مظهر يوسف
ڊاڪٽرمهڪري –
منهنجي حياتيءَ جي اڻ وسرندڙ شخصيت
ڊاڪٽر مهڪريءَ سان منهنجي ڄاڻ سُڄاڻ تقريباَ پنهجاهه سالن کا
وٺي رهي آهي، مون کي اهو ڏينهن اڄ به ياد آهي،جڏهن
مان پهريون ڀيرو شملا ۾ مليو هئس، مان پنهنجي وڏي
ڀاءُ منصور موجز وٽ ٽڪيل هئس . ڊاڪٽر مهڪري آچر تي
اسان سان ملڻ ايندو هو. سندس ظاهري نمونو اڻوڻندڙ
هوندو هو، لٽي ڪپڙي جي ته اصل پرواهه ڪو نه ڪندو
هو.
انهن ڏينهن ۾ اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ مختلف موضوعن تي گفتگو ڪندا
هئاسين.مشڪل سان ڪو اهڙو موضوع هوندو،جنهن تي کيس
عبور حاصل نه هو. جيسيتائين مون کي ياد آهي منهنجي
بي.اي. جي امتحان جو نتيجو پڻ انهيءَ ڏينهن اخبار۾
ڇپيو هو. منهنجي فرسٽ ڪلاس ۾ اچڻ تي ڊاڪٽر ڏاڍو
خوش ٿيو هو.۽ مون کي صلاح ڏني هئائين ته مان
انگريزي ادب ۾ ايم.اي ڪريان ۽ان لاءِ بهتر ٿيندو
ته بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺان. جتي هو پاڻ
محقق هو.پر مون سندس صلاح تي عمل نه ڪيو ۽ دهلي
يونيورسٽيءَ ۾ ايم.اي. ايڪنامڪس ۾ داخلا ورتم، اهو
منهنجي لاءِ ڏاڍو فائديمند ثابت ٿيو، ڇو
ته مهڪري پڻ يونيورسٽيءَ جي لا_اسڪول، ۾ داخلا
ورتي، پوءِ ته اسان تقريبن روز ملندا هئاسين، مون
پڻ ايم.
اي سان گڏ، لا_اسڪول، ۾
داخلا ورتي.
ڊاڪٽر مهڪريءَ جي تحريڪ تي اسان يونيورسٽيءَ ۾ هڪ اسٽڊي گروپ,nineteen, ٺاهيو. گروپ جي گڏجاڻين ۾ هرموضوع بحث هيٺ ايندو هو.ادب، تاريخ،
عمرانيات، سياست، سڀ ڪجهه،
اسان فيض احمد فيض کي به دعوت ڏيئي هڪ ميٽنگ ۾
گهرايو هو.”nineteen جوڪنوينر علي.ايم. نقوي اسان جودوست
هو، جنهن پوءِ هارورڊ يونيورسٽي مان
D.S.C
۽ ڪئي ۽ آمريڪا ۾ شهرت حاصل ڪيائين هن هڪ ڀيرو
آمريڪي سائنسدانن جي وفد ۾ روس جي دوري دوران
اڳواڻي به ڪئي هئي، هڪ ٻيو به اسان جو
girlial jair
جنهن صحافت جو پيشو اختيار
ڪيو۽ پوءِ اڳتي هلي”
Times of indiaجو چيف ايڊيٽر ٿيو. هي اُهو زمانو هو،
جڏهن بمبئي يونيورسٽيءَ عمرانيات ۾ ڊاڪٽر مهڪريءَ
ph.dجي
ٿيسر منظور ڪئي هئي. جنهن جو عنوان هو؛ هندستان ۾
هندو_مسلم لاڳاپن جو سماجي پسمنظر“ پي.ايڇ. ڊيءَ
سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مهڪريءَ ٽاٽا اسڪول آف سوشل
سائنسز مان سوشل ورڪر مان ڊپلوما پڻ حاصل ڪئي.
ان کان پوءِ اسان جي ملاقات وري ورهين کان پوءِ ڪراچي ۾ ٿي. نومبر يا ڊسمبر1947ع جي ڳالهه آهي مان هڪ مهاجر ٽرين ۾ سفر ڪري
آڪٽوبر ۾ ميرٺ کان لاهور پهتو هئس.
ڊاڪٽر مهڪري پاڪستان کان لڏي اچڻ جو فيصلو انڪري
ڪيو جوسدائين پيو چوندو هو ته هڪ ڀيرو ”سنڌ“ ايندس
۽ اُتي ئي رهندس، سو هنڪري جو1944ع ۾ مهڪريءَ هڪ
اسڪائوٽ ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾
سنڌ ۾ آيو هو ۽ پنهنجي هڪ هندو اسڪائوٽ دوست وٽ
حيدرآباد ۾ ترسيو هو.
اهو فيصلو ان وقت ئي ڪيو هئائين.
ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر مهڪريءَ گورنمينٽ پرنٽنگ پريس ۾ ليبر ويلفيئر
آفيسر جي نوڪري اختيار ڪئي، پر هن شايد ئي ڪڏهن
پريس جو دورو ڪيو هجي، ڇو ته پريس جو مئنيجر اهڙو
شخص هو جو ليبر ويلفيئر آفيسر جي خيالن کي ناپسند
ڪندو هو.اُن جو نتيجو اِهو نڪتو جو ڊاڪٽر مهڪري
پنهنجي گهر ۾ ئي ويٺو هوندو هو. رات ڏينهن دوستن
سان خيالن جي ڏي وٺ ۾ مصروف رهندو هو.
ڊاڪٽر مهڪريءَ کي صحافت ڏانهن هميشه رغبت رهي. هڪ ڀيرو ان سلسلي
۾ هو بمبئيءَ ۾” فري پريس جرنل“ جي ايڊيٽر مسٽر
بريلويءَ سان به مليو، پر اُن پاران حوصله افزا
موٽ نه ملڻ جي ڪري ان خيال کي في الحال ڇڏي
ڏنائين.
مون کي معلوم آهي ته مهڪريءَ ۾ ڪنهن به ڳالهه حاصل ڪرڻ لاءِ
وڙهڻ جو جذبو ڪونه هو، هُن زندگي ۾ ڪڏهن به ڪو
چئلنج ڪبول ڪونه ڪيو، سواءِ ماڻهون ۾ تقرير ڪرڻ
جي، جنهن فن جو هن وٽ ڪمال هو. منجهس اِها خوبي
هئي ته ٻڌندڙ کي ان پاسي وٺي ويندو هو جنهن طرف هو
پاڻ چاهيندو هو.
صحافت سان سندس دلچسپي هڪ ڀيرو ٻيهر منظر عام تي آئي، پر
بدقسمتيءَ سان اُن جي پڄاڻي هڪ سينيئر صحافيءَ جي
حيثيت ۾ نه ٿي سگهي.
ڊاڪٽر
مهڪري ۽ غلام رباني آگرو
مون پڻ دهلي جي يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ ئي صحافت جو پيشو اختيار
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن اسان
ٻيئي راما ڪرشنا مشن وياسين. اهي ڊسمبر 1947ع جا
آخري ڏينهن هئا، جڏهن راما ڪرشنا مشن جي سوامي
رنگاٿن کي مون چيو ته مان صحافي ٿيڻ ٿو چاهيان ته
هن هڪدم مون کي” سنڌ آبزرور“ جي ايڊيٽر ڏانهن
موڪليو ان تي مهڪري پڻ خواهش ڏيکاري ته جيتوڻيڪ هو
هڪ گورنمينٽ ملازم آهي، پر پوءِ به اگر گنجائش هجي
ته هو صحافت جو پيشو اختيار ڪرڻ چاهي ٿو.
پهرين جنوري 1948ع تي اسان ٻئي ڄڻا سوامي رنگاٿن جي سفارش تي
”سنڌ آبزرور“ جي آفيس ۾ وياسين، جيڪا ميڪلوڊ روڊ
تي هئي، جنهن کي هاڻ ” چندريگر روڊ“ ڪوٺن ٿا.
هندو صحافي گهڻي ڀاڱي هندستان لڏي هليا ويا هئا ۽ ڪي وڃڻ جي
تيارين ۾ هئا. سو، اسان ٻنهي کي سب ايڊيٽر جي
حيثيت ۾ مقرر ڪيائون. مون کي اها ” حيثيت“ پسند
ڪان آئي، ان ڪري ستت نيوز سيڪشن ۾ بدلي ڪيائون.
مهڪريءَ کي به نيوز سيڪشن ۾ کنيائون ۽ وعدو ڪيائون
ته کيس ”نيوز ايڊيٽر“ ڪنداسين، جو ان وقت جيڪو شخص
نيوز ايڊيٽر هو، هو مهيني ٻن ۾ هندستان وڃڻ وارو
هو. بدقسمتيءَ سان ائين نه ٿي سگهيو. هڪ مهيني جي
اندر ئي ڊاڪٽر مهڪري بيمار ٿي پيو. واري جي بخار
کانپوءِ کيس سائي ٿي پيئي. هو ٻيهر ڪڏهن به سنڌ
آبزرور ۾ اچي ڪو نه سگهيو. اها سندس صحافتي
زندگيءَ جي پڄاڻي هئي.
سندس خاندان وارا انتهائي مذهبي ماڻهو هئا، پر ڊاڪٽر مهڪري پاڻ
هڪ آزاد خيال ماڻهو هو. هن ڪڏهن به هندو، مسلمان ۽
عيسائيءَ ۾ فرق ڪو نه رکيو. هن جون سموريون لکڻيون
ان ڳالهه جون آئينه دار آهن. هن هڪ سيڪيولر پارٽي
ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ۽ ڪراچي جي هڪ اخبار ۾ ان جو
اعلان پڻ ڪيائين، پر جلد ئي هن پنهنجو اهو خيال
لاهي ڇڏيو، ان لاءِ ته متان مٿس ڪو حملو ٿئي. هو
اڪثر چوندو هو ته ”آءُ موت کان نٿو ڊڄان، پر
معمولي جسماني تڪليف ۾ گهلجي گهلجي مرڻ کان مون کي
سخت خوف ٿيندو آهي“ هو منڪر ته ٿي پئي سگهيو، پر
هڪ عام سپاهيءَ کان به ڊڄندو هو. آءُ اهو سڀ ان
ڪري چوان ٿو، جو مون تقريبن اڌ صديءَ جي دوستيءَ ۾
کيس چڱيءَ طرح سڃاتو.
ڊاڪٽر
مهڪري، مظهر يوسف ۽ ن.ا.ش
تقريباً 40 سالن کان يا اڃا به وڌيڪ عرصو مان مهڪريءَ کي هر آچر
تي (پوءِ جمعي تي) پنهنجي گهر وٺي ايندو هوس،
ڪلاڪن تائين اسان ڪچهري ڪندا هئاسين، گڏ کاڌو
کائيندي، آرام ڪندي، سڄو ڏينهن گذاريندا هئاسين.
اهو اسان جو معمول هو. هن جي حيثيت اسان جي گهر جي
هڪ فرد جي هئي. منهنجي پٽ جو نالو نديم آهي، اسان
مهڪريءَ کي ان حوالي سان ”قديم“ ڪوٺينداس هئاسين.
مهڪريءَ وري منهنجي گهر واريءَ کي نعيمه جي بجاءِ
”نئين مان“ سڏڻ شروع ڪيو.
گهڻن ماڻهن کي اها خبر ڪانهي ته ڊاڪٽر مهڪري هڪ نفسياتي ماهر
(Psyechatrist)
پڻ هو. هو ڪنهن کي به چند لمحن ۾ هپناٽائيز ڪري
سگهندو هو. هڪ ڀيري هو اسان جي گهر ۾ اهو تجربو
ڪرڻ لاءِ آمده ٿيو. منهنجي پٽ نديم پاڻ کي تجربي
طور پيش ڪيو. اعتبار ڪريو ته هڪ يا ٻن سيڪنڊن ۾
مهڪريءَ نديم کي گهريءَ ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو! (پر
ٻئي لمحي هن کيس جاڳائي ڇڏيو.)
جڏهن مون کانئس ان جو سبب معلوم ڪيو تڏهن مهڪريءَ چيو ته کيس ڊپ
هو ته ڪٿي نديم هوش ۾ ئي نه اچي. پر مون کي خبر
آهي ته هو ڊڄي رهيو هو. دراصل هو هر شيءَ کان
ڊڄندو هو. سواءِ خدا جي، ذهني اعتبار کان هو
انتهائي بردبار هو. پر، ظاهري طور تي ان جي بلڪل
برعڪس هو. هڪ دفعي مون مهڪريءَ کي واجد شمس الحسن
سان ملايو، جيڪو مون کي ننڍي ڀاءُ وانگر هو. واجد
کيس
Daily News
۾ لکڻ لاءِ چيو، ۽ هن ڪالم لکڻ شروع ڪيا، جيڪي
پوءِ ڊيلي نيوز ۾ ڇپجڻ لڳا. هو تمام روانيءَ سان
لکڻ وارو هو. هفتي ۾ ٻه ڀيرا بس ۾ چڙهي چندريگر
روڊ تي
Daily News
جي آفيس ۾ ويندو هو. ٽائپ
رائٽر سامهون ڪري هڪ ئي ويهڪ ۾ 5-6 پنا ٽائيپ ڪري
وٺندو هو. کيس پنهنجن ڪالمن جو معاوضو ڪڏهن به ڪو
نه مليو، پر پوءِ به هو خوش هوندو هو ته ڪنهن کيس
پنهنجن خيالن جي اظهار جو موقعو ته ڏنو. ان وقت
مان پڻ
Daily News
۾
Sport Light on Sindh
جي عنوان هيٺ مستقل ڪالم لکندو هئس ۽ مون کي به
واجد معاوضو ڪو نه ڏيندو هو. هميشه مون کي اهو
چوندو هو ته ”توکي ته پئسن جي گهرج نه آهي.“ پر،
ڊاڪٽر مهڪريءَ کي گهرج هئي، ڇو ته هو گورنمينٽ
ملازمت تان رٽائر ڪري چڪو هو، ۽ سندس پينشن تمام
معمولي هوندي هئي. هن ڪڏهن ۽ ڪيئن
Daily News
۾ لکڻ بند ڪيو، اها هڪ الڳ ۽ ڏکوئيندڙ ڪهاڻي آهي،
هن پنهنجي هڪ ڪالم ۾، جيڪو پاڪستان ۾ فوجي آمريت
جي باري ۾ هو،
S.O.B
استعمال ڪيو. اها ڳالهه ڪنهن جنرل ضياءُ جي علم ۾
آندي. انهيءَ ئي وقت ۾ مير خليل الرحمان پنهنجي
ڌيءَ جي شادي ۾ جنرل ضياءُ کي مدعو ڪيو هو، پر هو
شاديءَ ۾ ڪو نه آيو. مير صاحب ڏاڍو ناخوش ٿيو، ڇو
ته ڪجهه ڏينهن پهرين جنرل صاحب اچڻ جي حامي ڀري
هئي. پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي مير خليل الرحمان کي ايوان
صدر مان ان ڪالم ۽ ان تي صدر صاحب جي ناراضگيءَ جي
باري ۾ علم ٿيو. کيس چيو ويو ته اهڙي بيهوده ڪالم
جي ڇپجڻ کانپوءِ، کيس شاديءَ ۾ جنرل صاحب جي آمد
جي اميد نه ڪرڻ کپندي هئي.
ٻئي ڏينهن جيئن ئي ڊاڪٽر مهڪري
Daily News
جي آفيس ۾ داخل ٿيو، ته واجد کيس چيو ته مير صاحب
اوهان سان ملڻ ٿو چاهي. اهو ٻڌي ڊاڪٽر مهڪريءَ ان
مهل تي خوشيءَ مان واجد کي ساڻ ڪري، سڌو مير صاحب
جي آفيس ۾ ويو، اڃا هو ٻئي مير صاحب جي ڪمري ۾
داخل ٿيا ته هڪ حيرت جهڙي ڳالهه ٿي. مير صاحب جي
جيئن ئي ڊاڪٽر مهڪريءَ تي نظر پيئي ته هو ٽپ ڏيئي
ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ مهڪريءَ تي ڪاوڙ ۾ ڏاڪا ٻڌي
چڙهي ويو. چوڻ لڳو ته ”تون منهنجي اخبار کي پنهنجن
بيهوده ڪالمن جي ذريعي ڇو خراب ڪري رهيو آهين؟“
مهڪري اهو ٻڌي ڄڻ ته گونگو ٿي ويو! هُو مشڪل سان
ٻه لفظ وات مان ڪڍي سگهيو ته ” مير صاحب! توهان
منهنجا ڪالم بند ڪري ڇڏيو، پر منهنجي بيعزتي ڪرڻ
جو توهان کي ڪو حق ڪونهي.“
ڊاڪٽر مهڪري ڪجهه عرصي کان دل جو مريض هو، هو اڳتي
PACE-MAKER
تي هلندو هو، جنهن جي ذريعي سندس دل جي ڌڙڪڻ جي
رفتار ترتيب ۾ رهندي هئي.
هن ڊيلي نيوز نهايت ڏک ۾ ڇڏي، پر واجد کي سندس روش تي ڪڏهن به
معاف نه ڪيائين ڇو ته سندس اعتبار هو ته واجد کي
Stand
وٺڻ گهرجي ها. آخرڪار هو اخبار جو ايڊيٽر هو.
ڊاڪٽر مهڪري مون کي هميشه سقراط جو مثال ڏيندو هو، جيڪو هر لحاظ
کان سندس ذهني سقراط وانگر لڳندو هو: قدوار، ٿلهو،
ويڪرو، سٺي کاڌي جو شوقين، سست، پردوستن سان
ڪچهرين ڪرڻ جو شوقين، سقراط جيان ئي هن پنهنجي
خاندان لاءِ ڪجهه ڪو نه ڪيو، ان ڪري اُهي هميشه
مٿس ناراض هيا.
ڊاڪٽر مهڪريءَ جو حافظو قابل رشڪ هو. کيس اردو ۽ فارسيءَ جا
سوين شعر ياد هئا. کيس انگريزي ادب سان گهڻي
دلچپسي هئي. شيڪسپيئر، ورڊ سورٿ، ٽينيسن ۽ رومانوي
شاعر ڪيٽس ۽ شيلي سندس پسنديده شاعر هئا. هو اڪثر
انهن جا سڄا نظم پڙهندو هو. هڪ ڀيري هن مون کي
ٻڌايو ته کيس انگريزي ادب پڙهائڻ جو ڏاڍو شوق آهي،
پر پڙهڻ جي ڪنهن ۾ به دلچسپي نه آهي. منهنجي گهر
واري ۽ مون پاڻ کي شاگرد طور پڙهڻ جي آڇ ڪئي ۽ طئه
ائين ٿيو ته شروع ۾ شيڪسپيئر جو روميو جوليٽ تي.
ڪلاسز جي دوران هو اڪثر ڊرامي جا ڊگها مڪالما
پڙهندو هو. اهي ڪلاس ٽي مهينا جاري رهيا ءٌ پوءِ
بند ٿي ويا. ان ۾ مهڪريءَ جو ڏوهه نه هو، ذميوار
اسان هئاسين، ڇو ته اسان جي پنهنجي دلچسپي ختم ٿي
ويئي.
مجاهد بريلويءَ هڪ ڀيري ڊاڪٽر مهڪريءَ کي ڪراچي پريس ڪلب ۾
صحافين سان شام گذارڻ لاءِ مدعو ڪيو. اخبار نويسن
جي هڪ وڏي تعداد ان دعوت ۾ شرڪت ڪئي. ان ئي شام
ڊاڪٽر مهڪري پنهنجي باري ۾ ڏاڍو ايماندارانه تجزيو
پيش ڪيو. هن چيو ته پنهنجي حياتيءَ ۾ هو هڪ ناڪام
ماڻهو آهي، پر ان ناڪاميءَ لاءِ هو ڪنهن کي به
ڏوهه نٿو ڏيئي سگهي. بقول سندس ته ناڪاميءَ جا
جيوڙا سندس اندر ۾ موجود آهن. ان جو سڀ کان اهم
سبب آهي ته هو تمام سست ماڻهو آهي ۽اُن جي سستيءَ
جي ڪري ئي هو زندگيءَ ۾ ملندڙ موقعن ما ن فائدو نه
وٺي سگهيو.
ڊاڪٽر مهڪريءَ کي گهڻيون خواهشون نه هيون۽هن ڪڏهن به چئلينج
قبول نه ڪيو، سواءِ ماڻهن جي ميڙ ۾ ڳالهائڻ جي،
کيس ڪير به شڪست نٿي ڏيئي سگهيو.
ڊاڪٽر مهڪريءَ سوشالاجسٽ، سائڪالاجسٽ، سماج سڌارڪ،
تاريخدان، ليکڪ، استاد ۽ ڪالم نگار هو، سندس هڪ
مداح، محمد ابراهيم جويي سندس ڪالمن جو مجموعو
”مهڪريءَ جا مضمون“جي نالي سان هڪ ٻيو ڪتاب
انگريزي ۾SORROWS OF SINDH
جي عنوان هيٺ ابراهيم جويي صاحب ڇپرايو، انهن ٻنهي
ڪتابن سنڌ ۾ کيس گهڻي مڃتا ڏني، خاص طور تي نوجوان
نسل.
ٿورن ماڻهن کي اها ڄاڻ آهي ته هن هڪ ٻئي ڪتاب تي پڻ ڪم ڪرڻ شروع
ڪيو هو،جنهن جو عنوان هو”FROM THE RUINS OF SINDH“
مون وٽ ان جا ڪجهه باب موجود آهن. مون وانگر ڊاڪٽر
مهڪريءَ پاڻ کي سنڌ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو.جيتوڻيڪ
اسان ٻنهي کي پنهنجن اباڻي شهرن سان پيار آهي؛ هن
کي بئنگلور سان ۽ مون کي ميرٺ سان، پر اسان ٻنهي
پنهنجي وس آهر سنڌ جي خدمت ڪئي آهي .
سنڌ يونيورسٽيءَ سان ڊاڪٽر مهڪريءَ جو تعلق ان وقت شروع
ٿيو.جڏهن شيخ اياز وائيس چانسلر ٿيو،کيس اعزازي
طرح وزٽنگ پروفيسرمقرر ڪيائين پر سندس چوڻ آکڻ کان
پوءِبه پڪو ڪونه ڪيائين، ڊاڪٽر مهڪريءَ هفتي ۾ ٻه
ڀيرا بس ۾ چڙهي ڄام شوري ويندو هو سائڪالاجي
۽سوشيالاجي شعبن ۾سيمينار منعقد ڪرائيندو هو.مون
کيس ڪيترا ڀيرا سمجهائي چيو ته ايترو وڃڻ ضروري
ڪونهي، مهيني ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا وڃڻ به ٺيڪ آهي ،پر
هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽چيائين ته کيس پڙهائڻ سان
دلچسپي آهي ۽ هوچاهي ٿو ته پنهنجي علم کي شاگردن
تائين جيترو ممڪن ٿي سگهي وڌ کان وڌ انداز ۾ منتقل
ڪري.
پنهنجي وفات کان ڇهه مهينا اڳ، ڊاڪٽر مهڪري پنهنجا ڪيترائي
ناياب ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، کي عطيي طور
ڏنا، اها ڌرتيءَ سان پيارجي نشاني آهي مون پنهنجي
ءَسڄيءَ ڄمار ۾ اهڙوٻيو ڪوبه ماڻهو نه ڏٺو،جنهن کي
هندستان جي تاريخ ۽ هندو مٿالاجي(ديومالائي قصن جو
علم) تي مڪمل ڄاڻ ۽ اٿاهه عبور حاصل هجي،بس،ماڻهو
سندس آڏو ڌيان سان ويٺو هجي هو پهرن جا
پهرڳالهائيندو رهندو هو.
هن هندستاني ڪلاسيڪي ادب نه صرف غور سان پڙهيو هو پر ان تي
مڪمل دسترس به حاصل هئس، رامائڻ، مهارڀارت ۽ ڀڳوت
گيتا يقيناً هن بمبئيءَ ۽ بنگلور ۾ پنهنجي جوانيءَ
واري دور ۾ پڙهيا هوندا، ڇو ته مون ڪڏهن به وٽس
اهي ڪتاب ڪونه ڏٺا هئا. هونئن منجهس تمام گهڻيون
خاصيتون هيون،پر سندس سڀ اهم خوبي ،جنهن جو ما ن
هميشه قائل هئس. سا هيءَ هئي ته هو تمام مشڪل
فلسفيانه موضوعن کي آسان ۽ عام فهم لفظن ۾ ٻڌائڻ
جو فن رکندو هو،بلڪل ائين جيئن هو ننڊن ٻارن کي
پڙهائيندو هجي.
ڊاڪٽر مهڪري هڪ قابل قدر دانشور هو،جنهن جهڙا هاڻي پاڪستان ۾
نه هئڻ جي برابر آهن. |