شهناز شورو
سنڌيڪار: مصطفيٰ ارباب
ٻيو وجود
ڪهڙو پهر آهي؟ رات ضرور آهي، پر اوندهه ڪونهي... ۽ سبب؟ سائنس
جو اختراع ئي ٿي سگهي ٿو. منهنجي هٿ ۾ برش هو ۽
شايد اڃا تائين آهي. هاڻي منهنجا احساس چڱيءَ طرح
مون سان تعاون نه پيا ڪن. الائجي ڇو...؟ جڏهن به
اُنهي ويران ۽ اونداهي گهر جو خيال ايندو اٿم ته
آءُ پنهنجي پاڻ کي اُنهيءَ وٽ محسوس ڪندي آهيان.
جسماني طور تي آءُ ڪٿي به هجان منهنجو ذهن ۽
منهنجو روح اُنهيءَ سان ڳالهائيندو رهي ٿو. اُها
اڪيلي، ويران ۽ اُجڙيل هستي آهي، جيڪا شڪايت نٿي
ڪري، ڪنهن سان به نه!
سندءِ برباديءَ جو سبب نٿو ٻُڌائي سگهي اُهو وڻ!
ڪڏهن اُجڙيو، ڪيئن اُجڙيو، ڇو اُجڙيو...؟
اِهي به ڪي سوال آهن؟ اُجڙڻ ته قسمت آهي، مقدر آهي، تقدير آهي،
لازمي آهي، اٽل آهي، لکيل آهي.
اٽڪل يارنهن ٻارنهن شاخون دعا گهري رهيون آهن، دعائون قبوليت جي
دروازي تي پار ڪڍنديون آهن ۽ موٽ کائيندي انڌڪار ۾
وڃائجي وينديون آهن. هر چوٿين پنجين ڏينهن ڪو نه
ڪو قيامت جي ڏهاڙي تي يقين رکندڙ انسان، ڳاڙهو،
نيرو يا هيڊو ڪپڙو آڏين اُبتين لڪيرن واري ڪاغذ جي
ٽڪڙي سان گڏ ڪاري ٽاريءَ سان ٻڌي ويندو آهي ۽
اهڙيءَ ريت هيل تائين ٽارين تي ڄڻ رنگن جو ميلو
لڳي ويو آهي.
ڊپ اٿم ته ڪنهن ڏينهن... ڪنهن آدمزاد کي اُهو خيال نه اچي وڃي
ته هِتي ڪا هستي، ڪو بزرگ آباد آهي، ڪنهن پهتل
شخصيت جو واسو آهي، ۽ پوءِ هتي ٺوڳي پير نه اچي
ويهي رهن. اهي گلابن ۽ خوشبوئن کي چورائي ماڻهن جا
ميڙاڪا نه ڪري وجهن.
ڀوء ۽ ڌڙڪو ته لڳل هوندو آهي نه....!
بزنس ڪرڻ لاءِ رڳو شوق، هڪڙي سوچ، هڪڙي
Direction
ئي ته کپي نه....!
اهو وڻ منهنجن حواسن تي ڪنهن جن وانگر ڇائنجي ويو آهي! خبر
ناهي ته ڪهڙي ڳالهه آهي، پر اها ڪفيت ڏاڍي
ايذائيندڙ هوندي آهي. آءُ پنهنجي جاءِ تي رُڪجي
ويندي آهيان ۽ ذهن هڪڙي شڪل اِختيار ڪري وٺندو
آهي، جسم بڻجي ويندو آهي ۽ هوريان هوريان منهنجي
وجود مان نڪري ويندو آهي، سمورا احساس پنهنجي پاڻ
۾ والاريندي.
پر مون کي ايتري پڪ هوندي آهي ته آءُ ”هڪ“ جي بدران ”ٻن“ ۾
تبديل ٿي ويئي آهيان.
هڪڙو وجود هاڻي هٿاڻي منهنجي وجود مان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ ويو
آهي. پنهنجو پاڻ کي تسڪين ڏيڻ لاءِ بردباريءَ سان،
درد جي درمان جي ڳولا ۾.
۽ هو مون سان ڪاوڙيل آهي. جيڪو ڪجهه هُو سوچڻ چاهيندو آهي، آءُ
نٿي سوچيان. جيڪو ڪجهه اُهو ڏسڻ گهُرندو آهي، آءُ
نٿي ڏسان. هر گهڙيءَ ڇڪتاڻ هلندي رهي ٿي. ڪٿي به
وڃڻ چاهيندي آهيان ته هو مون کي پوئتي گهِليندو
آهي.
يا خدا! آءُ ڇا چوان؟ ڪهري ڪيفيت هوندي آهي اُها؟ ڪيڏو ٽڪرءُ
ٿيندو آهي!
پوءِ دماغ کي حڪم ڏيڻ وارا سڀيئي بٽڻ هڪ ئي وقت ۾ دٻجي ويندا
آهن. آ
ساڻي ٿي پوندي آهيان. ذهن جو هر حڪم جسم قبول ڪرڻ
کان ناڪاري ڇڏيندو آهي. جيڪو ڪجهه جسم ڪرڻ چاهيندو
آهي، ذهن انهيءَ جي خلاف احتجاج طور پنهنجا ڪن بند
ڪري ڇڏيندو آهي. تڏهن اِهي ٻيئي مون کي سزا ڏيندا
آهن ۽ ذهن منهنجي شڪل چورائي منهنجي اندر مان نڪري
ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويندو آهي.
خبر ناهي- کن لاءِ، گهڙين لاءِ يا وريهن لاءِ!
رڳو اها ڄاڻ اٿم ته ايترو وقت آءُ ڪنهن ٻيءَ دنيا جي سفر ۾
هوندي آهيان. الائجي ڪو ٻيو مون کي ڏسي به سگهندو
آهي يا نه؟ ۽ جيڪڏهن اُن مهل ڪير مون کي ڏسي به
وٺي؛ ۽ اُنهيءَ شڪل کي آواز ڏئي جيڪا هاڻي هاڻي
مون منجهان احتجاج ڪندي ويئي آهي، ته ڇا ٿيندو؟
ڇا آءُ ٻُڌي سگهندس؟
جواب ڏيئي سگهندس؟
يا مون منجهان نڪرندڙ شڪل
React
ڪندي؟
آءُ شايد انهيءَ ڪيفيت مان گذري رهي آهيان. بُرش منهنجي سامهون
رکيل آهن، کوڙ سارا رنگ
Mixup ٿي رهيا آهن.
نيرو رنگ ايترو گهرو ڇو پيو ٿئي؟
اوندهه جو احساس اوچتو ڇو پيو وڌندو وڃي؟
گهريون شيون ڌنڌليون ٿي رهيون آهن ۽ هلڪڙيون شيون گهرا رنگ
اختيار ڪري رهيون آهن. پوءِ اُمالڪ اِهي سڀ رنگ
ڪٿي گُم ٿي رهيا آهن.
وائڙائپ، ڊپ، اونده ۽ ٿڌ جو احساس ضرور ٿي رهيو آهي، پر تمام
گهڻو احساس ۽ هر احساس تي رد عمل ڪرڻ عمل گم ٿي
ويو آهي.
هي ڪمرو تمام ڄاتل سڃاتل ۽ پنهنجائپ سان ڀريل آهي. منهنجو دوست
۽ همدرد آهي. اهو ڇو اوپرو ۽ پراسرار ماحول پيش
ڪري رهيو آهي. آءُ سوچي رهي آهيان، پر شعوري طور
تي.
يا شايد مون کي ڏُور منهنجو احساس مون کي ڪجهه ڌاريو ۽ اڻ ڄاتل
تصور ڏيئي رهيو آهي. هي بُت ڪافي وقت کان ائين ئي
پيو آهي. اهي ڪارنس تي رکيل ناسي ۽ ڳاڙها گل، اِها
ماٿري ۽ آبشار جي سينري... هيءُ گلبدن وينگس ۽
هيءَ تصوير.....
پر اِهو ڇا... اوچتو تصوير جي پکيڙ ۾ واڌ اچڻ لڳي آهي. ننڍڙو
شهر... ڪجهه ماڻهو... اها ڪيئن ڦهلجي ويئي آهي.
دڪان چٽا ڇو پيا ڏسڻ ۾ اچن ۽ انهن منجهه ماڻهو....
جيئرا انسان، چُرندڙ ماحول سبب هلندڙ ڦرندڙ... تيز
ٿڌ.... جسمن تي گرم لباس.....
۽ پوءِ سڀ ڪجهه هڪ گهڙيءَ ۾ ختم ٿي ويو. اونده ڇائنجي ويئي.
سوجهرو ختم ٿيندو پئي ويو. آءُ بنا حرڪت جي سڀ ڪجهه ڏسي رهي
آهيان. کوڙ سارا احساس ڪنهن هنڌ گوڙ ڪري رهيا آهن.
آءُ ڪنهن مورت وانگر تماشو ڏسي رهي آهيان.
اکين ۾ وڌيڪ سگهه اچي ويئي آهي. اِهي مون سان گڏ آهن. باقي
سمورا حواس مون کان بغاوت ڪري چڪا آهن.
تصوير ننڍي ٿيڻ لڳي آهي، ۽ هر پل ۾ پنهنجي اصلوبي شڪل ۾ واپس
اچي رهي آهي، ۽ پوءِ اها پنهنجي خاص حالت اختيار
ڪري وٺي ٿي.
ڪمري ۾ تمام گهڻي سانت آهي. منهنجي ساهه جي رفتار ڪجهه وڌي ويئي
آهي- منهنجي نظر ڪُنڊ، ۾، گوڏي تي سر نمايل ويران
۽ بي نور اکين واري بُت تي پيئي. هڪدم ائين محسوس
ڪيم، ڄڻ اُهو ورهين کان انتظار ۾ آهي. پنهنجي ديد
وڃائي چڪو آهي ۽ هاڻي گياني بڻجي ويو آهي. ائين
لڳم ته اهو ٻُڌ جو پوئلڳ آهي، جيڪو روزانو ڪڻڪ جي
هڪڙي داڻي تي گذارو ڪري چڪو آهي. يا شايد هاڻي
اُهو هوا منجهه موجود مٽيءَ جي ذرن مان غذا حاصل
ڪندو آهي. يا.......
يا ڪجهه ٻيو..... پر.... اِها ته مٽي آهي، ڳوهيل مٽي، بيجان
مٽي.
ته پوءِ ڇا ٿيو؟
آءُ کِلڻ لڳان ٿي. آءُ به ته مٽي آهيان. ڳوهيل ۽ ترتيب ۾ آيل
مٽي، پر آءُ گياني ڪا نه آهيان. مون ته سڌارٿ جي
هٿ تي بيعت ناهي ورتي. آءُ ڪنهن اهڙي واقعي جي
انتظار ۾ آهيان، جيڪو منهنجي دنيا بدلائي ڇڏي.
پر آءُ... پاڻ اهو واقعو ناهيان!
آءُ اڪيلي ناهيان، منهنجي اندر ۾ ڪو ٻيو رهي ٿو، جيڪو موقعو
ملندي ئي مون کي پنهنجي پاڻ مان ڇڪي ٻاهر اڇلائي
ٿو، ۽ پنهنجي پاڻ کي باتصوير ٻيو ڪٿي ظاهر ڪري
ڇڏيندو آهي. آءُ پاڻ به ڪجهه ڏسندي آهيا، ڪجهه
سوچيندي آهيان، پر ورجائي نٿي سگهان. ياد نٿي رکي
سگهان، ذهن تي مُترڪا وسندا رهن ٿا. آءُ ان ئي وڻ
جي شاخ سان ڳالهائڻ لڳان ٿي، تڏهن به منهنجا لفظ
هيڏانهن هوڏانهن وڃائجي وڃن ٿا. مفهوم به سمجهه ۾
ڪون ايندو اٿم ۽ پوءِ اُنهن لفظن جو پڙلاءُ گهاٽي
ٻيلي ۾ لفظن جو ڍڳ ڪري ڇڏيندو آهي. ڪير ڪجهه به
نٿو سمجهي سگهي.
آءُ شايد هلي رهين آهيان يا ڪمرو حرڪت ۾ آهي، يا شايد اُهو
بيجان بُت مون تائين پهچي ويو آهي.
مٽي تمام طاقتور شيءَ جو نالو آهي. مٽي تاريخ جي سڀ کان وڏي
حقيقت مٽي نه هجي ها ته دنيا جو تصور ئي ڪونه هجي
ها. ادب ، تاريخ، ثقافت، ورثو، انسان........ سڀ
ڪجهه ته مٽي آهي. آءُ پٿر بڻجي انهيءَ بُت کي ڏسي
رهي آهيان. اهو ائين ئي ويٺو آهي. ويران ويران،
اکين جي جاءِ تي اونها کڏا!
پوءِ اوچتو. بنا .ڪنهن .سوچ، ڪنهن ارادي جي، منهنجي اکين مان ٻه
نمڪين ڦڙا ڪريا ۽ ائين لڳم ڄڻ ان انهيءَ مٽي جي
بُت جي ٻني خالي کڏن ۾ منهنجي اکين جي روشني پئجي
ويئي آهي ۽ اها چمڪي وئي آهي.
اهي، اونداها کڏا، جن ۾ جنمن کان روشنيءَ جو ترورو به باقي ڪو
نه رهيو هو اُهي مون کي ڏسي رهيا هئا.
۽ پوءَ ان مٽيءَ جي چهري تي مُرڪ پکڙجي وئيي.
آواز اوندهه کي ڦاڙڻ لڳو!......
آءُ الائجي ڪڏهن کان تنهن اُنهن ٻن لڙڪن لاءِ سڪندو رهيو آهيان،
جيڪي منهنجي اونداهي زندگيءَ ۾ روشني ڪن ٿا: ڄاڻين
ٿي، آءُ ڪڏهن کان تنهنجي اوسيئڙي ۾ هيس.
تو مون کي ڪيڏي پيڙا ۾ وڌو آهي. انهن ورهين ۾، منهنجي ڳولا،
منهنجي جُستجو، منهنجي آرزو ۽ منهنجي خواهش تنهنجا
اِهي ٻه لڙڪا هئا.
تمام گهڻي دير ٿي ويئي توکي ڏاڻ ڪرڻ ۾... ڇا تون منهنجي پُڪار
ڪا نه ٻڌندي هئين؟
آءُ گهڻو ڪجهه چئي رهي آهيان: ڪيئي ڳالهيون چوان ٿي، پر ....
لفظ ڪمري ۾ تحليل ٿيندا پيا وڃن. آءُ ڪجهه سمجهي
رهي آهيان. ڪجهه سمجهڻ چاهيان ٿي. پر ڇا ڪريان،
منهنجي اندر ۾ ڪا اهم شيءَ مري ويئي آهي. مون
ڪيترائي لُڙڪ انهن اکين مان وهايا، پر اهي ٻه ڦڙا
ته سمنڊ جي حيثيت اختيار ڪري ويا.
مون کي ائين لڳي رهيو آهي، ڄڻ ڪنهن اڻ ڏٺل طاقت جي اشاري تي اهو
سڀ ڪجهه ڪري رهي هيس.
ڪو اڻ ماڻيل اوسيئڙو، ڪا اڻ ڄاتل بيچيني ۽ بي قراري، ڪجهه
پراسرار، ڪجهه غير فطري ڇا سوچي رهي آهين؟ هو ٻيهر
مون سان ڳالهائڻ لڳو.
مون تو سان ڪيئي ڀيرا ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪجهه به نه
پرايم. تون سندي دنيا ۾ گم رهندي آهين. آءُ ڄڻ
هپناٽائيز ٿي رهي هيس..... هو اُٿيو... منهنجو هٿ
جهليائين ۽ پوءِ ڄڻ شهر آباد ٿيڻ لڳو. سمورو ماحول
بدليل بدليل لڳي رهيو هو، موسم ۾ هلڪڙي ٿڌ هئي.
هوا سيٽيون وڄائي رهي هئي. آءُ انهيءَ سان گڏ هلي
رهي هيس، جنهن اونداهي چوء واٽي تي ورهين کان
منهنجي موٽڻ جو انتظار ڪيو هو، جنهن پنهنجي ڪشڪول
۾ رڳو ٻن لڙڪن جي تمنا ڪئي هئي.
پوءِ شهر جي آبادي گم ٿيڻ لڳي ۽ اهو وڻ سامهون اچي ويو. آ ششدر ٿي ويس. هن ٻيهر پڇيو.
”اي وڻ! ڇا تون انهيءَ کي سڃاڻين ٿو؟“
مون جواب ڏيڻ پئي چاهيو. چوڻ پئي چاهيم ته اُهو وڻ منهنجو واحد
رازدار آهي. انهيءَ وٽ مون کي پنهنجي هئڻ جو يقين
ملندو آهي. ڪو خواب جهڙو خيال، ڪو آباد وجود، پر
لفظ زبان جي وس ۾ ڪٿي هئا؟
اِهي ته اندر ئي اندر ڀُري رهيا هئا ۽ هوائن منجهه اُڏامي رهيا
هئا. هاڻي اسين ٻيئي وڻ هيٺان بيٺا هئاسين. هن
منهنجو نالو پڇيو. نالو... نالو...!
مون ذهن تي تمام گهڻو زور ڏنو. پنهنجي پاڻ کي سڏيم. سوچيم. مدد
لاءِ پنهنجي اندر جي وجود کي سڏ ڪيم، پر ڪا به
واهر نه ملي. نالو؟ نالو؟ سڃاڻپ... ۽ سڃاڻپ ڪهڙي؟
اهو وڻ، اها ويراني..... ۽ آءُ ڇا آهيان؟ آءُ...
آءُ ته ڪا نه آهيان. آءُ ته ٻيو ڪٿي آهيان، ڪنهن
ٻئي هنڌ تي. ڪنهن ٻئي ڪم ۾ رُڌل . آءُ جيئري
آهيان، پر هِتي ڪو نه آهيان. هتي رڳو منهنجو بيجان
جسم آهي.... ۽ ڇڙوڇڙ سوچ آهي ۽ اکيون اٿم پر زبان
ڪونهي.... ڳالهائڻ ڪونهي... خواهش اٿم پر جذبا
ناهن ۽ احساس ته آهي پر برف تمام گهڻي آهي.
هُن آسمان ڏانهن کڄيل وڻ جي ٻانهن منجهه منهنجو رئو ٻڌي ڇڏيو.
”هاڻي دعا گُهر“، هُن وري ڳالهايو.
آءُ ڊڄي ويس. ڪارو وڻ منهنجي سامهون هو. آءُ... آءُ پنهنجي پاڻ
۾ موجود ڪا نه هئس. منهنجو رئو اُڏامي رهيو آهي ۽
گڏوگڏ رنگين لهرون، ڪپڙن جون ليرون، رنگين ڌاڳا ۽
دعا؟.... دعا گم....
هو ٻيهر دعا گهرڻ لاءِ چوي ٿو، پر دعا ڪٿي؟
منهنجو ذهن چڪرائڻ لڳي ٿو... آءُ اڃا تائين واپس ڪا نه موٽي
آهيان. الائجي ڪهڙي واٽ ۾ وڃائجي ويئي آهيان. ڪاش!
آءُ ڪو دعا جو لفظ پاڻ وٽ رکي ڇڏيان ها. هن رئي جي
ڪنڊ ۾ ٻَڌي ڇڏيان ها. مون ٻاڏايو ته آءُ دعا ڳولي
وٺندس. انهيءَ رئي ۾ ٻڌي آسمانن ڏانهن نياپو
موڪليندس، پر لفظ ته گونگا هئا. ۽ دل؟..... منهنجي
اندر ڪا نه هئي.
هو منهنجي ويجهو اچي ويو. منهنجي هٿ-تري پنهنجي هٿ ۾ جهلندي نمي
پيو.
ٻه ڦڙا، گرم گرم ڦڙا، منهنجي هٿ-تريءَ تي ڪريا ۽ هُو ٻيهر ساڳين
دنيائن ۾ موٽي ويو.
منهنجي هٿ –تري کُليل هئي. ٻه ڦڙا لڙڪن جا رُڪيل هئا، ته اوچتو
ڪٿان کان سج اُڀري آيو ۽ گهڙي کن ۾ تکي اُس پکڙجي
ويئي. ڪرڻن جو ڇهاءُ!... هٿ-تريءَ تي پيل ٻن ڦڙڻ
کي لڳو ته اُهي ستن رنگن ۾ ورهائجي ويا. روشنيون
تيزيءَ سان پکڙجي ختم ٿي ويون.
اُن گهڙيءَ مون هن کي ساڳئي انداز ۾ گوڏي تي ڪنڌ لاڙي اوسيئڙي ۾
وساميل اکين سان ويٺل ڏٺو.
ڪنهن جي اوسيئڙي ۾....
پر ڪنهن جي اوسيئڙي ۾...؟
منهنجي اندر ۾ وري ڪجهه واپس اچڻ لڳو آهي. پر هن ڀيري گهڻي دير
ٿي ويئي.
هوريان هوريان منهنجي اندر ڪجهه
Inject
ٿي رهيو آهي. ڳالهائڻ جي سگهه موٽي آئي. لفظ معنيٰ
سان گڏ ذهن ۾ اچڻ لڳا. زبان لاچار نه رهي. احساس
چٽا ٿيڻ لڳا. سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن هو. ان تصوير
منجهه هڪ بيجان اونداهو شهر، اُها ماٿري، اُهو
آبشار ۽ اتي اُهو بُت... ۽ منهنجي هٿ جهي خالي
تري!
پر منهنجو پُسيل چهرو ۽ رئو ڪٿي هئا؟
تبصرا
آڪاش کان اڳتي
152 صفحن تي پکڙيل ناول ”آڪاش کان اڳتي“ اڃان پڌرو نه ٿيو هو ۽
نه مون کي خبر ئي هئي ته انور بلوچ ڪو ناول به
لکيو آهي، ۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن سندس ڪهاڻين جو
ڳٽڪو ”ڪارو پاڻي“ ڇپرائڻ لاءِ يوسف سنڌي سرگرم هو
۽ مون کي انور جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ڪارو پاڻي“ جي
فليپر لکڻ لاءِ حڪم ڪيو هئائين ته مون اُهو فليپر
لکيو هو. اُهو فليپر هتي سڄي جو سڄو ته نٿو ڏيان،
پر آخري به ٽي جملا ضرور ورجائيندس: ”.... ۽ ها،
انور کي ناول تي ضرور طبع آزمائي ڪرڻ گهرجي، ان
ريت هو اسان کي سليس ۽ شاندار ناول به ڏيئي سگهي
ٿو.“
مون کي ايتري پڪ هئي ته انور سليس ۽ شاندار ناول ڏيئي سگهي ٿو،
پر اها اُميد ئي ڪا نه هئي ته سندس ناول ايڏو ڪو
ترت اچي به ويندو!
محمد انور بلوچ جي ناول ”آڪاش کان اڳتي“ ۾ مهاڳ طور ”ٻه اکر“
محترم حميد سنڌي لکيا آهن ۽ ليکڪ تي خاڪو يوسف
سنڌيءَ لکيو آهي. اِن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سائين
حميد سنڌي ۽ يوسف سنڌي صاحب پنهنجن پنهنجن ليکڪن ۾
ڏاڍو نباهيو آهي. ذاتي طرح مون کي ٻيئي ليک ڏاڍا
وڻيا آهن، پر آءُ سمجهان ٿو ته سڀني مانوارن
پڙهندڙن کي محترم حميد سنڌيءَ جي مهاڳ مان مستفيض
ڪجي. پهرين ته خيال آيو ته مهاڳ مان ڪي اقتباس پيش
ڪريان، پوءِ اهو خيال آيو ته اِهو مهاڳ سڄي جو
سڄو هِت ڏجي ته بهتر ٿيندو. اُن لاءِ اِن مهاڳ کي
”صدارتي درجي“ تي فائز سمجهندي، آءُ هن تبصري جي
آخر ۾ ڏيڻ چاهيان ٿو، جو اها ڳالهه ادب ۽ وضعداري
وٽان ٿيندي.
يوسف جو خاڪو بهترين ۽ جامع آهي. اُهو جيڪي ڪجهه مون انور لاءِ
سوچيو هو يا آءُ سوچي سگهيس ٿي، اُهو سڀ يوسف
سنڌيءَ لکي ڇڏيو آهي. ”ڪارو پاڻي“ ۾ مون جيڪو
فليپر تي لکيو آهي، اُن ۾ به اِهو لکيو اٿم: ”شخصي
طرح انور مون کي ان ڪري به ڏاڍو متاٿر ڪندو آهي،
جو هُو پنهنجن پٽن جي پيءُ هجڻ سان گڏ سندن دوست
به آهي...“ هاڻي آءُ اُن ۾ اهو واڌارو ڪندس ته رڳو
نصر الله يا اسد الله جو اِهو ڀاڳ نه آهي، پر اسان
جي نياڻي گُل به خوش نصيب آهي، جو کيس انور جهڙو
پيءُ نصيب ٿيو آهي. انور جي ونيءَ کي به الله
سائين سدائين سندس سرتاج جي ڇانوَ ۾ رکي. ڪيڏي نه
ڀاڳوان آهي جو انور سندس همسفر آهي، جيڪو ذاتي طرح
بيحد ڀلو ماڻهو آهي ۽ اهو به وڌاءُ نه ٿيندو ته
انور جي سُٺي شخصيت جي تعمير ۾ وڏو ڪردار سندس
جيون ساٿي ادا ڪيو آهي. (ان ننڍڙي سهڻي ڪٽنب کي
ڏسي مون کي پنهنجا دوست شانو ۽ پَپي-شاهنوار ۽
ارشاد- ياد ايندا آهن. سندن وڏا ڀائر-ڀاءُ مشتاق ۽
ڀاءُ اشفاق- اکين آڏو ايندا آهن، جن کي گڏ ڏسي ڪو
به اندازو لڳائي نه سگهندو آهي ته اُهي ڀائر آهن
يا دوست آهن. سلام اُن پيءُ کي آهي، جنهن سندن
اهڙي سهڻي تربيت ڪئي آهي.)
انور بلوچ ”هڪ تير سان ٻه شڪار“ ڪيا آهن. ناول جو ناول لکيو
اٿائين، گڏوگڏ سفرنامي لکڻ وارو شوق به پورو ڪيو
اٿائين. جرمنيءَ ۾ ڪردارن ۽ انهن جي چُرپُر چٽي
رومانس سان گڏ ولايت جي سير سفر جو مزو وٺرائي
ناول نگار ٻيون به خبرون ۽ حال احوال ڏنا آهن.
هيءُ ناول بجا طور تي سنڌي ادب جو هڪ خوبصورت ناول آهي. مون
سمجهيو هو ته جيجي ماهتاب محبوب جي ناول ”خواب،
خوشبو ۽ ڇوڪري“ کان پوءِ ڪو سُٺو ناول شايد اڃا
دير سان نصيب ٿيندو، پر انور هيءُ ناول لکي واقعي
نه رڳو دل خوش ڪري ڇڏي آهي، پر حيران پڻ ڪيو
اٿائين. ڪجهه سال اڳ مون هدنستاني ليکڪا اجيت ڪور
جو ناول ”گوري“ پڙهيو هو ته مون هڪدم سوچيو هو ته
ههڙو ناول ته آءُ به لکي وينديس، پر اعتراف ڪريان
ٿو ته مون کان اهڙو ناول لکيو ڪو نه ٿي سگهيو.
ظاهر ۾ سادو ۽ سليس نظر ايندڙ ڪو فن پارو پڙهڻ کان
پوءِ هر عام پڙهندڙ ائين سوچيندو آهي ته، ”ان ۾
ڇاهي، اِهو ته آءُ به لکي سگهان ٿو.“ جيڪڏهن ائين
هجي ها ته شايد هر ماڻهو ليکڪ هجي ها. انور بلوچ
جو ناول پڙهي مون کي حيرت ٿي ته ڪيڏي نه سادي
Theme
کي انور بلوچ، ڪيئن اُڻت هيٺ آڻي هڪ شاندار ناول
ڏنو آهي.
هن شآندار ناول جي ڪهاڻي نهايت سادي آهي. هڪ پيار-ڪهاڻي، جنهن
جو اَنت ڏکارو! جيڪو روئاريندڙ به آهي. هن ناول
پڙهندي ٻن هنڌن تي ته بي اختير لُڙڪ لڙي پيم! هڪ
ڀيرو جڏهن جميل، جينيءَ کان سنڌ بابت آگاهيءَ جي
باري ۾ اُتاولائيءَ سان پڇي ٿو ۽ ٻيو ڀيرو جڏهن
پنهنجي زال مريم جون ساروڻيون ورجائي ٿو. ها، مون
جڏهن ناول جو انت پڙهيو ته مان ڏاڍو ڊسٽرب ٿي ويس.
ناول جو انجام ڏاڍو
Shocking
آهي. مون کي لوڏي ۽ ڌوڏي وڌائين. ان رات جڏهن مون
سانجهيءَ ٽاڻي ناول پورو ڪيو هو، مون سڄي رات ڪجهه
به نه کاڌو ۽ پيتو! مون تي ٻئي ڏينهن جي سانجهيءَ
تائين ساندهه چويهه ڪلاڪ سوڳ طاري رهيو. مون لاءِ
ناول جو اهڙو ٽريجڪ (دکدائڪ) ”اينڊ“ قبولڻ جوڳو ئي
نه هو.
هن ناول جون ڪهڙيون خوبيون ڳڻائجن...؟ بيشمار خوبيون آهن. هڪ
ته ناول شاندار آهي، ٻيو ته ساڳئي وقت هڪ دلچسپ
سفرنامو به آهي. (جيتوڻيڪ انور جي آمريڪا جي
سفرنامي ”اي ٽِرپ ٽُو آمريڪا“ جو شان ئي نرالو
آهي، پر هيءُ ”ناول-ڪم-سفرنامو“ ڪنهن به ريت گهٽ
نه آهي.) ٽيون ته هيءُ ناول ساڳئي وقت هڪڙي ننڍڙي
انسائيڪلوپيڊيا به آهي. چوٿون ته هن ناول ۾ سنڌ
بابت محبت اجاگر ڪرڻ به هڪ مقصد طور شامل آهي، جو
اڄ ڪلهه سياسي
Collapse
کان پوءِ سياسي ڳالهه يا وطن پرستيءَ جي ڳالهه ڪرڻ
به آئوٽ ڊيٽيڊ معاملي تي گفتگو ڪرڻ جي برابر ٿي
ويو آهي. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کانپوءِ شايد انور
بلوچ ئي آهي، جنهن جي لکڻين ۾ سنڌ سان محبت،
طبقاتي ۽ قومي اڻ برابريءَ واريون سوچون ۽ مذهبي
منافرت کان بيزاري آهي. پنجون ته انور جي ناول ۾
تصوف جو رنگ نمايان آهي. مذهبي اجاره داري ۽ هڪ
هٽي خلاف باقاعده ڀرپور نفرت موجود آهي. جيتوڻيڪ
آءُ مذهبن کي ڏاڍو سُٺو ٿو سمجهان. مذهب زندگين
لاءِ هڪ نظم ضبط وانگر آهي، پر پوءِ به مُلن،
مولوين، پيرن پادرين ۽ پنڊتن جي قائم شهنشاهيت
ڏاڍي خطرناڪ لڳندي آهي. مون کي ته مسجد ۾ نماز
پڙهندي به خوف محسوس ٿيندو آهي ته ڪو خطرناڪ ۽
جنوني مُلو محض ان لاءِ نه منهنجي پٺيان خنجر
وهائي ڪڍي. جو نماز جي ترتيب سندس ملڪ موجب ڇو نه
قائم رکي اٿم! ڇا اهو عذاب نه آهي ته اڄ مون جهڙو
عام مسلمان مسجد کان گهر ۾ نماز پڙهڻ کي ترجيح
ڏئي ٿو. ڇهون ته انور جي ناول ۾ ڪردارن جي وچ ۾
ٿيندڙ مڪالما ڪنهن نه ڪنهن تاريخي نقطي سان
سلهاڙيل آهن. ڪٿي ڪا چوڻي آهي ته ڪٿي ڪو شعر، خاص
طور تي حضرت عيسيٰ عليه السلام جا فرمان، لطيف
سرڪار جا بيت، منصور، حلاج ۽ روميءَ جا شعر،
انگريزي چوڻيون ۽ پهاڪا بابا بُلي شاهه جا
قول-مطلب ته سڄي ناول ۾ مڪالما ڄڻ ته ڪنهن دانشور
جو نوٽ بوڪ بڻيل آهن ۽ ساڳئي وقت ٻنهي مرڪزي
ڪردارن ”جميل“ ۽ ”جينيءَ“ جي ذهني اپچ ۽ ڏاهپ جي
سطح کي واضح ڪن ٿا. ستون ته هي ناول پڙهندي اوهان
کي ڪٿي به ڪا رنڊڪ محسوس نه ٿيندي. جيتوڻيڪ هن
ناول ۾ گهرج پٽاندر هر ٻئي صفحي تي فوٽ نوٽس به
ڏنل آهن، پر ناول جي شروع کان وٺي آخر تائين،
ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿي به ڪو اسپيڊ بريڪر ڪونهي. اٺو ته
ناول جي مڪالمن ۾ گهرائي آهي. ڪٿي ڪٿي ته ڪي ڪي
جملا بيهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿا وجهن. نائون ته
پلاٽ جي ٽيڪنڪ جي حوالي سان ناول جي اُڻت، گهيرو،
ڪردارن جو تعارف، ڪهاڻيءَ جي
Development
ڏاڍي مهارت سان ڪئي ويئي آهي، جنهن سبب ناول ۾
سادگيءَ ڀريو حُسن پيدا ٿيو آهي. ڏهون ته سواءِ هڪ
ٻن جملن جي، ٻوليءَ جي نج هجڻ جو خاص ڌيان ڌريو
ويو آهي ۽ سواءِ هڪ اڌ جملي جي (جيڪي پڙهندڙ تائين
Convey
ٿي وڃن ٿا) ڪٿي به گرام جي هروڀرو غلطي نه آهي ۽
نه وري پنڪيوئيشن (بيهڪ جي نشاني) ۾ ڪي گهٽ وڌايون
آهن.
صفحي 158 تي جميل، جينيءَ کان امڙ ايلسا قاضيءَ بابت پڇي ٿو ته
قاضي صاحب امڙ ايلسا قاضيءَ جي وفات کان پوءِ سندس
شديد محبت سبب جدائيءَ جو سوُر نه سهي پاڻ کي
سنڌو درياهه جي حوالي ڪيو هو، اِن جاءِ تي مون کي
هر اُن ماڻهوءَ سان اختلاف آهي، جيڪو علامہ صاحب
جي وفات کي ”حتمي طور“ تي خودڪشي قرار ڏين ٿا. ڇو
ته اڃا اهو طئه نه ٿيو آهي ته علامہ صاحب آپ گهات
ڪيو هو. جيتوڻيڪ آپ گهات جي صحيح يا غلط عمل جو
بحث به جاري آهي، پر اها تصديق ٿيل ڳالهه نه آهي
ته علامہ صاحب جهڙو چِٽو ۽ گهَرو ماڻهو، جيڪو سڄي
عمر خودڪشيءَ جي مخالف فڪر ۽ فلسفي جو ڀرپور
پرچارڪ رهيو، اُن پنهنجو اَنت اِن طرح آندو. ناول
نگار لاءِ مومل رڻي، سسئي پنهون، سهڻي ميهار ۽
ويندي هر شاهڪار پيار-ڪهاڻيءَ جا ٻيا انيڪ مثال
موجود هئا. هُو ڪنهن به ذريعي محبتن جي شدتن ۽
انتهائن لاءِ مثال ڏيئي پئي سگهيو. ڪو شڪ نه آهي
ته علامہ قاضي صاحب ۽ امڙ ايلسا قاضي اسان سنڌين
لاءِ مستقل اتساهه جو سبب آهن ۽ ان ڪري انهن کي
اهڙي عمل لاءِ مثال نه بڻايو وڃي، جو سنڌ جا اڌو
گابرا پڙهيل ۽ خودڪشيءَ جي رومانس ۾ ورتل ماڻهو
پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائيندي فخر محسوس ڪن.
منهنجو ڪهاڻيڪار دوست ممتاز بخاري اڪثر منهنجين ڪهاڻين تي تنقيد
ڪندو آهي ته ”جڏهن انگريزي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي
ڪردارن ۽ مقامي ڪردارن جي وچ ۾ مڪالمي بازي ٿئي ٿي
(۽ اهو ڄاڻايل آهي ته گفتگو انگريزي يا ڪنهن ٻي
ٻوليءَ ۾ هلي رهي آهي) ته پوءِ وچ وچ ۾ انگريزيءَ
۾ مڪالما ڏيڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟“
آءُ سمجهان ٿو ته ممتاز جي اها تنقيد بجا آهي. انور جي ناول ۾
هنڌين هنڌين سنڌي بيان ۾ اوچتو انگريزي بيان شروع
ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته پڙهندڙ کي خبر آهي ته جميل
سنڌي آهي ۽ جيني انگريزي ڳالهائيندڙ جرمن
ڇوڪري/عورت آهي ۽ ظآهر آهي ته ناول ۾ بيان ڪيو
ويو آهي ته سندن وچ ۾ گفتگو انگريزيءَ ۾ هلي رهي
آهي ته پوءِ انگريزيءَ ۾ مڪالما ڏيڻ اجايا آهن.
ليکڪ کي لطيف سائينءَ جا بيت ڏيڻ ضروري هو ته اها
ڳالهه ليکي ۾ نٿا آڻيون، پر پوءِ به ڊائلاگ
ڪيڏانهن ڪيون؟
انور جي شاندار ناول جي ڇپائي به سُٺي ٿيل آهي. ٽائيٽل به
جيتوڻيڪ سهڻو ڇپيل آهي، پر نالي ”آڪاش کان اڳت، جي
حساب سان ٺهڪندڙ ناهي. سرورق تي ڏنل تصوير ۾ لڳي
ٿو ته خراب ٿي ويل ڪريلن (جن جو رنگ به ڳاڙهو ٿي
ويو آهي) کي پاڻيءَ جو ٽيهو ڏيئي ٻيهر وڪري لاءِ
رکيو ويو آهي. باقي ناول جو انتساب (ارپنا)
پنهنجيءَ گهر واريءَ جي نالي ڪري، مون لاءِ پرابلم
پيدا ڪري ڇڏيو اٿس، جو هاڻي جيڪڏهن آءُ پنهنجي
ڪنهن ڪتاب کي پنهنجي زال ڏانهن منسوب نٿو ڪريان ته
وڏي گڙٻڙ ٿيندي. پر وڏو عذاب اهو ڪيو اٿائين، جو
ڀاڄائيءَ جو فوٽو به بئڪ ٽائيٽل تي ڏنو اٿائين،
جنهن کي ڏسي منهنجي ”نصب بهتر“ فرمائش ڪئي آهي ته:
”اهڙيءَ طرح تنهنجي ڪتاب تي منهنجي تصوير به اچڻ
گهرجي ۽ لوڪ ۾ (خاص طور تي اميد ۾ ويٺل ويچارين ۾)
اهو مشهور ٿئي ته تو کي به هڪ عدد حرم پاڪ آهي.“
ٽائيٽل جي پهرئين فليپر تي ڀائيجان نصير مرزا جو نفيس نفيس
تبصرو لکيل آهي، جيڪو دل کي ڇُهندڙ آهي. اهو هِت
نقل ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
”اصل ۾ ناول ڀاري پٿر وانگر هوندو آهي ۽ ان کي کڻڻ جي همت، قدرت
ڪنهن ڪنهن ليکڪ کي ئي وديعت ڪندي آهي- ۽ نه بس!
ازلي ابدي سر جڻهار پاران 1998ع ۾ اهڙِ سگهه،
اجهو، اسان جي هن پنهنجي اڪيلي انور بلوچ کي ئي
عطا ٿيل سمجهڻ گهرجي.
“Congratulations Anwar Baloch”
هونءَ غور ڪريو ته ڪيڏي نه غريب آهي سنڌي ٻولي،
جنهن ۾ ”عظيم ناول“ اڄ تائين نه لکيو ويو آهي! ها،
ڪجهه سُٺا ناول ان جي ادبي تاريخ جي تذڪري ۾ ضرور
موجود ملن ٿا. پر اُهي به ڪيترا؟ ۽ آڱرين تي ڳڻڻ
جو ويهو، ته اهڙن سُٺن ناولن جا نالا کُٽيو پون!
بس، ته اُنهن رهيل آڱرين مان هڪ آڱر ڀرڻ لاءِ هيءَ
اِجهو انور بلوچ اهڙي همت ڪئي آهي ۽ ڪيتري ڪارگر
آهي اها همت؟ ۽ مواد ڪيترو ڀاري آهي انهيءَ ناول
جو؟ اهو ته يا پيارو پڙهندڙ ڄاڻي، يا نقاد! مون کي
ته هيءُ ناول پوري محنت، هوم ورڪ، سليقي ۽ ڪمٽمينٽ
سان ئي لکيل ڳو آهي. ڀلا ڪيئن آيو هن ناول جو
Theme
انور جي ذهن ۾؟
Inspiration
ڪٿان ملي هن کي هي سڀ ڪجهه لکڻ جي؟ ۽ اُن جو جواب
خود انور جي پنهنجن لفظن ۾....” هڪ ته ڊاڪٽر ٽرمپ
جي لطيف ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي تصور سان دلچسپي، ٻيو
علامہ آءِ. آءِ قاضيءَ سان مئڊم ايلسا قاضيءَ جي
والهانه وابستگي ۽ ٽيون پير حسام الدين راشديءَ جي
ڊاڪٽر انيمري شمل سان اٽوٽ دوستي... ۽ هي ناول مون
سنڌ-جرمن دوستيءَ جي اهڙي ئي تاڃي ۾ اُڻيو آهي.
هونءَ سنڌي بيڪ جميل ءٌ۽ جرمن نائڪا جينيفر جي
ڪردارن جي وچ ۾ اُڻيل هيءَ پيار-ڪهاڻي، انهن ئي
مٿين عظيم شخصيتن جي رشتن جي تجديد سمجهڻ گهرجي،
(۽ ان حوالي سان هوند هي ناول ڪڏهن جي جرمن ٻوليءَ
۾ به تجرمو ٿي پوي ته ليکڪ جو پورهيو به واهه جو
سڦل ٿي وڃي، جيڪر!) خير.... ڏٺو وڃي ته رڳو
پيار-ڪهاڻي ئي ڪٿي آهي هي ناول؟ انور ان جي اُڻت ۾
لطيف، سنڌ، صوفي ازم، مذهب ۽ ميڊيڪل سائنس کي به
ڪمٽمينٽ سان ڊسڪس ڪري، ڄڻ پاڻ کي هڪ باشعور ۽
تخليقي ناول نگار ثابت ڪيو آهي. گُڊ!.... ۽ ان
لحاظ کان، هيءُ ناول نه فقط انور جي ڪريڊٽ تي هڪ
سٺو ناول سمجهيو ويندو، پر ان سان گڏوگڏ هي ناول
پڪ سان سنڌي ادب ۾ ليکڪ جي
Credibility
۾ به بهرحال اضافي جو سبب ضرور بڻجندو، اول خير.“
ٻئي فليپر تي انور پاڻ ئي پنهنجي تعريف ڪئي آهي ۽ بئڪ ٽائيٽل تي
ڀاڄائيءَ کان واکاڻ ڪرائي اٿائين... ان لاءِ کيس
بخش ڪجي ٿو.
آخر ۾ ”سچائي اشاعت گهر“ کي به مبارڪباد، جو يوسف بهرحال اڃان
به محنت ڪري پيو، نه ته اڄ ڪلهه ته ماڻهن کي مرچن
۽ ڌاڻن مان به واندڪائي ڪا نه ٿي ملي. ڪتاب لاءِ
ڪمپيوٽر لي آئوٽ موهن لال مڪواڻا ڏنو آهي، جنهن
لاءِ ڪتاب جي لي- مين کي ڪا خاص ڄاڻ نه هوندي آهي،
پوءِ به بهرحال مڪواڻا جي محنت کي جس.
هاڻي اچو ته هن ڪتاب جي ”صدارتي راءِ“ يعني انور جي ناول جي ”ٻه
اکر“ مان مزور وٺون، جيڪو اسان جي انتهائي لائق ۽
مانواري اديب حميد سنڌي صاحب جو لکيل
آهي.
_ طارق قريشي
محترم حميد سنڌيءَ جا ٻه اکر:
”آڪاش کان اڳتي“ هڪ سٺي ڪهاڻيڪار انور بلوچ جو ناول سيپٽمبر جو
مليو هيم ته پڙهان ۽ اُن تي ٻه اکر لکان. نومبر جو
مهينو به گذري ويو، ڊسمبر جي شروعات آ. پر مان ٻه
اکر لکڻ لاءِ اڃا پاڻ کي تيار ڪري نه سگهيو آهيان،
جو هينئر به الائي ڪائون دفعو هيءُ ناول پڙهي
پورو ڪيو اٿم! دل چوي ٿي ته اڃا به پڙهان. هن ۾ جن
ڪنئرن ۽ سنهڙن جذبن جو رت جي سنهڙين رڳن وانگر
جيڪو ڄار وڇايل آهي، انهن ۾ جميل ۽ جينيءَ جي رت
جا ڪئين وهڪرا پسندو رهان: ڪيئن هلڪا ۽ ڳُوڙها رنگ
پسندو رهان. هن پيار جي داستان جا عجيب رنگ چٽيل
آهن. من اهڙو ئي ڪنئرو ۽ شفاف بيٺو آهي، ڪير هن کي
”ناول چئي سگهي ٿو؟ هيءُ رت ۽ ڳوڙهن سان لکيل هڪ
داستان آهي جو شروع ۾ ته لَکا ئي نٿو ڏئي پر اڳتي
هلي پڙهندڙ جو لکندڙ کان وڌيڪ درد ناڪ ڪيفيتن مان
گذرڻ لازم ۽ ضروري آهي. هن ناول ۾ ڪٿي به محسوس
نٿو ٿئي ته هيءُ ڪو
Fiction آهي، يا خيالي پلاٽ جي تاڃي پيٽي مان اُڻيل ڪهاڻيءَ تي
ڪو هن جو بنياد رکيل آهي. هيءُ ليکڪ جي سفر جو عام
احوال آهي. هن جو نائڪ جميل هڪ سرڪاري آفيسر آهي،
جنهن کي وڌيڪ سکيا لاءِ ڏهن مهينن لاءِ جرمني
موڪليو وڃي ٿو. خاص طور هن ناول جو مرڪزي شهر
هيمبرگ ڏيکاريل آهي، جو جرمنيءَ جو ئي شهر آهي، پر
اُن سان گڏ اصل ۾ ناول جو بنيادي مرڪز سڄي سنڌ،
اُتان جا ماڻهو، اُتي جي ثقافت ۽ لطيف سرڪار آهي،
جو مٿيون خيال هن ڪوريل ٽڪري مان چٽو ٿي بيهي ٿو:
”سنهڙي سهڻي، گلابي رنگ جي هرڻ اکي، جيني، جنهن کي سنڌ ڏسڻ جو
تمام گهڻو شوق هو، جنهن لئبريريءَ ۾ ڪم ڪندي شايد
ڪتاب پڙهي سنڌ ڌرتي، اُتي جي ماڻهن جي محبت ۽
بهادريءَ بابت ڄاتو هو؛ جنهن کي شاهه لطيف جي
شاعري، نظرين ۽ عقيدن سان عشق هو، جيڪا مذهبي سوچن
کان آجي ۽ صوفي اِزم جي حامي هئي، جنهن لاءِ سنڌ
ڌرتي سندس ديس جرمينءَ کان به ڪيئن ڀيرا وڌيڪ سٺي
هئي، جنهن چار سال اڳ جميل جي جرمني ڇڏڻ وقت کانئس
موڪلائيندي ڀنل اکين ۽ ڦر ڪندڙ چپن سان چيو هو...
”آئون سنڌ اينديس ته مون کي شاهه لطيف جي ڀِٽ تي وٺي هلجانءَ.
مان موهن جو دڙو به ڏسنديس ته منڇر، مڪلي، ڪينجهر
۽ سنڌو درياهه به، مون کي تنهنجو ملڪ ڏسڻ جي تمام
گهڻي تمنا آ. مان تنهنجي ڏيهه جي ماڻهن ۾ محبتون
ونڊڻ ٿي چاهيان.“
هيءُ آهي مرڪزي خيال، جنهن جي چوڌاري هيءُ سفري ناول گهمي ٿو.
اصل ۾ ليکڪ جي سنڌ ڌرتيءَ سان عشق ئي کيس هن ناول
لکڻ تي مجبور ڪيو آهي. ڪو صفحو خالي ڪونهي، جِتِ
هن جينيءَ سان ڳالهائيندي يا سندس واتان سنڌ جا
ماڳ مڪان بيان نه ڪيا هجن يا ماڻهن جون صفتون بيان
نه ڪيون هجن ۽ شاهه عبداللطيف جي بين الاقوامي
حيثيت کي نه اُڀاريو هجي. وک وک تي شاهه سائينءَ
جا بيت انگريزيءَ ۾، موقعي ۽ مهل سارو ڏنا ويا
آهن، جنهن لاءِ هُن وڏي محنت ڪري انگريزيءَ ۾
ترجمو ڪيل بيت مختلف ماهرن ۽ مفڪرن جي ڪتابن ۽
مضمونن تان هٿ ڪري ڏنا آهن.
Die First then live then you will
Attain the beauty of the beloved.
When you follow that advice, then
only will you be accepted.
(ڊاڪٽر درشهوار سيد جي ڪتاب
“The Poetry of Shah Abdul Latif”
تان ورتل شاهه سائينءَ جي شعر: ”مري جيءُ ته
ماڻيين جانب جو جمال“ جو ترجمو.)
هڪ ٻيو به بيت جينيءَ واتان چورائي ٿو:
“Let thousands of thorns prick my feet,
and the mountain lacerate then,
Even if my toes and fingers become dislocated
I will not wear the slipper while going to my
beloved.”
(ڊاڪٽر درشهوار سيد جي ڪتاب
“The Poetry of Shah Abdul Latif”
تان ورتل شاهه لطيف جي شعر: ”ڪنڊا مون پيرن ۾
توڙي لک لڳن“... جو ترجمو .)
انور جي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان هڪ اڻکٽ ڳڻتي هن ٽڪري مان
ظاهر آهي ۽ سند سهڻي لکڻيءَ جو انداز به آهي:
”صديون اڳ جي املهه انسانن جي جيون بابت ڄاڻي هن کي فخر محسوس
ٿيندو هو، هن لاءِ سنڌ ڌرتي، ابهم ٻار لاءِ ماءُ
جي ڪوسي ڪڇ سمان هئي ۽ لڳندو هوس ته ڄڻ هو سنڌ جي
سُڪل ٻيٽ تي رهندڙ ڪو اُڃايل ڪنگ يا بنواس ۾
ڀٽڪندڙ ويڳاڻو روح هجي. هُن پاڻ کي سنڌ ڌرتيءَ جي
صدين واري وجود جو حصو ڀانيو ۽ ڀاسندو هوس ته
ارغونن ۽ افغانين، جن سندس جسم کي چيريو ۽ وڊيو ۽
ڄڀيون ڪٽيون، مدد خان پٺاڻ جي گهوڙن جا سُنب هن کي
پنهنجي سيني تي لڳا. هن جو سِرُ، ترخانن پاران بکر
۾ ٺهريل ”خوني برج“ جي ڪنگرن مان هڪ هو ۽ هن پاڻ
کي اهو (سنڌي) سمجهيو، جنهن خلجين جي لشڪر کي ڇهن
مهينن تائين ڪاري رڻ ۾ رولي شاهي ڪمانڊرن کي مُئل
گهوڙن جو گوشت يا پادر کائڻ ۽ زهر جهڙو پاڻي پيئڻ
تي مجبور ڪيو ۽ اهو سڀ سوچي هن کان اوچتو ئي اوچتو
ٿڌو ساهه نڪري ويندو هو ته: ”اي ڪاش.... شل مان به
ائين ڪريان.“ پنهنجي قوم جي انهن جوانن، جيڪي
محروم جو احساس مٽائڻ لاءِ قلم ڇڏي ڪلاشنڪوف کڻي
اونداهين جا پانڌي بڻجي ويا هئا، تن کي منزل کان
پري ٿيندو ڏسي کيس ڏک ٿيندو هو ڇو ته هو رُڃ جا
راهي بڻيا هئا. جڏهن ته زندهه قومون پاڻ ۾ وڙهي
پنهنجي پت وائکي ڪرڻ بجاءِ تاريخ جي هر تلخ حقيقت
سان سينو ساهينديون آهن ۽ اِها ئي سندن منزل
ليکجي.“
سنڌ ڌرتيءَ سان پيار سنڌ واسين جو مرڪ آهي، خاص ڪري اسان جي
ليکڪن اُن پيار جو اظهار وقت بوقت پئي ڪيو آهي.
هونءَ به پنهنجي ڌرتيءَ ۽ اُن جي ماڻهن سان عشق
انسانذات جي بنيادي وصفن منجهان هڪ آهي. خاص طور
تي سنڌ وارن جو ته مرڻ جيئڻ اُن سان آهي.
قومپرستيءَ جي جذبن سان مالا مال سنڌي ليکڪن
ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا، جن ۾ سنڌ جي
تاريخ، جاگرافي ۽ ماڻهن جي اُتساهه جو کُليل لفظن
۾ پرچار ڪيو ويو هو. جڏهن سنڌ جي صوفي مزاج کي
پرکيو ۽ پروڙيو ويو ته ڌرتيءَ سان صوفي بزرگن ۽
شاعرن جي عشق جو ڀرپور پهلو نظر آيو. مخدوم بلاول
هجي يا شاهه عنايت صوفي هجي يا سُورهيه شهيد پير
پاڳارو هجي، ڪهاڻين ۽ ناولن جا سگهارا ڪردار بڻجي
سنڌ جي جديد فڪر جي نمائندگي ڪرڻ لڳا. هونءَ به
ڊاڪٽر ارنيسٽ چواڻي
“Sufism is widely spread amongst the body of
the peoples in Sindh” اِها هڪ حقيقت آهي ته ون يونٽ واري دور ان وقت جي ليکڪن ۾ تحرڪ
پيدا ڪيو. ان وقت سنڌ ۾ اندروني اٿل پٿل جو دور
هو. سنڌ جي بچاءُ ۽ بقا جي فڪر ۾ ان وقت خاص طور
جڏهن سراج جو ”پڙاڏو سو سڏ“ ناول آيو، ته پنڌ ۽
پيچرا ٺهي ويا، آغا سليم جو اُن ئي موضوع تي ڀرپور
ناول ”همه اوست“ آيو. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو
ناول ”سانگهـڙ“ حُرن جي تحريڪ ۽ پير صاحب پاڳاري
جي شهيد ٿيڻ تي سنڌ جي رد عمل جو اظهار هو. ائين
سلسلو هلندو رهيو ۽ ڪيترائي ناول لکيا ويا. سنڌ جي
موجوده صورتحال کي ڏسندي ۽ سنڌ اندر ڏاڍاين ۽
ناانصافين کي محسوس ڪندي غلام نبي مغل هڪ ڀرپور
ناول لکيو: ”اوڙاهه“. ان بعد سندس ٻيو ناول
”دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ“ به سنڌ جي اندر سماجي ۽
اقتصادي هيٺ-مٿاهينءَ جو جائزو وٺي لکيو ويو آهي.
هيءُ ناول جيتوڻيڪ جوشيلي رد عمل يا انقلاب لاءِ
تيار نٿو ڪري، پر انساني عشق جي ميدان ۾ هڪ اهڙي
عشق کي اُڀاري بيهاري ٿو، جيڪو نائڪ جميل جو ته
جنمي عشق آهي، پر هو پنهنجي پرين جينيءَ کي به اُن
عشق ۾ مبتلا ڪري، پنهنجي وطن سان عشق کي مٿانهون
ڪري بيهاري ٿو. هيءَ پسي ڪير چوندو ته مجازي عشق ۽
عشق حقيقي ڪي الڳ الڳ آهن.
جينيءَ جو ڪردار ان ڪري مٿانهون آهي، جو هوءَ ”ڌاري“ ٿي ڪري به
سنڌ جي ڌرتي، اُتان جي رهواسين، ماڳن، مڪانن، ڍنڍن
۽ خاص طرح صوفي شاعرن کي اندر ۾ جايون ڏيئي هڪ خط
۾ ائين چئي ڏئي ٿي:”..... دل ٿي چاهي ته اُن عظيم
هستي (شاهه سائين) جو ڏيهه ڏسان، جنهن مون کي امن،
آشتي، انقلاب، حق ۽ سچ جي واٽ جو پانڌيئڙو بڻايو
آهي، ان ڪري مان ڪيئن به ڪري تمام جلد سنڌ
اينديس.“
”ساهه لطيف جي شاعري ۽ سنڌ ديس جي ماڻهن بابت وڌ کان وڌ ڄاڻي
الائي ڇو هاڻي رڳو ٻين لاءِ جيئڻ جي تمنا ئي وڃي
بچي آ.“
محترم انور بلوچ هن ڪردار جي واتان جيڪي چورايو آ، اُهو رڳو
سندس ماضيءَ جو پرتوو نه آهي، پر مستقبل لاءِ به
ڪي فڪري لاڙا آهن جن کان هو چڱيءَ طرح آگاهه آهي.
هيءُ سڄو ناول خود آگاهيءَ جي ٻرندڙ شعلن ۾ هڪ فڪر
مند انسان جي ٻرڻ ۽ پچڻ جو خاموش تماشو آهي. جت
پاڻ ٻري ٻارڻ وارو سندس خواب پورو نٿو ٿئي ۽ جيني
فنا ۾ غرق ٿي کانئس گوءِ کڻي شاهه سائينءَ جي ڪنهن
سورمي وانگر امر ٿي وڃي ٿي.
”جانم، تنهنجي روح رهاڻ، کل ڀوڳ ۽ شاهه لطيف جي ستن سورمين
واريون ڳالهيون ڏاڍو ياد اينديون آهن.“
هن ناول ۾ ٽي اهم ڪردار آهن: هڪ جميل جو، ٻيو جينيءَ جو ۽ ٽيون
خاموش پر دکدائڪ ڪردار آهي مريم جو، جنهن اکين جو
نور وڃايو آهي، پر سندس ڪيفيت هن ريت آهي:
”سج اُڀرڻ سان رات جي اوندهه ته مٽجيو وڃي، پر منهنجي اکين جي
اوندهه الائي ڪڏهن ختم ٿيندي؟“
”مون ڪڏهن سوچيو به ڪو نه هو ته جيون جي خوشين بابت منهنجا خواب
پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي مري ويندڙ ٻار بڻجي ويندا.“
ليکڪ جي هنن جذبن کي ته سلام آهي، جو هو مريم واتان چورائي ٿو:
”مان سوچيندي هيس ته ڇا انڌيون اکيون روئينديون به آهن؟“
هيءُ هن ناول جي بنيادي فڪر وارو نقطو آهي، جنهن کي کڻي وک اڳتي
کنئي اٿم، پر اصل ۾ ليکڪ جنهن نموني سان هيءُ ناول
لکيو آهي، اُن جي ٽيڪنڪ ڪجهه عجيب آهي. هيءُ ڏسڻ ۾
ڄڻ هڪ
Travellogue
نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هي سفر نامي جي طرز تي ناهي
لکيل، پر اُن سان گڏ جرمنيءَ جي مختلف شهرن جو سير
به ڪرائي ٿو. اُتي جا خوبصورت نظارا ڏاڍا سهڻا
چٽيل آهن. وڏي ڳالهه ته جرمن قوم جي تاريخي ڪردار
جو وڏو
آئيندو آهي. هٽلر جي مزاج جا اثر ۽ جرمن قوم جو
طويل سفر، اُن جو پنهنجو عمل ۽ رد عمل، واضح
پيرايي ۾ ذهانت سان بيان ڪيل آهي.
منهنجي خيال ۾ هن ناول کي ٻه دفعا ضرور پڙهڻ کپي، جو اُن ۾
گهرائي ۽ گيرائي ايتري آهي، جنهن لاءِ ليکڪ سان
سندس هن سفري ناول ۾ گهڻو سفر ڪرڻ نه رڳو لاڀائتو
ٿئي ٿو، پر هڪ عجيب لطف به اچي ٿو ۽ هڪ اهڙي ڪيفيت
طاري ٿئي ٿي جوبيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
سنڌ جي ذري ذري سان محبت ڪرڻ ۽ دل جو درد پرائڻ وارن لاءِ ته
ائين آهي:
مون کي مون پرين ٻَڌي وڌو ٻار ۾،
اُڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائيين.
(شاهه)
محترم انور بلوچ جيڪڏهن رڳو هيءَ سفرنامو لکي ها ته شايد درد
وندن جي ديس هيءَ جي ڪهاڻي نامڪمل رهجي وڃي ها.
هُن هر هنڌ سنڌ کي ”پرين“ ڪري پرکيو آهي:
پريان سندي پار جي مڙيوئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي چڱين جي چيت ڪري.
هيءُ سادڙو سٻاجهڙو ڪهاڻيڪار اندران ڪو سڙيو کاميو پيو آهي، پر
شاهه سائين چواڻي ته هن اندران سڙي ٻري به ڏک ۽
فراق جا جبل جهاڳيا آهن:
“The one’s who are burnt from within will crosss the
mountain.”
مان ٿورائتو آهيان محترم انور بلوچ جو، جنهن منهنجو سودو سڦرو
ڪيو ۽ هن ناول جي ذريعي ڪيترا سُڪل واهڙ وهايا.
وڇوڙي جي درد کي نئين سر سينگاري سنواري ڏاگهه کڻي
چاڙهيو، پر سندس ناول جي آخر ۾ ڏنل هڪ
Couplet
اميد جا ڪيئي ڪرڻا ڏيکاريا آهن. شال سڄو سارو جهان
اهڙين اُميد ڀرين جذبن کان روشن رهي:
I don’t know when.
I don’t know where.
But we will meet again
On sunny day!
مون ان ڪري ئي شايد هن سهڻي ديس ۽ هن پرت ڀريي
جهان ۾ رهڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هن ننڍڙي راءِ جو
عنوان ”آڪاش کان اورتي“ ڏنو آهي.
شال انور بلوچ پنهنجي سهڻي انداز بيان ۽ سيبتي ٻوليءَ سان ڪئين
داستان رقم ڪري. هن ناول مون جهڙي صوفي فڪر سان هم
آهنگ روز مرندڙ کي نئين سر جيئاريو ۽ ياد ڏياريو
ته مان ڇا آهيان ۽ هت ڇا لاءِ آيو آهيان؟
عزيزم نفيس احمد ناشاد جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جو سندس وَرُ
وَرُ يادگيري ۽ همٿ ڏيارڻ کانسواءِ هن ناول ”آڪاش
کان اڳتي“ جو مهاڳ لکڻ ممڪن نه هو.
- حميد سنڌي |