ساقي عالم ابڙو
ê
رُڃ ۾ راهيءَ بنا
سُڃ ۾ ساهيءَ بنا
زندگي گذري پئي
ڪو به سايو،
ڪو به آيو ڪو نه آ.
۽ اندر ۾ اُس ٿي ايڏي ٻري!
ڄڻ ته ٽانڊا ٿا دکن هر گام تي.
ڪنهن اڃايل پنڌ جو ڪو پيچرو
ٻڪ واريءَ جا اکين ۾ ٿو ڀري،
۽ اڪيلا خواب منهنجي آس جا
دڳ پنهنجو پاڻ ئي ڀُلجي ويا،
تنهنجي جوڀن جي جهڙالي ديس لئه،
ڪنهن ٿريءَ جي بک وانگر بيقرار.
مسجي نيڻن جي ڀٽن جو انتظار......
ساقي! ڪا به آٿت ڪو سهارو ڪو نه آ
ڪا به منزل ڪو ڪنارو ڪو نه آ
وقت وائن تي اُڏاميل ڌوڙ ۾
مُدتون گذري ويون
دوستن کان دوستيون وسري ويون
ڪنهن فريبي زندگي ماڻڻ جي لئه
پاڻ کي ٺاهڻ گهريوسين ٺاهه سان
ڇا ڪجي، پر ڇا ڪجي؟
آشنا ناهيون انهيءَ ڪنهن راهه سان.
وضاحتي نوٽ: جيئن ته هي نظم رسالي ۾
”ساقي علام ابڙو“ جي نالي سان ڇپيل آهي. پر سنڌي
ادبي بورڊ کي محترم بخشڻ مهراڻوي طرفان هڪ خط مليو
آهي جنهن ۾ پاڻ ڄاڻايو اٿن، ته اِهو نظم سندس ڇپيل
آهي، جيڪو سال 1993ع ۾ ان وقت جي شايع ٿيندڙ
ماهوار رسالي ”سارس“ ۾ ڇپيل آهي ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي
طرفان شايع ٿيل شاعرن جي چونڊ ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ
اسان“ ۾ پڻ شايع ٿيل آهي، جن جي فوٽو ڪاپي به
اداري کي خط سان گڏ موڪلي اٿس. تنهنڪري اداري
طرفان هِتي اهڙي وضاحت ڏجي ٿي.
علي دوست عاجز
ê
ڪڪرن ڏي تڪين ڇا ٿو!
سِڪ تنهنجي وڏو صحرا، صحرا به ڪڏهن ڍاپيو؟
تڪليف ته ٿيندي آ،
هي دل به جڏهن منهنجو، ڪو ساٿ نه ڏيندي آ؟
جيئن ٿر جو خطو آهي،
ائين سمجهه کڻي، منهنجو-محبوب مِٺو آهي!
سِڪ، سور ڏنئين مون کي،
ڇو بُنڊ هجان ٽاريون پن، ٻور ڏنئين مون کي!
جندڙي به پياري آ،
پر قوم جي عزت ۽ سنڌڙي به پياري آ!
ها، گيت ٻڌايان ٿو،
في الحال ڇڏيو مون کي، ڪا ياد هنڊايان ٿو!
ڇا ٿيو جي مري ويندي،
جيئري به انهيءَ لئه آ، جنهن ڏي آ تري ويندي!
ڪونجن کي ڳلي لايان،
آڪاش جي وسعت ۾، پر آءُ به ڦهلايان!
عطا قاضي
غزل
تو بنا بيڪار آهي زندگي،
ها وڏو آزار آهي زندگي.
ٿي جڏهن منهنجي نظر تو تي پوي،
پوءِ لڳي ٿو پيار آهي زندگي.
تون به سمجهڻ جي ته ڪر ڪوشش پرين،
پُرڪشش اسرار آهي زندگي.
چنڊ جهڙي چيز کي چاهي پئي،
ڄڻ ننڍو ڪو ٻار آهي زندگي.
خواهشن کان ٿي ڪڏهن آزاد ڏس،
سونهن جو سنسار آهي زندگي.
نفس جو سارو چڪر آهي ”عطا“،
خواه مخواه ٿي خوار آهي زندگي.
رخسانه پريت چنڙ
غزل
اُڀ سان اورڻ هاڻ سکيو آ،
ڏک کي ڏورڻ هاڻ سکيو آ.
ڏاڍ آيو ڏمري آ، تنهن جي،
ٻک ۾ ٻولڻ هاڻ سکيو آ.
گوندر گهور وجهي او جيڏا،
سڪ کي سورڻ هاڻ سکيو آ.
لڇي لڇي ٿڪجي، جوڀن کي،
تنها چوڙڻ هاڻ سکيو آ.
پل ڪو ڀي نه پرولي رهندو،
کن کن کولڻ هاڻ سکيو آ.
پهرين رهنڊ ڇڏيو روڪي ٿي،
ڊڀ ۾ ڊوڙڻ هاڻ سکيو آ.
فضه غزل
غزل
نيڻ برسيا رات هُنَ لئه،
ڪيڏو ترسيا رات هُنَ لئه.
سپنا، سار، سِڪ جنهن جي،
ڳوڙها ڳڙيا رات هُنَ لئه.
چو ڏس اُماس جي ٿي وئي،
نيڻ ٻريا رات هُنَ لئه.
سوچ، ساگر، لهرن ۾ ڏس،
گُل وکريا رات هُنَ لئه.
چنڊ، تارا، جاڳن ٿا گڏ،
آهن پرچيا رات هُنَ لئه.
درد ۾ مون روئي روئي،
شعر لکيا رات هُنَ لئه.
بيخود بلوچ
غزل
ڪنهن سُريلي شام جهڙي زندگي،
گهور توتان جام جهڙي زندگي.
ڪڏهن آ الزام جهڙي زندگي،
ڪڏهن آ انعام جهڙي زندگي.
خوبصورت تنهنجي دم سان ٿي وئي،
پيار جي پيغام جهڙي زندگي.
هر ادا نوري جيان تنهنجي پرين!
منهنجي ٿي وئي ڄام جهڙي زندگي.
زندگي ”بيخود“ تڏهن ڀي ٿي وئي،
توڙي آ الزام جهڙي زندگي.
جاويد سوز هالائي
غزل
دوستيءَ جي وفا جون ڳالهيون ڪر،
عاشقي ۽ جفا جون ڳالهيون ڪر.
عشق هارائجي ويو آهي،
پوءِ به هُن جي ادا جون ڳالهيون ڪر.
خواهشون سڀ صليب تي لٽڪيون،
عشق ۾ انتها جون ڳالهيون ڪر.
مدتون ٿي ويون ملي ناهي،
اڄ ته هن بيوفا جون ڳالهيون ڪر.
اڄ ته روئڻ تي دل پئي چاهي،
اڄ ته ڪي ڪربلا جون ڳالهيون ڪر.
هت فليٽن ۾ ساهه نڪري ٿو،
ڳوٺ جي تون هوا جون ڳالهيون ڪر.
مون کي کائي وجهي نه خاموشي،
ماٺ ۾ ڪي صدا جون ڳالهيون ڪر.
ذڪر ”جاويد“ جو ڪرين ٿو، ڪنهن
آدمي با وفا جون ڳالهيون ڪر.
روشن گهانگهرو
گيت
گجندا نچندا وڄندا آيا،
ڪارا ڪارا بادل ڇايا،
هو ڏس! ٿر واسين اڄ جهومي،
ڳيچ خوشيءَ جا،
ڳايا!
بادل برسائن ٿا جل ٿل، ٿر ٿي پيو آ سارو ٿاڌل،
برکا ڏسندي ٻهه ٻهه ٻهڪن،
سالن وارا،
ٺوٺ اُڃايل،
هو ڏس! ٿر واسين اڄ جهومي،
ڳيچ خوشيءَ جا،
ڳايا!
هر مَنُ مُرڪيو هر مَنُ مَهڪيو، هر هڪ دل ۾ ٽانگر ٽهڪيو،
پيلا چهرا ڳاڙها ٿي ويا،
ٽهه ٽهه ٽهڪن،
ساز وڄايا،
هو ڏس! ٿر واسين اڄ جهومي،
ڳيچ خوشيءَ جا،
ڳايا!
ساٿ ڏيڻ جا، سونهن چمڻ جا، پيار ڪرڻ جا، پريت ونڊڻ جا،
آيا آيا ڏينهن ملڻ جا،
ٻي ڪاٿي آ؟
محبت مايا،
هو ڏس! ٿر واسين اڄ جهومي،
ڳيچ خوشيءَ جا،
ڳايا!
پوک پچي پئي، گاهه ٿئي ٿو، مال چري پو کير ڏئي ٿو،
بُک ڀڄي ڀاڳ ٺهي پين،
ڏور ٿين سڀ،
سورن سايا،
هو ڏس! ٿر واسين اڄ جهومي
ڳيچ خوشيءَ جا،
ڳايا!
چنگ چُرن پيا، ڪنگ اُڏن پيا، سونا سونا سنگ لُڏن پيا،
چوڌر ساوڪ ۽ سرهائي،
”روشن“ ڪهڙا؟
رنگ رچايا!
هو ڏس! ٿر واسين اڄ جهومي،
ڳيچ خوشيءَ جا،
ڳايا!
عابد جاني ملڪ
غزل
خماريل اکين تي شرابن جا پهرا،
شرابي نظر تي حجابن جا پهرا،
هي چهري جي سُرخي لڳي ٿي ائين ڄڻ،
شبابي ڳلن تي گلابن جا پهرا،
هي معشوق ماڻهو ته ماڻن ٿا موجون.
اسان عاشقن تي عذابن جا پهرا،
ڪندي سوال ساجن ويا سال گذري.
اڃا ڪو نه ٽوڙيئه جوابن جا پهرا،
حقيقت کي يارو ٿيو ڪجهه ته ويجها،
اکين تي لڳايو نه خوابن جا پهرا.
اِهي گهنج منهن جا عمر ڪن ٿا ظاهر،
هي وارن تي ڇا لئه خضابن جا پهرا.
اسان کي امن ساڻ انصاف گهرجي،
کپن ڪين خالي خطابن جا پهرا.
حُبدار سولنگي
غزل
ڪائناتي سونهن آ منهنجو پرين،
ڄڻ خدا جو آهه ڪو جلوو پرين.
مهڪ ويڙهي ۾ پکيڙي ٿو پيو،
موتئي جو ڄڻ ته آ ٻوٽو پرين.
سونهن، چانڊوڪي، هوا، هٻڪار ۽،
پيار جو آهي ٻيو نالو پرين.
زندگيءَ کي پيار سان سينگارجي،
دل ۾ جاڳيو آ اِهو جذبو پرين!
تنهنجي اوسيئڙي ۾ صدين کان وٺي،
ديد پنهنجي مون ڪئي رستو پرين!
بندگيءَ جو شوق ٿيو آهي وري،
آءُ! تنهنجو مان چمان چهرو پرين!
رنگ ڪوتا جا ڪريا ڪاڳر مٿان،
من پوءِ ”حبدار“ جو مهڪيو پرين!
بخشل باغي
غزل
تنهنجي ڀاڪر جو نرم احساس ڄڻ ڪو گيت آ،
اڄ به چوڙين جي تصور ۾ مڌر سنگيت آ.
تون جدا ٿين، زندگيءَ جو رنگ هيڊو ٿي ويو،
منهنجي لاءِ هي وڇوڙو زهر جي ڄڻ ڳيت آ.
منهنجي تنهائيءَ جي احساس جهڙو ٿو لڳي،
مون جيان وياڪل سدا آڪاس منهنجو ميت آ.
ڪاش! پنهنجو ڀي سُٻنڌ ان ريت پختو ٿي پوي،
جيئن گلابن ساڻ خوشبوءَ کي سدائين پريت آ.
زندگيءَ جو فلسفو آ دار کان اڳتي اڃان،
هڪ قدم تي هار آ ۽ ٻئي قدم تي جيت آ.
دل ديوانو ڪري ڀٽڪائيندي آ رات ڏينهن،
ٿي وئي آوارگي پنهنجي جنون جي ريت آ.
فهميدشرف بلوچ
گيت
اسان پيار وارن جي ساري حياتي،
ڪڏهن رات راڻي، ڪڏهن اک جو پاڻي،
انوکي ڪهاڻي!
انوکي ڪهاڻي!
جدائي وڏا ڏاڍا ايذاءَ ڏئي،
جڏهن جيءَ کي پل پل جي سوداءَ ڏئي،
جڏهن آس جا ڪا ڏياٽي اُجهاڻي،
انوکي ڪهاڻي!
محبت جيئڻ جو وڏو آسرو آ،
کڻي پير اڳتي نه ڪوئي هٽيو آ،
حقيقت نه ٿيندي آ ڪڏهين پراڻي.
انوکي ڪهاڻي!
چريو چنڊ چاهت ۾ ڦٿڪي پيو ٿو،
وٺي روشني هن کان چمڪي پيو ٿو،
جتي پيار آ، سونهن اوڏهن اُڏاڻي،
انوکي ڪهاڻي!
اگر مان هوندس، ته هي گيت هوندا،
ات ڳائبي پئي، جتي ميت هوندا،
سدا شاعري لڙڪ ۽ مرڪ ڪهاڻي
انوکي ڪهاڻي!
ايوب کوسو
غزل
رُت گلابي ۾ به ساڻيون هن اکيون
پيار جون ڪيئي ڪهاڻيون هن اکيون
مون ڏٺو موئن دڙو تن جي اندر،
عرش کان ڀي جي پراڻيون هن اکيون!
تون اَلئه ڪٿ واءُ جيئن ڦِرندو وتين،
تنهنجي پويان هي اُڏاڻيون هن اکيون.
انتظاري جي گهڙين ۾ درد آ،
شام ٿيندي ئي اُجهاڻيون هن اکيون.
ڪا نه ٿي ڏسندي هٽي هڪ پل نظر،
ڄڻ پرين چنڊ ۾ اماڻيون هن اکيون.
سمنڊ ڄڻ جذبن جو آ اُٿلي پيو،
ڪنهن وري مُرڪي جو تاڻيون هن اکيون.
مصطفيٰ ارباب
نثري نظم
سگريٽ
منهنجي سگريٽ جو دونهون
انوکن اسٽروڪن سان
چهرا ٺاهي ٿو
منظر چٽي ٿو
احساسن ۽ علامتن جي سنگم سان
نئين دنيا دريافت ڪري ٿو
هو هر اُها شئي
چٽي ٿو
جيڪا چٽي سگهجي ٿي
آئون برش کڻي
خالي ڪينوس کي ڏسندو رهان ٿو
۽ سگريٽ
ڪنهن فنڪار جيان
سڙندي، ختم ٿي وڃي ٿي.
نياز ملاح
غزل
چاندنيءَ جو هوا ۾ حوالو هيو،
پيار تنهنجو پرين ڄڻ اُجالو هيو.
منهنجي اندر ۾ شامِ غريبان هئي،
تنهنجي چپ تي سدائين جمالو هيو.
هونءَ ته ڪيڏي اڪيلي لڳي لُڪ پئي،
ساڻ ساجن هئين، ڄڻ جهڙالو هيو.
تنهنجو دروازو هر شخص لئه هو کُليل
آءُ آيس جڏهن ڄڻ ته تالو هيو.
تنهنجي نفرت سان ڪئي عمر ڀر دوستي
نينهن جڳ کان اسان جو نرالو هيو.
سينو زخمي ۽ دل آ رتوڇاڻ ٿي،
تنهنجو هڪ هڪ اکر ڄڻ ته ڀالو هيو.
مان چرين وانگي هن کي چُمان ٿو پرين
هٿ تريءَ تي لکيل تنهنجو نالو هيو.
نيٺ تاريڪ راهون ٽپي پار ٿيس،
ذهن ۾ ياد جو ڪو مشعالو هيو.
زندگيءَ سان نڀائڻ لاءِ کِلندو رهيس،
ورنه اک جو ڇپر روز آلو هيو.
مهر خادم
غزل
ڪنهن عبادت ۾ ٿا گذارن نيڻ،
تو ڏي جڏهن ٿا نهارن نيڻ
تيسين بند رکان ٿو جيسين،
تنهنجو نانءُ اچارين نيڻ.
سنڌوءَ جي لهرن سان گڏ ٿا،
تنهنجي سونهن پچارن نيڻ،
تو کي ته معلوم ئي ناهي،
ڪنهن کي هي ٿا جيارين نيڻ.
آءُ منهنجي ساهه کان پُڇ،
ڪيئن ٿا امرت پيارن نيڻ. |