110
خط- ٻيو
جانِ من..... دُردانه بيگم!
کيرٿر جي ماٿريءَ ۾ مغرب جي اذان مان،الله جي اسم جا پيارا
پڙاڏا، پهاڙن ۾ پکڙجي رهيا آهن،۽ ڪرچات سينٽر جي
لان ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان ويهي، تو کي هي خط، تصور
جي قلم سان، هوائن جي ورقن تي تحريرڪري رهيو
آهيان. تون.......! جيڪا بهتر ڄاڻندڙ آهين ته سفر
ڪرڻ کان مان ڪيڏو نه لنوائيندو آهيان (۽ وڃڻ ئي
ڪونه چاهيندو آهيان، ڪيڏانهن به!) ۽ ڪنهن اردو
شاعر جو هي شعر ته ڄڻ صفا منهنجي حسبِ حال آهي:
باهر جو مين نڪلون تو برهنه نظر آئون،
بيڻها هون مين گهر مين، دروديوار پهن ڪر!
ڄاڻان ٿو ته سياحت هڪ مشغلو آهي، پر اها ئي سياحت، بورطبيعت
باعث، منهنجي لاءِ آهي،Not Acceptable
ڪولمبس آمريڪا کي ڳوليو، واسڪو ڊي گاما هندستان وڃي پهتو، يا
هيروڊوٽس ڀريا چار سال يونان جي ياترا ۾ صرف ڪيا،
يا مارڪو پولو، ابن بطوطه، سرٽامس مور، ابن خلدون
يا هي اسان جو پنهنجو الطاف شيخ....... جي دنيا جا
وڏا ۽ ناميارا سياح رهيا آهن، يا هنن عجب عجب جهڙا
ڪي سفر ناما به تحرير ڪيا آهن، ته مون کي انهن سان
ڇا؟ ۽ سچ پڇين ته انهن موصوفن تي، رشڪ مون ناچيز
کي ڪڏهن به ڪونه آيو آهي. شايد سبب ان جو اهو به
ته سفر جي لڪير منهنجي هٿ تري تي آهي ئي ڪانه!
۽ پوءِ به مان سفر تي ڇو روانو ٿي ويندو آهيان؟ اهو تون هر دفعي
اڪثر بيزاريءَ مان پڇندي آهين ۽ موٽ ۾ سدائين
منهنجو اُهو ئي ساڳيو جواب........
”اِهو بس لاچار پيو وڃان، ۽ دوستن جي بيحد اصرار تي!“
خير....... عجب اتفاق ڏس!
9- جون 1885ع تي،پنهنجي خاندان جو فخر لائق انسان، قليچ بيگ
صاحب، هن ئي جبل“ کيرٿر جي ڀيچيءَ ڏاڙهياري، جبل
جي سياحت لاءِ مختيارڪار جي حيثيت سان، ميهڙ کان
اُٺ تي چڙهي روانو ٿيو هو ۽ منزلون ڪندو وڃي ،ڪتي
جي قبر، تائين پهتو هو....... ۽ اڄ17 مئي 1999ع
تي اُن ئي قليچ بيگ صاحب جي ننڍي ڀيڻ شرف النساءِ
حسين قلي بيگ مرزا جو هي پوٽو، يعني تنهنجو هي
ناچيز هسبنڊ، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ادنيٰ قلمڪار،
ڄامشوري کان ٿيندو ٿاڻي بولا خان ۽ ٿاڻي احمد خان
کان ڦِرندو ۽ ڪوهستان جا ڳوٺ گِر، ڪارو گِر (جتي
هندن جي بزرگ ،ٻال پوري، جي سماڌي آهي) ڀيٽيندو،
ڳوٺ علي مراد باريچو، لوياڇ،۽ پري کان فقير محمد
عليءَ جي درگاهه ۽ آستاني جو ديدار ڪندو، هتي،
ڪرچات، اچي پهتو آهي!
حيرت جهڙي ڳالهه آهي دُردانه! ته سانجهيءَ جي سمئه ۾ ڪرچات جو
هي پراسرار ماحول هاڻي مون کي ڪافي قيسينيٽ پيو
ڪري. چوطرف اجگر جيڏا اونداهيءَ ۾ هوريان هوريان
گم ٿيندڙ پهاڙ...... ۽ پوڙهين ڏائڻين جي هاٺين ۽
ٻانهن جهڙيون سڪل وڻن جون هوا ۾ لڏندڙ
ٽاريون....... ۽ سچ پڇين ته جتي هن وقت مان ويٺو
آهيان. قدرت جي پراسرار نظام جو هيءُ بنهه ڪو
انوڪو جهان آهي، جنهن کي هڪڙيءَ حيرت ڀريءَ مسرت
سان ملاحظو پيو ڪريان.
۽ مسلسل پهاڙن ڏانهن ڏسندي، اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته هي پهاڙ
مون لاءِ رڳو پهاڙ ئي ڪٿي آهن، دردانه.......!
لڳم: “هي ته سنڌ جي تاريخ جا خوني پيچرا
آهن....... رٿ، هاٿي، گهوڙا، توبون ۽ منجنيقون به
ته آهن!“
۽ اينٿراپالاجسٽ چوندا آهن ته سمنڊ ڌرتيءَ جي هر حصي مان وهي
چڪو آهي، ۽ جي ائين آهي ته پڪ سان ڪروڙين سال اڳ
هتان بحري قزاقن جا ٻيڙا به لاشڪ ٿي گذريا هوندا.
۽ دُردانه!........ هي پهاڙ سوچن ئي سوچن ۾ مون کي الائي
ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن وٺي پئي ويا جو ناگاهه منهنجي
نگاهه پهاڙن مٿان پکڙيل آسمان ڏانهن کڄي
وئي........ اڙي هان؟ ڇا ڏسان ته، پهرين محرم جو
معصوم چنڊ، امام پاڪ جي سفيد عمامي جي ور
مثال........ سنهڙي لڪير جي صورت ۾، پهاڙن مٿان
نمودار بيٺو هو!
۽ بس........ اُن تي نظر پوندي ئي پنهنجن بزرگن وانگر مون
فريادي ماتم ڪيو ۽ اُن سان گڏ ئي مون ۽ مون سان گڏ
اُتي موجود عزيزم عرفان علي انصاريءَ فون قصد ڪيو
ته رات جو ڊنر کان اڳ، هي بيابان، ۾ ڊرنڪ، اسان کي
جي ڪنهن به قسم جي
(Hot Soft)
آفر ٿي، ته اُن کي محرم الحرام جي احترام ۾، ڇهڻ،
ته درڪنار، ان ڏانهن اک کڻي به ڪونه ڏسندا سين.
اسان جي رهائش جو انتظام. هتان کان ٿورو پرڀرو، ٽڪرين مٿان
وائيلڊ لائيف پاران سياحت لاءِ ٺهرايل ،ڪاٽيجز،
هيءُ علائقو ڇاڪاڻ ته بجليءَ جي نعمت کان محروم
آهي انڪري عارضي طرح سان اڄ جنريٽر جو انتظام آهي
۽ جيڪڏهن ڪو ڏيهي پريهي سياح هنن ڪاٽيجز ۾ اچي رهي
ته ”هڪ رات“ اُن جي مسواڙ پنج سئو روپيا پئي ٻڌائي
وڃي.هر ڪاٽيج جو نالو.کيرٿر نئشنل پارڪ ۾ موجود
ناياب نسل جي جانورن جي نالن سان منسوب آهي، ۽
منهنجي ۽ منهنجي ٽن دوستن جي رهائش لاءِ”chinkara cottage“
مخصوص آهي (۽ سچ پچ ته ڪنهن تخليقي شاعر يا نثر
نگار واسطي هيءُ بلڪل آئيڊيل جڳهه آهي. جتي ايڪانت
۾ ويهي، هو ناول يا پنهنجي آٽوبايو گرافي نهايت
سڪون سان ويهي لکي سگهي ٿو)
..... ته بس بيگم صاحبه! مون هي خط ڪرچات سينٽر جي لان ۾ ڪرسيءَ
تي ويهي سوچڻ شروع ڪيو هوهاپنهنجي رهائش لاءِ
مقرر”chinkara
cottage“
مان باٿ وٺي، جلدي جلدي ڪرچات سينٽر جي هال ڏانهن
وڃان پيو، جتي کيرٿر نئشنل پارڪ بابت بريفنگ ڏيڻ
لاءِ ڊپٽي ڪنزرويٽر محترمه سعيد اختر بلوچ ۽سندس
سهڪاري فيلڊ آفيسر برادرم غلام سرور جمالي ڪاغذ
ڪڙا هٿ ۾ کنيو ، شدت سان اسان لاءِ منتظر هوندا.
چڱو في امان الله!
Briefing- points
( نوٽ- بوڪ مان)
·
کيرٿر نئشنل پارڪ 1192 هم چورس
ميلن ۾ پکڙيل قدرت جو هڪڙو حيرت جهڙو جهان آهي.
جنهن ۾ دنيا جي ناياب نسل جا جانور
sindh ibex
(سرهه)،urial
(گڊ) ۽هرن آل جال پهاڙن جي کليل فضائن ۾ پوري
آزاديءَ سان رهن ٿا. هي پارڪ، حيدرآباد کان، 130
ڪلوميٽر ۽ ٿاڻي بولاخان کان 80 کن ڪلوميٽرن جي
فاصلي تي وقع آهي. ٿاڻي احمد خان کان پوءِ، کيرٿر
ڏانهن اچڻ لاِ رستو پهاڙي، پيچري نما، ۽ کڙ ٻڙ آهي
۽ اڪثر هندن تي ان رستي جي ڀرسان وڏيون وڏيون
کايون به موجود آهن.
·
کيرٿر نئشنل پارڪ جو ڪجهه حصو
ضلعي دادو ۽ ڪجهه حصو ڪراچي ضلعي ۾ آهي ۽ هن عجيب
وغريب پارڪ کي 1972ع ۾ ملڪ جي اُن وقت جي وزيراعظم
ذولفقار علي ڀٽي صاحب جي دور ۾ اقوام متحده جي بين
الاقوامي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ اُن لسٽ ۾ هاڻي
هن پارڪ سميت دنيا جا صرف چار اهڙا وڏا قدرتي پارڪ
رجسٽرڊ آهن.
·
کيرٿر نئشنل پارڪ، سنڌ سرڪار
جي فاريسٽ ۽ وائلڊلائيف کاتي جي موجوده سُڄاڻ ۽
سرگرم سيڪريٽري محترم سائين شمس الحق ميمڻ صاحب جي
ڪڙي نظر واري مسلسل چوڪسيءَ ۽ اعليٰ انتظامن باعث،
سياحن لاءِ هاڻي صحيح معنيٰ ۾ هڪ ڏسڻ جهڙي جاءِ
بنجي چڪو آهي ۽ سندن ايامڪاريءَ واري هن عرصي
دوران هي پارڪ نه فقط رهزن ۽ چور شڪارين کان
گهڻيءَ حد تائين محفوظ آهي، پر سندن پاران سخت
تحفظ سبب چئن پنجن سالن جي مقابلي ۾ ناياب نسل جا
اُهي جانور ، جيڪي محض ڪجهه سَون جي تعداد ۾ وڃي
بچيا هئا، هاڻي انهن جو انگ اٺن هزارن جي لڳ ڀڳ ٿي
ويو آهي، جن ۾ سرهه
(Ibex)
پنج هزار ۽ گڊ
(Urial)
۽ هرڻ ٽي ٽي هزار
Observe
ڪيا ويا آهن. اندازو آهي ته انهن جانورن کي پهاڙن
۾ آزاديءَ سان گهمندي فرندي ڏسڻ لاءِ سال دوران هڪ
سو پنجاهه ،سياح، ايندا رهيا آهن.
·
سرهه(Sindh
Ibex)
شڪل شبيهه ۽ هڏ ڪاٺ ۾ پهاڙي ٻڪر يا هرڻ وانگر
ٿيندو آهي. اُن جو رنگ پهاڙن جي رنگ سان مشابهه
يعني، برا.ئون، ٿئي ۽ جسم چلڪڻو ۽ پري کان اُس ۾
ريشم جي ٿانو وانگر ڏيکائي ڏيندو آهي. سڱ سرهه جا
ڪارا، پٺتي ۽ گولائيءَ مائل ۽ اوچا ٿيندا آهن، ۽
ان جي منڍيءَ
(Head)
جو مائونڊ ٺهرائي شڪار جا شوقين ماڻهو، پنهنجن
اوطاقن جي ديوارين تي
(Trophy)
طور سجائيندي، فخر محسوس ڪندا آهن.
·
وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ کان
اڳواٽ پرمٽ کان سواءِ، ڪنهن جانور جو شڪار ته ڇا،
کيرٿر جي رينج مان ڪنهن سُڪل وڻ وڍڻ جي به اجازت
ڪانهي. شڪار لاءِ سال ۾ فقط هڪ دفعو سيزن مقرر
آهي. ان کان سواءِ شوقيه شڪاري هتي شڪار نٿا ڪري
سگهن. شڪارين جي گروپ ۾ ماڻهو ڀلي کڻي ڪيترا به
هجن، پر هو شڪار صرف هڪ جانور جو ئي ڪري سگهن ٿا.
گذريل اڍائن ٽن سالن دوران ٻه ٽي ڪيس ضرور اهڙا
رونما ٿيا آهن، جڏهن ڪن شڪارين قانون جي ڀڃڪڙي ڪري
وڌي هئي! ( ۽ ڇا اهڙي ڀڃڪڙيءَ جي عيوض، انهن
ڏوهارين کي پوءِ هٿ – ڪڙي لڳي؟....... مون نهايت
دلسوزيءَ مان پياري سعيد اختر خان اهو پڇڻ چاهيو
پئي، پر پوءِ ائين ڪرڻ کان
Avoid
ڪيم.)
·
Sindh Ibex
، سڀاو جي لحاظ کان پهاڙ جي مڇيءَ وانگر. کيرٿر جي
هن آب هوا کان ٻاهر، زندگي، هو گذاري ئي ڪونه
سگهندو آهي، هنن پهاڙن مان ڪڍي اُن کي مصنوعي
ماحول ۾ پالڻ جي ڪيئي دفعا ڪوشش به ڪئي وئي آهي،
پر بچي نٿو، مريو وڃي! مطلب ته
Captive
ناهي. نهايت ڊڄڻو جانور آهي. ۽ گوليءَ جي ٺڪاءُ ته
پري جي ڳالهه ٿي، انسان جي پيرن جي ڇاپ يا، بوءِ
باس ، تي ئي ڀؤ ۾، لڪي، ڇَپ هڻي، ڪٿي غفائن ۾ وڃي
ويهي رهندو آهي، ۽ ڏينهن جا ڏينهن، اُتان نڪرندو
ئي ڪونهي!
·
کيرٿر جي سياحت لاءِ موسم اڌ
آڪٽوبر کان ويندي نومبر کان مارچ جي وچ تائين
نهايت موزون هوندي آهي، جو مئي مهيني کان پوءِ
پهاڙ تپڻ شروع ٿيندو آهي، پر هنن اڻلڀ جانورن کي
ڏسڻ لاءِ ،شوقين سياح، اهڙن گرم ڏينهن ۾ به ايندا
آهن، جو گرميءَ سبب جانور پاڻيءَ جي تلاش ۾،
هيڏانهن هوڏانهن سرگردان هوندا آهن ۽ سولائيءَ سان
نظر اچي ويندا آهن.
·
کيرٿر جي حدن اندر مختلف ذاتين
وارا ويهه هزار کن ماڻهو آباد آهن، جن مان لڳ ڀڳ
ڏيڍ سئو همراهه وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ ۾ جانور ۽
پکين کي شڪارين کان بچائڻ لاءِ چوڪسيءَ ۽ نگهداشت
واري ڪم لاءِ مقرر ٿيل آهن.
·
ڪوهستان جي هن رينج ۾ پاڻي
زمين مان 35 کن فوٽن تان مليو ٿو وڃي (۽ ڪٿان مٺو
ٿو نڪري ته ڪٿان ٻاڙو). جانورن ۽ پکين کي پائيپ
لائين جي ذريعي. هنن جي مخصوص ٿا ڪن تائين پاڻي
پهچائڻ جو انتظام، وائيلڊ لائيف کاتي پاران ڪيل
آهي (۽ سچ پچ ته ڏاڍو سُٺو ڪيل آهي!) کيرٿر ۾ شڪار
جا قاعدا قانون هن طرح آهن ته مادي ڪنهن به جانور
جي ناهي مارڻي ننڍا جانور به مارڻ جي اجازت ڪانهي.
شڪار صرف چاليهن انچن کان وڏن سڱن واري جانور جو
مقرر آهي ۽ ان کان گهٽ جو قطعي نه!
·
پيٽرولنگ، کيرٿر نئشنل پارڪ جي
چوويهه ئي ڪلاڪ ٿئي ٿي. ۽ ان لاءِ ٽي گاڏيون
ڏينهن، رات چوڪسيءَ ۾ چوطرف ڦرنديون رهن ٿيون، ۽
ڪو به چور شڪاري اُنهن جي تيز نظر کان بچي نٿو
سگهي.
........ ۽ وائيلڊ لائيف جي عملدارن- سعيد اختر بلوچ ۽ غلام
سرور جمالي- جي اها پرمغز بريفنگ پڄاڻيءَ تي پهچڻ
ئي واري هئي. جو صحافي دوستن، کائين سوال شروع ڪري
ڏنا. جي بيحد معلوماتي ۽ ضروري به هئا. ( سچ پچ ته
اهڙن موقعن تي پُڇ پُڇان جو سيشن مون کي ته ڪندو
آهي: سخت بور!)
۽ بس، مان ۽ عرفان، بريفنگ جو سيشن اڌ ۾ ڇڏي،اُتي
ڪرچاٽ سينٽر جي ٻاهران،اونداهيءَ ۾ ڪنڍيءَ جي هڪ
وڻ هيٺان ڪرسيون وجهي کليل هوائن ۾ اچي ويهي
ٿا رهون،۽ بعد اُن جي، پاڻ سان آندل ٽرانسسٽر جو
،آن، ڪيوسين ته، مثل ٻارن جي خوش ٿي وياسين، اڙي
هان!.... هي ته ريڍيو ايران زاهدان تان ڪو
فارسيءَ ۾ فردوسيءَ جا شعر دلاويزيت سان پڙهي رهيو
آهي، ۽پنهنجن ابن ڏاڏن جي ان مٺڙيءَ ٻوليءَ ۾ اها
برا ڊڪا سٽنگ ٻڌي ٻيئي ڄڻا خوش پئي ٿياسون، جو
اوچتو سانت ۾، سافٽ ڊرنڪس جي بوتلن تان اوپنر سان
ڌڙا ڌڙ ڍڪڻ لهڻ جا آواز اندران هال مان اچڻ شروع
ٿي ويا ۽ علاوه ازين، چڪِن تِڪن، جي مدهوش ڪندڙ
خوشبو ....!
۽ ناشاد صاحب ... جيڪو اهڙن موقعن تي سموري ۽ سربستي سنگت ساٿ
جي پوري پر گهور ۽سهڻي سار سنڀال لاءِ همه وقت
حاضر دماغ بلڪه دورانديش مزاج....... باغ و بهار ۽
گل گلزار سان...... ۽ اتفاق سان هن سياحت -ياترا
لاءِ ڪامياب ڪو آرڊينيٽر....... تنهن کان ڀلا
ڪنڊيءَ جي
وڻ هيٺان اوندهه ۾ محرام الحرام جي سوڳ ۾ الڳ ۽ پري ويٺل ٻه
ساٿي ڪيئن ٿي وسري سگهيا؟ ۽ فرض جي بجاآوري طور،
هر ڦيري سان بهاني بهاني سان، هو ڪجهه نه ڪجهه ساڻ
آڻي. اسان کي ’چٻڙاٽو‘ سپلاءِ ڪندو ٿو وڃي اڙي
هان.......! اسان تي هي ٻيو مهربان دوست وري ڪير؟
اَڇا.......! هي اعجاز: کوکر آهي!...... ۽ ڪرچا
سينٽر، جي هال کان ڪنڊِيءَ جي وڻ تائين......،
اسان لاءِ ڪانه ڪا شيءَ آڻيندي..... ۽ مسلسل اهڙي
ڇهين- ستين ڦيريءَ کان پوءِ هُن جي وکن ۾ مون کي
خفيف لرزش جو شائبو ٿو محسوس ٿئي. ائين ڇو؟ شايد
اوندهيءَ ۾ وکنن کڻڻ سبب يا هيٺ وري، هجڻ ڪري،
پيرن جي نه ڄمڻ سبب.......! يا وري متان.......!
(مان دل ۾ ڪجهه شڪجان ٿو.)
موسيٰ سي ضرور آج ڪوئي بات هوئي هي،
جاتي مين قدم اور ٿهي، آتي مين قدم اور
MID-NIGHT.AT KARCHAT
(سياح جي ڊائري)
”ڪرچات سينٽر“ واري ڊنر ۾ تريل پکي، پڪل گوشت، روسٽ ڪڪڙ، ڀُڳل
مرغابيون، ڪليجون ۽ قورما، قيما ۽ ڪوفتا..... ۽
ڀانت ڀانت جون مزيدار مرغن غذائون ۽ ان کان سواءِ
سويٽ ۾ اڪيچار سويٽ ڊشز رکيل هئا. سڄي ڏينهن جي
سينٽي مينٽل جرني کان پوءِ ، هاڻي آڌي رات آهي، ۽
مان اُچي پهاڙيءَ تي ٺهيل”Chinkara
Cottage” ۾ رات جي آرام لاءِ پنهنجي پلنگ تي موجود. عزيزم عرفان علي
انصاري، محترم سائين نفيس احمد شيخ ۽برادرم اعجاز
کوکر هن ڪاٽيج ۾ منهنجا روم پاٽنر....... ۽ هي سڀ
دوست، پنهنجن پنهنجن هنڌن تي آرامي! پر...... هي
مان اڪليو بي آرام ڇو؟ شايد خوف......؟ پر خوف ڇا
جو؟...... اِهو ئي ته متان کيرٿر جبل مان ڪو چيتو
نڪري، هن بيگاهه مهل، گهڙيءَ نه اچي ڪاٽيج ۾......
۽!
۽ بس، ان ڀؤ جي ڀاونا ۾ مان ٽِپ ڏيئي بستري تان اُٿي تو کڙو
ٿيان، ۽ دڙڪندڙ دل سان ڪاٽيج جي ڪمري جي اڳيان
ورانڊي نما گيلريءَ ۾ رکيل ٻن آرام ڪرسين مان، هڪ
تي اچي ويهي ٿو رهان......
يا منهنجا مولا!...... ۽ سامهون پهاڙن ڏانهن ڏسندي، مون کان ته
رڙ ٿي نڪريو وڃي، هي اوندهيءَ ۾ سامهون کيرٿر جبل
کڙوآ، يا ڪنهن جِن ڀُت جو ڪو وڏو شاهي غوراب؟
پر........ پريان، اوندهيءَ ۾ هيءَ ،بلور وانگر،
شيءَ ڪهڙي پيئي چمڪي؟ متان ڪنهن جنگلي ٻلي جي اک؟
يا متان شايد ڪنهن لوفر لومڙ جي ماڻڪي....... يا،
متان شايد مُرڳوئي منهنجو وهم!....... وري اوچتو
هوا جي گهوگهٽن ۾ منهنجا ڪن کڙا ٿا ٿيو وڃن! اڙي
هان!... هي ته ٻليءَ جهڙي ڪنهن جانور جا کيکڙاٽ ٿا
ڀائنجن!مان واچ ۾ وقت ٿو ڏسان، رات جا اڌائي، پر
ڪرچات ۾ هيءَ رات ايڏي ڊگهي، ايڏي طويل ڇو ٿيندي
پئي وڃي؟ ختم ڇو نٿي ٿئي جلد از جلد، جيئن مان رات
جي هن ڀؤ ڀريي خوف ۽ عذاب مان ٻاهر نڪري اچان (۽
ناني چوندي هئي: ”قيامت واري رات ختم ئي ڪا نه
ٿيندي. ڊگهي ٿيندي ويندي، ڊگهي ٿيندي ۽ ماڻهو، جيت
جڙا، پکي پکڻ، مال ڊور، رڊون ٻڪريون، ڳئون مينهون،
هاٿي گهوڙا، اُٺ اُٺڻيون اوڳر ورائي ورائي بيزار
ٿي پوندا ۽ نيٺ تنگ ٿي ڪلن مان پاڻ ڇڏائي هيڏانهن
هوڏانهن وٺي ڊُڪندا ڊوڙندا ۽ ڀڄندا، بس اُها رات
هر ساهه واري تي ڀاري گذرندي........!)
.......ته ڇا ڪرچات ۾ منهنجي لاءِ هيءَ رات، اهڙي ئي رات
آهي؟....... ۽ مان فريادي نگاهون کڻي دور آسمان
ڏانهن ڏسان ٿو، جنهن ۾ رڳو ستارا ئي ستارا کڙيل
هئا (۽........نه آغاز جن جو نه انجام جن جو.)
دُور...... هيٺ ميدان ۾، باهه جو وڏو مچ روشن هو. جنهن جي چوطرف
پهريدار ۽ سپاهي ويٺا هئا ۽ جن جي سرن تان ستارن
ڀري رات، چپ چاپ رڙهندي پئي وئي ۽ هيڏانهن هي مان
هئس، جنهن اڳي هتان جي ڪنهن ڇِپ کي، ڪڏهن خواب ۾
به ڪونه ڇهيو هو رات جي سناٽي ۾، پورو کيرٿر جبل
ڄڻ منهنجي وجود مان آرپار لنگهي رهيو آهي.
اوچتو مون کي شديد اُڃ ٿي لڳي. دل چاهي ٿي، هوند هن بيگاهه مهل،
رات جي سناٽي ۾، ڪٿان ڪوئي برف پيل ڪوڪاڪولا جو ڪو
ٿڌو گلاس آڻي پيئاريم.( ۽ دل ۾ چوان ٿو، اي کيرٿر
جي هوا! ڏس متان، ،ڪرچات سينٽر، جي ڪچِن ۾ رات
متان ڪينهن سياح کان ڪا ڪول ڊرنڪ پيئڻ وسري ويئي
هجي ۽ ڪولر مان متان پيئي هجي، اُها ته آڻي ڏينم.)
۽ بس. هاڻي مان آسمان ڏانهن نگاهون کڻي ڏسان ٿو، رات جي گجگاهه
اوندهيءَ ۾ مس مس صبح جي سفيديءَ جا هلڪا هلڪا
آثار نمودار ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا.... ۽ ڪائنات جي
ڪاراڻ ڪنهن بحري جاز وانگر، اڇاڻ جي سمنڊ ۾ ڊزالو
ٿيندي پئي وئي....Slow.
Slow ؟
۽ اوچتو.... ڪرچات جي ميدان ۾ موجود مسجد مان، فجر جي اَذان جي
گونج، پهاڙن تي رب جي پياري اسم کي تحرير ڪندي،
پوري ماٿريءَ ۾ گونجڻ ٿي لڳي ۽ بس يڪدم مان ڪئسيٽ
رڪارڊر آن ڪري، پهاڙن ۾ گونجندڙ فجر جي اِن اَذان
کي رڪارڊ ڪري ڪلمو پاڪ پڙهي، پنهنجي هنڌ تي وڃي
ليٽي ٿو پوان چپ چاپ. ۽ اک لڳئي، ڪا گهڙي ئي مس
گذري هوندي، جو لڳم: پرهه ڦٽيءَ کان اڳ هوا ۾ جيڪا
ٿڌڪار هئي، هاڻي اُها گرم هوا جي جهونڪن ۽ اُٻ ۾
تبديل ٿيندي پيئي وڃي، لڳو، يڪدم گُهٽ ٿي ويئي
آهي. وڏا وڏا ساهه کنيم ته محسوس ٿيو ته هوا ۾ ڄڻ
جانورن جي جسم مان نڪرندڙ پگهر جي ککيءَ بوءِ شامل
آهي.... ۽ بس طبيعت اوچتو وري بي آرام.... ۽ مان
هنڌ تان اُٿي ڪاٽيج جي گئلريءَ ۾ اچي ٿو بيهان.
اڙي هان؟ هي ڇا؟..... هر ڪاٽيج جي باٿ رومز مان شاورس جا
آواز.... هر طرف دوستن ۾ ڦرڦوٽ ۽ ٽاڪوڙا. ۽ چوطرف
چوء پچو بس اِها ئي ته: ”جهٽ ڪريو، تيار ٿيو، جو
صبح سوير پارڪ ۾ سرهن ۽ گڊن جي پريڊ ڏسڻي آهي، ۽
دير ٿي ته
Miss
ٿي ويندي.“
”ڇو مِس ٿي ويندي؟“ مان ناشاد صاحب کان دريافت ڪريان ٿو.
”انڪري جو... گڊ ۽ سرهه اها پريڊ ڪندا ئي اعليٰ الصبح جو
آهن.... ۽ پوءِ بس!“ هو پوري اعتماد سان ٻڌائيم
ٿو.
”يا خدا!....“ مان دل ۾ چوان ٿو. ”هي گڊ آهن يا
N.C.C
جا شاگرد، جيڪي صبح سان ڊريسون پائي، ڪاليج جي
گرائونڊ ۾ گڏ ٿي، ڏهن مارڪن جي آسري تي ٽنگون ۽
پير پيا هيڏانهن هوڏانهن ڪندا آهن.“
...... ۽ گئلريءَ مان باٿ روم ڏانهن ويندي سوچيان
ٿو، ته ڇا عجب ته اِهي سرهه ۽ گڊ، واقعي متان
شاگردن وانگر، ورديون پائي، سڱن تي ڦندڻن واريون
ٽوپيون رکي، کيرٿر جبل تي اسان کي پنهنجي پريڊ
ڏيکارڻ لاءِ سچ پچ منتظر هجن.... ۽ بس، اهو سوچي
مان جلدي جلدي باٿ ٿو وٺان....... ۽ اک ڇنڀ ۾
ٻاهر!
گئلريءَ ۾ پهتس ته سڀ کان پهرين شعله بيان شاعر ۽ مقرر پرواني
ڀٽي صاحب کي تيار ڏٺم، ۽ بس اُن کان پوءِ ته هڪ
ٻئي پويان دوستن کي هيٺ ميدان ۾ سفر لاءِ تيار
بيٺل گاڏين ڏانهن ڏاڍي تيزيءَ سان وڌندي ٿو ڏسان.
هي اجهو مدد علي سنڌي صاحب... هي تاج جويو......
هي اجهو نياز پنهور...... هي دوست ناز سهتو.....
هي اسحاق مڱريو..... هي انور بلوچ...... هي انعام
شيخ ۽ ڪن يارن جي ڪلهن ۾ ڪئميرا ڪِٽ، ڪنهن جي هٿ ۾
ٿرماس ۽ ڪن وٽ وري دورُبين.... ۽ اُنهن سڀني ۾ حسب
دستور مان هٿين خالي!
۽ پري کان دوستن کي تڪڙو تڪڙو گاڏين ۾ سوار ٿيندي ۽ پاڻ کي
اُنهن جي پويان تڪڙو تڪڙو ويندي ڏسي سوچيان ٿو:
پر..... مون کي هيءَ ڇا جي تڪڙ آهي؟ سوچيم: مون کي
ڪهڙو وڃي ڪنهن گڊ جي گلي کي چمڻو يا ڪهڙو وڃي
ڪنهن سرهه جو سڱ ڇڪڻو آهي، جو دٻڙدنوءس ۾ ٻٽيون
ٻٽيون ٻُرانگهون ڀريندو وڃي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيان؟
(۽ دل ۾ چوان ٿو) انهن مُئن پهاڙن تي پري کان جي
ڪو سرهه، ڪو گڊ، يا ڪو هرڻ نظر تي چڙهيو ته يا بسم
الله.... نه نظر آيو ته به خير..... سو بس، مان ته
ڏاڍي سڪون، اطمينان ۽ آرام سان وڃي گاڏيءَ ۾ ٿو
سوار ٿيان.
اجهو گاڏين جي قافلي ڪوچ ڪيو، ته اسان واري لينڊ ڪروزر کيرٿر
جبل جي چڙهائيءَ تي چڙهندي پئي ويئي ۽ مسٽر غلام
سرور جمالي تنيبهه ڪندو پئي هليو: ”صاحبو!....
آهستي ڳالهايو..... ٽهڪ نه ڏيو،.... گوڙ نه
ڪريو....!“
”پر ڇو؟“ مان کانئس دريافت ڪريان ٿو.
”اِنڪري جو....“ غلام سرور وراڻي ٿو: ”انساني آواز ته پري رهيو،
سرهه، انساني بوءِ جي احساس سان ئي ڀوء ۾ ڀڄي وڃي
غفائن ۾ لڪي ويهي رهندو آهي، ۽ نڪرندو ئي ڪو نه
آهي اُتان ڏينهن جا ڏينهن!“ (اَڇا...! مان مرڪي
پنهنجي پاڻ کي آگاهه ڪندي چوان ٿو: جيئن ڪو
”پيٽُو“ (بقول احمد سولنگيءَ جي ”گيٽُو“) پيٽ ڀري
کائيندو آهي، يا جيئن ڪو شاعر پيٽ ڀري شعر
ٻڌائيندو آهي، هن وقت بلڪل ائين ئي پيٽ ڀري چُپ
رهڻو آهي اسان کي!)
.....۽ شايد ويهه پنجويهه کن ڪلوميٽر کيرٿر نيشنل
پارڪ ۾ داخل ٿي چڪاسين ته سرهن ۽ گڊن جا متوقع ٿاڪ
اچڻ شروع ٿيو ٿا وڃن، ۽ يارن ۾ رڙو رڙ پئجي ٿي
وڃي! ”او.... اجهو.... هو ڏسو!.... ٿورو ساڄي....
هاڻي ٿورو کاٻي... ٿورو پٺيان....“ ۽ بس يارن ۾ ڀڄ
ڀڄان، ۽ مان حيران ته يا خدا! هي ڪٿي متان ڪو چيتو
يا ڪو ڀوائتو بگهڙ ڪٿان ڪنهن غار مان ”حواس باخته“
نڪري نروار ته نه ٿيو آهي! (۽ منهنجي ته پري جي
نظر آهي ڪمزور، ان ڪري منهنجي لاءِ ته چوءطرف هئا
جهڙا ڪاريءَ وارا ڪک!)
خير..... بعد ۾ دنيا جي ناياب نسل جي اِنهن جانورن کي مون ڏٺو
ته سهي پر اهو بس، جهٽ گهڙيءَ لاءِ، ۽ دوربين جي
مدد سان! ڀلا جهٽ گهڙيءَ لاءِ ڇو؟ ۽ اهو ان ڪري جو
دوربينون هيون ڪل ٻه، ۽ اُنهن مان گڊ ۽ سرهه ڏسڻ
وارا هئا: ڄڻا ارڙهن! ۽ بس اُنهن ارڙهن ڄڻن ۾ اُهي
ٻه دوربينون هيون جي اُڏام کٽوليءَ وانگر
اُڏامنديون پئي ويون. ڪڏهن ڪنهن جي اکين تي.... ته
ڪڏهن ڪنهن ٻئي جي اکين تي. بس ته اُن افراتفريءَ
۾، مان به پنهنجو پاڻ کي همٿ ٿو ڏياريان: ”پيارا!
تون به ته کڻي ڪر نه دوربين مان انهن ”ديده ورن“
جو ديدار؟“
اڙي هان....! ۽ بس دوربين مان دور پهاڙن تي گهاٽن ولرن جي صورت
۾ اِهي گڊ ۽ سرهه ڏسندي، منهنجا ته تاڪ ٿا لڳيو
وڃن!
اڇا! ته.... اِهي آهن سرهه ۽ گڊ! ۽ سچ پچ هنن جانورن کي ڏسي،
مون کي حيرت ته صفا ئي ڪا نه ٿي ٿئي.... ڇو؟....
ان لاءِ جو اهڙي خارباز مهانڊن واري مخلوق، منهنجي
لاءِ نئين ته بلڪل ئي ڪا نه هئي، جو هو بهو اهڙن
مهانڊن واري مخلوق سرڪاري ضيافتن، سيمينارن ۽
سمپوزيمس ۾ اڪثر مون کي نظر ايندي ئي رهندي آهي.
بلڪل سَرهن جهڙائي ڪُنڊائتا سڱ.... ٿُوهر جي ڪَنڊن
جهڙا چُڀندڙ سندن ساروپا...... طوفان چشم
اکيون..... ۽ اندران ڪانئر ۽ ڊڄڻا! ۽ مستقل منافق!
بس، هڪڙي ڳالهه ۾
“Sindh Ibex”
۽
“Urial”
اهڙن ماڻهن کي برابر مون کي ٿورا مختلف لڳا جو
”ضيافتي مخلوق“ پنهنجن روين ۾ سراپا خونخوار ۽
خُرانٽ.... ۽ هي ويچارا جناور جهڙا مڪمل معصوم ۽
بي پناهه ٻاجهه لائق!
سعيد اختر ٻڌائيم ٿو ته هي جانور ايڏا ته حساس، نازڪ ۽ معصوم
آهن جو ڪنهن باز يا سِرڻ جي وڻ تي لهڻ يا شاخ تان
ڀَڙڪو ڏيئي اُڏامڻ جي آواز تي به ٽاههُ کائيندا ۽
ڇرڪ ڀريندا آهن..... ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته خود پنهنجن
کُرن جي کَڙڪي تي به خوف ۾ وَٺجي ويندا آهن. ۽
اهڙي ڀوء ڀري طبيعت سبب کيرٿر جي هن ماٿريءَ ۾ هنن
جانورن جي وڏي ۾ وڏي دلچسپي يا آهي صرف پاڻيءَ جي
ٺڪائڻ سان يا بس پوءِ جهنگلي گاهه ٻوٽي سان... يا
وري رات جو وڌ ۾ وڌ ستارن جي جهرمر سان، جيڪي هن
بيابان ۾ هنن جانورن جا واحد همنشين آهن ۽ رات جو،
ڪنهن ڪنهن وقت، هُو پنهنجي ترنگ ۾ اچي انهن ڏانهن
اکيون کڻي، کين ڏسي وٺندا آهن. باقي ٻي ته هر
ڳالهه کان هي جانور هتي لاتعلق ئي نظر ايندا آهن.
خير، سرهه ۽ گڊَ کيرٿر جي هن ماٿريءَ ۾ اسان جي موجودگي کان
لاتعلق رهيا يا گد گد ٿيا، اِها خبر يا کين يا خدا
کي، مان ته البته دوربين مان کين ڏسي، ڏاڍو
Glad
ٿيس.
”ڪارونجهر ۽ کيرٿر جي ڪُل ايريا ۽ پکيڙ ۾ ڪيترو
فرق آهي....؟“ اِهو مون شايد سعيد اختر کان ڪرچات
کان واپسي دوران پڇيو هو. چيائين: ”هن کيرٿر جبل
جي ايريا ايتري ته وڏي آهي، جو ڪارونجهر جبل، جيڪو
سورهن ميلن ۾ پکڙيل آهي، اُن کي کيرٿر جبل جي محض
پاسراٽي سمجهڻ کپي.“ (۽ مون دل ۾ شڪر بجا آندو ته
چڱو ٿيو جو کيرٿر جو پٿر ڪارونجهر جي پٿر وانگر
گهڻو ڪمائتو ڪونهي، نه ته هوند هن جبل جي پٿر کي
به وس وارا هتان اُکيڙي ٽرالرن ۾ ڀري ڀري ايڪسپورٽ
ڪري ڇڏين ها.)
خير، (مان دل ۾ چوان ٿو) کيرٿر هاڻي ته نيشنل پارڪ طور
Declare
ٿيل آهي، پر اُن کان اڳي مان ته ڀانيان ٿو ته هيءُ
جهان پڪ سان جوڳين، سنياسين ۽ سامين لاءِ ”تيرٿ
آستان“ رهيو هوندو، ۽ جنهن جي غارن ۽ غفائن ۾
ويهي، پڪ سان هنن تَپسيا ڪئي هوندي ۽ چِلا ڪڍيا
هوندا، سالن جا سال!
۽ ان بابت وري قمر ڪوهستاني ٻڌايم پئي ته ٿاڻي بولا خان جي
جيلاني خاندان جي وڏڙن مان هڪ بزرگ کيرٿر جي ڪنهن
غار ۾ صديون اڳ چلو ويهي پچايو هو، ۽ ان بابت راوي
روايت ٿا ڪن ته سَرهه جانور جي ماديِ، صبح شام اُن
بزرگ جي غار جي مُنهن وٽ ايندي هئي ۽ ”پاڻ ڏهائي“
هلي ويندي هئي. سرهه ماديءَ جي ان خدمت سبب چون ٿا
ته جيلاني خاندان جا پونئير سرهه جي ماديءَ کي
Shoot
ڪرڻ کان مڪمل پرهيز ڪندا آهن (۽ جي اُن کي ڪڏهن
Shoot
ڪندا به آهن ته صررف ڪئميرا سان، بندوق سان بلڪل
ئي نه!)
ته بس... جيئن تيئن کيرٿر نئشنل پارڪ جي ياترا پوري ٿي، ۽
سَرهن، گَڊن ۽ هرڻن جي سُڪون ۾ چڱو ئي رُخنو
وڌوسين، ۽ ڪرچات سينٽر ڏانهن واپسيءَ جو سفر شروع
ٿيو. لِڱ صفا ٿڪل، بدن سڄو پگهر ۾ شَل، ۽ بس ان ئي
حالت ۾ آرام ده ۽ فُل ايئر ڪنڊيشنڊ لينڊ ڪروزر ۾
سوار ٿيس ۽ اِجهو اک ڇنڀ ۾ اچي پهتاسين
”ڪرچات-سينٽر“ جي هال ۾، هٿ منهن ڌوتوسين، ۽ بس پل
جي پَل ۾ اِنرجائل ۽ اسڪوائش جا ٿڌا ڀريل ڪُولر
پهچي ويا، ۽ بعد اِن جي ”لائٽ لائٽ لن“، جنهن ۾
وري قسمين قسمين سوادي ڊشز!
هاڻي ڏسڻ لاءِ هتي باقي ڇا بچيو هو؟ ڪرچات سينٽر جي ڀِڪ ۾ ننڍڙو
”ميوزيم“، ته بس سڀ گڏجي ان ڏانهن هليا ٿا وڃون.
”ميوزيم“ ننڍڙو، پر خوبصورت هو. ديوارن تي چوطرف ناياب پکين جي
تصويرن جا خوبصورت پوسٽر چسپان، علاوه ازين هر
ديوار تي سرهن ۽ گڊن جي
Heads
جا مائونڊ ديوارن تي لڳل. (جن منجهان هنن جون نڀور
ڪاريون ماڻڪيون ڀوء ڀريي هراس مان هڪ هڪ
Visitor
کي گهوريندڙ! ۽ هوند جي اِهي سَرهه زنده ٿي پون
اوچتو ته سِڱ سياحن جي اکين ۾ چڀِوئي، کُرن تي زور
ڏيئي، ڇلانگون ڏيندا، ڇَپر ۾ وڃي ڇُپي ويهي رهن
جيڪر..... ۽ اُتان نڪرن ئي نه، ڏينهن جا ڏينهن!)
ميوزيم جي بنهه وچ ۾، شيشي جو وڏو شاهي شوڪيس رکيل، جنهن ۾
کيرٿر مان لڌل وڻن ۽ جانورن جا
Fossils
عام نمائش لاءِ موجود، ڪمري جي ساڄي هٿ تي شيشي جي
ديوارن جي هُن پار، کيرٿر نئشنل پارڪ جو پورو
”پئنوراما“ ڏيکاريل. ”هي ڪنهن جو ٺاهيل آهي....،“
”ان ماڊل جو خالق مسٽر صغير احمد آهي، جنهن صرف
ويهن هزارن جي ننڍڙي معاوضي عيوض اهو ”شاندار ڪم
ڪري ڏنو هو،“ اهو سعيد اختر ٿو ٻڌئيم، بس اِتي ئي،
ميوزيم کي
وزٽ ڪندي، پوري ڪوهستان جي ثقافت ۽ علمي ادبي پس منظر بابت
ڳالهائيندي، تاج جويو چيو پئي؛ ” ڪوهستان ٿر وانگر
ئي ثقافت ۾ نهايت شاهوڪار علائقو آهي. هتان جي
عوام ماڻهن جي سينن ۾ لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ جو وڏو
خزانو دفن آهي. اهڙو تذڪرو ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي
ڪلاسيڪي ڪتاب ،ٻيلاين جا ٻول، ۾ به ڪيو آهي،”سير
ڪوهستان“ جي مصنف الله بچائي يار محمد سمي به
ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي سگهڙن ۽ شاعرن کي گهڻو
واکاڻيو آهي ۽ڪوهستان جا ماڻهو مهمان نواز ايترا
آهن جو پان لنگهڻ ڪاٽي ۽ قرض کڻي به آئي جو آدر
ڪندا آهن ۽ پري پري کان مٺو پاڻي ڀري آڻي، مهمانن
آڏو رکندا آهن، هي علائقو باراني آهي، ۽ اُن لاءِ
چونڊيل نمائندا توجهه ڏين ته هتي ڊيم ٺهي سگهي ٿو،
۽ جيئن عرب دنيا جي صحرائن ۾ نخلستان ٺاهيا ويا
آهن، هتي به جيل ۾ سياحت جا مرڪز قائم ٿي سگهن ٿا
....“
....... ته بس ، تاج جويي جي
statement
سان گڏ کيرٿر ميوزيم جو تفصيل سان سير ٿي چُڪو ۽
اجهو هاڻي هڪ دفعو ٻيهر ڪرچات سينٽر جي هال ۾ اچي
گڏ ٿيا آهيون ۽ هتي گڏ ٿيڻ جو مقصد سنڌ وائيلد
لائيف کي Admire ڪرڻ ۽ هن مطالعاتي دوري جي انتظامن
لاءِ ميزبانن جا ٿورا مڃڻ آهي، شاعرن ۽ صحافين
پاران گڏيل طور تي اهڙي نمائندگي محترمه سائين مدد
علي سنڌي ٿو ڪري، چيائين پئي؛ ” سنڌي اخبارن جي
عيوضين ۽ سنڌي اديبن ڪرچات ۽ کيرٿر ۾ جيڪو ڪجهه
اچي ڏٺو آهي، ان اسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي،
ڪرچات ، جتي پيئڻ لاءِ پاڻي به ڏکيو ميسر ٿيندو
آهي، اُتي وائيلڊ لائيف وارن اسان لاءِ هن مطالعي
دوري جو سهڻو انتظام ڪري، اِهو ثابت ڪيو آهي ته
اُهي علمي ڪم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا.sindh
ibex
۽ گڊ، جن جي
ڪنهن زماني ۾ نسل ڪشي ٿي رهي هئي، ۽ اسين سنڌي
اخبارن ۾ اهو لکي لکي ٿڪجي پيا هئاسين، ته هنن
اڻلڀ جانورن کي بچايو وڃي .... ۽ اُن جي نتيجي ۾
جڏهن کان هي ادارو ٺهيو آهي، تڏهن کان گهٽ ۾ گهٽ
ايترو ته ٿيو آهي، جو هنن قيمتي جانورن جي نسل
ڪشيءَ جي وڏي روڪٿام تي آهي، اُها جنهن بهتر انداز
۾ ٿي رهي آهي، تنهن کي هنن ٻن
ڏينهن دوران اسان پنهنجن
اکين
سان ڏٺو آهي ۽ ان لاءِ اسين سيڪريٽري وائيلڊ
لائيف ۽ فاريسٽ شمس الحق ميمن صاحب (جيڪو اسان جو
دوست پڻ آهي) جا بيحد ٿورائتا آهيون، جنهن اسان
جي لاءِ مطالعاتيءَ دوري جو انتظام ڪيو، ساڳئي وقت
حميد سنڌي صاحب جا به ٿورائتا آهيون، جنهن جي
سرواڻيءَ ۾ اسان هيءَ منفرد ۽ يادگار سياحت ڪئي
آهي، گڏو گڏ محترمه نفيس احمد ناشاد جا به ٿورا
ٿا مڃون، جنهن جي بهترين ڪو آرڊينيشن سان هي سفر
خوشگوار بنيو.
حميد سنڌي صاحب، قافلي جي مُک سرواڻ جي حيثيت سان پنهنجن خيالن
جو اظهار ڪندي ، ان موقعي تي چيو پئي؛ کيرٿر جي
هيءَ سياحت، منهنجي زندگيءَ جو يادگار واقعو آهي،
۽ هي جيڪي ٻه ڏينهن اسان هتي ڪرچات ۾ گذاريا آهن،
سچ پچ ته ڄڻ ،خواب نگر، لڳن پيا!
کيرٿر جو هي علائقو ڏسڻ ۾ ته بظاهر برپٽ ۽ بيابان آهي، پر هتي
دراصل هزارين زندگيون ساهه کڻي رهيون آهن، ۽ انهن
مان هر هڪ پنهنجي مئوج ۽ مستيءَ ۾ مگن آهن. ۽ اڄ
صبح جو کيرٿر نئيشنل پارڪ ۾ جڏهن سَرهن ۽ گَڊن کي
پنهنجي آڏو گهمندي، پنهنجي مستيءَ ۾ هلندي ڦِرندي
۽ حياتي گهاريندي
ڏٺو سين ته سندس آزادي محسوس ڪندي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي هئي. ۽
اِهو پڻ ڏسي ڪيڏي نه خوشي ٿي ته هنن جي پهاڙن ۾
آزاديءَ سان گهمڻ جي سلسلي ۾ ڪا به رڪاوٽ ۽ ڪا به
بندش ڪا نه هئي. منهنجي خواهش آهي ته انسان به
پنهنجي حياتي ائين آزادي سان گذارين، جنهن ۾
رڪاوٽون ،بندشون ،ڏک ۽ تڪليفون نه هجن. هتي مون کي
اِهو ڏسي به نهايت گهڻي خوشي ٿي آهي ته هنن قيمتي
۽ اڻلڀ جانورن لاءِ وائيلڊ لائيف پاران پهاڙن ۾
پاڻي به ميسر ڪري ڏنو ويو آهي ۽ چارو پڻ؛ ۽ ان ڪم
لاءِ هتي جي سمورن ڪارڪنن جون ڪوششون تعريف لائق
آهن، جو هنن جانورن جي حفاظت کي محض ڊيوٽي نه، پر
ان ڪم کي پنهنجو فرض ڪري ڄاتو آهي، ۽ اُن لاءِ مان
کيس شاباس چوان ٿو. خاص طرح سان نوجون سعيد اختر
بلوچ ۽ غلام سرور جماليءَ کي، جن اسان جي هن سياحت
کي نهايت دلچسپ بنايو. گڏوگڏ محترم شمس الحق ميمڻ
صاحب جو به ٿورائتو آهيان، جنهن هن ادبي ۽ صحافتي
قافلي کي هتي سڏي، هي سڀ ڪجهه ڏسڻ جي دعوت ڏني. ان
طرح مان پنهنجي نفيس احمد ناشاد (جيڪو شل سدائين
،شاد، هجي) جو خاص طرح سان ٿورائتو آهيان، جنهن هن
سڄي پروگرام جو بنيادي خاڪو تيار ڪري، مون سُتل کي
جاڳايو ۽ سڀني ساٿين کي سُجاڳ ڪيو. ناشاد شروع کان
وٺي، جنهن خوش اسلوبيءَ سان هن سڄي پروگرام کي ڪو
آرڊينيٽ ڪيو، اُهو سندس ئي روايتي ئي خاصو آهي.
مون کي مير ڪاروان، سڏي ۽ مدد علي سنڌيءَ کي ڊپٽي
مير ،ڪاروان، جو لقب ڏيئي، اسان سان پنهنجي
انتهائي عقيدت جو مظاهرو ڪيو اٿس، مگر حقيقت ۾
اسان مان هر ڪو ساٿي، هر ڪو رفيق، هن سفر جو، مير
ڪاروان آهي، ۽ انهن مان هر هڪ ،ميرِ ڪاروان کي هن
پُر بهار سفر ۽ سياحت جي ڪاميابيءَ جون مان
واڌايون پيش ڪيان ٿو......“
۽ بس، حميد صاحب جي انهيءَ خطاب کان پوءِ، واپسيءَ جو سانباهو
شروع......... ۽ مان ڪرچات سينٽر جي هال مان نڪري
ٻاهر هليو ٿو اچان.
سامهون کيرٿر جبل، پنهنجي پوريءَ ڏيا ۽ پوريءَ هيبت سان، ڪائنات
جي فريز ٿي ويل ٽهڪ جيان، اگهاڙن وڻن جي ٻانهن ۾
اَسٿر بيٺو هو. ڇا ٻيهر ڪڏهن قلم قبيلي جي هنن
ساڳين ئي همراز دوستن سان گڏجي، هن علائقي جي
سياحت- ياترا جي لاءِ هتي اچي سگهندس؟...... يا
نصيب! ۽ پهاڙن جي آسپاس پيليءَ اُس ۾ ڪائي ڪٻر،
ڪرچات سينٽر جي لان ۾ بيٺل ڪنڊيءَ جي سُڪل وڻ جي
هڪ شاخ تان ڀڙڪو ڏيئي. ٻئيءَ شاخ تي وڃي ٿي
ويهي....... بس زندگي اِن ئي ته مختصر ”اُڏام“ جو
نالو آهي! (مان دل ۾ چوان ٿو.)
ڇا هي پٿر- رنگ پهاڙ، ڪن ايندڙ مهربان وسڪارن باعث ڪڏهن ساوڪ
ڀريا ساهه کڻي سگهندا؟...... ۽ ڇا ڪنڊيءَ جي وڻن
جون هي ٺوٺ ۽ بيوه شاخون ڪڏهن گُل- گئونچ
ماڻينديون؟
اِهو ڪيئن چئجي!
ته چڱو........ اي ڪرچات جون پُراسرار هوائو! کيرٿر نئيشنل پارڪ
جو باقاعده سير ڪيوسين. بعد ان جي ميوزيم ڏٺوسين.
ضيافتون کاڌيونسين. خوب خوب سياحت ڪئي سين، ۽ هاڻي
هتي ڏسڻ لاءِ باقي وڃي ڇا بچيو؟
صرف پهاڙ!
ڀلا خشڪ پهاڙ به ڪا ڏسڻ جهڙي شيءَ!
سو بس اي پيارا پهاڙو، خدا حافظ! في امان الله اي
“Urial” &”Sindh Ibex” ...... شال خدا اوهان کي هميشه هميشه ميرن ڪپڙن وارن مارين جي
بدنظر ۽ سندس گوليءَ جي قهر کان محفوظ رکي، ۽ هنن
جبلن کي ڊائناميٽ جي دشمن ڌماڪن کان پنهنجي حفظ ۽
امانَ ۾ رکي..... ۽ چپن ۾ هِن ديار کي اهڙيون ئي
ڪي دعائون ڏيندو، بريف ڪيس هٿ ۾ لوڏيندو، مان
واپسيءَ لاءِ تيار ٿيل گاڏين جي قافلي ڏانهن وڌڻ
ٿو لڳان.
هڪ سنڌي اديب جي سالگرهه
12- آڪٽوبر 1999ع تي، سنڌي زبان جي نامياري اديب حميد سنڌي
پنهنجي سالگرهه، خلص ۽ محبتن جي ماحول ۾ هڪ اديب
وانگر ملهائي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ محترم جويي صاحب
کان وٺي پرواني ڀٽيءَ تائين سنڌي زبان جا ڪافي
اديب ان ۾ شريڪ ٿيا.
حميد سنڌي، سنڌ جي اُنهن ٿورڙن اديبن مان آهي، جن پنهنجي ذاتي
ڪوشش ۽ ڪاوش سان سنڌي پبلشنگ ادارا قائم ڪيا ۽
پنهنجا توڙي ٻين اديبن جا ڪتاب شايع ڪرايا. سنڌي
زبان جي مشهور رسالي ”روح رهاڻ “ جو ايڊيٽر ۽ روح
روان رهيو آهي. ڪجهه عرصو وڪيل به رهيو آهي، ليڪن
سندس وڏو عرصو سنڌ جي برک تعليمي ادرن ۾ گذريو
آهي. انهيءَ ڪئريئر جو آغاز هُن سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ اسٽيٽ آفيسر جي عهدي تان ڪيو. ڪجهه عرصي کان
پوءِ سنڌ يونيورسٽيءِ جو ڪنٽرولر آف اگزامينيشن،
سنڌ الاجيءَ جو ائڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ پوءِ رجسٽرار
رهيو. بعد ۾ ڊئريڪٽر ڪاليجز ايڊيوڪيشن مقرر ٿيو ۽
ان کان پوءِ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال رهيو.
ان کان پوءِ هُو سنڌ جي ٻن يونيورسٽن – سنڌ زرعي
يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور ميرس- جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. اهي منصب
ماڻڻ کان پوءِ ڊئريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم رهيو ۽
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ چيئرمين جي حيثيت ۾ فرائض
بجا آڻي رهيو آهي.
حميد سنڌي سالگره جو ڪيڪ ڪٽي رهيو آهي،
سندس
اردگرد خاندان جا ڀاتي موجود آهن
حميد سنڌيءَ جي سالگره جي جشن ۾ جيڪي مهمان سڏيا ويا هئا، سي
انهن ئي نسبتن سان آيل هئا. گهڻا تڻا حيدرآباد مان
هئا، پر، ڪي سکر، نوشهروفروز، ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين
شهرن مان به آيل هئا، جن جي پاڻ ۽ سندس بيگم صاحبه
سڪ سان آجيان ڪئي، سندس بيگم صاحبه، مشرقي عورت جي
روايتن کي خيال ۾ رکي، پنهنجا تاثرات بيان ڪرڻ
لاءِ تقرير ڪا نه ڪئي، ليڪن ڪاليج جي زماني جي
سندس هم درس ۽ سنڌي ليکڪا مسز سحر امداد انهيءَ
زماني جون يادگيريون بيان ڪيون، خواتين ۾ اڪثريت
حميد سنڌيءَ جي ڀينرن، ڀاڻيجين ۽ ٻين نياڻين
سياڻين جي هئي ۽ ڪجهه ليکڪائن سان گڏ دوستن جي
گهروارين به ان ۾ چڱي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب جو آغاز اردو زبان جي ممتاز عالم ۽ بزرگ ڊاڪٽر غلام
مصطفيٰ خان جي دُعا سان ٿيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سائين محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر غلام
علي الانا، ايم. ايڇ. پنهور. غلام رباني آگري، مدد
علي سنڌي، امداد حسيني، تاج بلوچ، تاج جويي، ناصر
مورائي، پرواني ڀٽي، محمد حسين ڪاشف ۽ نصير مرزا،
حميد سنڌيءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ ذاتي اخلاق کي
ساراهيو ۽ کيس سٺ سالن جي ڪامياب زندگي گذارڻ تي
مبارڪون ڏنيون. حميد سنڌيءَ جي صاحبزادي ارشد حميد
پنهنجي تقرير ۾، پنهنجي والد جو بيان ڪيو. مسٽر
غلام رباني آگري، محفل ۾ شريڪ ٿيل عالمن ۽ اديبن
جي آٽوگراف سان”“ شاهه جو رسالو“ ۽ هڪ سهڻو قلم
اديبن جي طرفان حميد سنڌيءَ کي تحفي طور پيش ڪيو
انهيءَ موقعي تي رسالي” ڪونج“ جي حميد سنڌي نمبر“
۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ڪتاب ”جاڳ به تنهنجي
جيءَ سان“ جي پڌرائي پڻ ڪئي وئي.
تقريب جو سڄو انتظام حميد سنڌيءَ جي ننڍي ڀاءُ محترم شمس الحق
ميمڻ ڪيو هو. پنهنجيءَ آجاڻي واري تقريب ۾ پنهنجي
مربي ڀاءُ ادبي ۽ ثقافتي، تعليم ۽ سماجي خدمتن جو
ذڪر ڪيائين، تقريب جي ڪاروائي نفيس احمد ناشاد
هلائي.
حميد سنڌي پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي مهربان ۽ سرپرست مرحومہ بيگم
زينت عبدالله چنا جي شفقتن جو خاص طرح ذڪر ڪيو
آهي، جنهن کي سنڌي اديب ”جيجي“ ڪوٺيندا هئا. حميد
سنڌي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”پنهنجي وطن، مٽي ۽
پاڻيءَ سان عشق ۾ ڪڏهن به ڪمي ڪانه آئي آهي. ان
عشق ۾ سرشار ٿي، مون پنهنجن ماڻهن، هندن، ماڳن،
گهٽين، گهيڙن، پکين ۽ جاندارن کي ڪردار بنائي
ڪهاڻيون لکيون. شاهه لطيف جي ڪلام منهنجي رهبري
ڪئي. سچل سائينءَ جو به ساٿ رهيو. ان لاءِ منهنجا
ڪيترا ڪتاب شاهه سائينءَ ۽ سچل سائينءَ جي باري ۾
لکيل ۽ مرتب ڪيل آهن. مان سدائين حق ۽ سچ جو مبلغ
رهيو آهيان ۽ سدائين حق سچ جو ساٿ پئي ڏنو آهي ۽
هر طرح نباهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي. ان جو وڏو مثال
ماهوار روح رهاڻ، جو نڪرڻ آهي جنهن سنڌ ۾ نيئن ۽
جديد فقر کي روشناس ڪرايو.“
آخر ۾ هُن پنهجي همسفر اديبن ۽ شاعرن مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽
پنهنجي ڀاءُ شمس الحق ميمڻ، مسز شمس الحق، پنهنجي
گهر واريءَ تهذيب النساءِ ۽ ٻارڙن ارشد، مسز ارشد،
عائشه، تمڪنت، بابر، بلال ۽ سلمان جي محبتن جو سڪ
سان ذڪر ڪيو ۽ سنڌ کي دعائون ڏنيون.
عرفان علي انصاري
* * * |