سروِ چوتو، دراُچه ودرتته نباشد
گل مثلِ رُخُ خوب تو، البسته نباشد (10)
”تته“ ۽ البته جو قافيو به هن شاعر ان وقت ايجاد ڪيو هو جڏهن هو
اڃان ڳڀرو نوجوان هو، ۽ سن 1279ع ۾ سن 1283ع جي وچ
ڌاران شهزادي محمد ولد بلبن سان مُلتان ۾ گڏ رهندو
هو، پر هن ٺٽي جو نالو ايجاد ته ڪونه ڪيو هوندو
ڪنهن زماني ۾ اچ غوري سلطنت جي گورنر قباچي ( سن
1228ع) جوصدر مقام هو جتي وچ ايشيا کان ايندڙ
ماڻهو لڏا لاهي اچي ويٺا هئا. پهريائين هي ماڳ
سهروردي طريقي وارن جو مرڪز هو، پوءِ قادري فڪر
وارن جو ڳڙهه رهيو. ٺٽو پنهنجي انهيءَ نالي سان
غوري دور ۾ ئي گهڻو مشهورمعروف ٿي ويو هو. يعني هن
شهر سنڌ جي سومرا گهراڻي واري ئي دور ۾ گهڻي شهرت
حاصل ڪري ورتي هئي. سنڌ جي هن حڪمران گهراڻي بابت
اڃان تائين ڪا خاص معلومات حاصل ڪا نه ٿي سگهي
آهي، هن خاندان جو راڄ 1030ع کان شروع ٿئي ٿو، چيو
ويندو آهي ته هن گهراڻي جي ڪن ماڻهن جو ڪرمتي فرقي
وارن سان تعلق هو. جيڪي سن 900ع ڌاران ملتان جي
اُسي پاسي اچي آباد ٿيا هئا، سومرن کان پوءِ سما
گهراڻي سنڌ جو راڄ سنڀاليو، جيڪي گهڻو ڪري ڪڇ کان
اچي هتي آباد ٿيا هئا جن جو اصل نسل راجپوت آهي،
سنڌ جي ڪن مُورکن هن نسل جي ماڻهن کي طهماسپ پٽ
جمشيد سان وڃي ڳنڍيوآهي ۽ سمجهندا هئا ته ”ڄام“ جو
لفظ”جام“ جو بگاڙ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بادشاهه،
مير علي شير قانع جو خيال آهي ته سما اصلي قريشي
آهن، جيڪي بني امير،عبدالملڪ بن وليد جي زماني ۾
720ع (11) ڌاران عربستان مان هجرت ڪري اچي سنڌ ۾
آباد ٿيا هئا. مُورکن جا قائم ڪيل اهي نظريا حقيقت
جي خلاف ٿا لڳن، سمن جي حڪمراني دوران ٺٽو تمام
گهڻو مشهور ٿيو، ۽ اهو ان دور جي دهلي درٻار جي
فارسي تاريخن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. دهليءَ
جوسلطان محمد طغلق به ٺٽي جي اوسي پاسي سن 1351ع
ڌاري قتل ٿي ويو هو، جنهن بابت عبدالقادر بدايوني
طنزيه طور لکيو آهي ته (12)“ ماڻهون سلطان کان آجا
ٿي پيا ۽ سلطان به پنهنجي رعيت کان آزاد ٿي ويو
”جڏهن سلطان فيروزتغلق (1362/763
) ۾ ٺٽو فتح ڪيو ته سندس درٻاري شاعر مطهر ڪڙهه
(وفات(1388/790)
پنهنجي ڊگهي قصيدي ۾ سندس فتح جي خوشيءَ ۾ نه رڳو
سندس بهادري جي تعريف ڪئي آهي، پر هن شهر جي سونهن
۽ سوڀيا جي ساراهه جا به ڍَڪ ڀريا اٿائين، جنهن
مان پڙهندڙ محسوس ڪري سگهي ٿو ته اهو ماڳ سنڌوءَ
جي ڪناري سان آباد هو، هو پنهنجي هڪ قصيدي سان چوي
ٿو:
وز جمله فتوح، گل فت، تهتہ بود
کز استماع آن همه خلق انتشار بود
هو پنهنجي شاعرانه ترڪيب بنديءَ ۾ هن شهر جي ائين تعريف ڪري ٿو،
جئين سورة 44 ۽ 76 ۾ قرآن پاڪ بهشت جي تعريف ڪئي
آهي، ۽ فرمائي ٿو:
ني ني که شهر نيست، بهشتي است دلپزير
آراسته بسندس واستبرق وحرير
حوران درو کواعب اتراب بي نظير
سلسال و سلسبيل درو چشمه وغدير
وز شربت و شراب خميرش در آبگير
جاري هزار جوي مي وانگبين وشير(13)
هنن ڳالهين مان لڳي ٿو ته تاريخ جي هن دور ۾ ٺٽو هڪ اهم تاريخي
ماڳ بنجي ويو آهي. پوئين دور ۾ هتان جي ٺهيل
خوبصورت ڪپڙي انگريزن جي دلين کي موهي وڌو هو ۽
اهي فاتح ٺٽي جي اهڙين خوبين کان واقف هئا. ڪلان
ڪوٽ، طغرل آباد يا تغلق آباد نالي هڪ پراڻو قلعو
مڪليءَ ٽڪري جي ڏکڻ پاسي هوندو هو، جيڪو ڪنهن
زماني ۾ ڏکئي وقت دوران شهر وارن لاءِ جاءِ پناه
هو. پر هاڻي اهو ڊٿو ناس ٿيو پيو آهي (14)
دلچسپ اها ڳالهه به آهي ته مظاهر ٺٽي کي بهشت سان تشبيهه ڏني
آهي ۽ عام فارسي شاعري ۾ به هن شهر کي استعارن طور
به ڪم آندو ويو آهي. اهڙا شاعرانه تصور ۽ تخيل ٻين
قابلِ موازنه شين کان وڌيڪ ٺٽي ۽ مڪليءَ ٽڪري لاءِ
ڪتب آندا ويا آهن. هن حقيقت کي به ذهن نشين ڪرڻ
ضروري آهي ته بلوچستان ۾ هندو جوڳين جو هڪ مشهور
تيرٿ گاهه هنگلاج آهي، جيڪو هڪ جبل تي واقع آهي.
الهندي طرف ان مشهور ماڳ ڏانهن ايندي ويندي ياتري
اچي هن ٽڪريءَ تي منزل ڪندا هئا، (15) تنهن ڪري
هيءَ جڳهه، هڪ مذهبي مهانتا حاصل ڪري چڪي هئي.
مسلمان مڪلي ٽڪريءَ جي مذهبي اهميت کان واقف هئا
۽ انهن هن نالي جي ويجهو هڪ اصطلاح جوڙي ورتو هو ۽
مشهور ڪري ڇڏيائون ته مڪي شريف ڏانهن ويندي جڏهن
هڪ حاجي هن ماڳ تي پهتو هو ته کيس ڏاڍو روحاني
سڪون حاصل ٿيو هو ۽ خوشيءَ وچان رڙ ڪري چيو
هئائين” هذا مڪة لي“ يعني هيءَ جاءِ منهنجي لاءِ
مڪو آهي ۽ ان کان پوءِ هي ٽڪري مڪلي سڏجڻ ۾ آئي.
سنڌ جا ماڻهو مڪلي کي سوا لک پيرن جو قبرستان سمجنهدا آهن. مگر
موجوده دور جو محقق هن ڳالهه کي وڌاءُ سمجهندو
آهي. هينري ڪزنس هن قبرستان جي ايراضي ڇهه ميل
همچورس ٻڌائي آهي. چوي ٿو ته ان پکيڙ اندر ڏهه لک
کن قبرون ٿينديون (16)( حسام الدين راشدي اها
ايراضي 921 ايڪڙ ٻڌائي ٿو). تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو
ته مڪلي لاڙ جي تاريخ سياست ۽ ثقافت جو هڪ سنگم
آهي. هن مشهور ٽڪريءَ تي موجود ڪن اهم جڳهن بابت
ويساهه جوڳي معلومات پوئين دور ۾ لکيل هڪ ڪتاب
وسيلي ملي آهي. جنهن کي مڪلي نامو يا بستان- بهار
سڏيو وڃي ٿو ۽ مير علي شير قانع ( وفات 1789ع) جي
تصنيف آهي. (17) هي سنڌ جو هڪ مشهور عالم آهي.
سندس تعلق سيد شڪرالله جي خاندان سان آهي. جيڪو
شاه بيگ ارغون سان گڏ 1526ع ۾ سنڌ آيو ۽ هتي اچي
آباد ٿي ويو.اڻويهين صدي ۾ هن خاندان ۾ ڪيترا
مصنف. قاضي ۽ ڏاها ماڻهو پيدا ٿيا (18) مڪلي نامو
هڪ رنگين عشقيه داستان آهي. جيڪو نظم ۽ نئر جي هڪ
گڏيل تصنيف آهي. مصنف هن ڪتاب ۾ هتان جي
زيارتگاهن، تفريح گاهن ۽ ميلن ملاکڙن جو ڏاڍي
رنگين مزاجيءَ سان ذڪر ڪيو آهي جيڪو هن ٽڪري تي
رات ڏينهن جاري رهنديون هيون. مير علي شير قانع هن
ٽڪريءَ کي ” طور سينا“ سان تشبيه ڏني آهي جتي
حضرت موسيٰ خدا جي تجلي ڏٺي هئي. هي ماڳ ٻين به
ڪيترن مصنفن کي پڻ قدرتي جلوه گاه نظر آيو هو. هي
ڪتاب نهايت مختصر آهي. پر هن تصنيف جو ايڊيٽر سيد
حسام الدين راشدي هو. جنهن 800 صفحن تي مشتمل
حاشيا ۽ سمجهاڻيون ڏنيون آهن. جيڪي ٿوريون فارسي ۾
۽ گهڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، ڪتاب ۾ آيل
ماڻهن جا تفصيل سان شجرا پڻ ڏنا ويا آهن. تنهن ڪري
هيءُ ننڍڙو ۽ اڻپورو ڪتاب سنڌ جي هڪ مڪمل تايخي
حيثيت ماڻي چڪو آهي.
هن ڪتاب کان سواءِ ڪي ٻيون تصنيفون به آهن. اهي مڪليءَ ۽ اتان
جي رهواسين بابت ڪجهه معلومات فراهم ڪن ٿيون. جيڪي
مذڪوره ڪتاب کان ٿورو اڳ لکيون ويون آهن. هن ساڳئي
مصنف مير علي شير قانع تحفة الڪرام نالي هڪ ڪتاب
لکيو هو. جنهن جو مکيه ٽيون جلد پيرحسام الدين
مرتب ڪيو هو. جنهن جا پڻ هن ڀرپور حاشيا لکيا هئا.
(19) مقالات الشعرا، پڻ هن جي تصنيف آهي. هن ڪتاب
۾ قانع انهن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي سنڌ ۾ اچي
آباد ٿيا هئا. هي قانونن جي تصنيفن مان اهو ڪتاب
آهي جنهن کي پير صاحب پهريائين مرتب ڪري ڇاپي پڌرو
ڪيو هو. سترهين صديءَ جي شروعات ۾ تاريخ طاهري
(20) ذخيرة الخوانين (21) ۽ ان کان پوءِ اڪبري دور
جي مشهور مئورخ شاعر ڪاتب ۽ حڪيم مير معصوم (22)
”نامي “ (
1605/1014)
تاريخ معصومي به ٺٽي جي تاريخ تي گهڻو ڪجهه مواد
ڏنو آهي. مٿي ذڪر ڪيل تاريخن تي ايڇ – ٽي سورلي
گهڻي تنقيد ڪئي آهي (23) هنن مان هڪ مؤرخ پنهنجي
سهيوڳي مغل دستاويز تزڪ جهانگيريءَ (24) ۽ سنڌ جي
مذهبي ڪتاب جهڙوڪ حديقة الاوليا (25) ۽ تحفة
الطاهرين (26) تان پڻ استفادو ڪيو آهي.
هنن سڀني تصنيفن جي اَڌار تي هر ڪو سمجهي سگهي ٿو ته ٺٽي جا
ماڻهو ڪيڏو نه خوش مزاج ۽ خوش خرم زندگي گذارڻ جا
ڪوڏيا هئا. جڏهن کين خوشين ملهائڻ جو هلڪو سلڪو
بهانو ملي ويندو هو ته ان مان خوب حظ حاصل ڪرڻ
لاءِ ٻاهر نڪري پوندا هئا تاريخ طاهري سترهين
صديءَ جي شروعات واري ٺٽي ۽ مڪليءَ جو ذڪر هن ريت
ڪيو آهي ته اهي سانجهي نماز تائين سارو ڏينهن اتي
گذاريندا هئا ۽ پوءِ موٽي پنهنجي گهرن ڏانهن راهي
ٿيندا هئا. سندن اهو روز جو معمول هو. مڪليءَ تي
”کير“ نالي سان هڪ مٺي پاڻيءَ جو تلاءُ هو. جڏهن
مينهن وسندو هو ۽ تلاءُ پاڻي سان پر ٿي ويندو هو
ته مرد عورتون، مسلمان ۽ هندو قطارون پٺيان قطارون
ٺاهي اچي هن تلاءُ جي ڪنڌين سان ديرو دمائيندا هئا
۽ رڌ پچاءُ به هتي ئي ڪندا هئا. سدائين عيد ۽
وهانئو واروسمو لڳو پيو هوندو هو. آرام به هتي ئي
ڪندا هئا (27) مڪليءَ تي تفريح جي فقط هي اڪيلي
جڳهه ڪانه هئي جيڪا ٺٽي وارن کي موهي پاڻ ڏانهن
ڇڪي وٺندي هئي. پر دنيا جي هر بندر واري شهر جيان
هتان جا ماڻهو پنهنجي سڀاءُ ۾ خوش خلق رنگين مزاج
جا هئا.
”هو هڪ ڏينهن ڪمائيندا هئا ۽ ست ڏينهن انهن خوشين ۾ گذاريندا
هئا. کين وڌيڪ ڪمائڻ جي لالچ ڪانه هئي. وٽن لالچ
ٿوري ۽ خوش گذارڻ وارو تصور تمام گهڻو هو.“
ٺٽي جي ماڻهن جي خوش مزاجي بابت آڳاٽي معلومات تاريخ طاهريءَ
ڏني آهي:
”ڪنهن به ماڻهو هن شهر جي رهواسيءَ کي ڪڏهن به ملول ۽ پريشان
ڏٺو ئي نه آهي. ٿوري گهڻي تي راضي رهڻ وارا،
پنهنجي ساري زندگي کلندي ۽ خوش ٿيندي گذاري ڇڏين.
هنن ماڻهن جهڙوڪ هلڻ، کلڻ ۽ خوش ٿيڻ جو طريقو نه
ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي آهي ۽ نه ئي وري ممڪن ٿي
سگهندو.“ (28)
ان کان ٿورو پوءِ طاهر نسياني جي دوست شيخ فريد بکري پنهنجي لکت
۾ لهجي جي ٿوريءَ ڦير گهير سان هن ماڳ جي هن ريت
صفت ۽ ساراهه ڪئي آهي:
ٺٽو پنهنجي بهترين آبهوا ۽ ميوات ڪري ائين ئي محسوس ٿيندو آهي
ڄڻ ته بهشت منجهان مينهن جيان هيٺ وسي زمين تي لٿو
آهي. هتان جون ڀوري رنگ واريون سهڻيون عورتون ڄڻ
بهشت جون حورون آهن. هر گهر ۾ مڌ جو مٽ رکيل نظر
ايندو ۽ ڍولڪه جو آواز ڪنن تي پوندو. هر ڪنواري
ڇوڪريءَ ۽ سئو ورهين جي جهور ڪراڙي عورت جو برقعو
زعفراني رنگ جي گلن جهڙو هوندو ڪنوار جو لباس ساڳي
رنگ جو هوندو آهي ۽ هر ناريءَ جي ٻانهن تي آج جون
اڇيون چوڙيون پيون چمڪنديون آهن. ائين پيو ڀائنبو
ته ڄڻ هتان جي مرد تي ڄڻ ڏک جو ڪڏهن پاڇو ئي ڪونه
پيو آهي. مڌ جي مستي حياتيءَ جي خوشين جو ڄڻ هڪ
لازمي جز آهي. هتي بي شمار زاهد. پرهيزگار. وليءَ
بزرگ، شاعر به ڏسبا ته بد اخلاقي به گهڻي آهي صرف.
نحو، قانون ، فلسفو شاعري ايتري ته گهڻي آهي جو هي
شهر عراق ساني پيو ڀاسبو (29) پوئين دور ۾ جڏهن
ٺٽي ۾ انگريزن اچي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي، تڏهن
ميالا، محفلون ۽ خوشيون جام هيون، اهڙي خوشين جي
موقعي تي انگريز پنهنجي واپاري ڪوٺي بند ڪري
ڇڏيندا هئا. ڇا ڪاڻ ته ان سمي مستي، گوڙ بگوڙ ۽
مونجهاري جهڙو وايو منڊل پيدا ٿي پوندو هو (30)
ٺٽي جي تاريخ سما خاندان جي حڪمراني دوران اوج تي پهتي. ساڳي
ريت مڪليءَ جو نالو به وڌيڪ مشهور ۽ معروف به سما
دور ۾ ٿئي ٿو. جڏهن ڄام تماچي کي سلطان فيروز
باندي بنائي دهليءَ کڻي ويو هو ته ڄام جي والده
ڏهاڙي شيخ حماد جماليءَ جي خانقاه تي ايندي هئي.
جيڪا مڪليءَ ٽڪريءَ تي ساموئي ۽ واقع آهي ۽ سندس
حجري کي اچي ٻهاريندي هئي ۽ کيس گذارش ڪندي هئي ته
هو سندس پٽ جي آزاد ٿي اچڻ لاءِ ڌڻي در دعا گهري.
هڪ ڏينهن (1391/793ع)
هڪ سنڌي شعر ۾ وراڻيائين ته:
جُوڻو، مَتِ اُوڻو، ڄام تماچي آءُ
سٻاجهي ٻاجهه پيئي، توسين ٺٽو راءُ
”تنهنجو پٽ جلدي ئي ايندو ۽ حڪومت جون واڳون سنڀاليندو.“ ڄام
تماچي سنڌ جي حڪمرآن ٿيڻ کان پوءِ سندس خانقاه ۽
بعد ۾ مسجد جي تعمير ڪرائي. جن جا اهڃاڻ اڄ به
ٽڪريءَ تي موجود آهن. هيءَ مسجد نهايت شاندار ۽
وسيع هوندي هئي. منجهس هڪ سينڌ – ونگ ٺهيل هئي. هن
مسجد جي تعمير سن
1391/793
ڌاران شروع ٿي هئي.
شيخ حماد جمالي: مير قانع جي چوڻ موجب ته (31)” سندس مقبرو
هدايت ۽ سچائي جي روشني آهي. هو پاڻ خدا طرفان ڏنل
ڪرامتن جو مجموعو هو، مراقبي ۾ وهندو هو ته مٿس
الائي اسرار ظاهر ٿيندا هئا.” وفات کان پوءِ کيس
ان مسجد ڀرسان دفن ڪيو ويو، پوءِ ٻين ماڻهن به کيس
نقل ڪيو مڪليءَ تي دفن ٿيندا رهيا (32) انهيءَ کان
اڳ ٺٽي جا ماڻهو پنهنجي مائٽن جا لاش اتان کان ڇهه
ميل پري پير پٺي واري قبرستان ۾ دفن ڪندا هئا،
جيڪو بهاو الدين زڪريا ملتاني (وفات
1267ع) جو مريد هو ۽ تيرهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاران سنڌ ۾ آيو هو (33) تنهن
ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته حماد جمالي اهو پهريون
ماڻهو هو جنهن جي دفن ٿيڻ کان پوءِ مڪليءَ تي هر
فرقي ۽ قبيلي جا ماڻهو دفن ٿيڻ لڳا هئا. ارڙهين
صديءَ جي تحفة الطاهرين مڪليءَ تي دفن ٿيل بزرگن
جو تعداد اٺهتر لکيو آهي. سندس اهو به بيان آهي ته
ٺٽي شهر جي اوسي پاسي دفن ٿيل الله جي پيارن بندن
جو انگ 186 آهي.
ڄام تماچي مڪليءَ تي وڏي جامع مسجد ٺاهڻ وارو پهريون ماڻهو هو.
(34) سنڌ جي تاريخ مطابق هي نه رڳو شيخ حماد
جماليءَ جو شاگرد هو، پر نوريءَ سان نينهن جي ناتي
سبب مشهور ٿيو، جيڪا هڪ مسڪين مهاڻي هئي، جنهن جي
نماڻائي ۽ سادي طبيعت ڄام جي دل موهي وڌي هئي.
شاهه عبداللطيف هن نوري کي نفس مطمئنہ جو روپ ڏئي،
پنهنجي رسالي جي سر ڪاموڏ ۾ جاءِ ڏيئي کيس زنده
جاويد بڻائي ڇڏيو آهي. هي قرآن جي سورة 27 -89
موجب هڪ ”ڇٽل روح “ هئي. هڪ قصي مطابق نوري ۽ ڄام
تماچي شيخ حماد جماليءَ جي مقبري ڀرسان دفن ٿيل
آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته سندس مدفن ڄام نظام الدين
جي مقبري ڀرسا دفن ٿيل هڪ ڇٽيءَ هيٺ آهي (35)
پندرهين صديءَ جي شروعات ۾ ٺٽي جو حڪمران ڄام جوڻو ٻيو هو. هو
پنهنجي وقت جو هڪ ڏاهو بادشاهه هو، جنهن سنڌ ۽
پاڙيسري ملڪ گجرات جي وچ ۾ نهايت مضبوط رشتا قائم
ڪيا هئا. هن مُلڪ دهليءَ کان تازو آزادي حاصل ڪئي
هئي. ڄام جوڻي پنهنجي هڪ نياڻي احمد آباد جي سلطان
محمود کي ۽ ٻي نياڻي شاهه عالم بخاريءَ کي ڏني
هئي، جيڪو اڄ جي بخاري خاندان ۽ سيد قطب عالم جو
پٽ هو. هن جو احمد آباد جي ساري علائقي تي تمام
گهڻو اثر هو، جنهن سلطان محمد جي سنڌي زال پيٽان
ڄاول محمود جي نازڪ حالتن دوران وڏي حفاظت ڪئي
هئي. هي اهو محمود آهي، جنهن کي محمود بيگڙي جي
نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ سڀني گجراتي سلطانن مان
وڌيڪ دٻدٻي وارو ۽ نالي وارو حڪمران ٿي گذريو آهي،
جنهن 1456ع کان 1509ع تائين وڏي شان ۽ شوڪت سان
راڄ ڪيو.
سما دور ۾ ڪيترائي ماڻهو ايران ۽ وچ ايشيا کان لڏي سنڌو ماٿري
جي سٻاجهي علائقي ۾ اچي آباد ٿيا هئا . انهن
منجهان ڪي شيرازي سيد به هئا جن اڳتي هلي سنڌ ۾
اهم ثقافتي ڪردار ادا ڪيو. سندن اچڻ جو سال قطعه
تاريخ بسم الله الرحمٰن الرحيم مان نڪري ٿو جيڪو
1384/786
آهي. هن خاندان مان محمد حسين (1427/831)
کان
1488/893)
وڌيڪ اهم ۽ مشهور آهي جنهن کي عام طور تي پير مراد
به ڪري سڏيندا هئا. برٽن هن صوفي بزرگ بابت هڪ قصو
نقل ڪيو آهي ته جڏهن هو ٺٽي آيو هو ته ٺٽي جي
بزرگن ڏانهس کير جو وٽو ڀري موڪليو هو. جنهن جي
معنيٰ هئي ته هتي تمام گهڻا بزرگ آهن. تنهن ڪري
وڌيڪ ڪنهن بزرگ رهڻ جي ڪا گنجائش ڪانه آهي. ته هن
جواب ۾ کير جي ڀريل وٽي مٿان گلاب جي پنکڙي رکي
ڏانهس واپس ڪيو هو ته مان اوهان تي ڪو بار ثابت
ڪونه ٿيندس، هن مان سندس روحاني طاقت، خاڪساري ۽
حليم طبع جو پتو پوي ٿو. اهڙو قصو ملتان جي بهاو
الدين زڪريا ملتاني ڏانهن به منسوب آهي، چوندا آهن
ته پير مراد جي منهن مبارڪ مان هڪ نوراني تجلو پيو
جهلڪندو هو ۽ جيڪو ماڻهو کيس ڏسندو هو، سو پاڻ به
بزرگ ٿي ويندو هو.تنهن ڪري سدائين برقعي ۾ رهندو
هو. جيڪڏهن موجوده دور جو ڪو ماڻهو اهڙين ڳالهين
تي اعتبار نه ڪندو ته پير مراد جي بيان ڪيل برهمڻ
واري قصي تي ضرور اعتبار ڪندو، جنهن هڪ مئل ڪئي کي
جيئرو ڪري ڏيکاريو هو ۽ فقير کيس چيو هو ته ” هزار
مئل جسمن کي جيارڻ کان هڪ مئل دل کي زنده ڪرڻ وڌيڪ
آهي.“ (36)
پير مراد جي مقبري ڀرسان عيسيٰ لنگوٽي جو مقبرو آهي. سندس تعلق
برهانپور سان آهي. هن سن 831/1428 ۾ وفات ڪئي هئي.
چيو ويندو آهي ته جڏهن پير مراد ڄائو هو، ته هي
بزرگ سندس مريد ٿيڻ واسطي ڏانهس ويو هو ان کان
پوءِ جلدي وفات ڪري ويو . هي بزرگ مڪليءَ جي
لاهونديءَ وٽ رهندو هو ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو سندس
مقبرو 862/62/8ع شيرازي سيدن تعمير ڪرايو هو (37)
ان کان هڪ صدي پوءِ شيرازي سيدن جي خاندان مان
سيد علي ٻيو (1572-3/890-
1484/889)
سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي.
محفل سماع ۽ صوفي راڳ رنگ جو ڏاڍو شوقين هو ۽ وجد
۾ اچي نچندو هو. امڪان آهي ته سنڌ ۾ محفل سماع جو
رواج هن متعارف ڪرايو هجي. جيڪڏهن ائين نه هوندو
ته هن اهڙين محفلن کي گهڻو زور وٺهرايو ۽ مڪليءَ
جي مٿين سڀني ڳالهين جو ڄڻ مرڪز بنجي وئي هئي (38)
سورلي جو بيان آهي ته هتان جا وهمي ۽ وسوڙل ماڻهو
سيدن جي تمام گهڻي عزت ڪندا آهن (39) هن لاءِ اهو
به چيو ويندو آهي ته سندس دعا سان هڪ جهونڙي جوڙي
کي ٽي پٽ ڄاوا هئا. جڏهن ان ناشڪر جوڙيءَ پنهنجن
پٽن کي سندس مريد بنائڻ کان انڪار ڪيو ته کانئن
اهي ٽئي پٽ واپس وٺي ڇڏيائين. هن کان وڌيڪ هڪ ٻيو
مزيدار قصو آهي. چوندا آهن ته هڪ سرندي واري مسجد
جوڙائي. پر مزدورن کي مزدوري ڏيڻ کان پڙ ڪڍي بيهي
رهيو ان جو ڪارڻ اهو هيو ته مسجد جو محراب ڪعبي
کان ٿورو پاسي ٿي ويو هو. سيد علي کي مزدورن تي
ڏاڍي ڪهل آئي. هن محراب کي وٺي سولائيءَ سان سهي
طرف ڪيو ۽ ويچارن مزدورن کي پنهنجي پورهئي جو
معاوضو ملي ويو (40)
سما دور جي ٻي اهم شخصيت قاضي عبدالله هو، جنهن
1508/914ع کان اڳ وفات ڪئي. ان بابت ڪو ٻيو احوال ملي ڪونه سگهيو آهي
سندس مقبري جو به پتو ڪونه آهي جيڪو مسجد کان گهڻو
پري ڪونه هو. اها پڻ مڪلي ٽڪريءَ جي مرڪزي جاءِ
چئي سگهجي ٿي. ان جو هاڻي ڪٿي به نانءُ نشان ملي
ڪونه ٿو سگهي. پر قانع جو بيان آهي ته سندس مقبري
تي خميس ڏينهن زيارت ٿيندي هئي. زيارتن جو وڏو
تعداد شاگردن جو هوندو هو، جيڪي پنهنجي حفاظت جي
سگه واسطي اچي بزرگ جي قبر تي عائون گهرندا
هئا(41)
سما دور ۾ هن کان وڌيڪ ثقافتي سرگرميون هتي نظر ڪونه اينديون
هيون هتان جي ثقافت جي اعليٰ معيار کي اسان ڄام
نظام الدين جي دور ۾ ڏسون ٿا جنهن کي ڄام نندي جي
نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. هن سلطان پوري اڌ صدي
1508/914 1462/866
تائين حڪومت ڪئي سندس حڪمراني وارو دور امن امان
جو دور هو نه جنگ لڳي نه وري ڪنهن ماڻهو بغاوت ڪئي
ڀر وارن ملڪن سان سندس دوستاڻا تعلقات قائم هئا.
سنڌ جي اوڀر – ڏکڻ محمود بيگڙي جو گجرات ۾ راڄ هو
سندس حڪمراني جو اهو دور هو. جيڪو ڄام نظام الدين
جو هو ۽ ڄام جي ويجهن عزيزن مان هو. اوتر- اولهه
هرات ۾ تيموري خاندان جو راڄ هو، جنهن جي ان زماني
۾ هندستان جي اندر ڌاڪ ويٺل هئي، ڄام نظام الدين
جي راڄ جي آخري دور ۾ ازبڪن تيموري خاندان جو انت
آندو. انهن کان پوءِ جلد ئي صفوي گهراڻو اوج تي
پهتو اتر هندستان جي لوڌي پٺاڻن پنهنجي حڪومت قائم
ڪري ورتي هئي. سندن سنڌو ماٿري يادکن تي حملي ڪرڻ
۾ ڪابه دلچپي ڪانه هئي انهيءَ زماني ۾ بهمني حڪومت
پرزا ٿي پنجن ڀاڳن ۾ ورهائجي وئي هئي. گول ڪندا جي
قطب شاهي بيجاپور جي عادل شاهي گهراڻن کي پنهنجا
مسئلا هئا. ۽ پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ امن امان پيدا
ڪرڻ ۽ پنهنجي سياسي سگهه کي گڏ ڪرڻ ۾ رڌل هئا .
تنهن ڪري سنڌ کي ڪنهن ٻاهرينءَ ڪاهه جو اڊڪو ڪونه
هو. ڄام نظام الدين هڪ متقي ۽ پرهيزگار ماڻهو هو.
جنهن سان پنهنجي رعيت بي انتها پيار ڪندي هئي کيس
سڀني مـؤرخن زاهد، متقي ۽ پرهيزگار لکيو آهي. جيڪو
سدائين باوضو رهندو هو، جنهن مان سُڻس ملي ٿي ته
هو سچو مسلمان هو هڪ فارسي رباعي ۾ هن لاءِ هئين
چيو ويو آهي.
اي آنکہ ترا نظام دين ميخوانند
تو مفتخري مرا چنين ميخوانند
کردر ره دين زتو خطائي افتد
شک نسبت کہ کافر لعين ميخوانند (42 )
ڄام نظام الدين ڪيترن ئي عالمن کي ٺٽي اچڻ جي دعوت ڏني هئي، جن
مان هڪ مشهور عالم جلا الدين الدواني به هو، جنهن
اخلاق جلالي نالي هڪ مشهور ڪتاب تصنيف ڪيو هو. پر
بدقسمتيءَ سان ٺٽي ڏانهن سفر ڪرڻ کان پهريان رجب
908 هه جنوري 1503ع ۾ اڳئين دنيا ڏانهن سفر سڌاري
هليو يو (43)
ڄام نظام الدين انتظامي معاملن ۾ پڻ خوش قسمت هو جنهن وٽ دريا
خان جهڙا ڏاها ماڻهو موجود هئا. هي غلام هو. ڄام
کي منجهس ڏاهپ ۽ عظمت ڏسڻ ۾ آئي (44) هن اصلي مالڪ
کي دريا خان کان خريد ڪيو، کيس تعليم ۽ تربيت
ڏياري ۽ مبارڪ خان جو لقب ڏنائين (45) دريا خان
ڄام نظام الدين واري دور ۾ نهايت طاقتور وزير هو.
هو ٿورن ماڻهونن مان هڪ هو جن ڄام نظام الدين جي
وفات کان پوءِ سما خاندان سان نمڪ حلاليءَ سان
نڀاهيو، دريا خان مهدي جونپوري جو مريد هو. جڏهن
هو سن 1500ع ۾ سنڌ مان گذريو هو ته سندس ڪيترائي
ماڻهو مريد ٿيا هئا.
ڄام نظام الدين پٺيان فيروز نالي هڪ ابهم پٽ ڇڏي ويو هو. جنهن
پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ سن/
1509 914
۾ سندس مقبري جي اڏوات جو ڪم شروع ڪرايو هو. اهو
به سمجهيو ويندو آهي ته سندس مقبرو دريا خان تعمير
ڪرايو هو. پر هن حقيقيت ۾ ڪنهن به شڪ شعبي جي
گنجائش ڪانه آهي ته مڪليءَ ٽڪريءَ تي سڀني اڏاوتن
مان وڌيڪ سهڻو ڄام نظام الدين جو مقبرو آهي (46)
هينري ڪزنس کي پورو يقين هو ته هيءَ عمارت هندن جي
پراڻن مندرن کي ڊاهي ان پٿر مان ٺاهي تيار ڪئي وئي
هئي. هن مقبري جي طرز تعمير جي جيڪڏهن تفصيل ۾
وڃبو ته معلوم ٿيندو ته هيءُ اڏاوت سنڌي گجراتي،
هندو ۽ اسلامي فن جي تعمير جو هڪ مرڪب نمونو آهي
(47) هي مقبرو اڌ ۾ رهجي ويو. پر مير علي شير قانع
ڪهڙو نه سچ چيو آهي:
بنقش سنگهايش ديده فرهاد
عجب نبود رود شيرنش از ياد
هي مقبرو هڪ عام رواجي قسم جي پٿر جو ٺهيل آهي، پر شاعر جي نظر
۾ ايڏو ته خالص قيمتي آهي جو چو ٿو:
صفائ سنگهايش ديده يک يک
ميام يشم ومرمر باشدم وشک
قانع فرمائي ٿو:
کف بناي اورا ماه وخورشيد
بگفتا احسنت وچندين باربو سيد (48)
هن مقبري جي تعمير ۾ ڪيترا سال لڳي ويا هئا. ڇاڪاڻه ته مقبري جي
ڀرسان هڪ کوه آهي، جنهن تي سال 920/1514/ع لکيل
آهي. عمارت جي اندر چار سنگ – مزار آهن. ڄام نظام
الدين جي مقبري جي الهندي ويجهو سندس نمڪ حلال
ملازم دريا خان جي مزار آهي. ان جي ٻنهي دروازن تي
لکت نظر اچي ٿي. سندس ڏاکڻيون دروازو ساريءَ
مڪليءَ جي سونهن آهي، جنهن تي هيءَ مشهور حديث
لکيل آهي:
قال النبي صلي الله عليہ وسلم اذا تحيرتم في الامور واستعينوا
من اهل القبور.
ترجمو: جڏهن پنهنجن معاملن ۾ پريشان ٿيو ته قبر وارن کان مدد
وٺو –(49)
عام اصول جي خلاف مڪليءَ جي ٻين مقبرن جيان ڄام نظام الدين جي
مقبري اندر مسجد تعمير ٿيل آهي. جيڪا سندس قبر جي
بلڪل سامهون نظر اچي ٿي ۽ اهو رواج هندستان ۾ عام
آهي. ڄام نظام الدين جي مقبري جي ٻاهرين ڀت تي
مسجد جي محراب خطاطيءَ جا نادر نمونا ڏسڻ ۾ اچن
ٿا، جيڪي ثلث طرز سان تعلق رکن ٿا. هن مان معلوم
ٿئي ٿو ته هن طرز جي خطاطي سنڌ جي سورهين صديءَ جي
شروعات ۾ ترقي يافته شڪل ۾ موجود هئي. ان کان پوءِ
هتي خطاطيءَ جا ڪيترا نمونا ڏسجن ٿا جن سان گڏ
نستعليق به پنهنجي منفرد شڪل ۾ موجود آهن (50)
ڄام نظام الدين جي مقبري ويجهو اٺن ٿنبن تي بيٺل هڪ عمارت آهي،
جنهن کي گنبد – هشت سيون سڏيو ويندو آهي. پر اهو
پتو ڪونه آهي ته هتي ڪير دفن آهي، هن تعمير جهڙو
ساڳيو نمونو ڪراچي ڀرسان چوڪنڊي واري قبرستان ۾
بلڪه ساري سنڌ ۾ جتي ڪٿي نظر ايندو آهي. انهن جي
تعمير جي طرز ۽ سونهن سنجٽ وارو نمونو هوبهو
مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي اڏاوتن جهڙو آهي (51) هنن
ٻنهي قسمن جي طرز تعمير ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي. تنهن
بابت هن وقت ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي.
سورهين صديءَ جي پهرين ٻن ڏاهاڪن ۾ اوڀر ايران ۾ سياسي وايو
منڊل ڊانواڊول ٿي چڪو هو. هرات ۾ تيموري سياست جي
تڏا ويڙهه ٿي وئي هئي، افغانستان واري موجوده
علائقي ۾ سياسي ڀڃ ڊاهه جاري هئي. انهن سببن ڪري
اتان جا بيشمار ماڻهو لڏپلاڻ ڪري اچي سنڌو ماٿريءَ
۾ آباد ٿيا هئا. افغانستان ۾ آباد ٿيل ڪيترا ترڪه
گهراڻا ۽ تيمور لنگ جي اهم عملدار ايڪتيمور جي
اولاد ترخان اتان لڏي اچي سنڌ پهتا هئا. تنهن
زماني ۾ ڄام فيروز اڃان ننڍو هو ۽ کين
1521 /927 ۾ ٺٽي اچڻ جي دعوت ڏني هئائين. ان کان هڪ سال پوءِ هو سنڌ
پهتا . شاهه بيگ ولد ذالنون ارغون وفات ڪري ويو.
دريا خان به ڄام فيروز جي تخت جو تحفظ ڪندي مارجي
ويو. شاهه حسن پٽ شاهه بيگ ارغون ڄام فيروز کي
1528 -29/935 ۾ شڪست ڏني، جنهن ڀڄي وڄي گجرات ۾ پناهه ورتي. هن اتي وڃي
گجرات جي سلطان جي بهادر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽
سنڌ جي تخت ۽ تاج هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيترا حملا ڪيائين.
پر سوڀارو ٿي ڪونه سگهيو. ان وقت ارغونن جا سنڌ ۾
پير پختا ٿي چڪا هئا. ۽ اتر هندستان ۾ ٿيندڙ سياسي
تبديلين تي سيچاڻي جيان تکي تاڙ رکي رهيا هئا.شاهه
بيگ ۽ بابر جڏهن افغانستان ۾ هئا ته ٻنهي جي وچ ۾
دوستاڻا لاڳاپا قائم هئا. شاهه حسن ارغون جي ڌيءَ
بابر جي بدقسمت پٽ مرزا ڪامران جي گهر واري هئي.
جڏهن ٻئي ڀائر همايون ۽ ڪامران، قابل ۾ برسر جنگ
هئا ته مرزا شاه حسن مرزا ڪامران جي واهر ڪئي هئي.
اهو ئي سبب آهي جو همايون کي ڀاڄڙ مهل سنڌ ۾ رهڻ
دوران شاهه ارغون حسن ڪابه مدد ڪانه ڪئي هئي.سندس
مدد ڪرڻ ۾ هر وقت پيو گوٿ ناٿ ڪندو هو. همايو کي
سن 1542ع ۾ عمر ڪوٽ ۾ اڪبر ڄائو هو، جيڪو ماڳ شاهه
حسن جي سڌي حڪمرانيءَ هيٺ ڪونه هو. تنهن زماني ۾
مذڪوره علائقو راجا ورس
Waras
جي راڄ ۾ هو. همايون پنهنجن ڀائرن کي آڻ مڃائڻ ۽
پنهنجي ڀاءُ ڪامران کي
1553/960ع ۾ انڌي ڪرڻ کان پوءِ دهليءَ جو تخت حاصل ڪيو. ان وقت تائين
سوري خاندان ڪمزور ٿي چڪو هو. ان ساري صورتحال کي
نظر ۾ رکي شاهه حسن ارغون مرزا ڪامران کان پنهنجي
ڌيءَ کسڻ چاهي . پر ان با اخلاق عورت پنهنجي انڌي
مڙس مرزا ڪامران کي ڪونه ڇڏيو ۽ ساڻس گڏجي مڪي
شريف هلي وئي. جتي مرزا ڪامران سن
1557/954
۾ وفات ڪئي هڪ قطعه تاريخ هن ريت ڏسجي ٿي ”بادشاهه
ڪامران با ڪعبه مُرد “ يعني بادشاهه ڪامران ڪعبي
ڀرسان وفات ڪئي. سندس گهر واري ڇهه مهينا پوءِ هي
فاني جهان ڇڏيو (52)
همايون سان ٿوري جيهڙي جهٽي کان سواءِ شاهه حسن جي حڪمراني وارو
سارو دور پُر امن رهيو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا
واپاري ڪوري ۽ ڪي صوفي بزرگ سنڌ ڇڏي وچ هندستان جي
برهانپور ڀرسان سنڌي پور وسنديءَ ۾ وڃي رهيا هئا
جتي هنن ٺٽي جي طرز جهڙو ڪپڙو ٺاهڻ ۽ سنڌو ماٿريءَ
جي صوفي فڪر کي عام ڪرڻ لڳا جيڪو ٻن صدين تائين
پوري اوج تي رهيو (53) سنڌ ٿوري عرصي جي ماٺار کان
پوءِ وري عالمن ۽ درويشن جو مسڪن بڻجي وئي ڇاڪاڻ
ته اوڀر ايران جا عالم ۽ اڪابر ماڻهو صفوين کان
نفرت ڪندا هئا . ايران جي هن حڪمران گهراڻي هرات
جي تيموري علائقن ۾ وڃي ڦرلٽ شروع ڪئي. هن جوءِ جا
ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ازبڪن جي چوڻ تي بخارا هليا
ويا.انهن مان ڪن وري سنڌ ڏانهن رک رکيو.ارغون ڪنهن
زماني ۾ حسين بايقراه جي درٻار سان واباسته رهيا
هئا، جيڪا پنهنجي زماني جي هڪ سلجهيل شاهي دربار
هئي. شاه حسن پاڻ به فارسي ۽ ترڪي ٻوليءَ ۾ شاعري
ڪندو هو ۽ سندس تخلص” سپاهي“ هو(54) پڙهيل طبقن ۾
اهڙو رواج هو. سندس شخصيت ڪيترن مهاجرن عالمن کي
پنهنجي درٻار ڏانهن ڇڪي آندو هو، انهن عالمن مان
ڪي هتي ترسي پوندا هئا ۽ ڪي اڳتي وڃي اتر هندستان
يا وچ هندستان جي شاهي درٻارين جو رخ ڪندا هئا.
انهيءَ زماني ۾ خراسان جي سيد گهراڻي جا ڪيترا
امير ۽ نواب طبقي جا عالم ۽ اڪابر هرات جي ڌرتيءَ
کي الوداع چئي چڪا هئا (55) انهن ۾ عبدالعزيز
الهري، سندس خاندان ۽ پوراني گهراڻو به هو جن اچي
سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جيڪي پنهنجن ٻين دوستن
جيان قنڌار کان ڦرندا هتي اچي پهتا هئا. ميرڪ ابن
ابو سعيد (1554/962ع پوراني کي ٺٽي جو شيخ الااسلام مقرر ڪيو ويوهو (56) سندس
ڀائٽي عبدالوهاب
1583/ 990
فتوائن جو هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو هو، جنهن کي فتويٰ
پوراني سڏيو ويندو هو (57) هن گهراڻي جو ٻيو فرد
عبدالرحمٰن پوراني بلند پائي جو عالم، ۽ مبلغ
رياضيدان هو، جنهن کي مرزا باقي 991هه 1584ع ۾ قتل
ڪرائي ڇڏيو. سندس ڀاءُ عبدالباقي ولد ميرڪ پوراني
(وفات1576/983ع)
ابن عربي جي صوفي مسلڪ جو قائل هو ۽ ان طريقي جو
هڪ قامل صوفي هو (58) مڪليءَ جي ٻين خانداني
قبرستانن ۾ پوراني قبرستان اهم جڳهه والاري ٿو.
هرات کان نه رڳو عالم اڪابر ۽ صوفي سڳورا سنڌ پهتا هئا پر منجهن
ڪي اڻ پڙهيل عام ماڻهو به هئا. جن سان هڪ حيدر
قلوچ ( يا قليچه هو جيڪو پڻ شاعر هو ۽ هڪ نانوائي
هو.) جيڪو هرات کان هلي اچي ٺٽي پهتو هو. هن حسن
ارغون جي شان ۾ هڪ قصيدو به چيو هو ۽ پاٽرا
Patra
۾ دفن آهي (59) وڌيڪ اهم واقعو مولانا قاسم ڪاهيءَ
جي اچڻ وارو اتفاق آهي، جيڪو سن
1532-33/939ع (60) ڌاران سنڌ منجهان گذري اڳتي نڪري ويو هو. هي هڪ منفرد
قسم جو شاعر هو. هن کي مغل درٻار ۾ تمام گهڻي عزت
هوندي هئي. مولانا عبدلقادر بدايوني کيس ملحد
سمجهندو هو. سندس راءِ مطابق سندس شاعري غير
معياري هئي. چيو ويندو آهي ته سندس عمر هڪ سئو سال
هئي (61) هن مولانا قاسم سان گڏ اهم صوفي شاعر
شاهه جهانگير هاشمي به هو، جيڪو اتر سنڌ واري
مشهور ماڳ بکر رستي اچي ٺٽي ۾ آباد ٿيو هو. کيس
خرجيرد
Kharjirad ۾ دفن ڪيو ويو. سندس مزار مٿان مير علي شير نوائي هڪ
خوبصورت مقبرو تعمير ڪرايو هو. تيموري خاندان ۽
مغل درٻار ۾ سندس شاعري کي احترام سان ڏٺو ويندو
هو. ڇاڪاڻه ته سندس شاعري خطاطيءَ جي صورت م
ڪيترين ئي مخطوطن ۾ محفوظ آهي. شاهه جهانگير جو
ماءُ جي طرف کان شاهه نعمت الله ڪرماني مائٽ هو،
جنهن جو پوٽو سن1429ع ۾ بهمني سلطنت جي بدار شهر ۾
آباد ٿيو هو ۽ وڏي پيماني تي شيعا تحريڪ شروع ڪئي
هئائين. نعمت الله وارو شيعه مسلڪه ايران ۾ اڄ
سوڌُ موجود ڏسجي ٿو. پر ان کان اولهه پاسي به اهڙو
اثر نظر اچي ٿو. پنهنجن ابن ڏاڏن جيان شاهه
جهانگير هاشمي به صوفياڻي شاعريءَ تي طبع آزمائي
ڪئي هئي. هن جي هڪ ناصحانه مثنويءَ جي گهٽ ۾ گهٽ
پڪه آهي. سندس ٻي تصنيف مظهر الاظهار آهي. ڪتاب جي
ٽائيٽل مان لڳي ٿو ته هن نظامي جي مخزن الاسرار،
امير خسرو جي مطلع الانوار جامي جي تحفةالاحرار جي
تتبع تي اهو ڪتاب لکيو هوندو هن اهو ڊگو نظم
1533/940
۾ پورو ڪري شاهه حسن ارغون ڏانهن منسوب ڪيو هيو
(63) هن کان ڇهه سال پوءِ حج تي وڃڻ جو ارادو ڪيو
ڪيائين. پر رستي ۾ مڪران جي حدن اندر کيس
1539/964ع ۾ ڌاڙيلن ماري ڇڏيو.
جڏهن مولانا مصلح الدين لاري (وفات
1551/958)
بيضاوي جي قرآن شريف جي تفسير تي ٺٽي ۾ شرح لکي
رهيو هو ته هرات جو هڪ ٻيو شاعر حج تي ويندي اچي
سنڌ جي راڃڌانيءَ ۾ پهتو هو. سندس نالو فخري اميري
هروي هو. جيڪو هرات جي ازبڪه فاتن جي جاني دشمن
اسماعيل صفوي ۽ سندس پٽ سام مرزا صفويءَ جي شان ۾
قصيدو لکي رهيو هو( 64) جنهن جي ڪتاب نفائس
المجالس کان متاثر ٿي هن پننهجي ڪلام جو انتخاب
لکڻ شروع ڪيو هو. فخري آخر پنهنجي هم وطنن جهڙوڪ:
حبيب السير جي مصنف خوند مير قطعه تاريخ لکڻ جي
ماهر (65) حسن تقديري جي نقش قدم تي هلندي روضة
السلاطين ڪتاب لکيو هو. پتو نه آهي ته هو سنڌ ۾
هميشه لاءِ رهيو پيو هو يا ٿورو وقت ٺٽي ۾ ترسي
واپس هليو ويو هو. فخريءَ جي سڀني کان وڌيڪ اهم
تصنيف روضة السلاطين آهي جنهن ۾ هن انهن بادشاهن ۽
شهزادن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي شاعر ٿي گذريا آهن. پر
هن اهڙو انتخاب ڪيو جنهن ۾ هن نواب مردن ۽ عورتن
جو ڪلام هڪ جائتو ڪيو ويو هو. اهو ديوان سن
15 52 /960ع“
۾ شاهه حسن ارعون ڏانهن منسوب ڪيو هو. (66)
ساعريءَ جي سندس گڏ ڪيل انتخاب ۾ گهڻو حصو ترڪي
شاعري جو آهي، جنهن مان سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو
ته سورهين صدي جي پهرئين اڌ ۾ ٺٽي جي ارغون درٻار
۾ به دهلي جي مغل درٻار جيان ترڪي ٻولي سمجهندڙ
اميرن جي گهڻائي موجود هئي (67) سن 1526ع کان پوءِ
سنڌ جي حڪمرانن جون پاڙون ترڪيءَ ۾ کتل هيون. تنهن
ڪري مڪليءَ ٽڪريءَ تي ڪيترن ئي عمارتن جي طرف
تعمير وچ ايشيا جي ترڪي نموني جهڙي آهي.
تاريخن ۾ شاهه حسن ارغون جي انصاف جون سندس قاضي القضاة قاضي
شڪر الله جي ايماندري جون ڪيئي ڳالهيون مشهو ر آهن
۽ ملڪن جي لوڪ داستان جيان عام آهن (68) هيءَ
حقيقت به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته ان مڪلي ٽڪريءَ
تي مخدوم جعفر بوبڪاڻي جهڙو جيد عالم به دفن آهي،
جيڪو شاهه ارغون جو استاد هو ۽ علم نجوم، رياضي،
جادو ۽ سحر طرازي جو ماهر هو. (69)
شاهه حسن ارغون کي عمر جي پڇاڙيءَ ۾ فالج ٿي پيو هو. کيس ڪو
نرينو اولاد ڪونه هو، جڏهن هيءُ حڪمران محرم 962/
نومبر 1554 ۾ مرڻ ڪنڌيءَ پهتو ته سندس درٻار جي
اميرن هن خلاف ٺٽي ۾ بغاوت جو ڦريروڦڙڪايو. ان وقت
هو سيوڻ ۾ هو ۽ سنڌوءَ وسيلي ٻيڙي ۾ سفر ڪري، دل
وندرائي رهيو هو. انهيءَ زماني ۾ سلطان محمود بکري
ولد مير فاضل ڪوڪلتاش کي اتر سنڌ جي بکر جو گورنر
هو، جنهن جو افغانن جي ڪاڪڙ قبيلي سان تعلق هو،
پهريائين سندس مرضي هئي ته شاهه حسن ارغون جي مدد
ڪري، پر پوءِ باغين اڳواڻ مرزا عيسيٰ ترخان سان
سندس ٻانڌو ٻڌجي ويو ۽ فيصلو ڪيائون ته حسن ارغون
جي مرڻ کان پوءِ مڪلي جي مٿي وارو سنڌ جو حصو
سلطان محمود ڪوڪلتاش کي ملندو، جڏهن ته ان کان هيٺ
وارو ڀاڱو ويندي سمنڊ تائين مرزا عيسيٰ ترخان جي
هٿ هيٺ رهندو. مرزا حسن ربيع الاول962 فيبروري
1554ع وفات ڪئي. سندس گهر واري ماهه بيگم جي مرضي
هئي ته سندس مڙهه مڪلي تي دفن ڪيو وڃي، پر کيس مڪي
نيئي سندس پيءُ جي قبر ڀرسان دفن ڪيو ويو. (70)
مرزا عيسيٰ ڪنهن اڳواٽ رکيل سازش مطابق ماهه بيگم سان شادي ڪئي.
هن جي حڪمران ٿيڻ کان پوءِ ترخان گهراڻي جي شورعات
ٿي هئي. هي قنڌار ۾ ذالنون ارغون جي ماتهت رهيو
هو. ان کيس هر قسم جي سياسي سکيا ڏني هئي. ماهه
بيگم شاهه حسن جي بيوه هئي. ساڻس شادي ڪرڻ کان
پوءِ مرزا عيسيٰ پاڻ کي ساري سنڌ جو حڪمران سمجهڻ
لڳو هو. تنهن ڪري هن سلطان محمود تي حملو ڪرڻ جو
پڪو پهه ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ پورچوگيز، گوا ۽
ڊپو ۾ پنهنجي سگهه مضبوط ڪري چڪا هئا. مرزا عيسيٰ
پڻ مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پورچوگيزن جي پهچڻ کان اڳ
هو بکر تي گهل چارهي ويو. پورچوگيزن ڏٺو ته ٺٽي ۾
فوجي پهر ئي ڪانه آهي. اهڙو سونهري وجهه ڏسي ٺٽي
کي ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏيائون اهو 1555 جو زمانو
هو. پورچوگيزن جيڪا ٺٽي سان ڌاڙ ۽ جاڙ ڪئي هئي،
تنهن سنڌ کي ڏاڍو هاڃيو رسايو. جڏهن مرزا عيسيٰ کي
ٺٽي تي هن ڪلور جي ڪل پئي تي محمود بکريءَ سان قصو
اڪلائي وهلوئي ٺٽي ويو. موٽي اچي ڏٺائين ته دڙي دڦ
لڳي پئي هئي. ٻن ملين رقمن جيترو سون باهه ۾ سڙي
رک ٿي ويو هو. پورچوگيزن جو بئريٽو جهاز ۾ ايترو
ڦريل قيمتي ساز وسامان هو جنهن جو ساريءَ ايشيا ۾
مثال ئي ڪونه هو. (71) اهو ئي ڪارن آهي جو شاهه
عبداللطيف ڌاڙ ڪرڻ وارن دشمنن کي فرنگي سڏيو آهي،
يعني وحشي پورچوگيز جن دين ايمان واري شهر کي ڀڙ
ڀانگ ڪري ڇڏيو. سترهين صديءَ جي پڇاريءَ ۾ هڪ شاعر
ٺٽي ۾ وڃي هڪ غير اهم نظم چيو هو ۽ پنهنجي محبوب
کي فرنگين جي ڦرلٽ جهڙو تصور ڪري ٿو:
حَسنش بحريست موج خيز نيرنگ
طوفان رخسار وموج خط، زلف نهنگ
درفتنه گري دو چشم وابرو باهم
مانند دو کشتي، فرنگي دو جنگ
هن جو حسن ڄڻ هڪ ساگر آهي جنهن جي جادوءَ جون ويرون مٿي اڀري
اچن ٿيون. منهن ۾ طوفان، مٿي اڀريل ويرون هيٺان
مانگر مڇ پڇڙي هڻي رهيو آهي، انهيءَ جهڳري کي
وڌائڻ ۾ ٻه اکيون ۽ ڀرون ائين آهن ڄڻ ڦرنگين جون
ٻه ٻيڙيون ڪنهن جنگ ۾ ردل هجن. (72) هن ڪري مرزا
عيسيٰ کان ٻه پارو ڇهه رسيو. هڪ ته ٺٽو اجڙي ناس
ٿي ويو، ٻيو ته اتر سنڌ وارو حصو سلطان محمود جي
موت تائين
1574/982
ان جي هٿن ۾ رهيو، سلطان محمود کي پٽاڻو اولاد
ڪونه هو، تنهن ڪري هن پنهنجي حڪومت وارو سنڌ جو
حصو ترخانن کي ڏيڻ بدران اڪبر جي حوالي ڪري ڇڏيو.
اهريءَ ريت اتر سنڌ. وارو اهو حصو مغل شهنشاهت سان
شامل ٿي ويو.
ليڪن مرزا عيسيٰ اهڙي ڦير گهيرپنهنجي اکئين ڏسي ڪونه سگهيو ۽
1566/974
۾ مري ويو. سندس مقبرو
1572/980
۾ مڪليءَ تي ٺهرايو ويو. (73) سندس مرڻ کان پوءِ
وڳوڙي وايو منڊل جي شروعات ٿي وئي ۽ ملڪ تباهيءَ
جو شڪار ٿيندو ويو، ڇا ڪاڻ ته مرزا عيسيٰ جو لائق
پَٽ مرزا صالح قتل ٿي ويو، جيڪو هڪ شاعر پڻ هو.
(74) سندس ٻئي پٽ جان بابا کي ننڍي ڀاءُ محمد باقي
قتل ڪري ڇڏيو، (75) جيڪو سڀني ترخانن ۾ وڌيڪ ظالم
هو. هن جي ساري ڄمار پنهنجي گهراڻي وارن جون پاڙون
پٽيندي گذري وئي. (76) سندس وڪيل قاضي خميسو هو،
جنهن وٽ هن جيان نه علم هو نه انسانيت هئي. (77)
تاريخ طاهري ۾ ته سندس قهري ڪاروائين ڪري ڪاڳر ئي
ڪارا لڳا پيا آهن. (78) ٺٽي وارن جي ته ننڊ ئي
حرام ٿي وئي هئي. ٻار ٻڍا، ملان موراڻا ، امير
غريب، سيد سپاهي سڀني جا ساهه مٺ ۾ هئا، جنهن کي
جهڙي وقت به چاهيندو هو، ڪهرائي ڇڏيندو هو. هينري
ڪزنس جي چواڻي موجب سندس رت جي اڃ ڏاڪي تي وڃي
پهتي جو پنهنجن ويجهن کي سڏائي هڪ ئي وقت ڪهائي
ٺير ڪري ڇڏيائين. (79) اهڙو ڏهڪاءُ ۽ هراس وارو
دور تڏهن وڃي ختم ٿيو، جڏهن هن سن
1585/933
۾ پنهنجي تلوار سان آپگهات ڪيو. ان کان پوءِ مس
وڃي هتان جي ماڻهن سان ڏنجه ۽ ڏونجهرن جا ڏينهن
لٿا.
هن ڪٺور انسان جو مقبرو به امير خليل خان جي مقبري جيان دلچسپ
آهي، جيڪو سندس حڪمرانيءَ دوران جڙي راس ٿيو هو.
(80) ان کان پوءِ سندس پٽ پاينده بيگ هن جي گادي
سنڀالي. چيو ويندو آهي ته سندس ڪل ٿڙيل هئي. قانع
کيس مجذوب ڪوٺيو آهي پر اصلي پٽ حڪمران جاني بيگ
هو.
مرزا جاني بيگ سنڌ جي حالتن کي سڌارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي. هو
اڪبر سياست کي تکي تاڙ سان ڏسي رهيو هو. اڪبر پاڻ
به هن سگهاري سنڌي حڪمران کي گهواي ۽ گهاڙي رهيو
هو ته مٿان سنڌ مڪمل طرح آزاد نه ٿي وڃي تنهن ڪري
هن سنه
1590/ 999
پنهنجي بهترين جنرل عبدالرحيم خان خانان کي فوج
ڏئي سنڌ تي چاڙهي موڪليو ۽ سنه
1591 /1000
۾ سنڌ مغل شهنشاهت سان شامل ٿي وئي. خان خانان جي
ٺٽي ۾ ٽڪي پوڻ واري احوال مان پتو پو ي ٿو ته
انهيءَ اماني ۾ ٺٽو ڇوڙ واري علائقي ۾ هڪ ڪنڊ تي
هو، جتان لاهوري بندر پندرهن ميلن جي پنڌ تي هو.
هن ٻه ڀيرا مغلين واري ماڳ وٽ پهچي سمونڊ جي جوار
ڀاٽا ڏٺي هئي. (81) سمونڊ ڏسڻ کان جلدئي پوءِ آگري
۾ مغل دربار ۾ وڃي حاضر ٿيو. مرزا جاني بيگ کي به
ساڻ وٺي ويو هو، جنهن جون ٻه نياڻيون شاهي گهراڻي
۾ پرڻيل هيون، جن مان هڪ اڪبر جي پوٽي خسرو کي ۽
ٻي عبدالرحيم خان کي خانان جي وڏي پٽ ارج خان جي
گهر ۾ هئي.(1586/944- 1619/1028)
مرزا جاني بيگ شاعري ۽ موسيقيءَ جو ڏاڍو شوقين هو. اها ڳالهه هن
حقيقت مان چڱيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿي ته عبدالرحيم
خان خانان جي شاعر ملا شڪيبي (وفات
1604/1013)
سندس شڪست ۽ خان خانان جي فتح بابت قصيدولکي خان
خانان وٽ پڙهيو ته جاني بيگ کي هما پکيءَ سان
تشبيهه ڏني هئائين. سندس قصيدي تي نه رڳو خان
خانان خوش ٿيو. پر مرزا به مٿس ڏاڍو راضي ٿيو هو،
ڇا ڪاڻ ته کيس ڪانءُ نه پر هما پکي سڏيو
هئائين.(82)
هماکه بر چرخ کردي کرام
گرفتي وآزاد کردي زدام
ترجمو: هما جيڪو آسمان جي بلندين تي اڏامي رهيو هو، تنهن کي تون
(خان خانان ) پڪڙيو ته سهي، پر وري آزاد به ڪري
ڇڏيئي.
هن ۽ اڪبر جي وچ ۾ دوستيءَ بابت ڪيئي قصا مشهور آهن. هڪ ڏينهن
مغل شهنشاهه کانئس پڇيو ته، ”تون ڪٿي ۽ ڪڏهن پيدا
ٿيئن؟ “ ڇا ڪاڻ ته هو به اڪبر جيان سن 1542ع ۾
عمرڪوٽ ۾ ڄائو هو ۽ راڻي ورس جو ڀاڻيجو هو. ان ڪري
اڪبر ٻين اميرن کان وڌيڪ هن کي ويجهو سمجهندو هو
۽ پيارو گهرندو هو. بدايوني اهو به لکيو آهي ته هن
اڪبر جي ايجاد ڪيل نئين مذهب کي پڻ قبول ڪري ورتو
هو. (83) ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته جاني بيگ
اڪبر جي روبرو سنڌي موسيقيءَ سان گڏ سنڌي راڳ ڳايو
هو ۽ انهن راڳن ۾ هڪ سر مائي به هو، جنهن جو تعلق
عمرڪوٽ واري ماڳ سان به هو. هن حقيقت مان پتو پوي
ٿو ته مارئي واري روايت گهڻي وقت کان وٺي مشهور
هئي ته ڪيئن عمرڪوٽ جي حڪمران هڪ ڳوٺاڻيءَ ڇوڪريءَ
کي کوهه تان کنڀي کڻي آيو هو، جيڪا پنهنجي لوئي ۽
لوءَ سان سچي هئي.(84)
مرزا جاني بيگ هندستان ۾ رهيو ۽ سنه
1600/1009
۾ برهانپور ۾ وفات ڪيائين جتان کيس آئي مڪليءَ ۾
دفن ڪيو ويو.(85) هن بابت تاريخن ۾ متضاد بيان
آهن. ڪي سندس تعريف ڪن ٿيون ته ڪي وري مٿس ڇوهه
ڇنڊن ٿيون، پر سڀئي انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته
هو موسيقيءَ جو ڄاڻو هو ۽ پر ڪشش شخصيت جو مالڪ
هو. جڏهن جاني بيگ هندستان ۾ هو ته سندس پٽ غازي
بيگ سنڌ تي حڪومت ڪري رهيو هو. حقيقت هي آهي ته هن
وقت سنڌ ترخانن کي جاگير طور ڏني وئي هئي. اڳئين
زماني جيان ڪيترا شاعر، مغل درٻار ڏانهن ٺٽي ۾
ڪجهه وقت ترسندا هئا. اهڙيءَ ريت شيدا اصفهاني به
اڳتي ويندي ڪجهه وقت هتي ٽڪيو هو. مرزا غازي بيگ
به پنهنجن وڏڙن جيان شاعر هو ۽ سندس تخلص وقاري
هو. هن اٽڪل روءِ پنج هزار شعر جوڙيا هئا. طالب
آملي. فارسي زبان جو شاعر جهانگير جو درٻاري شاعر
هو. جنهن پڻ هن شهزادي جي شاعرانه ڏات کي ساراهيو
آهي. فرمائي ٿو:
صف آراي تيغ قلم، خان غازي
بلند آفتابي، که درراز رکابش
جداز آستانش، زاشک دمادم
دلي بي رخ او، سزاوارِ خنجر
به چشمم خلد، گرچه از آستانش
غازي بيگ موسيقيءَ جو به ماهر هو (87) هو نوجوان هو، کيس
حڪمرانيءَ جو تجربو گهٽ هو ۽ مغل درٻار کان ڪجهه
پاسيرو ٿي ويو هو. سنه
1601/1010
۾ ٺٽي ۾ بغاوت جي باهه ٻري پئي، جنهن ڪري ٻين
ماڻهن سان گڏ سندس اتاليق خسرو خان چرڪس ۽ سندس
ويجهو مائٽ عيسيٰ ترخان ٻيو. ڪجهه وقت لاءِ ٺٽو
ڇڏي ٻاهر ڪيڏانهن هليا ويا. هن نوجوان حڪمران جو
ٻيو ويجهو دوست ابوالقاسم بيگلا ولد شاهه قاسم
مذڪوره باغين جو اڳواڻ هو. سندس بغاوت ڪامياب ڪانه
ٿي. کيس سزا طور انڌر ڪيو ويو. پر سندس جاگير سندس
موت تائين
1620/1030
وٽس رهي. هن سٺ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي هئي.
ابوالقاسم بيگلار قديم گهراڻي جي نسل مان هو. جنهن جي تاريخ
ادراڪي بيگلاري جي تصنيف بيگلار نامه (لکيل(1608/1017)
۾ ڏسي سگهجي ٿي. هن ساڳئي مصنف فارسي ۾ چنيسر نامه
نالي هڪ مثنوي پڻ لکي هئي.(88) هيءَ هڪ مشهور
ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ليلا نولکي هار عيوض پنهنجي مڙس
ڄام چنيسر کي هڪ رات لاءِ ٻي ڇوڪريءَ حوالي ڪيو
هو. هن ڪهاڻيءَ کي شاهه عبداللطيف به پنهنجي رسالي
جو پڻ موضوع بنايو آهي، جنهن ۾ هو موڳي ۽ لالچي
روح يا نفس امناره ڏانهن اشارو ڪري ٿو. جيڪو ٿوري
لوڀ تي پنهنجي حقيقي بادشاهه جي عشق کي ڇڏي ٿو
ڏئي. هن حقيقت جي ناتي اها ڄاڻ ملي ٿي ته ادراڪي
بيگلاري واري زماني ۾ سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي فارسي ۾
ترجمي ڪرڻ جو لاڙو موجود هو. مير معصوم نامي به
پنهنجي دور ۾ سسئي پنهون جوقصو فارسي شاعريءَ ۾
منظور ڪيو ويو. جيڪو ساڳيو زمانو هو.
جنهن زماني نصرپور جو نابين گورنر گهڻي وقت کان پنهنجي عهدي تي
فائز هو. تن ڏينهن ۾ مرزا غازي بيگ
1604/1013
ڌاران اڪبر جي درٻار ڏانهن روانو ٿيو هو، پر ان جي
واقت کان جلد ئي پوءِ ٺٽي موٽي آيو هو.جڏهن
جهانگير جي لاهور ۾ سنه1605/1014
۾ تاجپوشي ٿي ته کيس گهرائي ورتو هئائين معلوم ٿئي
ٿو ته جهانگير هن نوجوان جي تمام گهڻي عزت ڪندو
هو. (89) هن سندس جاگير ۾ بکر ۽ ملتان جا ڪجهه حصا
ملائي ڇڏيا هئا، ان کان پوءِ هن کيس صفوين جي
مقابلي لاءِ قندار روانو ڪيو. ڪنهن زماني ۾ ايران
جو مذڪوره حڪمران هن علائقي کي هٿ ڪرڻ واسطي پير
هڻي رهيو هو. انهي لاءَ ته جيئن سنڌوءَ ماٿري واري
علائقي تي سولائيءَ سان حملو ڪري سگهي. سن1608/1017
۾ مرزا غازي بيگ کي قندار جو صوبيدار بنايو ويو.
هي اتي هو جو مطالب آملي اتر هندستان کان گهمي ڦري
اچي سندس درٻار ۾ پهتو هو. هو جڏهن آگري ۽ لاهور
کان ٿيندو ملتان پهتو ته کيس نظربند ڪيو ويو. هو
مرزا غازي بيگ جو قصيده خوان هو. جڏهن هن سندس
تعريف ۾ هي قصيدو چيو هوندو ته کيس ضرور دل گهريو
انعام مليو هوندو.
هم از کنک او،در نظر عقدِ پروين
مبادا سرم گر به عهد ثنايش
زابيات او، تا گهر چيده گوشم
به تحت الثريٰ از تمناي قدرش
بهار بهشتم، که بر باغ طبعش
سحاب کريمم، که در ملک جودش
به مغزدل خويش اقرار دارم
ان سان گڏ هي شاعر اهو به اشارو ڏئي ٿو ته هي شهزادو پان کائڻ
جو پڻ شوقين هو ۽ ٻڌائي ٿو ته سندس وات ائين آهي
ڄڻ ڳاڙهي غاليچي تي سفيد موتي کنڊڙيا پيا آهن يا
ڄڻ ڪي ڳاڙها يا قوت نظر اچي رهيا آهن. |