدين کان ور ور ڏيئي آزمائيندي پئي آئي هئي. ارنيسٽ جي شخصيت جي گمنامي سندس روح جي ويرانيءَ سان گڏ ختم ٿي چڪي هئي. بنا خواهش، بنا تلاش ڪرڻ جي هن کي اها ناموس ۽ شهرت حاصل ٿي، جنهن لاءِ ڪيترن کي تمنا هوندي آهي؛ ۽ هو پنهنجي واديءَ کان سواءِ – جتي هن پنهنجي خاموش زندگي گذاري هئي – ٻاهر هڪ وڏيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو. ڪاليجن جا استاد، ۽ شهرن جا قابل قابل ماڻهو ڏورانهن ڏورانهن  هنڌن تان اچي ارنيسٽ سان ملندا هئا، ۽ ساڻس گفتگو ڪندا هئا؛ ڇاڪاڻ ته هر هنڌ اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي هئي ته هن سادي سودي ڪڙميءَ ۽ غريب پورهيت جا خيال عام ماڻهن کان بنهه مختلف هئا، ۽ جيتوڻيڪ اهي ويچار هن ڪنهن ڪتاب مان ڪين پرايا هئا، ان هوندي به سندس اهي ويچار نهايت بلند پايي جا هئا؛ - انهن ۾ هڪ قسم جي پاڪيزه ۽ پرسڪون شان و شوڪت هئي، ڄڻ ته هو فرشتن سان هڪ دوست جي حيثيت ۾ روزانو گفتگو ڪندو رهيو هو. عالم هجي يا سياستدان، يا ڪو انسان دوست شخص -، ارنيسٽ پنهنجي ملاقاتين سان ساڳيءَ مروت ۽ خلوص سان پيش ايندو هو، جيڪو ننڍپڻ کان هن جي ڪردار جي خصوصيت هو؛ ۾ هر معاملي ۾ جيڪي سندس دل ۾ ايندو هو، ۽ جيڪي سندس دل جي گهران مان نڪرندو هو، نهايت فراخدليءَ سان ظاهر ڪندو هو. جڏهن هو ويهي ڳالهائيندو هو، تڏهن هن جو منهن پيو ٻهڪندو هو، ۽ شام جي جهيڻيءَ روشنيءَ وانگر پنهنجي ٻڌندڙن جي ذهن کي هڪ عجيب نور بخشي ڇڏيندو هو. هن جي محبت ڀريءَ گفتگوءَ منجهان ڀرپور امنگ ۽ سوز پرائي، هن جا ملاقاتي کانئس موڪلائيندا هئا، ۽ پرسڪون ۽ بامسرت پنهنجي وطن واپس ورندا هئا؛ ۽ واديءَ مان لنگهندي گهڙيءَ لاءِ ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن نهاريندا هئا، ۽ اهو سوچڻ لڳندا هئا ته هنن انهيءَ شڪل جي مشابهت ڪنهن انساني چهري ۾ ضرور ڏٺي، پر ڪٿي ۽ ڪنهن ۾، سو ياد نه ٿي پين.

        ائين ارنيسٽ جي عمر وڌندي رهي، ۽ جڏهن هو وڏيءَ عمر جو ٿيو، تڏهن فطرت هن ڌرتيءَ  کي هڪ نئون شاعر عطا ڪيو. هو پڻ، هن واديءَ جوئي باشندو هو، پر پنهنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو، شعريت سان ڀرپور، هن علائقي کان دور گذاريو هئائين، ۽ شهرن جي گهمسان ڀرئي ۽ پرشور ماحول ۾ پنهنجو مٺڙو سنگيت پکيڙيندو رهيو هو. هن جي شعر جي شفاف ماحول ۾ انهيءَ جبل جون برفاني چوٽيون به نظر اينديون هيون، جن سان هن جي ننڍپڻ کان آشنائي هئي. هن ”پٿر جي عظيم شڪل“ کي به ڪين وساريو هو، ۽ پنهنجي هڪڙي نظم ۾ ان کي ڳايو هئائين: اهو نظم ايترو ته شاندار هو، جو ڄڻ ته خود انهيءَ ”پٿر جي عظيم شڪل“ جي پُرجلال چپن مان ادا ٿيو هو. ائين کڻي چئون ته هي قابل شخص جنت منجهان حيرت انگيز صلاحيتن سان معمور ٿي آيو هو. جڏهن هو ڪنهن جبل تي شعر چوندو هو، تڏهن سموري انسان ذات جون اکيون انهيءَ جبل جي سيني ۾ يا چوٽين تي هڪ اهڙو جلوو پسنديون هيون، جيڪو اڳ ۾ ڪنهن کي به نظر ڪين آيو هو. جيڪڏهن هن جو موضوع ڪا دلڪش ڍنڍ هوندي هئي، تڏهن ان جي مٿان هڪ بهشتي مرڪ ڇانئجي ويندي هئي، جيڪا هميشھ هميشھ لاءِ ان جي سطح مٿان بکندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪنهن وسيع سمنڊ تي ڪجهه چوندو هو ته ائين معلوم ٿيندو هو، ڄڻ ته انهيءَ گيت جي احساس کان سمنڊ جي بي پايان سيني جي عميق وسعت تنهان ئي زياده عظيم ٿي ويئي هئي. مطلب ته جڏهن اُن شاعر دنيا کي پنهنجي نگاهن سان نوازيو ٿي، تڏهن دنيا هڪ مختلف ۽ بهتر صورت ٿي اختيار ڪئي. خالق هن کي بنائڻ ۾ پنهنجي آخرين ۽ بهترين ڪوشش صرف ڪئي هئي. تخليق تيسين مڪمل نه ٿي هئي، جيسين هيءُ لافاني شاعر ان جي تشريح ۽ تڪميل ڪرڻ لاءِ نه پهتو هو.

جڏهن هن جي شعر جو موضوع خود سندس ڀائر – انسان – هوندا هئا، تڏهن سندس شعر جو تاثر اڃا ئي وڌيڪ بلند ۽ دلڪش ٿي پوندو هو. جڏهن هو پنهنجي شاعرانه عقيدت جي ڪيفيت ۾، واٽ ويندي، ڪنهن عورت يا مرد کي، زندگيءَ جي مٽيءَ ۽ غبار ۾ لَٽيل ۽ ليٿڙيل ڏسندو هو، يا ڪنهن معصوم ٻار کي گهٽيءَ ۾ بيخبر راند روند ڪندي ڏسندو هو، تڏهن اهي سندس شعر جا موضوع بنجي زنده جاويد ٿي ويندا هئا. هن انسانن کي انهيءَ عظيم زنجير جون سونهري ڪڙيون ڏيکاريون، جنهن جي ذريعي هو فرشته صفت رشتي سان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا، هن انسانن جي انهيءَ بهشتي جنم جون لڪل خصوصيتون ڳولي آنديون، جنهن جي ڪري هو اهڙي رشتي جا لائق بنيا هئا. ڪي ماڻهو واقعي اهڙا به هئا، جي پنهنجي عقل ۽ قوت مباحثه کي ثابت ڪرڻ لاءِ اهو دليل پيش ڪندا هئا ته فطري دنيا جي سموري سونهن ۽ عظمت محض شاعر جو هڪ موهوم تخيل آهي. ڀل ته اهي شخص پنهنجين ڳالهين ۾ پاڻ کي خوش ڪن،- کين شايد فطرت هڪ نفرت انگيز تلخيءَ منجهان پيدا ڪيو هو، ۽ جڏهن سمورا سوئر خلقجي ويا، تڏهن باقي بچيل گندگيءَ منجهان انهن جا بوتا ٺاهي کين خلقيو هئائين. اهڙن شخصن کان سواءِ باقي ٻين سمورن انسانن لاءِ شاعر جو آدرش ۽ شاعر جو حسن سڀ کان زياده واضح ۽ سڀ کان زياده روشن صداقت هو.

        هن شاعر جا گيت ارنيسٽ جي ڪنن تائين به پهتا. پنهنجي روزاني پورهئي کان پوءِ گهر جي دروازي اڳيان بينچ تي ويهي، هو انهن کي پڙهندو هو، جتي زندگيءَ جو ڳچ حصو، هن ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن گهوريندي، ويچار ۽ فڪر ڪندي، سڪون حاصل ڪيو هو؛ ۽ هاڻ جڏهن هو هنن نظمن جا بند پڙهندو هو، جيڪي سندس روح ۾ لرزش آڻي ڇڏيندا هئا، تڏهن هو نگاهون مٿي کڻي انهيءَ وسيع ۽ روشن چهري ڏانهن نهارڻ لڳندو هو، ۽ موٽ ۾ انسانيت جو اهو ابدي چهرو ڏانهس نهايت شفقت سان نهاري مرڪندو رهندو هو.

        ”پٿر جي عظيم شڪل“ سان مخاطب ٿيندي، هو آهستگيءَ سان چوڻ لڳندو هو – ”اي منهنجا عظيم الشان ساٿي، ڇا هي شخص تنهنجي هم شڪل هجڻ جو لائق نه آهي؟“

        ائين هن کي معلوم ٿيو ته انهيءَ سوال تي اها عظيم شڪل مرڪڻ لڳي، پر جواب ۾ ڪجهه به ڪين چيائين.

        هي شاعر جيتوڻيڪ ڪافي دور رهندو هو، پر هن ارنيسٽ بابت نه رڳو ڳالهيون ٻڌيون هيون، بلڪ هن جي ڪردار تي ڪافي غور و فڪر پڻ ڪيو هئائين. نيٺ هن اهو ئي بهتر سمجهيو ته هن سان وڃي روبرو ملي، جنهن جي فطري دانائي سندس زندگيءَ جي پاڪيزه سادگيءَ سان هٿ هٿ ۾ لائي پئي هلندي هئي. انهيءَ خيال سا، اونهاري جي مند ۾ هڪڙي ڏينهن صبح جو ريل گاڏيءَ ۾ چڙهيو، ۽ شام جو اچي ارنيسٽ جي گهر ويجهو پهتو. ڳوٺ جو عاليشان هوٽل، جيڪو اڳي ”مسٽر گئدر گولڊ“ جو محلات هو، ويجهو ئي هو، پر شاعر پنهنجو ننڍڙو ٿيلهو پاڻ سان کڻندي ارنيسٽ جي گهر جون پڇائون ڪرڻ لڳو، ۽ ارادو ڪيائين ته ارنيسٽ وٽ وڃي مهمان ٿي لهندو.

        دروازي تي پهچي، هن انهيءَ نيڪ ٻڍڙي کي ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو. ان ڪتاب منجهان ڪنهن مهل ڪجهه پڙهيائين ٿي، ته ڪنهن مهل صفحن جي وچ ۾ آڱر وجهي، ڏاڍيءَ سڪ منجهان ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن ٿي نهاريائين.

        دعا سلام کان پوءِ شاعر هن کان پڇيو، ”مسافر کي رات جا چار پهر پاڻ وٽ گذارڻ ڏيندو؟“

        ”وڏيءَ خوشي سان،“ ارنيسٽ جواب ڏنو؛ ۽ پوءِ وري مرڪندي چوڻ لڳو، ”منهنجي خيال ۾ هن ’پٿر جي عظيم شڪل‘ کي ڪڏهن به ڪنهن اجنبيءَ ڏانهن ايترو مهربان نظرن سان نهاريندو ڪين ڏٺو ا ٿم.“

        شاعر بينچ تي ارنيسٽ جي ڀرسان ٿي ويٺو، ۽ ٻئي پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا. شاعر پنهنجي زماني جي اڪثر داناعـ ۽ نڪته سنج ماڻهن سان گفتگو ڪئي هئي، پر ارنيسٽ جهڙو ڪو ماڻهو ڪين گڏيو هوس، جنهن جا خيال ۽ جذبات ايتري فطري آزادگيءَ سان ادا ٿي رهيا هئا، ۽ جنهن پنهنجي سادن لفظن سان زندگيءَ جي عظيم صداقتن کي ايترو آسان بنائي ٿي وڌو. ائين ٿي معلوم ٿيو ته فرشتن ٻنين تي هن سان گڏ بيهي پورهيو ڪيو هو؛ ائين ٿي ڀانيو ڄڻ فرشتا هن سان گڏ آتشدان جي ڀرسان ويهي رهاڻيون ڪندا هئا، ۽ فرشتن سان دوستن وانگر اٿڻ ويهڻ جي ڪري، هن ۾ سندن ويچارن ۽ خيالن جي پاڪيزگي پيهي آئي هئي، ۽ هن انهيءَ کي پنهنجي گهرو سادڙن ۽ مٺڙن لفظن سان هڪ عجيب رنگ ۽ حسن بخشي ڇڏيو هو. شاعر هن بابت اهو ئي سوچي رهيو هو. ٻئي طرف، ارنيسٽ جي روح ۾ انهن زندگيءَ سان ڀرپور تشبيهن ۽ خيالن هڪ عجيب لرزش ۽ ڪشمڪش مچائي ڏني هئي، جيڪي شاعر جي روح جي گَهراين مان نڪري رهيا هئا، ۽ جيڪي گهر جي دروازي جي آس پاس هوا ۾ حسين تصويرن جي صورت ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، ۽ اهي  تصويرون مسرور به هيون، ۽ غمزده به هيون. هنن ٻن شخصن جي باهمي همدرديءَ ٻنهي کي وڌيڪ بصيرت ۽ احساس جي گهرائي عطا ڪئي، جيڪا هوند هو پنهنجي پنهنجي منهن اڪيلا حاصل نه ڪري سگهن ها. هنن جون دليون هڪ ئي رنگ ۾ رڱجي ويون، ۽ انهن مان هڪ اهڙو مٺڙو گيت سنگيت پيدا ٿيو، جنهن کي ٻنهي مان ڪوبه خاص سمورو پنهنجي سڏي نه ٿي سگهيو، نڪي پنهنجي ۽ ٻئي جي سنگيت ۾ ڪو فرق ئي محسوس ڪري ٿي سگهيو. هنن پنهنجي خيالن جي هڪ اهڙي بلند مقام تي هڪ ٻئي جي رهبري ڪئي، جيڪو ان کان اڳ ايترو دور ۽ ايترو جهڪو هو، جو ان ۾ اڪيلي سر ڪڏهن به داخل نه ٿيا هئا، - ۽ اهو مقام اهڙو ته حسين ۽ دلڪش هو، جو هنن ان ۾ هميشھ لاءِ تحليل ٿي وڃڻ ٿي چاهيو.

        جڏهن ارنيسٽ شاعر جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، تڏهن هو سمجهڻ لڳو ته خود ”پٿر جي عظيم شڪل“ به ٻڌڻ لاءِ اڳيان نمي آئي هئي. هن شاعر جي روشن اکين ۾ اشتياق منجهان نهاريو.

        ”منهنجا عزيز دانشمند مهمان، تون ڪير آهين؟“ شاعر انهيءَ  ڪتاب تي کڻي هٿ رکيو، جيڪو ارنيسٽ پڙهي رهيو هو. ”تو هي نظم پڙهيا آهن.“ هن چيو، ” ته پوءِ تون مون کي  سڃاڻين ٿو – اهي نظم مون لکيا آهن.“

        اڳئين کان به وڌيڪ اشتياق منجهان، ارنيسٽ شاعر جي منهن ۾ گهورڻ لڳو؛ ۽ پوءِ وري ”پٿر جي عظيم شڪل“ ڏانهن نهاريائين؛ ۽ وري به غير يقيني طور پنهنجي مهمان ڏانهن ڏسڻ لڳو. پر سندس منهن لهي ويو، ۽ ڪنڌ کي هلڪو لوڏ ڏيئي، هڪ ٿڌو ساهه ڀريائين.

        شاعر پڇيس، ”تون غمگين ڇو ٿي وئين؟“

        ارنيسٽ جواب ڏنو: ”ڇاڪاڻ ته پنهنجي سموري زندگي هڪ پيشينگوئيءَ جي پوري ٿيڻ جي انتظار ۾ گذاري اٿم؛ ۽ جڏهن هي نظم پڙهيم، تڏهن مون کي اميد هئي ته تون شايد ان کي پورو ڪرين.“

        شاعر ٿورو مرڪندي چيو، ”توکي اميد هئي ته مون ۾ ’پٿر جي عظيم شڪل‘ جي مشابهت ڏسي سگهندين، پر تون ’مسٽر گئدر گولڊ‘، ’شير دل سپاهي‘ ۽ ’اولڊ اسٽوني فز‘ وانگر هن ڀيري به نااميد ٿي ويو آهين. هائو، ارنيسٽ، منهنجي اها قسمت ڪٿي! تون منهنجو نالو به انهن ٽن نامورن ۾ شامل ڪجانءِ، ۽ پنهنجي اميدن جي ناڪامين ۾ هڪ وڌيڪ ناڪاميءَ جو اضافو ڪجانءِ: ڇو ته، - ارنيسٽ، آءٌ انتهائي شرم ۽ افسوس سان اهو چئي ٿو ڏيانءِ – ته آءٌ هن پريان نظر ايندڙ پُرجلال ۽ شفيق صورت جي هم شڪل سڏجڻ جو لائق ئي ڪين آهيان!“

        ”پر ڇو؟“ ارنيسٽ پڇيو. ڪتاب ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو، ”ڇا، هي ويچار ۽ خيال الهامي نه آهن؟“

        شاعر جواب ڏنو: ”انهن ۾ الهام جي ٿوري جهلڪ برابر آهي. تون انهن ۾ ڪنهن بهشتي گيت جو دور دراز پڙاڏو ٻڌي سگهندين. پر، پيارا ارنيسٽ، منهنجي زندگي انهن خيالن مطابق نه رهي آهي. مون نهايت شاندار خواب ڏٺا، پر اهي خواب ئي رهجي ويا، ڇو ته مون – پنهنجي ئي مرضيءَ سان – نهايت ئي ڪريل ۽ پست حقيقتن ۾ زندگي گذاري آهي. ڪڏهن ته – مون کي چوڻ ته نه گهرجي – خود مون کي فطرت ۽ انساني زندگيءَ جي انهيءَ سونهن، پاڪيزگيءَ ۽ شان و شوڪت ۾ يقين نه پئي رهيو آهي، جنهن کي چيو وڃي ٿو ته منهنجو ڪلام وڌيڪ نمايان ڪندو رهيو آهي. پوءِ، اي نيڪيءَ ۽ صداقت جا متلاشي انسان، تون مون ۾ انهيءَ’عظيم شڪل‘ جي مشابهت ڏسڻ جي ڪيئن ٿو اميد ڪرين؟“

        شاعر ڏک منجهان ڳالهائي رهيو هو، ۽ سندس اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون هيون. ارنيسٽ جون اکيون به ڇلڪي اٿيون.

        سج لهڻ مهل، پنهنجي پراڻي دستور مطابق، ارنيسٽ کي واديءَ جي آس پاس رهندڙ رهواسين اڳيان، هڪ کليل ميدان ۾ تقرير ڪرڻي هئي، هو ۽ شاعر، ٻانهن ٻانهن ۾ ڏيئي، ڳالهائيندا ڳالهائيندا، اچي ان هنڌ تي پهتا. ٽڪرين جي هڪ ڪنڊ ۾، هڪ ڀوري رنگ جو ٽيلو هو، جنهن جي منڍ ۾ نهايت وڻندڙ وليون ڄميل هيون، جن انهيءَ اگهاڙي ٽڪريءَ لاءِ ڄڻ ته هڪ غلاف جو ڪم ٿي ڏٺو. زمين کان ٿورو مٿاهين هنڌ تي، سرسبز گاهه جي وچ ۾ منبر جهڙي هڪ جڳهه نظر اچي رهي هئي، جنهن تي هڪڙو انسان سولائيءَ سان بيهي سگهيو ٿي، ۽ گهري سوچ ۽ صحيح جذبي ماتحت هن جي هر چرپر ۽ حرڪت وسڪنات لاءِ به مٿس ڪافي گنجائش هئي. هن قدرتي ٺهيل منبر تي ارنيسٽ چڙهيو، ۽ پنهنجي ٻڌندڙن تي هڪ ڄاتل سڃاتل محبت ڀري نگاهه وڌائين. ڪي ويٺا هئا، ته ڪي بيٺا هئا؛ ڪي وري گاهه تي ٽيڪ ڏيو سجاڳ ليٽيا پيا هئا. شام جي روشنيءَ جا آخري ترڇا ڪرڻا مٿن پئجي رهيا هئا، ۽ سج جي هار کاڌل روشنيءَ جي رونق، پراڻن وڻن جي هڪ جهڳٽي جي سڪوت سان گڏجي چوڌاري عجيب تاثر پيدا ڪري رهي هئي. ٻئي طرف ، ”پٿر جي عظيم شڪل“ ساڳيءَ ڀرپور رونق، ساڳيءَ متانت ۽ شفقت سان، فضا کي پنهنجي محبت جي آغوش ۾ سميٽي، پر اعتماد ۽ اڏول بيٺي هئي.

        ارنيسٽ ڳالهائڻ لڳو: جيڪي سندس دل ۽ روح ۾ هو، سو سڀ ماڻهن ۾ بي خوف ورهائڻ لڳو. هن جي لفظن ۾ طاقت هئي، ڇو ته هن جا لفظ هن جي خيالن سان هم آهنگ هئا؛ هن جي خيالن ۾ گَهرائي ۽ صداقت هئي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال سندس زندگيءَ سان هم آهنگ ۽ هم رنگ هئا، جيڪا هو هميشھ گهاريندو آيو هو. سندس لفظ محض لفظ ڪين هئا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ نيڪ ڪمن ۽ مقصد محبت جي زندگي رچيل هئي. هن جي لفظن ۾ سچا ۽ بيش قيمت موتي مڙهيل هئا. شاعر، هن جا خيال ٻڌي اهو محسوس ڪرڻ لڳو ته ارنيسٽ جي وجود ۽ ڪردار ۾ سندس لکيل شعر کان وڌيڪ پاڪيزه شعريت هئي. هن جون اکيون لڙڪن کان چمڪڻ لڳيون؛ هو هن قابل احترام هستيءَ ڏانهن ڪمال نياز ۽ ادب سان چتائي نهارڻ لڳو، ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو ته ههڙو چهرو ته ڪنهن پيغمبر يا عارف جو به ڪين هوندو، جنهن ۾ هيتري معصوميت، دلڪشي ۽ فڪرمند ڪيفيت هئي، ۽ جنهن جي چوڌاري سفيد وارن جي هلالي ڪيفيت بکي رهي هئي. دور، سج جي آخري جهيڻن ڪرڻن ۾ ”پٿر جي عظيم شڪل“ صاف نظر اچي رهي هئي، جنهن جي چوڌاري ڌنڌلا ڪوهيرا اهڙيءَ طرح جمع ٿي رهيا هئا، جهڙيءَ طرح ارنيسٽ جي پيشانيءَ جي چوڌاري سفيد سفيد وار پکڙيل هئا، - ان جي شفقت ڀرين نگاهن جي آغوش ۾ دنيا سمايل ٿي ڏٺي.

        ان گهڙيءَ، هڪ اهڙي خيال جي هم آهنگيءَ کان جيڪو هو چوڻ وارو هو، ارنيسٽ جي شڪل ۾ اهڙو جلال، هڪ اهڙي پرشوڪت ڪيفيت اڀري آئي، جنهن ۾ پرخلوص پيار، محبت ۽ انسان دوستي ڇلڪي رهي هئي. شاعر ڪنهن اٽل جذبي کان مجبور ٿي پنهنجون ٻانهون هوا ۾ اڇليندي، دانهن ڪئي:

        ”هو ڏسو، خود ارنيسٽ ئي ’پٿر جي عظيم شڪل‘ جو هم شڪل آهي!“ پوءِ سڀني ماڻهن نهاريو؛ ۽ ڏٺائون ته واقعي جيڪي دانشمند شاعر چيو ٿي، سو سچ هو. پيشينگوئي پوري ٿي چڪي هئي. پر ارنيسٽ، جيڪي ڪجهه کيس چوڻو هو، سو ختم ڪري، شاعر جو هٿ جهلي، آهستا آهستا گهر ڏانهن هلڻ لڳو. سندس دل ۾ اڃا به اها اميد جاڳي رهي هئي ته هن کان ڪو وڌيڪ دانشمند ۽ بهتر انسان نيٺ ظاهر ٿيندو، جنهن جي شڪل ”پٿر جي عظيم شڪل“ سان مشابهه هوندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org