سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1999ع

مضمون

صفحو :19

 

زيب سنڌي

سمجهوتو

”پنهنجو وعدو ته ياد اٿئي نه؟“

”وعدو-ڪهڙو وعدو- ڪنهن جو وعدو!“

”وساري ڇڏيئي نه! شاپنگ جو وعدو!“

”اوهو-غزالا، مون کان ته واقعي ڳالهه وسري ويئي هئي.“

”ته پوءِ مان ٿي ياد ڪرائي ڇڏيان، ٺيڪ آ؟“

”پر غزالا! اڄ ته منهنجي ضروري اپائنٽمينٽ آهي.“

”انهيءَ جو مطلب ته اڄ آفيس کان جلدي نه موٽندين!“

”پليز زاهد، اڄوڪي اپائنٽمينٽ ڪينسل ڪري ڇڏ.“

”چري،  تو کي خبر آهي ته مان وڏي محنت کان پوءِ هڪ ننڍڙي فرم جو مالڪ ٿي سگهيو آهيان. اڄ ته مون هڪ پارٽيءَ کان ڏاڍي مشڪل کان پوءِ وقت ورتو آهي.“

”بزنس! بزنس ۽ بزنس! ڇا بزنس کان ٻاهر ڪا زندگي ناهي!“

” آهي-ضرور آهي- ۽ .... ۽ منهنجي اها زندگي تون آهين، پليز غزالا‘! منهنجي مجبوريءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، تون پاڻ شاپنگ لاءِ  هلي وڃجانءِ، شاپنگ سينٽر پري ته ناهي، ۽ ها، منهنجي لاءِ گري ڪلر جي هڪڙي ٽاءِ به وٺي اچجانءَ.“

”چڱو ٺيڪ آ، پوءِ ڏيکار سخاوت.“

”حاضر سائين، حڪم ڪيو.“

”فقط ٽي هزار.“

”ٽي هزار؟ اهي ڪجهه وڌيڪ ناهن.“

”جي سائين، جيڪي بچندا سي گهر واپس کڻي ايندس، رستي ۾ ڦٽي نه ڪري ڇڏينديس.“

”پر منهنجي کيسي ۾ ته في الحال ٻه هزار ئي آهن، خير، اهي تون رکي ڇڏ، مان بئنڪ مان گهرائي وٺندس.“

”پر زاهد، انهن مان ته ڪم نه هلندو.“

”مڙئي ڪم هلائي وٺجڪان، ڪجهه شيون رهجي ويون ته پوءِ وٺي ڇڏينداسين.“

”زاهد....پٽ زاهد....“

”غزالا، شايد امان هيڏانهن پيئي اچي، جي امان؟“

”ڇا پيو ٿئي پٽ؟“

”ڪجهه نه امان، آفيس پيو وڃان، خدا حافظ!“

”خدا حافظ پٽ!.... ڪيترا پئسا اٿئي غزالا؟“

”ٻه هزار، صرف ٻه هزار آنٽي!“

”ڇا لاءِ؟“

”ڪجهه شاپنگ ڪرڻي هئي.“

”مون کي ڏي اِهي پئسا!“

”پر آنٽي، مون کي ضرورت آهي.“

”چڱو هي وٺ غزالا، هڪ هزار تون کڻ.“

”آنٽي، مون کي ڪجهه ضروري شيون وٺڻيون آهن!“

”ضرورت جي ڪهڙي شيءَ هن گهر ۾ موجود ڪونهي؟“

*      *      *      *

”غزالا، جلدي چانهه ڏي، مون کي هن وقت ناشتي جي ٽيبل تي نه، آفيس جي ٽيبل تي هئڻ گهربو هو.“

”هي وٺو چانهه- ۽ ها زاهد، اڄ شام الماس جي برٿ ڊي پارٽي آهي.“

”ها، مون کي ياد آ.“

”آفيس مان ڪنهن مهل واپس ايندين؟“

”ڇهين تائين اچي ويندس.“

”پر پارٽيءَ جو ٽائيم به ته ڇهه ئي آهي!“

”پوءِ ڇا هي، بس گهر ايندس ۽ تيار ٿي هليا هلنداسين.“

”زاهد....پٽ، ڪيڏانهن وڃڻ جو پروگرام پيو ٺهي؟“

”امان! هو، غزالا جي ڪزن الماس جي سالگرهه آهي.“

”توهان ٻنهي کي ته هجي ڇڙو دعوتن ۾ وڃڻو. ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جو به خيال اٿو!“

”ڇو امان، ڇا ڳالهه آهي؟“

”وڏي ڀاءُ جي گهر ڪيترن ڏينهن کان ناهين ويو؟“

”ها امان، واقعي ٻه هفتا ته ٿي ويا  آهن!“

” ۽ ٽيون ڏينهن آهي جو ڀاڻين بستري داخل آهي.“

” ڇو امان، خير ته آهي نه؟“

ڪالهه ڪاليج کان موٽندي تنهنجو ڀائيٽو آيو هو.چيائين ته بابا جي طبيعت وري  خراب ٿي پيئي آهي،۽ويٺو ماءُ۽ڀاءُ کي سنڀاري!

”الله خير ڪندو، مان سڀاڻي آفيس ويندي پهرين ادا وٽان ٿيندو ويندس.

”پر پٽ، ڇا مان پنهنجي پٽ ڏانهن نه وينديس!،

”ها امان،ڇو نه، مان صبح جو توهان کي ڇڏڻ ويندس،شام جو واپس وٺي ايندس.

”نه پٽ، ائين مون کي سک نه ايندو،اڄ شام ئي هلنداسين،۽ مان ٻه چار ڏينهن اتي ئي رهنديس.“

”پر امان، اڄ  ته مون کي غزالا سان گڏ دعوت ۾ وڃڻو آهي!“

چئبو توکي اهي روز جون دعوتون ڀاءُ کان وڌيڪ پياريون آهن!“

”نه نه امان!منهنجو اهو مطلب ناهي......چـڱو اڄ شام ئي هلنداسين!“

”پر زاهد...

”ساري غزالا،دعوت ۾ نه هلنداسين،”

*     *     *     *

”غزالا،اڃان جاڳين پئي؟

”هون-ها-!،

”ڇا ڳالهه آ،اداس پئي لڳين!“

”مون کي سمجهڻ لاءِ تو وٽ وقت ڪٿي آهي! رات جا يارهين ٿي ويا آهن،۽تون اڃا آفيس جي ڪم کان به واندو ناهين ٿيو!“

غزالا!ڇا ٿيو توکي،واٽ ازدي پرابلم؟“

”دل جي ڳالهه ٻڌڻ وارا دوست نصيب وارن کي ملندا آهن!“

”ته پوءِ اڄ کڻي ٻڌايو سائين!“

”توکي آفيس جي ڪم۽انٽيءَ جي خدمت کان پوءِ ڪو وقت ملي ته ڪجهه چوان نه!“

”ڏس غزالا،مڃان ٿو ته امان جي ضرورتن ۽ خواهشن جو ڪافي خيال رکندو آهيان، ڇو ته اهو مون تي سندس حق به آهي. رهيو سوال آفيس جي ڪم جو، ته اهو منهنجو ذاتي بزنس آهي، بزنس کي وڌيڪ وقت نه ڏيندس ته زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وينداسين، غزالا! ڪجهه چؤواٽي تان جيڪڏهن اسين تيزيءَ سان پنهنجي گاڏيءَ کي ڊرائيو ڪري نه ڪڍنداسين ،ته ممڪن آهي ته ريڊ لائيٽ اسان جو رستو روڪي وٺي!“

”پر منهنجي سوچن جي ته سمورن رستن کي هن گهر جي مسئلن روڪي ڇڏيو آهي!“

”نه ڄاڻ ڇا سوچيندي رهندي آهين،نه سوچيندي ڪر گهڻو.“

”جيڪر اسان جي گهر جون حالتون اهڙيون هجن ها، جو مون کي گهڻي سوچڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي ها!“

”ڇا ٿيو آ اسان جي گهر کي ! سڀ ڪجهه ٺيڪ  ته آهي ،ننڍين ننڍين ڳالهين کي سيريس نه وٺندي ڪر!“

”ڳالهه هڪ ڏينهن جي هجي ته لنوائي به ڇڏيان،پورا ٽي سال ٿيا آهن اسان جي شاديءَ کي ڪهڙو سک مليو آهي،مون کي انهن ٽن سالن ۾!“

”ڇو ٿي پاڻ کي پريشان ڪرين غزالا! ننڍين ننڍين مسئلن تي ڳالهائي سگهون ٿا.شڪايتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن سمجهوتي تي پهچي سگهون ٿا،“

”سمجهوتو-اڃان اسان سمجهوتن جي سهاري سڄي زندگي گذاري ڇڏيون! ڇا رکيو آ انهيءَ زندگي ۾،جيڪا سمجهوتن وسيلي گذاري وڃي .....محبتن کان خالي.“

”چري، تون ته اڄ به مون لاءِ شاديءَ کان پهرين واري غزالا آهين،منهنجي تصويرن تي ڇانيل!“

”ڪهڙو خيال رکيو آ ان جي باوجود تو منهنجو!“

”مون ڄاڻي واڻي ته ڪڏهن به توکي ڪا تڪليف ناهي ڏني غزالا!جيڪڏهن توکي پوءِبه ڪا شڪايت آهي ته مان آئنده تنهنجو وڌيڪ خيال رکنديس.“

”اهو ته تون اڳ به ڏهه دفعا چئي چڪو آهين!“

”ايڏو جذباتي ٿيڻ ٺيڪ ناهي غزالا! پليز،ڪجهه سوچ!“

”نه زاهد اسان ٻنهي جي سوچ ۾سڀ کان وڏو فرق آهي ته مان زندگيءَ جي نالي تي ڪوبه سمجهوتو ڪري نٿي سگهان.“

”تون حد کان وڌيڪ اموشنل ٿي ويئي آهين. انهيءَ حالت ۾ توسان ڪهڙو بحث ڪيان!“

”بحث مان به نٿي ڪرڻ چاهيان، مان ڪو فيصلو ڪرڻ ٿي چاهيان.“

”ٺيڪ آ غزالا! توکي پنهنجي باري ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي، مان تنهنجي فيصلي تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪنديس.“

*  *   *   *   *   *

”پنهنجي صحت جو خيال رک غزالا! ناشتي جو مطلب ڪجهه کائڻ پيئڻ هوندو آهي، سنگهڻ نه“

”هون-ها- بس دل نٿي چاهي.“

تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“

”ها.ٺيڪ آهي.“

”هيلو غزالا!“

”هيلو!“

”هي سوٽ ڪيس اڃا هتي پيو آهي.“

”جيڪڏهن سفر ڪرڻو ئي آهي ته پوءِ رستي تان هٽڻ ڪهڙو1“

”مان اڃان به اهو ئي پيو سمجهان ته تون جذباتي فيصلو ڪري رهي آهين.“

”هر فيصلي ۾ جذبن جو ئي دخل هوندو آهي.“

”۽ جذبن جي شدت اسان کان غلط فيصلا به ڪرائي وٺندي آهي.“

”زندگيءَ ۾ به ته گهڻو ڪجهه غلط ٿي ويو آهي.“

”ڇا غلط آهي ۽ ڇا درست، اهو فيصلو ڪرڻ ايترو آسان ناهي، جيترو تون سمجهين ٿي،

”مان سڀ سمجهان ٿي، تون ڇا ٿو سمجهين ته ڪار، بنگلو،خوبصورت فرنيچر۽بهترين ڊريسز جهڙيون شيون ئي زندگي ۾  اهميت رکن ٿيون!“

”تون انتها پسنديءَ کان ڪم ٿي وٺي غزالا1“

”حالتون انسان جي پنهنجي پيداوار هونديون آهن،۽ انسان جي پنهنجي عمل سان اهي تبديل ٿي سگهنديون آهن،“

”پر اسان جي گهر ۾ ڪنهن حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش به ڪئي؟“

”تون ئي شروعات ڪرين ها، ڇا اهو بهتر ناهي ته اسين ٻين تي ڊپينڊ ڪرڻ بجاءِ پاڻ تي ڀاڙيون.“

” پر آنٽي! مون کي پاڻ تي ڊپينڊ ڪرڻ ڏئي ڪٿي ٿي!“

”امان جو رويو جيڪڏهن ظاهري طور تي توکي سخت لڳي ٿو ته ان جو اهو مطلب ناهي ته هوءَ اسان جي پرسڪون زندگيءَ جي خواهشمند ناهي.“

” ته پوءِ  هوءَ ڇو ٿي ڪري ايتري دخل اندازي؟ ڇو ٿي منهنجي ننڍين  ننڍين خواهشن کي به دٻائڻ جي ڪوشش ڪري.“

”ٽراءِ ٽو انڊر اسٽينڊ غزالا! جن ضرورتن کي اسين جائز سمجهون ٿا، انهن کي جيڪڏهن امان فضول خرچي سمجهي ٿي، ته انهيءَ ۾ هن جو ڪو ڏوهه ناهي. اهي ته  جنريشن گئپ جا پرابلمس آهن. انهن کي فيس ته ڪرڻو ئي پوندو.“

”ته پوءِ آنٽي انهن فاصلن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نٿي ڪري!“

”اها وڇوٽي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تون به ته ڪري سگهين ٿي.“

”چڱو، مان هلان ٿو، پر هي... هي سوٽ-ڪيس هتي ڇو پيو آهي؟“

”مون تيار ڪري رکيو آهي.“

”پر ڇو؟“

”مان پنهنجي گهر ٿي وڃان.“

”تون پنهنجي گهر ۾ ئي ته آهين.“

”منهنجو مطلب آ، ما مميءَ جي گهر ٿي وڃان!“

”پر ڇو، ڇا لاءِ؟“

”اسان ٻنهي گڏجي گهر ٺاهڻ جي ڪيڏا خواب ڏٺا هئا، پر جڏهن اُهو گهر ٺهيو ته مون کي پنهنجو محسوس ئي نه ٿيو!؟

”هي  گهر-هي سڀ ڪجهه تنهنجو ئي ته آهي.“

”پر هي گهر، منهنجن خوابن جهڙو ناهي.“

”خوبصورت خوابن ۽ تلخ حقيقتن جي وچ ۾ زندگيءَ جو درياهه به وهندو آهي، غزالا! حقيقتن جي ڪناري تان بيهي، ٻئي ڀر جا خواب ڏسي ته سگهجن ٿا، پر انهن کي مٺ ۾ بند نٿو ڪري سگهجي.“

”۽ جيڪا شيءَ منهنجي مُٺِ ۾ ناهي، اها منهنجي ناهي. مان اڄ مميءَ جي گهر هلي وينديس. آنٽي اچي ته تون کيس ٻڌائي ڇڏجانءِ.“

”اها ڳالهه ڪجهه مناسب ناهي غزالا! هڪ ٻي ڏينهن ترسي پئو. امان ادا جي گهران واپس اچي ته پوءِ هلي وڃجانءِ.“

”نه، مان اڄ ئي وينديس- ۽ تو چيو هو، ته مان تنهنجي ڪنهن به فيصلي تي اثرانداز نه ٿينديس.“

”ها، ٺيڪ آ- مان پنهنجي وعدي تي قائم آهيان، پر تون ڪيترن ڏينهن لاءِ ويندينءَ؟“

”في الحال ڪجهه چئي نٿي سگهان. شايد مهينو، سال، يا ان کان به وڌيڪ وقت لاءِ....“

”توکي پنهنجي باري ۾ فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار آهي، پر مناسب سمجهين ته هڪ ڳالهه چوان.“

”چئه!“

”ٿي سگهي ته منهنجو انتظار ڪجانءِ. آفيس کان واپس اچي مان تو کي پاڻ ڇڏي اينديس.“

”ٺيڪ آ، مان انتظار ڪري وٺنديس.“

*      *      *      *

”......“

”ڏس غزالا! اسان وڏن جي پاڇي ۾، ڪنهن بَڙَ جي ڇانوَ جيان رهندا آهيون- ۽ اهو احساس اسان کي تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن اسان بزرگن جي شفقت کان محروم ٿي ويندا آهيون.“

”.......“

”۽ تون سوچ ته سهي، ڇا اهو مهربان پاڇو سدائين اسان تي برقرار رهندو؟ عمر جي به ڪا تقاضا هوندي آهي.... تون ٻڌين پئي نه؟“

”مان نٿي ٻڌي سگهان اهي تقريرون-پليز، مون کي مميءَ جي گهر ڇڏي اچ.“

”ٺيڪ آ- هل!“

*      *      *      *

 

”غزالا! تون...... ڪيئن آهين تون....“

” مان...... مان ٺيڪ آهيان...... تون ڪيئن آهين!“

”منهنجو فڪر نه ڪر، مون کي معمولي ڌڪ لڳا آهن.“

”سچ ٻڌاءِ.... تون..... تون بلڪل ٺيڪ آهين؟“

”ها، تنهنجي هوش ۾ اچڻ کان پهرين ڊاڪٽر رپورٽس ٻڌايون. شڪر آ ايڏي وڏي ايڪسيڊنٽ کان پوءِ به تو کي ڪو فريڪچر ناهي ٿيو. گاڏي ته بلڪل ڪريش ٿي وئي!“

”اوهه... تو آنٽيءَ کي اطلاع ڪيو؟“

”نه- امان کي خبر پوندي ته ٻيئي هاسپيٽل ۾ آهيون ته سخت پريشان ٿيندي. هوءَ ادا جي بيماريءَ ڪري ئي پريشان آهي.“

”۽ منهنجي مميءَ کي؟“

”ها، کيس فون تي اطلاع ڪرايو اٿم. ڊاڪٽر اجازت ڏني آهي. تنهنجي ممي اچي ته سندس گهر هلون ٿا.“

*      *      *      *

”زاهد! تون پاسي واري ڪمري ۾ آرام ڪر. مان جاڳان ٿي. غزالا کي دوا ڏيندي رهنديس.“

”ٺيڪ آ- پر غزالا دوائن سبب سڄي رات بيهوشيءَ جي حالت ۾ رهندي. سندس خيال رکجو.“

”زاهد! مان غزالا جي ماءُ آهيان!“

”جي جي- مان ٻئي ڪمري ۾ ٿو وڃان!“

*      *      *      *

”پاڻي.....پاڻي....“

”ها ها- ها، آهستي آهستي اٿ، بلڪل آهستي غزالا!“

”تون... ڇا تون.... سڄي رات جاڳندو رهيو آهين؟“

”مان ڪو سڄي رات ٿوروئي ويٺو هوس هتي!“

”سچ ٻڌاءِ زاهد، ڪنهن مهل کان تون هتي ويٺو رهيو
آهين، ڪوڙ نه ڳالهائجانءِ.“

”ڇڏ انهن ڳالهين کي، تون ٻڌاءِ، ڪيئن آهين.“

”منهنجو فڪر نه ڪر، مان ٺيڪ آهيان.“

”زاهد، هو ڏس، ممي منهنجي ڪمري ۾ هوندي به اڃا ننڊ پيئي آهي.“

”ٺيڪ آ غزالا! ٿي ويندو آ ائين. ننڊ ته اچي ويندي آهي.“

”پر زاهد، تنهنجون اکيون ڳاڙهيون ڇو آهن؟ سڄي رات منهنجي ڪري جاڳيو آهين نه؟“

”چري، نه سوچيندي ڪر گهڻو!“

”......“

”چڱو غزالا، مان هلان ٿو.“

”ڪاڏي پيو وڃين؟“

”پنهنجي گهر.“

”ترس، مان به توسان گڏ هلنديس. مان به پنهنجي گهر هلنديس.“

”اوهه! ٿينڪ يو غزالا! ٿورو ترس، مان تنهنجي مميءَ کي جاڳايان، کيس ٻڌائي هلون.“

”نه- ممي ڀل سُتي پئي هجي.“

 

*      *      *      *

 

اڪبر لغاري

بي غيرت

ديهه 110، ضلعي هيڊ ڪوارٽر کان اوڀر طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اُهو شهر-نما ڳوٺ آهي، جتي جا ڏينهن سمهندا ۽ راتيون جاڳنديون آهن! سج لهڻ کان پوءِ جڏهن بتيون ٻرڻ شروع ٿينديون آهن ته شهر جا ”معزز“ ماڻهو، شاخ جي ڪپ تي ٺهيل هن رنگين ۽ سنگين دنيا ڏانهن روان دوان نظر ايندا آهن. ديهه 110 جي بستيءَ ۾ مسجد، امام بارگاهه ۽ اسڪول پڻ آهن، جيڪي به شاد و  آباد آهن. اتي کوڙ سارن گهرن جي وچ ۾ هڪ گهر ”سردار“ جو به آهي.

*      *      *      *

”سردار!..... ڪهڙو سردار؟......نه نه،  هي اُهو سردار نٿو ٿي سگهي! هي اُهو يونيورسٽيءَ وارو سردار هر گز نٿو ٿي سگهي. ڀلا اِهو ڪيئن ممڪن آهي؟... منهنجي ذهن جي ماضيءَ واري خاني تان ڌنڌ جا پردا هٽڻ لڳا ۽ فلم جي فليش-بئڪ وانگر يونيورسٽيءَ وارو ماحول آهستي آهستي واضح ٿيڻ لڳو.

آرٽس فيڪلٽيءَ جي لان تي گڏ ٿي جڏهن ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مستيون ڪندا هئاسين، تڏهن اسان جي نظر اچانڪ ”سردار“ تي پوندي هئي ۽ سڀ سنجيده ٿي ويندا هئاسين.

سردار اسان جي يونيورسٽيءَ جو هڪ غريب، ليڪن پڙهاڪو قسم جو ڇوڪرو هو. قد بُت جو سَگهو ۽ بهادر نوجوان هو. شل نه ڪو ڪنهن ڇوڪريءَ کي ڇيڙي، اصل پٺيان پئجي وينديس. جيستائين ٻه موچڙا نه هڻي يا کائي، تيستائين سک نه ايندو هوس. چوي:

”ماما، هي ته صفا ڪي بيحيا آهن، ڄڻ ته پنهنجون ڀيڻيون اٿن ئي ڪو نه. يونيورسٽي پڙهڻ ٿا اچن يا ڇوڪرين کي ڇيڙڻ؟“..... ۽ پوءِ ويهي عورت جي عظمت تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليڪچر ڏيندو هو. سندس تڪيه ڪلام ”ماما“ هوندو هو، جيڪو هو هر جملي کانپوءِ ورجائيندو رهندو  هو.

جڏهن اسان يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪري نڪتاسين ته ٻيا ته سڀ موجود هئاسين، ليڪن سردار خان ايم اي ڪري نه سگهيو، ڇو جو اُن کي رسٽيڪيٽ ڪيو ويو هو ۽ هو اُنهن ڏينهن ۾ جيل ۾ هو. ٿيو ائين، جو هڪ ڏينهن ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي پٽ هڪ ڇوڪريءَ سان بدتميزي ڪئي ۽ اُها به سردار جي موجودگيءَ ۾، سردار اُن ڇوڪري کي رتورت ڪري ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ جيل هليو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ اطلاع مليو ته سردار ڪيس مان باعزت بري ٿي ويو ۽ ٻي ڪا نوڪري نه ملڻ سبب پوليس ۾ سپاهي ڀرتي ٿي ويو هو. اُن کان پوءِ گذريل ڏهن سالن دروان هن جي ڪا خبر نه ملي هئي.

پٽيوالي جي چپن تي معنيٰ خيز مرڪ هئي ۽ چيائين ”سائين، سردار صاحب جو ماڻهو سندس نياپو کڻي آيو آهي ۽ پڇي ٿو ته بنگلي تي ملڻ اچان يا آفيس ۾؟“ مون کيس آفيس ۾ اچڻ جو چيو ۽ ٻئي ڏينهن بي چينيءَ سان سندس انتظار ڪرڻ لڳس.

مقرر وقت تي منهنجي آفيس جي اڳيان سفيد رنگ جي ڪرولا اچي بيٺي ۽ ڪاري واسڪيٽ پاتل ۽ 555 پاڪيٽ هٿ ۾ کڻي اهو ساڳيو يونيورسٽيءَ وارو ”سردار“ منهنجي اڳيان بيٺو هو.

*      *      *      *

پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ سردار  پنهنجي بهادريءَ جا  جوهر ڏيکاريا ۽ ٻه ڌاڙيل ماري ٽن سالن جي عرصي ۾ اي ايس آءِ بڻجي ويو. سندس شرافت ۽ بهادريءَ کان متاثر ٿي اي ايس پي صاحب کيس ديهه 110 ۾ پوليس پوسٽ انچارج ٺاهي ڇڏيو.

سردار نئين پوسٽنگ جو آرڊر هٿ ۾ کڻي ايس ايس پي صاحب جي ريڊر کي ٻه ٽي ڳاڙها نوٽ ڏيئي سول اسپتال وٽان اچي ٽانگي تي چڙهيو. ٽانگو غريب آباد مان ٿيندو، ڦاٽڪ وٽان گذري جڏهن مين روڊ تي پهتو ته سردار کي ويرانيءَ جو احساس ٿيو.  ٽانگو ڪجهه وقت هلي، شاخ وٽان جڏهن ساڄي پاسي مُڙيو ته سامهون هن کي 110 جي بستي نظر آئي. پري کان مسجد جا منارا ۽ امام بارگاهه جو عَلم نمايان هئا. ڪچي رستي جي هڪ پاسي شاخ ته ٻئي پاسي مڪئي جو فصل هو. شاخ ۾ ڪجهه ٻار ۽ ٻه ٽي پوڙهيون عورتون تڙڳي رهيون هيون.

ٽانگو بستيءَ ۾ داخل ٿيو ته سردار کي هڪ ”جهوپڙا هوٽل“ نظر آئي، جنهن جون سڀ بينچون خالي هيون، ليڪن کٽ تي ڪجهه اوباش ڇوڪرا تاش کيڏي رهيا هئا. ٿورو اڳيان هڪ گهر هو جنهن تي لکيل هو:

”اندر آنا منع هي، يه پردي والا گهر هي.“

تقريبن سڀني گهرن جون ڀتيون پراڻيون ۽ ڪلراٺيون  هيون، جنهن مان اندازو ٿي رهيو هو ته هي بستي ڪيتري پراڻي آهي. گهر جي هڪ دروازي تي هڪ تمام ٿُلهي ۽ بيڊولي عورت بيٺي هئي، جنهن جي پاسي ۾ هڪ پوڙهي عورت ڪاٺ جي  ننڍڙي منجيءَ تي ويهي پان چٻاڙي رهي هئي.

ٽانگو وري کاٻي طرف مُڙيو. موڙ وٽ هڪ ڪاڻو ماڻهو بيٺو هو، جيڪو هن ڏانهن عيجب نظرن سان ڏسي رهيو هو. گهرن جا سڀ دروازا بند هئا ۽ بستي تي مڪمل سڪوت ڇانيل هو، جنهن  ڪري سردار تي اداسي ۽ ياسيت جي ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳي. گهٽيءَ تي آواره ڪتن ۽ ڪجهه گڏهن جو مڪمل قبضو هو. پوليس چوڪي تي سردار کي ٻه سپاهي بغير ورديءَ جي نظر آيا، جيڪي هن کي ورديءَ ۾ ڏسي سلام به ڪرڻ لڳا ۽ حيرت سان سندس وردي به ڏسڻ لڳا، ڇو ته ديهه 110 جي ڊيوٽي ۾ وردي پائڻ کي بي عزتي جي علامت سمجهيو ويندو آهي. ديهه 110 جي ڊيوٽي عام ڊيوٽي کان بلڪل مختلف هئي: نه جهيڙو نه جهٽو، نه پوليس مقابلو، نه وري وڏيرن جون سفارشون. هتي ته  معاملو ئي ٻيو هو. سج لهڻ کان پوءِ هر طرف کان طبلي جي ٿاپ ۽ ڇيرن جي ڇمڪاٽ هئي. زرق برق لباس ۾ ويڙهيل پاروٿا جسم ۽ ميڪ اپ جي تهن ۾ لٿڙيل چهرا ڏسي سردار  کي ڪراهت اچڻ لڳي. روزانو رات جو شهر جا رئيس نوٽن جون سَٿيون ۽ شراب جون بولتون کڻي جڏهن رنگ رليون ملهائيندا هئا ته سردار کي تماشبيني ئي ڪرڻي هوندي هئي ۽ پنهنجي مُنهن ڀڻڪندو هو ”يار، هي ته ڀڙوت ڪرڻي آهي، نوڪري ته نه آهي.“

هي عمل سردار جي اڳيان روزانو دهرائجڻ لڳو. بدبوءِ ڪيتري به تيز هجي، ليڪن هڪ دفعو برداشت ڪرڻ سان اُن جي تيزي گهٽ محسوس ٿيندي آهي. برائيءَ کي بار بار ڏسڻ سان آهستي آهستي اُها برائي محسوس نه ٿيندي آهي. غير محسوس طريقي سان سردار  ان برائيءَ جو عادي ٿيندو ويو. جڏهن سردار پهريون دفعو ڀَتي جي اوڳاڙي ڪئي ته سندس وات ڦاٽي ويو! هڪ مهيني ۾ سندس حصي ۾ ايتري رقم آئي، جيتري سپاهي هوندي هن ٽن سالن ۾ به نه ڪمائي هئي. شروع شروع ۾ ضمير کيس ملامت ڪئي: ”حرام جي ڪمائي آهي، طوائفن جي ڪمائي آهي. سپاهي هوندي ته محنت جا پئسا ملندا هئا، پر هتي ته ڪُٽڻ پي جي ڪمائي آهي....،

ضمير بڙ بڙ ڪندو رهيو، ليڪن رشوت ان کي ننڊ جي گوري ڏيئي سمهاري ڇڏيو. رشوت ۾ اها طاقت آهي جو هڪ دفعو جيڪڏهن خون ۾ شامل ٿي وڃي ته سڌو حملو ضمير تي ڪندي آهي. ضمير ڪيڏو به سگهارو ڇو نه هجي، رشوت جو زهر ان کي موت جي ننڊ سمهاري ڇيڏندو آهي. رشوت وٽ اهڙا ته دليل آهن جو ضمير ويچارو پهرين ماٺ ڪري ويهي ٿو رهي، ۽ پوءِ بيمار ٿي، آخر ۾ الوداع ڪريو وڃي. سردار جي ضمير به رشوت جو پئسو ڪوڙا بڻجي ڪڙڪيو، ۽ هڪ ئي ڌڪ ۾ سندس ضمير بيهوش ٿي ويو.

سردار جي دلچپسي وڌڻ لڳي. کيس اها ڳالهه سمجهه م اچڻ لڳي ته شهر جا صوبيدار ڇو ”ٽائون ٿاڻي“ جو ايس ايڇ او ٿيڻ لاءِ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آهن.

110 جي بستيءَ ۾ تقريبن 20 طوائفون هيون. جڏهن سردار انچارج ٿيو هو، هر طوائف مهيني ۾ چوٿون حصو سردار جو، باقي ٽي حصا ”مٿي“ ڏيڻا پوندا هئا. سردار جڏهن سپاهي هو ته ٿاڻي جي ڪل آمدنيءَ ۾ سپاهين جو صرف ڏهه سيڪڙو هوندو هو، يعني لک رپئي جي رشوت ۾ سپاهين کي مجموعي طور ڏهه هزار ملندا هئا، جنهن ۾ چاليهه کن سپاهي حصيدار هوندا هئا. نتيجي ۾ سردار جي حصي ۾ ٽي چار سئو رپيا ئي هوندا هئا. ليڪن هتي ته وارا نيارا هئا. ان علاوه ٿاڻي جي نوڪريءَ ۾، هر آفيسر سپاهين کي ايندي ويندي هروڀرو به پيو ذليل ڪندو آهي ۽ هتي ته هن جي وڏي لئه هئي. هر طرف سردار جي لاءِ ”صاحب جي“، ”صاحب جي“ لڳي پيئي هئي! آهستي آهستي سردار ان ماهول جو اهڙو ته عادي ٿي ويو جو ڄڻ ته پيدا ئي اُتي ٿيو هو.

*      *      *      *

سردار منهنجي سامهون بيٺو هو.

”ماما، بسم الله! ... ماما بسم الله... ماما، لک مبارڪون هجنئي... مون کي خبر پيئي هئي ته مامو ڪامورو ٿي ويو آهي. ماما! سچ ته ڏاڍي خوشي ٿي....“ هُو بي تڪلفيءَ سان ڀاڪر پائي رهيو هو ۽ آءُ هڪو ٻڪو ٿي کيس ڏسندو رهيس.

”ماما، هيءُ سٺو شهر اٿئي. ماڻهو ڏاڍا پيارا ۽ قرب وارا آهن. گذر سفر به چڱو آهي.“ ائين چئي هنه ٽيبل جي پاسي ۾ لڳل گهنٽيءَ جو بٽڻ دٻايو ۽ منهنجي پٽيوالي شبراتي کي پاڻي آڻڻ جو چيو، جنهن ٿوري دير ۾ پاڻي سان گڏ چانهه بسڪيٽ به آڻي رکيا.

”ماما، ٻيون ڳالهيون پوءِ ڪنداسين، في الحال هڪڙي ڪم سان آيو آهيان. گڊو، شبو، زمرد ۽ نوشي توهان وٽ 294 جي ڪيس ۾ چالان ٿيل آهن، جن جي ضمانت ڪريو ته پوءِ ڪو ”پروگرام“ ٺاهيون.“

آءُ سردار جي بي باڪي ۽ بي حيائيءَ واري انداز کي ڏسي، حيران ۽ پريشان ٿيندو رهيس ۽ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته سردار سان ڪهڙو رويو رکان؟ ليڪن هو پنهنجيءَ ڌُن ۾ مگن هو. سگريٽ چيچ ۾ جهلي هڪ ڊگهو سوٽو هنيائين ۽ ٻئي هٿ سان ٽپيءَ کي مٿي جي پوئين پاسي کان درست ڪري، سگريٽ جي ڇار، چپٽيءَ جي جهٽڪي سان ڪيرائي رازدارانه انداز ۾ چيائين، ”گُڊوءَ“ سان ”ڪچهري“ نه ڪئي اٿئي، ماما! گُڊوءَ سان ”ڪچهري“ ڪندين ته آرٽس فيڪلٽيءَ واري پوپري وسري ويندئي.“ ائين چئي هن هڪ بيهوده ٽهڪ ڏنو ۽ سگريٽ جا سوٽا هڻڻ لڳو.

”ڳالهه ٻُڌ سردار! مون کي افسوس آهي ته تو کي هن حال ۾ ڏسي. مون کي لڳي ئي نٿو ته تون اُهو ساڳيو سردار آهين، جيڪو عورت جي عظمت...“ سردار منهنجي ڳالهه اَڌ ۾ ڪٽيندي، ”نه ماما، نه! ليڪچر وارا ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ ڇڏي آياسين. جنهن نوڪريءَ ۾ تون ۽ آءُ آهيون، اُن ۾ اِهو سڀ ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو. فرق صرف طريقهء ڪار جو آهي. توهان پنهنجون پوسٽنگون ڪرائڻ لاءِ جن ماڻهن جون خوشامدون ۽ چمچاگيريون ڪندا آهيون، اُهي وري مون جهڙن جون نازبرداريون کڻندا آهن. توهان اُنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ تحفا، رقمون ۽ بليڪ –ليبل جون بوتلون ڏيندا آهيو، ته آءُ انهن کي راضي رکڻ لاءِ ”زمردون“ ۽ ”نوشيون“ پيش ڪندو آهيان. ماما، جيڪڏهن آءُ ڀڙوت ٿو ڪريان ته پوءِ گهٽ توهان به ڪو نه ٿا ڪريو. تنهنجي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارا مون کي نوٽن جون دَستيون ڏيئي پنهنجن آفيسرن کي خوش رکڻ لاءِ پدمڻيون موڪلڻ جو چوندا رهيا آهن. سرڪاري ريسٽ هائوس منهنجي ئي دم سان آباد آهن، ماما!...“

سردار جون ڪَڙيون ۽ ڪَساريون ڳالهيون ٻڌي، منهنجو منهن ٽامڻي هڻي ويو ۽ آءُ غصي ۾ افسوس جي مليل جليل تاثرات سان هن کي ڏسڻ لڳس.

”ماما، مهرباني ڪري، هنن جون ضمانتون اڄ ئي ڪري ڇڏجانءَ. مڙئي نئين ڊي آءِ جي صاحب کي خوش ڪرڻ لاءِ مون پاڻ ئي چالان ڪرايون آهن. ڊي آءِ جي مڙئي ماڻهو شريف آهي، تو وانگر.“

ائين چئي سردار موڪلايو ۽ وري اچڻ جو چئي روانو ٿي ويو. آفيس جي سامهون کُليل دروازي مان مون ڏٺو ته منهنجو پٽيوالو ۽ ڊرائيور ڊوڙي سردار ڏانهن وڌيا ۽ سردار جي گاڏيءَ جو دروازو کولي بيهي رهيا. سردار گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ ڪجهه ڳاڙها نوٽ پٽيوالي ۽ ڊرائيور جي کيسي ۾ پهچي ويا.

سردار  جو اِهو رُوپ ڏسي منهنجو دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳو ۽ آءُ افسوس ڪرڻ لڳس. ٽن  ڏينهن تائين ضمانت نه ڪيم ۽ چوٿين ڏينهن اهڙي ”دٻڙاٽ“ ملي جو اڻپورا ڪاغذ هوندي به ”مُچلڪو“ وٺي، ڌڻين جي شئي ڌڻين کي پهچايم.

*      *      *      *

ساڳئي شهر ۾ رهي ڪري به سردار مون کان ڪوهين ڏور هو. هو ڪيترائي ڀيرا مون وٽ آيو. مختلف طريقن سان مون کي رام ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، ليڪن مون کي سندس چهري کان به ڪراهت اچڻ لڳي. منهنجي سرد مهري ڏسي هن به مون وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو.

منهنجي فرضن ۾ ٽي ڳالهيون شامل هيون: آفيس جو ڪم ڪار، پنهنجن آفيسرن کي راضي رکڻ ۽ حد جي خاص ماڻهن (Notables) کي خوش رکڻ. پنهنجي ذهانت ۽ محنت جي ڪري ٽيئي فرض آسانيءَ سان نباهڻ لڳس. آفيس جو ڪم ٺيڪ پئي هليو، خاص ماڻهو مون تي مهربان هئا ۽ منهنجا آفيسر ته ڄڻ مون کان سواءِ ماني به ڪو نه کائيندا هئا.

وقت هيمشہ هڪجهڙو نه هوندو آهي. حالتن ڦيرو کاڌو ۽ آسمان مون تي ”نامهربان“ ٿي پيو. معمولي ڳالهه تان وڏو ممڻ مچي ويو. ”نو پارڪنگ ايريا“ ۾ بيٺل هڪ گاڏي کي چالان ڪرائي، ٿاڻي ۾ بند (Impound) ڪرائي ڇڏيم. اِها گاڏي شهر جي هڪ مشهور عورت جي هئي، جيڪا بيوٽي پارلر هلائڻ کان علاوه به گهڻو ڪجهه هلائيندي هئي. گاڏي ڇڏڻ لاءِ عورت جڏهن مون کي ڌمڪيون ڏنيون ته آءُ به پٽڙي تان لهي ويس ۽ انا جو مسئلو ٺاهي ويهي رهيس ۽ گاڏي تي ڳرو جرمانو ڪري ڇڏيم. عورت جرمانو ڀرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ منهنجي فون جي گهنٽي مسلسل وڄندي رهي ۽ سموري مٿانهين بيورو ڪريسيءَ کان علاوه سياست ۽ بزنس جي دنيا جا ماڻهو به مون کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳا. سڀني کان پيش پيش بئنڪ جو هڪ عملدار هو. ڳالهه مان ڳالهڙو ٿي پيو. منهنجي ضد جو نتيجو اِهو نڪتو جو ٻئي ڏينهن هڪ فيڪس پهتو، جنهن ۾ مون کي سسپينڊ ڪيو ويو هو ۽ فورن چارج ڇڏڻ جو حڪم مليل هو.

آءُ اندران ئي اندران سڙي ويس، ليڪن همت نه هاريم، ”هيترا سارا منهنجا مهربان آهن. هڪ واهيات عورت مون کان ڏاڍي ٿي ويندي!“.... پنهنجو پاڻ  کي تسلي ڏنم. پهرين پنهنجن آفسرن کي آزمايم، جن يڪدم پنهنجي لاچاري ڏيکاري ۽ مون کي ئي بُرو ڀلو چوڻ لڳا. پوءِ خاص مهربانن ڏانهن ڪراچي ڀڳس.  گِذري، گلشن ۽ ڊفينس جي خيابانن کان وٺي سيڪريٽريٽ جي سڀني سوڙهين ڪاريڊارس ۾ جُتيون گسايم. نيٺ منهنجا مهربان به ٿڪجي پيا ۽ آ واپس سامان کڻڻ لاءِ هيڊ ڪوارٽر پهتس.

دلل تي بوجهه هو. مايوسيءَ جي طوفان اندر جا سڀ قلعا مسمار ڪري ڇڏيا. اهڙو انڌير ڏسي ششدر ٿي ويس. مٿان وري گهر جو سامان ٻڌڻ کانپوءِ گهر به کائڻ پئي آيو. دل چيو پئي ته بس هاڻي هتان جلدي وڃان، ايتري ۾ ملازم اچي ٻڌايو ته ”سردار“ آيو  آهي. پهرين دل چيو ته نه ملانس، پر پوءِ سوچيم ته سسپينڊ ٿيڻ کانپوءِ پهريون ماڻهو آهي، جيڪو ملڻ آيو آهي. کيس اندر گهرايم. پئڪ ٿيل سامان جي وچ ۾ ويهندي چيائين:

”اڙي ماما، ڪالهه اسلام آباد مان پهتو آهيان، ۽ رات تنهنجي سسپينڊ ٿيڻ جو ٻڌم. رن جي اها مجال، جو سردار جي يار سان کئونس ڪري؟ اڙي ولي محمد، فون کڻي اچ اندران.“ هن ملازم کي هڪل ڪري چيو.

”بس يار سردار، ڇڏ هاڻ، ڏاڍو ڪراچي مان رُلي آيو آهيان. ڏاڍا تلخ تجربا ٿيا آهن. ڪير به ڪنهن جو ڪونهي. يار سڀ مطلب جا دوست آهن.“

”اڙي ماما، هوندا مطلب جا دوست، ليڪن سردار کي به آزمائي ڏس.“ ائين چئي هن  ڪراچيءَ جو هڪ موبائيل فون ملايو.

”هلو... جي سائين! ... سردار پيو ڳالهايان.... سڀ خير آهي سائين!.... جي سائين.... توهان فون ڪيو هوندو پر آءُ اسلام آباد ويو هوس.... ڪالهه ئي پهتو آهيان.... حڪم نه آهي، عرض آهي سائين!...... پنهنجو دوست سسپينڊ ٿيو آهي..... جي سائين!.... فرح وارن ڪرايو آهي.... پر سائين، اهو ڪم ڪرائڻو آهي....... ”عزت“ جو مسئلو آهي... بلڪل سائين! فرح وارن کي پوءِ  ٺيڪ ٺاڪ جواب ڏيندساين، ليڪن سائين پهرين هن کي بحال ڪرايو...... ٺيڪ سائين ٺيڪ.... وڏي مهرباني سائين.... جي سائين! گُڊو بلڪل ٺيڪ آهي.... خدا حافظ.“

فون رکي مون ڏي معنيٰ خيز انداز سان ڏٺائين ۽ ساڳئي مخصوص انداز ۾ سگريٽ جو سُوٽو هڻندي، سگريٽ جي ڇار چپٽي وڄائي جهٽڪو ڏيئي ڇنڊيائين ۽ چيائين، ”تنهنجو ڪم ٿي ويندو ماما! گهٻرائين ڇو ٿو؟ سردار مري ڪو نه ويو آ.“ سردار ڪافي دير ٻٽاڪون هڻندو رهيو ۽ پوءِ هليو ويو.

”بيوقوف ڪٿان جو؟..... ٽي ڏينهن ايم اين اي صاحب منهنجي لاءِ مٿو هنيو، پر ڪجهه نه ٿيو. هاڻي سردار مون کي بحال ڪرائيندو....!“

ٻئي ڏينهن منهنجي حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن پٽيوالو فيڪس کڻي ڊوڙندو آيو، جنهن ۾ مون کي فوري طور بحال ڪري وڌيڪ پوسٽنگ لاءِ ڪراچي گهرايو ويو هو.

مون جلدي ۾ سردار کي فون ڪيو، ليڪن فون انگيج مليو. مون جلدي ۾ گاڏي ڪڍي ۽ پهريون دفعو 110 جي بستيءَ ڏانهن تيزيءَ سان وڃڻ لڳس. شاخ جي پاسي ۾ ڪچي رستي جي جهاڪن ۽ ڌوڙ جي به پرواهه نه ڪيم ۽ سڌو وڃي گاڏي پوليس چوڪيءَ جي اڳيان بيهاريم. سامهون سردار هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ ٻه ٿُلها متارا، پهلوان قسم جا ماڻهو، پهراڻ پاتل ۽ گوڏ ٻڌل، سردار کي زور ڏيئي رهيا هئا. سردار مون کي ڏسي ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ سڀني گڏجي نعرو هنيو: ”ڪريو قادر قلندر!.... هو هو هو هو....“

جڏهن دل جي گهراين سان سردار جو شرڪيو ادا ڪيم ته مخصوص انداز ۾ سگريٽ جو سوُٽو هڻندي چيائين: ”ماما، پنهنجا سڃاڻان ٿو، ڀڙوو ٿيو آهيان، بيغيرت نه ٿيو آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com