ٽن ڏينهن تائين بيلي کيس لڀي ڪين سگهيو، ۽ اهي ٽي
ڏينهن هن بي صبريءَ جي بخار ۾ گذاريا، پر پوءِ نيٺ
هو بيليءَ جي جاءِ تي رات جي مانيءَ تي گڏيا.
بيليءَ جا عجيب و غريب ڪتاب به اُتي رکيل هئا.
ٽاميءَ پنهنجي شڪن جو منجهيل ڦورو کڻي بيليءَ
اڳيان رکيو.
جيستائين ٽامي ڳالهائيندو رهيو، تيستائين بيلي چپ چاپ
کيس ٻڌندو رهيو. پوءِ هن پائيپ جو ڪش هڻندي، ڪجهه
احتجاجي انداز ۾ چيو، ”پر، منهنجا پيارا
دوست........“
ٽاميءَ پنهنجا هٿ ڏانهنس اڀا ڪندي چيو، ”چڱو،
چڱو........ يار، اهو ته مان به ڄاڻان ٿو. آءٌ
برابر خفقاني آهيان. تون مون کي اهو نه ٻڌاءِ. ڇا
به هجي، پر مان توکي ٻڌايان ٿو ته هي شخص ٻلو آهي.
مون کي اها ته خبر ناهي ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي،
پر ڳالهه ائين ئي آهي، جيئن آءٌ ٿو چوان. ٻين
ڳالهين کي ته ٻَنِ ڏي، اها ته هر ڪنهن کي سڌ آهي
ته هن کي پڇ آهي!“
”ٺيڪ آهي!“ بيليءَ سوٽو هڻندي چيو. ”۽ منهنجا پيارا
ٽامي، مون کي تنهنجي اکين تي به شڪ ناهي، نڪي جيڪي
سمجهي ٿو ته تو ڏٺو، يا جيڪي ڪجهه چوين ٿو، ان تي
ئي: پر پوءِ............“ هن ائين چئي، ڪنڌ ڌوڻيو.
ٽاميءَ چيو، ”چڱو ڀلا، هو جو ڳالهائيندڙ پکين، انسان
نما بگهڙن، ٻانڀُن، وغيره بابت، ۽ ٻيون اهڙيون
ڳالهيون ڪندا آهن........“
اهو ٻڌي بيلي ٻڏتر ۾ اچي ويو. ”ٻيلي برابر!“ هن قبوليو،
”اِتي مون کي تو برابر جهلي ورتو. ڪم از ڪم پڇ
وارو ماڻهو ممڪن ته آهي، ۽ انسان نما بگهڙن ۽
ٻانڀُن بابت ڏند ڪٿائون تمام پراڻيون آهن،
سو.......... مان اهو ته نٿو چوان انسان نما بگهڙ
۽ ٻانڀون، وغيره ناهن يا ڪڏهن هئائي ڪين؛ مان ته
پاڻ اڪثر ماڻهن کان وڌيڪ ۽ گهڻيون ڳالهيون مڃڻ
لاءِ تيار آهيان. پر هڪ انسان نما ٻلو يا اهڙو
انسان جو ٻلو آهي يا اهڙو ٻلو جو انسان
آهي.......... ٽامي، سچ پڇين ته...........“
”بيلي! خدا جي واسطي مون کي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪيان. جي
مون کي ڪا سهڻي صلاح نه ملي، ته مان چريو ٿي
پوندس.“
”مون کي سوچڻ ڏي،“ بيليءَ چيو. ”اڳ ۾ هي ته ٻڌاءِ ته
اها توکي پوري پڪ آهي ته هي ماڻهو.......“
”ٻلو آهي. هائو،“ ٽاميءَ گرم ٿي چيو.
”وري به پڪ ڪج. ۽، جي ٽامي توکي دل ۾ نه ٿئي، ته هي به
ته ٻڌاءِ........ ته هيءَ ڇوڪري، جنهن سان تنهنجو
پيار آهي، سا به.... تنهن ۾ به..... توکي انسان
نما ٻليءَ جي رڳ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ .... ڀانئين ٿو
ته هوءَ ان ڪري ئي ڏانهنس ايترو ڇڪجي رهي آهي “
”يا الله! جيڪر، بيلي، اها مون کي خبر هجي!“
”خير....... کڻي ..... مڃ ته ائين آهي. ڀلا پوءِ به تون
هن کي پيار ڪندين؟“
”جي نه هوءَ هر اربع رات ازدها بنجي وڃي، ته به مان
ساڻس شادي ڪندس،“ ٽاميءَ چيو.
بيليءَ مرڪيو. ”هون،“ هن چيو، ”پوءِ ته ڪيئن به ڪري هن
موسيو تائيبالت کي هتان تڙي ڪڍڻو پوندو. مون کي
سوچڻ ڏي.“
هن سوچيندي سوچيندي ٻه ڀريل پائيپ ساڙيا، ۽ ٽامي اهو
وقت ڄڻ ڪنڊن ۽ سُين تي ويٺو رهيو. ۽ پوءِ امالڪ هو
اچي ٽهڪن ۾ ڇٽڪيو.
ٽاميءَ منهن سڄائي چيو، ”ڀلا ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه
آهي؟“
”ڪجهه به نه، ٽامي. ائين ئي ويٺي ويٺي هڪ ڳالهه سُجهي
آيم....... آهي ته ڀوڪپائي..... پر واقعي جي هو
اهو ئي آهي.... جو تون ان کي سمجهين ٿو ..... ته
معاملو آسان آهي....“ ائين چئي، هو ڪتابن جي ڪٻاٽ
ڏي ويو، ۽ هڪڙو ڪتاب ڪڍي آيو.
”جي تون اهو ٿو سمجهين ته ٻارن کي ننڊ ڪرائڻ جهڙي ڪا
آکاڻي پڙهي، مون کي....“
”هاڻي بڪ نه ڪر. جي تون سچ پچ پنهنجي هن ٻلي دوست مان
جند ڇڏائڻ ٿو چاهين، ته ٻڌ!“
”ڇا آهي؟ چئه!“
”’وائنزرئپليئر‘ جو ڪتاب. ٻلين بابت. ٻڌ.“
”هِن جڳ پرسد ڪهاڻيءَ جي اسڪنڊينيوين ٻوليءَ ۾ به روايت
آهي. هيءَ ڪهاڻي ’سروالٽر اسڪاٽ‘ ’واشنگٽن اِرونگ‘
کي ٻڌائي هئي، ۽ ’مانڪ ليوس‘ ’شيليءَ‘ کي ٻڌائي
هئي. هيءَ مختلف پيراين ۾ تقريباً هر ڪنهن ملڪ جي
لوڪ ڪهاڻين ۾ موجود آهي؛.... ٽامي هاڻي ڌيان
ڏي.... (هيءَ) هڪڙي سياح جي ڳالهه (آهي)، جنهن
هڪڙيءَ ڦٽل ديول ۾، ٻلين جي هڪ جلوس کي، هڪڙو
ننڍڙو جنازو، جنهن جي مٿان تاج رکيل هو، قبر ۾
لاهيندي ڏٺو هو. اهو ڏسي هو ڊپ مان وٺي ڀڳو، پر
جڏهن پنهنجي منزل مقصود تي پهتو، ته پنهنجي هڪ
دوست کي اهو عجيب قصو ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نه
سگهيو، ۽ اڃا پنهنجي دوست کي اهو قصو ٻڌائي پورو
مس ڪيائين، ته سندس دوست جو ٻلو، جو چلهه جي ڀر ۾
ليٽيو پيو هو، ٽپو ڏيئي چوڻ لڳو، ’پوءِ ته ٻلين جو
بادشاهه آءٌ ئي آهيان!‘ ۽ ايترو چئي چلهه جي دونهي
سان ملي، غباري مان ٻاهر نڪري غائب ٿي ويو.
”هاڻي...... ڇاٿو ڀانئين؟“ بيليءَ ڪتاب بند ڪري چيو.
”الله جو سنهن! تون سمجهين ٿو ته ڪاميابيءَ جو امڪان
آهي؟“
”ڪيئن چئجي؟ پر پوءِ جيڪڏهن تون هي نسخو آزمائڻ چاهين،
ته.....“
”مان ٿو چوان ته مون کي جيڪي ڪجهه ملندو، تنهن سان هن
تي وار ڪندس، پر مان ڦٽل ديول جو نالو....“
”يار، ذهن تي زور ڏي، ائين کڻي چئو ته شاهي باغ ۾....
مڙيوئي هڪ هنڌ....... ڪٿي به. ائين ڳالهه ڪج، جو
ڄڻ اها ماجرا تو پاڻ ڏٺي آهي. ڳالهه مان ڳالهه
ڪڍي، ائين شروع ٿي وڃجانءِ. ڏس نه..... ائين ئي ڪا
عام ڳالهه .... هيئن ئي کڻي شروع ڪج..... ’عجب جي
ڳالهه چئجي، جو ڪڏهن ڪڏهن سچا پچا واقعا هوبهو ڏند
ڪٿائن جهڙا ثابت ٿيو پون. اجهو ڪالهوڪي ڳالهه آهي
ته.......‘“
”عجب جي ڳالهه چئجي، جو ڪڏهن ڪڏهن سچا پچا واقعا هوبهو
ڏند ڪٿائن جهڙا ثابت ٿيون پون،“ ٽاميءَ طوطي وانگر
نقل ڪندي چيو، ”اجهو ڪالهوڪي ڳالهه آهي ....“
”مان شاهي باغ مان پئي لنگهيس، جو هڪ حيرت جهڙو واقعو
ڏٺم.“
”مان شاهي باغ مان پئي لنگهيس، جو ........ هاڻي
هيڏانهن ڪر ڪتاب!“ ٽاميءَ چيو. ”اڳتي سڄو واقعو بر
زبان ياد ڪري ڇڏيندس.“
موسيو تائيبالت جي مغرب جي دوري تي اسهڻ کان اڳ مسز
ڊنگل سندس اعزاز ۾ جا ڊنر پارٽي ڏيڻ واري هئي،
تنهن جو انتظار گهڻي توقعات سان ڪيو پئي ويو.
نه رڳو ان لاءِ ته هرڪو اتي حاضر هوندو، شهزادي ويورڪا
نرد سميت؛ پر مسز ڊنگل، جا اشارتاً ڳالهه چوڻ ۾
پنهنجو مٽ ڪانه رکندي هئي، اهو به هـُـلائي ڇڏيو
هو ته ان موقعي تي هڪ اهڙو اعلان ڪيو ويندو، جو هر
شخص لاءِ غير معمولي دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو. سو،
گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ موقعي تي، هڪ دفعو، هرڪو شخص مهل
سر اچي حاضر ٿيو، سواءِ ٽاميءَ جي. هو پندرهن منٽ
سڀ کان اول آيو هو، ڇو ته پنهنجي چاچيءَ سان
اڪيلائيءَ ۾ ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهيائين؛ پر
بدقسمتيءَ سان اڃا پنهنجو ڪوٽ ئي مس لاٿو هئائين،
ته چاچهنس سندس ڪن ۾ ڪا نئين ڳالهه اهڙيءَ تيزيءَ
سان چئي ويئي، جو ٽاميءَ لاءِ ان جو هڪڙو اکر
سمجهڻ به مشڪل ٿي پيو.
”اها ڳالهه ڪنهن بني بشر کي نه ٻڌائجانءِ!“ هن خوشيءَ ۾
نه ماپندي چيو. ”اعلان کان اڳ اها ڳالهه ظاهر ڪرڻي
ناهي...... مان سمجهان ٿي ته اها ڳالهه اسان سلاد
کائڻ وقت..... ماڻهو سلاد ڏانهن گهڻو توجهه ڏين ئي
ڪونه.“
”ڇا نه ٻڌايان، چاچي! ايملي؟“ ٽاميءَ پريشانيءَ وچان
چيو.
”شهزادي، مَنَ..... شهزاديءَ ۽ موسيو تائيبالت اڄ شام
جو پنهنجي شادي طي ڪئي آهي.... ويچارا پيارا
ماڻهو! ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“
”هون!“ ٽاميءَ بيخياليءَ سان چيو، ۽ ڀرواري دروازي
ڏانهن وڌيو.
”اتي نه، پيارا..... لئبرريءَ ۾ نه. تون پوءِ به کين
مبارڪ ڏيئي سگهين ٿو. مَس مَس هينئر گهڙي کن ته
حال اورڻ لاءِ اڪيلائي ملي اٿن....“ ۽ ائين چئي،
حواس باخته ٽاميءَ کي اتي ڇڏي، هوءَ بورچيءَ جي
ميڄالي چٽڻ لاءِ بورچيخاني ڏي وڌي.
پر گهڙيءَ کن کان پوءِ، ٽاميءَ جي منهن تي سرهائي آئي.
اڃا ميدان ۾ هن بنهه هارايو ڪونه هو.
”عجب جي ڳالهه چئجي، جو ڪڏهن ڪڏهن سچا پچا واقعا هوبهو
ڏند ڪٿائن جهڙا ثابت ٿيو پون!“ هو پنهنجي منهن چپن
۾ دور ڪرڻ لڳو، ۽ ائين بڙ بڙ ڪندي، لئبرريءَ جي
دروازي ڏي مڪ اولاريائين.
هميشھ جيان مسز ڊنگل غلط هئي. شهزادي ۽ تائيبالت
لئبرريءَ ۾ ڪونه هئا، هو ته ڊرائنگ هال ۾ هئا.
ٽاميءَ کي اهو پتو تڏهن پيو، جڏهن هو ائين ئي
هلندو هلندو، ڊرائنگ هال جي شيشن لڳل دروازن کان
لنگهيو.
هن اندر نهارڻ نٿي چاهيو، ۽ رڳو لنوڻو وجهي، وري کڻي
ڪنڌ ڦيرايائين. پر اهو هڪڙو لنوڻو ئي ڪافي هو.
تائيبالت ڪرسيءَ تي، ۽ هوءَ سندس ڀرسان اسٽول تي
ويٺل هئي. تائيبالت آهستي آهستي سندس وارن تي هٿ
ڦيري رهيو هو – ڪارو ٻلو ۽ سيامي پونگڙو. شهزاديءَ
جو منهن ٽاميءَ کي نظر نٿي آيو، پر تائيبالت جي
چهري تي سندس نظر پئي ٿي، ۽ هو ٻنهي جو آواز به
ٻڌي پئي سگهيو.
هنن ڳالهايو ڪونه ٿي، پر سندن وچ ۾ مڙيوئي ڪو آواز هو.
خوشيءَ ڀريو، مسرور آواز – جيئن ڪنهن پوري ٿڙ ۾
ماکيءَ جون مکيون ڀونڀٽ ڪنديون آهن...... هڪ
سونهري، سريلي ڀڻڪار..... نڙيءَ جي اونهائيءَ مان
نڪرندڙ آواز..... تائيبالت جي چپن مان ٿي نڪتو ۽
ان جي جواب ۾ شهزاديءَ به اهڙو ئي آواز پئي
ڪڍيو...... ٻليءَ جي نرم نرم، نازڪ نازڪ غرغراٽ
وانگر.
ٽامي مهمانن جي ڪمري ۾ موٽي آيو. مسز ڪلورين ساڻس هٿ
ملائيندي کيس صاف چئي ڏنو، ”سڄو منهن هيڊو ٿي ويو
اٿئي! اڳي ته توکي ائين ڪڏهن به ڪونه ڏٺم اٿم!“
مانيءَ تي پهرين ٻن طعامن هلڻ جي وقت ته ٽامي خوابن جي
دنيا ۾ هو، پر مسز ڊنگل جو شراب سرور آفرينيءَ کان
مشهور هو، سو جڏهن گوشت جو وارو آيو، ته ٽامي به
ڪجهه موج ۾ آيو. هينئر هن جي دل ۾ هڪ ئي ارادو هو.
هن دل ٻڌي وري وري ڪوشش ڪئي ته عام گفتگو کي موڙي، ڪنهن
طرح پاڻ ڳالهائڻ شروع ڪري، پر مسز ڊنگل برابر
ڳالهائي رهي هئي، ۽ مسز ڊنگل جي گفتگو کي ٽوڙڻ
لاءِ عزرائيل کي به وقت جي گهرج هئي. آخر، توڙي جو
هن فقط ساهه کڻڻ لاءِ بس ڪئي، پر ٽاميءَ ڏٺو ته
مهل اهائي هئي.
”انهيءَ ڳالهه تي،“ ٽاميءَ اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ته
ڳالهه ڪهڙي ٿي هلي، چوڻ شروع ڪيو، ”انهيءَ ڳالهه
تي.....“
”سو مون ٿي چيو ته .....“ پروفيسر ٽاٽوءَ ڪجهه چوڻ ٿي
چاهيو. پر ٽامي ڪو مڙڻ وارو هو! پليٽون کڄي رهيون
هيون. سلاد جو وارو هو.
”انهيءَ ڳالهه تي.....“ ٽاميءَ وري چيو – ايڏو ته زور
سان ۽ اهڙي ته عجيب نموني، جو مسز ڊنگل ڇرڪ ڀري
وٺي ٽپ ڏنو. ميز تي چپ ٿي ويئي. ”عجب جي ڳالهه
چئجي، جو ڪڏهن ڪڏهن سچا پچا واقعا هوبهو ڏند ڪٿائن
جهڙا ثابت ٿيو پون!“ ٽامي شروع ٿي ويو. سندس آواز
هيڪاري وڌي ويو. ”اڄ جو اڄ مان ائين ئي شام جو
شاهي باغ مان پئي لنگهيس.....“ ۽ ائين هن اکر اکر
ڪري پنهنجو سبق ورجايو. ڏٺائين ته جيڏيءَ مهل
جنازي جو ذڪر آيو، ته تائيبالت جون اکيون مٿس تيئن
کپي ويئون، ۽ شهزادي به زياده گنڀير ٿي ويئي.
ٽاميءَ کي اها خبر ڪانه هئي ته جڏهن ڳالهه پوري ڪندو،
ته نتيجو ڇا نڪرندو؛ پر چئن ئي پاسي ڪن کڙا هئا، ۽
سڀ کيس وڏي غور سان ٻڌي رهيا هئا. مسز ڊنگل هر هر
ڪرخت آواز ۾ پئي پڇيو، ”پوءِ ٽامي..... پوءِ ڇا
ٿيو!“
نيٺ، ڳالهه پوري ڪري، هو ڪرسيءَ ۾ ڍير ٿي پئجي رهيو.
سندس هيانءُ ٻڏڻ لڳو. هو ڪيڏو نه احمق هو! سندس
آخري وار به ناڪام ثابت ٿيو! سندس ڪنن ۾ چاچهنس جو
آواز آيو، ”سو، هاڻي.....“ ۽ ٽامي سمجهي ويو ته
اجهو هوءَ اهو منحوس اعلان ڪرڻ واري هئي.
پر ٺيڪ ان وقت موسيو تائيبالت ڳالهايو.
”هڪڙو منٽ، مسز ڊنگل،“ هن بيحد فضيلت سان چيو، ۽ مسز
ڊنگل چپ ٿي ويئي. هن ٽاميءَ ڏانهن منهن ڦيريو.
”شام جو تو جيڪا ماجرا ڏٺي ، سا، ڀانيان ٿو ته توکي پڪ
آهي ته بلڪل ائين هئي، جيئن تو ان کي بيان ڪيو،
مسٽر بروڪس؟“ تائيبالت جي انهيءَ پڪائيءَ ۾ ٿوري
طنز شامل هئي.
”بلڪل،“ ٽاميءَ خار مان چيو، ”تون سمجهين ٿو ته
مان....“
”نه، نه، نه،“ موسيو تائيبالت ڳالهه مٽائي چيو، ”پر
.... اهڙي دلچسپ ڳالهه.... هر ڪو ذري ذري بابت پڪ
ڪرڻ چاهيندو.... ۽ سمجهان ٿو ته توکي خاطري آهي...
بلڪل خاطري ... ته تون جنهن قسم جي تاج جو بيان
ڪرين ٿو، سو اُن جنازي تي رکيل هو.“
”بيشڪ“ ٽاميءَ، عجب کائيندي چيو، ”پر....“
”ته پوءِ ٻلين جو بادشاهه آءٌ آهيان!“ موسيو تائيبالت
رڙ ڪري چيو، ۽ جيئن ئي رڙ ٿي، تيئن ئي بتين جون
روشينون سهمجي ويون. جتي واڄي وارا ويٺا هئا، اتي
هڪڙو ڌماڪو ٿيو، پر اهڙو جو ڄڻ ته اهو ڪپهه جي تهن
۾ اتي جو اتي دٻجي ويو هو. پوءِ گهڙيءَ کن لاءِ
روشنائيءَ جو اهڙو تيز چمڪاٽ ٿيو، جو اکين اڳيان
اوندهه اچي ويئي، ۽ ان کان پوءِ جلد ئي دونهين جا
اهڙا گلابي ڀورڙا ڪڪر چوڌاري پکڙجي ويا، جو اکيون
ڪُرڻ لڳيون.
اِتي، مسز ڊنگل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”هي بدتميز فوٽو
گرافر! مون کين منع ڪئي هئي، ته جيسين ماني پوري
نه ٿئي، تيستائين بجلي فوٽا نه وٺن، پر مان اڃا
سلاد ئي پئي چٻاڙيان ته هنن شيطاني ڪم کڻي شروع
ڪيو آهي.“
ڪنهن جي گهٻراهٽ ڀري کل ٻڌڻ ۾ آئي. پرڀرو ڪنهن کنگهيو،
۽ پوءِ هوريان هوريان دونهين جا ڪڪر هٽڻ لڳا، ۽
ٽاميءَ جي اکين اڳيان رنگا رنگي ترورا آهستي آهستي
غائب ٿيڻ لڳا.
سڀيئي هڪ ٻئي ڏانهن ائين واجهائي رهيا هئا، جو ڄڻ
اونداهي غار مان نڪري اچي اس ۾ بيٺا هجن. اوچتيءَ
تيز روشنيءَ سبب اڃا به سندن اکين اڳيان ترورا ٿي
رهيا هئا، ۽ ٽاميءَ کي ته رڳو ميز جي پرئين پاسي
وارا ماڻهو به نظر نٿي آيا.
نيٺ، هن لڙاٽيل محفل جي ڪمان، هميشھ جيان همت ڪري، مسز
ڊنگل سنڀالي ورتي. هوءَ گلاس هٿ ۾ کڻي اٿي. ”سو
هاڻي، پيارا دوست،“ هن چٽي آواز ۾ چيو، ”مون کي پڪ
آهي، اوهان سڀني کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته...!“
هوءَ هڪدم چپ ٿي ويئي، سندس وات ڦاٽي ويو، ۽ منهن
تي هراس ڇانئجي ويس. سندس گلاس مان شراب جي عنبرين
لار ميز پوش تي ڪرڻ لڳي. جيئن هن اٿي ڳالهائڻ شروع
ڪيو هو، ته ميز تي موسيو تائيبالت جي جاءِ ڏانهن
نهاريو هئائين.... ۽ هينئر اتان موسيو تائيبالت
غائب هو!
ڪن پئي چيو ته جتي هو ويٺو هو، اتان هڪ شعلو اڀريو هو،
جو پوءِ دونهي ۾ گم ٿي ويو. ڪن جو چوڻ هو ته هڪڙو
دَک ٻلو هو، جو هڪ لحظي ۾ دريءَ مان ٽپو ڏيئي ٻاهر
نڪري ويو هو ۽ دريءَ جا شيشا ائين جو ائين سالم
بيٺا هئا. پروفيسر ٽاٽوءَ ٿي چيو ته اهو هڪ
پراسرار ڪيميائي عمل هو. جنهن جو اثر فقط موسيو
تائيبالت واريءَ جاءِ تي ٿيو هو. بورچي، جو بيحد
ايماندار هو، تنهن جو چوڻ هو ته شيطان پاڻ اچي
موسيو تائيبالت کي کڻي ويو. مسز ڊنگل جي راءِ هئي
ته ... پر ڇا به هجي، اها حقيقت ته صاف ظاهر آهي
ته روشنيءَ جي چمڪاٽ کان پوءِ جيڪو لحظي جو انڌارو
ٿيو، تنهن ۾ عظيم هدايتڪار موسيو تائيبالت پنهنجي
پڇ سميت هميشھ هميشھ لاءِ ڪيڏانهن هوا ٿي ويو.
مسز ڪلورين قسم کائي رهي هئي ته هو مشهور معروف عالمي
ڌاڙيل هو، ۽ هوءَ ان محفل ۾ سندس ڀانڊو ڦوڙڻ واري
هئي، جو تيز روشنائي کان پوءِ دونهين جي آڙ ۾ هو
کسڪي ويو؛ افسوس، جو جيڪي به انهيءَ تاريخي دعوت
جي ميز تي ويٺل هئا، تن مان ڪوبه مسز ڪلورين سان
متفق نه هو. مطلب ته ڪابه معقول وضاحت نٿي ٿي
سگهي. پر ٽاميءَ کي اڃا به پڪ آهي ته اصل ڳالهه ڇا
هئي، ۽ هن کي اهو احساس هميشھ رهندو پيو اچي، ۽
اڃا تائين جڏهن به هو ڪنهن ٻليءَ يا ٻلي جي ڀر مان
لنگهندو آهي، ته اکيون ڦاڙي حيرت وچان ان ڏانهن هڪ
ڀيرو ضرور چتائي نهاريندو آهي.
مطلب جي ڳالهه هيءَ آهي ته بيگم ٽامي ٻلين جي معاملي ۾
پنهنجي مڙس سان متفق آهي، هوءَ شڪاگوءَ جي ”گريشن
وول وائين“ (يوناني بگهياڙي) آهي. (وول وائين جي
ته اوهان کي خبر آهي!).... ٽاميءَ کيس سڄي ڳالهه
پيرائتي ڪري ٻڌائي هئي. جيتوڻيڪ ان تي هن گهڻو
اعتبار نه ڪيو هو، پر ته به دل ۾ اها پڪ ويهي ويئي
هيس ته انهن ٻنهي شخصن مان هڪڙو ته جنس بجنس ائين
هو جيئن ٽاميءَ چيو ٿي. اسان لاءِ اهو ٻڌائڻ
يقيناً وڌيڪ روماني ٿئي ها ته ٽاميءَ ايڏي همت ۽
مردانگي ڪري آخرڪار وڃي پنهنجي خوابن جي شهزادي
حاصل ڪئي هئي. پر پوءِ اها ڳالهه افسوس جو راست
گوئيءَ جي خلاف ٿئي ها، ڇو ته شهزادي ويورڪا نرد
به هتي اسان وٽ موجود ناهي. ان پراسرار واقعي کان
پوءِ سندس دماغ تي جو اثر پيو، تنهن کي مٽائڻ لاءِ
هن واسطي سامونڊي سفر ضروري هو، ۽ ان سامونڊي سفر
کان موٽي هوءَ وري ڪڏهن به آمريڪا ڪين آئي.
هان! هميشھ جيان ڳالهيون مشهور آهن. ڪو چوي ٿو ته هوءَ
ڪنهن سيامي ديول ۾ راهبه بنجي ويٺي آهي، يا ”لا
جارڊن دا ما سيور“ ۾ نقاب پوش رقاصه جو ڪم پئي
ڪري. ڪي چون ٿا ته ”پاتا گونيا“ ۾ قتل ٿي ويئي. ڪي
چون ٿا ته ”تريبيزاند“ ۾ شادي ڪري ويٺي آهي. پر
جيسين حقيقت جو تعلق آهي، ته انهن آکاڻين مان ڪابه
سچي ڪانهي. مان ڀايان ٿو ته ٽاميءَ کي دل ئي دل ۾
پڪ آهي ته سامونڊي سفر رڳو بهانو هو، ۽ هوءَ – هن
جهان ۾ يا غيب جي جهان ۾ - موسيو تائيبالت سان
ڪنهن نه ڪنهن ذريعي، نيٺ وڃي ملي آهي؛ ۽ درحقيقت
ڪنهن ويران شهر يا زير زمين محل ۾ هينئر هو ٻيئي
بادشاهه ۽ راڻي ٿي، ٻلين جي پراسرار سلطنت ۾ راڄ
ڪري رهيا آهن. پر اهو، يقيناً، ناممڪن آهي. |