سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2024ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ  04/ 2024ع

ايديٽر: جبران زيب

ايڊيٽوريل

 

شڪر الحمدلله ٽماهي  جي 3/2024ع شماري کان پوءِ، هي سال 2024ع جو آخري شمارو يعني چوٿون پرچو اوهان جي هٿن تائين پھتو آهي. آءٌ مانوارن ليکڪن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جن  4/2024ع لاءِ وقت سر مواد موڪلي ڏنو. ٽماهي  رسالي جي معيار کي نظر ۾ رکندي مانوارن ليکڪن جو مواد شامل ڪيو ويندو آهي.

 لاءِ ڪيترو ئي مواد مانوارن ليکڪن طرفان پوسٽ، واٽس اپ ۽ اي ميل ذريعي موڪليو ويندو آهي. ان مواد کي رسالي جي مقرر ٿيل صفحن کي نظر ۾ رکندي شامل ڪيو ويندو آهي، باقي مواد به پاليسي کي نظر ۾ رکندي ايندڙ پرچن ۾ شامل ڪيو ويندو.

جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جيئن ته پاڻ بھترين شاعر آهن، سندن ٽي شاعري جا مجموعا منظرِعام تي آيا آهن: ”پاڻ مراديون ڳالھيون“، ”عشق نه چرچو نه ڀانءِ“، ”ٻولي ڪبي نه ٻي“. هن وقت پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين آهن ۽ پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي بھتري لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا آهن.

سنڌي ادبي بورڊ ۾ آڊيو بڪس تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، جلد ئي ڪتاب آڊيو بڪس جي صورت ۾ سوشل ميڊيا ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا ويندا. هن وقت تائين سنڌي ادبي بورڊ جا 400 کان مٿي ڪتاب ۽ رسالا ايم.ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان ڊجيٽلائيز ٿي ”پي.ڊي.ايف“ ۾ اچي چڪا آهن. جيڪو پڻ هڪ نھايت ئي وڏو ڪم آهي.

هن ايڊيٽوريل ذريعي اوهان سڀني مانوارن ليکڪن ۽ پڙهندڙن کي گذارش ڪجي ٿي ته اوهان وٽ پنھنجي عالمن ۽ اديبن جا ڪي ناياب مسودا رکيل آهن، ته انھن جي هڪڙي ڪاپي فوٽو اسٽيٽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ جمع ڪرايو يا خط ذريعي اهڙي آگاهي ڏيندا، ته جيئن بورڊ طرفان ڪو نمائندو مقرر ڪري اوهان ڏانھن موڪلي سگهجي، جيڪو اصل مسودو فوٽو اسٽيٽ ڪرائي اچي بورڊ ۾ جمع ڪرائيندو. اوهان طرفان مليل مسودن کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ اها ڪوشش ڪئي ويندي ته ايندڙ وقت ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ سان گڏ انھن کي آڊيو بڪس جي صورت ۾ به رڪارڊ ڪري منظرعام تي آڻجي.

ٽماهي  لاءِ اوهان پنھنجو مواد وقت سِر پوسٽ ذريعي موڪلي ڏيندا ته جيئن سال 2025ع جي شمارن ۾ شامل ڪري سگهجي. ايڊيٽر جي حيثيت سان منھنجي سدائين اهائي ڪوشش رهندي آهي ته اوهان تائين معياري ادب وقت سان پھچائجي. خاص طور تي مقالا، ڪھاڻيون ۽ عالمي ادب مان بھترين ترجمو ٿيل ڪھاڻيون شامل آهن. ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري  محفوظ پيل آهي، جيڪا يقين سان ايندڙ شمارن ۾ ضرور شامل هوندي. ٽماهي  جي ساليانه ميمبرشپ لاءِ اوهان جنرل مئنيجر بڪ شاپ سنڌي ادبي بورڊ سان رابطو ڪري سگهو ٿا.

مون کي اميد آهي ته رسالي جي بھتريءَ لاءِ اوهان پنھنجون صلاحون اسان تائين ضرور پھچائيندا.

آءٌ اوهان سڀني ليکڪن ۽ پڙهندڙن جي محبتن جو بيحد ٿورائتو آهيان.

مھرباني

 

جبران زيب

ايڊيٽر، ٽماهي ”مهراڻ“

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ 

(1919ع – 1993ع)

 

حضرت مخدوم محمّد زمان ”طالب الموليٰ“ ولد مخدوم غلام محمد قريشي 04 آڪٽوبر 1919ع تي هالا ۾ تولد ٿيا. سندن ننڍپڻ ۾ تعليم جي شروعات، قرآن مجيد پڙهڻ سان ٿي. درگاهه جي مجاور، آخوند ولي محمد وٽ ناظران قرآن مجيد پڙهيا. سنڌي زبان جي تعليم حاجي عبدالغفور وڪيلائي ۽ عبدالرحمان (انجم هالائي) کان حاصل ڪئي، فارسيءَ جي تعليم مولوي محمد عالم سومري ۽ مولوي عبدالحي ڦلپوٽي ٺيڙهيءَ واري کان پرايائون.

مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جن کي شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ ننڍي ئي وهيءَ کان هو. اهو ڏانءُ ۽ ڏات ته سندن ورثو به هو، جو حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليھ الرحمة جن کان وٺي سندن والد ۽ مرشد تائين سلسليوار منتقل ٿيندو رهيو.  مخدوم صاحب جن پنهنجي گهڻ طرفي زندگيءَ جي مصروفيتن مان پنهنجي علمي ذوق ۽ ادبي شوق جي سلسلن کي قائم رکڻ لاءِ وقت ڪڍي، تصنيف ۽ تاليف جو ڪم پڻ ڪندا رهيا.

مخدوم صاحب جن کي عروضي شاعريءَ ۾ غزل، مثنوي، قطعي، رباعيءَ ۽ مسدس تي به دسترس حاصل رهيو. جيتوڻيڪ سندن شاعريءَ جو لب و لهجو سنڌي شاعري ۽ عروضي شاعري، خاص طرح غزل ۾ به سنڌي آهي، پر ماحول به سنڌي قائم رکيو ويو آهي. جنهن مان اهوئي ظاهر ٿئي ٿو ته اهو سمورو اظهار سندن فطري رنگن جو ئي مظهر آهي. ٻوليءَ جي استعمال ۾ به جملن ۽ لفظن جي چونڊ ۾ به ڪمال سادگيءَ ۽ سُونهن سان گڏ، موسيقي ۽ آهنگ ۾ انفراديت پئي محسوس ٿئي.

مخدوم صاحب جن خاص طور تي سنڌي شاعريءَ جي اهم صنف ’ڪافيءَ‘ ۾ دل کولي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندن ڪافيون سموريءَ سنڌ ۾ زبان زد عام آهن ۽ ڳايون به ويون آهن. ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جي مقبوليت ۽ ڪثير اشاعت جو ڪارڻ به ’بيت‘ ۽ ’ڪافي‘ آهي. سندن ’ڪافيءَ‘ ۾ ردم ۽ آهنگ توڙي رواني ۽ موسيقيت ايتري آهي، جو انهن کي گُنگنائڻ کان سواءِ روح رهي ئي نه سگهندو.

مخدوم محمّد زمان ”طالب الموليٰ“ جن 11 جنوري 1993ع تي وفات ڪري ويا.

]حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ (سوانح حيات ۽ تصنيفات) از: ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو، تان ورتل[

*

مان ۽ منھنجو هي حال، ڇا چئجي،

هو ۽ هن جو خيال، ڇا چئجي.

عشق مجبور ٿو ڪري ورنه،

مان ۽ ڪنھن کي سوال، ڇا چئجي.

پنھنجي خاموش اشڪباري کي،

ماتمِ ماضي، حال، ڇا چئجي.

عشق، پر سو به توسان عشق سندم،

تنھنجو منھنجو مثال ڇا چئجي.

دل ڏيڻ بعد ايتري دوري،

پيار ۽ اعتدال ڇا چئجي.

تون ئي سمجهاءِ تنھنجي اُلفت کي،

چئجي ماضي يا حال، ڇا چئجي.

هي وفادار ٿيا ڪڏهن نه جدا،

ياس، حسرت، ملال، ڇا چئجي.

سنگدل جو تون، ’طالب الموليٰ‘،

هي ڪرين ٿو ڪمال ڇا چئجي.

]جَديد شُعَراءِ سِنڌِي، مسرور ڪيفي، ص: 16-17[
 

شيخ اياز

(1923ع – 1997ع)

سنڌ جو ناميارو شاعر مبارڪ علي ’اياز‘ ولد غلام حسين شيخ 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ تولد ٿيو. سندس والد صاحب پهريائين محلي جي ’هندي سنڌي اسڪول 3‘ ۾ داخل ڪرايو. پوءِ ستت ڪنهن سبب ڪري، سندس والد صاحب اتان سرٽيفڪيٽ وٺي کيس
’ورنيڪيولر اسڪول نمبر 2‘ ۾ داخل ڪرايو. جتان 31 مارچ 1934ع تي چار درجا پاس ڪري، 01 اپريل 1934ع تي وڃي هتان جي ’نيو ايرا هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو.
31 مارچ 1939ع تي اياز پنج درجا انگريزي پاس ڪري،
11 اپريل 1939ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ بمبئي يونيورسٽي جي مئٽرڪ جو امتحان
40-1941ع ۾ پاس ڪيائين. ساڳئي سال سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور ۾ داخل ٿيو. سن 1943ع ۾ اتان انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ هو ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ 1945ع ۾ بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ شيخ صاحب کي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو، پر پنهنجي رهبر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ديهانت کان پوءِ اهو خيال ترڪ ڪيائين. سن 47-1948ع ۾ ايل.ايل.بي جي ڊگري حاصل ڪري، هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو.

13 جنوري 1976ع کان 22 جنوري 1980ع تائين هو ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. وائيس چانسلر جي عهدي ڇڏڻ کان پوءِ هو واپس سکر اچي وڪالت ڪرڻ لڳو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ وڪالت ڇڏي ڏنائين ۽ ڪراچي رهڻ لڳو، جتي 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪري ويو.

شيخ اياز جو نظم هجي يا نثر، جڏهن به ان جو مطالعو ڪبو ته اسان کي ائين محسوس ٿيندو ته هو اسان کي شڪارپوري محاوري کان وٺي، ٿري، معيار ۽  لاڙي لهجن سان روشناس ڪرائيندو رهي ٿو. شيخ اياز وٽ لفظي ذخيرو ايترو ته جهجهو آهي، جو جڏهن به شعر لکڻ ويهي ٿو، تڏهن سڀ لفظ، هڪ ٻئي پٺيان پريڊ ڪندا، سندس قلم تي اچڻ لاءِ هڪيا حاضر آهن ۽ رهن ٿا، پر شيخ اياز انهن کي ضابطي ۾ رکي، هرهڪ لفظ کي پنهنجي مناسب حيثيت آهر رکندو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح جڏهن لفظ شعر ۾ نمبر وار بيهي وڃن ٿا، تڏهن شعر جي معنيٰ نازڪ خيالي ۽ تخيل جي پرواز کي ائين ته چمڪائين ٿا، جو شعر گويا هڪ نؤلکو هار پيو ڀانئجي، جو سنڌي جي ڪونج گلي ۾ گل گل پيو ٺهي! اهڙي سٽا بيهارڻ، انهيءَ قابل ڪاريگر جو ڪم آهي، جنهن وٽ اکٽ ۽ املهه لفظي ذخيرو موجود آهي.

]”شڪارپور شھر جو سنڌي ادب ۾ حصو“، ليکڪ: انورفگار هڪڙو تان ورتل)

*

رات توکي پئي پُڪاري، آءُ!

ڪنهن نئين چنڊ جي سھاري آءُ!

 

بزمِ هستي سياه و سرد آهي

داغِ دل جو چراغ ٻاري آءُ!

 

اچ ته ٽوڙيون سڪوت ساحل جو

موج و طوفان کڻي ڪناري آءُ!

 

زندگيءَ ۾ کپي ڏکن جي ڏاهه

تون سکن جو سوال واري آءُ!

 

شمع جو ڀاڳ آ جلڻ ۽ جاڳ

جي ڪرين نينهن، ننڊ کاري آءُ!

 

هيءَ ڀني رات، هيءَ هوا هي چنڊ!

هر گهڙيءَ ساه توکي ساري آءُ!

 

جيت يا هار، پريت ڪرڻي آ

آءُ ته من ”اياز“ واري آءُ!

]ڀَونر ڀِري آڪاس، ص 190[
 

مولانا غلام محمد ”گرامي“

(1920ع – 1976ع)

خيالات جي تنوع ۽ رنگينيءَ ۾ مقصد ڏانهن جا دعوت آهي، اها سندس وسيع مطالعه ۽ تجربي جي پيداوار آهي. ڇا لاءِ ته سندس نظر ۾ زندگي ظاهري به آهي ۽ معنوي به آهي، مذهبي به آهي ۽ روحاني به آهي. ذڪر ۽ فڪر سان گڏ سوز ۽ ساز سندس خيال انگيز دنيا کي رنگين به بنايو آهي ۽ حسين به. سندس خيالات ۾ روميءَ جو سوز و ساز به آهي ۽ رازيءَ جو پيچ و تاب به آهي؛ لطيف جي وجد انگيزي به آهي ۽ سچل جي سرمستي به آهي بهرحال، سندس شاعري نظم ۽ غزل کان وڌيڪ ’فڪر ۽ خيال‘ جي آهي- اها نثر ۾ موجود آهي. سندس عبارت ۾ نظم جو تسلسل ۽ بندش ۽ غزل جو ترنم آهي.  جملي کان پوءِ ايندڙ جملو ائين معلوم ٿيندو، جيئن آبشار جو صاف ۽ شفاف پاڻي پنهنجي خوش رفتاريءَ سان روان ۽ دوان هجي. اها آهي سندس ”شاعري“! باقي رهي سوانح حيات،  اها مختصر هن ريت آهي:

نالو: غلام محمد ’گرامي‘ بلوچ، والد جو نالو جاڙو خان بلوچ، ولادت: ميهڙ ۾ 30 ڊسمبر 1920ع، تعليم: ڪنهن به اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم نه ورتل جو ڪجهه به وٽس آهي اهو ذاتي مطالعھ، تجسّس تلاش، مشاهدي ۽ تجربي ۽ صحبت سان پيدا ٿيل آهي.

حيدرآباد ۾ اچڻ: گرامي صاحب حيدرآباد ۾ 1943ع ۾ جامع عربيه تحريڪ ۾ آيو. ان کان پوءِ هت هميشه لاءِ رهيو. 1951ع کان 1954ع تائين ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ فارسيءَ جو استاد رهيو.

صحافت: 1943ع کان قلمي ۽ صحافي زندگي جو آغاز ’هلال پاڪستان‘ جي افتتاح سان ڪيائين، ۽ ’عبرت‘ جي ٻئي دور ۾ ڪالم نويس رهيو. ان سلسلي ۾ رساله ’آفتاب‘ ڪراچي، ’عرفان لطيف‘ حيدرآباد، ’پاسبان‘
هالا، ’الزمان‘ هالا ۽ ’ترجمان‘ ميرپورخاص جو ايڊيٽر رهيو. 1955ع کان ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ آيو ۽ رسالي ’مهراڻ‘ جو مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو. 56-1957ع ۾ ’شاعر‘ حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿيو. 1958ع کان 1976ع تائين ’مهراڻ‘ رسالي جو ايڊيٽر رهيو. ان طرح سڄي عمر ادب ۽ صحافت سان وابسته رهيو. سندس تعلقات جو سلسلو وسيع رهيو. مخدوم محمد زمان صاحب ’طالب الموليٰ‘ سان محبت ۽ عقيدت وارو تعلق آخر تائين قائم رهيو. سندس وفات 15 سيپٽمبر 1976ع تي ٿي.

]مھراڻ 4/1976ع، گرامي نمبر، ص 3-4[

*

راز رهجي ويو دل جو سينن ۾،

سانڍجي ويو سڄڻ دفينن ۾.

نڪته چيني عظيم فن آهي،

جي هجي نُڪتو، نڪته چينن ۾.

حُسن آهي مگر نه حسنِ نظر،

اڄ حَسينَن ۽ مھ جبينن ۾.

دل جي نسبت ڪٿي ۽ گِل جي ڪٿي؟

ٿي منافق رهيا مدينن ۾.

مان ئي کٽندي خدا جو آهي سنھن!

ڳالھه آئي جي ڪٿ امينن ۾.

جي رهيا هڪ گهڙي، نه دل کان پري،

حيف! ڏسجن ٿا اڄ مھينن ۾.

جو نه سمجهي، ٻُڌي انھيءَ سان ڪڇڻ!

ڳالھه ”هالن“ جي ڄڻ ”بدينن“ ۾.

سچ ٿي فرمايو ”طالب الموليٰ“،

فرق ماڻھن جو ٿيو يقينن ۾.

اي ”گرامي“ خموش! حد ادب!

ڳالھه چئبي، چڱن قرينن ۾.

 

]جَديد شُعَراءِ سِنڌِي، مسرور ڪيفي، ص: 22-23[

”تنوير“ عباسي

(1934ع – 1999ع)

اصل نالو نور نبي، والد جو نالو گل حسن عباسي، پيدائش 7 ڊسمبر 1934ع. سن 1951ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري حيدرآباد ۾ سائنس جو ڪورس کنيائون. ان زماني ۾ بزمِ خليل جا مشاعرا حيدرآباد ۾ نهايت اعليٰ پيماني تي ٿيندا هئا. جيئن ته سندن طبيعت ننڍي هوندي کان موزون هئي ۽ شعر و شاعريءَ سان بيحد دلچسپي هئن. تنهنڪري بزمِ خليل جي مشاعرن کان متاثر ٿي شعر چوڻ لڳا ۽ ”مغموم“ تخلص اختيار ڪيائون. ٿوري وقت کان پوءِ ادبي سنگت ۾ شامل ٿيڻ ڪري سندن لاڙو ترقي پسند شاعريءَ ڏانهن ٿيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ مشق سخن ڪري پنهنجي هڪ انفرادي حيثيت قائم ڪري ورتائون. 1960ع ۾ ايم.بي.بي.ايس پاس ڪري حيدرآباد ۾ ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽري سان گڏ علمي ۽ ادبي مشغلو به جاري رهيو، پاڻ پاڪستان رائٽر گلڊ حيدرآباد ريجن جا جائنٽ سيڪريٽري رهيا ۽ انهي ڏس ۾ ڪافي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندن انقلابي گيتن جو مجموعو ”رڳو ٿيون رباب“ مشهور ڪتاب آهي. سندن تخلص ”تنوير“ آهي. پاڻ 25 نومبر 1999ع تي اسلام آباد ۾ انتقال ڪيائين.

*

اکڙيون ٻوٽيان توڙي کوليان، آڏو تنھنجو مُنھن،

اندر تون ئي، ٻاهر تون ئي، مون کي تنھنجو سُنھن.

 

تنھنجي پيارَ سھاري جڳ کي ڪري ڇڏيم سنگيت،

پوپٽ پوپٽ راڳ بڻي ويو، گل گل ٿي ويو گيت.

 

مون کي تنھنجو پاڪ ۽ نرمل منھن ائين لڳندو آهه،

ڄڻ رابيل جي گل ۾ ساهه وڌو آهي الله.

 

پنھنجو پاڻ وڄي ٿو جو، آهيان سو ازلي ساز،

پاڻ وڄان ٿو، پاڻ ٻُڌان ٿو، مان پنھنجو آواز.

 

منھنجو من آ خالي خالي، ڄڻ دهرئي جي دل،

جي تون آئين اُن ۾، رسندو ڪعبي جي منزل.

 

سوچي، لوچي، ٿڪي پيس مان آهين ڪٿي، او سچ،

هاڻي سوچڻ ۽ لوچڻ ري ائين ئي مون وٽ اچ.

 

رات چَڙا تارن جا چوريا، ڇِڙي ويا ڪئي گيت،

اکين ڏٺو ٿي، روح ٻُڌو ٿي، سانتيڪو سنگيت.

 

ڪنھن به نه آندو، ڪنھن به نه آندو، مون وٽ سچ جو ڀير،

پر مون کان به لڪي اُن پاتو منھنجي من ۾ پير.

]جَديد شُعَراءِ سِنڌِي، مسرور ڪيفي، ص: 34-35[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org