سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :19

ريڍار جي ڌيءُ

از – وليم سارويان             مترجم – رباني

-------------

Shepherd’s Daughter

By

William Saroyan

Published by permission of  Random House, Inc., New York.

 

 

منهنجي ڏاڏي، شل ڌڻي وڏي ڄمار ڏئيس، انهيءَ خيال جي آهي ته سڀني ماڻهن کي پورهيو ڪرڻ کپي. اجهو هينئر گهڙي کن اڳ مون کي ميز تي چوڻ لڳي: توکي ڪو چڱو هنر سکڻ گهرجي. ڪاٺ مان يا مٽيءَ مان، ڌاتوءَ مان يا ڪپڙي مان – ڪانه ڪا اهڙي شي جوڙڻ سِکُ جا عام ماڻهن کي ڪتب اچي سگهي. تو جهڙي جوان لاءِ اها ڳالهه شان واري ناهي ته ڪنهن به چڱي هنر جي ڄاڻ نه رکين. آخر تون ڪهڙي شيءِ جوڙي ٿو سگهين؟ ڪا سادي سودي ميز، ڪا ڪرسي، ڪا ٿالهي – ٻيو ته ٺهيو، رڳو هڪڙي’ڪافيءَ – داني‘ ٺاهي سگهين، ته به ڀلو! مان ٿي چوان ته آخر توکي اچي ڇا ٿو؟

- ۽ ائين چئي ڏاڏي ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان مون ڏي نهارڻ لڳي.

ويرم رکي چوڻ لڳي: مون کي خبر آهي ته تون ليکڪ ٿيڻو آهي ۽ ٿي ويو آهين، هيڏا سارا سگريٽ جو ساڙين ٿو! سڄو گهر دونهي سان ڀريو پيو آهي. پر توکي گهرجي ته اهڙيون شيون ٺاهه، جن کي ڏسي سگهجي ۽ ڇُهي سگهجي.

ايترو چئي، ڏاڏي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ لڳيم: ڪنهن زماني ۾ ايران ۾ هڪڙو بادشاهه هوندو هو. کيس هڪ پٽ هو جو هڪڙي ريڍار جي ڌيءَ تي عاشق ٿي پيو. هڪڙي ڏينهن شهزادو پنهنجي پيءُ وٽ ويو، ۽ چيائينس ته بابا، منهنجي هڪڙيءَ ريڍار جي ڌيءَ سان دل ٻَجهي ويئي آهي؛ ارادو اٿم ته ساڻس نڪاح ڪريان. پڻس چيس ته پٽ، مان بادشاهه آهيان ۽ تون منهنجو پٽ آهي؛ جڏهن مون کي ڌڻي پاڻ وٽ گهرائيندو، تڏهن نيٺ تون ئي ته بادشاهه ٿيندين؛ هاڻي ائين ڪيئن ٿي سگهندو ته تون ڪنهن ريڍار جي ڌيءُ سان شادي ڪرين! شهزادي جواب ڏنو ته قبلا! مان ٻيو ڪي ڪين ٿو ڄاڻان، رڳو اها ڄاڻ اٿم ته مان انهيءَ ڇوڪريءَ سان محبت ڪريان ٿو ۽ کيس پنهنجي راڻي بنائيندس. بادشاهه ڏٺو ته شهزادي جي ڇوڪريءَ سان سچي دل آهي، سو ڇوڪريءَ ڏانهن هڪڙي قاصد ذريعي نياپو مڪائين ته منهنجو پٽ توسان محبت ڪري ٿو ۽ ارادو اٿس ته توکي پنهنجي راڻي بنائي. جڏهن قاصد اهو نياپو وڃي ڇوڪريءَ کي سڻايو، تڏهن ڇوڪريءَ قاصد کان پڇيو ته شهزادو ڪهڙي ڪرت ڪندو آهي؟ قاصد اهو سوال ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو، ۽ وراڻيائين ته هو بادشاهه جو پٽ آهي، سو کيس ڪنهن ڪرت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت! تنهن تي ڇوڪريءَ چيس ته بادشاهه جي پٽ کي پهريائين ڪو ڌنڌو ڌاڙي سکڻ کپي. قاصد وڃي اهو پيغام بادشاهه کي اکر به اکر ٻڌايو. بادشاهه شهزادي کي گهرائي چيو ته ريڍار جي ڌيءُ اجهو هي جواب ڏنو آهي؛ ڪيئن، اٿيئي اڃا ساڻس شادي ڪرڻ جي مرضي؟ شهزادي چيو ته هائو، مان هاڻي کان ئي تڏا ۽ ٽُئا ٺاهڻ ٿو سکان. پوءِ شهزادو دل و جان سان ڪم کي جنبي ويو، ۽ ٽن ڏينهن اندر عمدن پٽاپٽي ۽ رنگارنگي تڏن ٺاهڻ ۾ ڀَڙُ ٿي ويو. قاصد انهن تڏن مان ٻه چار داڻا کڻي ويو ڇوڪريءَ وٽ ۽ چيائينس ته هي تڏا بادشاهه جي پٽ جوڙيا آهن. ڇوڪري تڏا ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ قاصد سان گڏجي محلات ۾ پهتي، ۽ شهزادي سان شادي ڪيائين.

هڪڙي ڏهاڙي شهزادو بغداد جي گهٽين ۾ پئي گهميو ته کيس هڪڙو نانوائيءَ جو دڪان نظر آيو، جو ڏاڍو صاف سٿرو هو ۽ نهايت عمدي نموني سينگاريل هو.شهزادو امالڪ مٿي چڙهي ويو، ۽ وڃي هڪڙيءَ ميز اڳيان ويٺو. مڄاڻ ته اهو دڪان ڪو چورن ۽ ڦورن جو اڏو هو! تن ڇا ڪيو، جو شهزادي کي سوگهو ڪري، آڻي هڪڙي سڪل کوهه جي تري ۾ قيد ڪيائون، جتي اڳيئي شهر جا ڪيترا امير قيد هئا. اهي چور ڇا ڪندا هئا، جو مڙني قيدين ۾ جيڪو ٿلهو متارو ڏسندا هئا، تنهن کي ڪهي، مڙني ۾ جو سنهڙو سيپڪ هوندو هو، تنهن کي زوريءَ کارائيندا هئا! اهو ڄڻ هنن جي ڪاڻ هڪڙو تماشو هو! جيئن شهزادو بت جو هلڪڙو هو، ان ڪري هو في الحال ته موت کان بچيو رهيو. چورن کي اها ته خبر ئي ڪانه هئي ته هو ڪو بادشاهه جو پٽ آهي، ڇو ته شهزادي کين ٻڌايو هو ته مان تيلين مان عمدا تڏا ٺاهيندو آهيان؛ جيڪڏهن توهان مون کي تيليون آڻي ڏيندئو، ته مان ان منجهان توهان کي عمدا تڏا جوڙي ڏيندس، جن جي بها مان توهان جهجهو ناڻو ڪمائيندئو. چورن کيس تيليون آڻي ڏنيون، جن مان شهزادي ٽن ڏينهن اندر ٽي عاليشان تڏا ٺاهيا. چوٿين ڏينهن تي چورن کي چيائين ته جي هي ٽي تڏا کڻي ايران جي بادشاهه کي ڏيندئو، ته هو اوهان کي هڪ هڪ تڏي جو عيوض سئو اشرفيون ڏيندو. چور تڏا کڻي بادشاهه وٽ پهتا، جنهن ڏسڻ سان سهي ڪيو ته تڏا سندس پٽ جا جوڙيل هئا. هڪدم تڏا کڻائي ويو محلات ۾، ۽ نُنهنُ کي چيائين ته هي تڏا پنهنجي شهزادي جا جوڙيل ٿا ڀانئجن، پر شهزادو ته ڪيترن ڏينهن کان گم آهي! ريڍار جي ڌيءُ تڏن کي چتائي ڏسڻ لڳي ته کيس تڏن جي اوڄ ۾ ڪي اکر نظر آيا. اهي اکر پڙهي سڄو سماچار سهري کي سڻايائين، جنهن هڪدم جوڌن جوانن جو هڪ جٿو موڪليو، جنهن وڃي کوهه تي حملو ڪيو، ۽ سمورن چورن کي ماري قيدين کي آزاد ڪرايو، ۽ شهزادي پنهنجي حفاظت هيٺ آڻي بادشاهه وٽ پهچايو. شهزادو پيءُ کي پيرين پئي، سڌو ويو محلات ۾، وڃي پنهنجي زال کي ڀاڪر وڌائين، ۽ چيائينس ته سچ پچ رڳو تنهنجي سياڻپ ڪري منهنجي جان بچي آهي. بادشاهه به پنهنجي ننهن تي بيحد راضي ٿيو.

ڏاڏي ڳالهه پوري ڪري چوڻ لڳي: ڏٺئي ته ڪيئن هنر ماڻهوءَ لاءِ ضروري آهي!

مون وراڻيو: ڏاڏي، مون سڀ ڪجهه سمجهيو. منهنجو واعدو آهي ته جيئن ئي چار ڏوڪڙ ڪمائيندس، ته سڀ کان اول انهن مان هڪڙو مترڪو، هڪ ڪارائي ۽ ڪاٺ ٽڪر خريد ڪري، پنهنجي لاءِ ڪا ڪرسي يا ڪتابن لاءِ ڪٻٽ جوڙيندس.


 

 

 

سرڪس

از – ڪئٿرائين اين. پورٽر             مترجم – رباني

--------------

The Circus

By

Katherine Anne Porter

 

From the Leaning Tower and other Stories,

Copyright, Katherine Anee Porter, 1944.

 

 

بيضوي گهيري ۾، ڪئنچيءَ جهڙن ٿنڀن تي رکيل، ڊگها ڊگها تختا مٿي ئي مٿي هليا ويا، انهن تي تماشبين ائين ڳتيا ويٺا هئا جيئن، بقول ڊائسي، ”ڪتيءَ جي ڪن تي چچڙ.“ ڊائسي ميرانڊا جو هٿ سوگهو جهلي، هيڏانهن هوڏانهن بڇان مان نهاري رهي هئي. وچ ۾، ٿوريءَ وڇوٽيءَ تي کتل ٽن پيلپائن تي لڳل وڏي ويڪري تنبوءَ جون سفيد لهرون مٿان ور وڪڙ کائي رهيون هيون. جڏهن هي ڪٽنب ويهي ويو، ته تختي جي هڪ سڄي ٻانهين والاري ويو.

        ڊگهيءَ قطار جي هڪ پاسي کان پيءُ، ڀيڻ ميريا، ڀاءُ پال، ڏاڏي، وڏي چاچي ڪيزيا، هڪڙو سوٽ ڪيزيا ۽ ٻيو سوٽ ڪيزيا جو ڪئنٽڪيءَ کان تازو گهمڻ لاءِ آيو هو؛ چاچو چارلس بروڪس، سوٽ چارلس بروڪس ۽ چاچي ميري لين بروڪس ويٺا هئا؛ ٻئي پاسي کان: ننڍڙي سوٽ لوسي بروڪس، وڏو سوٽ پال گي، وڏي چاچي سيلي گي (جا ناس ڏيندي هئي ۽ ان ڪري سڄي ڪٽنب ۾ ڪنهن کي ڪين وڻندي هئي)؛ ٻه عجيب نوان ٻارڙا جي بيحد حسين هئا ۽ شايد پاڻ ۾ سوٽ هجن پر ٻئي يقيناً ميرانڊاگي تي فدا هئا؛ ۽ خود سوٽ ميرانڊاگي پاڻ – ڦڙت ڇوڪري، هڪ ئي وقت اڌ ڊزن کن جهالرين واري لهريدار ريشمي فراڪ سان، سندس وڻندڙ سرهاڻ ۾ ٻڏل گهنڊيدار وار، ۽ تنهن کان سواءِ وڏيون، شوخ، نيريون، پڻس جي چوڻ موجب ”وڇيريءَ جهڙيون“ اکيون. ميرانڊا کي خيال هو ته هوءَ وڏي ٿيندي ته شايد سڄي ساري وڇيريءَ جهڙي ٿي پوندي. ڊائسي جي ٻانهن جهلي، نئڙي سوٽ ميرانڊا کي سلام ڪيائين، جنهن موٽ ۾ کيس سلام ڪيو، ۽ پاسي ۾ ويٺل ٻن عجيب ڇوڪرن به کيس سلام ڪيو. ميرانڊا جي دل زور سان دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. اهو پهريون دفعو هو، جو هوءَ سرڪس ڏسڻ آئي هئي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو سندس آخرن ڀيرو به هجي، ڇو ته هن ڀيري به ڏاڏنهس کان موڪل وٺڻ واسطي – ته هوءَ ساڻن گڏ هلي، سڄي ڪٽنب کي گڏ ٿيڻو پيو هو. ”چڱو، پر ڇڙو هي هڪ دفعو“، ڏاڏيءَ چيو هو، ”ڇو ته سڄو ڪٽنب اچي گڏ ٿيو آهي.“

        ڇڙو هڪ دفعو! ڇڙو هڪ دفعو! اهڙيءَ صورت ۾، ظاهر آهي ته هن هر ڪنهن شيءِ کي وڏي شوق ۽ ڌيان سان پئي ڏٺو. تختن جي وٿين مان به هيٺ نهاريائين، ۽ اهو ڏسي عجب لڳس ته هيٺ پٽ تي ويٺل ڦاٽل ڪپڙن سان ڪوجها ڇوڪرا، ڪنڌ کڻي مٿي ڏانهن نهاري رهيا هئا. هو پلٿيون ماري ننڍين ننڍين ٽولين ۾ ويٺا هئا، چپ چاپ مٿي گهوري رهيا هئا. هن منجهائن هڪڙي جي اکين ۾ اکيون وجهي نهاريو، ته ڇوڪري موٽ ۾ ڏانهس ڪنهن اهڙي وچتر نموني ڏٺو، جو هوءَ اکيون ڦاڙي هن ڏي گهورڻ لڳي ۽ ان جو مطلب سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ڇوڪري جو ڏسڻ اهڙو بيباڪ ۽ بي فضيلتو هو، جو ان ۾ قرب ۽ مروت جي ڪابه جهلڪ ڪانه هئي. ڇوڪرو سنهڙو، سيپڪ ۽ ڪوجهو هو. سندس ڳاڙهن ڪنن ۽ مٽيءَ جي رنگت جهڙن وارن تي هڪ پراڻي سراڻي ٽوپي پيئي هئي. جيئن ميرانڊا ڏانهس گهوري نهاريو، ته هن پنهنجي ڀرواري ڇوڪري کي ٺونٺ هنئي ۽ ڪو سرٻاٽ ڪيو، ۽ پوءِ هو ٻيو ڇوڪرو به ڏانهس ڏسڻ لڳو. بس، حد ٿي ويئي. ميرانڊا، ڊائسيءَ جو پلئه ڇڪي چيو، ”ڊائسي، هو ننڍڙا ڇوڪرا هُتي هيٺ ڇا ٿا ڪن“ ”هيٺ ڪٿي؟“ ڊائسيءَ پڇيو؛ پر شايد کيس اڳيئي سڌ هئي، ڇو ته هن مُڙي تختن جي وٿين مان هيٺ نهاريو، ۽ يڪدم پنهنجي گوڏن کي گڏي، فراڪ کي ڇڪي، ڇوهه مان چيو، ”تون پنهنجو پاڻ سنڀال. ٽنگون ٽيڙي نه ويهه. ايڏانهن ڌيان نه ڏي. هتي گهڻي ئي باندر ويٺا آهن. تون انهن ڏي ڪو ڌيان نه ڏي.“

        ڄڻ هڪ زبردست پيتلي بئنڊ ميرانڊا جي ڪن وٽ ٺڪاءُ ڏيئي ڦاٽي. ڄڻ آواز، رنگ ۽ بوءِ سندس چمڙيءَ کي، وارن کي، مٿي کي، هٿن کي، پيرن کي، ۽ دُن کي ڇهڻ لڳا. هوءَ اڇل کائي ڏڪڻ لڳي. اصل ساهه کڻڻ ئي وسري ويس. ”اڙي!“ هن گهٻراهٽ ۾ اکيون ٻوٽي ڊائسيءَ جو هٿ جهلي رڙ ڪئي. چمڪندڙ روشنيون سندس اکين جي ڇپرن کي ساڙڻ لڳيون. غصي جهڙن ٽهڪن جو گوڙ ۽ دهلن ۽ توتارن جو آواز گونجي ويو. هن اکيون پٽيون....... تنهن کان چوٽيءَ تائين سفيد ڍلو ڍالو لباس اوڍيل، ڳچيءَ ۽ مُرَن وٽ ڇڪ ۽ سور سبب گهُنجَ، هڏي جهڙي اڇي کوپري ۽ چاڪ جهڙو سفيد منهن، نرڙ جي وچ ۾ پري ڇڪيل گهاٽا ڀرون، ڪاريون نوڪدار پنبڻيون، اندر پيٺل ڳلن تائين پکڙيل ڳاڙهيون واڇون جي سخت سور ۽ عجب جي حالت ۾ ڪنڊن وٽان ٽڙي وييون هيون -، انهي وضع قطع جو ڪو شخص آکاڙي جي وچ ۾ هڪ تار تي نچي رهيو هو. وزن برابر رکڻ لاءِ هٿ ۾ هڪ ڊگهو سنهو بانس جو لڪڙو هوس، جنهن جي ٻنهي پاسي ڦيٿا لڳل هئا. پهريائين ميرانڊا ائين سمجهو ته هي شخص هوا تي هلي رهيو آهي يا اڏامي رهيو آهي، ۽ اوستائين کيس ڪوبه عجب نه ٿيو. پر جڏهن تار ڏٺائين ته ڊپ وٺي ويس. سندن مٿن کان به مٿي، اهو غير انساني پتلو، ڦيٿا ڦيرائي ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيو هو. هو ٿورو بيٺو، پير ترڪيس، سندس سفيد ٽنگ هوا ۾ ڦڙڪڻ لڳي، لڏيو، لميو، هڪ پاسي کسڪيو، ڪريو، بولاٽي کاڌائين ۽ سٽ ڏيئي گوڏي سان تار پڪڙي، ابتو ٽنگجي لڙڪي بيهي رهيو. سندس ٻي ٽنگ مٿي وٽ لڏي رهي هئي، وري کسڪيو، هينئر سندس کڙي تار ۾ اٽڪي پيئي ۽ هو رومال جيان اڳتي پوئتي ڦڙڪڻ لڳو. تماشبينن جي انبوهه ائين خوشيءَ مان چيٽون ڪيون ۽ ٽهڪ ڏنا، جيئن شيطان گهُري ورتل سزا جي عذاب ۾ خوش ٿئي. ميرانڊا کان به چيٽ نڪتي، پر سچ پچ سور کان. گوڏا سوڙها ڪري پيٽ کي وٺي مٺيون ڏنائين. تار تي جو شخص لٽڪيل هو، سو ’گوج‘ مڇيءَ جيان پنهنجو مٿو هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي رهيو هو ۽ پنهنجي ڪوجهي وات سان تماشبينن جا ويچارا ڪڍي رهيو هو. هينئر ميرانڊا پنهنجي اکين کي هٿن سان ڍڪي رڙيون ڪيون ۽ سندس ڳلن ۽ کاڏيءَ تان ڳوڙها وهڻ لڳا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org