”....هاڻي اچو ته اِن سلسلي ۾ قرآن پاڪ جي بنيادي
نقطئه نظر جو پڻ جائزو وٺون. قرآن جي ابتدا ”اقرا“
(پڙهه) جي لفظ سان ٿئي ٿي. ”اقرا“ جو هتي مطلب آهي
”علامت جي معنيٰ پڙهه“. هوڏانهن قرآن پاڪ لاءِ
پوري فطرت هڪ علامت آهي ۽ توهان کي ڪوشش ڪري ان جي
معنيٰ کي پروڙڻو يا سمجهڻو آهي. هڪ دفعو جڏهن
توهان کي ان جي حاصلات ٿي وڃي، ته پوءِ ”بيان“ جو
استعمال ڪجي، جيڪو توهان سکي چڪا آهيو. هاڻي بيان
ٻنهي نمونن يعني لکت توڙي زباني طريقين سان ٿي
سگهي ٿو، البت قلم ۽ لکڻ تي زور قرآن پاڪ جي سورة
”ن والقلم و ما يسطرون“ مان بلڪل واضح آهي، جيڪا
”اقرا“ کان پوءِ (نزول جي لحاظ کان) قرآن پاڪ جي
بيو نمبر سورة آهي. هاڻي سوال آهي ته ڇا قرآن جا
اهي بلڪل شروعاتي لفظ ڪن اهڙن قدرن جي نمائندگي ڪن
ٿا، جيڪي ان کان اڳي موجود هئا؟ قرآن کان اڳ
اسان کي حياتياتي سطح تي فقط ٻن بنيادي قدرن جي
ڄاڻ حاصل هئي. هڪڙو هو زندگيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ
کاڌي جو انتظام ڪرڻ ۽ ٻيو هو نوع انساني جي تسلسل
۽ بقا کي قائم رکڻ. هتي انهن ٻنهي قدرن جي
نمائندگي هيئن ڪئي ويئي آهي ته ”اقرا“ کي ذهن جي
خوراڪ قرار ڏنو ويو، ۽ تخليقي عمل جي لاءِ اظهار
ذات کي سرچشمي جو درجو ڏنو ويو. ٿورن لفظن ۾ هيئن
چئجي ته حياتياتي يا جسماني سطح جي قدرن کي روحاني
قدرن سان بدلايو ويو آهي. اوائلي مذهبن ۽ اسلام جي
وچ ۾ اِهو ئي هڪ بنيادي اهميت وارو فرق آهي. اسلام
۾ مادي زندگي محض هڪ وسيلو آهي، باقي سارو زور من
۽ روح جي دنيا تي ڏنو ويو آهي....“ _ علامه آءِ
آءِ قاضي
مقالا
” عرب اسلامي دﺆر بابت معتبر حوالا عربي تاريخن ۾
موجود آهن، پر ان دور بابت جيڪا تاريخ هتي سنڌ ۾
مرتب ٿي ۽ جنهن کي ”سڏيو ويو ۽ ”فتح نامو“سڏيو ويو
۽جنهن کي پوءِ عام طرح”چچ نامو“ چيو ويو، اُهو
نهايت ئي قيمتي ڪتاب آهي، اُهو نه فقط سنڌ جي
تاريخ بابت هڪ بنيادي ڪتاب آهي، پر پهريون” تاريخي
ڪتاب آهي، جيڪو هن سڄي برصغير ۾ مرتب ٿيو، يعني
پاڪستان، بنگله ديش۽ هندستان، سب ملڪ ملايو ته
مڙني تاريخي ڪتابن ۾ فتح نامو پهريون تاريخي ڪتاب“
آهي، جو”سنڌ جي“سرزمين تي ئي مرتب ڪيو ويو، اهو
ڪتاب شهر اروڙ جي قاضين مرتب ڪيو. انهيءَ جا ماخذ
البت ٻيا اڳيان عربي ڪتاب هئا .هن ڪتاب ۾ سنڌ جي
اسلام کان اڳ واري تاريخ توڙي اوائلي اسلامي تاريخ
بابت اسان کي سب ڪجهه ملي ٿو.هن ڪتاب تي شروعاتي
تحقيق ڊاڪٽردائود پوٽي مرحوم ڪئي.۽ پهريون ڀيرو
اُن جو فارسي متن شايع ڪيائون، 1956 ع مخدوم امير
احمد صاحب اُن جو جيڪو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، تنهن
۾ اسان ڪافي نوٽ، حاشيا ۽ تعليقات لکيا.ان وقت
کان وٺي هن اهم ڪتاب بنده طرفان تحقيقي ڪم هلندو
هليو ۽ 1985 ع ڌاري هن ڪتاب ”فتحنامي“ جو فارسي
متن انگريزيءَ ۾ لکيل تفصيلي حاشين ۽ مقدمي سان
اسلام آباد جي تاريخي ۽ ثقافتي اداري طرفان شايع
ڪيو آهي، اهو- ٽي چارسئو صفن جو جلد آهي. جنهن ۾
نئين تحقيق سامهون آئي آهي، جيڪا اڳ اسان جي آڏو
ڪان هئي. گذريل ويهن پنجويهن سالن ۾ اسان کي جيڪا
نئين معلومات ملي هئي، سا اسان هن ايڊيشن ۾ ڏني
آهي، پر تنهن هوندي به اڃان گهڻي ڪجهه ڪم ڪرڻ جي
ضرورت آهي.
_ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
***
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌيڪار:ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگرو
برصغير ُسنڌ-و-هند۾ قرآن پاڪ جو پهريون ترجمو
جڳ مشهور سياح بزرگ بن شهريار پنهنجي سفرنامي ”عجائب
الهند“۾ ڄاڻايو آهي ته 270هه/884ع ڌاري سنڌ جي
راڄڌاني منصوره جي عالم، ڪشمير جي راجا جي لاءِ
قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير لکيو هو. ان حوالي
مطابق برصغير هندوپاڪ ( سنڌ ۽ هنڌ) ۾ اهو قرآن
پاڪ جو”پهريون ترجمو“ آهي، جيڪو هن خطي جي مقامي
ٻوليءَ ۾ لکيو ويو، انهيءَ ترجمي کان علاوه،
برصغير جي تاريخ ۾ اُن کان پهريائين قرآن پاڪ جي
ڪنهن به ترجمي ۽ تفسير جو ذڪر ڪونه ٿو ملي، بزرگ
بن شهريار جو اهو مذڪوره حوالو، جيتوڻيڪ مستند ۽
بي مثل آهي ۽ جديد دور جي عالمن ۽ مورخن، پنهنجن
لکيتن ۾ پڻ ان حوالي کي ڪتب آندوآهي، (1)، پر ان
هوندي به تاريخ جي روشني ۾ اڄ ڏينهن تائين اُن تي
ڪوبه سير حاصل بحث نه ڪيو ويو آهي، جيئن ته
انهيءِ آڳاٽي دور يا ان کان پوءِ جو علمي۽ ادبي
سرمايو دستياب نه ٿي سگهيو آهي، انڪري انهيءَ
حوالي جي تصديق لاءِ ڪوبه مواد ملي نٿو سگهي، ان
حقيقت کي واضع ڪرڻ لاءِ ته اوائلي ٽين صدي هجريءَ
۾ قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير لکيو ويو، ان دور جي
حالتن جي ر وشنيءَ ۾ علمي، ادبي ۽ تاريخي لحاظ کان
ان جو جائزو وٺڻ تمام ضروري آهي، اسان هتي بزرگ
بن شهريار جو حوالو ترجمي جي صورت ۾ هيٺ ڏيون ٿا.
”ابو محمدالحسن بن عامر بن حمويه بن حرم بن حمويه النجرمي طرفان
بصري ۾ سنڌ متعلق ان کان علاوه جيڪا معلومات حاصل
ٿي، ان مطابق هو چوي ٿو ته آءٌ جڏهن 288هه892ع ۾
منصوريه پهتس ته اُتي ڪجهه بلند مرتبي وارن عالمن
۽ بزرگن، جن جي ڳالهه تي اعتماد ڪري سگهجي ٿو،
مون کي ٻڌايو ته مهروق بن رائق نالي (جيڪوهند جي
هڪ رياست جو هڪ وڏو حاڪم هو ۽ سندس راڄڌاني
اُترئين ڪشمير ۽ ڏاکڻين ڪشمير جي درميان واقع هئي)
منصوره جي مسلمان امير عبدالله بن عمر بن
عبدالعزيز هَباريءَ کي 275هه ڌاري خط لکيو ته
ڏانهنس ڪو اهڙو عالم موڪليو وڃي، جيڪو کيس اسلام
جي تعليم مقامي ٻوليءَ ۾ ڏيئي سگهي، امير عبدالله
منصوره جي هڪ اهڙي عالم کي ڏانهنس موڪليو جيڪو هڪ
وڏي درجي وارو عالم ۽ شاعر هجڻ سان گڏوگڏ، هند ۾
ڪافي عرصو رهندي، اُتان جي مقامي ٻولين تي دسترس
رکندڙ هو، امير عبدالله جي فرمان تي ان عراقي
عالم سڀ کان پهريائين راجا جي لاءِ اسلام متعلق
هڪ شعري مجموعو تيار ڪري موڪليو، ان مجموعي پڙهڻ
سان بادشاهه تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽
اميرعبدالله کي لکيائين ته انهيءَ عراقي عالم کي
ڏانهنس موڪليو وڃي.ان کان پوءِامير عبدالله جي حڪم
ته مذڪوره عراقي عالم، مهروق بن رائق وٽ پهتو۽
وٽس ساند ٽي سال رهي وطن موٽي آيو. واپسيءَ ته
امير عبدالله هباريءَ جڏهن کائنس حال احوال ورتوته
ان کيس ٻدايو ته هو جڏهن راجا کان موڪلائي رهيو
هوته اُن وقت هُن پنهنجي اسلام اختيار ڪرڻ جو
اقرار ڪيو، ليڪن حڪومت رياست کسجڻ جي خوف کان هو
اُن جو کُليل اظهار ڪري نه سگهيو ان کان علاوه
مذڪوره عالم کيس اِهو به ٻڌايو ته راجا مقامي هندي
ٻوليءَ ۾ قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير لاءِ پڻ چيو؛
جنهن ته ان عالم قرآن پاڪ جو شروع کان وٺي ترجمو ۽
تفسير بيان ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سورة ياسين جي هن آيت
ته پهتو: (2) (ترجمو) جڏهن انسان مري، مٽيءَ ۾ ڳري
ويندو ته پوءِ ان کي ڪير جياريندو، چئو ته وري
اُهو جياريندو، جنهن سڀ کان پهرين حياتي ڏني هئي
۽ الله انهيءَ سموري عمل کان با خبر آهي؛ عالم چيو
ته جڏهن مون اها آيت راجا کي ترجمو ڪري ٻُڌائي ته
ان وقت هو قيمتي هيرن جواهرن سان جڙيل سونو تاج
پايو تخت تي ويٺو هو. راجا مون کي ٻيهر ترجمي لاءَ
چيو جڏهن مون ٻيهر ترجمو ٻڌايو ته راجا تخت تان
لهي زمين تي هلڻ لڳو، جنهن ته پاڻيءَ جو ڇٽڪار
ڪيل هو. هن پنهنجي پيشاني زمين ته رکي سجدو ڪيو ۽
سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا؛ ايتريقدر جو سندس
پيشاني گپ سان ڀرجي وئي. ان کان پوءِ راجا چيو ته
الله ئي؛ آهي جيڪو عبادت جي لائق آهي؛هو هميشه کان
آهي ۽ ڪو به سندس مٽ ۽ ثاني نه آهي ان کان پوءَ
راجا پنهنجي محل ۾ هڪ الحده ڪمرو تعمير ڪرايو،
جنهن ۾ هو اڪيلائي ۾ گوشته نشين ٿيندو هو. دراصل
راجا ان ڪمري ۾ لڪي نماز پڙهندو هوته جئين سندس
رعيت کي ان باري ۾ پتو پهجي نه سگهي، راجا ان
عراقي عالم کي ٽي دفعا ڇهه سئو مڻ سون تحفي ۾ ڏنو:
بزرگ بن شهريار جي مٿيئن بيان ڪيل روايت جو جڏهن علمي ۽ تحقيقي
لحاظ کان جائزو وٺجي ٿو ته هيٺيون حقيقتون سامهون
اچن ٿيون،
(الف) درخواست سنڌجي حاڪم کي ڪئي وئي.
(ب) ان وقت سنڌ جي راڄڌاني منصوره هو.
(ج) ان حاڪم جو نالو امير عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز هباري هو
۽ هو275هه/884ع ڌاري سنڌ جو حاڪم ٿيو هو .
(د) سڀ کان پهرين شرعي مسئلن کي سمجڻ جي دراخواست ۽ ان کان پوءِ
مقامي هنديءَ ۾ قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير لاءَ
منصوره جي هڪ اهڙي عالم کي منتخب ڪيو، جيڪو ( هند
جي) مقامي ٻولين ته دسترس رکندڙ هو.
(هه) دراخواست هڪ اهڙي رياست جي راجا جي طرفان ڪئي وئي، جنهن
جون سرحدون ڪشمير سان لڳو لڳ هيون،
مٿين بيان ڪيل خاص نڪتن جي آڌار تي اسان هيٺ تحقيقي ۽ علمي لحاظ
کان ان ڳالهه جو جائزو وٺنداسين تي تاريخ جي
روشنيءَ ۾ مٿيان نقطا قابلِ قبول آهن يانه، ۽
جڏهن سموري روايت کي مجموعي طور تي جانچجي ته ان
مان تاريخي لحآظ کان ڪهڙيون شاهديون سامهون اچن
ٿيون جن سان مٿئين بيان ڪيل روايت جي تصديق ٿئي
ٿي.
(الف) سنڌ ۾ اسلامي حڪومت ۽ قرآن پاڪ جي تعليم:
سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جو قيام 96 هه 712ع ڌاري عمل آيو. اسلام ۾
مسجد کي جيئن ته مرڪزي حيثيت حاصل آهي، ان ڪري
سنڌ فتح ڪرڻ وقت محمد بن قاسم فتح ڪيل شهر ديبل،
نيرون، سيوڻ ۽ ٻين مرڪزن ۾ مسجدون قائم ڪيون اهو
احوال حجاج بن يوسف ڏان پڻ موڪليائين ته هر شهر ۾
مسجدون قائم ڪيون ويون آهن ۽ هر هندخطبي، اذان ۽
جماعت جو جوڳو بندو بست ڪيو ويو آهي (3) جڏهن
ملتان فتح ڪيو ويو ته حجاج طرفان اهڙو حڪم پڻ جاري
ڪيو ويو ته صرف خليفي جي نالي سان سڪو جاري ڪيو
وڃي، بلڪي هر واهڻ وسنديءَ ۾ مسجد ۽ منبر قائم
ڪري، جمعي جو خطبو جاري ڪيو وڃي. مئوخ بلازريءَ
ان ڳالهه جو خصوصي طور تي ذڪر ڪيو آهي ته ديبل ۾
سنه93 هه/711 ع(4) ۾ پهرين مسجد قائم ڪئي وئي (5).
انهيءَ ڳالهه جي ثابتي آثار قديمه جي طرفان کوٽائي
ڪيل ڪراچيءَ کان.40 ميل ٻاهر ڀنڀور جي آثارن مان
ملي ٿي. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان هٿ آيل ڪوفي خط ۾
لکيل ڪتبن جي مطالعي مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته
سنه274 هه/887 ڌاريءَ انهي مسجد کي ٻيهر تعمير
ڪرايو ويو (6) اهڙي طرح اروڙ ۾ قائم ڪيل مسجد جو
محراب ۽ مرڪزي دروازو مغل دﺆر حڪومت ۾ سورهين
سترهين عيسويءَ ۾ ٻيهر تعمير ڪرايو ويو، جنهن جا
آثآر اڄ به ساڳي جاءِ تي موجود آهن . ملتان ۾ قائم
ڪيل جامع مسجد اصلي جاءِ تي موجود هئي، تان جو
387 هه ۾ مصر جي حاڪمن جي ايجنٽ جلم بن شهبان ان
کي شهيد ڪرايو (7 ).محمد بن قاسم نه صرف مسجد جو
بنياد رکيو بلڪه قائم ڪيل مسجدن ۾ امامن ۽ قاضين
جو تقرر پڻ ڪيو.”فتح نامه“ سنڌ ۾ ان ڳالهه جو ذڪر
ڪيل آهي ته نيرون ڪوٽ ۾ قائم ڪيل مسجد ۾ امام ۽
قاضي محمد بن قاسم مقرر ڪيو. ۽ پڻ راجڌاني اروڙ ۾
قائم ڪيل مسجد ۾ هن موسٰي بن يعقوب بن طائي بن
محمد بن موسٰي بن شيبان بن عثمان کي امام ۽ قاضي
مقرر ڪيائين(8).
اهي ۽ سنه ٻئي هجري جي شروع ۾ قائم ڪيل، مسجدون ۽ سنڌ
اندراسلامي تعليم جا مرڪز بنيون شروعاتي دور ۾
قرآن ۽ حديث جي تعليم تي گهڻو زور ڏنو ويوته جنئن
سنڌ جا نوُ مسلم اسلامي تعليم مان مستفيض ٿي سگهن.
انهيءَ شروعاتي دور ۾ قرآن شريف جي ترجمي ۽ حديث
جي صحيه مطالعي ڏي وڌيڪ توجهه رهيو، تان جو تقريبا
ٻن صدين جي عرصي دوران ديبل حديث جي علم جو مرڪز
بڻجي ويو. ٻئي طرف نئين ٻڌايل گاديءَ جي جي شهر
منصوره ۾ قرآن شريف جي تعليم ۽ مطالعي تي گهڻو
توجهه رهيو حوالن مان تصديق ٿئي ٿي ته ابو جعفر
ديبلي ۽ ديبل جي ٻين عالمن علم حديث تي ڪافي گهڻو
ڪم ڪيو، ذهبي پنهنجي مشهور تصنيف ”ميزانلاعتدال“ ۾
ترمذي جي حوالي سان لکي ٿو.ته امام بخاريءَ جي
تصديق مطابق عمرو بن مالڪ الراسبي ڪذاب هو.ڇاڪاڻ
جوهن ابوجعفر سنڌيءَ جي ترتيب ڏنل حديث جي ڪتاب ۾،
جيڪو وٽس هو تنئن ۾ تحريف(ڦير گهير)ڪئي.ابن
النديم فهرست ۾، سماني تذڪراه ۽ ميزان ۾ ٻين
مصنفن ڪيترن ئي سنڌي عالمن جو ذڪر ڪيو، جيڪي ٽئين
۽ چو ٿين هجري صدي هجري ۽ ان کان پوءِ ٿيا. جهڙيءَ
طرح اندلس(اسپين)، ايران (اصفهان) ۽ ٻين غير عرب
اسلامي ملڪن ۾ قرآن ۽حديث جي ظاهري عبارتن ۽
معنائن کي سمجڻ لازمي ٿيو ۽ ”فقهي ظاهري“ جو بنياد
پيو، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ به ظاهري مسلڪ جو اختيار
ڪيو ويو.ايران ۾، 275 هه/884 ع ڌاري ابو سليمان ۽
دائود بن خليفـﮧ اصفهانيءَ”فقه ظاهري“جو پايو رکيو
ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ منصوره جو مشهور قاضي ۽ فقيـﮧ
ابوالعباس احمد بن محمد التميمي ”فقـﮧ ظاهري “جو
وڏو عالم هو.سنه 357 هه ۾ ڪتاب احسن التقاسيم جو
مصنف بشاري مقدسي ساڻس منصوره ۾ مليو هو.
ٻي صدي هجريءَ ۾ سنڌ اندر قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير جي ذريعي
اسلامي علمن جي اشاعت جو جيڪو سلسلو شهر منصوره
کان شروع ٿيو هو، سو هن وقت مٽيءَ جو ڍير بنجي
چڪو آهي (9).منصوره جي زوال کان پوءِ ستين ۽
تيرهين صدي هجريءَ جي وچ واري عرصي دوران سنڌ ۾
قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو جناب مخدوم نوح رحه
ڪيو، هيءُ ترجمو پڻ فارسي زبان جو پهريو ترجمو
آهي، جيڪو برصغير هندو پاڪ ۾ ٿيو(10).اهڙيءَ طرح
اُن کان پوءِ به قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير تي
جيترو ڪم سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو آهي .اوترو برصغير
هندو پاڪ ۾ ۽ خاص طرح پاڪستان جي ٻيءَ ڪنهن به
صوبائي زبان ۾ نه ٿيو آهي.موجوده دور ۾سنڌ جي ٻئي
عالم حاجي احمد ملاح قرآن پاڪ جو سنڌي بيتن ۾
ترجمو ڪيو آهي، انهيءَ سڄي سلسلي کي سامهون رکندي
ته سنڌ اسلامي تعليم ۽ قرآن شريف جي مطالعي جو
مرڪز هو.(جيڪو سلسلو پوءِ به هلندو آيو).اهو سمجهي
سگهجي ٿو ته ڪشمير جي راجا منصوره جي امير عبدالله
ڏانهن ئي قرآن شريف ترجمي جو پيغام موڪليو ڇاڪاڻ
ته. 27هه ڌاري گاديءَ جوشهر منصوره اسلامي علمن ۽
قرآن پاڪ جي تعليم ۽ ترويج جو مرڪز
هو.
(ب) منصوره جو شهر
سنڌ جي راڄڌاڻي منصور شهر جو ذڪر جيتوڻيڪ چوٿين صديءَ هجريءَ ۽
ان کان پوءِ جي همعصر تذڪرن ۾ گهڻو اچي ٿو. پر
سنه 270هه کان اڳ لکيل مستند ماخذن ۾ پڻ ان جا
حوالا ملن ٿا، جهڙوڪ ڪتاب المسالڪ الممالڪ، جيڪو
هه232/846ع ڌاري ابن خرداذبهـﮧ تصنيف ڪيو (11) ۽
فتوح البلدان ۾ بلاذري 280هه ۾ تصنيف ڪيو، جنهن ۾
عباسي خليفي منصور کان وٺي معتصم بالله( 218ـ227هه
ـ833ـ842ع) جي دورتائين واقعن جو ذڪر آهي (12)،
بلاذري خاص طور منصوره شهر جي بنياد پوڻ جو ذڪر
آهي ته سن 112هه کان124هه تائين حڪم بن عوانهـﮧ
الڪلبي جي گورنريءَ ۾ ان وقت جي ڪمانڊر، محمد
قاسم جي فرزند عمرو جي سرڪردگيءَ ۾ منصوره شهر جو
بنياد رکيو ويو، (13)،
سن 94 هه/712ع ۾ ملتان جي فتح کان پوءِ، حجاج بن يوسف، محمد
بن قاسم ڏانهن خط لکيو هو جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان
گڏوگڏ ان ڳالهه جو خاص تاڪيد ڪيل هو ته خليفي جي
نالي جو سڪو جاري ڪيو وڃي، حجاج جي ٻين احڪامن
وانگر انهيءَ حڪم جي تعميل يقيني هئي، ان کان
علاوه عرب دور جي سڪن جي اڀياس مان پڻ اهو پتو پوي
ٿو ته سن 112 هه 116هه دوران منصوره شهر جي بنياد
بعد هيءُ شهر فوري طور تي سڪ سازيءَ جو اهم مرڪز
بنيو، سن هه/734ع ۾ ضرب ڪيل اهڙو هڪ ٽامي جو سڪو،
جيڪو برٽش ميوزم لنڊن ۾ رکيل آهي(14)، تنهن مان
شهر منصوره جي آڳاٽي بنياد جي تصديق ٿئي ٿي،
سنه270هه ڌاري منصوره نه صرف هڪ ترقي يافته شهر
جي حيثيت حاصل ڪري چڪو هو، بلڪه ان کان تقريبن
ڏيڍ سئو سال اڳ ان جي تاريخ شروع ٿي چڪي هئي،
(ج) 270هه/ 884ع ڌاري منصوره جو حڪمران:
بزر گ بن شهريار جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل منصوره جو حاڪم امير عبدالله
بن عبدالعزيز ۽ سندس خاندان، تاريخ ۾ مشهور معروف
آهن(15 )، هو هَباري قبيلي مان هو جيڪو قريش جي
شاخ بنو اسد مان هو، عباسي خلافت جي آخري دور ۾
جڏهن صوبي سنڌ مٿان حڪومتي گرفت ڪمزور ٿي، تڏهن
هن خاندان سنڌ تي حڪمراني قائم ڪئي، عبدالله جي
والد عمر بن عبدالعزيز بن منذر بن زبير بن
عبدالرحمان بن الاسود حڪمرانيءَ جو بنياد رکيو هو۽
247هه/847 ع ڌاري جڏهن خليفي متوڪل لا ڏاڻو ڪيو،
تڏهن کان وٺي هن گادي جي شهر منصوره مان سنڌ جي
پهرئين خودمختيار حاڪم طور حڪمراني ڪئي
بزرگ بن شهريار مطابق سن270هه ڌاري جو حاڪم عبدالله بن
عبدالعزيز هباري هو، اهوصحيح آهي، ڇاڪاڻ جو سندس
والد عمر بن عبدالعزيز 247هه/847ع ڌاري حڪومتي
منصب سنڀاليو۽ کانئن پوءِ سندس پٽ عمر بن
عبدالعزيز جانشين ٿيوسن302هه/914ع ڌاري جڏهن
مسعودي منصوره ۾ آيو تڏهن تائين منصوره تي سندس
حڪومت قائم هئي (16)،
(د) منصوره جي عالم جو قرآن پاڪ ترجمو ڪرڻ:
عربن طرفان هند ۽ سنڌجي مقامي ٻولين ۾ دلچسپي محمد بن قاسم جي
سنڌ فتح ڪرڻ سان شروع ٿي چڪي هئي، فتح نامه سنڌ،
فتوح البلدان ۽ ٻين همعصر تذڪرن مان ان ڳالهه جا
ڪافي حوالا ملن ٿاته سنڌجي مقامي ماڻهن سان آمدرفت
جو سلسلو شروع ٿيو ۽ پڻ سفارتي سلسلو قائم ٿيو،
محمد بن قاسم نه صرف سنڌ جي مقامي سردارن ۽ اڳواڻن
سان معاهدا ڪيا، بلڪه سنڌ کان ٻاهر اُتر ۾ ڪشمير،
اُتر اوڀر ۾ قنوڃ، اوڀر ۾ ڀاٽيه ۽ رمل(جيسلمير۽
بيڪانير؟)، ڏکڻ اوڀر ۾ بيلمان ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ هيٺ
ڏکڻ ۾ گجرات رياستن تائين حاڪمن سان معاهده شروع
ڪيا (17)، اهڙين حالتن ۾ انهن رياستن جي حڪمرانن ۽
مقامي ماڻهن جي ٻولين جي ڄاڻ رکڻ قدرتي امر هو.
محمد بن قاسم جي فوج ۾ اهڙا ماڻهو موجود هئا، جيڪي ٻين ٻولين
سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ نه رکندڙ هئا،
برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ، اتي جي امن معاهدي
۾ جيڪي ٻه عملدارتميم بن زيدالقيني۽ الحڪم بن
عوانهه الڪلبي(18) شامل هئا، تن مقامي ٻوليءَ ۾
مهارت سبب شهرجي معززين جي ذريعي حالتن کي
سنڀاليو، انهيءَ ڪري ئي پوءِ کين سنڌ جو گورنر
مقرر ڪيو ويو(19)، ان کان علاوه مقامي عالمن ۽
معززين اسلام قبول ڪيو، جنهن جي ڪري وڌيڪ ميل جول
شروع ٿيو ۽ آهستي آهستي سرڪاري ۽ سفارتي لکپڙهه
مقامي”سنڌي ٻولي“۾ رائج ڪئي ويئي(20) جنيد بن
عبدالرحمان المُري(724ع) سنڌ جو پهريون گورنر هو،
جنهن بُڪير بن ماهان ڪوفي کي، مقامي ٻولين ۾
ماهر هئڻ ڪري، پنهنجي آفيس ۾ ترجمان مقرر ڪيو(21)
مقامي ٻولين جي سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ اهم ڪردار محمد بن حارث بن
علافيءَ۽ سندس پنج سئو ساٿين پڻ ادا ڪيو، جن راجا
ڏاهر وٽ پناهه ورتي(22)، هنن راجا ڏاهر طرفان
سندس پاڙيسري دشمن رياستن خلاف جنگين ۾ حصو ورتو
هو، علافي ۽ محمد بن قاسم جي سنڌ تي حملي کان
تقريبن ڇهه مهينا اڳ سنڌ ۾ آيو هو، هوڏاهر جو نه
صرف اعتماد وارو صلاحڪار هو بلڪ رمل جي حڪمران
خلاف جنگ ۾ راجا ڏاهر جي طرفان سپهه سالار هو، ان
کان علاوه پاڙيسري رياست بيلما ن جو دورو پڻ ڪيو
هئائين، جيڪو علائقو رمل خلاف جنگ دوران راجا
ڏاهر جو اتحادي هو اهو علافيءَ جو ئي اثر هو، جو
بيلمان رياست جي ڪافي خاندانن اسلام قبول ڪيو ۽
انهن مان ڪيترن عربي زبان تي دسترس حاصل ڪئي ۽
علم حديث ۾ پڻ ڪمال حاصل ڪيو(23)، اهو بيلماني
مسلمانن جو پهريون نسل هو، جنهن جي ذريعي ٻين
مسلمانن هتان جي مقامي ٻولين ۽ سنسڪرت تي عبور
حاصل ڪيو.منصوره آباد ٿيڻ کان پوءِ نه صرف قرآن
پاڪ ۽ حديث جي علمن جو مرڪز بنيو.بلڪه144 هه/762 ع
ڌاري، بغداد جي آباد ٿيڻ کان ٽي ڏهاڪا اڳ، هندي
۽عربي ٻولين جو مرڪز بنجي چڪو هو. بيلمان رياست جي
راجا محمد بن قاسم سان معاهدو ڪري اسلام قبول ڪيو
هو، منصوره ۾ هندي علم نجوم تي تحقيق غالباَ
بيلمان جي نو مسلم عالمن جي مدد سان شروع ٿي ۽
ٿورن سالن اندر برهما گپتا جا ٻه مشهور ڪتاب، ڪرن
کنڊ کاديڪا، ۽ بُرهما سِڌانت، عربي ٻوليءَ ۾
ترجمو ٿيا، اهي منصوره جي تحقيقي اداري ۾ ابراهيم
بن حبيب الفزاري ۽ سندس فرزند محمد الفرازي ڪيا.
پهريون ڪتاب سنه 177 هه ۾ منصوره ۾ ترجمو
(24).منصوره جي علمي ادارن جي ذريعي سنسڪرت ۾ لکيل
تصنيفن کي عربي ٻوليءَ ۾ آڻڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽
منصوره کي ان سلسلي ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ٿي، سنڌ
مان يعني منصوره مان سرڪاري وفدن ۾ شامل عالمن جي
بغداد ڏانهن اچڻ وڃڻ سنڌ ۽ بغداد جي عالمن جو پاڻ
۾ ميل جول ٿيو (25).136 هه/754 ع، 154ع/771 ع۽ 156
هه/777 ع وارن سالن ۾ سنڌ جا وفد بغداد جي عباسي
خليفي جي دربار ۾ آيا (26).البيروني مطابق، بغَداد
جي عالمن مان محمد الفزاري، يعقوب بن طارق
۽ابوالحسن اهوازيءَ جو سنڌ کان آيل عالمن جي
انهيءَ وفد سان بحث مباحثو ٿيو، جيڪي 154 ع ۾
بغداد آيا هئا. عباسي دور جي انهن اوائلي حوالن
مان ظاهر ٿئي ٿو ته منصوره ۾ سنسڪرت جي تحقيق ۽
تعليم جو سلسلو سالن تائين جاري رهيو. سنڌي ۽ عرب
عالمن جو انهيءَ باهمي ميلاپ جو اهو نتيجو نڪتو جو
کين هڪ ٻئي جي زبانن کان واقفيت حاصل ڪرڻ جا
بهترين موقعا ميسر آيا. ان طرح منصوره ٽين صدي
هجريءَ جي آخري اڌ ۾ مختلف ٻولين جي ڄاڻ، تحقيق ۽
ترجمي جو هڪ وڏو مرڪز هو ۽ انڪري ئي اسلامي شريعت
کي هندجي ٻوليءَ ”هنديـﮧ“۾ سمجڻ لاءِ ڪشمير طرفان
منصوره جي امير کي درخواست ڪئي وئي.
بزرگ بن شهريار جي روايت ۾ مقامي هندي ٻوليءَ”هنديـﮧ“بابت هي
حوالوسڀ کان اوئلي آهي. سنه270 هه يا سنه300 ع ۾
بزرگ بن شهريار پنهنجو ڪتاب لکيو. ان کان اڳ عربي
زبان جي ٻئي ڪنهن به مذهبي، يا ادبي يا سائنسي
ڪتاب ۾”هنديـﮧ“ٻوليءَ جو حوالو ڪونه ٿو ملي،
جيتوڻيڪ ملڪ، الهند، ۽ اُتان جي باشندن جي مجموعي
نالي الهند، جو ذڪر اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهو
نالو ڪنهن مقامي عام رائج زبان لاءِ آندل هجي. پر
گهڻو ڪري ان مان مراد سنسڪرت ٿي سگهي ٿي. ان جي
تصديق ان مان ٿئي ٿي. جو ان وقت کان ڏيڍ صدي پوءِ،
چوٿين صدي هجريءَ جي پهرين اڌ ۾ محقق البيروني
عام محاوري طور سنسڪرت کي ”لغةالهند“ڪري لکيو
آهي(28)، ڪن جاين تي ”هنديـﮧ“ جو لفظ استعمال ڪيو
آهي (29)، پر ٻين جاين تي خاص طرح ”قديم هنديـﮧ“
لکيو آهي (30).
هو عباسي دور اوائلي لکيتن ۾ ڪتب آندل هند جي
اصطلاحن جا حوالا ڏيندي چوي ٿو ته هُن انهن لکيتن
۾ هنديـﮧ جا الفاظ ڏٺا آهن(31)، جن مان سندس مطلب
”سنسڪرت“ آهي اسان مٿي اهو ٻدائي چڪا آهيون ته
سنسڪرت جو مطالعو ۽ ان مان ترجمي جو ڪم ان اوائلي
دور ۾ سنڌ ۾ ٿي رهيو هو ۽ انهيءَ لحاظ سان
”الهنديـﮧ“جو اصطلاح ساڳئي منصوره ۽ بغداد ۾
استعمال ٿيو.اهو پڻ ڌيان ۾ رکڻو آهي ته ترجمي لاءِ
درخواست ڪشمير جي علائقي کان ڪئي وئي، جتي جي
مذهبي زبان سنسڪرت هئي ۽ درخواست منصوره جي حاڪم
ڏانهن موڪلي وئي،
جيڪو قرآن علم جو مرڪز هو ۽ جتي سنسڪرت توڙي ٻين ٻولين جي ترجمي
جو عمل جاري هو.
(و) راجا، جنهن ترجمي لاءِ درخواست ڪئي:
بزرگ بن شهريار مطابق، راجا جنهن قرآن پاڪ جي ترجميءَ لاءِ
درخواست ڪئي تنهن جي رياست. مٿئين، ۽ هيٺئين،
ڪشمير جي وچ ۾ واقع هئي ان لحاظ کان اها رياست
پنجاب جي اتر طرف ڪٿي هئي.
انهيءَ ڪري تاريخي پس منظر جي روشنيءَ ۾ ان رياست
کي ”تاڪيه“، ”تاڪيان“ ”ياتَڪا“ (قديم
Tseh-Kia
يا تڪاديش)
قرار ڏئي سگهجي ٿو. اٺين صدي هجريءَ جي شروع ۾
فتحنامي ۾”بلاد تڪيه“جا حوالا ملن ٿا:
۽ نائين-ڏهين صدي هجريءَ جي جاگرافيائي ڪتابن ۾ طاقي، طاقان ۽ طاقين نالا آندل آهن.
ابن خرداذيـﮧ
(332هه/846ع)، تاجر سليمان(237 هه851ع)، ابن رسته
(300 هه/912 ع، مسعودي (332 هه/943 ع)،
۽ حدودالعالم جي مصنف (372 هه/982 ع) انهن جو ذڪر ڪيو آهي هنن.
تاڪيه، ۽
ڪشمير، ٻنهي جا،
نالا گڏو گڏ آندا آهن جو اهي هڪ ٻئي سان متصل معلوم ٿين ٿا. مسعودي ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن، ڪشمير جي راجا راءِ
۽ تاڪيه جي فرمانروا جو ذڪر گڏو گڏ ڪيو آهي هو لکي ٿو ته تاڪسير
(ٽيئڪسيلا) ستين ۽ اٺين صديءَ جي عيسويءَ ۾. بلاد تاڪيه، جي راڄڌاني هو.
ان جي مرڪزي علائقي تاڪسير کان اُن جون حدون اتر ۽
اولهه طرف سنڌو دريا تائين ۽ اوڀر ڏکڻ طرف جهلم۽
چناب ندين تائين هيون ۽ اها آبادي ڪشمير جي ڏاکڻين
ڀاڱن درميان واقع آهي. (32) رپوٽ ۾ حاڪم جو خطاب
”راءِ“ڄاڻايو ويو آهي مسعودي، جنهن ڪشمير ۽ تاڪيه
کي گڏ ڄاڻايو آهي،
تنهن
پڻ حاڪمن جا حوالا ته گڏ ڏنا آهن،
ليڪن سندن خطاب الڳ الڳ ڄاڻايا آهن،
ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته”راءِ“ڪشمير جي راجا جو خاص
خطاب آهي (جيئن ”بَئوا“قنوج جي راجا جو ۽ ”بَلهرا”
مانکيڙ- دکن جي راجائن جو). اهڙي طرح ٻين راجائن
جا پڻ اهي لقب آهن (33).اها تڏهن جي ڳالهه آهي
جڏهن مسعودي چاليهه سال پوءِ پنهنجو ڪتاب لکيو
(34).
بزرگ بن شهريار جي رپورٽ مطابق 270 هه جي شروعات ۾
حاڪم جو لقب ”ملڪ الراءِ “هو جنهن مان اهو نتيجو
ڪڍي سگهجي ٿو ته هن اهو ڪتاب سياسي طاقت ۽ حيثيت
حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اصلي خطاب ”ملڪ“سان گڏ
شامل ڪيو هجي (”ملڪ “دراصل نج عربي ٻوليءَ جو لفظ
آهي، ڪنهن اصل ٻئي لقب جي نشاندي نه ڪئي وئي آهي.)
جيتريقدر درخواست ۽ وقت جو تعلق آهي، ته ان لحاظ کان اهو سوال
پيدا ٿئي ٿو ته سنڌ جي حاڪم ڏانهن ان گذارش موڪلڻ
جا ڪهڙا سبب هئا؟ جڏهن ته راءِ سندس رياست اتر طرف
منصوره کان ڪافي پري هئا. ڇا سنڌ کان اسلام جو
پيغام وٽس اڳ پهچي چڪو هو.يا مسلمان سندس رياست ۾
اڳ اچي چڪا هئا، ۽ ساڻس مليا هئا؟
فتح نامو جيڪو اصل عرب ماخذ جو اوائلي ترجمو آهي ۽
جنهن ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ ۽ سنڌ جي ٻاهر جي فتحن
متعلق مواد محفوظ ڪيل آهي، تنهن ۾ لکيل آهي ته
محمد بن قاسم ملتان فتح ڪرڻ کانپوءِ، اتر طرف
رياستن ڪرور، اشهبار ۽ برهمپور، جيڪي جهلم درياهه
جي ڪناري تي واقع هيون،
ڏانهن
پيشقدمي ڪئي ۽ان جون فوجون ڪشمير جي سرحد ۽ تاڪيه
رياست جي ڀرسان پهچي چڪيون هيون(35). ان کان پوءِ
عباسي خليفي منصور جي زماني ۾
136هه/750ع—158هه/775ع) سندس مقرر ڪيل سنڌ جي
گورنر هِشام بن عمرو التغلبي ڪشمير فتح ڪيو هو
(32). بهرحال مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته فوجي
طاقت ۽ غلبي جي ڪري نه، بلڪ اتر جي حڪمرانن کي
اسلام ڏانهن جنهن ڳالهه مائل ڪيو سا مسلمان بزرگن
جي انفرادي ۽ ذاتي ڪوشش هئي. اهڙن بزرگن مان محمد
بن حارث علافي به هڪ هو، جنهن اسلام جي پيغام کي
بيلمان رياست ۾ ڪاميابيءَ سان پهچايو هو.سنه93
هه/712ع ڌاري محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي درميان
فيصله ڪن جنگ وقت محمد علافي راجا ڏاهر جي پٽ سان
چتور ۾ گڏ هو ۽ پوءِ اتان جدا ٿي بلاد تاڪيه ويو ۽
اتان پوءِ ڪشمير پهتو، فتح نامي ۾ سندس انهيءَ سفر
جو ذڪر هن طرح ڪيل آهي:”چتور ۾ علافي جيسنه کان
جُدا ٿي بلاد تاڪيا پهتو، اتي هن پنهنجون خدمتون
ڪشمير جي راجا جي حوالي ڪيون، اڳتي سفر ڪندي هو
روستان جي ويجهو پهتو. ُرويمُ يا ُروينو جي سرحدن
تي وقع آهي هي هڪ غيرآباد صحرائي علائقي ۾ آهي،
اتان هن جبلن جي وچ ۾ واقع گاديءَ جي شهر
راجيئريءَ ڏانهن خط موڪليا، ڪشمير جي راجا اهي خط
پڙهيا ۽ علافيءَ جي نالي، شاڪلهار، ضلعي جي جاگير
جو پروانو جاري ڪيو، محمد علافي جڏهن راجا سان
ملاقات ڪئي، تڏهن هن کيس تحفي ۾ 250 اعليٰ نسل جا
گهوڙا ڏنا، محمد علافي پوءِ جهم بن سامته الشامي
کي جاگير جي سنڀال لاءِ موڪليو، جڏهن علافي ٻيو
دفعو راجا سان مليو تڏهن کيس تاج، ڪرسي ناوا ۽
ڏولي ڏنا، جيڪي وڏن حاڪمن کي تحفي طور ڏنا ويندا
هئا، ان کان پوءِ راجا کيس شاهي محافظن جو دستو
(ٻي جاگير)سهل تائين گڏي ڏنو، جتي محمد علافي ڪجهه
وقت رهيو، ان باد هو شاڪلهار ۾ اچي مقيم ٿيو ۽اتي
ئي وفات ڪيائين، جهم بن سامته سندس جائنشين مقرر
ٿيو ۽ سندس خاندان هن وقت 613 هه/1216 ع تائين اتي
موجود آهي، هن اتي مسجدون ٺهرايون ۽ سندس رتبو
وڌيو ۽ ڪشمير جي راجا سندس وڏي عزت افزائي ڪئي
”(38)،
فتح نامي انهيءَ بيان جون آخري سٽون ذهن ۾ رکڻ جهڙيون آهن
ته”جهم بن سامته“جيڪو علافيءَ جو جائنشين ٿيو،
تنهن اسلام جي پيغام کي پکيڙيو ۽ مسجدون ٺهرايون
”علي ڪوفي“ جنهن اصلي فتح نامي جو ترجمو ڪيو آهي
لکي ٿو ته 613 هه تائين جهم بن سامته جو خاندان
شاڪلهار ۾ اڃان موجود آهي، جهم جي وفات کان پوءِ
به سندس خاندان علافيءَ جي مِشن کي جاري رکنديءَ،
ڪشمير ۽ ان جي آسپاس رياستن تاڪيه وغيره ۾ اسلام
جي پيغام کي پهچايو، دراصل اهو انهيءَ مخلصانه
ڪوشش جو نتيجو هو.جو اسلام ۽ ان جي تعليم جو اثر
انهن اتر وارين رياستن تي پيو ۽ ايندڙ ٻن صدين
تائين اتي مسلمانن جون آباديون وڌيون232هه/846ع
ڌاري ابن خردازبهڪشمير ۽ اُن جي آسپاس مسلمان
آبادين لاءِ ڪعبته الله جي قبلي جو رخ رکڻ ضروري
سمجهيو(39).بلازري پڻ هڪ اهڙي رپورٽ نقل ڪئي آهي
.عباسي خليفي معتصم بالله جي زماني ۾ ڪشمير، ملتان
۽ قابل جي درميان عسيفان رياست جي راجا مسلمان
واپارين جي دعوت تي بت پرستي ڇڏي، اسلام اختيار
ڪيو(40).انهيءَ وقت کان تقريبا چاليهه پنجاهه سال
پوءِ 270هه ڌاري راجا راءِ ان ڳالهه جي خواهش
ڏيکاري تي ڪينهن اهڙي عالم کي ڏانهنس موڪليو وڃي،
جيڪو کيس اسلام سمجهائي سگهي .راجا راءِ جي سڃاڻپ
”تاڪسيا“ يا تاڪيه رياست جي راجا طور ٿي سگهي ٿي،
هن جيتوڻيڪ کليءَ طرح اسلام جو اقرار نه ڪيو هو،
ليڪن سندس ڪٽنب ۽ رعايا کي معلوم ٿي چڪو هوندو ته
راجا جو اسلام ڏانهن لاڙو آهي .هن پنهنجي استاد جي
وڏي قدرداني ڪئي ۽ راجا جي انهيءَ ورتاءُ جو سندس
جائنشين تي پڻ وڏو اثر پيو هوندو.چاليهه سال کن
پوءِ جڏهن مسعودي پنهنجو ڪتاب لکيو، تڏهن راجا
راءِ پوڙهو ٿي چڪو هوندو يا سندس جائننشين اُتي
حاڪم هوندو مسعودي، جنهن کي پڪيون پختيون خبرون
پهتل هيون. لکي ٿو ته ”تاڪيه جي راجا جا پنهنجن
پاڙيسرين سان سهڻان تعلقات قائم هئا ۽ هو خاص طرح
مسلمانن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو “(41)
نتيجو:
اسان مٿي بزرگ بن شهريار جي بيانن جي سمورن پهلوئن جو علمي،
ادبي ۽ تاريحي لحاظ کان جائزو ورتو آهي ۽ تحقيقي
لحاظ کان جيڪي ثابتيون دستياب ٿي سگهيون آهن، تن
جي حدبندي ڪئي آهي. ان مان اهو صاف طرح سان واضح
ٿئي ٿو ته بزرگ بن شهريار طرفان روايت ڪيل رپورٽ ۾
ڪنهن به قسم جونقص ڪونهي، بلڪ تاريخ جي روشنيءَ
۾ ان جي صحيح هجڻ جا پورا پورا دليل ملن ٿا ۽ ان
جي اندوروني حوالن مان پڻ ان جو هر لحاظ کان صحيح
هئڻ ثابت ٿئي ٿو، روايت ۾ ڄاڻايل سال، راويءَ جو
نالو جڳهه جتان روايت ڪئي وئي، منصوره جي حاڪم جو
نالو، درخواست ڪندڙ راجا جو نالو ۽ سندس خطاب،
راڄڌاني منصوره جي حاڪم طرفان ڪيل انتظام ۽ مقرر
ڪيل عالم بابت سموري معلومات بلڪل واضح مستند نظر
اچي ٿي، مختلف پهلوئن کان ڪيل تجزيي ۾، هن روايت
جو ڪوبه اهڙو پهلو نظر نٿو اچي، جنهن مان ان جي
صحيح هجڻ ۾ ڪو شڪ هجي .
حوالا، حاشيا ۽ واڌارا
(1)
Qureshi, Dr. I.H: The Muislim Commuity of
India-Pakistan 1961, P.41.
(2) سورته ياسن جي آيت 78 جي آخري حصي ۽ آيت 79 جو
ترجمو:”چيائين ته ڪير هڏن کي جيئرو ڪندو، هوڏانهن
هو ڳريل هوندا.چئو ته جنهن انهن کي پهريين ڀيرو
بنايو هو، سو انهن کي جياريندو“
(3)بلاذري: فتح البلدان، 1866ع، ص 437-439؛فتح نامه، ايڊيٽ ڪيل
ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ اسلام آباد، 1982ع، ص 183.
(4)فتح نامه، ص 93،
(5)بلاذري: فتوالبلدان، ص 437 .
(6) Khan, F.A: Banbhore, A preliminary Report on
the Recent Archaeological Excavations of
Banbhore, Deptt: of Archaeology. Govt. of
Pakistan 1976, P-2431
(7) Alberuni’s
India, English translation., Lahore reprint
1962, vol-1, P. 157
(8) فتح نامه، ص87-179
(9) هن شهر (منصوره) جا شاهي کنڊرات سنڌ جي ضلع سانگهڙ جي شهر
شهدادپور کان اوڀر ستن ميلن جي فاصلي تي هڪ وسيع
ايراضيءَ تي پکڙيل آهن،
(10) هن ترجمي جي ڪتابت مخدوم نوح جي معتقد بهاءُالدين گودڙيي
(سنه 1013هه) ۾ ڪئي .1982ع ۾ هي ترجمو سنڌي ادبي
بورڊ شايع ڪيو.
(11) ابن خردازبهه؛“ڪتاب المسالڪ الممالڪ.“دغويه ايڊيشن، نمبر
سنه 272هه (885)ع ۾ مصنف هن ڪتاب تي نظر ثاني ڪئي
(12) بلاذري:فتوح البلدان، ص 445.
(13) ايضاَ، ص 44،
(14) John Walker: A Catalogue of the Arab Byazantine and post
Reform Umaiyad Coins, vol:II, 1956, No: 927,
P-281.
(15) هباري خاندان جو ذڪر مشهور تاريخي تذڪرن
جهڙو: فتوح البلدان،
تاريخ يعقوبي ابن حزم جي ڪتاب جمهرة انساب العرب، زبير بن
بڪارجي ڪتاب جهمرة نسب قريش ۽اصطخري ابن حوقل ۽
بشاري مقدسي جي سفر نامن ۾ ملي ٿو انهن مٿين بيان
ڪيل حوالن مطابق هن خاندان جي وڏي عمر جي پڙ ڏاڏي
منذر بن زبير سنڌ ۾ مقررڪيل عرب گورنر حَڪم بن
عوانه ڪلبي (730-742ع)سان گڏ سنڌ ۾ نوڪري ڪئي.هو
ڪجهه وقت کان پوءِ هتان ڇڏي ويو ۽ 732هه ڌاري وفات
ڪيائين، ان کانپوءِ سندس پٽ عبدالعزيز سنڌ ۾ آيو ۽
منصوره جي ڀرسان، بانيه، ۾ سڪونت اختيار ڪيائين،
وقت گذرندي سندس فرزند عمر سنڌ ۾ هڪ طاقتور سردار
جي حيثيت حاصل ڪئي، 227هه/842ع ڌاري، معتصم با ا
جي وفات کان پوءِ سنڌ ۾ جڏهن قبا ئلي جهڳڙن منهن
ڪڍيو ته هن سنڌ جي گورنر عمران بن موسيٰ کي قتل
ڪيو، جنهن بنو نضار ۽ يمني قبيلن جي جيهڙي ۾ يمني
قبيلي جو ساٿ ڏنو هو.سن 232هه/847ع ڌاري متوڪل جي
جائنشينيءَ کان اڳ سنڌ جو گورنر هارون بن ابي خالد
240هه/854ع ۾ وفات ڪري ويو، ته عمر بن عبدالعزيز
خليفي متو ڪل کي لکي موڪليو جيڪڏهن کيس منصوره ۾
سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو وڃي ته هو ملڪ ۾ پوري طرح
امن قائم ڪرڻ لاءِ ذميدار ٿيندو کيس گورنر مقرر
ڪيو ويو ۽ خليفي متوڪل جي حڪومت
(240هه/854ع-247هه/861ع) جي ستن سالن تائين عمر بن
عبدالعزيز سنڌ جو گورنر رهيو، متوڪل جي وفا بعد
جڏهن فساد شروع ٿيا ته عمر بن عبدالعزيز سنڌ جي
آزاد حاڪم هئڻ جو اعلان ڪيو .ان طرح هن منصوره ۾
پنهنجي خاندان جي حاڪميت جو بنياد رکيو، ۽ پوءِ
عمر بن عبدالعزيز جي گهراڻي ڪافي مدت تائين گاديءَ
جي شهر منصوره مان ملڪ تي حڪومت ڪئي، (16)
المسعودي؛ مروج الذهب ومعاذن الجوهر“، بيروت 973
ع، جلد اول، ص 189 ع (17) فتح نامه ص .122-150،
166، 185، 186.
(18) ايصن، ص 163
(19) بلاذري، فتوح البدان، ص44ـ443
(20) مثلن ديبل جو مولاي اسلام، سنڌ جي اهڙين مشهور شخصيتن مان
هڪ هو.جنهن محمد بن قاسم جي ڳالهين لاءِ موڪليل
وفد ۾ ترجمان جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام
ڏنيون هئائين ان وقت ٻئي جرنيل بن حنظلـﮧ وٽ جدا
ترجمان هو، جڏهن هڪ ُٻيٽ ُ جي حڪمران جي پٽ
مُوکاُسان منهن مقابلو ٿيو، (فتح نامه، ص.1،
10ـ102)
(21) تاريخ طبري، دغويـﮧ ايڊيشن، جلد، 2 صفحو1467 ؛ الاخبار
الطوال قاهره1960ع، ص333؛ابن خلدون، تاريخ بولاق،
ڇاپو جلد ٽيون، ص101،
(22) علاقين، مڪران جي گورنر کي سن85 هه/ 704 ع کان ڪجهه اڳ قتل
ڪيو ۽سنه 86 هه جي آخري ڌاري سنڌ ڏانهن ڀڄي
ويا،
(بلاذري فتوح البلدان، ص 435، فتح ناموص 63 )،
(23) بخاري تاريخ ”صغير“۾ محمد بن عبدالرحمان بن البيلماني جو
ذڪر ڪيو آهي. نسائي ”ڪتاب الضعفا“ ۾ ابن حجر
”تهذيب التهذيب“ ۾، ۽ يا قوت”معجم البدان“ ۾
بيلمان جو ذڪر ڪيو آهي نسائي”ڪتاب الضعفا“۾، ابن حجر”تهذيب
التهذيب ۾،
۽
ياقوت”معجم البلدان“۾ بيلمان جي ڪافي شخصيتن جوذڪر
ڪيوآهي،
جن عربي زبان تي دسترس حاصل ڪئي
۽
علم حديث ۾ ڪمال حاصل ڪيو، قوت هڪ ٻئي محدث
محمدبن ابراهيم البيلماني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن
عبيدالله العباس ۽ الربيع النجراني کان حديثون
ٻڌيون، ٻين به ڪيترن ئي بيلماني محدثين جو ذڪر
ٻين ڪتابن ۾ ملي ٿو.
(24)البيروني؛
غُرت الزيجات“
(عربي) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1973ع،
ڏسو
مقدموار ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
(25)
(26) تاريخ يعقوبي،
1883ع،
جلد
2،
ص233-234؛ تاريخ طبري،
جلد ٽيون،
ص359-360.
البيروني جي ڪتاب الهند،
تي
ايڊيٽر سخائو جا نوٽ،
جلد
2،
صفحا
67
۽
313
(27)”ڪتاب الهند“عربي متن، حيدرآباد دکن، 1958ع، ص356، 370،
379.
(28) مثال طور سندس ڪتاب جي هيٺين عنوانن ۾:
1-ترجمت کتاب اصول الهندسة الاقليدس الي لغة الهند.
2- ترجمة کتاب المجسطي لبطليموس الي لغة الهند.
3-ترجمة کتاب في الاصطر لاب لابي ريحان الي لغة الهند،
(29)مثال طور ”ڪتاب الهند “، عربي متن، حيدرآباد دکن، 1958ع، 53
تي هيٺين عبارت:
فهذا ما قال پاتنجل في العلم المخلص
للنفس ويسمون خلاصة با الهنديـﮧ موکش،
(30)”ڪتاب الصيدنه“(همدرد فائونڊيشن پاڪستان طرفان شايع ڪيل
1973ع)
۾ البيروني ”الهنديـﮧ“جو لفظ برصغير جي سمورين
جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جي نالن ۾ ڪتب آندو آهي، ۽ سنڌ
سان واسطو رکندڙ شين لاءِ ”السنديه“ جو لفظ
استعمال ڪيو، آهي کائنس اڳ عبدالوهاب الفزاري،
جنهن کي البيروني گهڻو نقل ڪيو، تنهن پنهنجي ”ڪتاب التفاسير
الدوية“ ۾ پڻ ساڳيو طريقو اختيار ڪيو آهي.
البيروني عام اصطلاح طور پنهنجي هن تصنيف ۾
”الهنديـﮧ“ جو لفظ آندو آهي، پر هيٺين عبارتن ۾
”الهنديـﮧ القديمه“مان سندس مراد سنسڪرت آهي،
”الشيخ نبات سهلي کثيرالوجودفي دريار نجد وهووفي
الفارسية درمنـﮧ بکسر ففتح فسکون او درمنـﮧ بکسر
فسکون ففتح وبا الهندية القديمية درمنـﮧ دستيية
بفتح دال درمنـﮧ واسکان الراءِ والميم، ”(کتاب
الصيدنة)،
(31) “رسائل البيروني “حيدرآباد دکن، 1948ع، ص144.هيٺين
عبارت”افرادالمقال جي حوالي سان نقل ڪيل آهي .“وقد
وجدث في الڪتب التي تلقف من السنة الهند في اول
ايام بني عباس وثبتت فيها الاسامي الهنديـﮧ من
غيران تترجم اوينفل معناها الي العربية (افراد
المقال، ص141)
(32) That is Taxila and Marigala Range-
Centerered Taxila Region.
(33) مسعودي:”مروج الذهب“بيروت، 1973ع، جلد1، ص
187.
(34) مسعودي پنهنجو مشهور ڪتاب ”مروج الذهب “سنه332هه/943ع ڌاري
مڪمل ڪيو ڪشمير ۽ تاڪيه بابت جيڪا معلومات هن ڪتاب
۾ ڏنل آهي، سا ان کان اڳ هن ان زماني ۾ گڏ ڪئي
هوندي،
جڏهن هو 302هه/941ع ڌاري سنڌ جي سفر تي آيو.
(35) ”فتح نامه“، ص 185.
(36) بلاذري: ” فتوح البلدان” ص 445، اصلي لفظ ”افتتح قشميرا“
آهن. (يعني ڪشمير فتح ڪيائين) اهو علائقو ”ڪشمير“
جو ڪو ڀاڳو ٿي سگهي ٿو.
(37) هتي عبارت مڪمل نه هئڻ سبب منجهيل آهي.
(38) ”فتح نامه“ ص 45- 153.
(39) ڪتاب المسالڪ و الممالڪ ۾ هن هيءَ عبارت آندي آهي:
”قبلة بلاد الخزر و قشمير الهند الي حائط الکعبة الذي فيه
بابها، وهو من القطب الشمالي عن يساره الي وسط
المشرف.“
(40) بلاذري: ”فتح البلدان“، ص 446.
(41) مسعوديءَ جي اصل عبارت لاءِ ڏسو ”مروج الذهب“، دار اندلس
بيروت، ٻيو ڇاپو، 1973ع، ص 100، 92-191 ۽ 246.
ترجمي لاءِ ڏسو ايليٽ ۽ ڊائوسن جو ڪتاب
“History of India as Told by its Own Historians” جلد پهريون، 1876ع، ص 12 ۽ 25. |