سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1999ع

مضمون

صفحو :3

  

عبدالقيوم صائب

ڌرتي ماءُ

 منهنجي ڌرتي، منهنجي ماتا، منهنجي جيجل ماءُ،

تو تي سهندس ڪين ڪڏهن مان ڪوئي ڪو سو واءُ.

مون سان تنهنجي ٻارن جو هو پيدا ٿيو مت ڀيد،

تنهنجي خاطر تن سان مون ڪيو آهي اڄ پرچاءُ،

تنهنجي در تي دانهين آيا، تنهنجا ئي فرزند،

ڏيل ڏکويل، ساڻا ساڻا، منهن ۾ جن جي گهاءُ.

اسڪندر جي ايندا رهندا، ڪشبا رهندا ٻاڻ،

جيجل! پاڻهي ظاهر ٿيندو يوناني پڇتاءُ.

توڏي ميري اک سان ڏسندو جيڪو ڀي بدخواه،

تنهن  جو جاني دشمن بڻبو، منهنجو هر هڪ ڀاءُ.

جيڪي تو سان پائي کڻندا، تن جا ڪڍبا پير،

توڙي ابتا لٽڪي پوندا، ڪين ڪبن ڪهڪاءُ،

تو سان جن جو قول سچو، سي پاريندا هر قول،

چارڻ ايندو چنگ کڻي، سير لاهي ڏيندو راءُ.

تنهنجا منهنجا ويري ساڳيا، تو سان منهنجو  پيار،

ڌارين مان ڪيئن ايندو مٺڙي، پنهنجن جهڙو ساءُ.

ماڻهو تنهنجا سادو پائي، اوچو ٿا سوچين،

سچ آ جن جي سوچ سدائين، سچ جو جن سوداءُ.

ڪوڙ ڪمائڻ ڪين ڪي ڄاڻن، ڪوڙ نه ڪن وهنوار،

ڪوڙن وٽ اي صائب هوندو ڪوڙو  آ ڏيکاءُ.

 

ادل سومرو

گيت

ڪنهن جهڙالي شام جان، مان سندءِ ڪو گيت هان،

ڳاءِ مون کـــــــــي ڳاءِ تون، آهيــــن منهنجي لاءِ تـــون

 

سونهن ســــان ناراضــــگي، هيکلي هــــيءَ زندگـــــي

ايتري ڇو بي رُخي؟

پـــاڻ کــــي سمجهاءِ تــــون، ڳاءِ مون کــــي ڳاءِ تــــون.

جت هوائون ٿيون گهلــــن، خواب پينگهــــن ۾ لُڏن،

اُن گلابي ماڳ تي،

جــــوڙ پنهنجي جاءِ تــــون، ڳاءِ مون کــــي ڳاءِ تــــون.

دک دلبــــر جــــان اچــــن، نيــــڻ جــــي ڀــــرجي وڃـــن،

اُن سمي سنگيت کي،

 

اياز گل

غزل

سياڻو ٿيءُ، ڇو خون ڪرڻ ٿو چاهين تون!

مون کان پنهنجي ياد کسڻ ٿو چاهين تون!

جيون! هڪڙو پيارنئون آڇي مون کي.

شايد مون سان ڀوڳ ڪرڻ ٿو چاهين تون.

لهجو تنهنجو روز وڃي خنجر ٿيندو،

چئين ٿو منهنجا گهاوَ ڀرڻ ٿو چاهين تون

رستا ڇا، مان شهر ڇڏڻ لئه راضي هان،

ڇا لئه هي الزام کڻڻ ٿو چاهين تون،

سوچ کڻي، تنهنجي دنيا آ،مان ناهيان،

تنهن کان ڇو ائين دُور رهڻ ٿو چاهين تون،

ساڀيائون بي اهم ٿين ٿيون جيون ۾.

ڇو آخر پوءِ خواب ٿيڻ ٿو چاهين تون!

هوءَ وينگس ڪنهن سمنڊ جيان آهي پيارا،

ناو بنا ن جو   پار ڪرڻ ٿو چاهين تون،

جو منهنجي حصي ۾ اچڻون ئي ناهي،

ڇو اهڙو اعزاز ٿيڻ ٿو چاهين تون!

وقت! قدر ڪر ديوانن جو،ائين نه ڪر،

 پنهنجو ٿي ۽  پير ڪڍڻ ٿوچاهين تون!

   

سرويچ سجاولي

غزل

هر ليک م لازم هجي،حسن و شباب ۽ انقلاب،

خستورجي خوشبوهجي، موتئي سان گڏ گڏهوئي گلاب.

اونداه ۽ اوجهڙ منجهان، جيڪو اُڀاري انڊلٺيون،

واٽن منجهيل ماڻهن لاٿي پئي آفتاب وماهتاب.

آڻي زمين ۾ زلزلو،ياسب اکوڙي عرش اُڀ،

يا ظالمن زَبرن کي ڏي ڪو،جان جهوريندڙجواب.

ڪوه ڪاف ڪل ڪڪرا ڪري، ۽  ڪهڪشان ڪيهون ڪري،

مظلوم قومن جي ڪري،ڪل ڪوششن کي ڪامياب.

محبوب ۽  معشوق هي، مسڪين موجن سان گهمن،

هر منهن منجها مهڪي،لئن خوشحاليون خوشيون شباب،

کهنبن وڳن ويسن سان جيئن، وهسن ۽  وڙڪن جيڏڙيون،

کوهن ۽  کيٽن جي ڀران،ڪن ڀوڳ چرچا بي حجاب،

هن سيم پنهنجيءَ ۾ هجن،صدها صدين تڪ ساوڪون.

محبتين جا مينهن وسن ۽  پيار جا پڙهجن ڪتاب،

”سرويچ“تنهنجا سڀ نسخن،سوڀن سجاڳين جا سبق،

جيئن جيئن پيا پڙهبا هتي،تئين سنڌ ٿيندي صحتياب.

 

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

ڪافي

سڄڻ ڏني سوغات،

سورن جو سامان سهيڙي.

حال وندن لئه حال وڃايم، جانب خاطر جهوليءَ پايم،

ڏکڙن جي هيءَ ڏات،

آنڌي اسان لئه عشق اويڙي!

آئون ڇا ڄاڻان سور سفر جا، راز ۽  رمزون انت بحر جا،

ڪهڙي بتايان بات؟

نينهن رندن جي آنديس نيڙي.

پلپل پرين صوبت ساري، ڪوڙئين قاصد ڪانگ اُڏاري،

راه ڏٺم ڏينهن رات،

جل جدائي جو ٿو جهيڙي.

مرتضيٰ محبن ميلو ٿيندو، رحمت واروريلوايندو    

    ڪابوُند وَسي برسات،

مٺڙڻ ساڻ مون، کي شل.

 

احمد خان مدهوش

غزل

حسنِ زيبا کي ڏسي،حسنِ ازل چئي ويٺس،

سونهن کي سونهن جي صانع جو بدل چئي ويٺس.

هُن جي صورت جو پرستار صدين کان آهيان،

هُن جي درشن کي ثوابن  جو عمل چئي ويٺس.

هُن جي نيڻن کي سڏيم ڪوثر و تسنيم ڪري،

زلف جي ڇانو کي جنت جو محل چئي ويٺس.

هُن جي مرڪڻ کي چيم روپ مسيحائيءَجو،

۽  ڪجلدار نگاهن کي اجل چئي ويٺس.

دل لڳي منهنجي ڏسي داد ڏيو همسفرو!

عشق جي زور کي مشڪل کي سهل چئي ويٺس.

ڇا چيم ڇا نه چيم، ڪابه خبر ڪان رهي،

لاشعوريءَ ۾ ”مدهوش“ غزل چئي ويٺس.

 

 آثم ناٿن شاهي

غزل

ڪنهن ڀي ٿڦڙ کاڌل اک مان لُڙڪ جڏهن ڪو وهندو آ،

تڏهن ڪوئي تارو اُڀ مان پٽجي پٽ تي ڊهندو آ.

 

مون کان منهنجي دل جي آشائن جي ڪيئن ٿو ڳالهه پڇين؟

منهنجي سيني ۾ دل ڪاٿي درد شروع کان رهندو آ.

 

غربت جي ديوار ڪچيءَ کي سيڪ وڃي ٿوکائي، پر-

ڪچي ڪوٺي ڪريل مٿان ٻيو پڪو ڪوٺو ٺهندو آ.

 

ڪهڙوسج آ، جيڪو سالن تائين اُڀ تي بيهي ٿو؟

هر ڪو سورج صبح جواُڀري شام جو لحند ۾ لهندو آ!

 

تنهنجو منهنجو پيار آتيسين، جيسين وچ ۾ ويسهه آ،

ويسهه رهي ته گهر ۾ ڀاتي ڀاتيءَ ساڻ نه ٺهندو آ.

 

ڪير ٻيو ائين سهي ٿو شهر سڄي ۾ منهنجا دوست!

ڏاڍ، ڏمر ۽  ڏوراپا جيئن آثم تنهنجا سهندو آ.

  

 

 

وفا ناٿن شاهي

غزل

نه فرض پالي سگهان ٿونه پيار ساهيڙي،

ٻداءِ اهڙي جيئڻ مان مراد ڇاهي ڙي.

نه مون کي توئي سڃاتو، نه توکي مون سانيڻ،

اسان ٻنهي جي بصيرت تي نحيف آهي ڙي.

ٻُڌي ڪفن ۾ کڻي ويوهزار ڏک تنهنجا،

تتيءَ ٿڌيءَ۾ ويو تو سان جو نباهي ڙي،

ڊهي پئي آ نه ته چوءَ هاڻي پنهنجي قسمت کي،

نئين سئين کان وري ڪير توکي ٺاهي ڙي،

مڃان ٿو ته تنهنجي محبت به زندگي آهي،

مون کي اصول جي سوريءَ تان ڪير لاهي ڙي،

هو تنهنجا ٿورا نه لاهي سگهيو ته ڳائيندو،

”وفا غريب“ سهي بي ضميعر ناهي ڙي،

 

ساحر راهُو

غزل

ڀنل نيڻن مٿان منهنجي گريبان چاڪ تائين آ،

نظر چهري منجهان ترڪي پڳي پوشاڪ تائين آ.

سفر جي ڊيگهه جي ڳڻتي ڪڏهن مون کي رهي نه آهي،

جڏهن ڀي وک وڌائي مون پڳي سا ٿاڪ تائين آ.

سبب ڪو ڀي هجي ليڪن اهو ڪافي نه آهي ڇا،

مهڪ جو شعر تنهنجي جي گهلي لولاڪ تائين آ.

اهو منهنجي نگهاهن جو سمورو ڪرشمو چئبو،

پرين توکي پڄايو جنهن کڻي  هن هاڪ تائين آ.

گهڻو حيران آسارو شهراِن ڳالهه تي ساجن،

ڪٿا تنهنجي حسن جي جواُڏي آفاق تائين آ.

اسين آڪاش جا سپنا ڏسي ڀي ڇا ڪنداسين جو،

اسان جي پهچ مشڪل سان اڃا هن خاڪ تائين آ.

کڻي ٽهڪن سنڌي خوشبوءَ هُلي جيڪا هئي ”ساحر“

پڃاڻي ان ڪهاڻيءَ جي مگر غمناڪ تائين آ.

 

مظهر لغاري

مگر تون کپين ٿي...

رڳو هيءَ نگاهون ئي پنهنجون پناهون

سموري سرشتيءِ جي گردش جو ٿوري ۾

اسرار آهن

رڳو تنهنجون ٻانهون

ازل ۽ ابد جي زبردست گهيري مان

نڪرڻ جون راهون

جنين تائين پهچڻ سندي جستجوءَ ۾

سڀني ڪوششون وييون بيڪار آهن

۽ تنهنجون ادائون

جوانيءَ جي ريشم ۾ ويڙهيل جفائون

لڳي ٿو ته هستيءَ سندي بي ثباتيءَ

جو پهريون زبردست انڪار آهن

زماني جي هن ڪارخاني ۾ سانئڻ!

برابر سوين دک ۽ درد هوندا

برابر اڃا آهي بي ڌن سان ويڌن

 ۽ گذران  جا سارا رستا ۽ راهون به پُرخارآهن

مگر تون کپين ٿي،

 

مگر تون کپين جانِ جان دشمن جان

خدا جي خدائيءَ ۾ ت تنهنجي چرئي جا

مڃيم چاره گر هونئن اڪيچار آهن.

 

بادل

غزل

سج يا مهتاب هُو،

يا آهي ڪو خواب هُو

هُـــن جيئن ڪيئن آهـــن،       پـــر آهــــي ناياب هُــــو.

مــــن انــــدر ٽانــــڊا آهــــن.       ظاهــــري بــرفاب هُــــو.

آءٌ ڄــــڻ ڪــــو ڪــــک ۽،       آهي ڪو گرداب هُــــو.

نه سهي پنهنجو سگهــي،     ٿي سگهي ٿو تاب هُو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com