سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1999ع

مضمون

صفحو :23

 

نصير مرزا

کيرٿر-ياترا

(A Visit to Khirthar National Park)

مهاڳ

(بقلم خود)

السلام عليڪم!.... سامعين و قارئين... حاضرين و غائبين... اهل دنيا و اهل القبور!.... آگاهه رهو ته هي حقير پر تقصير، نه سفر نامه نگار نه نامه نگار، نه ناول نگار نه ڪالم نگار.... ۽ جي بس ڪجهه ته صرف ادنيٰ قلمڪار... ۽ قلمڪار به رڳو هو پاڻ ڪٿي؟ پوري جو پورو پَريوار ئي قلمڪار آهي، هن ناچيز جو! مرزا صادق قلي بيگ، خليچ بيگ، علي قلي بيگ، نادر بيگ، اسد بيگ، اجمل بيگ، همايون بيگ،.... ۽ گوش گذار ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ”سياحت نامو“ اِن ئي خاندان جي وڏي يعني پدر بزرگوار مرزا قليچ بيگ تحرير فرمايو هو ۽ عنوان رکيو هئائينس:” ڏاڙهياري جبل جو سير.“ ڄاڻڻ گهرجي ته صاحب موصوف ”گورک هِل“ جي اها سياحت ڪو ايئر ڪنڊيشن پجيرو ۽ لينڊ ڪروزر جي آرامده ڪُشنس تي ويهي ڪا نه ڪئي هئي؛ اُٺن جي پُٺيءَ تي سوار ٿي يا پيرين پنڌ هلي هن اِهي جبل جهاڳيا هئا ءٌ بعد اِن سفر جي، اُها روداد، گهر پهچي سربستي روزنامچي جي انداز ۾ تحرير فرمائي هئائين، جا پوءِ آنجهاني شري ”پوڪرداس ٿانور داس، تاجر ڪتب شڪارپور“ واري ڇپائي پڌري ڪئي هئي ۽ اُن جي ڇپجڻ جو سن هو فيبروري 1900 عيوسي. (افسوس، اهڙي اڳوڻي پر خطر سياحت جو عجيب و غريب دور هاڻي سنڌ ۾ ته ختم ئي سمجهو.)

بس ته انهيءَ ايڊونچرس ۽ بهادر خانوادي جي فرزند ارجمند هجڻ جي باوجود، مون کي ته اُس، لُڪن ۽ جهولن ۾  اهڙي سفر ۽ سياحت کان ٿئي سخت ڪوفت ۽ ڊپ! (ازلي ابدي ڪاهل ۽ سُست جو ٿيس!) ۽ عزيزو!... نه سمجهو مون کي اُنهن مان، جن کي ڪن نامعلوم دنيائن جي تلاش هوندي آهي، ۽ ايڊونچر ۾ آٿت ۽ تحقيق ۾ طراوت ملندي آهي. مان، جيڪو ”دوست پسند“ هجڻ جي باوجود  ”آدم بيزار“ آهيان، ۽ جنهن کي وڻ جي ٿڙ جيان ساهه سڪائي هڪ ئي جاءِ تي پوري ڦهلاوَ سان بيهي جهومڻ ۾ وڌيڪ لطف ايندو آهي، يا وڌ ۾ وڌ گهر جي پينگهي جي پر فضا جهولي ۾ جهولڻ ۽ سفر ناما پڙهڻ ۾- ۽ بس!

نوڪرين مان به، چونڊ جي سلسلسي ۾ مون رڳو ماستر ئي ٿيڻ پئي چاهيو يا وڌ ۾ وڌ هيڊ ماستر، جو آرام هن ملڪ ۾ اهڙين ئي ته نوڪرين ۾ ميسر هوندو آهي ماڻهوءَ کي! ۽.... بس، اهڙي اسٽيريو ٽائيپ زندگيءَ ۾، عزيزم ناشاد صاحب اوچتو ٽاڪوڙا وجهي ڇڏيا. ڳڻپ کان ٻاهر خط ۽ پيغام، بي حد و حساب ٽيليفون ۽ وري روبرو ۽ هر هنڌ ۽ هر وقت... گفتگو جي تانَ اچيو انهيءَ تنوار تي ٿي ٽٽي ته ”هلو  هلو.... ڪرچات!... ڏينهن ڏسو نه رات... بادل نه برسات... هلو هلو ڪرچات!“

By the way، هونئن ڀلا هن عزيزم ناشاد جو آهي ڇا تعارف؟ خير... اِهو به عرض ڪريان ٿو،

پر ٿورو تحمل! پهرين ذڪر سندس لائق والد، يعني عظيم الشان محقق بزرگوار رائچند راٺوڙ جو، جنهن سنڌي ادب کي ”تاريخ ريگستان“ جهڙا ٻه ڀرپور واليوم ڏيئي، ڄڻ سنڌ کي ٿر بابت انسائيڪلوپيڊيا تحرير ڪري ڏني آهي. هڪ ڀڳت صفت انسان، نيڪ ۽ پارسا روح، جنهن ”چيلهار“ جي هڪ ننڍڙي چونئري ۾ ويهي لالٽين جي جهيڻي روشنيءَ ۾ هڪ اهڙو شاهڪار ڪتاب تصنيف ڪيو، جنهن تي هوند جي خود لطيف کيس ڀيٽا ڏيڻ چاهي ها ته ضرور هيئن چوي ها: ”ٿر ۾ واري ٿورڙي، تنهان گهڻيرا، ٿورا نه ٿورا، ٿر تي رائچند جا!“

بس ته ”ڪرچات سياحت“ لاءِ اُتساهيندڙ رائچند صاحب جي ان فرزند ارجمند، ناشاد، جيڪو آهي ته ٽماهي ”مهراڻ“ جهڙي سنجيده رسالي جو ايڊيٽر.... پر Infact اسان جي لاءِ هُو آهي قدرت طرفان مليل دوستيءَ جو هڪ  انمول رتن!...  پنهنجي ذات ۾ هڪ پربهار شخص، ۽ بيهد پرئڪٽيڪل انسان، توڪلِ ڌُڪا، اندازا- نه! ناشاد اهڙين ڳالهين تي Believe ئي نه ڪندو آهي. حقيقت ۾ ناشاد صاحب کي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنس هجڻ گهرجي ها. پر واءِ قسمت! بڻجي هو ايڊيٽر ويو آهي.

سخت ڪرٽيئس! محفل ۾ هر حالت ۾ انتهائي شاستگيءَ جو قائل ۽ محفل ۾ گهاٽن گهرن يارن مان جي ڪنهن يار ساڻس ڪا اڻ سونهائيندڙ حجت ڪئي ته... بر وقت ته چپ، احتجاج يا تنيبهه بعد ۾  ڪندو. چوندو: “منهنجا مِٺا! .... منهنجا لال!... منهنجا جگر!... منهنجا جاني!... توهان جي فلاڻي ڳالهه سان اُن ڏينهن مون کي رنج پهتو، پر خير.... ڪو  گهڻو نه، بس ”خفيف خفيف“... ڏسو آئنده احتياط ڪجو...“

ناشاد صاحب، جيڪو عام گفتگوءَ ۾ بيحد نرم گفتار، پر بيحد تيز رفتار، سندس جملا سِڌا ۽ لسا، يعني ته جهاڪا نه لوڏا، سِٽ ۾، لفظ سندس اڪثر لڇيدار، بلڪ مزيدار مزيدار! سامهون وارو سندس اُن ”پر بهار“ بلڪ ”دل بهار“ گفتار ۾ اندر داخل ٿيڻ جي لاءِ جيئن ئي ڪوشش ڪرڻ جي ”ڪوشش“ ڪندو ته ٺَڙ ٺُپ چوندس: ”ٻُڌو... ٻُڌو... ٻُڌو! (معنيٰ ته وچ ۾ اصل نه ڳالهايو!) بس ته ناشاد صاحب ”ڪرچات سياحت“ لاءِ سانباهو سِٽي پنهنجي تيز رفتار پر نرم گفتار ۾ اهڙي ته کڻي تنوار ڪئي جو وچ ۾ اقرار يا انڪار جو موقعو ئي ڪٿي ڏنائين؟

کيرٿر نئشنل پارڪ ڏانهن اُسهندڙ هن ”قلم قبيلي“ جو مک سرواڻ هو محترم سائين حميد سنڌي صاحب- هڪ سدا بهار، ڪِيوٽُ ۽ پيارو انسان! چئو مُکي ڏيئي وانگر هي ڏِس کان سدا روشن ۽ علاوه زين محبت ۽ شفقت هر حالت ۾ سندس  Plus Point. شايد ان ڪري ئي هر ايج گروپ جي ماڻهن ۾ هُو اڄ به هڪ جيترو هر دلعزيز...!

ڏٺو وڃي ته هر ماڻهوءَ جو ڪو نه ڪو مذهب هوندو ضرور آهي. مثال طور جيئن مان آرپار شيعو آهيان. حميد صاحب جو مذهب مون کي ته سدائين محسوس ٿيو آهي ته ”محبت“ ڪرڻ آهي... صرف بي غرض ۽ مڪمل محبت!

سفر تي سنبهڻ لاءِ طئه ٿيل هو سائين حميد صاحب جي گهر گڏ ٿيڻ، جتي دوست جيئن جيئن پهچندا ٿي رهيا ته حميد صاحب پنهنجي خوشبودار ڊرائنگ روم ۾ ڀاڪر ۾ ڀري ڀليڪار ڏيئي، جيءَ ۾ جايون ڏيندو ويهاريندو پئي رهيو هر هڪ کي ۽ ساڳئي وقت کيس اڻ تڻ هئي دير سان پهچڻ وارن دوستن لاءِ، کيس هر  هڪ ساٿيءَ لاءِ ڳوڙهي ڳڻ هئي هر گهڙي، حميد صاحب اُن مهل ڀٽائي جي سِٽ: ” هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءَ مرڪ!“ جو عملي روپ پئي نظر آيو هميشه وانگر.

کيرٿر نئشنل پارڪ ڏانهن اُسهڻ کان اڳ مون پجيرو ۽ لينڊ ڪروزر، ڊبل ڪئبن ۽ جيپ جي سيٽن تي سوار چهرن تي نگاهه وڌي، ته سنڌي ادب ۽ صحافت جا جهرڪندڙ وجود مون کي انهن تي براجمان نظر آيا. جناب پروانو ڀٽي، جناب مدد علي سنڌي، تاج جويو، انعام شيخ، انور بلوچ، زيب سنڌي، مظهر لغاري، نياز پنهور، ناز سهتو، اسحاق مڱريو، اعجاز کوکر، عرفان علي انصاري ۽ فوٽو گرافر ذوالفقار پنهور. ٽوئر جو ڪوآرڊينيٽر حسب دستور ناشاد صاحب بنفس نفيس خود ۽ سفر لاءِ گائيڊ هو؛ وائيلڊ لائيف جو ڊپٽي ڪنزرويٽر ۽ منهنجو يونيورسٽي-فيلو ۽ سهڻو انسان، سعيد اختر بلوچ ۽ اها تاريخ هئي. 17- مئي 1999ع ۾.

معزز قارئين!... هن وضاحتي مهاڳ کي ته في الحال هت ختم سمجهو ۽ هاڻي ٿورو ڌيان انهن ٻن اڌورن خطن ڏانهن ڏيو، جيڪي  مون حيدرآباد مان کيرٿر نيشنل پارڪ ڏانهن رواني ٿيڻ سان ئي هوائن جي ورقن تي اشهد آڱر سان رقم ڪيا آهن. پهرئين خط ۾ خاطب منهنجو دوست طارق عالم ابڙو آهي ۽ ٻيو خط منهنجي بيگم صاحبه دُردانه خانم مرزا جي نالي آهي! ملاحظه فرمايو.

786

110

جان عزيز طارق

ٻن پهرن جا ساڍا ٽي ٿي رهيا آهن ۽ حيدرآباد کان کير ٿر جبل ڏانهن اسان جو سفر ايئرڪنڊيشن گاڏين جي ذريعي شروع ٿي چڪو آهي. هن مطالعاتي سياحت جو انتظام صوبائي سيڪريٽري فاريسٽ اينڊ وائليڊ لائيف سنڌ، محترم سائين شمس الحق ميمڻ صاحب پاران ٿيل آهي. ميمڻ صاحب سان مان روبرو مليو ڪڏهن به ناهيان، پر سندس تصوير دلپذير ضرور ڏٺي اٿم نهايت ڪِيوٽُ ۽ فوٽو جينڪ انسان لڳا آهن مون کي!

” کير ٿر نئشنل پارڪ“ جي قيام کان پوءِ، ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ۾، هي بنهه پهريون دفعو آهي جو شمس الحق صاحب جي سهڻي سهڪار سان سنڌ جي لکڪن، دانشورن ۽ قلمڪارن جي لاءِ هڪڙي ٽوئر جو اهتمام ٿيو آهي، جنهن لاءِ پڪ سان ته ميمڻ صاحب بهر حال جس لهڻي!

هن سفر لاءِ گائيڊ؟......انهن مان سهڪاري ته فيلڊ آفيسر مسٽر غلام سرور جمالي هو. ۽ ٻيو؟.......اُهو هو ڊپٽي ڪنزوريٽر مسٽر سعيد اختر بلوچ!......... شربتي شربتي اکيون!......... چهري تي سهڻي سونهاري.......... ساروپا وڻندڙ......... خير، پهرين نگاهه ۾ ته مون سعيد اختر کي بلڪل ئي ڪونه سڃاتو! بعد ۾ سفر دوران گهلي ملي وياسين ته پتو پيو:! اڇا!هيءُ ته اهو ساڳيو نوجوان آهي، جيڪو 80 ۾ منهنجي ڪلاس ميٽ عبادالله راشديءَ وٽ، آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ ساڻس ملڻ لاءِ ايندو رهندو هو. خير مون ته برابر ان کي بعد ۾ سڃاتو، پر هن مون کي ڏسندي ئي چئي ڏنو. ”توهين نصير مرزا آهيو نه؟“  

 چيم: ها“!“

چيائين: “مون کي سڃاڻو ٿا ؟“

۽ مان حيران حيران اکين سان ڏانهس ڏسندو ئي رهيس ۽ ذهن ۾ ماضيءَ جي محفوظ چهرن جا ورق ويس پئي ورائيندو ۽ ياد ئي ڪو نه پئي آيو ته هيءُ ڪير آهي؟

پيارا طارق!... مان به عجيب انسان آهيان. ماڻهن کي ڏسندو آهيان ۽ وقت گذرڻ سان گڏ جيئن جيئن اُهي اکين کان اوجهل ٿيندا ويندا آهن،  هوريان هوريان انهن جا چهرا، ساروپا ۽ نالا مون کان وسرندا ويندا آهن. (۽ ڪيڏو نه رشڪ ايندو آهي، مون کي اُنهن ماڻهن تي، جيڪي ڊگهي وقت ۽ فاصلي گذري وڃڻ جي باوجود به پهرينءَ نگاهه ۾ ئي ماڻهن کي سڃاڻي وٺندا آهن.) هيءُ پنهنجو سعيد به، ممون کي اُن وقت، اهڙن ئي ”قابل  رشڪ“ انسانن مان هڪ لڳو، جڏهن حميد صاحب جي ”ارشد اسٽريٽ“ واري بنگلي جي ڊرائنگ روم ۾ پهچڻ وقت، ٽڙي کڙي ئي هُن  مون کي سڃاڻي ورتو هو! گُڊ!...ويري گُڊ.....! سعيد اختر بلوچ!)

خير..... چوهُڙ لڪ، اُڪرياسين ته هاڻ سامهون ٿاڻو بولا خان هو. وچ شهر مان لنگهندي رستي جي ٻنهي پاسي ”هندو سيٺين“ جا پيلن پٿرن سان جڙيل شاهي اڱڻن وارا گهر ڏٺاسين، ۽ ڪجهه گهر ته اُنهن ۾ پنهنجن يارن جا به هئا: دريام، ڊاڪٽر وِشن... ٺاڪرداس... قمر ڪوهستان....صحافي گاگن داس..... غلام مصطفيٰ ميمڻ.... ۽ دنبوري تي “مورا چوندڙ ”طالب پالاري“ ۽ بينجو تي ڪوهستاني لوڪ گيت ڳائيندڙ ”بچندو خاصخيلي“ به ته هن ئي دريا جا  دلبر انسان آهن.

ڏکڻ ۾ ”منگل گِر“ جو مندر... ۽ ”گرو نانڪ جو آستان“، جتي هڪ دفعي پاڻ گرنٿ صاحب جو پاٺ ٿيندي ڏٺو؛ يا ڪالي ماتا جو من موهيندڙ مندر،  جتي ڪائي بزرگ عورت مندر جي رکوال هئي، جنهن کي پڻ ”ماتا“.... ”ماتا“.... ڪري پئي سڏيو ويو.

ٿاڻي احمد خان مان لانگهائو ٿيندي ته مون کي پنهنجي ٻهڳڻ سنڌ جا ٻه سڀاڳا راڳي-سرڳواسي نارُو ڀڳت ۽ آنجهاني ٽيئون مل-ڏاڍا ياد آيا، ۽  رستي جي ڀرسان، هنن جي گهر وٽان لنگهندي ته اوچتو منهنجون اکيون ڇلڪيو ٿي ڇلڪيون!(الا! ڪهڙا ڪهڙا نه ماڻهو ڪڏهن هن ڌرتيءَ تي هئا ۽ افسوس جو هاڻي نه رهيا، ۽ ستارن جي لاٽ مثل، خلائن ۾ ٽٽي، ڇڻي ۽ وکري ويا، ۽ هيءَ زندگي ڪيڏي نه بي بقا ۽ بي وفا آهي طارق! جو ڇا چئجي اُن لاءِ؟ سواءِ هيئن چوڻ جي: واويلا ڙي واويلا!... يا حسين ڪربلا!)

بس ته اُنهن ٻن ”ڪات قريبن... “ نارو ڀڳت ۽ ٽيئو مل جي ياد ۾ ڳلن تان لڙڪ اُگهيم ئي پئي ته پهاڙي پيچري تي چتو بريڪ لڳي ويا ۽ بس گاڏيون بيهي ويون. اهو، ٽيانگر، نالي وارو ڪو علائقو هو ۽ مطالعاتي دوري تي نڪتل هن ٽيم کي ، آرڪيالاجيڪل سائيٽ، طور ڏيکارڻ لاءِ، غالبن Sport نمبر پهريون!

لينڊ ڪروزر مان لٿس ته چوطرف هوائن جا گهوگهٽ هئا، فضا هر طرف اهڙي ته پراسرا، ڄڻ ته ،رگ ويد، واري ڪنهن زماني ۾ پهچي ويو هجان!

.......... ۽ وچ بيابان ۾، رستي جي ڪناري سان بيهي، هن قافلي کي غلام سرور جمالي پهاڙن ۽ کاهين ڏانهن منهن ڪري ٻڌايو ته دوستو!... هي Sea Side آهي ۽ ڪروڙين سال اڳ سمنڊ بادشاهه، هِتان به وهندو هو ۽ ان ڳالهه جو ثبوت چوطرف ٽڙيل پکڙيل هي Fossils سپون آهن........ ۽ مسٽر جمالي، پٽ تان اُهي کڻي هڪ هڪ دوست کي ڏيکاريندو ۽ آڱر جي اشاري سان ٻڌائيندو به پيئي ويو ته اهڙين Fossils سپن سان هتي پهاڙن جا پهاڙ ڀريا پيا آهن....... ۽ بس غلام سرور جي اهڙي اطلاع تي سنڌ جا ليکڪ، دانشور، صحافي، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار، Fossils سپن جي اهڙي اڻلڀ خزاني کي هٿ ڪرڻ جي لاءِ پهاڙن کي کرڙڻ ۾ جنبي ويا ۽ ڪن ڪن يارن تي انهن فاصل سپن سان وڏا وڏا ٻاچڪا به کڻي ڀريا!( ۽ طارق)! ليکڪن پاران، ٽيانگر، جي ٽڪرين تان انهن ٺڪرن ٺوٻرن جي ان اندا ڌنڌ- ميڙان کي ڏسي، منهنجي اندر جو شرارتي ٻارڙو ته ڪيتري  دير تائين، اندر ئي اندر ۾ محفوظ به ٿيندو رهيو هو!)

خير..... ڪوهستان جو هي بيلٽ، جنهن منجهان اسين لنگهياسين پئي، اُهو پوري جو پورو باراني آهي طارق! معنيٰ ڀرپور وسڪارا ٿيا ته چوطرف سک شتاب........ جبل پهاڙ گل وگلزار، ماڻهو موج ۾، مال عش عش ۽ پکي پسون خوش باش. ۽ جي منهن منهن نه ڪڍيو ته رڳو بس ڏک ۽ عذاب بدقسمتيءَ سان گذريل ڪجهه سالن کان برسات هن پاسي اُٺي ئي ڪانهي، سو بس پهاڙن ۽ ميدانن جي حالت اِها آهي جو ڪٿي به واٽ ۾ ڪو سائو وڻ نظر ئي ڪو نه آيو مون کي ۽ چوطرف هئا رڳا رُکا ڦِڪا ميدانَ ۽ اُڃيا بکيا ماڻهو ۽ پکي پسون.....!

واٽ ۾ ڪٿي ڪٿي دورُ پري ڪي اڪيلا اڪيلا ،نجهرا، ڍنگهرن جي لوڙهن سان نظر آيا به پئي، پر جيئن کوهه پاڻي کان خالي، ائين گهر ماڻهن کان خالي خالي پئي لڳا. پري پري ميدانن ۾ ٿوهر البته ضرور ڦلاريا بيٺا هئا ۽ منجهن ننڍڙن ننڍڙن ڳاڙهن گلن سببان هن بي رنگ ماحول ۾ ڪافي رنگيني پئي نظر آئي........ اَڇا! رستي ۾ ڪنهن سُڪل ڪنڊيءَ جي وڻ ميٺلن هڪ اڪيلي قبر به نظر آئي فئم. ڪنهن جي آهي اها؟... ڪنهن جي وري ڪنهن جي؟ پاڻ پاڻ کي پاڻهي جواب ڏنو هئم: ” هوندي اسان جهڙي ڪنهن اداس مسافر جي، ٻيو ڪنهن جي؟“........ واٽ ۾ ڪنهن ڪنهن هند، ڪا، جهڳي نما، هوٽلڙي به نظر آئي پئي، پر اسين اُنهن وٽ رُڪياسين ئي ڪونه پئي (جو اُتي جي چانهه جي ذائقي جو احوال تو کي ڏيئي سگهان.) سج لَڪن پويان لِڪڻ جي پئي ڪئي، جو، ڪرچات، پهتاسين. اها ئي اسان جي هن سياحت- ياترا، جي آخري منزل به هئي!

پتو پيو ته حيدرآباد کان 130 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي، هن گجگاهه بيابان ۾، هن ڪرچات سينٽر جي ڪشادي عمارت جو افتتاح 25 مئي 1975ع تي، ضلعي دادوءَ جي ڌڱ مڙس ملڪ سڪندر خان ڪيو هو ( ۽ امان ٻڌا.يندي آهي ته 1955ع ڌاري ملڪ سڪندر صاحب، منهنجي والد ناصر علي بيگ مرزا جو گهاٽوگهرو يار هو. ۽ جنهن وقت بابا ڪوٽڙيءَ ۾ پوليس آفيسر هو ته هنن جو پاڻ ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ هو. الله اعلم- بالصواب!)

ڪرچات سينٽر وٽ ڳاڏين مان لٿاسين ته پهاڙن، جي وچ ۾ اُتي جي پراسرا ماحول اوچتو مون کي ڏاڍو Hunt ڪيو، ۽ چوطرف گهلندڙ هوائن جا گهو گهٽ! لڳم: ”ڍيون ۽ راڪاسن جون رڙيون آهن“ ۽ اُن کان پوءِ پنهنجي Portable ڪئسيٽ رڪارڊر تي، کيرٿر جي هوائن جا اُهي آواز، مون ڪرچات سينٽر جي ڪنڊ سان بيهي رڪارڊ پئي ڪيا، جو ميشي لباس ۾ ڪوئي اجنبي شخص اچرچ مان منهنجي ڀرسان اچي بيهي، مون کي تڪڻ لڳو هو.

پڇيومانس: ” ڀائو، توهين ڪير؟“

چيائين: ”گيم واچر.........“

نه سمجهندي پڇيم:”ڇا؟“

چيائين:” هاڪو!........

چيم: ”اِن جو وري ڇا مطلب؟“

چيائين: ”هاڪُو- معنيٰ هڪلڻ وارو.“

”نالوڀلا ڇا اوهان جو؟“ پڇيومانس.

”براد باريچو، “ وراڻيائين.

هاڻي وري هُن مون کان سوال ڪيو...”اوهين ڀلا ڪير مڙس؟“

چيم:” نصير مرزا، پروڊيوسر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد.“

۽ بس، اهو اطلاح مون هن کي ڇا ڏنو، براد باريچي ريڊيو جي فرمائشي پرگرام ۾ نالا نوٽ ڪرائڻ جي خيال سان اورتي پرتي بيٺل پاڻ جهڙا ٻيا گيم، واچر، ۽ سپاهي، به ميڙي وٺي اچي منهنجي چوگرد بيهاريا ۽ اُنهن مان ڪو محمد پنهل رند، ڪو محمد موسيٰ، ڪو نبي بخش ۽ وري ڪو محمد ايوب. پڇيو مانِ: ” عزيز هم وطنو! اوهين جو وائلڊ لائيف ۾ بطور سپاهي يا، هاڪو، ڀرتي ٿيا آهيو ته آخر هڪليو ڇا؟: هم آواز ٿي وراڻيائون........ سين هتي Sindh Ibex يعني سرهه ۽ گڊ نالي وارن جانورن جي تحفظ واسطي رکيا ويا آهيون، ۽ شفٽن ۾ ڏينهن رات کيرٿر نئيشنل پارڪ جي چوڪيداري ڪندا آهيون، جئين ڪو شڪاري يا خونخوار جانور، دنيا جي هنن اڻلڀ جانورن کي نقصان نه پهچائي.“

پڇيم: ”اِنهن جانورن جي ڪا عجب جهڙي يا انوکي ڳالهه ٻڌايو؟“

چيائون ته: ”سرهن ۽ گڊن جي سنگهڻ جا حواس ڏاڍا ڇتا ٿيندا آهن. هوا جي رخ سان جي ڪو ماڻهو هنن ڏانهن وڌندو آهي ته اُن جي ،بوءِ باس، تي ڊڄي ڇپن پويان ڇُپي ويندا آهن ۽ پنهنجن ٿاڪن ۾ لڪي وڃي ويهي رهندا آهن!“ ( ۽ ڏينهن جا ڏينهن، ڊپ ۾ اُتان نڪرندا ئي ڪونه آهن.)

”پکي ڀلا هتي ڪهڙا آهن؟“

”پکين جا ته هتي کيرٿر ۾ پنجاهه کان وڌيڪ قسم آهن.“ براد باريچو ٻڌايئم ٿو: ” چڪور، پاريهر، ڪٻر،بُربل، ٻٽير، تتر ۽ تلور ته جام آهي هتي!“ته پوءِ معنيٰ...... انهن پوين ٻن پکين جو شڪار به جام ٿيندو هوندو؟“ چيم.

مڙني گيم واچرن منهنجي ان سوال جو جواب چپن سان ڪونه ڏنو، اکين سان ڏنو. چيائون:” اها ڳالهه ئي نه پڇو، صاحب! انهن ويچارن پکين سان ته وڏا ڪلور ٿي چڪا آهن ماضيءَ ۾! اهو ته موجوده سيڪريٽري صاحب جو ڀلو ٿئي جو اهڙن پکين جي شڪار تي ڪڙي نظر رکي اٿس، تڏهن وڃي ڪا انهن جي مارا- ماريءَ ۾ ٺاپر آئي آهي هاڻي!“

” جيت جڻيو ڀلا هتي کيرٿر ۾ ڪهڙو ڪهڙو ٿئي؟“

منهنجي ان سوال جو جواب محمد ايوب ڏنو. چيائين: جبل ۾ ڏينڀو جام ٿئي، وڇون، ڀٽون، ٽنڊڻ ، ماکيءَ جي مک، سيڙهه..... “

”ڀلا جانور؟“

” اهو جواب مون کي محمد موسيٰ ڏنو. چيائين: “ جانورن ۾ ڳورپٽ، گدڙ، بگهڙ، گلوئي، لومڙ، چراخ، ڳوهه......... اِهي جانور هنن پهاڙن ۽ پٿرن ۾ اسان وانگر زندگي گذاريندي خوش هوندا آهن.“

”ڀلا خونخوار جانورن مان ڪو جانور سُجهيوَٿو؟“

”چون ٿا ته اَٺ کن سال اڳ کيرٿر ۾ چيتو موجود هو.”ايوب برفت ٻڌائيم ٿو.........“ اُهو به پوءِ شايد متان ڪنهن رهزن شڪاريءَ جي برسٽ جو بَک ٿي ويو.......“ ( ” يا متان گڊن ۽ سرهن سڱن تي کڻي کيس ڪوهستان مان تڙي بلوچستان جي پهاڙن تان هيٺ اُڇلي کڻي ڦِٽي ڪيو..........،“اهو مان ٿو دل ۾ چوان!)

”کيرٿر ۾ بلائون ڀلا ڪهڙيون ڪهڙيون ڏسي چڪا آهيو؟“

ان جو جواب مليشاهي لباس ۾ ملبوس، کيرٿر پهاڙن جي نگهبان سپاهي ربڏني ڏنو. چيائين ”لُنڊي ته عام جام آهي هِتي باقي وڏن ناگن مان کيرٿر ۾ مون صرف هڪڙو دفعو،ڪارونانگ، ڏٺو هو .......پنهنجي موج ۾ ويو پئي ۽ بس مون تي نظر پوندي ئي ،شُو.......ڪري ڀرواري غار ۾ گهڙي ويو ۽ اک ڇنڀ ۾ گم!“

”ڀلا ڪو ميوو ڀاڄي به ٿئي هنن پهاڙن ۾؟“ مان هنن کان پڇان ٿو.

”مينهن وسن ته.......“، براد باريچو ٻڌائي ٿو....... “جبل جو وڏو ميوو آهي ،کنڀي!، اُن کان پوءِ منگها، ڳم، ڳنڊير، لنب، لاڻو....... بس، اِهي ئي آهن کيرٿر جون ڀاڃيون ۽ ميوو!“

”اڇا........ گاهه ٻوٽا......؟“

”ٻوٽا ته هن تر ۾ ڪَهُو ۽ پِيش جا گهڻا ٿيندا آهن، جن منجهان ڪوهستان جون مايون تڏا ۽ تونريون جوڙين، يا رسا وٽين، جي شهر ۾ وڃو انهن جا مرد وڪڻيو، سودو پڪو وٺيو اچن. گُگر،هُرمرو، پُوئِي گاهه، ڊڀ....... (۽طارق!......سئو سال اڳ ڏاڏا قليچ بيگ صاحب، ڪوهستان جي هن رينج ۾ ڪڏهن روهيڙي جا خوبصورت گلن وارا وڻ به ڏٺا هئا، پر مان ڇا ڪاڻ ته ڏُڪر جي ڏينهن ۾ هن بيلٽ کي پيو ڏسان، انڪري مون کي پهاڙن جي ڀرپاسي ۾ بيٺل سُڪل وڻن مان ڪنهن به وڻ جي شناخت ٿئي ئي ڪانه ٿي!)

”نَيون......ڀلا هتي ڪهڙيون ڪهڙيون آهن ڪوهستان ۾.....؟“ اِهم گيم واچرن ۽ سپاهين کان، اُن دريا ۾، ان وقت منهنجو آخري سوال هو.

”ڪنهن سمئه ۾.......“ براد باريچو ٻڌائيم ٿو ته...... ”نئين مزاراڻي ڏاڙهياري جبل جي ڀرپاسي ۾ هوندي هئي. ٿاڻي بولاخان کان ،دائو، ڊيم جو ڪم اڌ ۾ آهي. هن وقت پوري ڪوهستان ۾ وڏي ۾ وڏي .نئن، بس هڪڙي آهي، جا ڦريو گهريو وڃي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ۽ اُن جو نالو آهي- نئن بارڻ!“

.......ته منهنجا پيارا طارق! اهو هو ڪرچات سينٽر جي ڪنڊ وٽ، بيٺي پير، قربائتن گيم واچرس کان، کيرٿر، بابت ورتل حال احوال،جيڪو تو کي مون گوش گذار ڪيو. هونئن سچي ڳالهه ته هنن ماڻهن بابت اهائي آهي ته هنن وٽ نه بجلي آهي، نه پاڻي،نه ويم گهر ۽ نه ڪنهن ڊسپينسري جي ڪا سهوليت.نه ڏندڻ ڏيڻ لاءِ ٽوٿ پيسٽ ۽ نه بدن ۽ ڪپڙن دوئڻ لاءِ صابڻ، بس ائين سمجهه ته هنن ويچارن وٽ ڪجهه به ڪونهي، پوءِ به بظاهر دل جا هي امير پر غريب انسان،نه پوليٽيڪل لڳا مون کي ۽ نه ائنٽي- اِسٽيٽ( آهي نه اها حيرت جهڙي ڳالهه!)

خير......اِن تي مان هيءُ خط، هاڻي بند ٿو ڪريان. سڀاڻي هنن بي رنگ پهاڙن ۽ پهاڙن ۾ بي رنگ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي هن ملڪ جي سياحت، منهنجي لاءِ ڇا واقعي دلفريب سياحت جو سبب بنجندي يا اذيت جو.....؟ اهو في الحال ڪيئن چئجي؟ چگو- والسلام

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com