سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1999ع

مضمون

صفحو :6

 

محمد ابراهيم جويو

ٻه عظيم شاعر-ٻه غزل،  ٻه نظم

 

(شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام)

وائي ۽ غزل سنڌي شاعريءَ ۾ ٻه ڄاتل سڃاتل صنفون آهن- وائي آڳاٽي ۽ پنهنجي،  ۽ غزل نئين ۽ پراڻي. وقت گذرڻ سان وائي،  جا ڌارينءَ تهذيب جي اثر هيٺ،  اسان لاءِ،  دوهي،  بيت ۽ گيت يا نظم سميت،  ڪاف ڪجهه اوپري بڻجي ويئي هئي،  ۽ جنهن جو پورو ڳائڻ به اسان کان وسري ويو هو،  

 

ان کي ”شيخ اياز“ جياريو ۽ اُجاري نئون بڻايو،  ۽ اُها اسان وٽ،  پنهنجي نئين ڪارج سميت،  پوري جذبي سان ڳائجڻ به شروع ٿي. غزل،  جيڪو انگريزن کان فورن اڳ جي ويجهي دور ۾،  فارسيءَ جي معتبرائيءَ هيٺ،  اسان جي ادب تي آڪرو بڻيل هو،  پر جيڪو پوءِ به اسان وٽ پورو ڳائجي نه سگهبو هو. اُن کي نارائڻ شيام،  گهڻي ڪجهه نواڻ ڏني ۽ اُن صورت ۾،  هڪ حد تائين اسان جي ادب جي هڪ ڌيان جوڳي وٿ بڻايو- جيتوڻيڪ اُن کي اڄ به اسين پورو ڳائي نٿا سگهون. آل-انڊيا ريڊيو تي احمد آباد،  بڙودي ۽ راجڪوٽ اسٽيشنن تان ڪڏهن ڪڏهن گجراتيءَ ۾ به غزل ڳائجندي يا پڙهجندي ٻڌبا آهن،  پر اُنهن جي مصنوعيت (اوپرائپ) ۽ اُتا ڇري انداز کي ڏسي،  مون کي محسوس ٿيندو آهي ته غزل جي صنف کي،  ٻين ڳالهين کان سواءِ،  خاص طرح اُن لاءِ علم عروض جي پورائين جي مجبورين سبب هندستان جي اصلي ٻولين ۾ اُن جي پڙهجڻ ۽ ڳائجڻ طور مقبول ٿيڻ جو امڪان گهڻو گهڻو گهٽ آهي،  نارائڻ شيام،  ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ هجي ها،  ته هو اسان کي جيڪو شعر ڏئي ها،  ان جي ڳالهه،  صورتگري ۽ وشالتا ڪا ٻي هجي ها.

نارائڻ شيام جو هڪڙو شعري مجموعو،  سنڌ ۾،  ”بوند-لهرون-سمنڊ“ جي مانائتي ۽ معنيٰ  ڀريل نالي سان،  سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جي سهاري هيٺ،  1987ع ۾ پڌرو ٿيو،  جنهن ۾ شيام جا 64 غزل،  سندن ”نڪور ڪلام“ طور،  ڏنل هئا ۽ اوترن ئي صفحن تي پکڙيل سندن شاعريءَ جو اڀياس ڄاتل سڃاتل سنڌي شاعر،  تنوير عباسيءَ،  جو ڪيل به شامل هو،  تنوير پنهنجي اڀياس جي پهرينءَ پئرا ۾ لکيو: ”نارائڻ شيام سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ توڙي ترقي پسند جي نه فقط بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي،  پر اُنهن سڀني مان اهم پڻ –ڇو ته هو شاعريءَ توڙي ترقي پسنديءَ جي قدرن کي اڄ تائين نه فقط پنهنجو ڪندو آيو آهي،  پر اڃا تائين اُنهن کي سنوارڻ سينگارڻ ۽ انهن ۾ نيون راهون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. ” تنوير اُن پئرا ۾ ائين چوڻ کان پهرين لکيو: ”سنڌ توڙي هند ۾،  نارائن شيام اُنهن وڏن شاعرن مان آهي،  جيڪي اسان جي دور جي شاعريءَ جي وهڪري کان الڳ ٿلڳ،  پنهنجي ذاتي اُسلوب جي ڪري نرالا ۽ انوکا ٿا لڳن.“ ٻيءَ پئرا ۾،  تنوير،  پنهنجي مطلب کي ڪجهه کوليندي لکيو: ” هو ڪشچند ”بيوس“ جي اثر هيٺ آيل شاعرن مان آهي... اُن سان گڏوگڏ حاجي محمود ”خادم“ جهڙي عروض جي سخت گير شاعر،  ڊاڪٽر هرومل سدارنگائيءَ جهڙي فارسي شاعريءَ جي ماهر ۽ پرسرام ”ضيا“ جهڙي عوامي لهجي واري شاعر-ٽنهي کي پنهنجو رهبر ۽ رهنما تسليم ٿو ڪري: اُن نڪتي کان ئي نارائڻ شيام جي انفراديت جي شروعات ٿي،  ”غزل ۾ ” عروض جي سختيءَ سان پابنديءَ“ جو ذڪر ڪندي،  تنوير کي چوڻو پيو؛ ”اڪثر (سنڌي) شاعر.... وزن لاءِ لفظن کي چٻي چٿي،  ڇڪي تاڻي پورو ڪندا آهن ۽ اجايا ڀرتيءَ جا لفظ وجهندا آهن-،   پر شيام جي شاعريءَ تي عروض جي پابنديءَ مثبت (Positive) اثر ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته محنتي ۽ سٺي ذوق واري شاعر لاءِ ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ مـشڪل نه آهي. “ مطلب هيءُ ٿيو ته سنڌيءَ ۾ غزل جو ٺهڻ ائين آهي،  جيئن ”ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ“: پر ان طرح غزل جي  شاعري سنڌي ٻوليءَ جي فري شاعري جو حصو ته بڻجي نٿي سگهي! غزل سان اسان جي فطري ٺاهه ۽ نباهه جي آڏو ٻي رنڊڪ اُن جي شعري ترڪيب ۾ فڪر جي منطقي  بي ضابطگي آهي. نارائڻ شيام جي جنهن غزل جي ٿلهه (مطلع) جي خيال جا اهم لفظن – ”بوند،  لهرون ۽ سمنڊ “- کڻي،  سنڌ ۾ پڌري ڪيل غزلن جي مجموعي  کي ”فرد ۽ قوم“ جي معورف فلسسفي جي ترجمانيءَ جو نالو ڏنو ويو. اُن غزل جي باقي سڄي حصي کي پڙهجي ٿو ته غزل جي صنف ۾ فڪري ضابطي يا ربط جي اِن طرح ليڙون ليڙون  ٿي وڃڻ جو جوکم ڏاڍو دل تي ڳرو ٿو گذري- ته ڪهڙي خيال سان اُهو شروع ٿيو ۽ ڪٿي وڃي کُٽو،  ۽ وچ وچ ۾ ڪڻو ڪڻو ٿيو ڪيئن نه اُهو وکريو پيو هو! نارائن شيام جا اُهي عزل جن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ علم عروض  جي ”ناممڪن“ کي سچ پچ ۽ ٻوليءَ جي فطري عادت مطابق ”ممڪن“ ڪيو ويو آهي ۽ جن ۾ خيال جو سنجٽ ۽ سُٻنڌ به موجود آهي،  ۽ پاڻ ٻين غزلن جا اُهي شعر،  جي هيڪ هيڪل به،  ڪنهن ”دوهي“ يا ”سٻنڌ“ يا ڪنهن ”ٻول“ ۽ ڪنهن قول (Quotable quote) وانگر،  ڪنهن هڪ اعليٰ تاثر يا خيال  جا حامل آهن- سو سڀ ڪجهه سنڌي فن ۽ فڪر جي شعري دولت جو اهم ۽ بي بها حصو آهي: مثلن سندن هيٺيان به غزل-

(1)

ڪيڏو سورن جو  سامان،  سک جو ڪو نه هيو امڪان!

سيتل ڇايا ڪنهن جي ياد،  رڻ جو پنڌ ٿيو آسان!

تُنهنجو صدين جو وشواس،  تَنهن ۾ منهنجو هاڻ گمان!

ڦوٽو پاڻيءَ  جو هئو ڪالهه،  اڄ ته اٿاهه سمنڊ انسانٰ

سِرُ ٽڪرائي ساحل ساڻ،  ماٺو ٿي ويو هر طوفان!

موتيءَ جي هر هنڌ پچار،  ڪو سِپ جو نانءُ نشان؟

جاڳيو آهين ٿيءُ سجاڳ،  ڪيسين سپنن جو احسان؟

صبح ڪ شام جي آهه شفق،  شيام،  اُٿيئي ڏس جو ڌيان؟

(2)

دنيا سان رک ثابت راڳ،  وهم نسورو آهه تياڳ!

اُٿ،  ڪجهه ڪر،  ائن کڻي نه ويهه،  ڏکن سکن جو هيءُ کٽراڳ!

آهه ڊهڻ تي جهونو نظام،  ٺهي رهيو هن يگ جو ڀاڳ!

اکڙيون ڇنڀڪن تارا هاڻ،  ننڊ منجهان ٿي رات سجاڳ!

نقش قدم يا روشن ديپ،  چال سندءِ يا ديپڪ راڳ!

دل جو کوليو حال نگاهه،  ظاهر جئن آلاپ مان راڳ!

شعر سميت فن لطيف جي هر شهڪاريءَ ۾ اُن جي سرجڻهار جي ذات جي عظمت موجود هجي ٿي،  ۽ ساڳيءَ طرح اُن جي لطف اندوزيءَ (Appreciation) ۾ ”ڏسڻ،  ٻڌڻ ۽ لطف وٺڻ“ واريءَ من جي ڪيفيت جو به دخل هوندو آهي.

شيام جا مٿيان ٻه غزل منهنجي پسند جا آهن- ان جي اِها به معنيٰ نه آهي ته شيام جا ٻيا ڪيئي غزل منهنجي پسند جا نه آهن،  نه ئي منهنجي اِن خاص پسند جو سبب رڳو هيءُ آهي ته اِهي ٻه غزل،  هُن جي ٻين ڪيترن غزلن جيان،  غزل گهٽ ۽ گيت يا نظم وڌيڪ آهن،  ۽ نه ئي وري اِن جو سبب رڳو هيءُ به آهي ته ٻن اِنهن غزلن پنهنجي جذباتي (Romantic) ۽ فڪري (Philosophical)  گرفت سان منهنجي من کي قابو ڪيو آهي ۽ اُن کي ڇا ڇوليو ۽ اُڌمايو آهي: پر اِن منهنجي پسند،  يا هن گهڙيءَ منهنجي اِن چونڊ،  جو خاص سبب اِنهن ٻن غزلن جي اُها مشابهت،  يا ائين چئجي ته قرابت يا  ويجهڙائي به آهي،  جيڪا،  ٻنهي جي،  الڳ الڳ ۽ گڏيل تثر ۾ به،  شيخ اياز جي ٻن نظمن سان آهي- هڪ ئي مشترڪه بنيادي امنگ ۽ شعور جي ڌارا جي ناتيء: اياز جا ٻه نظم- ”چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان تون هئينءَ....“ ۽ ”نينگرڙا! ڇو واٽ وساري آ تو!...“ جيڪي سندس شعري ڪتاب ” راج گهاٽ تي چنڊ“ (1987) ۽ ”بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي“ (جون،  1988)ع) ۾ آيل آهن ۽ جن جو،  پنهنجي نقطهء نگاهه کان هڪ اڀياس مون ”بڙ جي ڇانو“ ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڏٺو هو. اُهي ٻه نظم هِي آهن:

(1)

چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان،

ڄڻ تون هئينءَ.

يا سڳنڌن ۾ ڀريل ڪنهن واءُ جي جهوٽي جيان

ڄڻ تون هئينءَ.

کيرٿر تان گڊڪو نئن گاج تي جيئين جهڪي،

تئن مان هيس

رڻ ۾ ڪوئي هرڻ پاڻي ڏسي ڏاڍو ڊُڪي،

تئن مان هيس.

تون ملينءَ مون کي ته سارو جڳ مليو،  ٻيو ڇا کپي!

منهنجي سکيء!

ماڳ ڏاڍو آ پري،  جي دڳ مليو،  ٻيو ڇا کپي!

منهنجي سکي!

(2)

نينگرڙا! ڇو واٽ وساري آ تو پنهنجي ڪارونجهر جي،

جنهن تي مور ٽهوڪا ڪن ٿا،  اهڙي ريت ته ناهي ٿر جي!

نينگوڙا! تون هي واريءَ مان ڪنهن جي لاءِ لڏون ٿو ٺاهين؟

هو چوڏس جو چنڊ کڙو آ! ڇا جي اُن سان ساٿ نباهين!

هي جو گهر کي لوڙهو آهي،  تو  تي ڪائي روڪ ته ناهي!

ڍنگهر تون ڪنهن وقت هٽائي،  اُن مان جي ايندين ته چڱو آ.

هو چوڏس جو چنڊ کڙو آ! جو گهر ڏي ٿو واٽ پسائي.

ڇا تون پنهنجي ڪارونجهر کي،ساري رات وساري سگهندين؟

هيء واري جو کيل رچائي، پنهنجي گهر کي واري سگهندين؟

اياز پنهنجن اُنهن ٻن نظمن ۾ ”زندگيءَ ۽ اُن جي منزل“ جيوت ۽ اُن جي آدرش،  ”جيوت جي دڳ“،  ”زندگيءَ جي راهه“،  جو ذڪر ڪيو آهي،  ۽ هڪ پاڻ – هُر ٽڙي نينگر- غافل،  ” واريءَ سان ويهي کيڏندڙ“ نينگر –سان ڳالهايو آهي،  جيڪو ”گهر جي واٽ“ وساري ويٺو آهي ۽ موٽي پنهنجي  ”گهر جي سار لهڻ“ جي نٿو ڪري. اياز  اُن اگوندري نينگر جي تمثيل وسيلي،  ”گهر ڌڻين“ سان،  هڪ هڪ ڪري ۽ سڀني کي گڏي،  ڳالهائي ٿو ۽ اُنهن کي سندين تاريخي قومي فرض ياد ڏياري ٿو،  جنهن کانسواءِ هو پنهنجيءَ نظر ۾ پاڻ ڪِري پوڻا هئا ۽ دنيا ۾ ڪٿان جا رهڻا ڪين هئا. نارائڻ شيام، ان جو اُهڙو ئي عظيم قومي شاعر، پنهنجن غزلن ۾،  ساڳيءَ طرح اسان سان اسان جي ”سورن جي سامان“،  ”رڻ جي پنڌ“،  سنمان ڀريءَ زندگيءَ جي ” سيتل ڇايا، “ وطن ۽ قوم تي بيٺل ”صدين جي وشواس“ ۽ اُن جي هيڻي پوڻ،  ”جاڳ سجاڳ“،  ”صبح توڙي شام جي شفق“ کي آڏو رکي اڳتي وڌڻ جي،  پر سڀ کان وڌ اُن لاءِ پنهنجي ”ڏس“ کي  ڌيان ۾ رکڻ جي ڳالهه ٿو ڪري،  ۽ ساڳي ميار اسان کي پنهنجي غفلت،  اُڇاترائيءَ،  توائپ،  واٽ وڃائي اگوندرا ٿي ويهڻ جي به ڏئي ٿو،  ۽ ”جهوني نظام جي ڊهڻ“،  ”يگ جي ڀاڳ ٺهڻ“، اکيون ڇنڀڪائي صبح ڏانهن ڏسندڙ تازن“ ۽ ترت ئي ”ننڊ مان ڪاريءَ رات جي سجاڳي ٿيڻ“  ۽ اسان کي پنهنجي قومي سفر جي راهه ۾ تاريخ جا ”روشن نقش قدم“ ڳولي،  دلين جي حال کي کوليندڙ،  اڏول ۽ ڏور مستقبل ۾ ڏسندڙ نگاهه سان،  اُنهن تي خوشين ڀريا گيت ڳائيندي هلڻ جي صلاح ڏئي  ٿو.

نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز اسان جي دور جا اسان جا عظيم قومي شاعر آهن.هو اسان سان اسان جي تاريخي ڀاڳ اڀاڳ جي ڳالهه ڪن ٿا.هو اسان جي قومي وجود تي تاريخ جي هٿان ڪيل خوني وار لاءِ تاريخ جي ئي آڏو ۽ عالم انسانيءَ آڏو اسان جي دانهن آهن.

نارائڻ شيام جي وفات کان پوءِ شيخ اياز جو جيڪو پهريون شعري مجموعو شايع ٿيو اُن کي هن ”جهڙنيڻان نه لهي“نالو ڏنو، ۽  اُهو هن جو پهريون شعري مجموعو هو، جنهن جو مهاڳ هن پاڻ لکيو ۽ اُن ۾ پنهنجي وڇڙي ويل دوست لاءِ هيٺين يادگار لفظن ۾ پنهنجي صحبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو:

”ٿورو وقت اڳ سنڌيءَ جو باڪمال شاعر نارائڻ شيام دهليءَ ۾ مري ويو.......هو مون لاءِ هڪ سِمبل هو.جڏهن مون هن تي پنهنجو نظم هي سنگرام- سامهون آنارائڻ شيام لکيو هو، اُن جي مون کي نهايت ڳري قيمت ڏيڻي پيئي هئي ۽ نظربنديون ۽ جيل سَهڻان پيا هئا.حيدرآباد ۾ هوس جنهن وقت هن جي موت جي خبر پيئي ۽ مون۽ ابراهيم جويي هن جي باري ۾ هڪ گڏيل بيان  پريس ۾ شآيع ڪرايو، جڏهن ڪراچيءَ ۾ 1947ع جي فسادن کان پوءِ شايم هندستان وڃي رهيو هو، تڏهن مان هن کي پاڻيءَ جي جهاز تي ڇڏي آيو هوس ۽ جڏهن جهاز روانو ٿيو هو، تڏهن منهنجي اکين مان ٽاه ٽاه ڳوڙها ڳڙيا ها، هو پوءِ وري سنڌ جي ڌرتيءَ کي واپس ڏسي نه سگهيو هو۽ هاڻي ته هن جي رک به گنگا ۾ لوڙهي ڇڏي هوندائون، تاريخ ايتري ڪٺور رهي آهي، جو ڪنهن ڪنهن وقت مون کي خيال ايندو آهي ته اسان جي ڄمڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي ۽ اسان جي موت جي اهميت ئي ڪهڙي آهي! شايد ئي دنيا جي ڪنهن ديس ايترا دک سٺا آهن،  جيترا اسان سٺا آهن......اُن کان پوءِ روز مون کي بيماريءَ ۾ ننڊ جي دوائن جي باوجود،  ٻين بجي رات جو جاڳ ٿيندي هئي ۽ مان ڇهين بجي صبح تائين لکندو رهندو هوس ۽ ٻن مهينن ۾ مون هيءُ سارو ڪتاب (جُهڙنيڻان نه لهي، )لکي پورو ڪيو،  جنهن ۾ سُر نارائن شيام،  به آهي،  جو ڪونج،  جو ايڊيٽر هري موٽواڻي مون کان الڳ شايع ڪرڻ لاءِ وٺي ويو.

هن ڪتاب جي خاتمي کان پوءِ مون ڀانيو ته شعلو ٻُجهي ويو آهي پر وري ڪجهه وقت کان پوءِ ڏينهن جي وقت بستري تي ليٽي،  ڪجهه،  الوداعي گيت،  لکيا اٿم،  ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته زندگيءَ جو سفر اچي پورو ٿيو آهي،  ۽ مون کي ايتري مهلت نه ملندي ته مان پنهنجي جيئري پنهنجي شاعريءَکي حقيقت جو روپ وٺندي ڏسي سگهان.پر منهنجي شاعري نيٺ حقيقت جو روپ وٺندي،  ان جو مون کي پورو يقين آهي. هن اڀاڳي برصغير (اُپکنڊا)جي سورن جو ٻيو ڪو علاج به ته ڪونهي!“

اسان جي سدا حيات قومي شاعر، نارائڻ شايم، لاءِ پنهنجي پياري دوست شيخ اياز جي هنن دل جهوريندڙ لفظن کان پوءِ مون کي وڌيڪ ڇا لکڻ کپي! سواءِ ان جي ته دعاگو ٿيان ته آءُ هجان نه هجان، پر اياز کي اُها عمر ملي، جو جيئري پنهنجي شاعريءَ کي حقيقت جو روپ وٺندي ڏسي سگهي. (اپريل، 1991ع)

* * *

 

 

حميد سنڌي                                         يادگيرين جو سفر

 

ريڊيو حيدرآباد ۽ ادب

تازو جڏهن محترم سڪندر بلوچ ۽ ڀاءُ نصير مرزا مون وٽ هلي آيا ۽ ٻڌايائون ته ريڊيو پاڪستان وارا گولڊن جوبلي جو جشن لهائي رهيا آهن ته مون کي اُهو ڏينهن ياد اچي ويو 14-آگسٽ 1947ع منهنجي چاچي اسان ننڍڙن کي ساڻ ڪري سڄي گهر جي بتين جا بٽڻ هيٺ ڪرائي، ڏيئن ۽ ڏياٽين جهڙو،  ڏينهن ڪرائي جشن ملهايو هو،  سڪندر ۽ نصير ڄڻ ته نئين سر اڄ اسان سڀني کان بٽڻ هيٺ ڪرائي ڏيئن ۽ ڏياٽين جهڙي روشني سان جشن ملهائي رهيا آهن، پر آءُ اُن ڏينهن کان پريشان آهيان،  جو هنن چيو ته ريڊيو حيدرآباد جي حوالي سان پنهنجي يادگيرن جي سفر سان هن سڄي جشن ۾ ڪي ڏيئا،  ٻاريان ڪا ڏياٽي،  ڪا مشعل جهليان،  جو آواز جي دنيا جا دوست به هن خوشيءَ ۾ شريڪ ٿين.

هڪ چٽا ڀيٽي واري ريڊيائي پروگرام جا جج:ع.ق. شيخ،

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ۽ سيد پناهه علي شاهه

 

اندر ۾ روشني ٻاري اُن کي گهڻو وقت روشن رکڻ وڏي دل گُردي جو ڪم آهي، ڇا ڪاڻ ته هر روشن دل پاڻ کي ٻاري ٻين جون دليون روشن رکندي آهي ۽ پوءِ کيس روشني وري ٻين دل وارن کان ملندي آهي. اهو سلسلو صدين کان جاري آهي.

اڄ اسان جڏهن ٻرڻ ۽ ٻارڻ واري تسلسل مان نڪري اهڙي هنڌ تي پهتا آهيون، جڏهن اندر ۾ نهاريون ٿا ته ڪٿي به ڪو ڏيئ يا ڏياٽي ٻرندي نظر نٿي اچي باقي دل جو دود آهي جو دکندو نظر اچي ٿو اُن چڻنگ کي وڌيڪ دکائڻ ۽ ڀنڀٽ باهه بنائڻ لاءِ اُنهن جي روشني جي منارن ڏانهن واجهائڻو پوي ٿو جيڪي دل وارا هيا ۽ پنهنجي پاڻ کي ٻاري، ڪيترين ماڻهن ۽ ادارن جا اندر اُجاري ويا! ادبي ادارا هجن يا آواز جي دنيا جا امين اِهي ادرا هجن، انهن مڻيادار ماڻهن بزرگن ۽ مفقرن جي ٻاريل روشن مشعلن کان سواءِ ڪجهه به نه آهن اسان جي يادگيرين جي ورقن تي انهن جا صرف نالا اُڪريل آهن،  جن ادب کي اُجاريو ۽ هنن ادران کي سنواريو،  ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اهڙو ادارو آهي،  جنهن بنيادي طرح اهڙي فقر جا ماڻهو آندا جن مڻيادار ماڻهو ميڙي پنهنجي دونهي دُکائي ۽ انهن جي مڻيا سان پنهنجو اڱڻ روشن رکيو.

ريڊيو پاڪستان سان لاڳاپيل احباب خود اهڙا جوهر شناس هئا جوهُو هن اداري کي روشن رکڻ لاءِ علم ۽ ادب جي سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي ڪيئن موتي ڳولي ڪڍي آيا، هن فن ۾ هنر جا صاحب ڪئين هيا: ذوالفقار بخاري. جيڪو ”زيڊ اي بخاري“ جي نالي سان مشهور هو،  ۽ آل انڊيا ريڊيو ڇڏي ريڊيو پاڪستان جو پهريون ڊائريڪٽر جنرل ٿيو، هن اداري جو ڄڻ ته پڪو پختو بنياد وجهڻ وارو هو. مشهور ليکڪ ۽ آواز جو بادشاهه پطرس بخاري سندس ڀاءُ هو اُن جو تخليقي فن ريڊئي جي لاءِ وڏو سرمايو آهي.

سي پوڄارا پُر ٿيا،  سمنڊ سيويو جن،

آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،

لڌائون لطيف چئي،  لعلون مان لهرن،

ڪانهي قيمت تن،  ملهه مهانگو اُن جو.

                                                (شاهه)

جڏهن 1955ع ۾ اُن وقت جي وفاقي وزيراطلاعت ۽ نشريات پير علي محمد شاهه راشديءَ ذاتي توجهه۽ تحريڪ سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي وجود  ۾ آيو ته سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان هنن کي اڱڻ اُجارڻو هو.

سنڌ جي تاريخ جو پنهنجو پس منظر آهي.اُن جي ٻوليءَ جي پنهنجي سواد ۽ ميٺاج آهي.سنڌ پنهنجي تاريخ جي تهذيب،  ٻولي ثقافت،  ۽ موسيقيءَ  جي سگهه سان صدين کان وٺي عام ۽ خاص جي دلين تي راڄ ڪندر هڪ قوت آهي جنهن کي نزاڪت ۽ نفاست سان آواز جي لهرن وسيلي ورجائڻ ڪو سولو ڪم نه هو، ريڊيو حيدرآباد هڪ ڪلوواٽ جي ٽرانسميٽر سان، هومسٽيڊهال جهڙي عام ۽ ننڍري عمارت ۾ قائم ٿيو.مختصر عمارت،  مختصر سامان. ۽ مختصر ماڻهو! پر انهن مختصر ماڻهو منڊل لڳائي ڇڏيا. ذوق سليم وارا ماڻهون ڇڪجي آيا. نوجوانن جا ميڙ لڳي ويا. آڊيش پيا ٿين،  راڳي پيا راڳ ڳائين،  مشاعرن جا منڊل پيا ٿين،  ناٽڪ نويس ۽ پنهنجي ناٽڪن ۽ ڪردارن سان گڏ سڄي سنڌ کي سنوارڻ جو عزم ڪيو پيا اچن مقرر پنهنجي تقريرن وسيلي پنهنجي ڏاهپ جا نقطا پيا بيان ڪن،  ٻارڙا پيا گيت ڳائن،  ٻارڙن ۽ عورتن جا الڳ پروگرام پيا ٿين. پر انهيءَ سڄي سلسلي کي سنوارڻ ۽ ڳنڍڻ لاءِ ڪيترن ئي ڊائريڪٽرن،  پروگرام پروڊيوسرن،  ڊيوٽي آفيسرن ۽ انجنئرن ڏينهن رات محنت ڪئي. 1962 ع ۾ موجود نئين عمارت ۾ حيدرآباد ريڊيو وارا

مصطفيٰ حيدر جتوئي، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، بي. ڪي. شيخ ۽ مخدوم امير احمد

 

لڏي پراڻي آيا. 1971ع ۾. 120 ڪلو واٽ جو هاءِ پاور ٽرانسميٽر لڳو ۽ ٻه چينل ٿيا. شروع کان وٺي ريڊيو جا ڊائريڪٽر سجاد حيدر،  حميد نسيم،  ايم، بي،  انصاري،  اي ايم،  چاڳلا،  الياس عشقي،  عنايت بلوچ،  بدرعالم،  آغا سليم،  شڪيل فاروقي ۽ ٻيا انهيءَ ڪوشش ۾ رڌل رهيا ته مڻيادار ماڻهو مڙن ۽ ميلومچي، ڪيترا نوجوان پروڊيوسرن جي صورت ۾ ايندا ويا؛پيراسحاق سرهندي، الله بخش،  مصطفيٰ قريشي،  سڪندر بلوچ،  انور بلوچ، ممتاز مرزا،  سرور بلوچ،  عبدالڪريم بلوچ ۽ ٻيا ڪيترا.

سنڌي ادب ۽ تحقيق جي حوالي سان هن اداري، هوا جي لهرن تي جيڪي ڪجهه ڏنو اُهو سمورو مواد جي گڏ ڪجي ته هزارين ڪتاب ٺهي سگهن ٿا۽ڪوڙين ڪا يائون بدلجي سگهن ٿيون.

هو مسٽيڊ هال ۾ هڪ نئون تجربو ڪيو ويوته سنڌي شاعريءَ جي بنيادي۽ اهم صنف ”ڪافي“ جو مشاعرو ڪيو ويو،  جنهن ۾ سنڌ جي معروف ڪافي گو شاعرن ريڊيو وسيلي نه رڳو پنهنجون ڪافيون پيش ڪيون،  پر مشهور ڳائڻن اُن کي ڳايو به.

مرزا اجمل بيگ، ”بلاول“ پرديسي،..، ”پروانو“ ڀٽي، علي محمد ”خالدي“ ، سيد سردار علي شاهه ذاڪر، ”نور“ شاهين، مولانا غلام محمد ”گرامي“ ۽ مرزا اسد بيگ

 (محفل مشاعره، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد- 1970ع)

 

جهڙي طرح شاهه ۽ سچل کي ماڻهن ڳايو ۽ اهي صوفي بزرگ هر ڪچهريءَ جي  جان هئا تهڙيءَ طرح حيدرآباد ريڊيو اسان جي سمورن صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي ڪلامن سان هرٻڌندڙ جي اندر کي روشن رکيو،  شاهه سچل،  سامي،  ميون شاهه عنايت،   بيدل،  بيڪس،  روحل،  دريا خان مصري شاهه،  صديق فقير،  منٺار فقير،  شاهه نصير،  خوش خير محمد،  نانڪ يوسف،  فقير ولي محمد لغاري،  زمان شاهه،  رکيل شاهه ۽ سرائيڪي شاعرن بُلي شاهه،  خواجه فريد ۽ ٻين صوفي فڪر جي ڪلامن کي عام ڪيو،

شاهه سائينءَ جي هيءَ وائيءَ ڏسو:

ڇوري ڇڏ ۾ ڇپرين،  ٻاروچل ٻانهي!

جانت جهڙو جڳ ۾ ناهي ڪوثاني،

پنهل نيو پاڻ سان پورهيت پرٽياڻي،

پورهيو ڪنديس پرلئه، ڀريندس پاڻي،

هوت مَ ڇڏيو هيڪلي هيءَ جا وندر وڪاڻي،

اديون عبداللطيف چئي ايندم آرياڻي.

سچل سائينءَ جو”دل ڪر درخت جي دستور“ هجي يافقير خوش خير محمد جو سنيهو،

رحُ رانجهن ماهه مُنير هويا،

ساڌا دمَ دمَ ساهه سُڌير هويا.

 خواجه غلام فريد ”ميڏا عشق وي تون“هجي يا بُلهي شاهه جوڪلام هجي،  سنڌ جي شاعرن انهيءَ ڪافي،  وائي،  بيت۽ غزل جي تسلسل کي قائم رکيو،  ٽمامي مهراڻ هجي،  ماهوار روح رهاڻ هجي،  ماهوار فردوس هجي،  ماهوار مارئي هجي يا ٻيا ادبي رسالا هجن،  پنهنجي فڪر  ۽ فن کي سنڀاليو پئي آيا،

ريڊيو حيدرآباد هڪ اهڙو پليٽ فارم بڻيو،  جت هنن پاڻ اچي شعر  ٻڌايا ۽ فنڪارن سندن شعر ڳايا، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل،  محمد خان غني،  ساشار عقيلي،  سيد منظوري نقوي،  شيخ عبد الحليم جوش،  مرزا گل حسن”احسن“ ڪربلائي،  مرزا اجمل بيگ، مرزا اسد بيگ، زيب عاقلي، ”بيخود“حسيني، شبير”هاتف“،  نياز همايوني، تنوير عباسي، بلاول پرديسي،  علي محمد مجروح،  رشيد احمد لاشاري،  مظفر حسين”جوش“ عبدالله خواب،  شمشير الحيدري،  نُور شاهين،  عبدالقيوم صائب،  امداد حسيني،  پروانو ڀٽي،  مرتضيٰ ڏاڏاهي، وغيره،

تاج بلوچ، قادر بخش (پروگرام پروڊيوسر)، زيب عاقلي، مرتضيٰ ڏاڏاهي، محمد خان غني، اظهر گيلاني ۽ شيخ عبدالله ’عبد‘

 

 مخدوم طالب الموليٰ جڏهن ريڊيو جي مشاعريءَ ۾ هيءَ شعر ٿو پڙهي ته ريڊيو تي سندس گونجندڙ آواز سان چوڌاري بهار جو سمو پيدا ٿي پوي ٿو،

رهي ٿي ڪانه دلبر يار يڪتائي ٻيائي ۾،

جدائي ٻن پوي،  ملندي حقييقت هيڪڙائي ۾،

سڄڻ چوڏهينءَ جي آهي چنڊ کان برتر خدا جو سنهن،

ٻڌائي ڪو ڀلا ٿيندي ڪڏهن اوندهه سهائي ۾.

اُنهن فنڪارن کي به   ڪيئن  ٿو وساري سگهجي جن سنڌي شاعريءَ کي دوام بخشيو؛ ماسٽر محمد ابراهيم،  محمد جمن،  استاد منطورعلي خان،  ناروڀڳت،  سُشيلا مهتاڻي،  فقير عبدالغفور،  فقير امير بخش،  روبينه،  زرينه،  فقير يار علي،  صادق علي،  سنگهار سليم،  نور بانو،  مائي ڀاڳي،  موهن ڀڳت،  حسين بخش خادم،  عابده پروين،  مٺو ڪڇي،  ڍول فقير،  علڻ فقير،  محمد يوسف،  سهراب فقير،  وحيد علي ۽ ٻيا،  ان طرح خمينسي خان،  مصري خان جمالي،  اقبال جوڳي،  بلاول بيلجم،  مٺا خان زرداري،  ميرمحمد لنڊ،  غلام نبي_ عبداللطيف، فيروزگل، استادنياز حسين ۽ ٻين به سازن ۽ سُرن سان سنڌي شاعريءَ ۽ موسيقي کي وڏي جلا بخشي.

جن مفڪرن ۽ مقرر پنهنجي فڪر و نظر سان سڀني جي دلين ۾ محبت ۽ پيار جو دُد دُکايو انهن مان ڪي هيءُ آهن؛ مخدوم اميراحمد،  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،  پير حسام الدين راشدي،  مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي،  مولاناغلام محمد گرامي،  محترم عبدالله چنا،  بيگم زينت چنا پروفيسر محبوب علي چنا،  ڊاڪٽر نبي بخشُ قاضِي،  عبدالعلي قلباڻي،  ڊاڪٽر حميده کهڙو،  محمد عثمان ڏيپلائي،  شيخ علي محمد،  قاضي عبدالمجيد عابد،  ڊاڪٽر عبدالجبارجوڻيجو،  ڊاڪٽر غلام علي الانا،  ڊاڪٽر محمد علي قاضي،  ميرمحمد نظاماڻي،  علي نواز جتوئي،  محرم خان،  مير محمد ڀيو،  معمور يوسفاڻي،  محمد سومار شيخ،  ڊاڪٽر گل حسن لغاري، شيخ محمد اسماعيل،  محمد ڪاشف،  پروانو ڀٽي، ٻيڙو فقير ڪنڀر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شخصيتون.

سُشيلا ميتاڻي

سنڌي ادب جو وڏو حصو ڪهاڻي۽ ڊرامي سان ڀريل آهي،  سنڌي ڪهاڻيءَ جي اُنهن محفلن ۾ مان به شريڪ ٿيو هوس. جڏهن ڪهاڻي پڙهي ويندي هئي ته دوست راءِ به ڏيندا هئا. مون پنهنجي ”سمنڊ ۽ مان ڪهاڻي  1963ع پڙهي،  جا بعد ۾”مهراڻ ۾  شايع ٿي هئي. مونکي ڪي ادبي ڪچهريون  ياد آهن،  جن ۾ عبدالغفور انصاري، ع. ق. شيخ،  مقبول ڀٽي،  نجم عباسي،  مُراد علي مرزا،  ممتاز مرزا،  علي بابا،  قاضي خادم،  مقبول صديقي،  عبدالقادر جوڻيجي ۽ ٻين دوستن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي نئين سماجي رُخ کي روان دوان ڪندي ڏٺم۽ ٻڌم، ادبي پروگرامن ۾ ڪيترا دوست گڏ ٿي ڪهاڻيون ۽ شهر پڙهندا هئا.

ريڊيائي ڊرامو هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن تي لکڻ ڪوسولو نه هيو۽ وري ريڊيوجي پاليسي مطابق لکڻ ليکڪن لاءِ وڏو مونجهارو رهيو.جيئن ته هيءَ صنف تمام جلد مقبول ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته پهريائين ترجمان پيش ڪيا ويا.سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين، شاهه سائين جي سورمين جي ڪردارن کي ڊرامي ۽ تمثيل جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو.عمر مارئي، سورٺراءِ ڏياج، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون هنيون،  جن کي ريڊيائي ڊرامي جي صورت ۾ آئي ڪيترن ليکڪن پاڻ ملهايو.

حميد سنڌي

سنڌي ڊارمي جي واڌاري لاءِ پهريون دفعو حيدرآباد ريڊيو تي ٽن ڏينهن ۾ ڊئريڪٽر محترم سجاد حيدر جي سربراهيءَ ۾ هڪ گروپ قائم ڪيو ويو،  جيڪو هر هفتي پاڻ ۾ ملندو هو۽ هرليکڪ پنهنجو ڊرامو کڻي اچي پڙهندو هو. انهن گڏجاڻين کي آرگنائيز ڪرڻ ۾ آغا سليم جو وڏو هٿ هو. پهرين گڏجاڻي

ê ۾ مون پنهنجو ڊرامو”طوفان ۽ رات “پڙهيو،  جيڪو سجاد صاحب کي تمام گهڻووڻيو ۽ آغا سليم پٺي ٺپري،  جڏهن نشر ٿيو ته مون کي نه وڻيو،  جو سنڌي ڊرامي جي وقت گهٽائڻ ڪري مٿس قينچي هلي هُئي،  جيتوڻيڪ اُهو ٻڌندڙن کي يا ريڊيو وارن کي ايترو ته وڻيو هوجو ڪي ورهيه مسلسل پيش ٿيندو رهيو. ”طوفان ۽ رات“ سائين گرامي صاحب ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇاپيو، ٻي گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر  شيخ محمد ابراهيم خليل پنهنجي جاسوسي ڪهاڻي”فُيل پا“ کي ڊرامائي شڪل ڏئي پيش ڪيو هو،  منظوري نقوي،  آغاسليم،  قاضي خادم ۽ ٻين دوستن جي ڊرامن پيش ٿيڻ کان پوءِ سجاد صاحب جي بدلي ٿيڻ سان هيءُ سلسلوپ ختم ٿي ويو. اسڪٽس يا ننڊن ڊرامن جو هفتيوار سلسلو”گلدستو“ پروگرام وسيلي شروع ٿيو.جنهن پروگرام ۾ ڪيترن دوستن ۽ اسان ننڍڙا ڊراما اسڪٽس جي صورت ۾ لکيا. سنڌي ڊرامي ترقي ڪئي ته سيريل به پيش ٿيا،

ڊراما ليکڪن جا ڪجهه نالا،  جيڪي هينئر دل تي تري آيا اٿم،  اُهي ڪجهه هيئن آهن،  ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل،  ابن الياس سومرو، سيد منظور نقوي،  ايم. بي. انصاري، محمد اسماعيل، ابن واصف، رشيد احمد لاشاري،  عبدالڪريم بلوچ،  آغا سليم غلام حيدر صديقي،  زيب عاقلي، امر جليل، علي بابا، ممتازمرزا، قاضي خادم، ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور،  عبدالقادر جوڻيجو،  منظور قريشي،  شوڪت شورو،  گل زمان قاضي،  فيروزالدين احساس،  رهبرڀٽي،  امداد حسيني،  نور گهلو،  سيد ماڪن شاهه رضوي،  مشتاق چنگيزي،  هي خاڪسار۽ ڪجهه ٻيا.

ڪراچيءَ تان نشر ٿيل سنڌيءِ ڊرامن جا ڪجهه ليکڪ هيءُ هيا: امام بخش نياز،  حبيب الله. عبدالڪريم شاد،  خديجه    چاڳلا،  عبداللطيف عباسي ۽ ٻيا.

حيدرآباد تان جن پروڊيوسرن ڊرامن جي سرپرستي ڪئي ۽ محنت ڪري سٺا ڊراما پيش ڪيا. سي هيا؛ آغاسليم،  زيب عاقلي. ايم،  بي،  انصاري،  الياس عشقي،  الله بخش شاهه بخاري،  منظورنقوي،  مصطفيٰ قريشي،  عبدالڪريم بلوچ، پيراسحاق سرهندي،  سڪندر بلوچ،  سرور بلوچ،  انور بلوچ،  مراد علي مرزا،  ممتازمرزا،  ابراهيم شيخ،  زاهد قلباڻي،  گل حسن قريشي،  جهانگير  قريشي ۽ ٻيا.

همت احمد علي چاڳلا جي ڊرامي ”خوني“ جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. هيءُ اسٽيج ڊرامو هو،  پر 1960ع ۾ ريڊيو طرفان ايم. بي.انصاري پروڊيوس ڪيو ۽ گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي جي اسٽيج تي آندو ويو.اُن ۾ جن صداڪارن حصو ورتو اُهي صداڪاريءَ جي دنيا ۾ اُن وقت وڏا نالا هيا: نسيم مغل،  نصرت چنا،  روبينه،  سيما،  ايم بي،  انصاري،  مصطفيٰ قريشي،  سيد صالح محمد شاهه،  مشتاق مغل،  عبدالحق ابڙو،  قربان جيلاني ۽ ڪامران ڀٽي،  اڳتي هلي صداڪاريءَ ۾ هڪ اهم نالو اُڀريو،  اُهو هو مهتاب چنه جو نالو. جنهن نه ڊرامن ۾ صداڪاري ڪئي. پر خاص طرح ٻارڙن جي پروگرامن ۾ حصو وٺي پنهنجو نالو موکيو. مهتاب چنه ڪمپيئرنگ ۾ جنهن طرح پنهنجو نالو روشن ڪيو،  اُهو آواز ۽ ٽي وي جي دنيا جو وڏو نالو ٿي اُڀريو.

حيدرآباد ريڊيو جا اُهي پروگرام ڪيئن وسرندا،  جيڪي ادبي ۽ لوڪ پسند حيثيت رکندا هئا : ”جهڙا گل گلاب جا “،  ”گلدستو“،  ”نئون سج“،  وغيره.

صالح محمد شاهه ( فتح خان) جي ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۾ ڏاهپ جا نقطا وسارڻ جهڙا نه آهن سندس بزرگيءَ وارا انداز ڪيترا نوجوان ۽ پوڙها اڄ به اُن وانگر ڳالهائيندا آهن. ان طرح سندس ساٿي ”گنهور خان “ (عبدالڪريم بلوچ)جو ڪردار به وسارڻ جيهڙو ڪونه آهي. لطيف سرڪار جي ڪلام کي تحت اللفظ پڙهڻ جو انداز سندس شاه سائينءَ سان عقيدت منديءَ جو وڏو اظهار هو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڳوٺاڻن ڀائرن جي ڪچهريءَ واري مشهور پروگرام

 ”جمهور جو آواز“ ۾ سنڌ جي سگهڙن کي ڪو نقطو سمجهائي رهيو آهي. کاٻي تي، سنڌ جو مشهور سگهڙ، ٻيڙو فقير ڪنڀر ويٺل آهي

 

اڄ به ادبي پروگرامن جو سلسلو جاري آهي،  جنهن جي پيشڪش ۾ به وڏي نواڻ آهي. ان سلسلي ۾ نصير مرزا رات ڏينهن جي اڻٿڪ جاکوڙ سان سڄيءَ سنڌ ۾ پنهنجي معيار جي هڪ خاص مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي،  ان طرح سندس همعصر گل حسن قريشي،  ڪوثر ٻرڙو،  علي نواز خاصخيلي،  الاهي بخش ٻانڀڻ ۽ ٻيا به پنهنجو پاڻ پتوڙين پيا هيءُ ريڊيو ادب جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو آهي،  جيڪو اصل ۾ تخليق جو سفر آهي،  خيالن ۽ هوائن جو نه ختم ٿيندڙ سفر آهي، جيڪو ازل کان ابد تائين به جاري ۽ ساري آهي،  هيءُ هيو انهن جوڳيئڙن جي سفر جو مختصر احوال ۽ ٻري جن ٻاري،  جي نه ختم ٿيندڙ ڪهاڻي.

نوري ۽ ناري،  جو ڳيئڙا جهان ۾،

ٻري جن ٻاري،   آءُ نه جيئندي  ان وري.

ريڊيو جي بُوٿ ۾ ناميارو پروڊيوسر نصير مرزا، اسٽوڊيو - رڪارڊنگ کي غور سان چڪاسي رهيو آهي.

(مُراد علي مرزا ۽ ن. ا. ش ساڻس گڏ ويٺل آهن.)

 

اِهي شخصيتون اڄ به اُنهن ادارن جي ايوانن کي روشن ڪيون بيٺيون آهن جن کي ياد ڪرڻ سان اڄ منهنجي اندر ۾ به جشن جو سمان پيدا ٿيو آهي،  ڪيئن ڏيئا ڏياٽيون ٻري پيون آهن،  مشعالون قطارون ڪري سفر پيون ڪن. خاص طرح ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن کي منهنجي طرفان لک لک مبارڪون هجن،  اُن سان گڏ آواز جي دنيا جا دوستو! اوهان کي به خوشيون مبارڪ هجن،  شال اوهان جو اندر نه وسرندڙ يادگيرين جي روشنيءَ سان منور رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com