مختيار احمد ملاح

ترقي پسند تحريڪ جو سنڌي ادب تي اثر
نوان اصطلاح ۽ نوان لفظ پڻ متعارف ڪرايا. هن مرشد
جي لاءِ ”جوڳيءَ“ جو لفظ استعمال ڪيو، جيڪو سندس
ترقي پسند سوچ ۽ وسيع نظريي جي شاهدي ڏئي ٿو.
حالانڪه ان وقت جا ٻيا عالم جوڳيءَ کي عارف سمجهڻ
بدران ملحد ۽ گمراهه سمجهندا هئا.
شاهه لطيف جي شاعري پنھنجي دؤر جي جاگيرداري لاڙن
جي مخالف هئي،
هن دؤر جي شاعرن پراڻين ريتن رسمن سان ٽڪر کاڌو.
ان تحريڪ جو اڳواڻ شاهه لطيف آهي. هن معاشرتي
اوڻاين کان وٺي معاشي بدحالي جي عڪاسي ڪئي آهي. هو
سڄي دنيا لاءِ امن جو دعاگو آهي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي
خلاف آهي. هو ان سموري عمل لاءِ ايڪي ۽ ٻڌيءَ جو
درس ڏئي ٿو. هڪ هنڌ پکين جو مثال ڏيئي سمجهايو
اٿائين ته:
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئـــــــڙن ماڻھـــــــا ميٺ گهڻو.
سچل سرمست جي شاعري جي وڏي خوبي اها آهي ته ان ۾
جديد فڪر آهي. هن بين الاقواميت جي ڳالھه ڪئي آهي،
امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالھه ڪئي آهي. مذهبي انتھا
پسندي، جا اڄ جي دنيا جو به وڏو مسئلو آهي، ان
سلسلي ۾ چيو اٿائين ته:
مذهبن ملـــــــڪ ۾ ماڻھـــــــو منجهايـــــــا،
شيخي، پيري، بزرگـــــــي بيحد ڀلايا،
ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيـــــــا، عقل وارا عشق کي.
برطانوي دؤر ۾ بنگالي تحريڪن جو اثر:
سنڌ ۾ ترقي پسند سوچ ۽ رويو، خاص طور تي
انگريزن جي دؤر ۾ ڪميونسٽ فڪر سان شروع ٿيو.
هن دؤر ۾ سنڌ سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي
رهڻي ڪھڻي
۾ تبديلي آئي. ادب ۾ بنگالي جاڳرتا جي ڏَس
۾ سڄي ھندستان ۾ سماج سڌارڪ ديش ڀڳتي مالڪ جون
تحريڪون برپا ٿيون.
ان سلسلي ۾ ڪريم بخش خالد لکيو آهي ته: ”1905ع ۾
بنگال جي ورهاڱي جي تحريڪ زور پڪڙيو، جنھن ڪري
هندن ۾ هڪ نئين جاڳرتا پيدا ٿي، هو ورهاڱي جي خلاف
هئا. پنھنجي قومي اتحاد ۽ ناموس خاطر، هنن هندو
سماج مان براين ۽ اوڻاين جي خاتمي آڻڻ جي تحريڪ
هلائي. هن دؤر ۾ ڪيترائي بنگالي ناول، ناٽڪ، ۽
ڪھاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ٿيا. ميلارام منگتراءِ
واسواڻي ’سماجڪ بلوو‘، ناول لکيو هو، جيڪو بنگالي
ليکڪ شري چندر چئٽرجي جي ڪتاب جو ترجمو هو“.(2)
ترقي پسند تحريڪ جو بنياد:
هي اهو دؤر هو، جنھن ۾ پوري هندستان ترقي پسند
لاڙي جو رجحان تيز ٿي چڪو هو.
1936ع
۾ لنڊن ۾ ترقي پسند تحريڪ جو بنياد پيو.
انھيءَ زماني ۾ ئي هندستان جي ترقي پسند اديب سجاد
ظھير يورپ ۾ رهائش دؤران رالف فاڪس ۽ لوئي آراگون، جهڙن اديبن
سان ملاقات ڪئي، ساڻن ترقي پسند تحريڪ هلائڻ ۽
هندستان ۾ ان کي وڌائڻ بابت مشورا ڪيا. فرانس جي
اعليٰ اديب، آراگون ترقي پسند اديبن جي جماعت ٺاهڻ
لاءِ صلاح ڏني، جنھن ۾ ٻه ڳالھيون ذڪرجوڳيون هيون:
(1) هن تحريڪ ۾ مختلف خيال رکندڙ ترقي پسند اديبن
کي شامل ڪرڻ گهرجي،
جن ۾ ڪميونسٽ خيال وارن اديبن ۽ ٻين محب وطن ۽
پراڻن اديبن جو به سھڪار حاصل هجي.
(2) اديبن ۽ ليکڪن جي جماعت منظم ڪرڻ آسان ڪم
ناهي، ان ڪري صبر، سھپ ۽ وسيع نظر سان ڪم وٺڻ سان ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي“.(3)
اهڙيءَ طرح لنڊن ۾ هندستاني ترقي پسند اديبن
پنھنجي تحريڪ جو پھريون مينيفيسٽو/ منشور تيار
ڪيو، جنھن تي ڊاڪٽر ملڪ راج آنند،
سجاد ظهير، ڊاڪٽر جيوتي گهوش، ڊاڪٽر ڪي.ايس.ڀٽ،
ڊاڪٽر ايس. سنها ۽ ڊاڪٽر محمد دين تاثير جون
صحيحون هيون.
ياد رهي ته انھيءَ دؤر ۾ سنڌ جو ترقي پسند اديب
حشو ڪيولراماڻي، ”اديبن جي مجلس“ جو لنڊن ۾ صدر هو
۽ چيو وڃي ٿو ته ان جا ترقي پسند تحريڪ جي سلسلي ۾
مٿي ڄاڻايل اديبن سان رابطا هئا“.(4)
سنڌ مان ٻن ڄڻن: محمد امين کوسو ۽ قادر بخش
نظاماڻي ان ۾ شرڪت ڪئي هئي.
ترقي پسند تحريڪ جو سنڌي ادب تي اثر:
سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو اثر اردو جي معرفت
شامل ٿيو هو، تنھن ڪري ان جا ڪي به اصول متعين ٿي
نه سگهيا. جيتوڻيڪ، هي تحريڪ ان وقت شروع ٿي هئي،
جڏهن ملڪ اندر سياسي شعور چوٽ تي چڙهيل هو ۽ ملڪ
کان ٻاهر ترقي پسند تحريڪن جو اثر سنڌ تائين پھچڻ
لڳو. سنڌ ۾ سياسي، سماجي، معاشي ۽ مذهبي تحريڪن
سنڌي ناول تي اثر وڌو. جيئن ڪارل مارڪس
(1883-1811ع) جي اقتصادي نظرئي جي ڪري روس ۾
ڪميونسٽ انقلاب (1917-1922ع) آيو ۽ ان ۾ اديبن پڻ
وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان
ڌار ٿي. هن ڏس ۾ پير حسام الدين راشدي لکي ٿو:
”سنڌي ادب جو ٻيو دؤر 1936ع کان شروع ٿئي ٿو. هن
دؤر ۾ سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي، سنڌ جي ليڊرشپ
زميندار شاهيءَ جي قبضي ۾ اچي ويئي. پئسو وٽن
(زميندارن) جام هو، تنھن ڪري انھن پنھنجي مرضيءَ ۽
مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ وزارتن ۽ اسيمبلين کي
استعمال ڪري هڪ دفعو وري پاڻ کي جيئدان ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي“.(5)
جڏهن ته ترقي پسند ادب جي اثر بابت ڊاڪٽر ڄيٺو
لالواڻي لکي ٿو ته، ”1942ع ۾ آزاديءَ جي تحريڪ سان
گڏوگڏ انگريزن خلاف جتي ڪٿي آندولن شروع ٿي چڪو
هو. ”ڪئٽ انڊيا“ جو نعرو سڄي ڀارت جي فضا ۾ گونجي
رهيو هو. سنڌ به ان کان متاثر ٿي ۽ روس جي ڪميونسٽ
انقلاب به سنڌ تي اثر ڄمايو. ڇاڪاڻ ته زمينداري
ظلم، هارين مٿان ٿيندا پئي رهيا. سماجوادي پارٽي ۽
هارين جي ڇڪتاڻ طبقاتي ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو. سياسي ۽
پنگتي مسئلا وڌيل هئا. سياسي گهٽنائن ۽ واقعن جو
اثر سنڌي ادب تي پيو. ڪھاڻي، عوام جي پسنديدگيءَ
جو وشيه بڻجي چڪي هئي. آزاديءَ کان ڪجهه سال اڳ
ترقي پسند ڌارا به شروع ٿي چڪي هئي“.(6)
ترقي پسند تحريڪ جو آغاز سنڌ جي تعليمي ادارن مان
ٿيو. ان سلسلي ۾ شيخ راز لکيو آهي ته: ”ترقي پسند
اديبن اردو ادب ۾ هڪ وڏو مقام پيدا ڪيو ۽ اردو
شاعريءَ جي هيئت، اسلوب ۽ فڪر ۾ ڪيترائي جاذب ۽
خوشگوار تجربا ڪيا، جن گهڻو ڪري ملڪ جي نئين نسل
کي انتھائي متاثر ڪيو. سال 1943ع ۾، سنڌ جي پڙهيل
ڳڙهيل نوجوان طبقي ان جو اثر قبول ڪيو. مان ان
زماني ۾ ڪراچيءَ ۾، ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ۽ اسان جي
مختصر ادبي حلقي ۾ جديد ادب جو خاص مقام هو. اردو
ادب جي جديد تخليقن ۽ تحريرن اسان تي ڪافي اثر
ڇڏيو. نارائڻ شيام، ڏيارام منشاراماڻي، شيخ راز ۽
شيخ اياز جي جديد ادب سان گهڻي دلچسپي هئي ۽ اسان
جي پوري سنگت جديد رجحانن جو به خوبي مطالعو ڪيو
هو. اسان جديد ادب جو ڪافي ذخيرو ڪٺو ڪيو ۽ اسان
جو گهڻو وقت ان نئين ادب جي بحث مباحثي ۾ گذرندو
هو. ساڳئي سال، اهل ذوق نوجوانن جي مدد سان ڪاليج
۾ ”سنڌي ادبي سرڪل“ جو بنياد رکيو ويو. ان کان اڳ
ڪاليج ۾ ڪا سنڌي ادبي جماعت ڪانه هئي، حالانڪ اردو
۽ گجراتي جماعتون ادبي سرگرمين ۾ پيش پيش هيون“.(7)
ڪاليج کان ٻاهر 1945ع ۾ گوبند مالهي ۽ سوڀي
گيانچنداڻي جي سرڪردگيءَ هيٺ ”انجمن ترقي پسند
مصنفين“ جو بنياد پيو. انجمن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ
ڊي.جي
سنڌ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن کي انجمن ۾ شامل ڪيو
ويو، جيڪي انجمن جي گڏجاڻين ۾ ڪثرت سان حصو وٺندا
هئا. شيخ عبدالرزاق ’راز‘، هن انجمن جي قيام جي
حوالي سان لکيو آهي ته: ”سال 1945ع ۾، گوبند مالهي
۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي سرڪردگيءَ هيٺ، ”ترقي پسند
مصنفين جي انجمن“ جو بنياد رکيو ويو. گوبند
مالهيءَ ان انجمن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ شاگردن جو
سهارو ورتو. کيس اسان جي سنگت کان سواءِ ٻيو ڪو به
نظر ڪونه آيو. ان انجمن ۾ ڪاليجي شاگردن ۽ استادن
جي اڪثريت رهي. جيتوڻيڪ گوبند مالهي، سوڀو
گيانچنداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي وغيره جو مارڪسزم طرف
لاڙو هو، تنھن هوندي به هنن ٻن سالن جي عرصي ۾
ڪڏهن به پنھنجن نظرين کي اسان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪا
نه ڪئي. شيخ اياز، نارائڻ شيام جو ڪانگريس ڏانھن
لاڙو هو، ۽ مان شيخ عبدالرزاق ”راز“ مسلم ليگي
نظرئي جو حامي هئس. اهڙيءَ طرح، متضاد فڪر رکندڙ
نوجوانن، هٿ هٿ ۾ ڏيئي، جديد ادبي تحريڪ کي ڪامياب
بنائڻ جي ڪوشش ڪئي“.(8)
ترقي پسند ادب جا دؤر:
ڊاڪٽر بدر ڌامراهو مطابق ”سنڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ
کي اوسر ۽ ارتقا جي لحاظ کان ٽن دؤرن ۾ ورهائي
سگهجي ٿو. ابتدائي دؤر 1941ع کان ورهاڱي تائين
پکڙيل آهي. هن دؤر ۾ ترقي پسند تحريڪ جي شروعات
ٿي. سڀ کان پھرين 1941ع ۾ ”پريم سڀا“ نالي جماعت
قائم ٿي. هن جماعت جو باني ۽ روح روان برڪت علي
”آزاد“ هو. ان کانپوءِ ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي استادن
۽ شاگردن گڏجي 1943ع ۾ ”سنڌي ادبي سرڪل“ نالي ادبي
جماعت قائم ڪئي. ترقي پسند تحريڪ جو ٻيو دؤر
ورهاڱي کانپوءِ 1952ع تائين مقرر ڪري سگهجي ٿو. هي
دؤر سنڌي ادب لاءِ ماٺائيءَ جو دؤر هو. ڇاڪاڻ، ته
هن دؤر کان ٿورو اڳ ۾ ورهاڱو ٿيو هو. البت سنڌي
زبان، ادب ۽ سنڌي عروضي شاعريءَ لاءِ جمعيت
الشعراء سنڌ ۽ عروضي شاعر سرگرم هئا. جديد سنڌي
ادب جي سلسلي ۾ عبدالرزاق ”راز“، شيخ ”اياز“ ۽
اياز قادري ڪوشش ڪندا رهيا. ترقي پسند تحريڪ جو
ٽيون دؤر 1952ع کان شروع ٿئي ٿو. هن دؤر ۾ هندو
سنڌي اديبن جي لڏپلاڻ سبب پيدا ٿيل خال کي ڀرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي، ۽ ادب تي طاري ٿيل جمود کي ٽوڙڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي، ان سان گڏ ترقي پسند تحريڪ جي ٽٽل
سلسلي کي ٻيهر جوڙڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون“.(9)
شاعريءَ ۾ ترقي پسند لاڙا:
هن انجمن جي تحريڪ جو اثر گهڻو ڪري شاعري ۽
ڪھاڻيءَ تي پيو. ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي ڪوشش
سان سنڌي ادب تي اثر پيو، ۽ هيٺين رجحانن جنم
ورتو.
1-
شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ شعريت کي فراريت تي ترجيح
ڏني وئي.
2-
سياسي
۽ انقلابي حرڪات کي پيش ڪيو ويو.
3-
شاعريءَ ۾ ابھام کان وڌيڪ اشاريت
تي زور ڏنو ويو“.(10)
سنڌي جديد شاعريءَ ۾ ترقي پسند لاڙا تمام حاوي
رهيا آهن.
پروفيسر لطف الله بدوي لکي ٿو ته ”هن دؤر جي شاعري
۾ هي نئون رنگ ايترو ته سمائجي ويو هو، جو معلوم
ٿو ٿئي ته اڳتي هلي سنڌي شاعري پنھنجو پراڻو لباس
ڇڏي نئون لباس اوڙهي رهي آهي“.(11)
سنڌ جي پھرين ترقي پسند ادبي ميگزين شيخ اياز
طرفان ”اڳتي قدم“ (1947ع) آهي، جنھن ۾ ترقي پسند
تحريڪ جي مڪمل حمايت ۽ نظريي مطابق ادب سرجيو ويو،
جنھن ۾ خاص طور تي شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو پھريون
آزاد نظم ”غريبي ۽ اميري“ ۾ امير ۽ غريب جي زندگي
گذارڻ جي انداز تان پردو کڻي طبقاتي ڪشمڪش ڏي
اشارو ڪيو ويو.
زر و زيور جي چمڪ،
ترورا منھنجي اکين ۾ ٿا اچن،
آهه هيرن جي ڪڻين جو هي هار،
ڪيئن نه چھٽي پيو آ گردن سان.
”اڳتي قدم“ ۾ شيخ اياز جو ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
انقلاب“ نظم ته ترقي پسند تحريڪ جو سنگ ميل ثابت
ٿيو:
انقلاب انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ،
جيـــــــئـــــــن زميـــــــن آسمـــــــان،
جي کلـــــــي پئي زبـــــــان،
شھـــــــر شھـــــــر ڳـــــــوٺ ڳـــــــوٺ،
ڪنڊ ڪنڊ چونڪ چونڪ،
سجيئن ڏئي اٿي جواب انقلاب!
انقلاب انقلاب ڳـــــــاءِ انقلاب ڳاءِ.
ڪشنچند ”بيوس“ پنھنجي دؤر جي عالمي تبديلين کان
به باخبر هو. خاص طور تي روس ۾ 1917ع ۾ آيل
پورهيتن جي انقلاب کان پوءِ بيوس جي دل ۾ هڪ نئين
اميد پيدا ٿي. بيوس ترقي پسند تحريڪ کان متاثر ٿي
هارين ۽ مزدورن جي همدردي ڪئي ۽ سامراجين،
سرمائيدارن ۽ وياج خورن جي ڪردار جي نندا ڪري ٿو.
بيوس مفت خور سرمائيدارن کي، جيڪي غريبن جي محنت
تي پلجن ٿا، ”نرمکي“ سان تشبيھه ڏئي ٿو.روسي
انقلاب کي نجات ۽ ڇوٽڪارو (اترانکنڊ) ڪوٺي ٿو.
جي رسي مزدور بيوس ڪنھن وڏيري راڄ تي،
هوند پھرين پور، ”اترانکنڊ“ ٿي توکي ڇڏي.
روپلي ڪولھي ۽ اهڙن ٻين جي مزاحمتي ڪردارن،
انگريزن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. روپلي کي سنڌ جي
شاعرن خاص ڪري ڍاٽڪي عوامي شاعريءَ ۾ عظيم مزاحمتي
سورمو ڪري پيش ڪيو ويو، جيئن هڪ شاعر چئي ٿو:
روپي نياپو ڏجج!
ڳاڙهو سورج اڀرندو،
کريو نه ڪولهڻ ٻج.
شيخ اياز جي شاعري ۾ اسان کي مزاحمت جو ڀرپور رنگ
ملي ٿو. اياز جو اوائلي شعر بعنوان ’اڳتي قدم‘ سنڌ
جي باغي عوام جي همت، ارادي ۽ يقين جي تصوير معلوم
ٿئي ٿي:
هو قيد اسان کي ڀڃڻو آه،
هن پار يقيناً وڃڻو آه.
شمشير بحيثيت ترقي پسند شاعر موجوده فرسوده نظام ۾
تبديلي چاهي ٿو. هو پراڻين روايتن جي جاءِ تي
جديديت جي ترغيب ڏئي ٿو. هو قديم فرسوده رسمن ۽
جاگيرداري قدرن ۾ پيڙيل انسان کي پڪاري چوي ٿو ته:
اچ اچ گڏجي ڌوم مچايون،
پنھنجـــــــو پـــــــاڻ ملهايـــــــون.
عمريون گذريـــــــو روئيندي رڙندي،
گيت خوشـــــــيءَ جـــــــا ڳايـــــــون.
هر هنڌ زر جـــــــو زور ٽٽي پيو،
انسان ڪشمڪش مان نڪري پيو.
اڇ همٿ ســـــــان پـــــــاڻ به ساٿي،
پنھنـــــــجـــــــو ڀـــــــاڳ ورايـــــــون.
علي راز شر لکي ٿو ته ”اسان جي شاعريءَ ۾ ذهني
جنونين، اشراڪين ۽ قومپرستن جي وچ ۾ اهو وڏو
اختلاف هو. هڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ٽنهي ڌرين مان
ادبي ميدان ۾ ڪو به وچٿرو رستو وٺي نه پئي هليو ۽
هر هڪ وٽ جيڪا واٽ هئي، اها انتھا پسنديءَ واري
هئي. تڏهن به سنڌي ادب ۾ اشتراڪي تحريڪ جو پرچار
وڌيڪ انساني بنيادن تي رهيو“.(12)
هن ڏٻري لاش کي پوريو ڇو ٿا؟
ڪفن دفن لاءِ تڙپو ڇو ٿا ؟
ڊوڙو ڇو ٿا؟
هن ڏٻري لاش کي پوريو ڇو ٿا؟
ڌرتي تنگ
لٺو، ڪورو ڏاڍا مهانگا
ٻيڻي تن کان آهي قبر جي کوٽائي (تاج بلوچ)
ڪھاڻيءَ ۾ ترقي پسند لاڙا:
درحقيقت سنڌي ترقي پسند ڪھاڻي جي شروعات
ان کان به اڳ ٿي چڪي هئي. ان سلسلي ۾ ممتاز مھر
پنھنجي مضمون ”ترقي پسند ڪھاڻي“ ۾ لکي ٿو ته،
”ترقي پسند سنڌي ڪھاڻي جي تاريخ ان کان به گهڻو
پراڻي آهي، جڏهن لالچند امر ڏنومل ۽ ڄيٺمل پرسرام
1922/1920ع ڌاري سماجي مسئلن تي ڪھاڻيون لکي سماجي
براين کي نروار ڪيو هو. خاص طرح ڄيٺمل پرسرام ٻين
سماجي مسئلن سان گڏ سنڌ جي وڏيرن ۽ سيٺين جي ظلمن
کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ ظاهر ڪيو. هي اهو دؤر هو جڏهن
سنڌي ٻوليءَ ۾ يورپي ۽ روسي ڪھاڻين، ناولن ۽ ڊرامن
جا ترجما ٿيڻ لڳا هئا. سماجي مسئلن کي ظاهر ڪندڙ ۽
صحيح انسان دوستيءَ جي آڌار رکندڙ اهڙي ادب کان
سنڌي ليکڪن جو متاثر ٿيڻ قدرتي ڳالھه هئي، ڇو ته
اهي پڻ معاشي ۽ سياسي هلچل ۽ ملڪ جي آزادي لاءِ
جدوجھد واري دؤر مان گذري رهيا هئا“.(13)
امر لعل هنڱوراڻيءَ جي ڪھاڻي ”ادو
عبدالرحمان“ سيڪيولر موضوع جي ڪري ترقي پسند لاڙن
جي ترجماني ڪري ٿي. گوبند پنجابي جي لکيل ”سرد
آهون“ (1942ع) ۾ سرمائيدار سماج ۾ تبديلي آڻڻ جي
انقلابي ڪھاڻي هئي. ترقي پسندن لاڙن جون ڪھاڻيون
1944ع ”ريگستاني ڦول“ ۾ شايع ٿيون. جنھن ۾ سماج ۽
زندگيءَ جي جدا جدا ھهلوئن جا چٽ چٽيل هئا. 1945ع
۾ ”پرهه ڦٽي“ ۾ شايع ٿيل ڪھاڻين ۾ گوبند مالھيءَ
جي ”هاري حقدار“، گوبند پنجابي ”نيلوءَ“، رام
پنجواڻيءَ
”انساني مرغي“ وغيره غريب طبقي جو درد ۽ خراب
حالتن جو منظر پسائيندڙ ڪھاڻيون هيون. شيخ
عبدالرزاق
”راز“ مطابق ”مختصر“ افسانو ترقي پسند ادب جي هڪ
ڪڙي آهي، جا هڪ منظم تحريڪ جي صورت ۾ پيدا ٿي.
انھيءَ تحريڪ جا باني گوبند مالهي، سوڀو
گيانچنداڻي، شيخ اياز، رام پنجواڻي وغيره هئا.
انھيءَ تحريڪ جي زير اثر ”ريگستاني ڦول“، ”سفيد
وحشي“، ”لهرون“، ”پرهه ڦٽي“، ”اڳتي قدم“ وغيره
جهڙا افسانوي مجموعا منظر عام تي آيا، جن جا
افسانه سنڌي ادب ۾ سنگ ميل حيثيت رکن ٿا“.(14)
ترقي پسند ڪھاڻيءَ جا مرڪزي ڪردار :
سنڌي ڪھاڻي ۾ گهڻو ڪري ترقي پسند ادب جو مرڪز
”پورهيت عوام“ يعني مزدور ۽ هاري کي پيش ڪيو ويو
آهي ۽ ان دؤر ۾ ڪھاڻيڪارن جو هنن سان جذباتي رشتو
هو. انھيءَ طبقي سان همدردي ڏيکارڻ يا هنن لاءِ
مزاحمت جو جذبو پيدا ڪرڻ ترقي پسند ادب آهي. مزدور
جي ڏکوئيندڙ زندگي، سندس يتيم ٻار جي حالت يا سندس
نوجوان بيوه جي مجبوري ڏيکاري وڏيري ۽ سرمائيدار
جي اصل روپ کي نروار ڪيو ويو آهي. ترقي پسند قوتن
جي ساٿ ۽ اثر هيٺ مزدور ۽ هاريءَ جي ٻوليءَ ۾ ئي
ادب پيش ڪيو ويو آهي ۽ اهڙين ڳالھين کي پيش ڪيو
ويو، جنھن ذريعي انھن قوتن کي هن دنيا بدلائڻ ۾
مدد ملي. ان کان علاوه فرد واحد سان محبت بدران
انسان ذات سان محبت سيکاري وئي آهي، ته جيئن
انسانن ۾ يعني پورهيت عوام ۾ برابري ۽ امن و آشتي
جا خواهشمند ٿين. هڪ اهڙي نظام آڻڻ ۾ مدد ڏين جنھن
۾ ڪو غاصب حڪمران يا شھنشاهه نه هجي.
انسان جي انسان سان محبت جو رشتو هجي. هڪ اهڙي
دنيا جنھن ۾ سچو ڀائيچارو ۽ برابري هجي، جنھن ۾ ڪو
استحصال ڪندڙ يا ٿيندڙ نه هجي. محبت ۽ آزادي هجي،
ڇاڪاڻ ته محبت ۽ آزادي، انسان ذات ۾ صحيح ڀائيچارو
پيدا ڪندي ۽ ڪوبه انسان ان وقت تائين آزاد نه آهي،
جيستائين هو ٻئي کي آزادي نٿو ڏئي. اها قوم ان وقت
تائين آزاد نه آهي جيستائين اها ٻي قوم جي آزاديءَ
جي حمايت نه ٿي ڪري.
سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف آواز :
ترقي پسند لاڙو سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سماجي حقيقت
نگاريءَ جي ترجماني آهي. آزاديءَ کان پوءِ سڀ کان
اول حيدربخش جتوئي هاري حقدار پريس مان سنڌي
ڪھاڻيون ۽ ڊراما شايع ڪيا، جيڪي سندس ئي انداز فڪر
جون ترجمان هيون. شيخ اياز جي ڪھاڻين جو مجموعو
”پنھل کان پوءِ“ 1954ع ۾ ٻيھر شايع ٿيو، جنھن ۾
مختلف طبقن جي تضادن تان پردو کنيو ويو آهي. ڊاڪٽر
غلام علي الانا لکي ٿو ته ”هن دؤر جي لکيل افسانن
۾ ڪڏهن زميندار جي ظلم ته ڪڏهن سرمائيداري ۽
جاگيرداري نظام جي خلاف ڪات ڪھاڙا کنيا ويا آهن،
ته ڪڏهن وري غريبن جي آهن ۽ دانھن جو نقشو چٽيو
ويو آهي“.(15)
شوڪت شورو لکي ٿو ته ”نوجوان ڪھاڻيڪار جيڪي ورهاڱي
کان پوءِ اڀريا، سي ترقي پسند تحريڪ جي روايتن کي
کڻي اڳتي وڌيا. ان وقت جي ڪھاڻيڪارن ۾ ڏاڍي ۽
هيڻي، وڏيري ۽ هاريءَ، امير ۽ غريب جا فرق ۽ ويڇا،
معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافيون ۽ ظلم عام موضوع هئا.
ڪھاڻيون پنھنجي خيال ۽ روح جي لحاظ کان ترقي پسند
هيون جن ۾ ماحول ۽ ڪردار کي وڌيڪ اهميت ڏنل هئي.
جمال ابڙو، غلام رباني، حفيظ شيخ، اياز قادري،
بشير مورياڻي، ابن حيات پنھور، سراج، رشيد ڀٽي ان
دؤر جا نامور ترقي پسند ڪھاڻيڪار هئا“.(16)
سوشلزم جو لاڙو:
سوشلزم يا سماجواديءَ جو سائنسي تصور ان وقت
اڀريو، جڏهن صنعت جو آغاز ٿيو. صنعت سرمائيداريءَ
کي جنم ڏنو. صنعتي نظام جو نقصان اهو ٿيو، جو
سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي انقلاب پورهيتن کان هر قسم جا
اوزار کسي ورتا. محنت اجتماعي ٿي وئي. سنڌ ۾،
انگريزن جي دؤر کان صنعتي انقلاب آيو، پر گڏوگڏ
جاگيرداري به مضبوط ٿي. سنڌي ادب ۾ سوشلزم جو آواز
ترقي پسند تحريڪ هيٺ آيو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
لکي ٿو ته ”سماجي حقيقت نگاريءَ باعث گهڻا
ڪھاڻيڪار ڪميونسٽ آئڊيالاجي کان اثر انداز آهن،
انھن جي ڪھاڻين جا پلاٽ طبقاتي نظام جي پسمنظر ۾
رٿيا ويا آهن، جن ۾ وري واقعيت نگاري جو عڪس آهي ۽
انھن ۾ پيڙهيل طبقي جي مصيبتن کي آشڪار ڪيو ويو
آهي. گهڻن ڳوٺاڻي ته ڪن وري شھري زندگيءَ جي ڪربي
منظرن کي چٽيو آهي. هو جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه
نظام کي اخلاقي پستيءَ ۽ هر برائيءَ جو ذميوار
سمجهن ٿا. ان کانسواءِ هو آزاد معاشري جي ترقيءَ
جا خواهان آهن، جنھن ۾ سماجي ٻنڌڻ ۽ مذهبي
پابنديون نه هجن. اهڙين ڪھاڻين ۾ سوشلزم جو آواز
اٿاريل معلوم ٿئي ٿو“.(17)
آزاديءَ کان پوءِ سنڌ ۾ نجم عباسي، حفيظ شيخ، غلام
رباني آگرو، جمال رند، سراج، رشيد ڀٽي، ابن الياس
سومرو، اياز قادري، امرجليل، غلام حيدر سولنگي،
عبدالغفور انصاري ۽ ٻين جي ڪھاڻين ۾ سوشلزم جو
لاڙو نمايان آهي. شوڪت حسين شورو لکي ٿو ته ”سنڌي
ڪھاڻي ۾ حقيقت نگاريءَ جو اهو لاڙو اڳتي هلي
مارڪسوادي فلسفي جي اثر هيٺ سماجي حقيقت نگاري ۾
بدليو. هي اهو دؤر هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند
ادب جي تحريڪ زورن تي هئي ۽ پروگريسو رائٽرس
ايسوسئيشن يا انجمن ترقي پسند مصنفين قائم ٿي چڪي
هئي. سنڌ ۾ ان جي ڪا شاخ قائم ڪا نه ٿي، پر نوجوان
ليکڪن جيڪي اڪثر مارڪسوادي هئا تن هڪ اسٽڊي سرڪل
ٺاهي ۽ پوءِ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. انھن
ليکڪن ۾ گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي،
محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي،
آنند گولاڻي، ڪرشن کٽواڻي ۽ ليکو تلسياڻي شامل
هئا، جن جي ترقي پسند تحريڪ سان نظرياتي وابستگي
هئي. هنن جو خيال هو ته ادب وسيلي، خاص طور ڪھاڻي
۽ شاعري وسيلي طبقاتي بنياد تي ٺهيل سماج ۾
انقلابي تبديليون آڻي ان کي غير طبقاتي نظام ۾
تبديل ڪرڻ ممڪن هو“.(18)
ترقي پسند سنڌي ناول:
ترقي پسند ناول، انگريزن جي دؤر جي پيداوار آهي.
آسانند مامتورا اديب ھو، جنھن پنھنجي ڪھاڻين ۽
ناولن ۾ نفسيات ۽ جنسيات جي موضوعن کي آندو. گوبند
مالھي جا 1946ع ۾ ٽي ناول شايع ٿيا، جيڪي ان دؤر
جي باغي نوجوان جي خيالن جي اپٽار ڪن ٿا. ھنن ۾
”ساٿي“ قومي موضوع تي، ”ڦاسيءَ جي ڪوٺڙي“
(ترجمو) انقلابي موضوع تي ھئا. اھڙي طرح 1947ع ۾
شايع ٿيل ناولن مان ”انقلابي شاھراھه“ بغاوت ۽
انقلاب اھم موضوع آھي. ”ساٿي“ ۾ ترجمي جو مقصد
ھارين، مزدورن ۽ پورھيتن ۾ سجاڳي آڻڻ ھو. ھن ناول
جو اصل ليکڪ پشپال (ھندي) ھو. سندس ٻيو ناول ”چتر
ليکا“، دراصل احمد نديم قاسمي جي ناول جو ترجمو
ھو. ھن ناول جو مرڪزي خيال ٻي جنگ عظيم جي پسمنظر
۾ ھو. ھن ناول ۾ جنگن کي انسانيت لاءِ تباھي ۽
بربادي ڄاڻايل آھي. ”انقلابي شاھراھه“ اصل ۾ آنچل
جو ھندي ۾ لکيل ھو، جنھن جو ھن سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽
1948ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جو مقصد اھو ئي ھو، ته
ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ سڀني ماڻھن کي متحد ٿيڻو
پوندو. اھو ئي سبب آھي، جو گوبند مالهيءَ ھن ناول
جو نالو ”انقلابي شاھراھه“ رکيو. ميلهارام رنگومل
مائيداساڻي 1943ع ۾ ”بغاوت“ ناول شايع ڪيو، جو
ٽئگور جي ھڪ ناول جو اردو تان ترجمو ڪيل ھو. 1945ع
۾ املا ديويءَ جي قصي ”ديش شيوڪ“ جو ترجمو ڪيائين،
جنھن ۾ ان ڪردار جي ديس جي آزادي لاءِ قرباني
ڏيکاريل ھئي. 1947ع ۾ ٽئگور جي
Two Sisters
جي رٿا تي ٻڌل ننڍو ناول ”ننڍي ڀيڻ“ ڪڍيائين، پر
اھو الٿو ڪري سنڌي ماحول ۾ بھاريل ھو. ھن ناول ۾
مائيداساڻيءَ جي لکڻي چڱي ۽ سليس آھي. گلي سدا
رنگاڻي ھندستان جي سياسي ھلچل ۾ حصو ورتو. سندس
ناول”گورا“، اتحاد ۽ ترقي پسند لاڙي جي ڀرپور
عڪاسي ڪن ٿا“.(19)
ڊاڪٽر غفور ميمڻ مطابق ”ورھاڱي کان پوءِ
لڏپلاڻ ۾ انسانيت سوز واقعا ٿيا جنھن جو اديب جي
حساس ذھن ڏاڍو اثر ورتو ۽ ڪجهه ئي وقت کان پوءِ
ماڻھن محسوس ڪيو، ته ھي آزادي صرف انگريزن کي
ھندستان مان ڪڍڻ جو نالو ھو، پر ھن آزادي سان عام
غريب ڏتڙيل ماڻھن جي حالت ۾ تبديلي ڪانه آئي ھئي
جنھن جي نتيجي ۾ سڄي ھندستان جي ادب ۾ ھڪ خاص
رجحان پيدا ٿيو، جنھن جي بنياد تي ناول لکيا ويا.
انھن ناولن ۾ انسانيت پرستي اھم موضوع ھو. ھنن
اديبن ۾ ڪرشن چندر، خواجه احمد عباس، خشونت سنگ،
امرتا پريتم، قرة العين حيدر، سجاد ظھير وغيره
نمايان ھئا. سنڌ ۾ ان وقت اڃا ناول سماجي اصلاح
پسندي جو موضوع کان ٻاھر نه نڪتو ھو، خاص طور سان
ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي ناولن ۾ اھو فڪري
رجحان پيدا ٿي رھيو ھو، جنھن ۾ گوبند مالهي جا
ڪجهه ناول مثال طور: ”زندگي جي راهه تي“، ”للڪار“،
”چنچل نگاھون“ وغيره آسانند مامتوراءِ جو
”حليمان“، رام پنجواڻي جو ”قيدي“ موھن ڪلپنا جو
”جلاوطني“
وغيره شامل آھن“.(20)
آزاديءَ کان پوءِ ڪيترائي ناول لکيا ويا
آهن، جن ۾ ترقي پسند لاڙا حاوري رهيا آهن. طبعزاد
ناولن ۾ 1952ع ۾ غلام علي الانا جو ناول ”لاش“ اھم
ناول آھي، جنھن ۾ سڄي سماج جي ھر حصي جي تصوير
موجود آھي. ھن ناول جي باري ۾ الانا صاحب جو چوڻ
ھو ته ”لاش“ نه فقط ھڪ غريب جو لاش آھي، جنھن
پنھنجي عزت ۽ غيرت خاطر سرمائيدار جي پنجوڙ کي
ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انھن شاھوڪار شاھي جي فعلن،
افعالن، ڪرتبن ۽ اعمالن جو اگهاڙو ۽ ننگو لاش آھي.
راز بلڙائي هڪ ترقي پسند ليکڪ هو، سندس
ناولن
”گناھه“ 1952ع، ”شرابي“ 1952ع اهم آهن.
عبدالغفور انصاري ترقي پسند لاڙن تحت ڪيتريون ئي
ڪھاڻيون مختلف رسالن لاءِ لکيائين. جن ۾ ”وري
سانوڻ آيو“، ”ڀاڳڀري“ وغيره اهم آهن. هڪ ناول
”هاريءَ جي سجاڳي“ (1952ع) پڻ ترجمو ڪيائين، جنھن
۾ هارين جي حقن جي ڳالھه ڪيل آهي.
ڄام ساقي جو ناول ”کاھوڙي کجن“ (1973ع) روسي ناول
وانگر ترقي پسند لاڙن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ھن
ناول ۾ سرمائيداري نظام، طبقاتي جدوجھد، ۽ سياسي
ڪمزوري کي موضوع بنايو ويو آھي. 1980ع ۾ طارق اشرف
جو ناول ”ميرو ڌاڙيل“ شايع ٿيو. ھي ناول وڏيرڪي
سماج جي روايتن ۽ غير انساني حرڪتن کي پيش ڪري ٿو.
نجم عباسي جي ناولن ”بلنديون“ (1984ع) ۽ ”تلاش“
(1987ع) ۾ انقلاب، جدوجھد، طبقاتي نظام کان آزادي،
حقن جي تلاش
سيڪيولرزم ۽ انساني قدرن جي اپٽار ملي ٿي. ملڪ
آگاڻي جي ناول ”نيروليءَ جو ڪن“ (1987ع) ترقي پسند
لاڙي جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو. ھن ۾ روسي انقلاب کان
وٺي روسي ڪميونزم جي بربادي جو ذڪر آھي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌي ناول ۾ ترقي
پسند فڪر جي خال ڀرڻ ۾ ترجمن جو وڏو ڪردار رھيو
آھي. ميڪسم گورڪي جو ناول ”ماءُ“ گوبند مالهيءَ
ترجمو ڪيو ھو. ھي ناول روسي انقلاب جي پسمنظر ۾
آھي. ھن ناول ۾ ھڪ ماءُ جو روسي انقلاب ۾ ڪردار
بيان ڪيل آھي. 1956ع ۾ سراج ميمڻ، ھندي اديب ڪرشن
چندر جو اھم ناول ”ڏکڻ مان سج اڀري ٿو“ جي عنوان
سان ترجمو ڪيو. ھي ناول 1947ع جي ورھاڱي جي پسمنظر
۾ لکيل آھي. ورھاڱي مھل ٿيل خون ريزي، لڏپلاڻ،
مذھبي انتھا پسندي ھن ناول جا خاص موضوع آھن.
عثمان ڏيپلائي روسي ناول
“How the Steel was Tempered”
جو ترجمو ”سسي نيزي پاند“ جي عنوان سان ڪيو. ھي
ناول روسي اديب آستروسڪي جو لکيل آھي ۽ روسي
انقلاب جي پسمنظر ۾ آھي. اھڙي طرح ويٽنام جي
جدوجھد آزادي تي تنوير عباسي ”جي ماريا نه موت“
(1973ع) ۾ ترجمو ڪيو. ھي ناول نگوين وان تروئي جو
لکيل آھي، جنھن ۾ ليکڪ فان ٿي ڪوئن جي انقلابي
جدوجهد جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو آھي. ڪرشن چندر
جو ھڪ ٻيو ناول ”ان داتا“ نذير احمد راھو ترجمو
ڪيو. ھي ناول بنگال ۾ آيل ڏڪار ۽ ماڻھن جو بک ۾
مرڻ ۽ ٻئي طرف زميندارن ۽ نوابن جي عياشين جي
پسمنظر ۾ لکيل آھي. اھڙي طرح غلام نبي مغل جو
ترجمو جهڙوڪ ”قيدي“ (1995ع) پڻ ترقي پسند جديد
لاڙن جي ترجماني ڪن ٿا. زيب سنڌي 1986ع ۾ ادب
جولينن انعام حاصل ڪندڙ روسي چنگيز اعتماتوف جي
ناول جو ترجمو ”ڌرتي ماءُ“ جي نالي سان ڪيو. ھي
ناول ”ڌرتي ماءُ“ جنگ جي موضوع تي آھي .
آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جا
اثر:
آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ مختلف
سياسي، سماجي ۽ بين الاقوامي حالتن جي ڪري نين
تحريڪن ۽ لاڙن جنم ورتو. نوان رنگ اپنايا ويا. ان
سبب نقاد مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙي گروهه
کي سنڌي ادب ۾ فحاشي ۽ اگهاڙپ نظر آئي. ٻئي گروهه
کي سنڌي ادب جديد تقاضائن سان ڀرپور نظر آيو، سنڌي
ترقي پسند ڪھاڻيءَ تي باغي هجڻ سميت گهڻا ئي الزام
لڳا. عبدالڪريم لغاريءَ هفتيوار ”آزاد“ ۾ سراج،
شيخ اياز، غلام رباني، جمال ابڙي سميت ڪيترن
ڪھاڻيڪارن تي الزام لڳايا. رشيد احمد لاشاريءَ
”ادب جي آڙ ۾“ ۾ تنقيدي ڪتاب لکيو. سندن رد عمل ۾
محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، شمس الدين
عرساڻي سميت ڪيترن اديبن عالماڻھ جواب ۽ جواز ڏنا.
انور پيرزادو ترقي پسند ادب لاءِ لکي ٿو ته ”هر
دؤر ۾ هر سماج ۾ ترقي پسند ادب جا نعرا مختلف رهيا
آهن، حڪمت عملي مَٽِجَندي رهي آهي. تقاضائون
ڦرنديون رهيون آهن ۽ ماپا مَٽِجَندا رهيا آهن، پر
جيئن ته ادب هميشه لاءِ ترقي لاءِ واجهائيندو رهيو
آهي ۽ اها ترقي ظاهر آهي ته انساني زندگيءَ سان
واسطو رکي ٿي، ان ڪري ترقي پسند ادب هر دؤر ۾ هر
سماج ۾ ظاهري حالتن پٽاندڙ ترقيءَ جا مختلف نظريا
ڏنا آهن“.(21)
1956ع ۾ ترقي پسند تحريڪ سان واسطو رکندڙ اديبن
ڪراچيءَ ۾ ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جي نالي سان مرڪزي
جماعت جو بنياد رکيو. هن مرڪزي ادبي جماعت جا
پھريان بنيادي ميمبر هي هئا: شيخ عبدالرزاق ”راز“،
عبدالفتاح ”عبد“، اياز حسين قادري ۽ شمشير
الحيدري، هن جماعت بعد ۾ تحريڪ جي صورت اختيار
ڪئي. سنڌ جي مختلف شھرن جهڙوڪ: ڪراچي، حيدرآباد،
سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، نواب شاهه ۾ اڳ ئي ”سنڌي
ادبي سنگت“ جي نالي سان ادبي جماعتون ڪم ڪري رهيون
هيون. انھن سڀني مرڪزي جماعت ”سنڌي ادبي سنگت“ سان
الحاق ڪيو.
1965ع
ڌاري پاڪستان جي سمورين قومن جي اديبن
”عوامي ادبي انجمن“
قائم ڪري ان جو منشور ٺاهيو هو، جنھن تي فيض احمد
فيض، شيخ اياز، اجمل خٽڪ، محمد ابراهيم جويي، جوش
مليح آبادي ۽ ٻين ترقي پسند اديبن جون صحيحون آهن.
ان ئي دؤر ۾ شيخ اياز جي جڳ مشھور نظم ”هي
سنگرام... سامهون آ نارائڻ شيام“ جي خلاف رجعت پسند اديبن مخالف ۽
تنقيد جو طوفان کڙو ڪيو، جنھن تي سنڌي ۽
اردو ترقي پسند اديبن هڪ پمفليٽ صحيحن سان
جاري ڪري، شيخ اياز جو دفاع ڪيو هو. ان ئي دؤر ۾
رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“ ڪتاب ۽ غلام محمد
گرامي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رحجانات“ مقالو
لکي ترقي پسند ادب جو دفاع ڪيو هو“.(22)
ترقي پسند ادب هيٺ عالمي فڪري لاڙن جو اثر:
سنڌي ادب ۾ سنڌ کان ٻاهر، ملڪ کان ٻاهر،
سياسي، سماجي، معاشي، جمهوري، انقلابي حوالا ملن
ٿا. سنڌي اديبن جو ذهني شعور تمام بلند آهي. اڄ جي
سنڌي ادب ۾ انقلابي ڳالھيون آهن، اڄ جي ادب ۾ بين
الاقوامي مسئلن جو ذڪر آهي. اڄ جو سنڌي اديب بين
الاقوامي ادب جو مطالعو ڪندڙ آهي ۽ ان کان گهڻو
متاثر ٿيو آهي، انھيءَ ڏس ۾ هر سال ڪيتريون ئي
پرڏيھي ڪھاڻيون، ناول، ناٽڪ ۽ شعر سنڌي ٻوليءَ ۾
ترجمو ٿيندا رهن ٿيا.
جديد سنڌي ادب بين الاقواميت:
”اڄ جا شاعر بين الاقوامي حالتن تي به لکي رهيا
آهن. دنيا ۾ ايندڙ انقلابن ۽ مظلومن قومن جي آواز،
کين چپ رهڻ نه ڏنو. هنن ان تي قلم کنيو. هونئن به
دنيا ۾ ادبي رشتن کي هڪ بين الاقوامي وسعت ملي چڪي
آهي. ترقي پسند سوچ رکندڙ شاعرن دنيا جي انقلابي
صورتحال تي ڀرپور لکيو آهي. فلسطين جي مسئلي تي
جديد شاعرن زبردست لکيو آهي. ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ
تي تازو فلسطين ۽ عراق مسئلن تي به شاعرن تمام
گهڻو شعر چيو. ان مان پتو پوي ٿو ته اسان جو جديد
شاعر بين الاقوامي مسئلي تي به لکي رهيو آهي“.(23)
جمن دربدر چوي ٿو ته:
هجي يورپ يا لبنان جتي ماريو ويو انسان،
انھيءَ ماڻھوءَ سندي ارمان ۽ رت ڇاڻ ۾ ملبو.
سنڌ جا جديد شاعر بين الاقوامي امن جا پرچارڪ آهن.
هو سڄيءَ دنيا جي انسانن کي هڪ ڪري سمجهن ٿا. هو
مذهبي متڀيد ۽ ڇوت ڇات جي خلاف آهن. هو انسان دوست
آهن. هر انسان جي ڏک کي پنھنجو ڏک ڪري سمجهن ٿا.
هن سلسلي ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو، ”اياز جي فن
جي عظمت انھيءَ ۾ ئي آهي جو سندس شاعرانه علامتون
نه فقط پنھنجي معاشري ۽ حالات جي تصوير ڪشي ڪن
ٿيون، بلڪه انھن مان سندس پڙهندڙ ساريءَ انسانذات
جي تاريخ ۽ تقدير جي جهلڪ پڻ ڏسي وٺن ٿا“.(24)
مطلب ته سنڌ جي جديد شاعرن وٽ بين الاقوامي سماجي
قدرن جهڙوڪ: عوام دوستي، امن، جمهوريت پسندي ۽
سماجي انصاف جي ترجماني ڪيل آهي. هنن وچ اوڀر،
اسرائيل جي سرڪشي ۽ ملڪ گيريءَ جي هوس، فلسطين جو
مسئلو، آفريڪا جي ڪارن ماڻھن سان همدردي ڏيکاري
آهي يا هنن ويٽنام جي مجاهدن کي سلام ڪيو آهي ۽
هنن هوچي منھه جا گڻ ڳايا آهن. مثال طور ڪي شعر
هيٺ ڏجن ٿا:
بم برسيا وڃن ٽي وي ڏئي ٺھڪي خبر
چيٽ چٽ ٿي ويا. کليو ٿا ٻارڙا اکائن ڳڙا
(استاد بخاري)
هي بارود خانن جون سرنگون وڇائي،
ڌماڪن سان ترقي ڌرتي ڇڏي ٿو ڌڏائي،
ڪڍي ڏند لاشن تي شادان آهي.
(خاڪي جويو)
جنھن وقت لڪن ۾ لوساٽيل،
انسان ڳلين مان نڪرن ٿا،
جنھن وقت دکن ۾ دونھاٽيل،
مزدور ملن مان نڪرن ٿا.
مان پنھنجي تند تپايان ٿو،
۽ دود دلين مان نڪرن ٿا،
مان ڏوهي هان مان ڏوهي ها.
(شيخ اياز)
آزاديءَ کان پوءِ هڪ طرف چيني، ويٽنامي، روسي طرز
جون ڪھاڻيون لکيون ويون آهن، ته ٻئي طرف فلسطين،
ڪشمير، چچنيا، آفريڪي ملڪن وغيره جي عوام جي دردن
۽ پيڙائن کي کولي ٻڌايو ويو آهي ۽ انھن جي سنڌ جي
سورن سان ڀيٽ به ڪئي وئي آهي. نجم عباسيءَ جي
ڪھاڻي ”سڙڪ تي“ ۾ فلسطيني مجاهدن جي مزاحمت جو ذڪر
اچي ٿو. سندس ٻي ڪھاڻي ”هٿ ڪشڪول نه آهن“ ۾ هن
لبنان اندر فلسطيني مجاهدن جي مزاحمت ۾ يهودين جي
اڳراين جا ذڪر ڪيا آهن.
تاج بلوچ پنھنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته ”ون يونٽ جي
ڊهڻ کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ کي هڪ نئون رخ مليو.
بنگال جي جدوجھد وارو موضوع ان موضوع تي ممڪن آهي
ته گهڻو ڪجهه لکيو ويو هجي، پر علي بابا، ماڻڪ ۽
نبي بخش کوسي کانسواءِ ڪنھن به ليکڪ جي لکڻي
منھنجي نظر مان نه نڪتي آهي. علي بابا جي لکڻي
”مدر گارڊيس“ ۽ نبي بخش کوسي جي ”جگنو بابا“ سنڌي
ڪھاڻيءَ جي باب ۾ وڏي جاءِ والارين ٿيون“.(25)
فسطائيت کان انڪار:
فسطائيت، هڪ فاشسٽ تحريڪ هئي،
جيڪا سياسي ۽ سماجي مقصد رکندي هئي، ان جا مقصد
عورتن ۽ مردن لاءِ هڪ جھڙا
حق ۽ حڪومتي طاقت هئا. هٽلر (1889-1945ع) ۽ مسولني
(1883-1845ع) فاشٽي اصولن جا اهم سرڪردا هئا. هي
رويو/
فسطائيت يورپي ادبي دنيا ۾ هڪ وقت زور شور سان
موجود رهي. هي وڏو اثر رکندڙ تحريڪ هئي. فاشزم،
ترقي پسندي ۽ جدت مخالف رويو آهي.
هي تحريڪ 1919ع کان 1945ع جي وچ واري دؤر ۾ وڌيو. ان
تحريڪ جو بنيادي مقصد هو ته نسل پرستي کي وڌائيندي
جمهوريت خلاف نفرت ڦهلائڻ ته جيئن قومي اتحاد پيدا
ڪري سگهجي“.(26)
سنڌ جي اديبن فاشزم جي خلاف تمام گهڻو لکيو آهي،
خطبا ڏنا آهن ۽ مضمون لکيا آهن. ان سلسلي ۾
جي.ايم.سيد، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، رسول
بخش پليجو، ارباب کهاوڙ، فقير محمد لاشاري، نبي
بخش کوسو، رئوف نظاماڻي، عبدالواحد آريسر، هدايت
منگي ۽ ڪي ٻيا قابل ذڪر آهن.
سامراجيت جي نندا:
سامراجيت هڪ سياسي اصطلاح آهي،
جنھن کي ڪميونسٽ اڳواڻ لينن ۽ ڪارل مارڪس اڳتي
وڌايو. لينن سامراجيت بابت چيو هو،
ته سامراجيت تسلط چاهي ٿي آزادي نه. سامراجيت يا
شهنشاهت دراصل طاقتور ملڪن طرفان يا طاقتور قوتن
طرفان محڪوم ملڪن ۽ قومن جي اقتدار تي پنھنجي ڏاڍ
يا پاليسين ذريعي عملداري ڪرڻ يا اثر وڌائڻ آهي.
ان سلسلي ۾ خاص طور تي تجارتي ۽ سياسي پاليسين جو
وڏو عمل دخل هوندو آهي. ترقي پسند ادب جو هڪ اهم
موضوع سامراجيت به رهيو آهي.
سنڌ جي اديبن، سامراجيت کي نديندي، قومي سوال کي
ادب ۾ اڳتي آندو آهي. سنڌ جي ادبي حلقن ۾ جديد ادب
جي تمام سخت مخالفت ٿي. ان حد تائين جو ان کي
سامراجي سازش قرار ڏنو ويو ۽ ماڊرن ليکڪن کي عوام
دشمن سرمائيدارن ۽ آمريڪي سامراج جو ايجنٽ سڏيو
ويو، جيڪي ماڻھن ۾ مايوسي پکيڙي رهيا هئا. سنڌي
افسانوي ادب ۾ 1940ع کان 1947ع واري عرصي ۾ سنڌ جي
اديبن هڪ منظم تحريڪ شروع ڪئي، جنھن جو مقصد
انگريز سامراج کان آزاديءَ ۽ پنھنجي قومي سڃاڻپ کي
اجاگر ڪرڻ هو. لالچند امر ڏنومل جي ڪھاڻي ”حرمکيءَ
جا“ انگريز سامراج خلاف مزاحمتي ادب جي پھرين
ڪھاڻي چئي سگهجي ٿي. شيخ اياز جي دؤر ۾ سنڌ اندر
سياسي، سماجي، سوشلسٽ تحريڪون پنھنجي عروج تي
هيون. هن جي ڪھاڻي ”سفيد وحشي“ ۾ انگريز سامراج
لاءِ سخت نفرت جو اظهار ڪيو ويو آهي. گني بسائو،
ويٽنام، فلسطين، بنگال ۽ ٻين ڏتڙيل ملڪن جي جدوجھد
جا موضوع سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ڏنا ويا آهن ۽ ٻين ڪيترن
ملڪن جي ٻولين جي مزاحمتي ڪھاڻين کي سنڌي ۾ ترجمو
ڪيو ويو آهي. انھن ڪھاڻين ۾ سامراجيت، جدوجهد،
جمهوريت جهڙن موضوعن کي بيان ڪيو ويو آهي. سنڌي
ڪھاڻيءَ ۾ علي بابا، ارباب سنڌي، قمر شھباز، ماڻڪ،
نجم عباسي، نبي بخش کوسو، يوسف سنڌي، نصير سارنگ،
ولي رام ولڀ، سراج ميمڻ، محمد عثمان ڏيپلائي،
رسول بخش پليجو ۽ ٻيا شامل آهن.
بيوس، ترقي پسند تحريڪ کان متاثر ٿي هارين ۽
مزدورن جي همدردي ڪئي ۽ سامراجين، سرمائيدارن ۽
وياج خورن جي ڪردار جي نندا ڪري ٿو. بيوس، مفت خور
سرمائيدارن کي، جيڪي غريبن جي محنت تي پلجن ٿا،
”نرمکي“ سان تشبيھه ڏئي ٿو. روسي انقلاب کي نجات ۽
ڇوٽڪارو (اترانکنڊ) ڪوٺي ٿو.
جي رسي مزدور بيوس ڪنھن وڏيري راڄ تي،
هوند پھرين پور، ”اترانکنڊ“ ٿي توکي ڇڏي.
عبدالرئوف نطاماڻي ڪيترائي ڪتاب ترجمو به ڪيا آهن.
سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”فلسطين ۽ سامراج“
(1981ع)“، ”ٽين دنيا ۽ فوجي آمريتون“ (سھيڙيل)،
”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ (ترجمو) ”سامراج ۽ عوام“
(فيڊل ڪاسترو جي تقرير) پڻ شامل آهن.
انقلابي ادب
(Revolutionary Literature)
جي پرچار:
زور ۽ زبردستي حڪومتي تبديلي، نظام جي
تبديلي، نئون سرشتو آڻڻ لاءِ سرڪار يا سماجي نظام
جو زوريءَ خاتمو ڪرڻ وغيره انقلاب جي زمري ۾ اچي
وڃن ٿا. يا بادشاهت جي خاتمي يا ظلم جي ڪنھن به
روپ واري سرڪار جي خامتي لاءِ انقلاب ايندا آهن.
دنيا ۾ ڪيترائي انقلاب آيا آهن. مثال طور فرانسي
انقلاب، روسي ڪميونسٽ انقلاب، چائني انقلاب، زرعي
انقلاب، وغيره وغيره بھترين مثال آهن. سياسي
انقلابن ۾ اديبن جو به اهم ڪردار رهيو آهي. روسو
جي لکڻين جي ڪري فرانسي انقلاب جي راهه هموار ٿي.
چارلس ڊڪنس جي ناول
“A Tale of Two Cities”
۾ فرانسي انقلاب جو ذڪر آهي. ڪارل مارڪس جي لکڻين
سڄي دنيا ۾ سياسي ۽ اقتصادي ۽ ڪميونسٽ انقلاب
آندو.
انقلابي ادب مان مراد اهڙو ادب آهي، جيڪو ڪنھن
انقلابي نظرئي جي ترجماني، تبليغ، ترويج يا اشاعت
جي غرض سان وجود ۾ اچي. اهڙي قسم جون تحريرون گهڻو
ڪري ماڻھن ۾ جوش و جذبي جو احساس پيدا ڪنديون آهن.
انقلابي اديب پنھنجي طرفان ڪنھن به مصلحت کان ڪم
نه وٺندا آهن. هن قسم جي ادب ۾ سياسي اولڙو ۽ نعري
بازي جو لاڙو به هوندو آهي“.(27) سنڌ جو ادب هميشه
مزاحمتي ادب رهيو آهي، پوءِ ڀلي اهو ارغونن ۽
ترخانن جي خلاف هجي، ون يونٽ تحريڪ جي روپ ۾ هجي
يا ايم. آر. ڊي تحريڪ جي حمايت ۾ هجي. ٻئي طرف
عالمي تناظر ۾ سنڌ جي اديبن انقلابي موضوع تي
ڪيترائي ناول، ڪھاڻيون ۽ شعر ترجمو ڪيا آهن، جن ۾
دنيا جي انقلابن جون ڪھاڻيون آهن.
نالي واري نقاد احسان بدويءَ آمريڪي”ڊان ويسٽ“ ۽
ترڪيءَ جي”ناظم حڪمت“ جي انقلابي شاعرن تي تفصيلي
مضمون ترجمو ڪيا، جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع
ٿيا.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ ۽ گوبند مالھيءَ، مئڪسم
گورڪي
جي مشھور انقلابي ناول
Mother
جو ترجمو ”ماءُ“ ۽
”امڙ“
جي نالن سان ڪيو آهي.
ڊاڪٽر نجم عباسيِءَ روسي ۽ انگريزي ناولن جا ترجما
ڪيا آهن، جن ۾ ”لينن جي انقلابي ڪھاڻي“ (1989ع)،
”هڪ انقلابيءَ جو ننڍپڻ“ (2001ع) وغيره اهم آهن.
سنڌ جي ناليواري اديب تاج جويي ”دنيا جون عظيم
انقلابي عورتون“ (1981ع) ترجمو ڪيل آهي، جنھن ۾
دنيا جي انقلابي عورتن: زرقا (فلسطين)، فاطمه محمد
برناوي (فلسطين)، جميله بوپاشا (الجزائر)، زويا
اناطوليا روس، ليو خولان (چين) ۽ نگوين ٿي چائو
(ويٽنام) سميت ٻين جي احوال کي قلمبند ڪيو آهي.
نامياري
عالم
محمد ابراهيم جويي
”فرينچ
انقلاب“
(ايميل
ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جو
ڪتاب)
1990ع
ترجمو ڪيو آهي. رشيد ڀٽيءَ ”بين الاقوامي
انقلاب جو راههِ عمل“
ترجمو ڪيو آهي. امان الله شيخ جو ’انقلابن جي
تاريخ“ شايع ٿيل آهي ۽ ٻيا ڪيترائي اصلوڪا ۽ ترجمو
ڪتاب سنڌي ۾ لکيا ويا آهن.
پاڪستان جي ترقي پسند مصنفين 1986ع ۾ پھريون ڀيرو ڪراچيءَ ۾ ترقي
پسند ڪانفرنس ڪوٺائي، پر ملڪ گير تنظيم جي جوڙجڪ
نه ٿي سگهي.
ڪجهه سالن کان پوءِ تازو پاڪستان جا
ترقي پسند اديب ڪافي سرگرمي ڏيکاري رهيا آهن.
ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت پنھنجي
سؤ
کان وڌيڪ شاخن سميت سنڌي ادب جو ترقي پسند سفر
جاري رکندي پئي اچي.
ترقي پسند سنڌي ادب جي واڌاري ۾ امرجليل، شيخ
اياز، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، سراج،
نورالدين سرڪي،
احسان بدوي، نياز همايوني، شمشيرالحيدري، تنوير
عباسي، رشيد ڀٽي، امداد حسيني، مير محمد پيرزادي،
عبدالحڪيم ارشد، علي بابا، تاج بلوچ، قاسم
پٿر،انور پيرزادي،
آڪاش انصاري، ممتاز
مھر،
ابراهيم منشي، استاد بخاري، خاڪي جويو، ف.م.
لاشاري، بدر ابڙي ۽ ٻين اديبن جو وڏو ڪردار رهيو
آهي. سندن ڪتاب ۽ تحريرون شاهد آهن ته سنڌي ادب
هميشه ترقي
پسند سوچ ۽ فڪر کي اڳتي وڌايو آهي.
حوالا:
2.
خالد، ڪريم بخش:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ عالمي ادب“، ماهوار پيغام، سنڌ جو
سڌ سماءَ وارو کاتو، ڪراچي، 1985ع،
ص 57
3.
پنڊت ڪشن پرشاد: ”نيا ادب“
انجمن ترقی
اردو پاکستان سال 1949ع، ص 14_15.
4.
ملڪ، عبدالله، سنڌيڪار: گل محمد خشڪ: ”ترقي پسند
تحريڪ جو سياسي ۽ سماجي پس منظر“، مضمون روزانو
هلال پاڪستان 11 نومبر 1989ع.
7.
شيخ عبدالرزاق راز: ”سنڌي ادب ۽ جدت پسند تحريڪ“
ماهوار نئين زندگي، مارچ، 1970ع، ص 33
8.
ساڳيو حوالو، ص 34
10.
شيخ عبدالرزاق راز: ”سنڌي ادب ۽ جدت پسند تحريڪ“
ماهوار نئين زندگي، مارچ، 1970ع، ص 33، 34
14.
راز، شيخ، عبدالرزاق: ”مختصر افساني جو فني جائزو“
ماهوار نئين زندگي جنوري 1968ع ص40-41
15.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ”سنڌي افسانا“ (سنڌي ادبي
اوسر) مرتب زبيده پير محمد شيخ، ڊاڪٽر غلام علي
الانا، 1967ع، ص 10
22.
انسائيڪلو پيڊيا
سنڌيانا، (جلد)، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد،
23.
مگسي، عبدالله: ”عالمي امن ۾ سنڌي اديبن جو حصو“،
نئين گاج پبليڪشن، دادو،1988ع، ص 30
24.
جويو، محمد ابراهيم: سھڻيءَ جو شيخ اياز نمبر،
ايڊيٽر ۽ مرتب: طارق اشرف، مارچ 1990ع
25.
بلوچ، تاج: ”سنڌي ڪھاڻيءَ جي اوسر“، (ڪھاڻي نمبر)
منصور پبليڪيشن، 1980ع، ص 17
26.
ملاح، مختيار احمد:
”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“،
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد،
2015ع، ص 260
27.
ساڳيو حوالو، ص 50
سنڌي ادبي بورڊ جو نئون ڪتاب
 |