احمد سولنگي
نظم
مون ته سوچيو ڪين هو منهنجي مٺي!
پنهنجي جوڀن جي تون بخشيندينءَ بهار؛
رات جوجگنوءَ جيان۽ ڏينهن جو،
پوپٽن ۾ تون ڪندينءَ پنهنجو شمار،
رات ساري منهنجي سيني تي سُتينءَ،
ڪونج جهڙيءَ تون ڳچيءَ سان ڳهرجي؛
جواب جهڙي ڪنهن جزيري ۾ پُڄي؛
ننڊ _ ڀاڪر ۾ وئينءَ تون ويڙهجي!
«
سانوڻيءَ جو چاڙهه، مستي مند جي،
جسم تنهنجي ۾ نديءَ جهڙواُڀار؛
تون بدن جي سون ـ ٻيٽاريءَ منجهان،
پنهنجي ڇاتيءَ جا ٻگهاٻهڪي اُڏار!
«
نغمگي پازيب تنهنجي جي ٻُري،
روح جي تاريڪ تهخاني مٿان،
تنهنجي پنبڻين جي ڊگهي ڪاري قطار،
رات ڇانيل ڄڻ ته مئخاني مٿان!
«
مون ته سوچيوڪين هو، منهنجي مٺي!
پاڻ ارپي، پاڻ لاهيندينءَ لباس؛
ڏينهن جو سوچي رتوليءَ رات تي،
تون اڪيلائيءَ ۾ ٿي ويندينءَ اداس،
غلام حسين رنگريز
آزاد نظم
هر شام لام لام تي،
چڙيون ڇوته ٻولين ٿيون؟
ڏينهن جو تاءُ ساروکڻي،
ڪرب پنهنجي کي ڳولين ٿيون،
بند در جي سيرن منجهان
چنڊ ليئا ٿو پائي.
۽ هوائون ڪنهن جي وکريل گيسوئن کي ڦولين ٿيون،
چنڊ ڪڪرن جي ميڙ ۾،
ڪو وڃايل اداس ٻالڪ،
هوائون بادلن جا بادبان کولين ٿيون.
شبنمي صبح ۾،
اَت انڌيرو ڪوهيڙو ڇانيل،
سج جون شعائون،
ٻانهون پنهنجون پکيڙي
شاخون ٽٽولين ٿيون،
وحشت دل جو عالم،
جي ڪَڇجي ته ڪيئن ڪڇجي !
حسرتون ساحل کان دور گرداب ڦولين ٿيون،
ڪک پن ڳلين ۾ وکريل ۽ ڪي وڃايل،
رولاڪ چاهتون ڪي وڃايل،
پنهنجون وٿون ڳولين ٿيون،
نيڻ جي ناو ۾ ڪو،
همسفر به آهي يا.
طوفان راتيون بس بي ماڳ رولن ٿيون.
زيب سنڌي.
رات جي پوئين پهر لکيل هڪ نظم
جي تون چاهين بيشڪ سانئڻ!
ٽيليفون جي پِن ڪڍي ڇڏ
ٽرانزسٽرجا سيل ڪڍي ڇڏ
ٽي ويءَ کي ڀي آف ڪري ڇڏ
ٽيپ رڪارڊر کي ٽوڙي ڇڏ
منهنجي گيتن جي ڪيسٽ کي
پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏ
بوڪ شيلف مان منهنجا سارا
بُڪس کڻي ڇڏ
رديءَ واري کي ڏيئي ڇڏ
هاڪر کي اخبارن کان۽
سڀني رسالن لاءِ جهلي ڇڏ
پنهنجون سڀئي ڪاپيون جن تي
خوابن جهڙيون رنگ برنگي
جاڳن ٿيون منهنجون ڪوتائون
ساڙي تن کي رک ڪري ڇڏ
پنهنجين سڀني سرتين کي تون
منهنجي نانءُ سان چيڙائڻ کان
سختيءَ سان روڪي ڇڏ
اچ نه ڪنهن به فنڪشن ۾ ۽
پنهنجي گذرڻ جا سارا تون
رستا ڀي تبديل ڪري ڇڏ
۽ تون پنهنجا گهر دروازا
بند ڪري ڇڏ مون تي سارا
پر ڇا سانئڻ!
روز صبح جو گم سم ويهي
ٽيبل تي ڪافي ٺاريندي
پنهنجي دل جي ڪويل کي تون
منهنجي ياد ۾ ڪوڪڻ کان ڀي
روڪي سگهندين؟
روز شام جو لان ۾ گهر جي
ڇڻيل پنن مٿان گهمندي
پنهنجي سوچ جي طوفانن کي
منهنجي تصور ڏانهن وڌڻ کا ن روڪي سگهندين ؟
روزرات جو بيهي آيل
پلڪن جي دروازي مان تون
پنهنجي خوابن جي سرحد کان
دور ڌڪي ڪيئن سگهندين مون کي ؟
خوا بن مان تون ڇرڪي ويهي
پنهنجي چهري جي پاسن کان
ڪاراـ ناسي وار هٽائي
تن کي پويان ويڙهي سيڙهي
سندر سندر جوڙو ٺاهي
هٿ رکي کاڏيءَ جي هيٺان
پنهنجي ڪمري جي کڙڪيءَ مان
پنهجين ناسي اکڙين کي تون
چنڊ تڪڻ کا ن روڪي سگهندينءَ
پنهنجين پنبڻين جي موتين کي
ٽشو پيپر سان ميڙي سگهندين ؟
مونکي ڪيئن وساري سگهندين؟
ماڻڪ ملاح
گيت
نيري اُڀ جي ڇانءَ ۾ تانگهه وڌي آهانءَ ۾،
توکي دلڙي ڳولي، ڙي!
گونج گگن جي ٻولي، ڙي!
نيڻ نه ڪائي نيڪي ـ اڇڻا ناهن جيڪي،
راتيون جاڳي ۽ تن لئه،
لڙڪ نه ڪائي رولي، ڙي!
گونج، گگن جي ٻولي، ڙي!
ساڀيا۾ هو ناهي ـ پوءِ ڀي گڏ ڄڻ آهي،
سرتيون سپنن ۾ پوءِ ڇو،
ڇاتي ٿو ڪو ڇولي، ڙي!
گونج،گگن جي ٻولي، ڙي!
نيڻ ڪڪوريل ڪارا ـ ڳاڙها چپ پيارا،
ڄڻ ته چمين سان مڌ پياري،
کيپ اکين جا کولي، ڙي!
گونج، گگن جي ٻولي ڙي!
ايڏي دوري ڇا لئه ـ سڪ اڌوري ڇا لئه،
منهنجا جاڳر ساراهي،
ڪا ته سڻائي ڍولي، ڙي!
گونج گگن جي ٻولي، ڙي!
ساري تنهنجا سنگ ڙي ـ رات هڻي ٿي ڏنگ ڙي،
دانهون روڪيا ٿي ڦٿڪي،
چَڪ لڳائي چولي، ڙي!
گونج، گگن جي ٻولي ڙي!
نيري اُڀ جي ڇانءَ ۾ ـ تانگهه وڌي آهانءَ ۾،
توکي د لڙي ڳولي، ڙي!
گونج،گگن جي ٻولي ڙي !
مقصود گل
غزل
اختلافن جي فضا ۾ هوش سان گهارڻ سکون،
همتن سان وقت واري واڳ کي وارڻ سکون،
مورڇل بڻجي نه سڀ تي هير ٿڌڙي تي گهلون،
واهروءَ، ويري وچان ڪائي وٿي وارڻ سکون،
عزم همت حوصلي جا پير چمنديون منزلون،
ڪشت مان ڪاٽي ڪشالا، مشڪليون مارڻ سکون،
علم وارو سوجهرو اخلاق سان اُجرو ڪري،
خلق جا ڏيئا ڏهاڙي ، ڏيهه ۾ ٻارڻ سکون،
”شاهه‘‘ جا ۽ ”شيخ‘’ جا هي بيت آهن روشنيون،
تن منجهان جلوا جهٽي ڪا جوت جيئارڻ سکون،
پاڻ ٻاري ۽ سڄو ڪمرو سهائو ٿي ڪري،
ميڻ بتڙيءَ جان ٻين لئه پاڻ کي ٻارڻ سکون،
سونهن کي ۽ سنڌ کي ” استاد‘‘ جيئن ارپيوقلم،
تيئن سڄڻ ساڻيهه کي هر ساهه سان سارڻ سکون،
منتشر ڇاڪاڻ آهن ذهن، سوچون ۽ خيال،
يڪ وجودا ٿي ڪڏهن وهنوار ويچارڻ سکون،
ساهه سان گڏ ٿو سري پر ڪونه آڄاتو اسان،
ويٺڙو آهي ونين ۾ سو سڄڻ سارڻ سکون،
سنڌ ڌرتيءَ تي رکي هٿ سُنهن کڻون منڇر مٿي،
اڄ بلاول جان وطن تان ساهه سر وارڻ سکون،
هار ” گل“کي کار مان ڀل يار خارن جا وجهون،
پر چمن کي سونهن سرسيءَ ساڻ سينگارڻ سکون،
مختار گهمرو
غزل
ڪنهن چيو ٿي حساب مونکي ڏي،
پيار ڏي بي حساب مونکي ڏي،
ٻول تنهنجا مٺا مٺا ماکي،
ڳاءِ تون ۽ رباب مون کي ڏي،
پيار مون سان اگر اٿي جانم،
پنهنجي هٿ جو گلاب مون کي ڏي،
ٿي نه پڇتاءُ پيار ۾ پيارا،
سرڪ سڪ جو ثواب مون کي ڏي،
دل تتر جان جهٽي وئي منهنجي،
ديد پنهنجن عقاب مون کي ڏي،
گهورمون ڏي پيان ڪٽورن مان،
عشق وارو شراب مون کي ڏي،
کاءُ ڀل جان ٽڪا سجهي دل تي،
پنهنجو کاڌل ڪباب مون کي ڏي،
هڻ نه”مختار،،سان مٺا مسڪا،
تو نه سڪ ۾ سراب مون کي ڏي،
احمد ٽالپر
وائي
جيون ڄڻ ڪا جنگ، توبن سک نه سانورا!
آسون، گهايل، گهوٽ جان،
رت رتائين رنگ ـ توبن سک نه سانورا!
اُڌما،ٽنگيل ٽياس تي،
لڇن سوچون سنگ، توبن سک نه سانورا!
سورن ساهه سرير ۾،
ولين وانگي ونگ، توبن سک نه سانورا
وڇوڙي وجود ۾،
ڄڻ ڪي ٻڌا ٻنگ، توبن سک نه سانورا!
اورانگهي اڄ آءٌ تون،
” احمد “ دوريون دنگ، توبن سک نه سانورا!
ضمير ڦل
غزل
بند حجابن ۾ رکي ٿي مون کي،
ڄڻ گلابن ۾ ر کي ٿي مون کي،
چپ چاهن ٿا اکيون هن جون چمن،
ڇو ته خوابن ۾ رکي ٿي مون کي،
مان گناهن سان ٽمٽار مگر،
هوءَ ثوابن ۾ رکي ٿي مون کي،
مان نه ڪا لوڪ ڪهاڻي نه ڏند ڪٿا،
ڇو ڪتابن ۾ رکي ٿي مون کي،
جا گهڙي دور تي گذري هن کان،
سا عذابن ۾ رکي ٿي مون کي،
آنءُ چاهيان ٿو بي حساب مگر،
هوءَ حسابن ۾ رکي ٿي مون کي،
قلب سومرو
غزل
توکي ڏسي نيڻن سپنا مرڪي پيا،
تنهنجي کلندي جيون جذبا مرڪي پيا،
تون جو ويٺي وار سنواريا تڙڪي تي،
توتي پوندي سورج ڪرڻا مرڪي پيا،
رابيلن جو جهڳٽو ٿي سمجهيائون شايد،
توتي ڀُلندي بيوس ڀونئرا مرڪي پيا،
ڄڻ ته اُداس لڳندا بازار ۾، پر،
توتي ٺهندي ڪورا ڪپڙا مرڪي پيا.
نظر سندءِ مان مڌ جون لاٽون نڪتيون ٿي،
تن ۾ اڙندي مئڪش مٺڙا مرڪي پيا.
چپ اٿئي ڄڻ رت ۾ رڱيل ڪي تلوارون
تن جي چُرندي چنچل جملا مرڪي پيا.
جوڀن تنهنجو جوت، جوالا، هو جمالا،
اُن جي ڇلندي قلب جا اُڌما مرڪي پيا.
شبنم گل
ê
سج لهندي سمي،
شفق جي چُنري،
آسمان جي مُک تي
ڦهلبي آهي
پکي مٺڙو ڪو گيت
جهونگاريندي پنهنجي
آکيرن ڏانهن
واپس ورندا آهن
ته ازل کان ابد تائين
پنهنجي اصليت ڏانهن
موٽي وڃڻ جو احساس
ابديت جي زمين تي
سک سان سجدو ڪندو آهي!
مير حسن آريسر
غزل
شام ۽ صبح وچان هڪ صدي ٿي لنگهي،
ڪيئن چوان مختصر راتڙي ٿي لنگهي.
روز خوابن جا گهرڙا لُڙهي ٿا وڃن،
روز نيڻن مان کاري ندي ٿي لنگهي.
جنهن ۾ پنهنجون چريون چلولايون پَسان،
ڪو ته منهنجي اڳيان آرسي ٿي لنگهي.
بيوفائيءَ جي موسم مبارڪ اٿئي.
توتان زخمي ٿيل دوستي ٿي سگهي.
گهٽيون سڀ اميد سان ٻهڪن پيون
اجنبي شهر مان نينگري ٿي لنگهي.
عزيز ڪنگراڻي
بيت
ڇو ٿو چنڊ لِيئا، پائين روشندان مان،
سوچ نه ڀُلجي وائڙا، ٻاريا ٿم ڏيئا،
روشن طبق ٿئا، سامهون ساجن سوجهرو.
ساجن ڀر ۾ سوجهرو، بيٺو پاڻ پسين،
مون کان چنڊ پڇين، جهيڻي ڇو آ چاندني؟
مون سان گڏ محبوب آ، چنڊ ڪرين ٿو ريس،
ڳول وڃي پنهنجو پرين، مليو مون کي جيس،
تتا! ايڏو تيس، چڱو ڪونهي چاهه ۾.
مون کي مون محبوب جي، سيراندي ڇاتي،
پائيندو جهاتي، ڪونهي ڪڏهن اوپرو.
چنڊ برابر اوپرو، اسان لئه آهين،
نور مٺي ناهين، پنهنجي ڪٽنب ڪڻب مان.
ڳچيءَ ڳل ٻانهون، مون کي مون محبوب جون،
چنڊ ڀرين آهون، اٽڪي تون آڪاس ۾.
چنڊ نه ايڏو جل، سور نه پيتئي ڪا سُتي،
درد جي رڻ ۾ ٿا ڦٽن، چوکا چاهت گل،
سوئي پيار اَمُل، جو نسري ڏک جي ڀونءِ تي.
ڇا لئه ٿو ڇاڪاڻ تون، سُڏڪا چنڊ ڀرين؟
دل ۾ ڇو ٿو ڪرين، منهنجي من جي ڳالهڙي؟
ڳالهه سراسر صاف، هنڊائين جي هانءُ سان،
سرس سڄڻ جي سونهن جو، عاشق وٽ انصافن،
چنڊ ڪجانءِ معاف، منهنجيون کريون ڳالهيون. |