محمد حسين ”ڪاشف“
”اي تان آه عشق جي“
(”شاهه جو رسالو-شاهه جو ڪلام“، جلد- 4 جو اڀياس)
شاهه جي رسالي جو چوٿون جلد، جيڪو سسئيءَ جي پنجن سُرن-
”آبري“، ”ديسي“، ”معذوري“،
”ڪوهياري“ ۽ ”حسيني“ تي مشتمل آهي، اُن جو شارح
۽ محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب آهي،
جنهن جي لڳاتار عرقريزيءَ سان هيءُ جلد تيار ٿيو
آهي. فاضل محقق جتي ڪلام جو صحيح متن سهيڙيو آهي،
اتي ڪلام جي شرح جو فرض پڻ سرانجام ڏنو آهي. ڏنل
مواد ۾ هر بيت جي پڙهڻي ۽ ان جي صحيح هئڻ لاءِ
ڊاڪٽر صاحب جيڪا محنت ڪئي آهي، اُها پنهنجيءَ
جاءِ تي نهايت ئي تحسين لائق آهي. شاهه جي ڪلام کي
ڌارئي ڪلام کان الڳ ڪرڻ ڪو سولو ڪم ڪو نه آهي،
جيترو ماڻهوءَ کي نظر اچي ٿول. مون پنهنجي اڳئين
مقالي ”شاهه جي رسالي جي تحقيق ۽ شرح“ ۾ اُن جو
تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، هت ان جي ورجاءُ جي ضرورت
نه آهي، ليڪن ايترو ضرور ظاهر ڪبو ته هن هيڏي
ساري ڪم کي تحقيقي طور تي سرانجام ڏيڻ ۽ ان کي
نشانبر ڪرڻ وڏي حوصلي جو ڪم آهي، جنهن کي لائق
محقق اٿاهه جفا ڪشي سان خوب نباهيو آهي. اختلاف ۽
اتفاق جو ميدان وسيع به آهي ته ننڍو به آهي،
جيترو جنهن ڳالهه کي ڇڪبو اوترو اها اينگهندي.
اصل ڳالهه آهي حقائق ۽ حقائق بيني جي، تور ۽ تڪ
جي، فهم ۽ فراست جي، پڙهندڙ جي ويچار جي، عمل
۽ فڪري طرف جي، انهيءَ سڄي مامري جو مول مقصد
آهي. لطيف شناسي، ٻوليءَ جي آگاهي ۽ محبت، لائق
محقق وٽ ڪٿي به اِها دعويٰ نه آهي ته هي ڪم ڪو حرف
آخر آهي. هن صاحب پنهنجي ڄاڻ ۽ فڪري اغماض جي
ذريعي جو ڪجهه بهتر سمجهيو آهي، ان ۾ اهي ڪڻا
تاري تُهن کان الڳ ڪري پيش ڪيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته
انهيءَ آڻ ۾ اڃا به ڪي ڪڻا هجن، انهن کي تاري
نروار ڪرڻ اوهان ۽ اسان جو ڪم آهي.
ائين به ضروري نه آهي ته اسان سڀ انهي پلئه پيل پورهئي سان
اتفاق ڪندا هجون، ليڪن جنهن حد تائين ڪم ۽ ڪلام
جي نرواريءَ جو تعلق آهي ته لائق محقق هڪ راهه
پيدا ڪئي آهي، سندس انهيءَ گس جي جوڙڻ جو داد ڏيڻ
ضروري آهي، جيڪو هزارن اختلافن جي باوجود به مان
لهڻي.
تحقيق جي سلسلي سان ”گنج“ جو نالو ٻڌبو ضرور هو ته اهو شاهه
سائينءَ جي درگاهه تي موجود آهي، پر سواءِ هڪ ٻن
محققن جي، ٻئي ڪنهن کي به انهي زماني ۾ زيارت
نصيب ڪا نه ٿي. اُهي هئا سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽
مرحوم علامه دائود پوٽو صاحب، جن درگاهه لطيفي تي
تڏي تي ويهي اُن جو اڀياس ڪيو. اوائلي دور ۾ محققن
جي آڏو ڪلام جي تحقيق جي سلسلي ۾ ٽي چار قلمي نسخا
رهيا ۽ باقي نسخن ۾ ”ٽرمپ“ وارو رسالو ۽ ممبئي
ڇاپي وارا رسالا هئا. ان جي جاءِ تي ڊاڪٽر بلوچ
صاحب ڀيٽا وارن رسالن جو جيڪو تفصيل ڏنو آهي، اهو
وڏي پد وارو آهي، جنهن ۾ قلمي نسخا به آهن ته
برٽش ميوزيم ۽ انڊيا آفيس لائبريري وارا نسخا ۽
ايران مان هٿ آيل ”ڪپتان اسٽئڪ“ وارو نسخو پڻ آهي.
انهن سڀني نسخن جو تعداد قريبن سَٺ کن آهي. ايترن
قلمي نسخن ۽ وچئين دور جي ڇاپي نسخن کي هٿ ڪرڻ وڏو
ڪم آهي. قلمي نسخن ۾ ڪي نسخا اهڙا به آهن جي شاهه
سائينءَ جي وصال کان پوءِ چاليهه –پنجاهه سالن جي
درمياني عرصي جا آهن. ڀيٽا وارن رسالن مان هر نسخي
جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. انهي ايڏي قلمي مواد
۾ هر بيت ۽ ان جي سِٽ کي ڀيٽڻ، ان مان صحيح متن
لاءِ نتيجو اخذ ڪرڻ هڪ وڏو علمي ۽ تحقيقي ڪم آهي.
انهي ايڏي ساري ڪم کي جنهن سٽاءُ ۽ ترتيب سان
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سرانجام ڏنو آهي، اهو نهايت
ساراهه جوڳو آهي. سسئيءَ جي سُرن جي بيتن جي متن
وارو مواد به انهيءَ مرحلي جو مرهون منت آهي.
جنهن حد تائين شاهه جي ڪلام جي شرح ۽ بيتن جي صحيح پڙهڻين جو
تعلق آهي ته سرڳواسي گربخشاڻيءَ جي شرح به موجود
آهي ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو پورهيو به پڌري پٽ آهي.
انهن سڀني کي ملائڻ ۽ ڪلام جي صوري ۽ معنوي ڀيٽا
ڪرڻ به ضروري آهي. هر گل جي پنهنجي خوشبوءِ معنيٰ
۽ مطلب کي سمجهائن ۾ ڪنهن به وسئون ڪو نه گهٽايو
آهي. سڀني جو سهيڙيل مواد سنڌي ساهت جو املهه
خزانو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي تحقيق مطابق
شاهه جي ڪلام جو جيڪو متن پيش ڪيو آهي، اتي رسالي
جي ڪلام تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته جن بيتن
کي پاڻ ڪيترائي ڪڻا ضرور نظر ايندا. انهيءَ آڻ جي
ڪاڻ لاءِ لائق محقق جيڪي دليل ڏنا آهن، اهي سندن
آڏو ته بجا آهن، ليڪن ڪن هنڌن تي هر ڪو انهن سان
اتفاق نه ڪندو، ڇو ته اهڙن هنڌن تي بيتن جي صوري
۽ معنوي حيثيت ڪر کڻي بيهي ٿي، جيڪا ڳالهه نهايت
غور طلب آهي. سسئيءَ واري جلد جو سُرن وارو صحيح
متن جيڪو ڊاڪٽر صاحب مقرر ڪيو آهي ۽ سسئيءَ جي
سلسلي سان جيڪو ڪلام پاڻ شاهه صاحب جو قرار نه ڏنو
اٿن، انن ٻنهين جو تفصيل سُر ۽ داستان وار هت ڏجي
ٿو:
”شاهه جو ڪلام“- سسئيءَ جي سڀني سُرن جو داستان وار تفصيل
(1)
سر آبري
داستان-بيت-وايون
پهريون -19-2
ٻيو -13-2
ٽيون – 21- 1
چوٿون -24-1
پنجون- 15- 2
ڇهون-11-2
ستون-20-2
اٺون – 15-1
نائون – 12-2
ڏهون – 6 -3
يارهون – 13-2
ٽوٽل 129 – 20 |
(2)
سر معذور
داستان-بيت-وايون
پهريون – 10 - 1
ٻيو – 30- 1
ٽيون – 10- 1
چوٿون – 22 -1
پنجون -14-1
ڇهون – 7-2
ستون -21-2
ٽوٽل 114-9 |
(3)
سر ديسي
داستان-بيت-وايون
پهريون – 22- 1
ٻيو – 15- 1
ٽيون – 15 - 1
چوٿون -13 - 2
پنجون -12-1
ڇهون -22-2
ستون -20-2
ٽوٽل 119-10 |
(4)
سر ڪوهياري
داستان-بيت-وايون
پهريون – 17 -1
ٻيو – 15 - 1
ٽيون -8-3
چوٿون -11-2
پنجون -12-1
ڇهون -13-2
ٽوٽل 76-10 |
(5)
سر حسيني
داستان-بيت-وايون
پهريون – 13-1
ٻيو -17-10
ٽيون -17-1
چوٿون -21-2
پنجون -23-2
ڇهون -21-2
ستون – 15-2
اٺون -8-1
نائون -23-1
ڏهون – 14-2
يارهون – 17-2
ٻارهون – 24-2
ٽوٽل 213- 19 |
(6)
سڀني سُرن جو وچور
سر آبر – 169-20
سر معذور -114-9
سر ديسي -119-10
سر ڪوهياري – 176-10
سر حسيني -213-19
ڪل ٽوٽل 691-68 |
|
|
|
جملي (691) بيت (68) وايون ”شاهه جو ڪلام“ قرار ڏنل آهي.
”رسالي جو ڪلام“ – سسئيءَ جي سڀني سُرن جو داستان وار تفصيل
(1)
سر آبري
داستان–بيت-وايون
پهريون -10 -2
ٻيو – 10- 1
ٽيون -7- 1
چوٿون -8 -1
پنجون – 7 -2
ڇهون – 9 -1
ستون -21-2
ٽوٽل 72-10 |
(2)
سر معذور
داستان–بيت-وايون
پهريون -7-1
ٻيو -9-1
ٽيون -7-1
چوٿون -11-1
پنجون -8-1
ڇهون -10-2
ٽوٽل 52-7 |
(3)
سرديسي
داستان–بيت-وايون
پهريون -17-1
ٻيو -27-1
ٽيون -14-1
چوٿون -31-1
پنجون -18-1
ڇهون -11-1
ستون -21-1
ٽوٽل 139-8 |
(4)
سرڪوهياري
داستان–بيت-وايون
پهريون -9-1
ٻيو -9-1
ٽيون -20-1
چوٿون -14-1
پنجون -19-1
ڇهون -24-3
ٽوٽل 95-8 |
(5)
سر حسيني
داستان–بيت-وايون
پهريون -16-2
ٻيو -9-2
ٽيون -12-2
چوٿون -10-1
پنجون -9-1
ڇهون -8-2
ستون -12-2
اٺون -7-2
نائون -9-2
ڏهون -9-2
يارهون -8-2
ٻارهون -14-2
ٽوٽل 123-23 |
(6)
سڀني سُرن جو وچور
سر آبري -72-10
سر معذور -52-7
سر ديسي -139-8
سر ڪوهياري – 8
سر حسيني -95-23
ڪل ٽوٽل 123-56
|
جملي (481) بيت ۽ (56) وايون ”رسالي جي ڪلام“ ۾ آنديون ويون
آهن.
”تمر فقير“ جي سسئي (27) بيت (3) وايون ۽ ٽيهه اکري ۾ (29) بيت
آهن.
شاهه جو ڪلام سسئي جي سڀني سرن ۾ بيت 691-وايون 68.
رسالي جو ڪلام ” ” ” بيت 481 – وايون 56.
تمر فقير جو ڪلام ” ” ” بيت، 27 – وايون 3
تمر فقير جي ٽيهه اکري ” ” ” بيت 29- - -
ٽوٽل بيت 1228- وايون 127
مٿي ڏنل بيتن ۽ واين جو تفصيل جيڪو شاهه جي رسالن جي نسبت سان
سسئيءَ جي سلسلي سان بيهي ٿو، جيڪو هڪ ڊگهي عرصي
کان ائين چئجي ته اڍائي سو سالن کان روايتي طور تي
هلندو آيو آهي، جنهن تي ڪڏهن به ڪنهن آڱر نه سڃي
آهي ته هي بيت شاهه جو نه آهي. راڳاين وٽ، سگهڙن
وٽ ۽ ڪلام سان محبت رکندڙ ماڻهن جي ڪچهرين ۾
انهيءَ جو هڪ رواج رهيو. جيڪي به هو، ان کي ”شاهه
جو ڪلام“ ڪري ڄاتو پئي ويو ۽ پيش ڪيو پئي ويو.
مٿين ڄاڻايل بيتن ۾ هنن شاعرن جو پڻ ڪلام آهي.
شاهه ڪريم (3) ٽي بيت، شاهه حبيب جو هڪ (1) بيت،
عيسو فقير (2) بيت، ميين شاهه عنات جا (12) بيت،
شاهه شريف جو (1) بيت، گرهوڙي عبدالرحيم جو (1)
بيت، خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا (3) بيت،
لطف الله (1) بيت، سيد محمد راشد روضه ڌڻي جملي
(39) اوڻيتاليهه بيت آهن، جن جي نالي سان نرواري
آهي ۽ باقي (442) بيت ۽ (53) وايون ڪن سگهڙن ۽
شاهه جي فقيرن ۽ ڪن اڳين گمنام شاعرن جا ڊاڪٽر
صاحب قرار ڏين ٿا.
تمر فقير جي بيتن کي ڇڏي جيڪڏهن اسان ڏسنداسون ته سسئيءَ جي
سلسلي سان رسالي جي قديم توڙي وچئين دور جي شروع
واري ڇاپي دور ۾ لطيف ۽ ٻين شاعرن جي بيتن جو
تعداد (1172) ۽ وايون (124) بيهي ٿو. سسئيءَ جي
سلسلي سان گنج ميين اسماعيل کاهوڙي واري ۾ (902)
بيت ۽ (53) وايون، مطبع حيدري جو ڇاپو 1867ع ۾
(816) بيت ۽ (53) وايون، ميرزا قليچ بيگ 1913ع
وارو ڇاپو ۾ (878) بيت ۽ (54) وايون آهن. ايترن
سارن بيتن ۽ واين جي ٻولي، ڪلام جي سٽاءُ ان جي
صور ۽ معنوي حيثيت کي نظر ۾ رکڻ، فڪري ۽ تحقيقي
طريقه ڪار سان ان مان شاهه جي ڪلام کي الڳ ڪيو ويو
آهي. مون پهرئين عرض ڪيو آهي ته ان سان هر ڪنهن جو
اتفاق ڪرڻ ڪو ضروري نه آهي، ۽ نه وري جو پاڻ ڪيو
اٿن اُهو ڪو حرف آخر آهي. لائق محقق جنهن انداز
سان مواد کي سهيڙي ۽ ٻنهين طرحن سان جو ڪجهه پيش
ڪيو آهي، اهو ته پاڻ تحقيق جي ميدان لاءِ نيون
راهون پيدا ڪري ٿو ۽ اهو مواد هڪ وڏي حيثيت رکي
ٿو. انهن بيتن جي پڙهڻي، سمجهاڻي، ڀيٽا ۽ ڪلام
جي تسلسل جون ڪڙيون ڪڙين سان ملائي انهي سڄي کي
”شاهه جو ڪلام“ قرار ڏيڻ لاءِ ڪو پورهيو ڪري انهي
کي اصل متن سان سلهاڙي، ته پوءِ ئي ان کي حق پهچي
ٿو ته هو ڊاڪٽر صاحب تي ڪا ميار رکي، باقي ائين
دانهون ڪرڻ صحيح نه آهي. تحقيقي نظريي سان غور ڪبو
ته لطيف جي ڪلام جي وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ اهو
نهايت ئي ڪارائتو مواد هڪ ترتيب ۽ اصول سان ميدان
تي آيو آهي، جنهن کي وينجهائڻ ۽ ان جو اڀياس ڪرڻ
۽ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ اسان جي عالمن ۽ ڏاهن لاءِ ضروري
آهي.
جن بيتن کي ڊاڪٽر صاحب ”شاهه جو ڪلام“ قرار نٿا ڏين، انهن لاءِ
مجموعي طور تي سندن راءِ اڪثر هن قسم جي رهي آهي.
(بمبئيءَ واري جلد لاءِ به سندن اهو ئي خيال آهي)
الف: معنوي معياري گهٽ آهي.
ب: قافيا بدلائي بيت چيو ويو آهي.
ج: کنڌي وارا بيت آهن ۽ رواجي سطح جا آهن.
د: ڪنهن فقير جا شاهه جي بيتن ڀران چيل بيت آهن.
هه: لفظن جي بدل سدل آهي، موضوع ۽ معيار ۾ گهٽ آهن.
و: ڪنهن سگهڙ جا بيت آهن.
ز: ڪنهن اڳئين دور جي شاعر جو بيت آهي.
ح: بيت ۾ اعليٰ فڪر جي ڪا ڳالهه نه آهي، وغيره.
جن بيتن کي ڊاڪٽر صاحب شاهه جو قرار نٿا ڏين، انهن مان ڪن بيتن
تي ته سندن قائم ڪيل اُصول صادق اچن ٿا، ليڪن
ڪيترن ئي بيتن سان اهي رايا سهمت نٿا ٿين، مثلن:
ويهه مَ منڌ ڀنڀور ۾ ڪر ڪو واڪو وس،
ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر ڏيندئي ڏس،
پنهون اٿي پس، سِر ڀر هلي سسئي.
(آبري)
سمهڻان ساڙو، جيڏيون جيڏوئي ٿيو،
هوت لنگهيو هاڙو، تون اناسي اوجهرين.
(آبري)
ڄاڻي جي ڄاتوم، ته ڪو پوندو فلڪ فراق ۾،
اکر ارادت جو ڌرائين ڌوتوم،
ڪڏهن ڪو نه ڪئون، هوند ڪشالو ڪيچ جو.
(آبري)
پيئي/سيئي ڪا توار، ڪ هيئن ٿي هٿ کڻين،
سوين روليون سسئيَون، هوتاڻي هزار،
ٻاروچاڻا ٻار، توڙا ترس نه سکئا.
صبر ۽ شڪر کي ڪاڏي آءُ ڪندي،
آهيان جنہ سندي، سو گهرجي ساڻ مون.
(آبري)
ڏُکي توءِ ڏڪار، توڻي وسن مينهڙا،
صاحب هٿ سڪار، هن وس آهن هٿڙا.
(معذور)
جي گهران سي ناهه، اڻ گهرئو ئي لوءِ،
تني ڪبو ڪوههه، جن گڏئي گوندر نه لهي.
(معذور)
ڏوريندي ڏٺوم پيغام پرين جو،
اُجهان آهيڙين جئن وهڻ وه ٿئوم،
جيجان جيءُ اڙيوم، نبيريانس نه نبري.
(معذور)
ڪري سُڃ سنجهي ويا ڀينر رات ڀني،
سڌ لڏيندي ساٿ جي، ڏيرن ڪا نه ڏني،
وئڙا سڱ ڇني، ڏکي ڏولي ڏونگرين.
(ديسي)
نيڻ نهاري منهنجا روئي رت ٿيا،
جي هتان هوت، ويا، سي اچن ته آجي ٿيان.
(ديسي)
نيڻ نهاري منهنجا، رت ٿيا روئي،
ڏکن جي ڏوئي، آهي اڻ سونهين آ جڪو.
(ديسي)
ڪيس نماڻي نيہ، آيل ٻاروچن جي،
سدا وسن ميہ، ميڙائي جي سپرين.
(ڪوهياري)
اڃا ٿي جيئين سڄڻ سارئو نه مرين،
وٽيون جي وه گاڏيون، ڇوري ڇور نه پئين،
لڳئي ڪو نه هينين، ڪو ڳڻ ٻاروچن جو.
(ڪوهياري)
سورائتي سڏ، ڪري سڏ سورن کي،
سورن ڀڳس هڏ، سي پڻ سيڪي سو رتي.
(ڪوهياري)
امڙ کوءِ گهروءِ، مونهان وڃي ساٿڙو،
مون جئن تان نه ٻرئوءِ، هينڙو ڏيئي وٽ جيئن.
(حسيني)
حسيني جي فصل ٻئي (2) جو بيت نمبر 2-3-4-10 پهريون ٽن بيتن ۾
سسئي ماءُ کي چوي ٿي ته:
کوءِ آتڻ ٻن جيڏيــــون امڙ کــــڻ ارٽ، الخ. (حسيني)
پهي ڪام پڃاءِ، امڙ منهنجي آسري، الخ. (حسيني)
ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون، الخ. (حسيني)
ڀينر هن ڀنڀور ۾ گهايل ٿي گهاريان، الخ. (حسيني)
ماءُ وهاڻو وار کڻ پٿراڻي پانهنجـــي، الخ (حسيني)
ڇڏئو جن ڀنڀور ڇر تن کي ڇاڙڪي، الخ. (حسيني)
مٿين بيتن ۾ هر بيت غور طلب ۽ ڳوڙهي ويچار جو مستحق آهي. انهن
بيتن مان ڪن جو انداز بياني آهي، جنهن ۾ شاعر
سسئيءَ جي ڪردار جي مختلف ڪيفيتن جو اظهار ڪندو
نظر اچي ٿو ته ڪن ۾ معنوي مام پڻ نظر اچي ٿي؛ ڪن
بيتن ۾ ڪردار خود ڳالهائي ٿو، جنهن ۾ هو پنهنجي
اندر جي احوال کي اوري ٿو. ڪي بيت شاعر جي آفاقي
نقطه نظر تي دلالت ڪن ٿا، جن ۾ شاعر سڀني حقيقتن
جي مشاهدي ۽ وجداني ڪيفت مان گذري هڪ اتاهين مقام
تان انهي مڙني نڪتن جو زمان ۽ مڪان جي تسلسل ۽
معروضات سان اظهار ڪندو نظر اچي ٿو، جنهن مان
حقائق ۽ خيال جي گهرائي ۽ بلندي نظر اچي ٿي. جنهن
لاءِ مجبورن ڪن هنڌن تي چوڻو ٿو پوي ته فاضل محقق
شاهه جي ڪلام جي عيوض ڪن اهڙن بيتن کي رسالي جي
ڪلام ۾ درج ڪيو آهي جن تي سندن پيش ڪيل راءِ صادق
نٿي اچي ۽ پڙهندڙ لاءِ ابهام جي صورت پيدا ٿئي ٿي.
ڪلام جي سلسلي ۾ ڪجهه ٻيون ڳالهيون به غور طلب
آهن، جن کي خيال ۾ آڻڻ ضروري آهي.
الف: شاعر جو واقعي متعلق اڀياس،
ب: واقعات جي احساساتي روء يا ڪيفيت،
ج: شاعر جو پنهنجي تخيل جو تاڃي پيٽو،
د: شاعر تي شعري توارد يا نزول جي ڪيفيت ۾ حساس ۽ خيال جو
پرواز ۽ سنگم،
هه: شاعر جي واقعات ۽ اڀياس لاءِ قائم ڪيل معروضات جي تفهيم،
و: شاعر جي پنهنجي يوٽوپيا/ ملڪوتي دنيا، جنهن ۾ هو سرجهڻار جو
فرض سرانجام ڏئي ٿو. سرجگڻار جڏهن تخليقي عمل جي
مرحلي مان گزري ٿو ته هن جي پنهنجي هڪ ذهني ڪيفيت
هوندي آهي، جنهن ۾ هو دنيا ومافيها کان به بي خبر
هوندو آهي. انهي نزولي ڪيفيت ۾ وجداني طور تي عروج
۾ هوندو آهي. انهي ڪيفيت جي نزاڪت ۽ مام جي اپٽار
کان سرجڻهار خود به قاصر هوندو آهي، ڇو ته هي هن
جي وجداني ڪيفيت جي اڏام جو سلسلو آهي، جنهن ۾ هو
بي وس هوندي به باقي ناقد ان تي ٽيڪا چوي ته هيئن
نه هيئن آهي، ۽ هينئن هئڻ گهرجي، اهو فن جي
تخليقي عمل، ان جي جزئيات، ذهني تصورات، ڪيفيتن
جي نزول، ۽ اظهاري قوت جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته
سرجڻهار جي پنهنجي هڪ دنيا آهي، جنهن جا پنهنجا
لوازمات آهن. لطيف انهن سڀني کي پنهنجي فن ۽ فقر ۾
نباهيو آهي. هو محض هڪ شاعر نه آهي، پر زندگيءَ
جو رازدان ۽ عرفان حقيقت جو غواض آهي، اهوئي سبب
آهي جو سندس ڪلام ۾ امرتا جي ڪيفيت آهي.
فاضل محقق شاهه جي ڪلام کي ٻئي ڪلام کان ڌار ڪرڻ ۾ عرق
ريزي ڳوڙهائي کان ڪم وٺي، جن به ٻين شاعرن جهڙوڪ
مييون شاهه عنات رضوي يا شاهه ڪريم يا خواجه محمد
زمان لنواريءَ واري جي ڪلام کي جنهن فني ۽ فڪري
انداز سان نروار ڪري الڳ ڪيو آهي، اهو ساراهڻ
جوڳو آهي.
مثلن: آبري جي فصل پهرئين جو چوٿون بيت:
منڌ نه منہ ويهه اُڀي اوسڙ اُس ۾ - الخ.
اهو بيت شاهه ڪريم جو آهي. انهي بيت لاءَ يا فضل ٻئي جي بيتن پسي ڏونگر ڏار
جم هلڻ ۾ هيڻي وهين- الخ.
متان ڪيئن ماندي ٿئين اڳيان وندر ٿيندي وس – الخ.
يا فصل چوٿين جو بيت 3 سر معذور جي فصل پهرئين جو بيت:
کهري کني کان سُڄي، وارن سنهي واٽ – الخ وغيره.
اهي بيت ميين شاه عنايت جا آهن؛
داستان پنجين جو بيت 7:
هوئڻ تو مجاب لنگهه ته لهين سپرين – الخ.
خواجه محمد زمان لنوريءَ واري جو آهي، انهيءَ ريت ڊاڪٽر صاحب
جن شاعرن جي بيتن جي نرواري ڪئي آهي، ان لاءِ
موثر دليل پڻ ڏنا آهن ۽ انهن جو رسالي جي مختلف
نسخن ۾ هئڻ ۽ اهي ڪڏهن ۽ ڪيئن داخل ٿيا، ان جو
اظهار آهي ۽ انهن جي صحيح پرهڻي کي ڀيٽا وسيلي
پيش ڪيو ويو آهي ۽ اهي حوالا پڻ ڏنا ويا آهن ته
اهو بيت يا اهي بيت انهي شاعر جي بياض جي قلمي يا
ڇاپي نسخي ۾ موجود آهن، شاهه جي ڪلام ۾ انهن جو
گڏجي وڃڻ محض انهي ڪري هو جو انهن بيتن کي شاهه جي
راڳ جي مجلس ۾ پڙهيو ويندو هو، انهي ڪري هڪ مواتر
سلسلي سبب اهي بيت شاهه جي رسالي جي زينت بنيا.
ٻين بيتن جو سلسلو به اڳ توڙي پوءِ اهڙو ئي رهيو،
جنهن ڪري انهن کي شاهه جو تصور ڪيو ويو. مون مٿي
چند مثالن تي اڪتفا ڪئي آهي. سسئيءَ واري جلد ۾
پيش ڪيل صحيح متن ۽ رسالي جي ڪلام ۾ ڏنل سسئيءَ جي
سلسلي سان بيتن کي هڪ ٻئي جي ڀران رکڻ ضروري آهي.
فاضل محقق لفظن جي اڳ پوءِ وارن ڪيترن بيتن کي به
اصل متن ۾ جاءِ نه ڏني آهي، جا ڳالهه متن جي
سلسلي ۾ غور لطب آهي. ان لاءِ هڪڙي مثال تي اڪتفا
ڪجي ٿي، مثلاً:
ائين جي ورن واريون وڃو سڀ موٽي.
ڪا نه هلندي ڪيچ ڏي ڪرهوم کوٽي،
پوءِ نه وڇوٽي اسان سين عنات چئي. (آبري فصل چوٿون)
لطيف انهي بيت جي ٻن سٽن کي وٺي پوئين سٽ پنهنجي طرفان هن طرح
چئي بيت مڪمل ڪيو آهي:
ائين جي ورن واريون وڃو سڀ موٽي،
ڪا نه هلندي ڪيچ ڏي ڪر هوم کوٽي،
ڪڍيم ڪاڇوٽــــي وڌم جوڳ جتن لــــــئه. (شاهه)
شاعريءَ ۾ پنهنجي پيشرو يا همعصر شاعرن جي خيال کي مستعار وٺڻ
ڪو عيب نه آهي، فن ۽ فڪر جي دنيا جو اهو هڪ دستور
رهيو آهي. غور ڪبو ته مٿيون بيت جيڪو شاهه عنات جو
آهي، اهو سڄو جدائي تي دلالت ڪري ٿو ۽ جدائي بعد
ڪردار جو ڪو تحرڪ نظر نٿو اچي. ليڪن شاهه سائين ان
جي پوئين سٽ کي تبديل ڪري معنيٰ کي جيڪا وسعت ڏني
آهي، اها ڪردار ۾ تحرڪ ۽ وسعت پيدا ڪري ٿي. لطيف
انهي جدائيءَ وارن لمحن کي ”جوڳ“ ۾ بدلائي ٿو ۽
محبوب سان ملڻ لاءِ هڪ مستقل قدر پيدا ڪري ٿو،
جيڪو ڪردار جي عمل جو پيش خيمو آهي. اهڙيءَ ريت
ٻيا به ڪي بيت آهن، جن ۾ لطيف انهيءَ طريقي جو
انداز اختيار ڪيو آهي. انهن ۽ اهڙن ٻين بيتن کي
جڏهن شاهه جي ڪلام جي سلسلي ۾ رکي مطالعو ڪجي ٿو
ته اُهي صوري ۽ معنوي طور تي نکري بيهن ٿا ۽ صحيح
متن جي ڪلام ۾ پنهنجي جاءِ وٺن ٿا.
مٿي مون هڪ بيت پيش ڪيو آهي، اُن جي ڪجهه وضاحت ضروري ٿو
سمجهان، ڇاڪاڻ ته ”آبري“ جي صحيح متن جو اڀياس
ڪندي ۽ رسالي جي ڪلام کي نظر ۾ رکندي اهو بيت ۽
اهڙا ٻيا بيت اپيل ڪندي نظر اچن ٿا ته اسان ته
لطيف سائينءَ جا آهيون.
سيئي/پيئي ڪا توار، ڪه هنهين ٿي هٿ کڻين – الخ.
ڊاڪٽر صاحب جو ارشاد آهي ته ميار ڏيندڙ ڪير آهي، جنهن سسئيءَ
کي هٿ کڻندي ڏٺو؟ ڳالهه ڀلي ليڪن اتي سوال پيدا ٿو
ٿئي ته سسئيءَ کي ڀنڀوران ٻاهر نڪرندي به ڪنهن نه
ڏٺو؟ هن سان ڇا وهيو واپريو؟ اها صورتحال ڪنهن جي
سامهون نه آئي؟ سسئيءَ جي قصي ۾ به، جيڪو سگهڙن
يا راوين بيان ڪيو آهي، ان جو سڄو مدار انهيءَ
واقعي جي معروضات تي آهي. اهو دليل ڪو دليل نه
آهي. مون اڳين صفحن ۾ عرض ڪيو آهي ته شاعر جي
تخليل جي بلند پروازي پنهنجي فڪر جي اڏام ذريعي
انهي معروضات جو هڪ تاڃي پيٽو تشڪيل ڏئي ٿي، جنهن
کي سرجڻهار پنهنجي مشاهدي ۾ آڻي ٿو، جيڪا هن جي
ڪردار جي يوٽوپيا آهي ۽ جنهن ۾ هو ان جي جسماني،
روحاني، جمالياتي ۽ احساساتي ڪيفيتن کي محسوس
ڪري ٿو، ان جي تاڃي پيٽي ۾ پنهنجي خيال جي اظهار
جي اُڻت ڪري ٿو ۽ اهو ئي شاعر جي پنهنجي فڪري
مشاهدي ۽ اظهار جو ڪمال آهي.
لطيف جي سڄي شاعري انهيءَ صورتحال جي غماز آهي.
فاضل محقق ڊاڪٽر بلوچ صاحب سسئيءَ واري جلد ۾ ”شاهه جي ڪلام“ جو
جيڪو صحيح متن ڏنو آهي، ان جي اڀياس ڪرڻ وقت
”رسالي جي ڪلام“ کي به نظر ۾ رکڻ ڪن حالتن ۾ بنهه
ضروري ٿي پيو آهي. ڇاڪاڻ ته رسالي جي ڪلام ۾ جيڪو
مواد آهي اهو ڪو رسالي جي ڪنهن هڪ نسخي تي مدار
نٿو رکي، پر تقريبن پنجاهه سٺ نسخن ۾ جيڪو به
ڪلام هو، پوءِ اهو ڪن ۾ وڌ ته ڪن ۾ گهٽ هو، جناب
ڊاڪٽر صاحب، جن انهيءَ سڄي ذخيري کي پنهنجي
تحقيقي عمل هيٺ آندو ۽ انهيءَ تحقيق مطابق شاهه جو
ڪلام الڳ ڪري باقي ڪلام کي ”رسالي جي ڪلام“ ۾ داخل
ڪيو، جيڪو مجموعي طور تي ڪلام جو هڪ وڏو ذخيرو
آهي. موضوع جي مناسبت سان ان ۾ جهاتي پائڻ ضروري
هئي، لائق محقق ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ”شاهه جي
ڪلام“ نه هئڻ لاءِ جيڪي دليل ڏنا آهن، انهن ۾ اهو
دليل بار بار بيتن لاءِ نظر ٿي آيو ته ”کنڌي“ وارا
بيت آهن، جنهن مان مجموعي طور تي اهو تاثر ٿو
نڪري ته ”کنڌي“ وارا بيت شاهه جا نه آهن ۽ نه ٿي
سگهن ٿا ۽ ٻين سالڪن جا آهن وغيره.
”کنڌي“ وارن بيتن مان مقصد آهي بيتن جو اهو سلسلو، جيڪو پهرين
جن لفظن سان شروع ٿئي ته لاڳيتا پنجهه ڏهه بيت
انهن ئي لفظن جي شروعات سان هجن ۽ بيت جي باقي حصي
۾ شاعر مختلف نمونن سان پنهنجي خيال جو اظهار بيان
ڪندو نظر اچي. اهڙيءَ سٽاءُ وارا بيت لائق محقق
آڏو ”کنڌي“ وارا بيت آهن. بيتن جي اهڙن سلسلن ۾
گهڻو ڪري ڪردار جو پنهنجي واتان مخسوس ڪيفتن يا
ڪلپنائن جو اظهار هوندو آهي. يا وري سرجڻهار ڪردار
جي جدا جدا حالتن، ان جي جذبن، ان جي نفسي
واردات يا محرڪات کي بيان ڪندو نظر اچي ٿو، ڊاڪٽر
صاحب پنهنجي تحقيق ۾ اهڙن بيتن کي بنهه رد ته نه
ڪيو آهي، پر ”رسالي جي ڪلام“ ۾ انهن جي توجيهه
ڪندي جنهن انداز سان ”کنڌي“ وارا بيت قرار ڏين ٿا،
اهو امر اشتباهه جي صورت پيدا ڪندڙ آهي. جڏهن ته
سسئيءَ واري بياض ۾ جيڪو شاهه جو رسالو ۽ شاهه جو
ڪلام سان منسوب آهي، ان ۾ پڻ اسان کي کنڌي وارا
بيت نظر اچن ٿا، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن.
سر آبري، داستان پهريون، بيت 11، 12، 13، 14، 15.
ويهه مَ منڌ ڀنڀور ۾ اٿي وجهه وڙول، الخ،
ويهه مَ منڌ ڀنڀور ۾، ڪر ڪو واڪو وس، الخ،
ويهه مَ منڌ ڀنڀور ۾، ڪج وڃڻ سين وس، الخ،
ويهه مَ منڌ ڀنڀور ۾، هاڙهي هڏ م هل، الخ،
ويهه مَ منڌ ڀنڀور ۾، اٿي رائو ريل، الخ.
”آبري“ داستان چوٿون:
هل هيٺين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار، الخ،
هل هيٺين سين هوت ڏي، پيرين ڪر م پنڌ، الخ،
هل هيٺين سين هوت ڏي، ڇپر هڏ مَ ڇُل، الخ،
هل هييٺين سين هوت ڏي، ڇپر ڇل مَ تون، الخ،
هل هيٺين سين هوت ڏي، سسي کڻ مَ ساڻ، الخ.
آبري، داستان اٺون:
اَڌر نڌر اڀري، سڌر ٿي سچي، الخ،
اَڌر نڌر اڀري، اسونهين آهيان، الخ،
اَڌر نڌر اڀري، اسونهين آئون، الخ،
اَڌر نڌر اڀري، آهيان اسونهين، الخ،
اَڌر نڌر اڀري، اوڳي اوائي، الخ،
اَڌر نڌر اڀري، غمن گمائي، الخ،
اَڌر نڌر اڀري، ويچاري نه وري، الخ.
معذور، داستان ٻيو:
ڏکي ڏمر نامہ بکي کل نه اُڄهي، الخ،
ڏکي ڏورڻ پاڻ تي ويچاري وڌو، الخ،
ڏکي ٿي ڏڌور لهسي لاءِ پنهونءَ جي، الخ،
ڏکي ڏينهاڻي مٺيءَ مٿي هٿڙا، الخ،
ڏکي ڏک وسار سيج ڦٽي ڪر سسئي، الخ،
ڏکي مٿي ڪي وانءُ ڇپر پيهي، الخ،
ڏکي سنديون ڏونگرين آڌيءَ آهون پون، الخ،
ڏکي سنديون ڏونگرين اوڇنگارون اچن، الخ،
ڏکي سنديون ڏونگرين وڻ ٽڻ وايون ڪن، الخ.
معذور، داستان ٽيون:
هلندي هاڙهو مڻي، ڪرڻ ڪوه پيام، الخ،
هلندي هاڙهو مڻي، ڏکن منهنجا ڏوهه، الخ،
هلندي هاڙهو مڻي، سسي ڏيندس ساهه، الخ،
هلندي هاڙهو مڻي، گُسان، تان م گسان الخ،
هلندي هاڙهو مڻي، ڇپر منجهه ڇلان، الخ.
معذور، داستان پنجون
هٿين پيرين مونڙيين، هلج ساڻ هينين، الخ،
هيٿين پيرين مونڙيين، ڪهج ڀر ڪپار، الخ،
هٿين پيرين مونڙيين، ڪهج ڀر قدام، الخ،
هٿين پيرين مونڙيين، پُري ڪج پرک، الخ،
هٿين پيرين مونڙيين، سِرج ساهه پساهه، الخ.
معذور، داستان ستون بيت 1 کان 9 تائين جو هر بيت ”آئون نه گڏي
پرينءَ کي“ جي لفظن سان شروع آهي. وري ساڳئي
داستان ۾ بيت 10 کان 12 تائين ”ولاڙيو وڻين چڙهي“
جي تڪ سان هر بيت شروع ٿئي ٿو. بيت 17 کان 21
تائين ”رڃن ۾ رڙ ٿي“ جي لفظن سان شروع ٿين ٿا.
”ديسي“ جي داستان ڇهين جا بيت 1 کان 6 تائين ”آڏر تراڇا آهڙا“
سان شروع ٿيل آهن، ساڳئي داستان ۾ بيت 8 کان 15
تائين ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي“ سان شروع آهن.
ڪوهياري جي داستان جا بيت 1 کان 5 تائين ”ڪنہ پر رئان پرينءَ
کي“ سان شروع ٿين ٿا، هتي انهن بيتن کي آڻڻ جو
مقصد اهو آهي ته اهي بيت به ”کنڌي“ وارا بيت آهن،
جن ۾ اڳئين تڪ ساڳي ڏيڻ جي باوجود بيت جي باقي
حصي سان هر بيت منفرد معنيٰ وارو آهي ۽ پنهنجو هڪ
معيار رکي ٿو.
اهڙي ساڳي ريت ”رسالي جي ڪلام“ ۾ به بيتن جو سلسلو آهي، جنهن
کي هت ڏيڻ بي ملهه نه ٿيندو:
رسالي جو ڪلام، آبري، فصل پهريون:
ويهه مَ منڌ ڀنڀور ۾ ڪرڪو واڪو وس،
چڙهي ڏاڍاين ڏونگرين پير پريان جو پس، الخ.
ويهه مَ منڌ ڀنڀور ۾ ڪر ڪو واڪو وس،
ٻانهي ٻاروچن جو گولي ڇڏ مَ گس، الخ.
ويهه مَ منڌ ڀنڀور ۾ ڪو ڪج وڃڻ سين وس، الخ.
آبري، فصل ٻيو:
وڏا وڻ وڻڪار جا جت چتون چانگارين،
شيشا لال گلاب جا ڇپر ڇاٽارين الخ، .
وڏا وڻ وڻڪار رجا جت چتون چانگارين،
منزلون مَين جون معذور کي مارين، الخ.
وڏا وڻ وڻڪار جا جت ميہ سڄن ماڪون، الخ،
وڏا وڻ وڻڪار جا جت ٽاريون ٽونئر ٽلن، الخ.
آبري، فصل ستون:
آءُ اوراهون سپرين وڃ مَ پي ڀري، الخ،
آءُ اوراهون سپرين آري لڳ الله، الخ،
آءُ اوراهون سپرين الله لڳ آري، الخ،
آءُ اوراهون سپرين پري وڃ مَ پيءُ، الخ،
اءُ منهنجا سپرين، تو کي ساري ساهه، الخ،
آءُ اوراهون سپرين ڏکي ڏاگهه مَ ڏيج، الخ،
آءُ اوراهون سپرين هاري منهنجا هوت، الخ،
آءُ اوراهون سپرين ڪر ڀلا ڀلائي، الخ،
آءُ اوراهون سپرين پرمل ڄام پنوه، الخ،
آءُ اوراهون سپرين هادي ڪارڻ حق، الخ.
ديسي، فصل ٻيو:
ان کي ناڪيليون نڪن ۾ جڙيائون جهوڙا، الخ،
ان کي ناڪيليون نڪن ۾، هليا هوءَ ڪري، الخد،
ناڪيليون نڪن ۾ تڪڙا هلن توڏ، الخ،
ناڪيليون نڪن ۾ پاتائون پلاڻ، الخ.
ديسي، فصل ٽيون:
الله ڪارڻ اوٺيا ڪرها مَ ڪاهيو، الخ،
الله ڪارڻ اوٺيا ليڙا نيو مَ لُر، الخ،
الله ڪارڻ اوٺيا ليڙا نيو مَ لس، الخ،
الله ڪارڻ اوٺيا ورو ڪري وراڻ، الخ.
ديسي، فصل چوٿون:
وارو ور وٺي ويا، آريچا اظلام، الخ،
وارو ور وٺي ويا، ڪري زابر زور، الخ،
وارو ور وٺي ويا، ڏير ڪري ڏور، الخ،
وارو ور وٺي ويا، جوري سين جابر، الخ،
وارو ور وٺي ويا، ڏاڙهي ڀنڀا ڏير، الخ،
وارو ور وٺي ويا، ڪري ڏير ڏنگي، الخ،
وارو ور وٺي ويا، هاڃو ڪري هوت، الخ،
وارو ور وٺي ويا، ڪري ڏير ڏمر، الخ،
وارو ور وٺي ويا، جابر ڪري جور، الخ.
ديسي، فصل پنجون:
نيڻ نهاسرا مون ڪئا مٿي واٽڙين، الخ،
نيڻ نهارا مون ڪئا ڪيچين ڪارڻ ڪالهه، الخ،
نيڻ نهارا مون ڪئا اوٺين ڪارڻ اڄ، الخ.
نيڻ نهارا مون ڪئا هوتن ڪارڻ هير، الخ،
نيڻ نهارا مون ڪئا اُڀي مٿي واٽ، الخ.
ديسي، فصل ڇهون:
ڪرڙا ڏونگر ڪہ گهڻي، جت بربٽ بيران، الخ،
ڪرڙا ڏونگر ڪہ، گهڻي، جبل جت جاڏا، الخ،
ڪرڙا ڏونگر ڪہ گهڻي، جت هيبت جو هڳاءُ، الخ،
ڪرڙا ڏونگر ڪہ گهڻي، جت ڏواٽن تي واري، الخ.
ڪوهياري، فصل ٽيون:
مون کي ڇڏمَ ڇپرين، هوتاڻي هاڻ، الخ،
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، هوتاڻي هن هنڌ، الخ،
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، هن هنڌ هوتاڻي، الخ،
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، موٽي رس ميان، الخ،
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، پر مل پنهون ڄام، الخ،
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، وهلو وري وس، الخ.
ڪوهياري، فصل چوٿون:
هلڻ سهان نه هوت جو، کوه وڃڻ جي وائي، الخ،
هلڻ سهان نه هوت جو، وڃڻ آئون گهوريان، الخ،
هلڻ سهان نه هوت جو، وڃڻ مون نه وس، الخ،
هلڻ سهان نه هوت جو، وڃڻ مَ وارئو، الخ.
” رسالي جي ڪلام“ ۾ ”کنڌي“ وارن بيتن جو سلسلو غور طلب آهي،
مون هت بيتن جي گهڻو ڪري ابتدائي سٽ ڏني آهي ۽ ڪن
بيتن جون ٻه سٽون به ڏنيون آهن، پورا بيت طوالت
جي ڪري نه ڏنا آهن، ان لاءِ پڙهندڙن کي انهن بيتن
کي رسالي جي ڪلام ۾ ڏسڻ گهرجي
۽ صوري ۽ معنوي حيثيت جو اندازو پاڻ لڳائڻ گهرجي
ته انهن ۾ ڪيتري جان آهي ۽ واقعات ۽ معروضات جو
ڪيترو تسلسل آهي، 7 اهو مواد حقائق جي ڪيتري قدر
نمائندگي ڪري ٿو، صرف لفظن جو زور ڪنهن به بيت کي
ماڻ وارو بنائي نٿو سگهي، جيستائين ان ۾ ڪا معنوي
۽ واقعاتي حيثيت برجستائي سان موجود نه آهي. آبري
جي فصل ٻئي جي بيت توڙي ٻيا اڪثر انهي قسم جا غمار
آهن. آبري ۾ بيت جي پهرئين ڏنل سٽ بعد ٻيءَ سٽ جا
هي لفظ ”شيشا لال گلاب جا ڇپر ڇاٽارين“ غور طلب
آهي. جبل جو ”لال گلاب جا شيشا ڇاٽارڻ“ ڪهڙي مفهوم
جي ادائگي ڪري ٿو. انهي عمل جو وقوع پذير ٿيڻ يا
متشابہ طور ان جو اظهار يا رمزيت جي نڪتي سان اها
ڳالهه بعيد از قياس آهي. محض لفظن جو جوڙ شاعري ۾
حقائق جي نرواري ڪري نٿو سگهي، غور ڪريو ته کنڌي
وارن بيتن ۾ اڪثر لفظ اڳ پوءِ ڪيل آهن، جيڪي
اصليت جي نمائندگي ڪري نٿا سگهن. جيڪا ٿيڻ گهرجي،
پڙهندڙ جيڪڏهن انهن بيتن کي پنهنجي اڀياس هيٺ
آڻيندو ته هن آڏو معياري ۽ غير معياري جي تخصيص
خود بخود روشن ٿي پوندي ۽ ان کي انهي فيصلي ڪرڻ ۾
آساني ٿيندي ته ڊاڪٽر صاحب جو کنيل قدم ڪيتريقدر
درست آهي ۽ ان ۾ صداقت جو ڪيترو حصو سمايل آهي ۽
اهو مواد لطيف جي فڪري ۽ فني معيار ۽ مقام جي
ڪيتري حد تائين نمائندگي ڪري سگهي ٿو، جنهن لاءِ
اسان مان هر ڪو آتو آهي ته هي سڀ ڪلام لطيف جو هئڻ
گهرجي. سگهڙائپ ۽ عاميانه شاعريءَ جي لحاظ کان
انهي مواد جي واقعي پنهنجي حيثيت آهي، ليڪن اهو
من و عن ۽ سموري جو سمورو انهي زمري ۾ نٿو اچي
سگهي، ڇاڪاڻ ته فڪري ۽ شاعرانه معيار کان (لطيف
جي ڪلام جو جيڪو خاصو آهي) انهي جو مڪمل طور تي
برميچجڻ محال آهي. ان جو فيصلو اسان جي عالمن ۽ هن
سلسلي ۾ تنقيد ڪندڙ صاحبن کي خود ڪرڻ گهرجي.
شروع ۾ اسان تصحيح واري متن ۾ آيل کنڌي وارن بيتن کي پڻ ڏنو
آهي، جيڪي سسئيءَ واري صحيح متن واري بياض ۾
موجود آهن. پڙهندڙن کي وڌيڪ تفصيل لاءِ انهن کي
اتي ڏسڻ گهرجي ۽ ويچارڻ گهرجي. غور ڪبو ته هنن
بيتن ۽ رسالي جي ڪلام وارن بيتن ۾ ڪيترن هنڌن تي
فرق نظر ايندو. صحيح متن جي کنڌي وارن بيتن جي
پهرين لفظن بعد هر بيت جو پويون اڌ منفرد آهي ۽ ان
بعد بيت جو باقي حصو پنهنجي پنهنجي انفراديت وارو
آهي، جنهن ۾ فڪر ۽ خيال جي گهرائي ۽ ڪلام جو حسن
نظر اچي ٿو، شاعر هر بيت ۾ صوري ۽ معنوي طور تي
احساس ۽ تخيل جو جيڪو تاڃي پيٽو اُڻيو آهي، اهو
ڪمال جو آهي. رمز آفريني ۾ حقائق جي قريب هئڻ ۽
حقائق جي اظهار سان لبريز آهي.
مانائتي محقق سسئيءَ واري جلد ۾ جتي ڪلام جو صحيح متن ڏنو آهي،
اتي پاڻ هر سُر جو داستان وار مجموعي مفهوم، ان
۾ سمايل فڪر ۽ سلوڪ ۽ علمي نڪتن جو پڻ بيان ڪيو
اٿن، جيڪو اعليٰ سمجهاڻي جي حيثيت وارو آهي.
جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب اونهائي ۾ وڃڻ کان گريز ڪيو
آهي، ليڪن ڪن هنڌن تي قدري انهن جي تشريح پڻ ڪندا
نظر اچن ٿا، جيڪا پڙهندڙ ۽ غور وارن لاءِ لاڀ
واري آهي. لائق محقق جي علمي تبحر، فڪري ڄاڻ ۽
علمي مايه جي جيڪا وسعت آهي، انهيءَ کي ڪم آڻيندي
جيڪڏهن پاڻ شاهه جي ڪلام جي شرح جو فرض انجام ڏين
ها ته جيترو هي جُلد آهي اوترو وري ٻيو درڪار ٿئي
ها، جنهن کان پاسو ڪيو ويو آهي.
متن ۾ ڏنل بيتن جي پڙهڻي اختيار ڪرڻ لاءِ ڀيٽا جو جيڪو طريقو
اختيار ڪيو ويو آهي، ان جي افاديت جو ذڪر راقم
پنهنجي اڳئين مقالي ”شاهه جي رسالي جي شرح ۽
تحقيق“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. سرڳواسي ڊاڪٽر
گربخشاڻي به متن جي صحت جي نرواريءَ لاءِ اهڙو
طريقو اختيار ڪو نه ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر صاحب ڪيو
آهي. البت شرح ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي وڌيڪ تفصيل کان ڪم
وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ليڪن تصور جي من جملي حقائق
۽ اسرار و رموز کي پوريءَ ريت اهي به نباهي نه
سگهيا، جيڪو ميدان اڃا تشنهءءِ تڪميل آهي،
گربخشاڻيءَ جي اها ڪوشش هڪ بنياد جي حيثيت رکي
ٿي، ليڪن سند جو ڪم نٿي ڏيئي سگهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شرح جو انداز پنهنجي هڪ خاص رنگ وارو آهي.
ڊاڪٽر صاحب نهايت آسان نموني سان داستان جي بيتن
جي من جملي مفهوم کي بيان ڪرڻ تي اڪتفا ڪئي آهي.
باوجود ان جي ڪن جاين تي تصوف جي ڪن نڪتن تي سندن
اظهار خيال پڻ نمايان نظر اچي ٿو، جيڪو نهايت ئي
مختصر ليڪن جامع ضرور آهي. هن فڪر جي اونهائي جي
اسرار و رموز، ان جي تاريخ، ان جي ڦهلاءُ ۽
مختلف صوفي نظريين، ولايت جي درجات، صوفياءَ
ڪرام جي عارفانه مشاهدات جي کلئي اظهار کان پاسو
ڪيل آهي. بيتن جي داستان وار ڪيل تفهيم شرح ڪرڻ
واري لاءِ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ بنياد جي حيثيت رکي
ٿي.
شاهه رحه جو صوفيانه فڪر ۽ فلسفو، ان جي فڪر انگيزي ۽ رمز
آفريني اسان جي عالمن کان گهڻو ڪجهه گهري ٿي،
ڇاڪاڻ ته سرڪار لطيف تصور جي جنهن مڪتبهءِ فڪر جو
نمائندو آهي ۽ جن صوفياءِ ڪرام جو مٿس اثر غالب
آهي، اُن جو ڪينواس به نهايت وسيع آهي، جنهن ۾
مولانا رومي اسان کي سرفهرست نظر اچي ٿو. انهي فڪر
کي وينجهائڻ لاءِ لکندڙ کي صوفي فڪر جي فلسفي، ان
جي تاريخ ان جي ارتقا ۽ واديءَ سنڌ ۾ ان جي اثر
پذيري لاءِ ڪليه قائم ڪرڻا پوندا ۽ هن عارف بالله
صوفي جو جيڪو مقام ۽ پيغام آهي، (جنهن جو هن
پنهنجي ڪلام ۾ اظهار ڪيو آهي)، جيڪو هڪ فلسفي ۽
مڪتبهءِ فڪر جي حيثيت رکي ٿو، ان لاءِ علمي بساط
تي ان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. فاضل محقق انهيءَ
واٽ ۾ ڪيترو قدم کنيو آهي، ان جو اندازو علمي
حلقا بخوبي ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر صاحب اول ته انهيءَ
سلسل سان اونهائيءَ ۾ ايترو نه ويا آهن، ٻيو ته
اهو ڪم هن ڪلام واري سلسلي کان جداگانه حيثيت جو
آهي. پاڻ ڪلام جي صحيح متن جي نرواري ڪري تحقيق
لاءِ هڪ راهه پيدا ڪئي اٿن، جيڪو بذات خود هڪ اهم
علمي ڪارنامو آهي.
”سسئي”- بنيادي طور تي عشق جي فلسفي ۽ ان جي ماهيت ۽ مذڪور جو
هڪ دلپذير اهڙو باب آهي، جنهن ۾ پيهي وڃڻ ماڻهوءَ
لاءِ نهايت ئي مشڪل آهي، جڏهن ڳالهه عشق جي اچي
ٿي ته پوءِ سوال پيدا ٿو ٿئي ته خود حضرت عشق ڇا
آهي، جنهن جو مڪمل طور تي خاطر خواه جواب اڄ
ڏينهن تائين دنياء ادب ۾ سامهون اچي نه سگهيو آهي.
ليڪن هر رمز ۾ جيڪو جيترو هليو آهي، ان آڏو اوترو
ئي عشق جو ماڻ رهيو آهي، ۽ ان جو اظهار به انهيءَ
پٽاندر ڪيو آهي. تلاش ۽ حقيقت جو سڄو دارومدار
انهيءَ ”عشق“ تي آهي، جيڪو ”تحبون الله“ ۽
”يحببڪم الله“ جو مظهر آهي، بقول حضرت شيخ محي
الدين اڪبر ابن العربي ته:
العشق نار الله موءقدة
فافو لها و طلو عها عليٰ لافدہ.
(عشق الله تعاليٰ جي اُها ڀڙڪايل باهه آهي، جنهن جو ٻرڻ به
دلين تي آهي ۽ ان جو لهڻ به دلين تي آهي.) ڪي عالم
انهي کي عبدالڪريم الجليلي جو قول ڄاڻائين ٿا.
بهرحال ابن العربي يا الجليل، هت مقصد عشق جي
انهي اظهار ڪيفيت جو آهي، پوءِ ان جو اظهار ڪنهن
کان به هجي. ٻيئي صاحب هڪ ئي پنڌ جا پانڌيئڙا رهيا
آهن. عشق جو سلسلو ابتداءَ آفرينش کان هلندڙ آهي.
جنهن جو سرو/سنڌو ”ڪنت ڪنزاَ مخفياَ فاحببت اَن
اعرف“ سان ملي ٿو. جڏهن ذات پنهنجو پاڻ تي عاشق ٿي
پوي يا پنهنجو پاڻ سان محبت ڪئي ته پنهنجو پاڻ کي
ظاهر ڪريان ۽ ظاهر ٿي پوي. اظهار جي انهي سلسلي جو
ڪو تعين نه آهي. محبت جو اهو ماڻ ازل کان ڪائنات ۾
تٿقسيم ٿيندور هيو آهي، جنهن کان اُن جو ذرو خالي
نه آهي. انهيءَ ڪشش جو سلسلو اجري ۽ ساري آهي،
جنهن سان هر عين جو تعين سلهاڙيو پيو آهي، جنهن
جو اظهار فطرت ۾ پنهنجي پنهنجي طرقي سان ٿيندو رهي
ٿو. حضرت انسان، جيڪو روح الارواح جو جز آهي،
تنهن لاءِ ارشاد آهي ته: ”من نفخت فيہ من روحہ“.
انهي ۾ ان جي پِڪ پيل آهي، پوءِ پاڻ کي جيڪو
سنڀالي ۽ ان جي پوئواري ۽ ساڌنا ڪري، جن کي جڏهن
ان جو احساس ٿيو ۽ چڻنگ ڀڙڪي اٿي ۽ انهي جي لهس
لڳي، تڏهن عالم خوابيدگي مان ڇرڪ ڀري اٿي ٿو ۽
انهي سان اهي ڏانوڻ ۽ پيد ٽٽي پون ٿا. هت اميد علي
شاهه جي ڪافيءَ جو هڪ بند ڏيڻ موزون ٿيندو.
ورڇ ڪيائون وه جي عاشقن اُت عيد ڪئي،
وه ڏسي تنهن ويل ۾ مانجهي مٽيا مجنن جيها.
سسئيءَ ۾ به حضرت عشق جي اها سُرڪ سمايل هئي، جنهن لاءِ لطيف
رحه کي چوڻو پيو ته ”سسئي سڄي سڪ ته به سڪي سسئي“،
سسئي انهي سڄي سڪ ۽ عشق جي الانڀي جو داستان آهي.
”مون ڀانيو نينهن پر ڄڀيون ڄيري سنديون“ واري ڪار
آهي.
عشق دنياءِ آخرت جي سڀني چنتائن ۽ غمن کان آزاد ۽ آجو ڪرڻ وارو
جذبو آهي. تلاش حق ۽ حقيقت جو سڄو مدار حضرت عشق
تي آهي. |