غلام رباني آگرو
پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه
نرڙ ۾ ٿورڙو گهنج ۽ اکين ۾ شور وجهي نهاري، ته جيڪر ماڻهوءَ جو
هيانءُ ڦاڙي وجهي. الله سائينءَ کيس منهن ۾ ڪا ڏيا
ڏني هئي!
سنه 1954ع جي ڳالهه آهي. مان تڏهن سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج ڪراچيءَ
۾ پڙهندو هئس، جنهن جو پاڻ پرنسيپال هو. ڪاليج جي
شاگردن جي ارڏائي چئي کڻي بس ڪر. جنن کي نيسائي
ڇڏين، ڪي شاگرد ته خوني هئا. شهر ۾ ڪي قتل ڪيا
هئاون. پر، ڇا چئجي شاهه صاحب جو رعب! جڏهن
ڪاليج ۾ پير پائيندو هو، ته ڄڻ شينهن ٻيلي ۾ آيو.
مجال آهي، جو وڻ جو ڪو پن لُڏي! جيپ مان لهي،
پنهنجي آفيس جي ڪمري ۾ هليو ويندو. ڪرسيءَ تي
ويهي، امالڪ ٻئي ٽنگون کڻي ميز تي رکندو.
ڪو شاگرد درخواست کڻي آفيس ۾ اندر گهڙيو ناهي، ته شاهه صاحب جي
هڪريءَ هڪل
“Yes”
سان سندس متيون منجهي وينديون. پر، جي همت ڪري،
اڳتي وڌيو ۽ ڪاغذ شاهه صاحب جي ميز تئين پهچائڻ ۾
ڪامياب ٿيو، ته اڌ منٽ ۾ ان تي ڪجهه رهڙي، چپ
ڀڪوڙي، ورائي اهو ڪاغذ شاگرد ڏانهن واپس
اڇلائيندو. درخواست منظور ٿي يا نامنظور، اُن جي
ڏسڻ جو ڪنهن کي حوصلو هوندو هو؟ عزت سان ماڻهو
آفيس مان ٻاهر نڪتو، اها ئي غنيمت! شاگرد مٿس
”ٿور- ڳالهايو“ نالو رکيو، ڇو ته شاهه صاحب هر
ڳالهه جو ٻن لفظن
Shant Cant
۾ جواب ڏيندو هو.
مان ڪاليج جو باضابطه شاگرد ڪو نه هئس. داخلا ورتي هئم، ٽرم به
رکيا هئام، پر روزانو ڪاليج ڪو نه ويندو هوس. مون
جهڙن ذهين شاگردن لاءِ آرٽس جو امتحان ڏيڻ واسطي
درسي ڪتابن پڙهڻ لاءِ پندرهن ڏينهن ڪافي هئا. رهيو
سوال ڪاليج ۾ حاضريءَ جو، سو، مرحوم احسان بدوي،
سنگت ۾، اها ونگار وهي ويندو هو. انهيءَ سبب ڪري
ڇٺيءَ ڇماهيءَ ڪاليج ۾ ليئو پائيندو هوس، ته مٿيون
لقاءُ ڏسندو هوس.
مان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نئون نئون ڪلارڪ مقرر ٿيو هوس. ٻين غريب
شاگردن وانگر نوڪري ڪندو هوس ۽ ڪاليج ۾ به پڙهندو
هوس. پنهون خان منهنجو سپرنٽنڊنٽ هو. ميرپورخاص
جو سيد غلام حيدر شاهه، جو غالبن عمرڪوٽ جي پاسي
جو زميندار هو، تعليم کاتي جو نئون نئون وزير مقرر
ٿيو هو. پيرزادو عبدالستار وڏو وزير هو. پنهنجي
وزارت کي بچائڻ لاءِ ٻارنهن وزير کنيا هئائين.
ان زماني ۾ خلق ۾ ماڻهپو هو ۽ ماڻهن ۾ سهپ. مون کي ياد آهي ته
غلام قادر لاکير خانبهادر کهڙي جي اخبار ”نواءِ
سنڌ“ ۾ نيوز ايڊيٽر هو. ٻارنهن وزيرن واريءَ وزارت
جي خبر ڏيئي، حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي ٻن وزيرن
لاءِ لکيائين ته ”فلاڻو ۽ فلاڻو به وزير ٿيا! الله
جو شان، اڄ گڏهن به گنج پاتا.“—شابس هجي اُنهن ٻن
وزيرن کي، نه ته ”نواءِ سنڌ“ جا اشتهار بند
ڪرايائون ۽ نه بدناموسيءَ جو نوٽيس ڏنائونس.
غلام حيدر شاهه کي وزيرن ۾ چڱي عزت هئي. سنڌ جي چيف منسٽر جي
موجوده رهائشگاهه جي پاسي ۾، ”پروين هائوس“ نالي
بنگلو مليس. پنهنجيءَ فيمليءَ کي سنڌ جي ساداتن
جي پراڻي رسم رواج موجب ڪڏهن به ڪراچيءَ ڪو نه وٺي
آيو. بنگلي ۾ اڪيلو رهندو هو. آئي وئي جو آڌر ڪرڻ،
فون تي نياپو ڏيڻ ۽ وٺڻ، نوڪرن تي اک رکڻ ۽ خرچ
پکو ايمانداريءَ سان هلائڻ لاءِ کيس هڪ ڀروسي جوڳي
ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. پنهون خان کي پنهنجو پي اي
(P.A)
مقرر ڪيائين ۽ چيائينس ته ”بنگلي لاءِ ڪو ايماندار
ماڻهو هٿ ڪري ڏي.“ پنهون خان جي نگاهه مون تي
پيئي. مون کي سنڌ سيڪرٽريٽ مان بدلي ڪري، وزير
تعليم جي آفيس ۾ آندائون. ”پروين هائوس“ کي سنڀالڻ
جي چارج اِيڊيشنل ڊيوٽيءَ طور ملي·.
شاهه صاحب جي دين دنيا ۾ شايد هڪ ئي دل گهريو دوست هو، سائين
غلام مصطفيٰ شاهه، پروين هائوس ۾ سندس جيڪي
ملاقاتي هئا، تن ۾ وٽس پاڻ گهڻي ۾ گهڻو ايندو
ويندو هو. روزانو شام جو اچي ٺڪاءُ ڪندو هو. ٻيئي
ڄڻا ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندا هئا. سو، مون کي
وزير صاحب جي جن قريبي دوستن جا فون نمبر ياد ڪرڻا
پيا، تن ۾ سرفهرست سائين غلام مصطفيٰ شآهه هو.
اڪثر ڪري کيس ئي فون ڪندو هوس. پر، کانئس انهيءَ
تعلق جو ڪڏهن به ذاتي فائدو ڪو نه ورتم. بلڪه ساڻس
ڳالهه ئي ڪا نه ڪيم، ته ڪو مان توهان جي ڪاليج جو
شاگرد به آهيان. ستت، ون يونٽ ٺهيو ۽ شاهه صاحب جي
وزارت ختم ٿي.
آڪٽوبر 1957ع ۾، مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر
ٿيس، ته سائين غلام مصطفيٰ شاهه صاحب سان روزانو
شام جو سائين جي ايم سيد جي رهائشگاهه تي ملاقات
ٿيڻ لڳي. سائين جي ايم سيد بورڊ جو نائب صدر هو ۽
سائين غلام مصطفيٰ شاهه کيس ڏاڍو ويجهو هو. پر،
مون کي پاڻ غلام حيدر شاهه جي ڪري سڃاڻندو هو.
ادبي بورڊ ۾ مقرريءَ جي حوالي سان جڏهن کيس خبر
پيئي ته مان لکڻ ۽ پڙهڻ وارو نوجوان آهيان ته
منهنجي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيائين ۽ تادم حيات
قائم رکيائين.
ساڻس ميل ملاقات جو گهڻو موقعو تڏهن مليو، جڏهن بورڊ جون آفيسون
حيدرآباد کڄي آيون ۽ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر مقرر ٿيو. انهيءَ حيثيت ۾، هو سنڌي ادبي
بورڊ ۾ صدر کان پوءِ ٻيو نمبر هم ميمبر هو. ان وقت
تائين مان کيس ڪافي قريب اچي چڪو هوس. مون کي
پنهنجي بنگلي وي سي هائوس تي هڪ ٻه دفعو دعوتن ۾
به سڏيائين.
ان وچ ۾ هڪ عجيب اتفاق ٿيو، جنهن مون کي هيڪاري سندس ويجهو
آندو. ڇا ٿيو ته جويي صاحب کي شيخ اياز جا ٻه ڪتاب
”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۽ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“
ڇپائڻا هئا. مون کي چيائين ته ”سنڌ يونيورسٽي پريس
جي فارم تي، ٻنهي ڪتابن جي پرنٽر جي حيثيت ۾ تون
صحيح ڪر.“ مون سندس حڪم جي تعميل ڪئي. ٻيو ته اياز
منهنجو به دوست هو. ڪتابن جا پروف جويو صاحب پاڻ
ڪندو هو. مون کي خبر ڪا نه هئي ته اُنهن جو مواد
ڪهڙو آهي. مڄاڻ ته منجهن ڪو مسالو سرس پيل هو.
شايع ٿيا ته ممڻ متو. آخرڪار ضبط ٿيا. هڪ سنڌي
عالم ان صورتحال جو فائدو وٺي، انڪوائري ڪرائي، ته
اهي ڪتاب يونيورسٽيءَ ۾ ڇپيا ڪيئن؟ خوش قسمتيءَ
سان تعليم کاتي ۾ جويي صاحب جو ئي هڪ دوست (مرحوم
رحيم بخش ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر) انڪوائري آفيسر
مقرر ٿيو. مون کي خوشي ٿي، ته هو اسان جي مدد
ڪندو. هڪ ڏينهن مون کي سڏي ڪتابن جي سڄي ڳالهه
پڇيائين. مون صحيح صحيح ڳالهه ڪري ٻڌايس. چيائين
ته اها سڄي لکي ڏئي. اهو ٻڌي مون کي البت تشويش
ٿي، سو جويي صاحب سان اچي سڄو احوال ڪيم، جو هو
سندس ويجهو دوست هو. بهر صورت، مرحوم ميمڻ صاحب،
جويي صاحب سان ته دوستي نڀائي، پر مون کي
قربانيءَ جو ٻڪريو بنايو. منهنجو بيان انڪوائري
رپورٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيائين. ات مون کي خبر پيئي ته
”مار! مان، نه ڏني نه ورتي، ڏچي ۾ اچي ويو آهيان!“
واهر لاءِ هيڏي هوڏي ڏٺم، ته ڪاريءَ وارا ڪک ڏٺم.
مصيبت جي اهڙن موقعن تي منهنجي مدد هميشہ قدرت ڪئي آهي. هن ڀيري
به ائين ئي ٿيو. اوچتو سائين غلام مصطفيٰ شاهه
وائيس چانسلر مقرر ٿي آيو. منهنجي لاءِ ڄڻ ته
آڌيءَ جي اونداهيءَ چوڏهينءَ جو چنڊ اُڀريو. ساڻس
وڃي احوال ڪيم. ڳالهه ٻڌائين، پر هڪڙو اکر به ڪو
نه ڪڇيائين. بورڊ جي ميٽنگ ٿي، ته پري کان شينهن
وانگر گجندو آيو. انڪوائري ڪندڙ چپُ ٿي ويا. حرام
جو ڪير اکر ڪڇي!
* * * *
هڪ دفعي سائين ۽ مان گڏ راولپنڊيءَ آياسين. ايئرپورٽ تي پڇيائين
ته ”ڪاٿي رهندين؟“ مون چيو ته ”ڪنهن هوٽل ۾.“
چيائين ته، ”نه، مون سان گڏ هل.“ پنڊيءَ جي سول
لائينس ۾، مردان جي پاسي جو سردار امان الله خان
سندس دوست هو. ان وٽ وٺي هليو. سٺو بنگلو هو. امان
الله خان واهه جو ماڻهو هو. مکڻ ماکيءَ وانگر مٺو
هو.·
اسان جون ڏاڍيون خدمتون ڪيائين! نئين شيءَ اها
ڏٺم، ته ڊنر يا لنچ تي اعليٰ درجي جو کادو کائڻ
کان پوءِ امان الله خان جهرا وڏا پٺاڻ سردار ڳڙ جو
کادو کائن ٿا. جنهن ۾ باداميون ۽ پستا پيل هوندا
آهن ڇو ته سندس خيال آهي ته اهو هاضمي لاءِ سٺو
آهي.
پنڊيءَ ۾، هڪ ڏينهن سائين مون کي ساڻ وٺي، مولانا ڪوثر نيازيءَ
سان ملڻ هليو.هو تڏهن اطلاعات نشريات جو وزير هو.
ٽي ويءَ ته سنڌيءَ ۾ خبرون ڪونه اينديون هيون.
اسان ان ڳالهه تي احتجاج ڪيو. نتيجي طور ٽي ويءَ
تي سنڌيءَ ۾ خبرون جاري ٿيون.* سنڌ جي خدمت شاهه
صاحب جي دين ايمان ۾ داخل هئي.
جڏهن شريف- ڪميشن ايوب خان جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌي زبان جو ڪم پئي
لاٿو، تڏهن سائينءَ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ
حيدرآباد کان راولپنڊيءَ تائين ڀڄ ڊڪ ڪئي. سنڌ ۾
تعليم کاتي جو ڊئريڪٽر هو. ته سست ۽ ٽوٽي ڪامورن
کي چست ڪرڻ لاءِ ڏاڍا هٿ پير هنيائين . وائيس
چانسيلر ٿيو، ته يونيورسٽيءَ کي سڌارڻ لاءِ وڏا وس
ڪيائين. يونيورسٽيءَ جي شهر مان ڄامشوري منتقلي ته
ڪڏوڪو شروع ٿي چڪي هئي، پر سينٽرل لئبرري، سنڌ
الائجي ۽ آرٽس فئڪليٽيءَ جهڙيون ڪيئي عاليشان
عمارتون پاڻ ٺهرايائين، خود علامه آءِ. آءِ قاضيءَ
جو قبو به شاهه صاحب جوڙايو.
ڄامشوري ۾، يونيورسٽيءَ جون اڳوڻيون جايون بلڪل بيڪار هونديون
هيون، گهوڙن جا طنبيلا هئا، سو ، ڏاڍو چوٻول ٿيو.
مرحوم محمد صالح قريشي وائيس چانسيلر هوندو هو. هڪ
دفعي ادبي بورڊ جي ميٽنگ ۾ آيو، ته پير حسام الدين
راشديءَ چيس ته” اوهان سڄو ڏينهن کُرپي هٿ ۾ کنيو
ويٺا جاين جي کوٽ کوٽا ڪيو. ان مان ڇا ورندو؟ سنڌ
جي خدمت ڪرڻي آهي ته نوجوانن جي تعليم ڏي توجهه
ڏيو.“
يونيورسٽيون اهڙا ادارا آهن، جتي مستقبل جي تعمير ٿئي ٿي. سنڌ
جي ڪابه يونيورسٽي سوربون الاظهر، ڪئمبرج ۽
آڪسفورڊ ته ڪانه ٿي سگهي، ڇو ته انهيءَ اعليٰ پَدَ
تي پهچڻ لاءِ قومن کي وڏو تهذيبي سفر ڪرڻو پوندو.
آهي پر، ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ اهو سوجهرو ڪو نه
رهيو، جيڪو انگريزن جي زماني ۾ هوندو هو. ڪاليجن ۽
اسڪولن جي تعليم جو حال ته ان کان بدتر هو. خاص
ڪري پرائمري تعليم ته ترين ڀر اچي ڪري هئي.
انگريزن جي زماني ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جو استاد
جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، ته گهٽيءَ ۾ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻا
سندس ادب، ۾ پن جي دکايل ٻيري به آڱرين ۾ لڪائي
ڇڏيندا هئا.
اهي ڳالهيون خواب خيال ٿي ويون. امتحانن ۾ نقل نويسيءَ جي ڌم ٿي
ويئي. شاگرد جڏهن بي. اي. ۽ اي. اي پاس ڪري نڪرندا
هئا، ته انگريزيءَ ۾ رڳو نوڪريءَ لاءِ صحيح
درخواست به لکي ڪو نه سگهندا هئا. شاهه صاحب ان
صورتحال کي سڌارڻ ۾ مددگار ٿئي ها، پر سنڌ سندس
علم ۽ وسيع تجربي جو ڪو به قدر ڪو نه ڪيو. سنڌيءَ
وڏيرن پنهنجي حڪومت ۾، کيس اهڙو ته تنگ ڪيو، جو
آخر ڪار وائيس چاسيلريءَ تان استعيفا ڏئيي
ڇڏيائين. اتفاق سان، انهن ڏينهن ۾ مان ڪنهن ڪم سان
ڪراچيءَ وڃي رهيو هس. پاڻ ڪو پٺيان پيئ آيو. موٽر
روڪيائين ۽ چيائين ته بورڊ جي جيپ جي ڊائيور کي
چئو ته پٺيان اچي. رستي تي ڳالهيون ڪندو هليو. صاف
صاف اکرن ۾ چيائين. ته رباني! يونيورسٽيءَ ۾ سرڪار
جو نمائدو وائيس چانسيلر آهي، يا ڪو شاگرد؟ جيڪڏهن
ڪو به شاگرد آهي، وائيس چانسيلر ڪم ڪيئن
هلائيندو؟“
جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو- وائيس چانسيلر مقرر ٿيس، ته
قرب جا پير ڀري، مون وٽ آفيس ۾ آيو. ڏاڍو خوش ٿيس.
سنڌي دستور موجب کيس پيرين پئي مليس. جڏهن
يونيورسٽيءَ مان پنهنجا پلئه آجا ڪيم، ۽ سنڌي ادبي
بورڊ ۾ موٽي آيس، ته سائينءَ جي مان ۾ داوت ڪيم.
حيدرآباد جا پنجاهه سٺ عالمَ، اديب، دانشورَ ۽
يونيورسٽيءَ جا استادَ سڏيم. ادبي بورد واريءَ
وڏيءَ ڇٻر تي چڳو چهچٽو ٿي ويو.
هفتي کن کان پوءِ تڏهوڪو صوبائي تعليمي وزير، ادبي بورڊ گهمڻ
آيو. ” ميڏي دل وچ ڪلمان،“ هڪ ڏينهن اڳ سائين
غلام مصطفيٰ شاهه ڪراچيءَ ۾ سنڌ سيڪريٽرٽ ۾ مليو.
پري کان چيائين ته “ رباني، مان وزير کي ڪيئن
جهليان ته تو وٽ نه اچي؟“ مون کي ڳالهه سمجهه ۾
ڪانه آئي. پر کيس ڪا کڻڪ هئي. ڇو ته انهيءَ وزير
صاحب بعد ۾ مون کي پاڻ ٻڌايو، ته“ ادا، توهان جا
ئي ڪي دوست هئا، جن توهان جي خلاف باهيو هو. پر
هاڻي الله ڪندو ته، منهنجي دوري کان پوءِ اوهان کي
ڪوبه ڪونه ستائيندو.“ اتي سائينءَ وارو اشارو
سمجهه ۾ آيو ۽ حضرت عيسيٰ وارو مقولو ياد آيوته،
يا خدا، مون کي منهنجن دوستن کان بچاءِ.“
اسلام آباد ۾ هڪ وڏي ماڻهوءَ هيڪر مون کي چيو ته“ مان ڪاريءَ
اونداهيءَ ۾ نااميديءَ جو قائل نه آهيان.“ اها
ڳالهه سائين غلام مصطفيٰ شاهه تي سورنهن آنا صادق
آهي. ڪي ڪي انسان اهڙا ته باهمت هوندا آهن، جي
نه فقط پنهنجن معاملن ۽ مسئلن کي دليريءَ سان حل
ڪندا آهن ليڪن ٻين مرده دلين کي به هڪڙيءَ ئي هڪل
سان جياري ڇڏيندا آهن. جڏهن کلندا آهن. ته باغن ۾
گل ٽڙي پوندا آهن. اهڙيون ڪرشمه ساز شخصيتون قدرت
واري پيدا ڪندي آهي. مان علم نفسيات جو ماهر ته
ڪونه آهيان، پر ڀانيان ٿو ته قدرت سائين غلام
مصطفيٰ شاهه کي انهيءَ نعمت سان نوازيو هو. هو
دشمن لاءِ ڪُک جو ڪانُ ۽ دوست لاءِ ٿدي ڇانوَ هو.
شاهه صاحب لاڙ جي مٽياري سيدن مان هو.سندس خاندان جو هڪ بزرگ
سيد عبدالرحيم شاهه وڏو علم پرور، ۽ ديندار شخص
هو. شاهه ولي الله جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سوين
ايڪڙ زمين وقف ڪئي هئائين، سائينءَ جي حياتيءَ جو
ڪجهه احوال. مرحوم اياز قادريءَ ۽ مرحوم استاد
عبدالله شيخ ( جو نوشهري فيروز هاءِ اسڪول ۾
منهنجو استاد هو) هڪ مضمون ۾ ڇپايو آهي، پر درسي
ڪتاب جي انداز ۾ لکيل آهي. سائينءَ جي سوانح عمري
لکڻ لاءِ قلم کي ترار کان وڌيڪ تکو ڪرڻو پوندو، ڇو
ته سندس شخصيت ۾
Rainbow- Culture
جي سموري رنگينيءَ سان گڏ، کوڻ جا تجلا ۽ وسندڙ
ڪڪرن واري گجگوڙ به هو.
اسلام آباد ۾، هڪ دفعي، پنهنجي سرڪاري گهر ۾ مون کي پنهنجي
جوانيءَ جا ڪيئي واقعا ٻڌايائين. چيائين ته منهنجي
جڏهن شادي ٿي ته چاليهه ميل گهوڙي تي سفر ڪرڻو
پيو، ڄاڃڃن جو ڪٽڪ ساڻ هو. جڏهن ساهورن جي ڳوٺ کي
سڻاوا ٿياسون، ته هڪ شاهي ڇُرو آڻي هٿ ۾ ڏنائون،
ته ڪنوار جي ڳوٺ ۾ ائين ڪو هٿين خالي داخل ٿبو
آهي! ان زماني جي لباس جو ذڪر ڪندي چيائين ته
ڪنوار جا ويس وڳا ته هاڻي تصور کان ٻاهر آهن، پر
گهوٽ جي لباس تي ڪا محنت ٿيندي هئي! سڄي وڳي تي
ڀرت ۽ زريءَ جو ڪم ٿيندو هو. سنڌ اهو ڪلچر هاڻي
ناپيد آهي. جيڪڏهن ڪو ماهر يا محقق اڄ سنڌ جي انهن
ثقافتي ريتن ۽ رسمن کي گڏ ڪرڻ گهري، ته کيس ڪنهن
ڪتاب ۾ به ڪو ذڪر نظر ڪونه ايندو.
شاهه صاحب سنڌ جي هڪ سکئي ستابي ۽ مان مرتبي واري سادات خاندان
۾ پيدا ٿيو. سندس چاچو علي محمد شاهه، علامه آءِ.
آءِ قاضي. صاحب سان گڏ ولايت ويوهو ۽ بئرسٽري ڪري
آيو هو. وڏيءَ ڏيا وارو مڙس هو. سندس هڪل پري پري
ٻُڌبي هئي سائينءَ مون کي ٻڌايو ته هيڪر ڪنهن بزرگ
چيو هو ته” اوهان جي شڪل مان اسان کي علي محمد
شاهه پيو نظر اچي.“ ٻئي دفعي جي مردان واري دوست
سردار امان الله خان مون کي ٻڌايو ته غلام مصطفيٰ
شاهه جڏهن علي ڳڙهه ۾ پڙهندو هو ته اُن زماني ۾
سندس ايڏو رعب هوندو هو. جو جهڙي تهڙي شاگرد کي
سندس ڪمري جي ويجهو لنگهڻ جي همت ڪا نه ٿيندي هئي.
فقط مان اڪيلو سندس دوست هوندو هئس.“ انهن ڳالهين
جي آڌار تي منهنجو خيال آهي ته شاهه صاحب جي رڳن ۾
جيڪو رُڪ
(Steel)
هو، سو، غالبن، سندس چاچي (مرحوم) علي محمد شاهه
جي شخصيت جو نفسياتي اثر هو.
سنڌ ۾ لاڏ ڪوڏ سان پليل سکين ستابن جا ٻار ورلي ڪي محنتي ۽ ذهين
شاگرد ٿيندا آهن، پر، شاهه صاحب جو ڪئريئر اڄوڪن
نوجوانن لاءِ سبق آموز آهي. چيائين ته ”پرائمري
تعليم لاءِ ميلن جا ميل روزانو گهوڙي تي چڙهي وڃڻو
پوندو هو. ڪاڙهو تتو اهڙو جو خدا جي پناهه! هاءِ
اسڪول جي تعليم ڪراچيءَ ۾ نصيب ٿيم. پر، ڪاليج جي
تعليم لاءِ پرديس جو پنڌ ڪرڻو پيم. علي ڳڙهه ۾ وڃي
داخلا ورتم. انهن تڪليفن هوندي به بورڊن ۽
يونيورسٽين جي ڪيترن ئي امتحانن ۾، حسابن،
انگريزيءَ ۽ ٻين ڪمن ۾ فرسٽ پوزيشن کڻي.“ ڪراچيءَ
۾ پنهنجن ڪاليجي استادن جو جڏهن به ذڪر ڪيائين ته
سندن نالا ايڏي ته احترام سان کنيائين، جو ڄڻ ته
سندس مربي ۽ محسن هجن، کيس ان ڳالهه تي فخر هو ته
”مون کي ڪاڪي ڀيرومل، رام پنجواڻيءَ ۽ اي ايل شيخ
جي صحبت ۽ محبت نصيب ٿي.“ علي ڳڙهه ۾ تعليم دوران
کيس ايئر فورس ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو، پر مائٽ ان
ڳالهه ۾ راضي ڪو نه هئس. چيائين ته ”امان ته
ڳالهه ٻڌي مصلي تان ئي ڪا نه اُٿي.“
شاهه صاحب ڦوهه جوانيءَ جي زماني ۾ ڪجهه عرصو خاڪسار تحريڪ سان
به وابسته رهيو. اهو وڏيءَ سياسي ڪشمش وارو دور
هو. ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي چڪي هئي. چين جي
پاسي جپانين انگريزن جا ٻه جهاز سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيا
هئا. انگيز دل لاهي ويٺا هئا. ائين ٿي لڳو ته هو
هندستان ۾ گهڻو وقت رهي ڪو نه سگهندا.·
دهليءَ مان ”ڊان“ اخبار نڪرندي هئي. شاهه صاحب
ٻڌايو ته ٻه مهينا اُن ۾ ڪم ڪيم ۽ شوق جاڳيم، ته
هندستان جو فوجي وقايع نگار ٿيان. ان وچ ۾ پاڻ
(M.A)
۽ لا
(LAW)
جون ڊگريون حاصل ڪيائين. پوءِ اعليٰ تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ ولايت هليو ويو. اتان موٽيو، ته سنڌ ۾ هڪ
تعليمدان جي حيثيت ۾ ڪئرير شروع ڪيائين. پوري
پاڪستان ۾ ڪي ٿورا اهڙا تعليمدان ملندا، جي ساڻس
گڏ، ساڳيءَ صف ۾ بيهي سگهن. تقريبن اڌ صدي تعليم
جي خدمت ۾ گذاريائين، ۽ پاڪستان جي چئني صوبن ۾
شاندار رڪارڊ ڇڏيائين. بلوچستان ۾ پنهنجي دوست ۽
بلوچي اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري جنرل، گلزار مريءَ،
ڳالهه ڪئي ته، ”شاهه صاحب جڏهن ڪوئيٽا آيو، ته
حالي ته شهر ۾ هُل ٿي ويو، ته وري ٻيو زلزلو آيو
آهي. ماڻهو اڄ ڏينهن تائين سندس جرئت ۽ بهادريءَ
جي ساراهه جا ڍُڪ ڀريندا آهن.“
شاهه صاحب ملڪ جي 1988ع وارين عام چونڊن ۾، قومي اسيمبليءَ لاءِ
اميدوار بيٺو. چونڊيو ۽ پوءِ مرڪزي تعليمي وزير
ٿيو. آفيس ۾ وزير جي ڪرسيءَ تي ويٺو، ته پهرئين
ئي ڏينهن مون کي فون ڪيائين: ”مون وٽ ڪيڏيءَ مهل
ايندين؟“
مون چيو، ”جڏهن اوهان حڪم ڪريو.“
چيائين ته، ”هينئر هليو اچ ته منجهند جي ماني گڏجي کائون.“
ٻئي ڏينهن اسلام آباد ۾ پنهنجي گهر ۾ انگلستان جي سفير جي دعوت
ڪيائين. ساڻس منهنجي واقفيت ڪرائيندي چيائين ته،
”منهنجو پراڻو دوست آهي.“
مون پنهنجا پراڻا دوست آزمايا هئا. ٿورڙي حيثيت ملڻ تي، سندن
مزاج ۾ فرق اچي ويندو هو. شاهه صاحب منهنجو استاد
۽ محسن هو. وزير جي حيثيت ۾ بالادست هو. پر، مون
کي ”پراڻو دوست“ ڪوٺيائين، ته دل ڀرجي آئي ۽ ڀٽائي
ياد آيو:
”جکرا جيئين شال، تنهنجو مَندو ڪنين نه سُڻان.“
شاهه صاحب تعليمدان جي حيثيت ۾، سڄي عمر، سنڌ ۽ پاڪستان جي خدمت
ڪئي. ليڪن، قدرت کيس اديب جو قلم به عطا ڪيو هو.
جيڪا انگريزي ۽ سنڌي لکندو هو، ان ۾ زندگيءَ ۽
زندهه دليءَ جي جهلڪ نظر ايندي. مون سندس ڪتاب
Brithish in the Continent
ته ڪو نه پڙهيو آهي، پر سندس مختلف مضمون پڙهي،
اها راءِ قائم ڪئي اٿم.
“Sindh Quarterly”
۾ هڪ مضمون
How Green is my Village”
سندس جي دل جي آرسي آهي.
شاهه صاحب ۽ پير حسام الدين راشديءَ جي پاڻ ۾ ڏاڍي سڪ هوندي
هئي. هيڪر، مون پير صاحب کي چيو ته، ”راڳ جي ڪا
محفل ڪجي، اردو گانن ۽ پاپ ميوزڪ ٻڌڻ سان بلڊ
پريشر لهڻ بدران چڙهي ٿو.“ چيائين ته، ”محفل جو
پاڻ ٻيئي بندوبست ڪريون يا ڪنهن ٽئين کي به شريڪ
ڪريو؟“ مون چيو ته، ”راڳ جي محفل جو مزو آهي هم
خيال ماڻهن سان، سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان صلاح
ڪريو.“ ٻڌي ٽهڪ ڏنائين ۽ چيائين ته، “ميان، ڪا عقل
جي ڳالهه ڪر، راڳ ۽ سنگيت سان دشمني يا اورنگزيب
کي هئي، يا غلام مصطفيٰ شاهه کي! مون کي ته حيرت
آهي ته هو تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ڪيئن ٿيو. پوليس
جو آءِ جي ڇو نه ٿيو؟“
ان ڳالهه کي ورهيه وري ويا. هيڪر اسلام آباد ۾ رات جو شاهه صاحب
سان سندس گهر ۾ ويٺو هوس. ٽيون ڄڻو ڪو به ڪو نه
هو. سائينءَ پنهنجيءَ جوانيءَ جون ڳالهيون ڪڍيون.
اول انگلستان جي ڪن دوستن مردن ۽ عورتن جو ذڪر ڪيو
۽ پوءِ هڪ پراڻو رسالو ڏيکاريو. رسالي ۾ انگريزي
طرز جي سرخ عمارت جي رنگين تصوير هئي. هڪ ڪمري ۾
فانوس ٻري رهيو هو. مون کي ياد آهيو ته فانوس ۾
شمع هوندي آهي ۽ شمع تي پروانا جلندا آهن، هونئن
به اهو منظر مون کي پراسرار لڳو. سو، سائينءَ کان
سوال ڪيم ته ”اوهان کي جوانيءَ ۾ ڪڏهن خاتونءَ
لاءِ
Tender Feelings
به هُيون؟“
اهو سوال ڪري ته ويٺس پر دل ۾ ڏاڍو پڇتايم ته ايتري حجت ٺيڪ ڪا
نه هئي. شاهه صاحب سوال ٻڌي ناراض ڪو نه ٿيو. بنا
هٻڪ جي دل کولي منهنجي اڳيان رکيائين. منهنجو شڪ
صحيح ثابت ٿيو. جڏهن ڳالهه پوري ڪيائين ته مون کي
مرحوم سائين پير حسام الدين راشدي ياد آيو. دل ۾
کيس چيم ته، ”سائينءَ جي باري ۾، اوهان جو اندازو
صحيح ڪو نه هو. سنڌو درياهه کي سيراب ڪندڙ چشما
هماليه جبل جي سنگلاخ سر زمين مان ڦٽندا آهن. تڏهن
ته حافظ چيو آهي:
ببين ڪه رقص ڪنان ميرود بنــــــاله چنگ
ڪسي ڪه اذن نميداد سي استماعِ سماع
* * * *
سنڌ ۾، ڳوٺن، راڄن، قومن ۽ قبلين جا چڱا مڙس ٿيندا آهن. منهنجي
خيال ۾، سائين غلام مصطفيٰ شاهه سڄيءَ سنڌ جي چڱن
مڙسن جي صف اول ۾ هو. جڏهن هيءُ جهان ڇڏيائين،
تڏهن اسي ورهين کان مٿڀرو هو.
وقت ڏاڍي ظآلم قوت آهي. پر، هو قدرت کان عجب سڀاءُ وٺي آيو هو.
زماني جون گرميون ۽ سرديون، سندس فولادي شخصيت تي
اثرانداز ٿي ڪو نه سگهيون. ڪڏهن به مصلحت بيني
اختيار ڪا نه ڪيائين. جيڪي سچ سمجهيائين، سو علي
الاعلان چيائين.--- اها عظيم انسان جي نشاني آهي.
سنڌ ڏاڍن جو ڏيهه آهي. چنيسر کي چيڙائڻ ۽ دودي کي مارائڻ اسان
سنڌين جي تاريخي روايت آهي. سيوهڻ بيشڪ قلندر جي
ننگري هجي، پر باقي سنڌ ته دلورءِ جي ننگري آهي.
ڪالهه به هئي ۽ اڄ به آهي.
ڊڀري واري مرحوم سيد قراري شاهه جو هڪ گفتو مان
عمر ڀر نه وساري سگهيو آهيان. ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري ۾
برف جهڙو ٿڌو بيئر پياريائين ۽ عاليشان مانيءَ سان
گڏ عمدا انب کارايائين. ڪچهري ڪندي چيائين ته:
”يار، مان ٿُلهيءَ کل وارو ماڻهو
(Thick-Skinned)
آهيان.“ سنڌ جي بيرحم معاشري ۾ فقط ٿلهيءَ کَلَ
وارو شخص جالي سگهي ٿو. سنهيءَ کل واري نازڪ نفيس
انسان کي ته علامه قاضيءَ وانگر مهراڻ جي موجن ۾
پناهه وٺڻي پوندي.
سائين غلام مصطفيٰ شاهه، هڪ حقيقت پسند انسان وانگر، زندگي ڀر،
پنهنجيءَ واٽ تان ڪنڊا هٽائيندو، همت سان وک اڳتي
وڌائيندو رهيو. هڪ دفعي اسلام آباد ۾ ٻيئي ڄڻا
سندس موٽر ۾ پشاور وڃي رهيا هئاسون. رستي تي ڪو
خيال آيس، سو، ڪنڌ ورائي، مون کي چيائين ته:
”رباني، جيڪڏهن سڪندر ۽ قلندر، ٻنهي کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي، ته
پوءِ ڊپ ڇا جو؟“
پرين پرڏيهي ٿيا...!
ويجهڙائيءَ ۾ سنڌي ادب، تاريخ، تعليم ۽ ثقافت جي حوالي سان چند
نامور شخصيتن جي جدائي، سنڌ ۾ ڏاڍي ارمان سان
محسوس ڪئي ويئي آهي.
*- سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جو خدمتگذار ڀاءُ علي اڪبر جسڪاڻي 13 آگسٽ
99ع تي هيءُ جهان ڇڏي ويو. مرحوم سنڌي ادبي بورڊ ۾
ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ جو سالن جا سال ايڊيٽر هو.
ٻاراڻي ادب ۾ سندس لکيل ڪتابن مان ”بتين واري
ناني“ کي وڏي مڃتا حاصل آهي ۽ ان تي کيس سنڌ الاجي
ايوارڊ به مليو. ذاتي طرح هو هڪ نهايت نهٺو ۽
نماڻو، مرنجان مرنج ۽ سٻاجهڙي طبيعت جو مالڪ هو ۽
بورڊ جي سمورن ڪارڪنن سان سندس محبت وارا لاڳاپا
هئا.
مرحوم جي جنازي نماز بورڊ جي سبزه زار تي پڙهي ويئي ۽ سندس
جنازي کي گلن ۽ اجرڪن سان سينگاري، سندس آبائي شهر
جوهي موڪليو ويو، جتي سندس تدفين ۾ بورڊ جي ڪارڪنن
وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ بورڊ جي عملدارن ۽
پوري اسٽاف، سندس ياد ۾ خيرات جي ماني ڪئي.
رسالي ”مهراڻ“ ۾ مرحوم جي ياد ۾، ايندڙ شماري ۾ هڪ خاص ”پورشن“
ڏيئي رهيا آهيون. سڀني ليکڪن ۽ مرحوم جي دوستن کي
مضمونن ۽ تصويرن لاءِ استعدا ٿا ڪريون.
*- پروفيسر ايڇ ايم خواجه جو نيڪ نالو سنڌ جي تعليمدانن ۾
سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن 20 سيپٽمبر 99ع تي
رضا ڪئي. خواجه صاحب جي نالي سان گڏ ”ڊي سي هاءِ
اسڪول نوابشاهه“ جو نالو لازم ملزوم آهي، جتي هن
بزرگ پنهنجي سڄي ڄمار تعليمي ترقيءَ لاءِ جاکوڙ
ڪندي، سجائي ڪئي. سندس خدمتن ۽ اخلاص جو معيار
اِهو آهي، جو کيس حسن علي آفندي، سيد الهندي شاهه،
مير غلام محمد خان ٽالپر ۽ نور محمد وڪيل جو تسلسل
قرار ڏيئي سگهجي ٿو.
*- چترڪار علي اڪبر سومري جي 3 سيپٽمبر 99ع تي رحلت سان، سنڌ جي
مصوريءَ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. مرحوم جي فن ۾
سنڌ جي ثقافت جي منظر نگاريءَ سان گڏ خاص طرح سان
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ پيغام جي
عڪاسي نمايان رهي. شاهه جي رسالي (چونڊ ڪلام) جو
”مصور ايڊيشن“ تازو وڏي شوق ۽ اهتمام سان شايع
ڪرايائين. نامور چترڪار ع. ق. شيخ جي پياري شاگرد
علي اڪبر جي تصويرن کي سنڌي ثقافت ۾ دوام حاصل
رهندو.
*- پروفيسر اسد الله ڀٽو، سنڌ ۾ ديني ادب جي ترقيءَ لاءِ سڄي
زندگي ڪوشان رهيو. ”تنظيم فڪر و نظر سنڌ“ سکر جي
سرواڻ جي حيثيت ۾ وڏا وڏا علمي اجتماع ۽ ادبي
ڪانفرنسون ڪوٺائڻ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيائين.
اسلامي موضوعن سان گڏ سنڌي ادب، تاريخ ۽ سنڌ جي
مسئلن سان کيس گهري دلچپسي هئي. 10 سيپٽمبر 99ع تي
سندس وفات جي خبر وڏي ڏک سان ٻڌي ويئي.
*- جمال الدين “مومن“، سنڌي ادب ۽ تعليم جي خدمت واري راهه جو
پرڻو پانڌيئڙو هو. سڄي حياتي تعليم و تعلم سان
وابسته رهيو ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ نوان جتوئيءَ ۾
مصطفيٰ اورينٽل ڪاليج هلائيندو رهيو. سندس متعدد
ڪتاب ۽ بي شمار مضمون ڇپيل آهن. نهايت وضعدار،
محبتي، جاکوڙي ۽ مخلص خدمتگذار هو. 5 جولاءِ 99ع
تي رحلت ڪيائين.
*- ميان غلام مصطفيٰ ڀَيو، سنڌ جي تاريخ سان عشق جي حد تائين
دلچسپي رکندڙ هڪ منفرد ڪردار هو. 5 جولاءِ 99ع تي
گذاري ويو. شڪارپور جي ڀرسان ڪرن ڳوٺ جو رهاڪو هو.
علم و ادب، خاص طرح ”تاريخ“ جو عاشق هو. پير حسام
الدين راشديءَ سان سندس عقيدت جي واٽ تمام پراڻي
هئي ۽ سندس ذوق شوق جي پيش نظر، پير صاحب جي مٿس
هميشه هڪ خصوصي شفقت ۽ قربت رهي.
*- محترمہ نيلوفر جويو کي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ مڃتا حاصل آهي. سندس
لکيل ڪهاڻيون وڏي تعداد ۾ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل
آهن. ”سامائي تان سک ويا“ نالي سندس مجموعو ڇپيل
آهي. محترمہ فيلوفر هڪ استاد جي حيثيت ۾ تعليم جي
خدمت دوران، سماجي جاڳرتا ۽ سنڌ ۾ عورتن ۽ نياڻين
جي فڪري آبياريءَ جي ڏس ۾ وڏيون ڪوششون ڪيون، جي
سندس نيڪ نام والد ۽ سنڌ جي نامياري ڏاهي سائين
محمد ابراهيم جويي جي تربيت جو نتيجو آهن. 13
جنوري 99ع تي سندس وفات جي خبر ادبي حلقن ۾ رنج ۽
غم سان ٻڌي ويئي.
*- مرزا عباس علي بيگ، حيدرآباد جي مشهور علمي محلي ٽنڊي آغا جي
نامور مرزا خاندان جو فاضل ۽ عالم بزرگ هو، جنهن 8
مارچ 99ع تي رحلت ڪئي. ”خدا يار خاني ميان سرفراز
خان ڪلهوڙو“ ۽ ”ڪليات ثابت علي شاهه“ سندس مشهور
شايع ٿيل ڪتاب آهن. ان طرح ٽالپرن جي تاريخ تي به
وڏو ڪم ڪيائين. ٽالپرن جي زماني جا قيمتي قلمي
نسخا ۽ نوادرات وڏي تعداد ۾ گڏ ڪيائين.
*- راڳي وحيد عليءَ جي وڃڻ جي اڃا ويل ڪا نه هئي. نوجوانيءَ ۾
22 مارچ 99ع تي سندس رحلت جي خبر سنڌي جي ثقافتي
حلقن ۾ وڏي ڏک سان ٻڌي ويئي. سنڌ ۾ گواليار گهراڻي
جي موسيقيءَ جو هيءُ نوجوان نمائنده فنڪار هو،
جنهن کي پنهنجي والد خان صاحب غلام رسول خان،
چاچي استاد اميد علي خان ۽ مامي استاد منظور علي
خان جي تربيت حاصل هئي. سندس آواز ۽ عجب سوز ۽
گداز هو، جنهن کي شاهه لطيف جو روح پرور ڪلام دو
آشته ڪري ڇڏيندو هو!
*- همعصر جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ ناميارو ليکڪ ڪيهر شوڪت، 23
اپريل 99ع تي اسان کان جدا ٿي ويو! سندس ڪهاڻين کي
سنڌي ادب ۾ قابل فخر مڃتا حاصل آهي. ”پُل تي ويٺل
هڪ نوجوان“ سندس ڪهاڻين جو مجموعو شآيع ٿيل آهي.
ان طرح سندس لکيل ڊرامن ٽي ويءَ تي وڏي مقبوليت
حاصل ڪئي. ڪجهه طويل دورانيه جا سيريل به سندس فني
خدمتن تي شاهد آهن.
*- 27 مئي 99ع تي خان محمد پنهور جي وفات جي خبر، سنڌ جي سمورن
علمي، تعليمي ۽ سماجي حلقن ۾ وڏو ارمان پيدا ڪيو!
سنڌي علم ادب، تعليم، ثقافت، سماج سڌار ۽ جاڳرتا
جي تحريڪن ۾ هو شروع کان وٺي فعال ۽ سرگرم رهيو.
شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي، آخر تائين هلائيندو
آيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1978ع ڌاري صحافت جو شعبو
سندس ئي ڪوششن سان کُليو، جتي آخر تائين پاڻ استاد
رهيو. الوحيد ۽ شيخ صاحب تي ايم فل ۽ ڊاڪٽريٽ لاءِ
ٿيسز لکيائين، جي شايع ٿيل آهن.
ـ*- عبدالله ورياهه جي 31 مئي 99 تي وفات سان، سنڌ ۾ ”سڪن جي
تاريخ“ جو واحد بابت هميشه لاءِ بند ٿي ويو! مرحوم
کي سِڪن سان وڏي دلچسپي هئي ۽ اُن تي ڊاڪٽريٽ لاءِ
سندس مڪمل ٿيل ٿيسز ٽائيپ جي مرحلي ۾ هو. سنڌ جي
مختلف ماڳن تي جاکوڙ ڪري، سوين تاريخي سڪا گڏ ڪيا
هئائين ۽ انهن تي سندس ڪافي تحقيقي مقالا شايع ٿيل
آهن.
*- خالد سنڌيءَ جي ادبي خدمتن کي سنڌي ادبي ۾ مڃتا حاصل آهي،
جنهن 23 سيپٽمبر 99ع تي وفات ڪئي. سندس ڪهاڻين جو
مجموعو ”هر دل اندر هڪ ڪربلا“ شايع ٿيل آهي. 1974ع
ڌاري ”چارڻ“ نالي ڪتابي سلسلي وسيلي جديد ادب جي
خدمت ڪيائين، ۽ بعد ۾ ”ٻيجل“ سلسلو جاري ڪيائين.
ان طرح ”سنگت“ ڪتابي سلسلو به ڪافي سال هلايائين.
”سنڌي ادب اڪيڊمي“ پاران ڳچ ادبي ڪتابه وڏي اهتمام
سان شايع ڪيائين. هڪ پرجوش قومي ڪارڪن به هو، جنهن
ون يونٽ تحريڪ دوران حيدرآباد ۾ بک هڙتال تي ويهي
ان روايت جو بنياد وڌو ۽ بعد ۾ اهو سلسلو سڄي سنڌ
۾ پکڙجي ويو. ان طرح ووٽرن جي لسٽن جي سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڇپائيءَ واري تحريڪ دوران به پاڻ
سرگرميءَ سان حصو ورتائين.
*- محمد علي حداد جو نالو، سچل سائينءَ جي علمي خدمتگذارن ۾
سدائين وڏي احترام سان ورتو ويندو. سچل سرمست
ميموريل ڪميٽي خيرپور جي هڪ اخلاصمند ڪارڪن جي
حيثيت ۾ سندس خدمتن کي مڃتا حاصل آهي. سچل
اڪيڊميءَ جي سمورن ادبي ۽ تنظيمي ڪمن ۾ ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ جي هڪ بهترين سهڪاري ڪارڪن جي حيثيت
۾ حداد صاحب سدائين سرگرم رهيو. سندس خاص تحقيقي
ڪمن ۾ ”سچل سرمست تي ببليو گرافي“ آهي، جنهن جي
1980ع ڌاري اشاعت کان پوءِ، لاڳيتو ان موضوع تي
کوجنا جو علمي ڪم ڪندو رهيو، ان طرح سچل سيمينارن
۽ سچل ادبي ڪانفرنسن جو پاڻ ورهين جا ورهيه
خدمتگذار رهيو.
اداره مهراڻ پنهنجن مٿي ذڪر ڪيل بزرگن ۽ ساٿين جي روحن جي مغفرت
لاءِ دعا گهرندي، سندن پوين سان غم ۾ دلي طرح
شريڪ آهي. – ن.ا.ش
|