علمي خط
ايڊيٽر ”مهراڻ“
السلام عليڪم:
ٽماهي ”مهراڻ“ جي 1-2/1999ع واري پرچي جو مطالعو ڪيم، جنهن جي
سرورق تي اوهان سبيءَ ۾ مير چاڪر خان جي قلعي جي
تصوير ڏني آهي ۽ رسالي ۾ اندر، جناب نذير احمد
”شاڪر“ بروهيءَ جو تحقيقي مقالو ڏنو آهي، جيڪو خاص
اهميت جو حامل آهي. انهيءَ مقالي وڏو علمي ۽
تاريخي مونجهارو ختم ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ، بلوچستان، خراسان، ايران، افغانستان ۽ هندستان جون تاريخون
مون به پڙهيون آهن، پر، ڪنهن به تاريخ ۾ سنه 1458ع
کان سنه1512ع تائين، سبيءَ تي چاڪر خان رند جي
حڪمرانيءَ جو ذڪر ڪونهي. البت، بلوچستان جي هڪ ٻن
مورخن چاڪر خان جي حڪمرانيءَ جو ذڪر ڪيو آهي.
حقيقت هيءُ آهي، ته چاڪر خان رند ڏڪار پوڻ سبب
مڪران مان پنهنجن چاليهن پاڙن سان گڏجي، سبي ۽
ڪڇيءَ طرف لڏي آيو. پاڻ سبيءَ جي ڀرسان شورڻ ۾ ۽
سندس بلوچ ڀاءُ گهرام خان لاشاري گاجان ۾ آباد ٿيا
۽ گذر سفر ڪرڻ لڳا. ليڪن، منجهن اختلاف پيدا ٿيا ۽
ٻنهي بلوچ ڀائرن ستاويهن سالن ۾ هڪ ٻئي سان
ستاويهه جنگيون ڪيون. انهن جنگين جي نتيجي طور
تباهه و برباد ٿيڻ ڪري، آخرڪار علائقو ڇڏڻ تي
مجبور ٿيا. چاڪر خان پنجاب ۾ ستگرد طرف ۽ گهرام
لاشاري ڪڇ طرف گجرات ويا ۽ اتي ئي دفن ٿيا.
اهڙيءَ طرح اها روايت ته چاڪر خان رند جي سهري منڊي خان کي،
قلات جي حاڪم، مير عمر ميرواڙي بروهي کي شڪست ڏيڻ
بعد، قلات جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو، پڻ حقيقت جي
برعڪس آهي. مندو خان لسٻيلي جي حاڪم جلب ڇٽي جو
گورنر هو. مندو خان چاڪر جو سهرو ڪو نه هو، نڪي
سندس چاچو هو ۽ نه وري رند هو. هو اصل ۾ ڄاموٽ هو،
جنهن کي انهيءَ زماني ۾، جلب ڇٽي قلات تي قبضي ڪرڻ
وقت، گورنر مقرر ڪيو هو.
سبيءَ واري قلعي بابت اها روايت ته اهو چاڪر خان جو قلعو هو، به
تاريخي طرح صحيح ڪو نه آهي. اصل ۾ اهو قلعو سنڌ
جي هاڪاري حاڪم، ڄام نندي (نظام الدين سمي) جي
حڪم تي سندس سسبيءَ تي مقرر ڪيل گورنر، بهادر خان
دائود پوٽي ٺهرايو هو، جو ارغون سبيءَ تي ڪاهي آيا
هئا. سبيءَ ۾ جنگ لڳي، ڄام نندي جي لشڪر ارغونن کي
شڪست ڏني. ڄام ڊگهي نظر ڪري، دفاعي لحاظ کان،
سبيءَ ۾ قلعو ٺهرايو. بلوچستان جا پٺاڻ وري ائين
چوندا آهن ته اهو قلعو ارغونن ڄا۾ نندي جي لشڪر جي
مقابلي ڪرڻ لاءِ ٺهرايو هو. ٿي سگهي ٿو ته جڏهن
اهي زمانا گذري ويا ته اڳتي هلي اهو قلعو چاڪر خان
رند کي به ڪم آيو هجي. قلعو ڄام نندي ٺهرايو يا
ارغونن، اها ته پراڻي ڳالهه ٿي. بهر صورت، اهو ته
ثابت ٿيو ته چاڪر خان رند ڪو نه ٺهرايو هو.
ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“بروهي
جيڪب آباد سنڌ
سائين محمد امين بلوچ صاحب
سرسبز و شاداب هجو.
السلام عليڪم:
مزاج بخير-المدارة
توهان جو انتهائي قربائتو عنايت نامو ۽ رسالو پهتا، جنهن لاءِ
احسانمند آهيان.
ادا سائين! مون کي افسوس آهي، ته نه معلوم، ڪيئن توهان جو اڳ ۾
اماڻيل رسالو اسان تائين نه پهتو، نه ته يقينن
توهان کي ٻيهر تڪليف نه ڏجي ها. ميلنگ لسٽ ۾ ڏسجو،
متان ايڊريس غلط نه هجي. اميد ته درست ايڊريس
لکرائي ڇڏيندا، ته مهرباني ٿيندي.
ادا سائين! سنڌي ادبي بورڊ، اسان جو قومي ۽ قيمتي سرمايو آهي.
خدا ڪري، پنهنجن ئي مير جعفرن جي حاسدانه ۽ ڪوتاهه
نظرن کان بچي وڃي. سندس ملازم به پيٽُ ۽ ٻچا رکن
ٿا. اسان جا قومي سياسي اڳواڻ، جتي قومي سرمايه
کي ”مال غنيمت“ ڪري، لٽڻ جو فريضو نڀايو اچن، اُتي
هڪ ادارو به کين اک ۾ ڪنڊي وانگي کٽڪي رهيو آهي.
هنن لاءِ ”مقتده قومي زبان“ جهڙو ادارو ۽ سندس
ڪارڪردگي ۽ سار سنڀالَ ”تازيانه عبرت“ آهي. پر ان
لاءِ پرک ۽ پروڙ واريءَ اک جي ضرورت آهي، جيڪا
همراهن وٽ ”طائر عنقا“ وانگي لڀي ئي ڪا نه،
بهرحال، توهان سان دلي همدردي اٿئون. الله تعاليٰ
هن آزمائش مان توهان کي سر خرو ڪري، آمين.
اسان جي مانوري، لائق احترام، سائين آگري صاحب کي انتهائي ادب ۽
احترام سان سلام به عرض ڪندا.
اميد ته وساريندا ڪو نه، محبت مان ياد ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري
عنايتون.
توهان جو مخلص
مولا بخش محمدي
رحمان آباد،
نئون ڪوٽ، ٿرپارڪر.
2-9-1999ع
ڪراچيءَ جو قلعو ۽ بندرُ- 1840ع
آديسي اٿي ويا.....!
گذريل سال ڏيڍ دوران اسان جي ادبي ۽ ثقافتي دنيا ۾، ڪيترن ئي
ناميارن اديبن ۽ شاعرن، ليکڪن ۽ دانشورن ۽ علمي
خدمتگذارن جي وڇوڙن سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي.
28- ڊسمبر 1997ع تي شيخ اياز هيءُ جهان ڇڏيو!
بعد ۾ خير النساء جعفري، برڪت علي آزاد، ظفر حسن، داد سنڌي، قلب
علي خواجه، ارشاد ساگر ۽ نظام الدين کوسي جي
جُداين جا ڦٽ اڃا آلائي هئا ته مٿان مرزا عباس علي
بيگ، محترمہ نيلوفر جويي، وحيد علي راڳي، ڪيهر
شوڪت، خان محمد پنهور، جمال الدين مومن، غلام
مصطفيٰ ڀيي، عبدالله ورياهه، چترڪار علي اڪبر
سومري، سائين ايڇ ايم خواجه، پروفيسر اسد الله
ڀٽي، خالد سنڌي، ڀاءُ اڪبر جسڪاڻي ۽ تازو محمد علي
حداد جي جُداين جا ڏکوئيندڙ اطلاع ٻُڌڻا پيا!
....... ۽ بنهه تازو پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ناگهاني
رحلت سنڌ وارن کي وڏو صدمو رسايو آهي!
هن پرچي ۾، شاهه صاحب تي هڪ مضمون ۽ ٻه يادگار فوٽو پيش ڪجن ٿا،
گذر ڪري ويل ٻين محسنن ۽ ساٿين جا احوال اسان
مهراڻ جي ورندڙ پرچي ۾ ڏيئي رهيا آهيون.
– ادارهء مهراڻ
ٻه تاريخي تصويرون
سنڌي ادبي بورڊ طرفان، ايران مان آيل عالمن جي مان ۾ ضيافت جي
موقعي تي هڪ يادگار تصوير. ساڄي کان ويٺل: نواب
نور احمد خان لغاري، محمد حنيف صديقي، پروفيسر
ايرج افشار، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه،
پروفيسر محمد تقي دانش پزوه، پروفيسر منوهچهر
ستوده، پير حسام الدين راشدي
بيٺل: نواب عبدالعلي خان، پروفيسر ايڇ. ايم. خواجه، مولانا غلام
مصطفيٰ قاسمي، مسٽر غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر غلام
علي الانا، سيد احسان علي شاهه ۽ يوسف ڪيوان
شڪوهي. (1974)
پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي،
حيدرآباد ۾ نيسنل سينٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان،
”بين الاقوامي ڪتابي سال“ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل
مُذاڪري جي صدارت ڪري رهيو آهي. سندس ساڄي پاسي
مسٽر غلام رباني آگرو ۽ کاٻي پاسي نيشنل بوڪ
ڪائونسل جو ڊئريڪٽر جنرل مسٽر اين انشاءِ ويٺل
آهن. ناميارو عالم مولانا غلام محمد گرامي پنهنجو
مقالو پيش ڪري رهيو آهي. (حيدرآباد _ 2 مارچ
1973ع) |