سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1999ع

مضمون

صفحو :14

 

اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وقت کاٻي پاسي کان ڏسبو ته اسپتال جي پيڙهه جو پٿر نصب ٿيل نظر ايندو،  جنهن جي عبارت هن طرح آهي:

 

”اوڌوداس تارا چند اسپتال؛

هيءُ پيڙهه جو پٿر ايڇ. ٽي. سورلي

ڪليڪٽر سکر

30-اپريل1933ع تي رکيو“

ساڄي پاسي اسپتال جي افتتحائي پٿر کي پڙهي  ڏسبو  ته معلوم ٿيندو؛

 

راءُ بهادر اوڌُوداس تارا چند اسپتال

افتتاح

هز ايڪسيلينسي دي رائيٽ آنر

لارڊ برابورن

جي. سي. آءِ.اي.ايم. سي

گونر آف بمبئي

فيبروري 1935ع

اسپتال جي انهيءَ آڳر واري ورانڊي کي اسين ”اتهاس گئلري“جو خاص نالو ڏيڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نٿا ڪريون، ڇاڪاڻ جو سڀاپتي  جا خيال  ۽ احساس اڄ  تاريخ جو حقيقي روپ آهن، اتهاس گئلريءَ جي کاٻي کان ديوار ۾ کتل  شاندار ڪتبو،  جنهن جي ڊيگهه ٽي فوٽ يارنهن انچ  ۽ ويڪر ٻه فوٽ يارنهن انچ آهي، ان اڏاوتي ڪاميٽيءَ جو هيٺينءَ ريت ڏس ڏئي ٿو.

ڪتبو -1”راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند اسپتال اڏاوتي ڪاميٽيءَ“

ديوان بهادر موليڌر جي،  پي، (چيئرمين)،

خانبهادرالله بخش سومرو او.بي.اي.ايم.ايل.اي

راءَ صاحب ڪشن سنگهه چمن سنگهه لُلا،

ڪليڪٽر يا هن  پاران ٿاڦيل عيوضي،

ايڊمنسٽريٽر جي، جي.ڊريو،

راءُبهادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا،

سيٺ هرڀڳوان داس ڌنومل بٺيجا،

سيٺ گوبند سنگهه ها سا سنگهه،

سيٺ دولت رام موهن داس ڇاٻڙيا،

سيٺ چيلا سنگهه سترام سنگهه،  سيٺ ايسر داس ۽ لڇمڻ داس (ڌار ڌار)

 سيٺ گوبندرام اوڌو داس ڇاٻڙيا،

ڪي،  وي جوشي،  بي-اي،  (سول)ايم،  آر،  ايس،  (لنڊن) چيف آفيسر ۽ آنريري سيڪريٽري،

ڪي،  پي،  سوني،  سب ڊويزنل آفيسر،

تنظيمي ڪم ڪندڙ: 1- سيٺ ڀاشا سنگهه لُلا،  2- شولداس سوڀراج کٿوريا 3- گوبند رام موتي رام آڇياليا،  4- سترام سنگهه لُلا،  5- گوبند رام اوڌُو داس ڇاٻڙيا،  6- هري لال اوڌُوداس ڇاٻڙيا،

مٿين ڪتبي کان علاوه پنڊال لاءِ دان ڏيندڙ ڌنويرن جي ڪتبي،  جنهن جي ڊيگهه پنج فوٽ ساڍا يارنهن انچ ۽ ويڪر ٽي فوٽ پنج انچ آهي،  تنهن تي سندن دان جو وچور هينئن ڏنل آهي؛

راءُ بهادر اوڌُوداس تارا چند اسپتال،

عام مفت پنڊال لاءِ ڏيندڙن جو وچور:

1- ليڊي نصرت حاجي عبدالله هارون            -/ 7000 روپيه

2- سيٺ کلومل ديدومل                             -/ 6000 روپيه

3- راء صاحب سانولداس بولچند                   -/ 3000 روپيه

4- خانبهادر عبدالستار آف ڪوئيٽا               -/ 1000 روپيه

5-شريمتي  ڪلاونتي ٻائي زال گوبندرام پٽ راءُ بهادر اوڌُو داس                                    -/ 1000 روپيه

6- شريمتي ديوي ٻائي زال سيٺ تيرٿداس کٽڻ مل صراف

-/ 1000 روپيه

7- سيٺ ٽيڪچند دولت رام معرفت سيٺ ديالداس مينگهراج ۽ سيٺ  پرڀ سنگهه نهال سنگهه ناگيپل -/ 1000 روپيه

8- شريمتي پر ميشوري ٻائي زال سيٺ نارائڻ داس وڌوا نيچاڻي                                     -/ 1000 روپيه

9- سيٺ ڌامون ڌر مڌيجوي تاڻه بمبئي،          -/ 500 روپيه

-10 حاجي مهر بخش مولا بخش اينڊ سنز ڪراچي  والا،

-/ 500 روپيه

 11-  راءِ صاحب سيٺ موٽو مل آف منڊو ديرو،  -/ 500 روپيه

ساڳئي ڪتبي تي هيٺين حقيقت به ڏسجي ٿي:

ٽن مسواڙي بلاڪن  لاءِ چندو ڏيندڙ:

1- سيٺ هر ڀڳوانداس گهنشام داس لُلا معرفت وڌوا شريمتي رڪمڻي  ٻائي   -/  1000 روپيه

2- شريمتي ويرا ٻائي زال صاحب سانول داس سنگهه        -/ 1000 روپيه 

3- سيٺ واڌورام ڌنومل بٺيجا سندس زال شريمتي ڪلاونتي  ٻائي پاران -/ .1000روپيه

4- لالا هيمراج ايسر داس نيچاڻي معرفت  سندس زال وڌوا شريمتي گوڪل ٻائي  -/ 1000روپيه

5- راءِ صاحب آتمارام يسومل بجاج معرفت سيٺ ڪشن داس  بجاج -/  1000روپيه

6- سيٺ ڏيئومل ناڪوداس لُنڊ        -/ 1000روپيه

 7- سيٺ جواهرمل ويرو مل  آهوجا     -/ 1000 روپيه

مسٽر ڪشن  چند پارومل گاجرا

ايل، سي، اي، آنريري انجنئير.

”اتهاس گئلري“جو مکُ ڪتبو پنهنجي ڪئنواس تي انهن چوءئيتاليهن ڌنويرن جا امر نالا سجائي  ۽ سمائي ٿو،  جن اسپتال لاءِ پنهنجي مايا جي پيتين جا منهن کولي ڇڏيا هئا،  انهيءَ ڪتبي  جي ماپ پنج فوٽ ساڍا يارنهن انچ  ۽ ويڪر ٽي فوٽ پنج انچ آهي،

ڪتبو نمبر 3؛- راءُ بهادر اوڌُوداس تاراچند اسپتال لاءِ چندو ڏيندڙ:

1- سوامي ٻائو کٽ وارو صاحب،            -/ 501 روپيه

2- راءُ بهادر اوڌُوداس  تارا چند ڇاٻڙيا،      -/ 100000 روپيه

3- سيٺ هرڀڳوان داس ڌنومل بٺيجا .         -/ 25000 روپيه

4- سيٺ حساس سنگهه ٽهل سنگهه چگهه     -/  20000 روپيه

5- دولت رام موهن داس ڇاٻڙيا،               -/ 15000روپيه

6- چيلا سنگهه سترام سنگهه، ايسر سنگهه  ۽ لڇمڻ  داس کان

-/15000روپيه

7- راءِ صاحب ڪشن سنگهه  ۽ ڀاشا سنگهه پُٽ چمن سنگهه لُلا 

-/ 15000روپيه

8- سيٺ لالچند ٽيڪچند ماٽا،               -/ 15000روپيه

9- مينگهراج ۽ دوارڪاداس ناگپال،           -/ 15000روپيه

10- خوشي رام اوڌُوداس ڇاٻڙيا.              -/ 15000 روپيه

11- هيمن داس هيرانند مسند  ۽ سندس ڌيءَ پرميشوري ٻائي

-/2700 روپيه

12- سيٺ حاجي عبدالله هارون ڪراچي وارو،     

-/ 4000 روپيه

13- مائي ڀڳواني ٻائي زال رامچند جئه سنگهه     

-/ 3500 روپيه

14- سيٺ ڏيارام مينگهراج وڌوا ۽ ليلارام،         

-/ 3500 روپيه

15- لڻيندارام اُتمچند گابا؛ گهنشام داس  ۽ ڄيٺانند کان  

-/ 3000 روپيه

16-شيون داس گرمگ داس ترائي  ڳڙهي ياسين تعلقو،     

-/.3000روپيه

17-  هاسانند هوتچند ٻيلاڻي آهوجا.

           -/ 1800 روپيه

18- شريمتي ڄيٺي ٻائي زال سيٺ لکمي  چند کٽڻ مل ماکيجا  جي ياد ۾،                      -/ 2000 روپيه

19- سيٺ ايسر سنگهه چيلا سنگهه بجاج،           -/ 2500 روپيه

20- شريمتي پدما ٻائي زال ديوان هاسانند ڀاٽيه  

2500 روپيه

21- سيٺ ويرو مل ڪيولرام آهوجا           2501 روپيه

22- رڪمڻي ٻائي زال سيٺ نارائڻ داس راڌا ڪشنداس لُلا بينڪرس.   -/ 2001 روپيه

23- سيٺ راڌاڪشن داس نارائن داس،    

-/ 1001 روپيه

24- شريمتي رام ديوي  ڌيءَ خوشي رام ۽  تيجڀانداس

-/ 1001روپيه

25- سيٺ ڌنراج مل چيتن داس چاولا،        -/ 1001روپيه

26- مينگهراج واڌورام پنجابي موٽر والا      -/  1001روپيه

27- ٽيڪمداس نارائڻ داس آهوجا            -/ 1001روپيه

28- روچيرام ٺاڪرداس ٽلومل ماکيجا        -/ 1001روپيه

29- پرڀ داس شولداس ڀاٽيه                         -/ 1001روپيه

30- ٺارومل رامداس وڌوا،                      -/ 1001روپيه

31- شريمتي پهوج ٻائي والده ڪنيالال ڏيپچند -/ 1001روپيه

32- ڪاڪي ٻائي زال سڳنو مل سس ڪنيالال  -/ 1001روپيه

33- سيٺ ديدومل ايسر داس چگهه.          -/ 1001روپيه

34- مينگهراج ويرڀانداس گابا،                       -/ 1001روپيه

35- هريرام کيٽا رام.                                 -/ 1001روپيه

36- پيسو مل وشنداس چگهه                         -/ 1001روپيه

37- ليلا رام پريتم داس بٺيجا                       -/ 501 روپيه

38- گهنشام داس ڀڳوان داس نارنگ        -/ 501 روپيه

39- جڳئناٿ گهنشام داس اُتم چند گابا  -/ 501 روپيه

40- کيمچند جوڌارام ڇاٻڙيا.                 -/ 501 روپيه

41- جيٺانند اُتم چند چيلا رام گابا          -/ 501 روپيه

42-کيئلداس خوبچند وڌاوا  ۽ سندس پٽ   -/ 601 روپيه

43-ملڪي رام چيتن رام خوشي رام روهڙا -/ 501 روپيه

44- نسروانجي رستمجي مهتا جي يادگيري ۾،  -/ 501 روپيه

سيٺ هر گووند ڀائي جي ديسي سماجڪ ناٽڪ ’مست شيطانو’ جي اسٽيج ٿيڻ جي موقعن تي وڪرو ڪيل ٽڪيٽن سان گڏ بمبئيءَ شهرين کان وصول ڪيل دان طور رقم جو وچور:

1-  سيٺ ميگهجي  مٿراداس ڀاٽيه،                  -/ 5000 روپيه

2-  ڪانجي جا ديو جي                                      -/ 4001 روپيه

3- سنت داس راول داس اينڊ ڪمپني،                -/ 1501  روپيه

4- ڀاون داس اينڊ ڪمپني                            -/ 1500 روپيه

5- نارائڻ منورداس گورڌن داس سونا  والا     -/ 1501 روپيه

6-  مڌوس دان مل،                                  -/ 1001 روپيه

7- سيٺ تيجڀانداس ڍولڻ داس ڇاٻڙيا،             -/ 751 روپيه

8- ڪرمچند اينڊ ڪمپني                             -/ 701 روپيه

9- سنگو مل بولچند،                                 -/ 551 روپيه

10- هري ٻائي زال سيٺ ٺاڪرداس؛ سيٺ سوڀراج کان

                                                         -/ 501 روپيه

11- سيٺ نارائن داس پرمانند؛ سيٺ ڇڳومل کان         

-/ 501 روپيه

12- نهچلداس ٽيڪمداس بٺيجا                              

-/ 501 روپيه

13- ديالداس خوشي رام ڇاٻڙيا،                                

-/ 501 روپيه

14- گوپالداس ليلاڌر                           -/ 501 روپيه

15-گوبندرام سوڀراج،                          -/ 501 روپيه

16- آر.بي.آتمارام. سيٺ پيسومل          -/ 501 روپيه

17- سيٺ سيتلداس تيرٿ داس.                      -/ 501 روپيه

18- شيوارام ٽيڪمداس                                -/ 501 روپيه

19- لڻيندا سنگهه سترام سنگهه بجاج.     -/ 751 روپيه

20-  جيسا سنگهه سترام سنگهه بجاج             -/ 751 روپيه

21- نارائڻ سنگهه  سترام سنگهه  بجاج    -/ 751 روپيه

22- ڌر مداس قيمت رام ناگپال                      -/ 501 روپيه

23- ڪريم ٻائي لعلجي سڄڻ اينڊ ڪمپني.        -/ 501 روپيه

24- سيٺ نندرام داس هيرانند بجاج،                - /501 روپيه

25- آر، ايس، دوارڪادا س  ۽ سندس پُٽُ             -/ 501 روپيه

26- بيگراج ٽهلرام جئه سنگهه                      -/ 501 روپيه

27- نڪارام پرمانند ڀاٽيه.                           -/ 501 روپيه

28- نورتن ڀائي رامچند.                              -/ 501 روپيه

29- واڌي لال چني لال.                               -/ 501 روپيه

30- نارائڻ داس  گنگا وشنداس.                      -/ 501 روپيه

31- موهن داس سانولداس جئه سنگهه.               -/ 501 روپيه

32- چني لال ڀائي لال مهتا.                        -/ 501 روپيه

33- ڪلورام برج موهن.                           -/ 501 روپيه

34- پرشوتم گووند جي ڀاٽيه.                      -/ 501 روپيه

35- ڪشن داس جهامنداس.                        -/ 501 روپيه

36- مرار جي گووند جي ڀاٽيا.                   -/ 30333 روپيه

 

ٽوٽل-/70837 روپيه

متفرقه -/38017 روپيه

ٽوٽل

مٿيئن ڪتبي جي ڊيگهه پنج فوٽ پنج انچ  ۽ ويڪر  ڇهه فوٽ ڇهه انچ آهي.

سڀني چندن يا عطين کي انهيءَ زماني جي ناڻي جي قدر وقيمت کي آڏو رکي  ڪٿ ڪبي ته ان ۾ تمام وڏو ايثار نظر ايندو.انهيءَزماني ۾ جيڪا هڪ پائيءَ جي قيمت  هئيءَ،  سااڄڪلهه هڪ روپئي جي برابر  وڃي بيٺي آهي،  تڏهن هڪ روپيه ۾192 پايون هونديون هيون.انهيءَ انداز سان اسپتال جي اڏاوت تي آيل خرچ جو تخمينو ڪبو ته اڄڪلهه جي ڪاٿي  موجب ڪروڙن جو ٿيندو. انهن عطين بابت هڪ دلچسپ نقطو به نوٽ ڪرڻ جي قابل آهي ته هر هڪ چندو اِڪي“ عدد ۾ ئي جمع ڪرايل آهن. ٿورو ڪي گهڻو پر آهي اِڪي عدد ۾،  جنهن جو مطلب انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به نه آهي ته هتي تهذيبي ۽ ثقافتي روايت مطابق اِڪي عدد برڪت ۽ ڀلائي ورو عدد آهي. جو ان جي نسبت ڌڻيءَ تعاليٰ جي هيڪڙائيءَ سان آهي ۽ اهو عدد  وحدانيت،  توحيد ۽ ايڪتا جي پڻ علامت آهي. مطلب ته ان مان چندي ڏيڻ وارن جي من جي مدعا معلوم ٿئي ٿي ته انهن الله ڪارڻ يا ڌڻيءَ جي نالي تي ڪيو. بيشڪ الله تعاليٰ دلين جو مالڪ ۽ نيتن سان نياءُ ڪندڙ آهي.

*              *              *               *

راءُ بهادر اُڌوداس تارا چند ڇا ٻڙيا. پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور جو اُهو مهان سپاتر هو. جنهن جهڙو لال اڄ تائين ان جي جهوليءَ ۾ نه جُهليو آهي شڪارپور جي سماجي تاريخ جو هيءُ اڪيلو اوچي گهاٽ وارو انسان نهايت نمرتا ۽ نهٺائيءَ جو نمونو ۽ مٺڙي مزاڪ جو مالڪ هو. سندس سچائيءَ سان ڪيل شيوا کي انقلابن جا آيل طوفان به مٽائيءَ نه سگهيا آهن هو هميشه سڀني جا دک دور ڪرڻ لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو رهيو سندس اندر جي صاف ۽ سندر صورت سندس هيٺين ڪوتا مان بکي ٿي:

” سچائي پريم سان شيوا ڪرڻ گهرجي بيمارين جي.

  اُهو انسان جيءُ آيو ڪري خدمت انسانن جي؛

وٺي ٿو سک سڄڻ تو لاءِ اها سڌريءَ ڏکوين جي،

ڪندو مالڪ مدد، اُڌو،  تو ڪر شيوا ڏکوين جي، “

مندر روپي اسپتال جي جڙي راس ٿيڻ کان پوءِ هڪ طرف سندس جوتيوان جيءُ کي قرار مليو ته ٻئي طرف اڃان وڌيڪ اوتساهه سان ان کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙي،  ڪٿان جو وڃي ڪٿي وڃي پئي پهتو: ڏينهن رات هڪ ڪري اسپتال جي عمارت جوڙائڻ جي سندس نيڪ آتما جي اڻ مئي آرزو جي پهرين منزل هئي. جنهن سان هن خدا جي خلق جي بنان ڪنهن مت ڀيد جي خدمت ڪرڻ ٿي گهري،  دکين ۽ بيمارين جي شيوا ڪرڻ ئي سندس حياتيءَ جو مول مقصد هو. جنهن جو اظهار هن وقت بوقت پنهنجي قلبي ڪوتائن ۾ ٿي ڪيو:

”دکهي بيمار آتي هين،  سکهي هو گهر کو جاتي هين،

روتي چلاتي آتي هين،  دعائين کرکي جاتي هين؛

پجاري بن کي مين بيڻهون اسي مندر کي سيڙهي پر،

دکهي بيمار جو آئين بڻهاؤن اُن کو آنکهون پر.“_

راءُ بهادر اُڌوداس تارا چند جي جدوجهد ۽ ڪوشش جي شروعات ان وقت کان ٿي،  جڏهن اسپتال جي پيڙهه ۾ اڃان پهرين سر به نه لڳي هئي. ان عملي طور پاڻ کي ان مقصد لاءِ پوريءَ طرح وقف ڪري ڇڏيو هو. اسپتال ئي هن جي لاءِ زندگي ۽ زندگيءَ جو مقصد بنجي وئي ۽ هن دل کولي دان ڪري ڇڏڻ سان اهو ثابت به ڪيو. اسپتال لاءِ چندو گڏ ڪندي وڃي بمبئيءَ کان نڪتو،  جتي سندس طبعيت اچانڪ خراب ٿي پئي. ۽ سُر هري ڪشنداس اسپتال بمبئي ۾ بستري داخل ٿيو سندس طبيعت سدرڻ بدران ويتر بگڙندي وئي گهڻيئي معالج سندس صحتيابيءَ لاءِ جتن ڪندا رهيا،  مگر هن دياوان داني پرش جو وقت اچي ڀريو هو. سو18 جنوري 1943ع تي اُتي ئي پراڻ ڇڏي امر ٿي ويو،  

راءُ بهادر اُڌوداس تارا چند بمبئيءَ ۾ مرتبي تائين ٻاويهه هزار اَٺ سئو ڇاهٺ روپيه عطيو گڏ ڪيوهو اُن جو وچور ” اتهاس گئلري“ ۾ ساڄي پاسي اولاهين ڀت ۾ لڳل آخري ڪتبي تي ٻين ڌنويرن جي نالن سميت آيل آهي،  ساڳئي ڪتبي تي سندس مرتيئي تي دک ۽ درد جي وارتا به ڏنل آهي،  جا ساڳئي نموني سان ٻئي هند به ڪتبي تي لکيل آهي. جا گهربل جاءِ تي درج ڪئي وئي آهي ڪتبي جي ڊيگهه چار فٽ اٺ انچ ۽ ويڪر ٻه فوٽ ساڍا يارانهن انچ آهي:

      -1 سيٺ ويرومل پرسرام آهوجا            -/3500  روپيه

      -2 دولت رام موهن داس ڇاٻڙيا ايم. ايل. اي

.-/2500  روپيه

      -3 ديپ چند ڪنيا لال هندوجا                -/ 2500  روپيه

      -4 تيجڀانداس  ٺارومل ڇاٻڙيا              -/ 1.500  روپيه

      -5 تيجڀانداس اُڌوداس ڇاٻڙيا               -/ 1.500 روپيه

      -6 سيٺ هاسانند روپ چند منڌياڻ پنجابي.-/ 1.500 روپيه

      -7 سرتو مل ڪنيالال ناگپال.               -/ 1.000 روپيه

      -8 جيونداس ڀوجراج ڇاٻڙيا                -/ 1.000 روپيه

      -9 گوبندرام سيڪساريان (مارواڙي)     -/  1.000 روپيه

      -10 سڳنومل ريجهومل.                     -/ 1.000 روپيه

     - 11 پرسومل وشنداس چگهه،                -/ 1.000 روپيه

      -12 ٺاڪرداس ڦيرومل روهڙا.              -/ 1.000 روپيه

     -13  بيگراج گرڌاري داس جئه سنگهه        -/ 750 روپيه

     -14 ٽيڪمداس ڪمپني (ڪاٽن والا)          -/500 روپيه

    -15 سمڀال داس (ملتان والا)                     -/500 روپيه

    -16 گمنام ڌنويرن کان                         -/1.116 روپيه

    -17 سيٺ ڌن پت مل ديوان،  چيف آف ديوان فلور مل شڪارپور (جيڪو-/ 1.000 روپيه لائلپور ۾ ترسيل هو. تنهن تار ذريعي راءُ بهادر اُڌوداس تارا چند ڏان بمبئي چندو موڪليو.)

جملي گڏ ٿيل چندو            22. 866- - -  روپيه

*              *              *               *

راءُ بهادر اُڌوداس  تارا چند جو ديهانت نه رڳو سندس پونئيرن يا اسپتال لاءِ وڏي نقصان جو ڪارڻ هو،  پر شڪارپور جي لاءِ به تاريخي صدمو هو. ڇاڪاڻ ته شڪارپور پنهنجي ان امر لال کان محروم ٿي وئي. جنهن پنهنجي جنم ڀومي جي عليلن کي علالت کان ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ نه رڳو پاڻ کي هڙون ۽ وئڙون وقف ڪيو،  پر روحاني طور به داتا در ڪوڪاريندو ۽ پڪاريندو رهيو ئي ته داتا ديا ڪر دکين جا دک لاهه،  هن امر انسان جي جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ جي ياد ۾ سندس سنگمرمر جو سندر پتلو،  جوڙائي،  اسپتال جي اڳئين اڱڻ ۾ سيخن جي سهڻي چبوتري ۾ نصب ڪرايو ويو،  پتلي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾  ٻه ڪتاب لڳايا ويا،  جن مان رڳو سنڌ متن تي اڪتفا ڪجي ٿي،

”سرڳواسي راءُ بهادر اُڌوداس تارا چند جو 73 ورهين جي عمر ۾ اسان کي وڇوڙو ڏيئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو،  هن قربانيءَ جي پتلي شڪارپور ۾ پنهنجي اسپتال روپي مندر مٿان پاڻ کي قربان ڪيو،  هو صاحب هن اسپتال لاءِ بمبئيءَ ۾ پئسا ڪٺا ڪرڻ ويو هو،  جتي گهڻي ڪشالي ۽ جانفشانيءَ سبب بيمار ٿي پيو. ۽ سُر هري ڪشن اسپتال ۾ زيرعلاج رهيو،  جتي 17 جنوري 1943ع تي پراڻ ڇڏيائين.“

شڪارپور جي هن اُتم انسان راءُبهادر اڌُوداس تارا چند جي نالي اسپتال لاءِ شروع ڪيل ان تحريڪ کي سندس مرتيي کان پوءِ،  هن جي سپاتر هري لال اُنئي اُتساهه ۽ تندهيءَ سان هٿ ۾ کنيو. هن صاحب جي ڪوششن جي راهه ۾ ڪيئي رڪاوٽون پيش آيون،  ڇو ته هڪ طرف ملڪي حالتون پهرين جهڙيون نه رهيون هيون،  ۽ ٻئي طرف ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي حالتن ۽ هندستان جي ورهاڱي وارين سياسي تحريڪن هن شهر جي ذهني،  سماجي،  اقتصادي ۽ روحاني روايتن کي اهڙو ته متاثر ڪيو جو هري لال جي ڊوڙ ڊُڪ جي باوجود ڌنويرن جي دانن جو سلسلو سرگرم ۽ سرس نه رهي سگهيو. هري لال دان لاءِ گڏجاڻيون ڪندو رهيو،   ۽،  دان،  پترن،  جي ذريعي دردر پنهنجو آواز پهچائيندو رهيو،  اهڙو هڪ انگريزيءَ ۾ ڇپيل،  وينتي پتر،  مون کي شڪارپور جي تاريخ جا وکريل ورق ميڙيندڙ مهربان دوست،  سائين خليل مورياڻي. جي ذاتي لائبريريءَ مان مليو آهي،  جنهن لاءِ سندس مڃڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان. انهيءَ دان،  وينتي،  پتر،  جو سنڌي ترجمو هن طرح آهي: مهرباني ڪري غريب مريضن جي مالي سائتا ڪريو:،

پيارا ڀائرو ۽ پيارون ڀينرون!

اسين عام طرح گهڻو ڪري پنهنجي ذاتي ناءُ ناموس لاءِ پنهنجو پيسو خرچ ڪريون ٿا،  ۽ ضرورت کان وڌيڪ زمينون ۽ جائدادون خريد ڪرڻ کان علاوه پنهنجي نياڻين کي حد کان وڌ ڏاج – ڏانوڻ ڏيئي پنهنجي وڏ ماڻائپ ظاهر ڪريون ٿا، ڪيترين ئي خوشين جي موقعن ۽ شادين شادمانن ۾ پنهنجي دولت کي پنهنجن هٿن سان وڃايون ٿا. اوهان ۽ اسان جي نظر ۾ ڇا اهو سڀ ڪجهه ڄڻ ضروري ۽ چڱو آهي،  

دوستو! توهين پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ ان خزاني جي رکيا ڪريو ٿا،  انسانن جي شڪر گذاري ۽ ڌڻيءَ جي ديا/ ڪريا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڏيو،  نه پنهنجي ڀاڳ جو ڀاڱو،  ۽ نه پنهنجي قسمت جو ڪڻو! پر اسپتال جي مد ۾ هڪڙو ننڍڙو سڪو! جيڪو عليل انسانن جي ضرورت کي پورو ڪري ۽ سندن ڏکن کي ڏور ڪرڻ جي ڪم اچي،  

 ڏيو،  بنان ڪنهن ڀيد ڀاوء،  بنا ڪنهن رنگ نسل،  ذات پات دين،  درم،  عقيدي يا،  فرق جي،  غريب گهرجائن لاءِ. اڙيلن جي آڌار ڪري آسيس کٽو.

توهان جو نماڻو نوڪر:

هري لال اوڌُوداس.

هري لال جي همت ۽ اڻٿڪ ڪوششون اهو ڏيکارين ٿيون ته هو پنهنجي پتا اوڌُوداس جي پيروي تي پورو پورو ڪار بند رهيو،  مگر ملڪي حالتن جي ڦيري ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ جي گهلندڙ واءُ هن جي واٽ جي لاٽ اُجهائيندي رهي،  آخر ڪار نتيجو اهو نڪتو جو اسپتال جو انتظام ۽ سهائتا اڪيلي اُوڌي داس جي پٽ جي وس مان ويندي رهي. اسپتال کي بنان ڪنهن ويڇي ۽ ويچار جي،  هندو پنئچات،  سنڀاليندي رهي: اها ايستائين جو بار کڻندي رهي،  جيستائين پئنچات ۾ مالي سهائتا ڪرڻ وارا موجود هئا،  اُهي جڏهن 14 – آگسٽ 1947ع بعد پنهنجي ڌرتي ۽ اباڻا ڪک ڇڏي پرڏيهي ٿيا تڏهن اسپتال مريضن ۽ ويڄن سميت ويڳاڻي ٿي پيئي. آخر شڪارپور ميونسپالٽيءَ ان جو ايترو ٻوجهه کنيو. جيترو اها کڻڻ جهڙيءَ هئي،  البته اُهو اُتساهه ۽ ولولو باقي نه رهيو،  جيڪو ان جي بانين وٽان پڌرو ٿيو هو،  

ون يونٽ جي زوري مڙهيل مصنوعي وحدت واري ظالماڻي سياهه دور ۾ سموري سنڌ نهايت ئي ڪٺن ڏينهن مان گذري ان ڏکئي دور ۾ شڪارپور جو شهر هڪ انوکي عتاب هيٺ هو ۽ هو شعبئه حيات ۾ پٺتي پئجي ويو هو،  انساني علاج لاءِ اڏايل هن شاندار اسپتال ۾ ڄڻ ته راڪاس گهمي ويوهو؛ انساني علاج لاءِ اڏايل هيءُ خوبصورت بلڊنگ ڄڻ جانورن جي ڍڪ ۾ تبديل ٿي چڪي هئي غريب  ۽ مسڪين مريض اگر علاج لاءِ اُتي آيا ٿي ته کين گهربل علاج نٿي ملي سگهيو. ڪنهن جي مرض ٿوري به شدت  اختيار ٿي ڪئي ته اهو موت سان ملاقاتي پئي ٿيو.اهڙي افسوسناڪ حالت کي ڏسندي  شهرجا باشعور شهري خطن پَٽن  ۽ تارن پيغامن رستي وقت جي حڪومت آڏو دانهيندا رهيا.آخرڪار،  سندن رڙين ۽ ڪوڪن اختيار ڌڻين ۾ ڪجهه ڪهڪاءُ پيدا ڪيو،  ۽ پهرين جولاءِ 1967ع  تي ان وقت جي حڪومت هن مثالي اسپتال کي پنهنجي تحويل ۾وٺي انکي نئين زندگي ڏيڻ جو بنياد رکيو.

شڪارپور جي هيءَ مشهور  ۽ تاريخي اسپتال پنهنجا ڏکيا سکيا ڏينهن ڏسي آخر ان پد تي پهتي آهي، جو سنڌ جي مکيه اسپتالن  ۾ ليکي وڃي ٿي، هن اسپتال کي جڏهن کان سنڌ صوبي جي سرڪار پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي.تڏهن کان ان ۾ نت نوان سڌارا  ۽ واڌارا ٿيندا رهيا آهن. شروع ۾ هي اسپتال رڳو 54 بسترن سان گڏ پوليس وارڊ،  قيدين لاءِ بسترن، مردن  ۽ عورتن لاءِ جدا پنڊال وغيره تائين محدود هئي، ان کان پوءِ 72 بسترن تائين ۽ هينئر هڪ سئو بسترن تائين وڌي چڪي آهي.. ان ۾ اِي. اين. ٽي،  ٻارن جي بيمارين  ۽ ڪوڙهه جي علاج جو شعبو پڻ موجود آهن.

جيئن ادارا قائم ڪرڻ هڪڙي ڳالهه ٿئي ٿي  ۽ انهن کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ ٻي ڳالهه تيئن هن اسپتال کي انهيءَ خلوص ۽ جذبي سان هلائڻ  ۽ ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ ۽ ان جي دائمي نالي ۽ نيڪي کي قائم رکڻ جي جدوجهد ڪرڻ وارن انهن ڊاڪٽر صاحبن به اوتريون ئي کيرون لهڻيون جيتريون انهيءَ عام ڀلائي واري اداري کي قائم ڪرڻ وارن جي حق ۾ چئي سگهجن ٿيون.سڀ کان پهريائين اُهي ڊاڪٽر صاحبان داد ۽  تحسين کي لهڻين جي هن عوامي اسپتال جي قيام جي مقصد کي اڳتي  وڌائڻ لاءِ انهيءَ جي بانيءَ جي قلبي ڪيفيت سان ڳانڍاپو قائم ڪري. خلوص ۽ خدمت جواُهو معيار قائم ڪيو. جنهن سان اسپتال جي مقصد کي هٿي ملي،  ان لاءِ هن اسپتال خواه شڪارپور جي  تاريخ ۾ انهن هڏ ڏوکي،  همدرد ۽ فرض شناس ڊاڪٽرن جي  خدمتن ڪري رڳو ناماچار ڪڍيو،  پر عوام جون دعائون پڻ کٽيون،  اهڙن نيڪنام ڊاڪٽرن پرسرام بولچند، ڊاڪٽر سوريه ونسي،  ڊاڪٽر پرسرام  شودياڻي،  ڊاڪٽر چندر ونسي،  ڊاڪٽر ڊسوزا،  ڊاڪٽر کينا رام، ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي،  ڊاڪٽر حيدر خان، ڊاڪٽر قادر بخش انصاري، ڊاڪٽر چوني لال ڀاٽيه،  ڊاڪٽر حڪمت راءُ پرياڻي، ڊاڪٽر الريجا جا نالا ذڪر ڪرڻ جي لائق آهن.

هن اسپتال کي پهرين جولاءِ1967ع کان جئين ئي حڪومت پنهنجي تحويل ۾ ورتو، تڏهن کان جيڪي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ پنهنجي اعليٰ عهدي تي رهيا، تن جي فهرست بالترتيب هيٺين ريت  آهي.

1-ڊاڪٽر غلام الله اعواڻ، 2-ڊاڪٽر گلزار احمد شيخ، 3-ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، 4- ڊاڪٽر عبدالقيوم ”طراز شيخ“ (سنڌ جوسڄاُڻ ليکڪ ۽ شاعر)5-ڊاڪٽر رياض احمد شيخ، 6- ڊاڪٽر عبدالقيوم”طراز“(ٻيو ڀيرو) 7- ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، 8-ڊاڪٽر خداد ابڙو، 9- ڊاڪٽر امداد علي راجپوت، 10- ڊاڪٽر شيخ نجيب الله شيخ  ۽ ڊاڪٽر واحد بخش جا نالا ڳاڻاٽي هيٺ اچن ٿا

راءُ بهادر اوڌودُاس، شڪارپور شهر جي سماجڪ اتهاس جي برک  ۽ باڪردار شخصيت، جنهن پنهنجي عملي جدوجهد ۽ جانفشانيءَ سان جنم ڀوميءَ جي بيمارين ۽ بي سهارن جي  شيوا لاءِ اعليٰ عمارت ”اوڌوُداس تارا چند اسپتال،  اڏائي اُتهاس ۾ امرتا ماڻي آهي، تنهن جي شخصي ڄاڻ حاصل ڪندي معلوم ٿو ٿئي ته هن مهان انسان جو اصل نالو اوڌوُداس ۽ سندس پتا جو نالو تارا چند ڇاٻڙيا هو. اوڌوُداس سن، 1870ع تي شڪارپور ۾ ڄائو، اوجهن ۽  پاٺشالائن مان گرمکي اکر پڙهي ۽ ليکي-چوکي جي سکيا حاصل ڪري پنهنجي اباڻي ڪرت وڻج واپار سان واڳجي ويو. هو ننڍپڻ کان ئي حساس ۽ عقلمند انسان هو.هن جي جيءَ ۽ جسي کي انسانن جي شيوا ڪندي. سک ۽  شانتي ملندي هئي.اهو ئي ڪارڻ جو پاڻ اهڙن ڪمن لاءِ اُتسا هڪ ۽ اڳرو رهندو هو،  اهڙيون خدمتون ڪندي،  جيڪڏهن ڪي مشڪل مرهلا سندس آڏو به ايندا هئا،  ته به هو ڪڏهن ارهو يا دل شڪستو نه ٿيندو هو،  توڙي جو کيس دن سان گڏ من جو ٻليدان به ڏيڻو پوندو هوس،  هميشه حوصلي سان دن جو دان ڏنائين،  حالانڪ ان زماني ۾ ڪيترائي وڏا سيٺيون ۽ سرنديءَ وارا صاحب پنهنجي پئسي کي پنج ڳنڍيون ڏيئي پختو ڪندا هئا.

شڪارپور ۾ جڏهن اسپتال اڏائڻ جو سوال پيدا ٿيو پاڻ سراڪيلي سر مايا جا مٽ ڪٺا ڪري انسان دوستيءَ جو هڪ مثال قائم ڪيائين. توري جو ان وقت جي سرڪار به پنهنجي مقرر ڪيل پئسي کان پائي به وڌيڪ ڏيڻ کان پر ڪڍي بيٺي. شڪارپور جي هن سپوت انگريز سرڪار کي مڃايو ته سنڌ جا رهواسي پنهنجن مسئلن کي پاڻ حل ڪرڻ جي سگه رکن ٿا. سندس اهڙي اعليٰ ڪارنامي کي سرانجام ڏيڻ کان پوءِ انگريز سرڪار بمبئي پرڳڻي جي جن ناميارن ماڻهن کي مان ڏيئي ” شخصي خطاب“ عطا ڪيا،  تن ۾ هن مهان انسان کي به سن 1935ع ۾ ”راءُ بهادر“ جو اعليٰ اعزاز ڏيئي،  سندس سماجي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو،  اسپتال اڏجڻ کان پوءِ به هميشه ان جي واڌاري ۽ سداري لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري پاڻ پتوڙيندو رهيو. ۽ پنهنجي وچن تي پورو لهندي  اسپتال لاءِ دان ڪٺو ڪندي قربان ٿي ويو، هن 17- جنوري 1943ع تي بمبئيءَ جي هرڪشن داس اسپتال ۾ پراڻ تيا ڳيا!

(’دي سنڌ سول لسٽ‘  جنوري 1939ع ص: 138 ۽ ڪتبي نمبر5 جي آڌار تي.)

*              *              *               *

سيٺ هري لال اوڌوُداس:

سهڻا لفظ،  جملا،  چوڻيون ۽ پهاڪا سماج جي سيني تي سدائين ڪنهن سندرتا جي نموني پتلي جيان نمايان رهندا آهن،  ائين ئي هڪ پهاڪو پنهنجي سچائي جي ساک سان سماج ۾ پنهنجو وجود برقرار رکندو اچي ٿو. ڪهڙو نه پيارو پهاڪو آهي،  ته” سهڻي سنگ مان سهڻوپ سنگ ئي سرجندو آهي، “ جو سراسر سچ آهي. اهو پهاڪو جيڪڏهن اوڌُوداس جي پٽ هري لال جي وجود سان واڳجي ته درست لڳندو. واقعي هري لال به اوڌُوداس جي سيبتي سنگ مان سرجيو ۽ پنهنجي سنگ جا سڀئي رنگ جرڪائي اُتهاس ۾ روشن مينار بڻيو سندس جيون چرتر نه رڳو ڏيهي ٻوليءَ جي مهاپرشن جي اُتهاس ۾ ملي ٿو. پر انگريزي ٻوليءَ جي ڪتاب ”who s,who- 1944“  ۾ موجود آهي:” هري لال اوڌُوداس،  ڪراچيءَ ۾ مشهور صراف ۽ تاجر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو،  اهڙيءَ طرح جيئن سندس پتا اوڌُوداس،  شڪارپور ۾ اسپتال اڏيندڙ جي حيثيت سان سنڌ ۽ هند واسين جي دلين ۾ گهر ڪري چڪو آهي،  ۽ انهيءَ امر ڇاپ جي ڪري هميشه ياد رهندو. هري لال به پنهنجي داني پتا جيان خيراتي ڪمن ۾ پوئتي نه پوندي،  پنهنجي پتا پاران مليل ورثيءَ کي قائم رکي ٿو،  هو پنهنجي پيءُ جيان ڪيترين ئي سماجڪ منڊلين کي دان ڏيئي سرَهو ٿئي ٿو ڪراچي ميونسپل ڪائونسل کان علاوه پُبلڪ ورڪس ڪاميٽيءَ جو چيئرمين،  (jESTice of the peace) ۽ هندستاني واپارين پاران اڳواڻي ڪندڙ آهي،  انهيءَ کان سواءِ ڪيترين ئي سماجي ادارن ۽ ڪلبس جو ميمبر پڻ آهي،  هري لال پنهنجي پتا جي ديهانت کان پوءِ شڪارپور ۾ رهندي،  اسپتال جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽ ڪيترن ئي موقعن تي مريضن جي مالي سهائتا لاءِ ” وينتي- پتر“ ڇپرائي سهڪار لاءِ هٿ ڊهگيريندو رهيو.

وضاحتون ۽ حوالا:

شڪارپور جي هندو واپارين جي ڪاروبار تي ڊاڪٽر ايس- پي . ڇٻلاڻي انگريز ليکڪ اليگزينڊر بزنس جي حوالي (commerce of shikarpur ) سان ڄاڻايو آهي ته شڪارپور جي هندو واپارين جا گماشتا مسقط، بندر عباس،  ڪرما،  يزد،  مشهد،  استراخان،  بخارا،  سمرقند،  ڪوڪن،  يارقند،  ڪونڊور،  خولوم،  سبزوار،  قندار، غزاني،  ڪابل،  پشاور،  ديرو اسماعيل خان،  بکر،  ليرا،  ملتان،  بهاولپور،  امرتسر،  جئپور،  بيڪانير،  جيسلمير،  پالي،  مانڊوي،  بمبئي،  حيدرآباد دکن،  حيدرآباد سنڌ،  ڪراچي،  قلات،  مرزاپور،  ۽ ڪلڪتي ۾ موجود هئا،  جيڪي وڻج واپار لاءِ موڙيون مهيا ڪندا هئا. سندن هنڊيون هر هند هلنديون هيون،  

s.p chablani dr: economic conditions in sind. (1592

to 1843) .p.p-63. انهيءَ کان علاوه ڪئپٽن ٽي. پوسٽنس شڪارپور جي واپارين جي بابت لکي ٿو ته سنڌوندي کان پرڀرو سنڌ جو شهر شڪارپور واپار کان وڌيڪ بئنڪن جي ڏيتي ليتي جي ڪري وچ ايشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ مشهور آهي:

t. postans, captain:” personal observation on sind”p.p-32.

 2- روس ۾ انقلاب 1917ع ۾ برپا ٿيو.

the oxford histori of england p.p.373.

 

3-سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ شڪارپور کي ضلعي حيثيت ڏني.

 gazetteer of the province of sind,b: volume-111,sukkur district,1928,p,40

-4سکر کي آگسٽ 1901ع ۾   ضلعي   جي  حيثيت ملڻ کان پوءِ  شڪارپور کي  تعلقو هيڊڪوارٽر ۽  سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو. اُن کان اڳ ئي 1883ع ۾ سرڪاري دفترن جي سکر ڏانهن منتقلي ٿي.

gazeetteer of the province of sind,b: volume-111,sukhur district-1928,p,p,40.

5-وڪٽوريا ڊسپينسري 1857ع ۾ قائم ٿي، ۽ سن 1920ع ۾ان جو نالو ”لکمچند ٽيڪچند ڊسپينسري“ رکيو ويو،  جنهن کي عام طور”ڍونگ واري اسپتال“ سڏيو وڃي ٿو،

gazeetteEr of the province of sind,b:volume,III sukkur district:1928pp,130-131,

-6 سپاسنامي ۾ اسپتال جي منتقلي جو سن 1912ع ڄاڻايل آهي، جڏهن ته اها پهرين جون 1909ع تي لاڙڪاڻي منتقل ڪئي ويئي،

gazeetteEr of the province of sind,b: vol,111,sukkur district: 1928pp,40

-7 لاڙڪاڻي کي آگسٽ 1901 ع ۾ ضلعي جو درجو ڏنو ويو، آڳوڻي ضلعي شڪارپور جا ست تعلقا رتوديرو،، لاِ‎ڙڪاڻو،  قمبر، ڏوڪري (لب دريا)، ميهڙ، نصيرآباد(وارهه) ۽ ڪڪڙ پڻ نئين ضلعي لاڙڪاڻي ۾ شامل ڪيا ويا،

gazeetteEr of the province of sind,b: vol:1v,larkana district:1917 pp,10,34

-8 مکيه جيل1906ع ۾شڪارپور کان سکر نيو ويو،

gazeetteer of the province of sind b:111,sukkur district: 1928 pp 40

9- مکيه جيل، 1901ع ۾ ٻيهر شڪارپور ۾ قائم ڪيو ويو،

 gazeetteer of the   province of sind b:  vol:111 sukkur district:1928 pp,84

10- انگريز سرڪار،  بمبئي پرڳڻي جي جن نامور ماڻهن کي مان ڏيندي خطاب عطا ڪيا تن ۾ سيٺ اوڌوداس تارا چند ڇاٻڙيا کي اسپتال قائم ڪرڻ جي اعليٰ ڪارنامي سرانجام ڏيڻ تي”راءُ بهادر “ جو اعزاز 1935ع ڌاري عطا ڪيو.

 the sind civil list,jan:1939, pp-138.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com