ارشاد ڪاغذي
شڪارپور ۾ مير معصوم
بکري جو لڌل هڪ ڪتبو
سنڌ جونامور مورخ ۽ باڪمال شاعر مير محمد معصوم بکري جو
پنهنجي ذات ۾ جامع الصفات شخصيت جو مالڪ هو، تنهن
سنڌ توڙي سموري هندستان يا ان کان ٻاهر به لاتعداد
عمارتون جوڙايون ۽ هنڌين ماڳين”ڪتبا“ نصب ڪرائي
پنهنجو نالو زندهه جاويد بڻائي ڇڏيو، پير حسام
الدين راشدي جي لکڻ مطابق ”در حقيقت دنيا جي بي
ثباتيءَ ۽ انسان جي فاني هجڻ کان مير ايترو ته
متاثر هو، جو هن هنڌين ماڳين ڪتبا هڻي پاڻ کي ۽
پنهنجي نالي کي زندهه رکڻ ٿي گهريو. ڪتبن تي جيڪي
اشعار اُڪريا ويا آهن، انهن ۾ اُهو ئي جذبو
ڪارفرما نظر اچي ٿو: دنيا جي بي ثباتي، درس عبرت،
حيرت، بخشش، گناهه، جزاسزا، مغفرت لاءِ دعا
طلبي- اُهي آهن مضامين، جيڪي مير جي رباعين جو
مرڪزي نقطو آهن ۽ ڪتبن جي شعرن ۾ نظر اچن ٿا،
”(1) حقيقت اها آهي ته مير صاحب سکر ۾ جيڪو منارو
تعمير ڪرايو آهي، سو عمارت سازيءَ جي فن جو هڪ
اهڙو نادر نمونو آهي، جيڪو مير صاحب جي نالي کي
جاوادني بخشڻ لاءِ ڪافي آهي، مگر هن انهيءَ کي
ڪافي نه ڄاڻي، هندين ماڳين پنهنجا نشان ڇڏيا آهن،
عمارت سازي ۽ ڪتبه نصبيءَ جي شوق ۽ شغف کان علاوه
هو شاعر ۽ اديب جي حيثيت سان اڪبري درٻار ۾ اهم
منصب ۽ وابستگيءَ جي بنياد تي اُمراءُ جي تاريخ ۾
ياد رهڻ جي به قابل آهي. انهن خصوصيتن کان علاوه
سنڌ جي سرزمين ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ سندس امر هجڻ جو
بنيادي ڪارڻ سندس بي بها تصنيف “تاريخ معصومي آهي.
جا ڪڏهن به سندس نالي کي فراموش ٿيڻ ڪانه ڏيندي.
افسوس جو هن گهڻ پهلو ۽ اهم شخصيت پنهنجي حياتيءَ جي مفصل احوال
لاءِ نه پاڻ ڪا آتم ڪٿا لکي ۽ نه ڪنهن سوانح نگار
سندس وفات کان پوءِ ان طرف توجهه ڏنو، وڏي زماني
گذرڻ کان پوءِ سندس زندگي ۽ ڪارنامن کي اجاگر ڪرڻ
لاءِ سنڌ جي نامور مئورخن ” راشدي برادران “ ان
ڏانهن ڌيا ڌريون ۽ اسان لاءِ بيش بها تحريرون
يادگار ڇڏيون، پهرين تصنيف ” حيات معصوم“ جي
نالي سان پير علي محمد راشدي صاحب قلمبند ڪري ”
مسلم هسٽاريڪل ريسرچ اينڊ پبلسٽي سوسائٽي “ پاران
سن 1932ع ۾ سنڌ زميندار پريس سکر مان ڇپائي پڌري
ڪئي. سندس ڀاءُ ۽ سنڌ جي يگاني عالم، محقق ۽
مئورخ جناب پيرحسام الدين راشدي” امين الملڪ نواب
مير معصوم بکري” جي نالي سان ساڍا پنج سئو صفحن تي
مشتمل متن ۽ ڪيترين ئي تصويرن سان هڪ جامع ۽ ضخيم
ڪتاب، 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران
شايع ڪيو . جيڪو سندس اڌ صديءَ جي علمي جاکوڙ جو
نچوڙ آهي، پير صاحب جي ان تحقيقي ڪارنامي مان هڪ
اسان کي مير معصوم بکري جي حياتيءَ جي سڀني گوشين
متعلق ڪافي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ته ٻئي طرف اهو ڪتاب
تحقيق جي شاگردن لاءِ پڻ وڏي وٿ آهي، اسان پڻ
پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪتاب مان استفادو
حاصل ڪري ڪن نتيجن تي پهچون ٿا.
مير معصوم بکري بن سيد صفائي، رمضان المبارڪ جي ستين تاريخ
سومر 944 هجري مطابق ستين فيبروري 1528ع تي ڄائو،
تعليم جا مرحلا مُلا محمد ڪنگري واري، قاضي ڏتي،
سيواڻي ۽ شيخ حميد درٻيلاڻيءَ واٽان طئي ڪري
پنهنجي عملي حياتيءَ جو آغاز به پنهنجي شهر بکر جي
حڪمران سلطان محمود بکريءَ وٽ ملازمت حاصل ڪرڻ سان
ڪيائين 8- صفر982 هجري تي سلطان محمود بکريءَ جي
وفات کان پوءِ اڪبري درٻار ۾ ملازمت ۾ گهڙيو، مگر
981 هجري ۾ اڪبر جي گهجرات تي ڪيل ڪاهه ۾ مير
معصوم بکري ساڻس گڏ نظر اچي ٿو، گهجرات تي قابض
ٿيڻ کان پوءِ اڪبر اتي ٽي امير ۽ ٻاراهن جاگيردار
مقرر ڪيا. جاگيردارن جي نالن جي فهرست ۾ به مير
معصوم جو نالو ڄاڻايل ملي ٿو. گجراتين جون مغليه
جي حاڪم اعتماد خان کان پوءِ به جهڙپون هلنديون
رهيون، جن جو مدو ڏهن سالن تائين چيو وڃي ٿو
اعتماد خان جي پستيءَ کي ڏسندي، شاهي دربار مان
مرزا عبدالرحيم کي گجرات جون واڳون حوالي ڪيون
ويون، جنهن اٺاويهن سالن جي ننڍي عمر ۾ باقاعده
فاتح بڻجي اڪبري درٻار مان ” خان خانان“ جو سڀ کان
وڏو اعزاز حاصل ڪري ورتو. ان سموري عرصي دوران
ميرمعصوم جو قيام به گجرات ۾ ئي معلوم ٿئي ٿو ساڻس
گڏ خواجه نظام الدين احمد بخشي به هو، جو هڪ ئي
وقت تلوار سان گڏ قلم تي به قدرت رکندڙ هو، ”طبقات
اڪبري“ به جو خواجه صاحب اُتي ئي لکڻ شروع ڪئي
هئي.
مير معصوم گجرات مان خواجه نظام الدين بخشيءَ جي قافلي سان گڏ
لاهور ڏانهن اُسهيو قافلو پنجٽيهه ساله جلوس جي
موقعي (14- جماد الاول 998هه) کان ٽي ڏينهن بعد
16- جهادالاول 998هه تي لاهور ۾ پهتو، چيو وڃي ٿو
ته ٻارهن سئو ملين جو اهو مفاصلوقافلي ٻارنهن
ڏينهن ۾ طئي ڪيو، مير معصوم جي لاهور ۾ اچڻ جو
اطلاع اڳ ۾ ئي سندس والده کي بکر ۾ پهچي چڪو هو.
جنهن ويهن ورهين کان وڇڙيل پٽ جي لاءِ بکر مان ڪي
سوکڙيون پاکڙيون اڳ ۾ ئي لاهور روانيون ڪيون هيون.
اُهي جڏهن مير معصوم کي مليون. تڏهن اُنهن مان هن
ڪي اهميت جوڳيون سوغاتون سرڪار اڪبري ۾ پيش ڪيون
جنهن تان اڪبر سرهو ٿيندي کانئس پڇا ڪئي ته،
والده سڳوريءَ کان وڇڙي ڪيترومدو ٿيو اٿئي؟ ” پاڻ
وراڻايائين ” ويهه ورهيه“! شهنشاهه جي ٻاجهاري
طبيعت ۾ مير لاءِ پيار پيدا ٿيو جنهن کيس بکر
ڏانهن وڃڻ ۽ والده سان ملڻ جي اجازت ڏني،
اڪبربادشاهه جي لاهور اچڻ کان پوءِ ويجها توڙي ڏورانهاَن سمورا
امير- اُمراءُ سلاميءَ لاءِ حاضر ٿيندا رهيا، مگر
سنڌ جي حاڪم مرزا جاني بيگ ساڻس وفاداريءَ جي يقين
ڏيارڻ لاءِ ڏانهس هڪ عريضي موڪلڻ تي اڪتفا ڪئي،
جنهن تان بادشاهه ڪاوڙجي پيو ۽ عبدالرحيم خان
خانان کي مرزا جاني بيگ جي ڪن مهٽ لاءِ سنڌ ڏانهن
روانو ڪيو، سندس روانگي 14- صفر 998 هجريءَ تي
معلوم ٿئي ٿي.خان خانان کي بکر جو علائقو جاگير ۾
عطا ڪيو ويو هو ۽ هيڏانهن مير معصوم جو تعلق به
بکر سان هو. تنهنڪري مير صاحب کي بکر سرڪار مان
ٽي پرڳڻا- درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چاندڪو- جاگير طور
مليا، اهڙو فرمان شوال998 هجري تي پڌرو ٿيو. مرزا
جاني بيگ کي سيکت ڏيڻ واري مهم ۾ خان خانان سان گڏ
مير معصوم جي شموليت به تاريخ ۾ پڌري آهي. ان مهم
۾ مير صاحب چند اميرن سان گڏ سيوهڻ ڏانهن روانو ٿي
ويو، خان خانان کي سنڌ جي معرڪ آرائي ڏاڍي ڏکي پيش
آئي ۽ هن سنڌ جي دبني جاسوسن ۽ روحاني گاڙدن جي
حمايت کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، (2) جيئن پير حسام
الدين راشدي لکي ٿو ته، ”دين جي آڙ وٺندڙ شڪارين
هميشه پنهنجي ئي زمين سان بيوفائي ڪندي نه ڪڏهن
ترس کاڌو آهي نه کين ڪا غيرت آئي آهي هو هميشه
فتوحات جا قائل پئي رهيا آهن، جنهن جي بهرحال هر
غاصب وٽ ڪمي ڪانه هوندي آهي”(3) پوري هڪ سال جي
معرڪ آرائيءَ کان پوءِ جاني بيگ جو پيءُ پايندو
بيگ ۽ پٽ فتح بيگ موت سان ملاقي ٿيا، انهن واقعن
جاني بيگ جو جيءُ جهوري وڌو.خان خانان کي جاسوسن
اها ڏاهه ڏني نه حالتن هاڻي ڪهڙو رخ اختيار ڪيو
آهي. خان خانان به وڙهي وڙهي تنگ ٿي پيو هو.
تنهنڪري ٻنهي جي وچ ۾17-آگسٽ1591ع مطابق26-محرم،
1000هه تي انڙپور ۾ معاهدو ٿيو ۽ جاني بيگ 24-
جماد الثاني 1001هه مطابق 1592ع اڪبري درٻار ۾وڃي
پيش پيو (4) مير معصوم انهيءَ طويل معرڪ آرائيءَ
مان فراغت حاصل ڪري بکر مو ٽيو، ۽ اڍائي ٽي سال
رهي بکر جي ڪن يادگار”جاين جا بنياد رکيائين مس ته
1003هه ۾ کيس درٻار اڪبري مان قنڌار وڃڻ جو حڪم
مليو ۽ اوڏانهن روانو ٿي ويو، قتڌار ۾ سندس
قيام1007هه مطابق 1598ع تائين ڏسجي ٿو، تاريخ ۾
سندس قنڌار جي قيام جو مدو اٽڪل ساڍا چار سال
ٻڌايو وڃي ٿو، (5) قنڌار کان موٽندي مير معصوم
بکر کان ٿيندو شاهي درٻار ۾ وڃي حاضر ٿيو، مير
حسام الدين شاهه راشدي صاحب لکي ٿو ته، ”بکر ۾
“اچي درٻار ڏانهن وڃڻ کان اڳ مير صاحب پنهنجا ڪم
ڪاريون ڪيا هوندا ۽ آئيندي جو بندوبست ۽ بلو ڪري
1008هه ۾ روانو ٿيو، ”(6) پير صاحب پنهنجي بيان جي
پختگيءَ خاطر جيسلمير جي هڪ مسجد تي لڳل سندس پٽ
مير بزرگ جي هڪ ڪتبي ڏانهن اشارو ڪيو آهي، (7)
شاهي درٻار ۾ پهچڻ کان پوءِ مير صاحب کي برهانپور
جي فاروقي سلطان جي تختگاهه، آسير، جي فتح لاءَ
لشڪر ۾ شامل ڪيو ويو، 4-رجب 1009هه سومر ڏينهن
مطابق22-جنوري 1601ع تي آسير جي فتح کان پوءِ اڪبر
برهانپور جو سفر اخيتار ڪيو ۽ مير معصوم به ان
سفر ۾ ساڻس گڏ ڏسجي ٿو، سفر دوران واٽ تي مير
معصوم ڪتبا هڻندو ويو، آسير کان برهانپور تائين
ڪتبن جو ڪل تعداد ارڙهن معلوم ٿي ٿو، جن مان
پهريان ڇهه سن 1008هه جا آهن، ۽ پويان ٻارهن سن
1009هه جا آهن. آسير جي فتح کان پوءِ اڪبر ايراني
سفير مرزا منهوچر بيگ کي واپس ايران وڃڻ جي اجازت
ڏني، ۽ ساڻس گڏ پنهنجي پاران سفير جي حيثيت سان
مير معصوم کي وڃڻ جو حڪم ڏنو، مير معصوم جي
هندستان مان انهيءَ روانگيءَ جو سن 1010هه معلوم
ٿئي ٿو. اڪبر ايران جي بادشاهه ڏانهن هڪ خط به مير
معصوم جي هٿان موڪلي ڏنو. جنهن مان مير معصوم جي
مرتبي، عزت وقار ۽ خانداني آبرو جي وضاحت لاءِ ”
امين الملڪ“ جي منصب تي سندس سرفرازيءَ جو پتو پوي
ٿو، پير حسام الدين راشدي صاحب کي اهو خط سندس هڪ
عزيز دوست، جناب احمد گلچين معاني مشهدن مان
موڪليو هو، جو پير صاحب پنهنجي تصنيف“ امين الملڪ
نواب مير معصوم بکري“ ۾ شامل ڪيو آهي، خط جو متن
ڪتاب جي نون صفحن تي ڦهليل آهي. تاريخ جي مطالعي
مان معلوم ٿئي ٿو ته مير معصوم سان ايران جي اُن
سفر ۾ سندس فرزند مير بزرگ به گڏ هو، پيرحسام
الدين راشدي صاحب جي لکڻ موجب مير صاحب ۽ منهوچر
بيگ دارالسلطنت کان جيسلمير جي رستي بکر پهتا.
اُتان نڪري ڪهڙي رستي کان اُهو قافلو ويو، ڪٿي
ڪٿي پهتو، ڪهڙن ڪهڙن شهرن مان لنگهيو يا ترسيو،
انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ وٽ ڪا به مسلسل روايت يا
روئداد ڪانه آهي.(8)
ايران پهچي مير معصوم غير معمولي سفارتي خدمتون سر انجام ڏنيون.
جن مان سندس قابليت ڏاهپ جا ڏس ملن ٿا، هندستان
جون تاريخون ان لاءِ گواهي پيش ڪن ٿيون، مير صاحب
اندازن ٽي سال ايران ۾ گذارڻ کان پوءِ 1013ه ۾
واپس ويو. ۽ بکر کان ٿيندو وڃي آگري پهتو. اڪبر جي
پنجاهه سال جلوس جي آغاز کان ئي سندس طبيعت عليل
ٿي پئي، ۽ هو پيچش جي مرض ۾ مبتلا ٿي، پيو مير
صاحب ڇهه ست مهينا آگري ۾ رهيو ۽ اڪبر بادشاهه 14-
جمادالاول 14.1هه مطابق 17- آڪٽوبر 1605ع تي چوهٽ
ورهين جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو، سندس وفات کان
پوءِ ست ڏينهن سوڳ ملهايو ويو، 20-جماد الاول
1014هه مطابق 24- آڪٽوبر 1605ع تي سندس پٽ ”
نورالدين محمد جهانگير بادشاه غازي“ جي نالي سان
چوٿين مغليه بادشاهه جي حيثيت سان تخت تي ويٺو،
سندس تخت نشينيءَ جي وقت مير معصوم اُتي موجود
هو، جنهن نئين بادشاهه جي تخت نشينيءَ جي ”ماده
تاريخ“ ڪڍي، جا آگري جي قلعي جي، گهلي دروازي،
تي ڪتبي جي صورت ۾ موجود آهي.
شاههِ جهان چون گرفت جاري بتختِ شرف
تخت ز رفعت نهاد، بر زسر چرخ پا
دست دعا برکشاد، پير فلک ازنشاط
ڍگفت که: بادا مدام حکم تو فرمان روا
خواست که ”نامي“ کند سال جلوسش رقم
بود در آندم لبش پر ز ثنا او دعا!
ميل دو چشم حسود يک الفش کرد و گفت
بــــــاد جهان بــــــادشاهه شــــــاهه جهانگيـــــر مــــــا (9)
1041
جهانگير جي تخت نشيني کي ٿورو عرصو به ڪو نه گذريو ته سندس پٽ
خسرو بغاوت شروع ڪئي. مغليه لسلطنت جي اهرين حالتن
کي ڏسي مير معصوم وڌيڪ ملازمت ۾ رهڻ واري خيال کي
ترڪ ڪري گوشه نشيني اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٻن
مهينن کانپوءِ رمضان المبارڪ 1041هه تي بکر واپس
وريو. ٻن مهينن کانپوءِ مير معصوم 6 ذي الحج
1041هه مطابق 4- اپريل 1606ع تي بکر ۾ انتقال ڪري
ويو
مير معصوم، آن مه برج شرف
آفتاب شروع دين، فخر زمن
روز جمعه، سادس ذي الحج گشت
عازم جنت بامر ذوالمنن
سال فوتش ازخرد جستم، بگفت
بود نامي، صــــــــاحب ملک سخــــــن (10)
مير معصوم جي تربت بکر ۾ سندس والد سيد صفائي جي ڀر ۾ آهي.
مير معصوم جو علمي ذوق ۽ سندس تنصنيفون:
مير معصوم بکري جي همه گير شخصيت، گوناگون مشغولين ۽ سندس علم
و فضل جي معيار جا سڀئي مورخ، تذڪوره نويس ۽
سوانح نگار معترف آهن. مير مرحوم هڪ ئي وقت مورخ،
سفارتڪار، شاعر، نثرنگار، خطاط، طبيب، سياست
مدار ۽ مغل دور جي حڪمرانيءَ واري رنگ ڍنگ جو ماهر
۽ پنهنجي دور جو هڪ ڪامياب ترين امير هو. انهيءَ
قسم جي پهلودار شخصيت ٻئي ڪنهن امير جي ڪا نه هئي،
۽ نه انهيءَ نموني جو ڪو جامع ڪمالات امير ٻيو
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (11) مير معصوم بکري پنهنجي شعر ۾
”نامي“ تخلص ڪم آڻيندو هو، سندس تصنيفات ۾ ”پنج
گنج“ جنهن ۾ شيخ نظامي گنجويءَ جي تتبع تي لکيل
پنج مثنويون: مهدن الافڪار“، ”راي و صورت“، ”حسن
و ناز“، ”خمسه متحيره“ ۽ ”اڪبر نامه“ موجود آهن.
طب جي موضوع تي لکيل ڪتاب ”مفردات نامي“ آهي،
جنهن کي ”طب“ يا ”مفردات نامي“ ۽ ”طب نامي“ جي
نالن سان به ڄاڻايو ويو آهي. ”دواوين“- پنجهٺ هزار
شعرن تي مشتمل غزلن جا ٻه ديوان، ”ديوان
رباعيات“، ”ساقي نامه“ ۽ ”معمہ“ شعرن تي مشتمل
آهن، مير معصوم هڪ شيرين ڪلام شاعر هو. ملا
عبدالقادر بدايوني لکي ٿو ته: ”سليقه درست در شعر
و مهما و طبع بلند و فطرت عالي وارد، “ يعني شعر ۽
معما جي فن ۾ صحيح سليقي، سُٺي مزاج ۽ اعليٰ درجي
جي فطرت جو مالڪ هو. (12) ان کان علاوه سندس
تصنيفات ۾ ”تاريخ سنڌ“ به نهايت اهم آهي، جنهن کي
”تاريخ معصومي“ به ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ نالي سان
ئي اها عرف عام ۾ مشهور آهي. پير صاحب جي بقول:
”مير مرحوم جو انهيءَ تاريخ لکڻ ڪري سنڌ تي وڏو
احسان آهي، ورنه ڪيئي صديون اونداهيون رهجي وڃن
ها، ارغونن ۽ ترخانن جو حصو يا پنهنجي دور جي
مشهور ماڻهن جو تذڪرو، اهي اهڙا باب آهن، جيڪي
جيڪڏهن مير نه لکي ها ته اسان تائين ڪيئن پهچن
ها!“ (13) هن تاريخ جي لکڻ جو سبب مير مصعوم پاڻ
واضح ڪيو آهي. هو پنهنجي ڪتاب جي منڍ ۾ چوي ٿو ته
” هن جي ڪتاب پنهنجي پٽ مير بزرگ جي لاءِ لکيو آهي
ته جيئن هو گذري ويلن جو احوال پڙهي عبرت وٺي ۽
هنن جي چڱن اخلاقن جي پيروي ۽ برين عادتن کان پاسو
ڪري.“ (14) پير صاحب لکي ٿو ته: مير معصوم کي هن
ڪتاب لکڻ جي ضرورت جو احساس گجرات ۾ ٿيو، جنهن
وقت، ”طبقات“ لکيو ٿي ويو ۽ سنڌ جي تاريخ تي مواد
جو فقدان ظاهر ٿيو. مير يقينن انهيءَ زماني کان
پنهنجي سنڌ جي تاريخ مرتب ڪرڻ شروع ڪئي. (15)
قدامت جي لحاظ کان تاريخ معصومي، چچ نامي کانپوءِ
پهريون ڪتاب آهي، جو سنڌ جي تاريخ بابت دستياب
ٿي سگهيو آهي. تاريخ طاهري، بيگلارنامه، ارغون
نامه، ترخان نامه * تحفة الڪرام وغيره، هن کان
پوءِ لکيا ويا آهن، سي سڀ هن ڪتاب جا خوشه چين
آهن، ۽ اِهو ئي ڪتاب سندن معلومات جو ذريعو آهي.
ماثر رحيمي جو مصنف، سنڌ جي حاڪمن جي ذڪر ڪرڻ وقت
تاريخ معصومي تي اعتبار ڪري ٿو، ۽ هن باري ۾
”طبقات اڪبري“ تي هن ڪتاب کي ترجيح وقت تاريخ
معصومي تي اعتبار ڪري ٿو، ۽ هن باري ۾ ”طبقات
اڪبري“ تي هن ڪتاب کي ترجيح ڏئي ٿو. (16) پير صاحب
جي بقول: هن تاريخ لکڻ جي ابتدا گجرات ۾ ٿي، بکر
۾ ڪجهه لکي ويئي، قنڌار جي قيام وقت به قلم هلندو
رهيو ۽ آخري طرح سال 1009هه ۾ ڪتاب کي پورو ڪيو
ويو. انهيءَ سال جو ٻه دفعا ذڪر آيو آهي: هڪ جاءِ
تي بکر جي قلعي جو ذڪر ڪندي مير صاحب لکي ٿو ته :”
تا اين زمان که تسع والف است همان قلع موجود است،
“ (هن وقت تائين، جو سن 1009هه آهي، اهو قلعو
موجود آهي.) ۽ ٻيءَ جاءِ تي ڪتاب جي پڄاڻي، ميرزا
جاني جي وفات جو
ذڪر ڪندي ڪئي وئي آهي، يعني 27 رجب 1009هه (17).
”تاريخ معصومي“ جو انگريزي ترجمو سن 1846ع ۾ ڪپتان ماليط
G.G.Malet
ڪيو. (جو سن 1855ع ۾ بمبئي مان شايع ٿيو. ) ۽
سنڌيءَ ۾ ان جو ٻه ڀيرا ترجمو ٿيو. پهريون ترجمو
سن 1891ع ۾ ديوان نند يرام ميراڻي سيوهاڻي ڪيو ۽
صدي پوءِ سن 1953ع ۾ مخدوم امير احمد ڪيو، جنهن
کي سنڌي ادبي پبورڊ شآيع ڪيو آهي. اردو ۾ ان جو
پهريون ترجمو آغا سلطان ميرزا 1960ع ۾ بهاولپور ۾
ڪيو ۽ ٻيو ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو، جو پڻ سنڌي
ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي.
مير معصوم جو ڪتبا نصبي جو شوق:
جيئن شروع ۾ چيو ويو آهي ته مير معصوم گهڻ پهلو شخصيت جو مالڪ
هو، تيئن سندس شخصيت جو هر هڪ پهلو ڀرپور نظر اچي
ٿو. هو پنهنجي هر هڪ پهلو ۾ مٿانهون ۽ غير معمولي
هو. مير صاحب کي مختلف جاين ۽ پنهنجن گذر گاهن تي
ڪتبن هڻڻ جو بي پناهه شوق هو. عمارتن جي سلسلي ۾
ته ڪن مغل اميرن جو نالو وٺي سگهجي ٿو. ليڪن ڪتبن
هڻڻ جو ڏانءُ ۽ شوق مير جو ئي خاصو هو. ٻيو ڪو به
معاصر انهيءَ ڏس ۾ سندس ثاني شريڪ نه ٿيو. ڪنهن
واحد شخص جا ايترا ڪتبا تاريخ ۾ ملي نه سگهندا،
جيترا هڪ مير هڻايا. (18) ڪتبا تاريخن جي لکڻين ۽
واقعن ۾ ڪڙين ملائن لاءِ غير معمولي اهميت رکن ٿا.
مير معصوم جي زندگيءِ جي ڪيترن ئي گوشن تي سندس
ڪتبا روشني وجهن ٿا ۽ ڪيترا اهم واقعا انهن جي
ذريعي حل ٿي وڃن ٿا. سندس سفر ۽ سفر جي رندن ۽
راهن جو پتو به سندس انهن ڪتبن مان پوي ٿو. (19)
پير صاحب جي بقول: ”مير صاحب جي شعرن جو گهڻو
ذخيرو پاڻ کي ڪتبن جي ذريعي مليا آهن.“ (20) هو
وڌيڪ لکي ٿو ته: ”ڀائنجي ٿو ۽ ڪتابن به لکيو آهي
ته مير پاڻ سان سنگتراش کنيو وتندو هو. مناسب جاءِ
تي پٿر تي پاڻ لکندو هو ۽ ڪاريگر ان کي ٽُڪي ڪتبو
تيار ڪندا هئا (21) ان کان علاوه ٻي ڳالهه جيڪا
اسان کي شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته مير صاحب جي
انهيءَ عمل مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ابجد ۽ ”ماده
تاريخ“ ڪڍڻ تي کيس ايترو ملڪو حاصل هو، جو ٻئي
ڪنهن کي ساڻس ان دور ۾ مٽ چئي نٿو سگهجي. مير صاحب
جي پٽ مير بزرگ کي به ڪتبن هڻڻ جو چڱو ذوق ڏسجي
ٿو. سنڌ جي نامور تاريخدان پير حسام الدين راشدي
پنهنجي ڪتاب ۾ مير معصوم ۽ سندس پٽ مير بزرگ جي
چوونجاهه (54) ڪتبن جو ذڪر ڪيو آهي، جي سنڌ،
هند، ايران، افغانستان ۽ بلوچستان جي مختلف
هنڌن ۽ ماڳن تي نصب ٿيل آهن. پير صاحب پاڻ بذات
خود مير معصوم جي رندن ۽ پنڌن، راهن ۽ رستن،
ماڳن ۽ مڪانن تي وڃي تحقيق ڪئي آهي ۽ ڪتبن جو پاڻ
مشاهدو پڻ ڪيو ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ انهن جو مستند طور
تي ذڪر ڪيو آهي. ان هوندي به ڪن ماڳن جا ڪتبا پيرر
صاحب جي نظر کان اوجهل رهيا آهن، جن جو بعد ۾ ذڪر
ڪيو ويو آهي.
هڪ ڳالهه واضح ڪجي ته پير صاحب جي ڪتاب کان اڳ به ڪن تاريخدانن
مير صاحب جي ڪتبن جو ذڪر پنهنجن مقالن ۾ ڪيو آهي.
پير صاحب جڏهن ڪتاب تصنيف ڪري رهيو هو، تڏهن به
ڪن لکندڙن جا مير معصوم جي ڪتبن تي مضمون اشاعت
هيٺ آيا، جيئن ايراني عالم علي اڪبر جعفري جو
ايراني بلوچستان ۾ مير جي ڪتبن تي مهراڻ
1-2/1976ع
۾ مضمون شايع ٿيل آهي·
پير صاحب پڻ انهن ڪتبن کي پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو
آهي. اهڙيءَ طرح ڪتاب جي اشاعت کانپوءِ ڊان اخبار
۾ جناب محمود بيگ جو هڪ مضمون ڇپيو، جو پڻ مير
معصوم جي هڪ ڪتبي تي آڌاريل هو. ان کانپوءِ
برگيڊيئر محمد عثمان حسن اردو ۾ هڪ مضمون ”خضدار ۾
مير معصوم ڪا ڪتبا“ لکي روزانه جنگ ڪراچي جي 26-
جولاءِ 1995ع جي مڊويڪ ميگزين ۾ ڇپايو، جنهن تي
محترمه امام راشدي ”مير معصوم جي لڌل هڪ وڌيڪ
ڪتبو“ جي عنوان هيٺ مضمون لکيو، جو مهراڻ 1/1996ع
۾ پڌرو ٿيو.
اهڙيءَ طرح مون به جولاءِ 1998ع ۾ شڪارپور ۾ مير معصوم بکريءَ
جو هڪ ڪتبو لڌو، جو ڪِڙي عطا محمد خان محلي جي
اوڀارئون سيدن جي پاڙي ۾ هڪ بزرگ پير اسماعيل شاهه
جي خسته مقبري مان هٿ آيو آهي، جنهن کي مزار جي
مرمت دوران بزرگ جي تربت واري قبي جي دروازي مٿان
هڻايو ويو آهي. مزار جو سٽي سروي نمبر 27/225 ۽
پکيڙ 550 چورس وال آهي. ڪتبي جي ماپ 80/30 سينٽي
ميٽر آهي. ڪتبي جي عبارت هن طرح آهي:
ملک سخن ساخت اين منزل فردوس سرشت
.....تاريخش بود آرامکه خلق نوشت
اکبر بادشاهه غازي امير محمد معصوم نامي بن سيد صفائي ترمذي بنا
نمود سن 1009هه
ڪتبي دريافت ٿيڻ کانپوءِ تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي
سان منهنجي آڏو ڪيترائي سوال اڀري آيا، جن جو
تعلق هڪ طرف مير معصوم بکري سان آهي ته ٻئي طرف
منهنجي شهر شڪارپور سان، ڪتبي تي جيڪو سن 1009هه
اُڪريل آهي، تنهن کي مدنظر رکي اسين سوچيون ٿا ته
انهيءَ سال (1009هه) ۾ مير معصوم اسان کي آسير جي
قلعي جي فتح (4-رجب 1009هه) ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
اهڙيءَ طرح آسير جي فتح کانپوءِ ايراني سفير ميرزا
منوچهر بيگ سان گڏ سفير جي حيثيت ۾ ايران جو سفر
اختيار ڪري ٿو. انهيءَ سفر جو سن پير صاحب جي
معلومات موجب 1010هه آهي. مٿي ڄاڻايل پير صاحب جي
هڪ لکت ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ”مير صاحب ۽
منوچهر بيگ درالسلطنت کان جيسلمير جي رستي بکر
پهتا. اتان نڪري ڪهڙي رستي کان اهو قافلو ويو،
ڪٿي ڪٿي پهتو، ڪهڙن ڪهڙن شهرن مان لنگهيو يا
ترسيو، انهي سلسلي ۾ پاڻ وٽ ڪا به مسلسل روايت يا
روئداد نه آهي.“ (22) ڪتاب ”مير معصوم بکري“ ۾ سن
1009هه جا جيڪي ڪتبا ڏنا ويا آهن، سي ڪٿي لڳل آهن
۽ ڪڏهن لڳل آهن، تن جو مختصر جائزو هي آهي.
ڪتبو 33 (ص 522) سن 1009هه اُجين – عمارت 8 سلطان ناصر الدين-
ڪتبو 34 (ص ساڳيو) سن 1009هه مانڊو – نيل ڪنٺ-
شادي آباد مانڊو جي عمارت نيل ڪنٺ نالي شاهه بداغ
جي ٺهرايل آهي، جيڪو سارنگپور جو تيولدار هو.
ڪتبو 35 (ص 524) سن 1009هه- برهانپور – جامع مسجد،
جنهن تي 5- رمضان سن 1009هه ڄاڻايل آهي.
ڪتبو 37 الف (ص 527) سن 1009هه – قلعو آسير-داخلي
دروازو- قلعي جي جامع مسجد جي اوڀر کان وچين ٿنڀ
تي 15 سٽن جو آهي، تاريخ شعبان 1009هه.
مٿي ڄاڻايل ڪتبن کان علاوه مير صاحب جي مشهور تصنيف ”تاريخ
معصومي“ جي پڄاڻي جو سن به 1009هه آهي. انهيءَ
حوالي سان اسان مٿي چئي آيا آهيون ته انهيءَ سال
جو ٻه دفعا ڪراچي ٿو، هڪ بکر جي قلعي جو ۽ ٻيو
مرزا جاني بيگ جي وفات جو. بقول پير صاحب جاني بيگ
جو لاش برهانپور مان خواجه محمد قور بيگي کڻائي
ٺٽي آيو ۽ مڪليءَ تي خاص مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.
مقبرو اڄ تائين سلامت آهي.“ (23)
مٿين سڀني روايتن ۽ سنن کي نظر ۾ رکندي، اسين انهيءَ نتيجي تي
پهچون ٿا ته آسير جي فتح (رجب 1009هه) ۽ ميرزا
جاني بيگ جي وفات (27-رجب 1009هه) کان پوءِ مير
صاحب ايران جي سفر تي وڃڻ ((1010هه) کان اڳ سن
1009هه جي پوين مهينن ۾ ڪنهن طرح بکر آيو آهي ۽ ان
آمد دوران هو شڪارپور جي طرف به وڌيو آهي ۽ پير
اسماعيل شاهه جيلانيءَ جي مزار تي اهو ڪتبو
هڻايائين. ڪتبي لاءِ اسين وثوق سان چئي نٿا سگهون
ته اهو ڪتبو اصل ان مزار سان تعلق رکي ٿو يا اهو
ڪنهن ٻئي هنڌان پٽجي اتي پهتو آهي. پير اسماعيل
شاهه ڪهڙي حيثيت جو مالڪ هو، تنهن لاءِ به تاريخ
مان ڪا اهڙي خاطر خواه ڄاڻ ڪا نه ٿي ملي، البته
تاريخ ”خطئه اوچ“ ۾ هڪ هنڌ آهي ته ” اسماعيل شاهه
بخاري-شڪارپور جي بخاري سادات جو مورث اعليٰ قطب
العالم سيد شهاب الدين سندس اولاد مان هو.“ (24)
اهڙو ئي احوال اسان کي ساڳي تاريخ جي ص 685 تي ملي
ٿو. هاڻي سوال اهو آهي ته شڪارپور جي سوي در ۾ پڻ
هڪ بزرگ جي مزار ٻاڪري گوشت مارڪيٽ جي ڀر پاسي ۾
آهي، جنهن جو نالو به سيد اسماعيل شاهه آهي،
جنهن بزرگ جي مزار تان مذڪوره ڪتبو دريافت ٿيو
آهي، ان جو نالو به سيد اسماعيل شاهه آهي ۽ محلي
وارن جي مطابق اُهو جيلاني آهي. قبي جي هيٺان ٻه
تربتون آهن، جن مان هڪ سيد اسماعيل شاهه جي چئي
وڃي ٿي ۽ ٻي سندس فرزند سيد غلام شاهه جي ڄاڻائي
وڃي ٿي. محلي وارن جي بيانن ۽ نالن تي اسان کي
اڃان ڪي گمان ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته مزار جي قدامت ۽
محلي وارن جو ايامن کان وٺي ان سان تعلق ٽٽڻ سبب
صدري روايتون به محفوظ رهي نه سگهيون آهن. مزار جي
گنبذ هيٺان جيڪي ديوارون آهن، تن کي پستيون
ڪرايون يون آهن، گنبذ هيٺان گولائي ۾ اٺ محراب
آهي مزار جي اوڀر ۾ پنجن فوٽن جو دروازو لڳل آهي،
جنهن وسيلي مزار ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. دروازي جي
اترين طرف واري محراب ۾ هڪ ننڍو بخارون ٺهيل آهي.
گنبذ جي اصل ڪلنگي ڪا نه آهي. گنبذ ۽ عمارت جي
تعمير مان اندازو ٿئي ٿو ته اها تمام گهڻي قديم
آهي. پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب ”مير
معصوم بکري“ ۾ مير معصوم جي شڪارپور ۾ تعمير ڪرايل
ڪنهن يادگار جي نفي ڪندي پير علي محمد شاهه
راشديءَ جي هڪ ياداشت ڏيندي لکي ٿو ته: ” پير علي
محمد راشديءَ پنهنجي هڪ ياداشت ۾ لکيو آهي ته
25-ڊسمبر 1931ع جو معصومي ساداتن سيد ثابت علي
شاهه کي پر مڙسائي جي پڳ ٻڌائڻ لاءِ جيڪو جلسو
ڪيو، انهيءَ ۾ سيد نور علي شاهه معصوميءَ
استقباليه خطبي ۾ ڪن تاريخي جاين جو ذڪر ڪيو،
ليڪن حقيقت ۾ اهي فقط خانداني روايتون آهن ۽ فقت
ٻڌ سڌ تي مدار رکن ٿيون. ڪيترين جاين جي نسبت مير
ڏانهن ڪئي وئي آهي، حالانڪه اهي مير معصوم جون
ٺهرايل نه آهن، جهڙوڪ اٽڪ جو ڪلو، جهلم جي پل،
گجرات ۾ هڪ مينار ۽ ٽي مسجدون (مسجد دلڪشا- مسجد
اقصيٰ –مسجد اڪبري) ۽ وزيرآباد جا ڪي يادگار
انهيءَ سلسلي ۾ سيد نور علي شاهه شڪارپور جي قلعي
لاءِ چيو ته، اهو مير معصوم جو ٺهرايل آهي، ظاهر
آهي ته اڪبر جي دؤر ۾ شڪارپور جو وجود ڪونه هو ۽
نه اتي ڪو قلعو موجود آهي. ممڪن آهي ته ڪنهن حصي
جي شهر پناهه متعلق اهو گمان ڪيو ويو هجي، جيڪا
پڻ اوڏڪي ڀت هجڻ سبب ڪڏهن جو ڊهي ختم ٿي وئي.
بهرحال اهو يقين آهي ته معلوم يادگارين کان سواءِ
به مير معصوم ڪيترا يادگار ڇڏيا هوندا، جن جو
افسوس آهي ته پتو ڪونه ٿو پوي. “(25) مٿئين بيان
جي روشنيءَ ۾ هاڻي چئي سگهجي ٿو ته مير معصوم جو
شڪارپور يا ان جي آس پاس آباديءَ واري علائقي سان
ڪو تعلق ضرور هو. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ جيڪڏهن اسين
شڪارپور شهر کي ڏسون ٿا ته اهو اسان کي ان قلعي جي
ديوار جي اندر نظر اچي ٿو، جنهن کي اٺ دروازا:
لکي در، هاٿي در، هزاري در، خانپوري در، سوي در،
واڳڻو در، ڪرن در، ۽ نوشهرو در هئا. ان عالم
پناهه جي اندر ئي دائودپوٽن شهر جو بنياد رکيو. ان
عالم پناهه کان ٻاهر هڪ وڏي کائي کوٽايل هئي،
جنهن کي بعد ۾ پورائي، سرڪيولر روڊ تعمير ڪرايو
ويو. اسان جو خيال آهي ته ان عالم پناهه کان ٻاهر
ميل، اڌ ميل يا ٻن ميلن جي مفاصلي تي ضرور ڪا
آبادي هوندي. حالانڪه ان زمين جا مالڪ به پوءِ
دائودپوٽا هئا، دائودپوٽن جي شهر جي بنياد رکڻ
کان اڳ ضرور ان هند ڪا ٿوري گهڻي آبادي ممڪن
هوندي، ڇو ته اهو سينٽرل ايشيا جو هڪ لنگهه ته
ضرور هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اتي قافلا سراءِ اڳ به
هجي، جنهن جي ديوار جي تعمير مير معصوم بکري
ڪرائي هجي ۽ اتي اهو ڪتبو نصب ڪيو هجي. مٿي عرض
ڪيو ويو آهي ته شڪارپور ۾ مذڪوره ڪتبي دريافت ٿيڻ
کان پوءِ منهنجي آڏو ٻن قسمن جا سوال اُڀريا، جن
جو تعلق هڪ طرف مير معصوم بکري سان آهي ته ٻئي طرف
شڪارپور سان ڪتبي جي دريافت ٿيڻ کان پوءِ مون
مختلف زاوين کان ڪتبي کي ڏٺو ۽ پنهنجن گهڻگهرن ۽
همدردن: استاد محترمه، نقش، ناياب منگي ۽ ڊاڪٽڙ
انور .فگار، هڪڙي صاحب سان ان جو اظهار ڪيو، جن
منهنجي همت افزائي ڪئي، سندن رهنمائي ۾ آءُ مختلف
زاوين کان موضوعن تي تحقيق ڪندو رهيس، هنئير آءُ
هن مقالي جي سلسلي ۾ چند نقطا پيش ڪيان ٿو، جن جو
تعلق شڪارپور سان آهي،
ڪتبي دريافت ٿيڻ کان پوءِ آيا اسان ان ڳالهه تي ڳت ڏيئي سگهون
ٿا ته شڪارپور پنهنجي بنياد 26، 1هه مطابق 1617ع
گهڻو قديم آهي؟ جڏهن ته شڪارپور جي بنياد جي سن ۽
موجوده ڪتبي جي سن ۾ سترهن سالن جو تفاوت بيهي ٿو.
اهو مختصر عرصو تاريخ ۾ ڪنهن شهر جي قدامت ڳڻائڻ ۾
ڪو وڏو عرصو ڪونه لکيو، تاريخ ۾ مختلف دورن تي
بحث مباثو ٿي سگهي ٿو.
شڪارپور شهر جي ابتدائي تعمير جو تعلق سڌو سنئون شڪارپور جي
قلعي جي اندر حي، جيڪو دائودپوٽن اڏرايو هو ۽
جنهن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ان جاءِ تي سرڪيولر روڊ
آحي ۽ ان صورت ۾ شڪارپور جي شهر ۾ تعمير جوسن
2610هه آهي. نه ڪي ان جي پسگردائي جو جيئن چئجي ته
شڪارپور ۾ انگريزن جي تعمير ڪرايل ڇاوڻي ڏسي اهو
چئي نه سگبو ته شڪارپور جو بنياد انگريزن جي دور ۾
پيو.
موجوده ڪتبي جي دريافت ٿيڻ کان پوءِ اهو ضرور مڃبو ته دائودپوٽن
جي اڏايل شڪارپور شهر جي پسگردائيءَ ۾ آبادي ضرور
هوندي، پوءِ اها قلعي جي ديوار کان اڌ ميل تي هجي
يا پنجن ميلن تي هجي. گونءَ ته اها سرزمين سينٽرل
ايشيا درهء بولان جو اهم لنگهه هئي، جنهن ڪري
اُتي ڪو ترسن جو حاطو وغيره ٿي سگهي ٿو.
پنهنجي موجوده صورتحال ۾ تعمير ٿيڻ کان اڳ هتي جي زمين يا وسندي
جتوئي پرڳڻي جو حصو ته هوندي، جنهن کان ڪو به
محقق منحرف ٿي نه سگهندو.
شڪارپور تي ٿيندڙ تحقيق جا ٺوس بنياد ڪهڙا آهن؟ ڪهڙن قلمي نُسخن
کي بنيادي ماخذ طور ڪتب آڻي سگهجي ٿو؟ يا ڪهڙا
مخطوطا اسان وٽ ان مسئلي جي حل لاءِ موجود آهن جن
سڌو سنئون شڪارپور جي تاريخ تي مواد فراهم ڪيو
هجي.
حوالا
سيد حسام الدين راشدي: “ امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري“،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد : 1979ع، 333.
ايضاَ، ص 178.
ايضاَ، ص 179.
ايضاَ، ص 181.
ايضاَ، ص 200.
ايضاَ، ص 205.
ايضاَ، ص 205.
ايضاَ، ص 235 ۽ 236.
ايضاَ، ص 269 ۽ 270.
ايضاَ، ص 283.
ايضاَ، ص 311.
مير معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“، مترجم: مخدوم امير احمد،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1985ع ڇاپو ٽيون- ص
18.
ڏسو حوالو يارهون ص 323.
ڏسو حوالو 12، ص 23.
ڏسو حوالو 13، ص 322.
ڏسو حوالو 12، ص 23.
ڏسو حوالو 13، ص 224 ۽ 225.
حوالو ايضاَ، ص 234.
ايضاَ، ص 334 ۽ 495.
ايضاَ، ص 496.
ايضاَ، ص 497.
ڏسو حوالو 8.
ڏسو حوالو 12، ص 214ح.
مسعود حسن شهاب: ”خطئه پاک اوچ“ اردو اڪيڊمي بهاولپور 1982ع،
ڇ-2، ص 241.
ڏسو حوالو 12، ص 370.
|