ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ترجمو:
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

سنڌجي تاريخ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ ملڪ جو نامور عالم ۽
محقق هو. سندس علميت ۽ بصيرت جو شھرو عالمي سطح تي
اعتراف حاصل ڪري چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس مطالعي جا
موضوع به عالمي لحاظ کان وسيع ۽ عميق هئا. جيڪي
به تحريرون سندس قلم مان نڪري قرطاس تي روشن ٿيون،
سي مختلف علوم ۽ فنون جو مثال قائم ڪري دواميت جو
مظهر بڻيون. ڪيترن ئي علوم ۽ فنون مان ’تاريخ‘ پڻ
مرغوب موضوع رهيو، جنھن کي ڪلاسيڪي ۽ اساسي فڪر ۽
فن جي لوازمات تحت پنھنجي اعليٰ صلاحيتن سان
پنھنجي منفرد ۽ ڏيهي تسلسل سان مسلسل بڻائيندي
اهڙو جديد فڪر نمايان ڪيو، جو ان جا اثرات بيشڪ
پري پري پکڙجي نئين تحقيق ۽ مستند نتيجن سبب مقبول
ٿيا آهن.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر
انور فگار هَڪڙو
علمي دنيا ننڍي کنڊ ۾ اسلامي ارتقا جي همه گير رخن
کي روشن ڪرڻ لاءِ جيڪي به جَتن پئي ڪيا آهن، انھن
۾ هن اڪيلي انسان جي جُهد ۽ جفاڪشيءَ کي ڏسبو ته
حيرتناڪ تصورات قائم ٿيندا. ڪيترائي سوال سيس
سهائي بيهندا ته علمي دنيا جو ڪھڙو عنوان آهي،
جيڪو کانئس بعيد رهيو؟ ڪھڙو علمي، تحقيقي ۽ ادبي
توڙي اتساهڪ فن آهي، جو دسترس کان ڏور هو!؟ مستند
۽ معياري توڙي قديم، ڪهنا ۽ جديد ماخذ جي مطالعي
هيٺ رهيا يا جن تان استفاده ٿي ڪيو، سي ڪيترين
زبانن ۽ ڪثير تعداد ۾ هئا، انھن کي عنوان وار آڻي
جيڪڏهن انھن جو غور سان جائزو وٺجي ته هوند انھن
تي ڪيترائي تحقيقي مقالا رقم ڪري سگهجن ٿا.
’تاريخ‘ متعلق تحقيق ڏانھن سندس توجهه تعليم حاصل
ڪرڻ دوران رهيو. مسلسل متوجهه رهڻ ڪري نه رڳو سنڌ
جي تاريخ جو درست تسلسل ذهن نشين ٿيندو رهيو، پر
ننڍي کنڊ جي تاريخ جا سلسلا به چِٽا نظر ۾ رهيا.
جنھن جا ثبوت سندس تحريرن ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا.
”سنڌي ادبي بورڊ“ ڏهين آڪٽوبر 1951ع تي ڏهين نمبر
ٺھراءَ هيٺ فيصلو ڪيوته سنڌ جي تاريخ جا ٽي مکيه
ڪتاب: 1- فتحنامه سنڌ 2- تاريخ معصومي ۽ 3- تحفة
الڪرام اهل سنڌ جي فائدي خاطر سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪرايا وڃن ۽ ”مخدوم امير احمد صاحب پرنسپال
اورينٽل ڪاليج حيدرآباد سنڌ، اهو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي رهنمائيءَ هيٺ پورو ڪري.“ بورڊ جي
ٺھراءَ جي هن فقره مطابق ترجمي جي هن اهم تجويز جي
نگراني ۽ ذميواري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي
ٿي ۽ انھيءَ لحاظ سان فاضل مترجم هيءُ ڪم جنوري
1952ع کان ڊاڪٽر بلوچ جي ڏنل مشوري ۽ هدايت مطابق
شروع ڪيو. تاريخ معصومي جو ترجمو هن سلسلي جي
پھرين ڪڙي آهي، جنھن کي 1953ع ۾ پھريون دفعو ڇپائي
پڌرو ڪيو ويو (تاريخ معصومي: تمهيد ص 3). 1954ع ۾
”فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو“ ڇپيو ۽ 1957ع ۾ ”تحفة
الڪرام“ ڇپجي پڌرو ٿيو، انھن ٻنهي تاريخي ڪتابن ۾
مٿين ٺھراءَ جي تاريخ 20 آڪٽوبر ڏنل آهي.
مٿين مذڪور جو مقصد آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جي تاريخي علميت، ادراڪ ۽ شعور کي عمر جي
لحاظ کان ڏسي ننڍي کنڊ جي مورخن سان تقابلو
ڪجي ته سندس قابليت جو گراف اوچو ئي ڏسڻ ۾ ٿو
اچي. جنھن جا اهڃاڻ ٿلهي ليکي مان هن ريت پيش
ڪري سگهان ٿو. ڪو حتمي رايو ته نه ٿو چوان
بلڪه اعتراف ڪرڻ گهران ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 31 مارچ 1954ع تي مير
محمد معصوم بکريءَ پاران فتحپور سڪريءَ ۾ شيخ
سليم چشتيءَ جي وڏي دروازي جي پاسن کان قائم
ڪيل ڪتبن کي انھيءَ طرح نقل ڪيو، جيئن اتي
لکيل آهي (تاريخ معصومي ص 16) ان وقت ڊاڪٽر
بلوچ جي عمر اٺاويهه ورهيه هئي. ان ئي عرصي
دوران حيدرآباد دکن مان شايع ٿيندڙ علمي رسالي
ٽماهي ”اسلامڪ ڪلچر“ ۾ سندس مقالا شايع ٿيندا
آيا. پھريون مقالو
شايدThe
Probable Date of the First Arab Expeditions
جي عنوان هيٺ جولاءِ 1946ع ۾ ڇپيو، جو اسحاق
نالي مقالي نگار جي هندستان خلاف عربن جي
اولين مهم جوئي 23هجريءَ کي رد ڪري
To India
15هجري سن ثابت ڪيو، ساڳئي رسالي جي ٻاويهين
جلد جي پھرين پرچي جنوري 1948ع ۾ سندس مثالي
مقالو
The Burial Place of Sultan Muhammad
B.Tughliq
شايع ٿيو، اهي علمي، تحقيقي ۽ تاريخي تنقيدي
تحريرون نه فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
قابليت ۽ ڏاهپ جو ڏس آهن، پر سنڌ ۾ تاريخ
نويسيءَ جي ڪامل تسلسل جو مثال آهن.
ڊاڪٽر بلوچ سن 1943ع کان 1945ع تائين مسلم علي
ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي پروفيسر مولانا عبدالعزيز
ميمڻ جي شاگرديءَ ۾ رهندي کانئس تاريخ جي سکيا
حاصل ڪئي ۽ قاضي احمد ميان اختر سان مباحثن
مان مفيد مشوره حاصل ڪيا (چچ نامه، ص ج ۽ د).
اهو زمانو علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي عمل ۽
اشاعت جو پُراثر ۽ پرذوق زمانو هو، عالمَ
پنھنجي علمي مشغلن ۾ مگن رهيا، جنھن ڪري
سازگار ماحولَ زور پئي ورتو، سنڌ جي ان وقت جي
محقق شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي
”تاريخ معصومي“ جو مستند متن ڇهن قلمي نسخن جي
تقابلي اڀياس سان لکيو، جو 1938ع ۾ بمبئي جي
ڀنڊارڪر اورينٽل انسٽيٽيوٽ پاران ڇپجي پڌرو
ٿيو ۽ 1939ع ۾ سندس اهڙوئي تحقيقي ڪارنامو
”فتحنامھ سند المعروف به چچ نامه“ مجلس
مخطوطات فارسيھ حيدرآباد دکن جي ڪوششن سان
مطبعه لطيفي دهلي مان ڇپجي پڌرو ٿيو.
هيڏانھن دانشگاهه پنجاب ۾ ڊاڪٽر مولوي محمد
شفيع ۽ سيد عبدالله پڻ نوان منصوبا جوڙڻ جا
جتن ڪري رهيا هئا. سندن ڪوشش هئي ته ڪنھن طرح
”اسلامي انسائيڪلوپيڊيا“ مستند طور ترتيب ۽
اشاعت ۾ اچي، ان سلسلي ۾ سن 1950ع ۾ ”دائره
معارف اسلاميه“ قائم ٿيو، جنھن ۾ مسلمانن جي
چوڏهن سون سالن جي سياسي، علمي، فڪري ۽ ادبي
سرمايو سجايو ڪري، جديد تحقيق ۽ ترتيب سان
شايع ڪري سگهجي. سيد عبدالله اهڙو خيال سن
1940ع ۾ منعقد ڪيل عربي ۽ فارسي ڪانفرنس پنجاب
يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پيش ڪيو هو، ان وقت به کيس
ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع جي رهبري حاصل هئي. بعد
۾ 1948ع ۾ پنجاب يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جي
اجلاس ۾ اهڙي رِٿ پيش ڪيائين ۽ ان وقت جي
وائيس چانسلر ڊاڪٽر عمر حيات ملڪ جي دلچسپيءَ
سبب منظوري ملي، سن 1950ع ۾ ڊاڪٽر مولوي محمد
شفيع لاهوريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم شروع ٿيو، 690
عنوانن تي مشتمل ٽيويهه جلد سيپٽمبر 1973ع کان
مارچ 1975ع تائين شايع ٿيا، ڪن جلدن کي گهرج
موجب 1985ع ۾ ٻيهر شايع ڪرايوويو، اهڙيءَ ريت
2006ع پڻ نئين ايڊيشن منظرِعام تي آئي.
”دائره معارف“ جي جلد يارهين جي پھرين ڇاپي ۾
ص 329 کان 347 تائين ۽ نئين ايڊيشن ۾ 329 کان
347 تائين ’سنڌ‘ (سندهه) جي عنوان هيٺ نامور
مورخ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي تاريخ لکي
آهي، جا چوٽيهن اهم ماخذن جي اڀياس سان چوويهن
اهم عنوانن (۽ ڪن ننڍن ضمني موضوعن) تحت جديد
تحقيق جي روايتن ۽ سنڌ جي علمي تشخص کي زنده
رکندي، جو اهم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، سو
قديم ۽ جديد تاريخ نويسيءَ جي لحاظ کان ته
بيشڪ منفرد ۽ مستحڪم آهي، پر سنڌ جي اعليٰ
تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ تحقيق جي علمي ۽ عملي
سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ هي اهڙو اهم بنيادي مآخذ
آهي، جنھن جي اڀياس کان سواءِ شاگرد ۽ اسڪالر
شايد پنھنجي فني تربيت ۽ تحقيقي تڪميل ۾ ڪا
ڪمي محسوس ڪن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي تاريخ جي
تحقيق، ترتيب ۽ ترجمي (نگراني) ڏانھن باڪمال
رويو روا رکيو، سو شروع کان ئي وڏي توجهه،
ڳوڙهي اڀياس، تقابلي ۽ تنقيد سبب نھايت ئي
ڪارآمد نتيجن ۽ مستند حيثيت سبب ڪڏهن به پُوڻو
پَوڻو ڪونه آهي. الائي ڪھڙي ايام ۾ ڪو اهڙو
عالم اڀرندو جو سندس تاريخ تي ڪيل ڪارنامن جو
ائين اعتراف ڪندو جيئن پاڻ علي ڪوفي جي ”فتح
نامه سنڌ عرف چچ نامه“ تي حياتيءَ ڀَر توجهه
مرڪوز ڪري، ان کي دنيا جي، علمي دنيا ۾ مطالعي
جو مرڪز بڻايو.
”سنڌ جي تاريخ“ جو ترجمو منھنجي رٿائن مان هڪ
رٿا ته رهي، پر روايتي سُستيءَ ۽ ان جي اهميت
۽ گهرائيءَ جي اثر سبب دير ۾ دير پئي ٿيندي
رهي، آخر برادرم دبير ميرزا ۽ جبران زيب جي
زور مون کي ڪمزور ڪري، هي خدمت ظاهر ڪرڻ تي
آماده ڪيو، هن جو ٻيو حصو جو ’سنڌي‘ (سندهي)
جي عنوان هيٺ آهي، سو هن کان پوءِ پيش ڪري،
سموري مواد کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرائبو، هي
مطالعو سن 1971ع تائين آهي. پوءِ جي معلومات
ميسر ڪري ڏيڻ ۾ منھنجي اکين جي نور ۽ دل جي
سرور محمد باسط ’پرين‘ جيڪو نور هاريو آهي،
تنھن لاءِ مان دل سان دعاگو آهيان ته رب
العالمين کيس جت ڪٿ ڪاميابيون نصيب ڪري ته
جيئن سندس وڏن جو ويڙهو وسي ۽ روشن رهي.
شڪارپور
انور فگار هَڪڙو
17 آڪٽوبر 2024ع
’سنڌ‘ پاڪستان جو ڏکڻ اڀرندي وارو صوبو آهي، جو
23-35 ۽ 28-29 اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66-21 ۽ 71-10
ڊگھائي ڦاڪ جي وچ ۾ واقع آهي. ان جي پکيڙ 58821
چورس ميل آهي. (1) سن 1961ع ۾
ان جي آدم شماري 8468712 کان وڌي سن 1971ع ۾ هڪ
ڪروڙ اوڻيھه لک ٿي چڪي. (2) ان
جي اتر ۽ اولھه ۾ پنجاب ۽ بلوچستان آهي ۽ اوڀر ڏکڻ
۾ هندستاني علائقن جي وچ ۾ آهي ته ڏکڻ اولھه ۾
عربي سمنڊ جو ڏيڍ سؤميل ڊگهو ڪنارو آهي. سنڌ صوبو
سنڌو درياءَ جي ڪپ تي آباد علائقو آهي ۽ سنڌو ندي
ان جي شھه رڳ آهي. ان درياءَ جو پراڻو نالو ’سنڌو‘
مان سنڌ لفظ ورتل آهي. يوناني مؤرخن ’سنڌوءَ‘ کي
انڊس سڏيو ۽ ان ئي لفظ مان ’اُنڊ‘، ’هند‘ ۽
’انڊيا‘ لفظ جُڙيا. ايرانين ۽ وري پوءِ عربن
’سنڌو‘ تي ’مھراڻ‘ جو نالو ڌريو، جو پڻ مشھور
ٿيو.
موجوده شڪل ۾ ’سنڌ‘ جو نالو سنڌ صوبو ان جو هم
آهنگ ۽ مترادف آهي، جنھن جي تشڪيل پھرين جولاءِ
1970ع تي اڳوڻي مغربي پاڪستان جي حيدرآباد ڊويزن،
خيرپور ڊويزن(3)
۽ ڪراچي ضلعي کي گڏ ڪري ڏني ويئي. سنڌ هن وقت 11
ضلعن تي مشتمل آهي.
ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، ٿرپارڪر، سانگهڙ، نواب
شاهه، دادو، لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر ۽ جيڪب آباد. هر
هڪ ضلعو تعلقن تي مشتمل آهي(4)
۽ تعلقي آفيسر مختيارڪار سڏيو ويندو آهي. پوليس جو
انتظام ٿاڻن تي بيٺل آهي. وڏي ٿاڻي جي پوليس آفيسر
کي صوبيدار سڏجي ٿو. ڪراچي سنڌ صوبي جي گاديءَ جو
هنڌ آهي.
تاريخ: سنڌ صوبي جي تاريخ جي ابتدا شھنشاهه داريوش
اول (520-515 ق.م) جي تحت ايراني رابطن سان ٿئي
ٿي. جڏهن سنڌ فتح ڪري، ايراني سلطنت ۾ شامل ڪئي
وئي. تقريبن ٻن صدين کان پوءِ 325-326 ق.م ۾ سڪندر
اعظم حملي آور ٿي گذرندي دشمن ملڪ ڏٺو. جتي کيس
سخت روڪٿام ۽ ردعمل سان منھن مقابل ٿيڻو پيو. هو
اتران اچي سنڌ ۾ لنگهي اروڙ (اڄوڪي روهڙي لڳ) جي
علائقي کان ٿيندو اڳتي اڄوڪي لاڙڪاڻي ضلعي جو آباد
علائقو فتح ڪيو. پوءِ سنڌو درياءَ جي قديم وستيءَ
سيوهڻ کان ٿيندو وچين ڊيلٽائي شھر پٽالا مان لنگهي
ڏاکڻي ڪناري جي بنديگاهه بابريڪا ۾ پڙاءُ وڌو. آخر
سنڌ مان گدروشيا (مڪران) جي خشڪي لتاڙي بابل هليو
ويو. سڪندر جي موت کان پوءِ سنڌ سيلوڪس نڪيتر،
چندرگپت موريا (305 ق.م) باختري يونانين، پارٿين
(ٽين ۽ ٻي صدي قبل مسيح) سٿين ۽ ڪوشانن (100ق.م
200ع) جي قبضي ۾ رهي. سٿين ’سيستان‘ ۽ سيويءَ
وانگر سنڌ ۾ به ’سيوهڻ‘ ۽ ’سيوستان‘ تي پنھنجي
نالي جون مهرون هڻي هڪ مستقبل نشان ڇڏيو. ڀنڀور
(ڪراچي کان 39 ميل ڏکڻ اوڀر جي کوٽائيءَ سٿياني
مواد تي روشني وڌي آهي جنھن سان سنڌوءَ ڪناري جي
ڏاکڻي خطي تي انھن جي قبضي جي پڪ پوي ٿي. ڪوشاني
بادشاهه ڪنشڪ (78کان 100ع) جي اثر ۾ اچي سنڌ ٻڌمت
قبول ڪري ورتو. ٽين کان ستين صدي (عيسوي) تائين
سنڌ ساساني ايران جي سياسي برتريءَ جي اثر هيٺ
رهي. (اگرچه هياطله ۽ سفيد هنون پنجين صدي عيسويءَ
جي آخر ۾ ڪو ٿوري وقت لاءِ شايد اقتدار قائم ڪيو
هوندو.) ڇهين صدي عيسوي ۾ سنڌ ۾ ڏيھي ڪٽنب ’سمن‘
مان
’راءِ گهراڻي ‘جو اٽل ۽ مستقل راڄ قائم ٿيو. رايان
سمّہ غالبن ايراني شهنشاهن سان لڙهيءَ ۾ پوتل هئا.
سمن جي آڳاٽن راڄ ڌڻين جو لقب ’ڄام‘ ان حقيقت ڏي
اشارو ڪري ٿو. آخرڪار ستين صديءَ ۾ هڪ غير ملڪي
برهمڻ پنڊت چچ سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي سمن جي راڄ جو
تختو اونڌو ڪيو. (622ع) ۽ سنڌ تي برهمڻ راڄ قائم
ٿيو جنھن ۾ ٻڌمت جي ڀڪشن سان سخت سلوڪ ڪيو ٿي ويو
۽ رعيت تي مَنِّو جا قانون لاڳو ڪيا ويا، جيڪي ذات
پات تي ٻڌل هئا. ڇوت اڇوت جي ڏاڍائين ڪارڻ رعيت
ڏمرجي پئي ۽ جڏهن محمد بن قاسم، برهمڻ راجا ڏاهر
جي مزاحمت ڪئي (711ع) تڏهن رعيت مسلمانن جو ساٿ
ڏنو اهڙيءَ ريت برهمڻ راڄ جو خاتمو ٿيو.
اسلامي دؤر: پھرين صدي هجري مطابق اٺين صدي
عيسويءَ ۾ سنڌ اڄ جي مقابلي ۾ گهڻو وسيع ملڪ هو.
منجهس موجوده بلوچستان کان سواءِ مڪران جا
اوڀاريان ضلعا به شامل هئا. اتر ۾ ان جي حد ۽ سرحد
جهلم ۽ چناب جي جوڙ تائين هئي ته ڏکڻ ۾ جيسلمير
مارواڙ ۽ ڪڇ جا به ڪي علائقا هئا. ان حڪومت جي
ڏورانھن علائقن سان رابطا ڪي گهڻا پختا ڪونه هئا ۽
نه ڪپرن تي ڪو زور هلندو هو. ان ڪري ديبل بندر ته
بحري ڌاڙيلن جو اڏو بڻجي چڪو هو.
جيتوڻيڪ ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت امير
معاويه رضه جي زماني ۾ فاتح سيستان عبدالرحمان رضه
ابن سمره جي هڪ فوجي سردار مھلب سنڌ ۽ پنجاب کي
لُٽي تھس نھس ڪري ڇڏيو هو. باقائده فوجي چڙهائي
وليد بن عبدالمالڪ جي حڪومت جي وقت ٿي هئي. ان جو
جيڪوسبب ڄاڻيو وڃي ٿو، تنھن ۾ اهم ترين اهو آهي ته
ديبل جي بحري لُٽيرن کان عراق ويندڙ ٻيڙين تي ڇاپا
هڻي مال متاع سان گڏ عرب مسافرن کي به پڪڙي کڻي
ويا. عراق جي والي حجاج بن يوسف، راجا ڏاهر کان
قيدين سميت مال متاع موٽائڻ جو مطالبو ڪيو. راجا
جڏهن بحري لُٽيرن سان مقابلي جي معذوري ڏيکاري
تڏهن حجاج هڪ مختصر فوج ديبل وارن کي ڪُچلڻ لاءِ
رواني ڪئي. مگر جنگ ۾ انھن جي سردار عبيدالله بن
بنھان جي مارجڻ سبب اهو معرڪو ناڪام ٿيو. (ڊاڪٽر
دائود پوٽي جي راءِ موجب ڪراچيءَ سمنڊ ڪناري
عبدالله شاهه جو مقبرو ان شھيد جو آهي). ان کان
پوءِ عمان جي والي بديل جي مھنداريءَ هيٺ موڪليو،
جنھن جي مقابلي جي لاءِ راجا ڏاهر جو پُٽ وڏي فوج
وٺي دوبدو ٿيو. نيرون لڳ بديل به مارجي ويو. ان
مان ثابت ٿيو ته سنڌ جي مرڪزي حڪومت ڌاڙيلن جي
پُٺڀرائي ڪندڙ هئي. ايستائين حجاج رڳو ديبل يا
ڏاکڻي سنڌ کي قابو ڪرڻ جي سوچ ۾ هو. هاڻي هن سموري
سنڌ ملڪ تي حملي ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي فوج ڪشيءَ
جون تياريون شروع ڪيون ۽ مھم جي اڳواڻي پنھنجي
ڄاٽي عماد الدين محمد بن قاسم جي حوالي ڪئي جو ان
وقت سورنھن سترنھن سالن جو مس هو.
93هه/712ع ۾ محمد بن قاسم جي ديبل جي سامھون پھتو
۽ اٽڪل ڇھن مھينن جي گهيري کان پوءِ رجب جي مهيني
۾ اهو فتح ڪري ورتو. شھر ۾ 4000 عرب رهائي، حميد
بن زارع نجديءَ کي حاڪم مقرر ڪيائين. ڪن مؤرخن جو
خيال آهي ته ديبل ئي ڪراچيءَ جو پيش رو هو. (Imperil
Gazetteer 315-22)
ان دوران سنڌ جو ڏاکڻو صوبائي شھر نيرون فتح ٿي
چڪو هو. اولاهين سنڌ جا گهڻا ئي رئيس، محمد بن
قاسم جي وڻندڙ ورتاءُ کان متاثر ٿي، سندس جهنڊي
هيٺان جمع ٿيڻ لڳا. ان کان پوءِ عربن جهمپير وٽان
درياءُ پار ڪيو. اروڙ جي ويجهو راجا ڏاهر سان
مقابلو ٿيو. ڪيترن ڏينھن جي جهڙپن کان پوءِ ڏهين
رمضان تي هڪ خونريز جنگ ٿي جنھن ۾ راجا ڏاهر مارجي
ويو ۽ سنڌ جي قسمت جو فيصلو ٿي ويو ڏاهر جي مارجي
وڃڻ کان پوءِ محمد بن قاسم هرهنڌ حاڪم ۽ تحصيل دار
مقرر ڪيا. هن جي نرمي ۽ رعايت جي چرچي سبب اُڀرندي
صوبي جا اڪابر به هڪ ٻئي پويان اچي اطاعت ڪرڻ لڳا.
ذوالحج جي مهيني ۾ برهمڻ آباد تي قبضو ٿي ويو.
جنھن جي کنڊرن مان منصوره جي تعمير ٿي. سال ڏيڍ
اندر گاديءَ جو هنڌ اروڙ (اروڙ موجوده روهڙيءَ جي
لڳ) اسڪلنده (هاڻوڪو اُچ) قلعه بھائيه (هاڻوڪي
بھاولپور جي لڳ) ۽ ملتان به گهيري ۾ اچي ويو.
اهڙيءَ طرح سموري سنڌ جي سلطنت اموي حڪومت جو جزو
بڻجي ويئي.
محمد بن قاسم جي انتظام، عدل ۽ انصاف، ملڪ ۾
ترقيءَ جون راهون کوليون ۽ مفتوح مخلوقن جي حقن جي
اهڙي حفاظت ڪئي، جو وٽن محبوب ۽ محترم ٿي مقبول
ٿيو. ڏيھي ماڻھن مان پنج هزار سپاهين جو لشڪر گڏ
ڪرڻ کان پوءِ خلافتي درٻار مان هندن جي ٻين ملڪن
تي حملي جي اجازت گهري خليفي وليد بنا ڪنھن اٽڪ جي
کيس موڪل ڏني. محمد بن قاسم ملتان کي جنگي مرڪز
مقرر ڪري قنوج جي راجا ڏاهر ڏانھن سفارش موڪلي ته
اطاعت قبول ڪري، مسلمانن کي چين تائين وڃڻ جي
اجازت ڏئي. فوج وٺي وڃڻ جي تياري تقريبن مڪمل ٿي
چڪي هئي ته شوال 95هه/714ع ۾ حجاج ۽ ٻئي سال وليد
وفات ڪئي. سليمان بن عبدالمالڪ خلافت جي مستند تي
ويهندي ئي حجاج کان پنھنجي پراڻي پَلَوَ وٺڻ لاءِ
ان جي خاندان ۽ طرفدارن سان ظلم ڪرڻ لڳو. يزيد
سڪسڪي کي محمد بن قاسم کي هٽائي قيد ڪرڻ جو حڪم
ڏئي سنڌ موڪليو. محمد بن قاسم حڪم مڃڻ جو ثبوت
ڏيندي پاڻ کي ان جي حوالي ڪيو. کيس ٽاٽ جا ڪپڙا
پارائي هٿڪڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون وجهي، واسط موڪليو،
جتي وفات ڪري ويو.
يزيد سڪسڪي تمام ٿورو وقت سنڌ جي سلطنت جو حاڪم
رهيو. اموي خليفي سليمان جي وقت (715ع کان 717ع) ۾
سنڌ جي حاڪم حبيب بن مھلب، راجا ڏاهر جي پٽ جئي
سنگه کي هڪ محصول ادا ڪندڙ جي حيثيت سان برهمڻ
آباد ۾ واپس اچڻ جي اجازت ڏني جنھن اڳتي هلي حضرت
عمر بن عبدالعزيز جي دعوت تي اسلام قبول ڪيو.
خليفي هشام (724ع کان 743ع) جي حاڪم جنيد بن
عبدالرحمان پنھنجي فتوحات سان هڪ دفعو وري محمد بن
قاسم جي ياد تازي ٿي ڪئي. هن راجپوتانا، ڪاٺياواڙ،
اترگجرات ۽ مالوا تي ڪامياب حملا ڪيا. جيتوڻيڪ
انھن فتحن جي نوعيت ديرپا قبضي جي ثابت ڪونه ٿي.
تڏهن به ان جي اولاهن ڀاڱن ۾ هلچل مچي وئي. (Annals
of Rajistan،
1:206)
ان کان پوءِ تميم بن يزيد ۽ حَڪَم والي ٿيا ته
ڪيئي علائقا مسلمانن جي هٿان نڪري ويا پوءِ محمد
بن قاسم جي پُٽ عمرو کي حاڪم مقرر ڪيو ويو، جنھن
دفاعي استحڪامات ڏانھن جوڳو ڌيان ڌريو ۽ ڪن علائقن
تي وري گهيرو ڪري قابض ٿيو. انھن ئي ڏينھن ۾ ٻه
قلعن ٻڌل شھر هاڻوڪو حيدرآباد ۽ ان کان چاليھه ميل
ڏکڻ ۾ محفوظه ۽ برهمڻ آباد لڳ منصوره آباد، آباد
ٿيا.
اموي خلافت جي خاتمي ۽ دولت عباسيه جي آغاز
(132هه/750ع) کان پوءِ سنڌ جو انتظام بغداد جي
دارالخلافت هيٺ اچي ويو. ان زماني ۾ عبدالله
الاشتر محمد النفس الزڪيه سنڌ ۾ آيو ته شيعت جي
پذيرائي ٿي. ٻيا عرب قبيلا جهڙوڪ قحطاني، نزاري،
تميمي ۽ حجازي پاڻ ۾ وڙهندا ۽ جنگيون ڪندا رهيا.
نتيجي ۾ منجهن امن درهم برهم ٿيندو رهيو جڏهن ته
هارون رشيد جي دور ۾ دائود مهلبي نزارين جي طاقت
جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو، تڏهن به المتوڪل جي دور ۾
حجازين جي سرگروه عبدالعزيز هباريءَ عباسي حاڪم
خالد کي قتل ڪري خودمختيار حڪومت قائم ڪئي ۽
منصوره کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو.
نائين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ ۽ـ خاص طور ملتان ۾
اسماعيلي عقيدن جي تبليغ ۽ اشاعت وڏي زور سان شروع
ٿي. جيئن المقدسيءَ بيان ڪيو آهي ته اتي فاطمي
خليفن جي نالي خطبو پڙهيو ويندو هو. محمود غزنوي
جي زماني ۾ اتي ابو الفتح دائود حڪمران هو، جنھن
ڀاٽيه قلعي تي محمود غزنوي جي حملي وقت (1004ع)
ڀاٽيه حاڪم جي مدد ڪئي هئي. 1005ع ۾ محمود کيس
عبرتناڪ شڪست ڏني. ان ئي اسماعيلي عقيدن هي تائب
ٿي اطاعت قبولي. 1026ع ۾ سومنات کان موٽندي محمود
سنڌ کي به مطيع ڪيو. غزنوين جو زوال آيو ته ملتان
۾ اسماعيلين وري اقتدار حاصل ڪيو. هتي سنڌ ۾ به
انھن ڏينھن ۾ سومرا خاندان طاقتور ٿي ويو. اهي به
عقيدتن اسماعيلي هئا. انھن مسعود بن محمود جي خلاف
بغاوت ڪري ڏکڻ اولاهين سنڌ ۾ پنھنجي حڪومت قائم
ڪئي.
1175ع ۾ سلطان محمود غوريءَ ملتان کان پوءِ سنڌ جي
سلطنت فتح ڪئي. سندس وفات کان پوءِ نائب
ناصرالدين قباچه پنھنجي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو.
قباچه قطب الدين ايبڪ جو ڄاٽو هو. (1210ع) کان
پوءِ ڪجهه وقت لاهور تي به قبضو ٿي ويو. ليڪن ترت
ئي التمش کانئن لاهور جا علائقا کسي ورتا.
618هه/1221ع جلال الدين خوارزم شاهه پوءِ سيوهڻ ۽
ديبل ڏانھن نڪري آيو . ديبل ۾ ان هڪ مسجد جوڙائي.
بعد ۾ خراساني اميرن جي دعوت تي اُتان آجو ٿي نڪتو
ته اولاهين سنڌ ۽ بلوچستان جا علائقا قباچه قبضي
ڪيا. چنگيزي مصيبت مان جي علماءَ ۽ امير بچي اچي
سنڌ پهتا هئا، تن کي قباچه وڏن اعزازن ۽ اڪرامن
سان سنڌ ۾ پناهه ڏني.
625هه/1228ع ۾ التمش جي فوجن سنڌ ڏانھن مھڙ ڪئي.
قباچه مقابلي جي سٽَ نه سَٺي ته سيوهڻ کان مڪران
تائين سنڌ ملڪ دهلي درٻار جي حڪم هيٺ آيو. بلبن
سنڌ ۾ ملتان جي نئين سر فوجي جوڙجڪ ڪري پنھنجي پٽ
محمد کي سربراهه ۽ صوبيدار مقرر ڪري ملتان کي
ٺڪاڻو ٺاهيو. ان جي دفاعي انتظام سبب پنجاب ۽ سنڌ
تي ڏهه سال ساندهه مغلن جي ڪابه ٽولي فساد جي همت
ساري نه سگهي.
علاءُالدين جي عهد (1295هه/1315ع) ۾ سنڌ کي هڪ
ڀيرو ٻيھر مغلن سان مقابلي جي لاءِ دوبدو ٿيڻو
پيو. هن دفعي هو پنجاب کان حملي ڪرڻ بدران
بلوچستان جي ٽڪرن تان لھي اچي سنڌ ۾ گهڙي آيا ۽
مارواڙ تي وڃي پهتا. مگر غازي ملڪ تغلق اهڙي
ناڪابندي ڪئي جو ڪوئي به بچي نه سگهيو. هزارين مغل
ٻڌي دهلي موڪليا ويا، جتي کين قتل ڪيو ويو.
مغلن جي مسلسل حملن سنڌ ۾ بدنظمي ۽ لاقونيت ڦھلائي
ڇڏي. ان جو فائدو وٺي وري سومرا ٻيهر اقتدار ۾
آيا. ظاهري طور ته هو دهلي درٻار جي اطاعت جو
اعتراف ڪندا رهيا، پر موقعو ملندي ئي خودمختياريءَ
جو اعلان ڪندا آيا. وري جڏهن مرڪزي فوج مٿان چڙهي
ٿي آئي تڏهن فرمانبرداري ٿي مڃيائون. اها حالت
محمد تغلق جي حڪومت (1324هه/1351ع) تائين هلي.
پوءِ ڏکڻ سنڌ تي راجپوت قبيلي مان سمن، سومرن کي
شڪست ڏئي گادي سنڀالي سندن سردار ’ڄام‘ سڏائيندا
آيا ۽ گاديءَ جو هنڌ ٺٽو هو. انھن ۾ سڀ کان اول
ڄام بابينو حڪمران ٿيو، جنھن 1361ع ۾ سرڪشي ڪئي ته
فيروز تغلق ٺتي جو گهيرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن ڄام
جي خطا معاف ڪري کيس پاڻ سان دهلي کڻي ويو. 1388ع
۾ فيروز تغلق جي پوٽي تغلق بن فتح خان بادشاهي
ڇَٽُ عطا ڪري، ملتان جو صوبو سدائين سنڌ کان جدا
ڪري ڇڏيو.
سَمّہ خاندان جو سڀ کان نامور ڄام نظام الدين
’نندو‘ (1462ع کان 1517ع) هو، جو وڏو ديندار، متقي
۽ علم دوست بادشاهه هو. ان جي عدل ۽ انتظام جي
بدلي ملڪ جي آبادي ۽ خوشحالي ۾ واڌ ويجهه آئي .
”تحفة الڪرام“ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ
جي آزادي جو هي خاص عيش ۽ آسائش جو زمانو هو، ان
ايام ۾ سوين صوفي، سادات ۽ شيوخ ڪوهستان، مڪلي ۽
سنڌو درياءَ جي ڪناري تي اچي آباد ٿيا ۽ ڳوٺن ۾
سندن شاخون ڦهلبيون ويون.
ڄام نظام الدين جي آخري عهد ۾ ارغوني مغل قنڌار
تي قابض ٿيا. شاهه بيگ ارغون بلوچستان ۽ سنڌ ۾
پنھنجي رياست بڻائڻ جي رِٿَ جوڙي سبي ۽ فتح پور جا
قلعا فتح ڪيا. هيڏي ته ڄام نظام الدين ۽ سندس سپهه
سالار درياءَ خان کين خاص سنڌ ۾ گهڙڻ ئي نه ڏنو ۽
هوڏانھن ٻاهر کانئن قنڌار به خالي ڪرايو. 1520ع ۾
شاهه بيگ وري سنڌ تي چڙهي آيو، ان وقت هتي ڄام
نظام الدين جو ناتجربيڪار پُٽ تخت تي ويٺو هو، مغل
ٺٽي ۾ گهڙي پيا، درياءَ خان وڙهندي مارجي ويو ۽
حملو ڪندڙ خونريزي ۽ ماراماريءَ ۾ حد ڪري ڇڏي. ڄام
فيروز مجبور ٿي ڪوهستان مڪليءَ تائين ۽ اترئين سنڌ
جا علائقا ارغونن جي حوالي ڪيا. شاهه بيگ جي وفات
(1526ع) ۾ ٿيڻ کان پوءِ سندس پُٽ حسن بيگ وري جنگ
ڪئي ته ڄام فيروز کي وطن مان لڏڻو پيو.
(935هه/1528ع) گجرات جي بادشاهه بھادر شاهه پنھنجي
ڌيءَ جي شادي ساڻس ڪرائي ملڪ واپس ڪرائڻ جي اُميد
ڏيکاري، مگر همايوني جي مقابلي جو سَتُ ساري نه
سگهيو. مغلن جي ابتدائي حملن ۾ ڄام فيروز مارجي
ويو، (942هه/1532ع) ائين ئي ان خاندان جو خاتمو
ٿيو.
شاهه حسن ارغون رسمي طور دهليءَ جي مغلن جو تابع
هو، پر جڏهن همايون شڪست کائي سنڌ ۾ آيو تڏهن سندس
پنھنجي قلعن ۽ شھرن ۾ اچڻ گوارا ڪونه ڪيائين.
همايون ڪيترا مھينا روهڙيءَ لڳ رهيو پيو هو. پر
بکر جو قلعو فتح ڪري نه سگهيو. ان کان پوءِ هو
راجپوتان هليو ويو، جتي جوڌپور ۽ بيڪانير جي
راجائن کان مايوس ٿي ٻيهر سنڌ ۾ آيو ۽ قنڌار جي
واٽ وٺي ايران هليو ويو. جيتوڻيڪ شاهه حسن ارغون
کيس ڪيترا روپيا ۽ سفر جو سامان فراهم ڪيو. پر
پوءِ به همايون جي دل تان سندس بي مروتيءَ جو داغ
دور ٿي نه سگهيو. 962هه ۾ شاهه حسن ارغون به لاولد
مري ويو. اترئين سنڌ سردار محمود سلطان ۽ ڏاکڻي
عيسى ترخان جي ڀاڱي ۾ آئي. اهي امير پاڻ ۾ وڙهندا
جهڙندا رهيا ته اڪبر جي عھد ۾ اهي علائقا مغل فوج
فتح ڪري ورتا. (1000هه/1591ع) جان بيگ ترخان کي
شاهي اميرن ۾ شمار ڪيو ويو ڪجهه سالن کان پوءِ
سندس پُٽ غازي بيگ کي ٺٽي جو والي مقرر ڪيو ويو.
بھرحال سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جو دور ختم ٿي
ويو.
دهليءَ ۾ مغلن جي مرڪزي سلطنت ڪمزور ٿي ته ڏاکڻي
سنڌ جا ڏيهي رئيس ۽ جاگيردار مغلن جي صوبيدار جي
وڪڙ ۾ ڪونه ٿي آيا. اهڙن سرڪش سردارن ۾ سنڌي،
بلوچ، مغل ۽ سيد وغيره مختلف ڪڙمن ۽ قبيلن جا
ماڻھو هئا. گهڻي شھرت ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي ٿي. هڪ
ٻئي پويان انھن وسيع سنڌ جا ٽڪرا ڪري پنھنجي
حڪومتي سرمايو ڦهلايو.
1149هه/1736ع ۾ ٺٽي جي آخري مغل صوبيدار صادق علي
خان فارغ ٿي ويو ته محمد شاهه بادشاهه سموري سنڌ
جي سلطنت جو ٺيڪو ميان نور محمد ڪلھوڙي کي ڏنو، جو
مشھور روايت جي مطابق حضرت عباس بن عبدالمطلب جي
نسل مان هو. ان کي اسان سنڌ جو عملن، پھريون آزاد
ولي قرار ڏئي سگهون ٿا. ٽن سالن کان پوءِ نادر
شاهه جو حملو ٿيو. ميان وڃي عمرڪوٽ ۾ پناهه ورتي
۽ هڪ ڪروڙ رپيه نقد عطا ڪري اطاعت گذاريءَ جو
واعدو ڪيو. ان جي باوجود نادر شاهه بکر صوبو
قنڌاري ولايت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. (1152هه) نادرشاهه
کان پوءِ درانين جي حملي جي دوران ميان نور محمد
ڀڄي وڃي جيلسمير ۾ جان ڇڏائي، جتي فوت ٿي ويو.
سندس پُٽ، احمد شاهه ابدالي جي اطاعت قبولي ”سر
بلند خان“ جو خطاب پاتو. سربلند جي ظلمن کان تنگ
ٿي اميرن کيس قيد ڪري سندس ننڍي ڀاءُ غلام شاهه کي
حڪمران بڻايو. (1170هه/1756ع کان 1186هه/1773ع) ان
کي احمد شاهه ابدالي صمصمام الدولہ جو خطاب ڏيئي
ديراجات جو انتظام به سپرد ڪيو. غلام شاهه قديم
شھر نيرون ڪوٽ کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بڻائي،
وڏيون عمارتون جوڙايون . موجوده حيدرآباد جون
رونقون ان جي ئي شڪر گذاريءَ جون علامتون آهن. ان
زماني ۾ ٽالپر قبيلي گهڻي تعداد سبب طاقت ورتي،
جنھن جي سردار بھرام خان غلام شاهه جي پٽ ۽ جانشين
سرفراز خان، بدگمانيءَ جو شڪار ٿي قتل ڪرائي ڇڏيو.
ٽالپرن کيس حڪمرانيءَ تان هٽائي قيد ڪري ڇڏيو ۽
ميان نور محمد جي پُٽ عبدالغني کي گاديءَ تي
ويهاريو. ان اول ته پنھنجي خاندان کي ئي نشانو
بڻايو. پوءِ جوڌپور جي راجا جي مدد سان بجار خان
ٽالپور کي قتل ڪرايو. (1193هه/1779ع) ماڻھن ناراض
تي کيس تخت تان هٽائڻ ٿي چاهيو ته عبدالنبي قلات ۽
بھاولپور جي مدد سان ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي. ٻن ٽن
سالن کان پوءِ ٽالپرن کيس شڪست ڏني ته هو تيمور
شاهه ابداليءَ وٽ ويو. ائين ئي ڪلھوڙن جي بدران
سنڌ ۾ ٽالپرن جي نوبت ۽ نغارو وڳو (1198هه/1773ع).
ٽالپرن جو مورث اعليٰ ٽالهو (طلحہ) کي حضرت حمزه
رضه بن عبدالمطلب جي اولاد مان ڄاڻايو وڃي ٿو. هي
گهراڻو ڏهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ بلوچستان کان سنڌ
۾ آيو. سؤ ڏيڍ سَؤ سالن ۾ ان جي پيڙهه سنڌ ۾ پکڙجي
ويئي. ٽالپرن جي ٽن سردارن ڪلھوڙن کي ڪڍيو ۽ سنڌ
کي ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. سندن ٽي گاديون
حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور رهيون. هي حڪمران
”ميران سنڌ“ جي نالي سان سڃاتا ويا.
ميران سنڌ ۾ سندن عمده انتظام سبب سنڌ ۾ هڪ مدت
تائين امن امان ۽ خوشحالي قائم رهي. تان جو اچي
انگريزي حڪومت جي وڌندڙ ويرکين لپيٽ ۾ لوڙهي ويئي.
انگريزي دؤر: سنڌ ۾ انگريزن جي رابطن تي تاريخي
تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته ٽي دور ڏسڻ ۾ ايندا.
1- واپاري 2- واپاري ۽ سياسي 3- سياسي.
سترهين صدي ۾ انگريزن ٺٽي ۾ پنھنجي واپاري ڪوٺي
قائم ڪئي، مگر مالي لحاظ کان اها سودمند ثابت نه
ٿيڻ سبب بند ڪري ڇڏيائون. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ
۾ جڏهن انھن کي پنھنجي خلاف افغانستان جي امير
شاهه زمان، ميسور جي حڪمران ٽيپو سلطان ۽ فرانس جي
شهنشاهه نيپولن جي متحده محاذ کان ڊپ لڳو، تڏهن
وري سنڌ ڏانھن متوجه ٿيا. ٽالپرن کين ڪراچي ۽ ٺٽي
۾ واپاري مرڪز قائم ڪرڻ جي موڪل ڏني. (1799ع)، پر
ترت ئي انھن جي شرارتن ۽ ڀڃ ڊاهه ڏي ڏٺو، تڏهن
موڪل بند ڪئي (1800ع) وري اوڻويهين صدي عيسويءَ جي
ابتدا ۾ وچ ايشيا تي روس جا چنبا کُتا تڏهن
انگريزن برصغير جي اتر اولاهين سرحدن تي هڪ نئون
خطرو پير کڻندو نظر آيو ۽ فوجي لحاظ کان هڪ دفعو
وري سنڌ جي اهميت جو احساس ٿيو، تڏهن 1809ع ۾ لارڊ
منٽو ٽالپرن سان ”دائمي دوستي“ جا قول قرار ڪيا.
ان ۾ هڪ شرط اهو به هو ته ڌريون هڪ ٻئي جي علائقي
تي ڪڏهن به لالچي نگاهون ڪونه وجهنديون. 1839ع ۾
افغانستان تي فوجي ڪاهه ڪرڻ مهل لارڊ آڪلينڊ ميران
سنڌ کي مجبور ڪيو ته اهي انگريزي لشڪر ۽ سامان
پنھنجي علائقي مان گذارڻ ڏين. اهو پڻ واعدو ڪيائون
ته سکن جي پنجاب کان حملي جي صورت ۾ سهڪار به
ڪندا. انگريزن جي فوج کي سنڌ جي ميرن هر طرح جي
سهولت ڏني. ليڪن ان جي بدلي ۾ انھن لنگهي وڃڻ مهل
شڪارپور ۽ بکر وغيره جي شھرن تي زوريءَ قبضو ڪيو.
ان تي ميرن جڏهن اعتراض ۽ احتجاج ڪيو، تڏهن کانئن
نئين معاهدي تي صحيحون ڪرايون ويون. ان تي عمل
لاءِ انگريز آفيسرن جي ماتحت ”امدادي فوج“ ترسائڻ
۽ ان جي خرچ پکي جي لاءِ ٽي لک روپيه ساليانو ڏيڻ
تي ميرن کي مجبور ڪيو. ان ظلم ۽ جبر جي باوجود
انگريزن جي فوج هار کائي موٽي ته ميرن سندن ڪابه
روڪ ٿام نه ڪئي. ان جي باوجود نئون گورنر جنرل
ايلن برو ۽ ان جو جنرل چارلس نيپئر سنڌ کي هڙپ ڪرڻ
جو پڪو پهه ڪري چڪا هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ ميرن کي
هڪ نئين معاهدي تي صحيون ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنھن
جي تحت سندن خودمختياريءَ کي مُنڊي مهر هڻڻ هو. ان
کي ڪافي نه سمجهندي نيپئر محض ميرن کي ڪاوڙائڻ
لاءِ جنوري 1843ع ۾ امام ڳڙهه جي قلعي تي حملو ڪري
ان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ان کان تنگ ٿي سنڌ
جا مير به پنھنجي ناموس جي حفاظت خاطر اُٿي کڙا
ٿيا. ان نازڪ موڙ تي خيرپور جي مير رستم خان جي
ڀاءُ مير مراد کي به انگريزن گاديءَ جي لالچ ڏيئي،
ساڻ کنيو. 17 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد کان ڪجهه
ميلن جي مقام تي مير رستم خان (خيرپور) ۽ مير نصير
خان (حيدرآباد) جي فوج، جنھن وٽ ڍنگ جو بندوقون به
ڪين هيون، شڪست کاڌي. ان کان پوءِ مير شير محمد
(ميرپورخاص) کي به ڏکوئيندڙ نتيجو ڀوڳڻو پيو. سڄي
سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو. چند علائقا چونڊي
خيرپور جي گاديءَ تي علي مراد کي ويهاري ڇڏيو. علي
مراد کان علاوه سنڌ جي هندن به ڪو گهٽ غداريءَ جو
مظاهرو ڪونه ڪيو. جيتوڻيڪ ٽالپرن جي دور ۾ کين هر
طرح جون سهولتون حاصل هيون. انھن هر قدم تي
انگريزن کي اطلاع ٿي ڏنا ۽ هر سازش ۾ سرگرميءَ سان
ڀاڱي ڀائيواري ڪئي، 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي
پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍي مسلم اڪثريت کي صفا بي اثر
بڻائي ڇڏيو. ان کي به انھن مسلم ڪش قدمن ۾ ڳڻڻ ۽
تصور ڪرڻ کپي، جي برطانوي حڪومت پھرين ڏينھن کان
پاڪستان تائين برصغير ۾ کنيا.
سنڌ کي جدا صوبو قرار ڏيڻ لاءِ هند جي مسلمانن کي
ڊگهي جستجو ڪرڻي پئي. ان کي هميشه ناڪام ڪرڻ لاءِ
آل انڊيا نيشنل ڪانگريس برطانوي حڪومت سان ساٿ
ڏنو. بمبئي جي ٻين علائقن جي مقابلي ۾ سنڌ جي
معاشي ۽ تعليمي ترقيءَ طرف ڪو ڌيان ڪونه ڌريو.
آهستي آهستي برطانوي هند جي ڏُتڙيل علائقن ۾ ليکيو
ويو. سنڌي مسلمانن کي بمبئي سان گڏ الحاق ۾ رهڻ ۽
ڏُتڙيل صورت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪابه صورت
نظر ڪونه ٿي آئي. 1916ع ۾ جڏهن هندو مسلم اتحاد جي
هوا هلي تڏهن ڪجهه وقت لاءِ هندن به ان مطالبي ۾
پنھنجو آواز ملايو. پر ترت اهو چئي مخالفت شروع
ڪئي ته هتان جون معاشي حالتون اهڙيون ڪٿي آهن جو
هي الڳ صوبو بڻائي سگهجي. ائين ئي 1919ع جي
اصلاحات نافذ ٿيا، تڏهن به سنڌ جي مسلمانن کي نظر
انداز ڪيو ويو. 1928ع ۾ مسلمان اڳواڻن جي سڀني
جماعتن جي ڪانفرنس ۾ ”جناح جي چوڏهن نڪتن“ ۾
هندستان جي مسلمانن پاران اتفاقي طور جيڪي به
مطالبا پيش ڪيا ويا، تن ۾ هڪ مطالبو هي به هو ته
سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري جدا صوبو بڻايو وڃي، ته
جيئن اتان جي حڪومت پنھنجي نوي سيڪڙو مسلمان
رهواسين جي حقن جي حفاظت ڪري سگهي.
مارچ 1929ع ۾ مسلم ليگ پاران دهليءَ ۾ ٿيل اجلاس ۽
ان کان پوءِ گول ميز ڪانفرنس ۾ وري وري اهو مطالبو
ورجايو ويو. آخر انڊيا ايڪٽ 1935ع جي تحت پھرين
اپريل 1936ع تي بمبئي پريزيڊنسي جي قسمت جو سنڌ کي
صوبي جو درجو ڏنو ويو ۽ ٻئي سال 1937ع ۾ پھريون
ڀيرو ان کي صوبائي اختياري حق حاصل ٿيا.
آزادي حاصل ڪرڻ (آگسٽ 1947ع) کان پوءِ سنڌ پاڪستان
جو صوبو بڻيو. 1955ع ۾ جڏهن مغربي پاڪستان جي
صوبائي تشڪيل عمل ۾ آئي، تڏهن خيرپور رياست جي
الحاق ۽ ملاپ سبب سنڌ کي به ان صوبي ۾ ضم ڪيو ويو.
1970ع ۾ مغربي پاڪستان جي صوبي ٽٽڻ تي سنڌ وري
موجوده شڪل ۾ هڪ الڳ صوبي جي حيثيت ۾ قائم ٿي ويو.
جاگرافي: اتر ۽ ڏکڻ ڊگهائي ڦاڪ واري ٻپھري يعني سج
جي بلڪل وچ تي هئڻ تي جيڪا ماپ ڪبي، ان اعتبار کان
ڏکڻ جا علائقا، ٽن پهلو به پهلو پٽن جي شڪل اختيار
ڪيل آهن. وچ ۾ زرخير ٻوڏ جي مٽيءَ جو هڪ ميداني
سلسلو آهي، جنھن کي سنڌو درياءَ جون ڊگهون لهرون
هڻندڙ چانديءَ جي ڌار جهڙي ليڪ سان الڳ ڪري ٿو.
ساڄي پاسي اولھه ۾ کيرٿر جبلن جو هڪ سلسلو ڦهليل
آهي ته کاٻي پاسي اوڀر ۾ هڪ وارياسي پٽي جي ڀاڪر ۾
آهي. کيرٿر جون ڪي چوٽيون ته ست هزار فوٽن کان به
مٿي اُتاهيون ۽ اوچيون آهن. اوڀارين وارياسي خطي
اترئين ۾ واريءَ جي کڏن ۽ دڙن سان شروع ٿئي ٿو ان
کان پوءِ وچين اڀرندي لاڳاپي سان اڇڙو ٿر آهي، جو
خاص طور تي اوڀر ڏکڻ ۾ واقع آهي. جنھن ۾ ڏکڻ
اولاهين هوائن سان ڊگها ۽ مٿانھان دڙا ڦهليل آهن.
انھن جي وچ زرخيز هيٺاهين هموار زمين آهي. جنھن کي
ڏهر چيو ويندو آهي. هي خطو گهڻو ڪري موسمي هوائن
جي اثر هيٺ رهي ٿو. ان ڪري جڏهن به مندائتن مينھن
(جولاءِ _ آگسٽ) سان پاڻي پوڄ پٽن سان ساوڪ ئي
ساوڪ ٿي وڃي ٿي. وچين مهراڻ جي ماٿري 360 ميل(5)
579.364 ڪلوميٽر ڊگهي آهي. (6)
51799.762 جنھن جي پکيڙ اٽڪل 20 هزار چورس ميل
آهي. اتر کان ڏکڻ ٽن نالن سان حصا مشھور آهن. سرو،
وچولو ۽ لاڙ.
مندون پوکون ۽ جانور: چؤطرف گِهميل هئڻ
ڪري سنڌ گرمين جي مند گهڻي گرم ۽ سياري ۾ گهڻي سرد
ٿئي ٿي. مئي کان آگسٽ تائين ته گهڻو ڪري درجا
حرارت 115 کان به وڌي وڃي ٿو ۽ سياري جو گهٽجي وڃي
36 درجن تي پھچي ٿو. اٽڪل ساليانو مينھن 7 انچ پوي
ٿو. (7)
وچ واديءَ ۾ گهڻو ڪري ڪانڊيري ۽ ڪاني کان سواءِ
ڪنڊيءَ ۽ ٻير جا وڻ ۽ لوا به پئدا ٿيندا آهن. ان
کان سواءِ ٻير ۽ کٻڙ جا وڻ به عام جام ٿين. خاص
ميويدار وڻن ۾ انب، ڪيلو، کجي، زيتون ۽ نارنگي
ٿين. سن 1932ع ۾ بئراج کُلڻ کان پوءِ اهي باغن ۾
جام پوکيا ۽ پئدا ڪيا وڃن. سنڌ جي دريائي ڪچي ۾ به
کجيون ۽ چانئر جي وڻن جا جهنگ آهن. گهڻي تعداد ۾
دُٻا ۽ ننڍا تلاءَ آهن. نيلوفر جا ٻوٽا به گهڻا
ٿين.
سنڌ ۾ اُٺن، ٻڪرين ۽ ڏاندن جا بهترين نسل ملندا
آهن. جهنگلي جانورن ۾ جهنگلي ٻڪر، گڍ ۽ بگهڙ
اولاهين جابلو علائقن ۾ ملي ٿو. هتي هاڻي ڪارو رڇ
۽ چيتو تمام گهٽجي ويو آهي. اُڀرندي وارياسي ۾ به
وڏيون جهنگلي بلائون هاڻي اڻلڀ ٿينديون وڃن ٿيون.
هرڻ هيٺئين جابلو علائقن ۾ ميدانن ۽ اوڀارين
علائقن ۾ هٿ ايندڙ آهن. گدڙ، لومڙي، سهو، چرخ،
نور ۽ جهنگلي ڪوئا عام ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٻارنھن سڱن
وارو ڦاڙهو ۽ جهنگلي سوئر خاص طور وچين نين وارين
پٽين ۾ ملن ٿا. ناگن ۾ واسينگ، لُنڊي ۽ پيئڻ مشھور
آهن. پيئڻ ٿرپارڪر ۾ ٿئي، جنھن لاءِ اهو چيو ويندو
آهي ته سُتل انسان جو ساهه پئي ويندي آهي. مانگر
مڇ وڃن ٿا گهٽبا . سامونڊي مڇين جا به ڪيترا قسم
آهن. جن ۾ سرمئي ۽ پتون گهڻو لذيذ آهن. سنڌ جي سڀ
کان مشھور مڇي پلو آهي. پلو جيتوڻيڪ سامونڊي مڇي
آهي. تڏهن به هر سال پاڻيءَ جي مُند ۾ سنڌ ۾ سکر
تائين ملي ويندو آهي.
قبيلا ۽ ڪٽنب: صدين کان ويجهي اچ وڃ ۽ ميل جول سبب
جيتوڻيڪ وڏي ڀاڱي تائين خاصي گُڏَ سُڏَ آبادي وجود
۾ اچي چڪي آهي، تڏهن به ڪيترن گروهن جا نسلي
پسمنظر چٽا آهن. خاص طور اولاهين طرف سنڌ جي سر
زمين لاڏائن لاءِ پناهه گاهه رهي آهي. قديم ڪٽنبن۽
قبيلن ۾ پنھوار، زط ۽ ميد جو ذڪر سنڌ جي تاريخ ۾
ملي ٿو انھن ۾ رڳو ميهون جي اولاد ۾ مهاڻن جا ڪجهه
پاڙا يا گروهه باقي بچيا آهن. جي مڇيءَ مارڻ جي
ڪرت ڪن ٿا. اهي ماڻھو سنڌوءَ درياءَ جي ڪناري،
ڍنڍن تي ڏکڻ ماٿريءَ وارن علائقن ۾ آباد آهن عربن
جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت جيڪي ٻيا قبيلا آباد هئا، انھن
۾ هيٺ ڏنل ذڪر هيٺ اچي سگهن ٿا.
1. سنڌ جي سمن جا اصل قبيلا: لوهاڻا، چنا، ڪاڪا،
لاکا.
2. راجپوت نسل: سهتا، ڀٽي ۽ ٺڪر (ٿرپارڪر جا سوڍا
۽ ٺاڪر).
3. قديم سٿين سان واڳيل لوڙائو يا لنگها ۽ پوءِ
بلوچن سان ڳنڍيل جت قبيلا: جوکيا، برفت، ۽ انھن جا
ٻيا نسلي گروهه اولاهين جابلو علائقي ۾ آباد آهن،
آڳاٽن ڏيهي رهاڪن جي باقيات کي سمجهن ٿا. اسلام جي
اچڻ (711ع) کان پوءِ عربي نسلي گروهن (سيد، صديقي،
فاروقي، قريشي، بنو تميم) کان سواءِ گهڻا ئي
ايراني (شيرازي، سبزواري، مشهدي، استرآبادي)، ترڪ
(ارغون ۽ ترخان) ۽ بلوچ قبيلا سنڌ ۾ آباد ٿيندا
آيا آهن. انھن ۾ بلوچن جو تعداد سڀني کان گهڻو هو،
جن تيرهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ کي پنھنجو وطن ڄاتو.
برصغير جي ورڇ (1947ع) کان پوءِ لاتعداد هندستاني
مسلمانن کي سنڌ ۾ هجرت سبب هتي آبادي ۾ وڏي ڦير ۽
واڌ آندي . سنڌو درياءَ تي زمينون آباد ڪرڻ جي
لاءِ بئراجون جوڙڻ کان پوءِ (سکر 1932ع، ڪوٽڙي
1956ع ۽ گڊو 1962ع) مليل صوبن (پنجاب، سرحد ۽
بلوچستان) مان زميندارن ۽ هارين جو سنڌ ۾ اچڻ شروع
ٿي ويو. انھن حالتن کي سنڌ جي نسلن ۾ ظاهري طور
مسلسل ڦيرو واقع ٿيندو آيو.
لساني نوعيت: سنڌي عوام جي زبان سنڌي
آهي، جا سنڌو سڀيتا جي آڳاٽي زبان آهي. سنڌيءَ
کان سواءِ سرائڪي ۽ بلوچي به صدين کان ڳالھايون
وڃن ٿيون. عام فهم، معياري سنڌي، سنڌ جي وچولي ۾
ڳالھائي وڃي ٿي. سنڌي زبان جا خاص پنج لھجا هي
آهن: اترادي (اتريون) لاڙي (ڏاکڻون) ڪوهستاني
(اولاهون جابلو علائقن جو ڪڇي (جيڪو خاص ڪري ميمڻ،
هندستاني رياستن ۽ ڪجهه ٻين رياستن ڪاٺياواڙ کان
لڏپلاڻ ڪري آيل ٻيا ماڻھو ڳالھائين ٿا) ۽ ميرجتڪي
(هڪ قديم ٻولي جيڪا مير ۽ جت قبيلا ڳالھائين ٿا)
ڏکڻ اولھه ضلعن ۾ بلوچستان کان لڏي آيل قبيلا
بروهڪي يا براهوي ڳالھائين ٿا. ٿرپارڪر جي ڏکڻ
اوڀر واري ڀاڱي ۾ سنڌي کان سواءِ ڍاٽڪي به ڳالھائي
وڃي ٿي، جا راجستاني ۽ سنڌيءَ جي مليل شڪل آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندستاني لساني گروهن جي اچڻ
کان پوءِ شھرن ۾ مختلف زبانون ڳالھايون وڃن ٿيون.
انھن ۾ وڌيڪ اردو ڳالھائي وڃي ٿي. پنجابي، گجراتي،
راجستاني، پشتو ۽ مالاباري جو درجو انھن کان پوءِ
اچي ٿو.
شھري ۽ ڳوٺاڻي آبادگاري جي حالت: آباديءَ
جو تيزيءَ ۽ تسلسل سان وڌڻ، ڀروارن صوبن جي ڪڙمين
جي لڳاتار لڏي اچڻ، 1947ع کان وڏي پيماني تي هڪ
هنڌان ٻئي هنڌ زرعي ۽ صنعتي ترقياتي رٿائن شھري ۽
ڳوٺاڻي آبادي ۾ چٽي ڦير گهير آندي. سنڌو درياءَ تي
ٽن بئراجن جي جڙڻ ۽ پاڻيءَ واري ورڇ واري نظام جي
ڪشادگيءَ ڪارڻ وڏا پٽ ويران به آباد ٿي، پوک لائق
ٿي ويا. انھن حالتن لاڏائون زندگين کي مستقل ننڍن
ڳوٺن ۽ ننڍن شھر ۾ بدلائي ڇڏيو. 1947ع ۾ شھري
آبادي پندرهن سيڪڙو هئي ۽ پنجاسي سيڪڙو ماڻھو ڳوٺن
۾ رهندڙ هئا. شھري ۽ ڳوٺاڻي آباديءَ جو موجوده
تناسب 45: 55 آهي. سن 1961ع ۾ 1951ع جي انگن اکرن
جي مقابلي ۾ شھري آبادي 4عـ57 سيڪڙو جي
واڌ ۾ 45 ء 38سيڪڙو شھرن ۾ ٿي. جن جي آبادي هڪ لک
کان به وڌيڪ ٿي. پاڪستان جي جن چئن شھرن ۾ 9ء21
سيڪڙو جي واڌ ٿي. انھن ۾ ٻه شھر (ڪراچي _
حيدرآباد) سنڌ جا آهن. 1951ع ۾ هڪ لک يا وڌيڪ
آبادي تي مشتمل سورنھن شھر آهن. 1961ع تائين چار
ٻيا شھر به ان گروهه ۾ گڏ ٿيا، جن ۾ هڪ (سکر) سنڌ
جو به آهي. 1951ع ۽ 1961ع جي مردم شماريءَ جي
مطابق آباديءَ جي لحاظ کان سموري ملڪ ۾ ڪراچيءَ جو
شھر اول نمبر تي هو. (8)
معاشرتي حالت: صحت: آزادي حاصل (1947ع) ٿيڻ
وقت صوبي جي سڀني حصن کي گهڻي کان گهڻيون طبي
سهولتون ڏنيون ويون. تمام گهڻين خانگين اسپتالن
کان سواءِ سرڪاري امداد حاصل ڪندڙ مختلف ادارن جو
تعداد 1971ع ۾ هي هو: سول اسپتالون 41، ڊسپينسريون
346، ڳوٺاڻا مرڪز جي صحت جي لاءِ هئا، سي 76، ٽي
بي سينيٽوريم 2، اسپتال هڪ، دماغي اسپتال هڪ، ٽي
بي ڪلينڪون 13، ۽ ڏندن جون اسپتالون 12، ويم گهر،
گشتي صحت ٽيمون، دائين جي تربيت جون سهولتون ان
کان علاوه هيون . هر ضلع ۾ هڪ کان ٻارنھن تائين
اسپتالون، 21 کان 46 تائين ڊسپينسريون، هڪ کان ٽن
تائين مرڪز يا ماتحت صحت مرڪز هئا. هر تعلقي ۾ هڪ
ڊسپينسري هئي. (9)
تعليم: ابتدائي اسڪولن ۾ پنجن سالن تائين
تعليم پنجين درجي تائين آهي. مڊل اسڪولن ۾ ڇھين
کان اٺين درجي تائين ۽ هاءِ اسڪول ۾ نائين کان
ڏهين درجي تائين تعليم ڏني وڃي ٿي. پرائمري اسڪول
ننڍن ڳوٺن ۾، وڌيڪ وسنديءَ وارن ڳوٺن ۾، مڊل اسڪول
۽ وڏن ڳوٺن ۾ هاءِ اسڪول، شھر ۾ ضلعي سطح تائين
ڪاليج قائم ڪيل آهن. ادارن ۾ پڙهندڙن جو تعداد
1971ع دوران هي هو: 1800 پرائمري اسڪول جن ۾
891000 شاگرد، 625 مڊل اسڪولن ۾ 56500 شاگرد، 455
هاءِ اسڪولن ۾ 195300 شاگرد، 39 انٽرميڊئيٽ ڪاليجن
۾6150 شآگرد، 70 ڪاليجن ۾ 56000 شاگرد. 17 پرائمري
استادن جي ٽريننگ اسڪولن/ ڪاليجن ۾ 61000 جي
گنجائش هئي. اعليٰ تعليمي ادارا، ٽي ثانوي استادن
جا تربيتي ڪاليج، ٽي انجنيئرنگ ڪاليج، ٻه ميڊيڪل
ڪاليج هڪ زرعي ڪاليج، هڪ انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۽
ڪراچي ۽ حيدرآباد جي يونيورسٽين ۾ 8300 شاگرد
تعليم حاصل ڪن ٿا. (10)
ڀلائي ۽ بهتري: 1950ع، 1960ع جي دوران ڀلائيءَ جو
تنظيمون شروع ٿيون. جن سان ”سماجي ڀلائيءَ جي
رٿائن“ جي انتظام ذريعي ڪيترن ڳوٺن ۽ شھري علائقن
تائين ڦھلايو ويو. انھن منصوبن کي صوبائي سماجي
ڀلائي جا انتظام هلائيندڙ ادارا هلائين ٿا. 1970ع
- 1971ع دوران 26 سماجي بھبودي رٿائون شھري علائقن
۾ ۽ 10 رٿائون ڳوٺاڻن علائقن ۾ عمل هيٺ رهيون.
انھن رٿائن ۾ وڌيڪ ڌيان انسانن جي صحت، تعليم ۽
معاشي بھتريءَ ڏانھن رهيو آهي. ڪي خاص ادارا
جهڙوڪ: سماجي اقتصادي مرڪز، محتاج خانه ۽ يتيم
خانه دائمي بنيادن تي قائم ڪيا ويا آهن.
ڀلائي، بھتري ۽ محنت سان ڪيل انتظامن سبب اُپت ۾
اضافو صنعتي سهڪار کي سازگار بڻائي ٿو. ان کان
علاوه اهي ادارا ڪارخانن ۽ کانڻين ۾ ڪم ڪندڙن جي
صحت ۽ سلامتي جي حفاظت ڪن ٿا. اهي ملازمتي شرطن
شروطن ۾ بھتري آڻڻ ۽ کين ترقي ڏيارڻ ۾ ڪوشش ڪن ٿا.
سنڌ جي ملازمن جي تحفظ جو خودمختيار ادارو 1965ع ۾
قائم ٿيو. ان جي انتظامي جوڙجڪ ۾ حڪومت ۽ ملازمن
جا نمائندا شامل ٿين ٿا جي طبي سهولتون ڏيارڻ کان
سواءِ مفلوج ملازمن جي گريجوئيٽي ۽ پينشن ڏيارڻ ۾
پاڻ پتوڙين ٿا.
اقتصاديات: سنڌ جي اقتصاديات جو وڏو وسيلو زراعت
آهي. 605 عـ3 ڪروڙ ايڪڙن ايراضي ۾ 38
عـ ڪروڙ ايڪڙ اپت جي قابل آهن ۽ کيڙ جي
اندازن 91 لک ايڪڙ فصل اُپائن ٿا. سنڌ جي مٽي مندن
جي لحاظ کان زرعي پيداوار لاءِ ڀلي آهي. جنھن ۾
1961ع کان زرعي تحقيقي ۽ توسيعي خدمتن، ڪيميائي
ڀاڻن جي ڪتب آڻڻ، زرعي انجنيئرنگ شعبن جي بنياد،
سم ۽ ڪلر ختم ڪرڻ لاءِ ناليون (1075 ميل) ٺهڻ ڪري
گهڻ طرفي واڌ ويجهه ٿي آهي. 1970ع-1971ع جي انگن
اکرن مطابق ڪپهه 796 ڳٺڙيون، ڪڻڪ 8 عـ1106
ٽن، چانور 4 عـ1016، ڪمند 3279 ٽن،
مڪئي ۽ جوئر 2663 ٽن، ۽ تيلي ٻج 100 ٽن. باغن ۽
ميون جي ايراضيءَ ۾ به واڌ ٿي. انب 5 عـ178
ٽن، ۽ ڪيلو2 عـ49، ٽن پيداوار ۾ مرضي
موجب واڌارو آيو. 54 هزار ايڪڙن ۾ کجيءَ جي وڻن
مان بھترين قسم جون کارڪون لهن ٿيون.
پالتو جانور: پالتو جانورن جي سن 1966ع جي ڳڻپ
مطابق يارنھن مان اٺن ضلعن ۾ 2113550 ڏاند ۽ ڳئون،
984146 مينهون، 1212431 رڍون، 1827532 ٻڪريون ۽
954572 ڪڪڙيون موجود آهن. انھن انگن اکرن ۾ اٽڪل
ٽيون حصو ايراضي ڳڻي ويئي آهي. جنھن مان زرخير
علائقي ۾ 701618 مينهون ٿين، اٽڪل 105475 ريگستاني
اُٺ، جي جابلو پٽين ۾ به ٿين. سنڌي ڳاڙهيون ڳئون ۽
ٿري ڳئون کير ڏيڻ ۾ ڀليون آهن .
ساڪرائي ۽ ڍٽائي نسل جا اُٺ باربرداريءَ ۽ سفر
لاءِ بيحد ڀلا آهن. ان جي باوجود جانورن جي تاتڻ ۽
سنڀالڻ ڏانھن جوڳو ڌيان ڪونه ٿو ڌريو وڃي. جو اهي
واپاري اُپت لاءِ بھترين ثابت ٿي سگهن. چوٿين، پنج
سالا رٿا (1970ع- 1975ع) ۾ پالتو جانورن جي وڪري
لاءِ حيواني پيدائش جي وڌائڻ کي اوليت ڏني وئي
آهي. ان سلسلي ۾ جانورن جو 57 اسپتالون،
ڊسپينسريون 177، حيواني مرڪز هڪ علاقائي تجربيگاهه
حيدرآباد ۾ ۽ هڪ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل آهن.
ساڪرائي اٺ ساڪري جو، اٺ جو هڪ بڻ (ميرپور ساڪري
جي طرف جو رنگ ڪارو لسڻ اڇو ٿئي، قد جو ڇوٽو پر
هلڻ ۾ تکو ”ساڪرو آڪرو“ (ج.س.ل ص 1538 ج4. )
(11)
مڇي: هڪ سؤ پنجاهه ميل ڊگهي دريائي ڪناري تي ماٿري
جي سوين چورس ميلن جي سامونڊي علائقي ۾ مڇيءَ جي
پيداوار جون گهڻيون جڳهيون آهن. هر طرف کان ملندڙ
مڇيءَ جا قسم هي آهن: جهينگو، پٿون، سُرمئي، پلو ۽
کڳو. درياءَ ۽ ان جي شاخن، ڍنڍن ۽ ڍورن جي مٺي
پاڻي سبب تازي مڇي جي واڌ ويجهه ۽ نسلي پيداوار
فطري ذخيرن جو ڪم ڏيندڙ آهن، مگر ضرورت اها آهي ته
پُختي طريقي سان اهي ڪم رٿا موجب مڪمل ڪجن. پاڻيءَ
جو ورڇ ۽ نون منصوبن موجب تازي پاڻي تي مڇي جي اپت
تي ڌيان ڌريو وڃي. 11700 ايڪڙ ايرضيءَ تي گڊو
بيراج تي ڏهه پاڻي جا علائقا تيار ڪيا ويا آهن.ان
ئي رٿا بنديءَ سبب سنڌ ۾ مڇيءَ جي سالياني اپت وڌي
پنجٽيهه سَئو مڻن تائين پھتي آهي. 1969ع 1970ع
دوران سنڌ ۾ مڇيءَ جي ڪُل اپت 125000، ميٽرڪ ٽن
ٿي، جنھن مان 111000 سامونڊي ۽ 14000 تازي پاڻيءَ
تي ٿي. خاص طور جهينگي 650000 رپيه اپت ڏني. 1970ع
1971ع دوران تازي پاڻي تي ٿيندڙ مڇيءَ جي اڀت وڌي
379500 مڻ (4774375 ٽن) ٿي. ان جي اپت ويھه ڪروڙ
رپيا ٿي. (12)
جھنگ ۽ ٻيلا: سنڌ جي وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل جهنگ ۽
ٻيلا آهن، جن جو انتظام ٻيلو کاتو ۽ زرعي ترقياتي
ڪارپوريشن جي هٿن ۾ آهي. ٻيلي کاتي جي ڪل 2655376
ايڪڙ ايراضي آهي. جنھن ۾ 122288 رينج ايراضي
852846 سامونڊي ڪناري 585372 دريائي جهنگ 160421
ايڪڙ وڻڪار ۽ 34449 ايڪڙ ننڍا جھنگلي ٻوٽا ٿين.
پيدا واري پکيڙ 645000 ايڪڙن تي پکڙيل آهن.
1970ع-1971ع ۾ 5935460 سوڌو ڊگھو ۽ ويڪرو عمارتي
ڪاٺ ۽ 9244950 ڊگهو چورسو جلائو ڪاٺ ملي ٿو. جهنگن
۽ ٻيلن جي سالياني اپت 95 لک روپيا ٿئي ٿي.
(13)
معدني وسيلا: سنڌ ۾ معدنيات جي ڪلت آهي. جپسم،
مٽيون، اينمڊرائٽ، چوني جو پٿر، چاڪ، ڊولومائٽ،
سليڪاريٽ، پينٽومائٽ، گنڌڪ، فلنٽ ۽ ڍنڍن مان لوڻ
وڌيڪ مقدار ۾ هٿ اچي ٿو. ڪوئلو، گئس، ۽ پيٽرول به
ملي سگھي ٿو. ان کان علاوه سيليسائٽ، ليٽرائٽ ۽
باڪسائٽ جي به ڄاڻ ملي ٿي. 1970ع-1971ع دوران ڪل
اپت 1831000 ٽن هئي. جنھن جي قيمت 11 لک روپيا ٿي.
(14)
تيل ۽ گئس: سنڌ ۾ 1970ع دوران تقريبن 8عه9
ڪروڙ ٽن پئٽرول جون شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون، جي
گھرج کان گھڻيون اٽڪل 20 لک ٽن آهن، ڪل 90 سيڪڙو
توانائي ۾ پنجاهه سيڪڙو گئس حاصل ٿئي ٿي. ٻرندڙ
گئس به اٽڪل 5عـ34 لک چورس فوٽن جي
پکيڙ تي لڳايو ويو آهي. جون 1971ع تائين تيل جا 45
کوهه کوٽيا ويا آهن. في الحال گئس استعمال ڪندڙن
کي گھڻي ڀاڱي بلوچستان جي سوئي گئس مان ورهائي ڏني
وڃي ٿي. سنڌ ۾ قدرتي گئس جو کاپو 477990 لک فوٽ
آهي. (15)
بجلي ۽ پاڻي: پاڪستان جي هن صوبي ۾ پاڻي ۽ بجليءَ
جي گهربل ضرورت کي منھن ڏيڻ لاءِ هڪ چارٽر تحت
”پاڪستان واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا)
جو قيام عمل ۾ آندو ويو. سنڌ ۾ ’واپڊا‘ جا خاص
”آبي ترقياتي منصوبا“ هي آهن. گڊو بئراج (29 لک
ايڪڙ ايراضي 223000 ايڪڙ ايراضي جي ٻيلن کي پاڻي
پھچائڻ) ڪراچي آبپاشي منصوبا 71400 ايڪڙ ايراضي
صنعتن ۽ گھريلو استعمال لاءِ پاڻي پھچائڻ 1269
ٽيوب ويلن جي جڙڻ ۽ بجلي پھچائڻ) ۽ خيرپور،
لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي لاءِ سِم ۽ ڪلر جي روڪڻ ۽
زمين سنوارڻ جا منصوبا- انھن ۾ پھريون مڪمل ٿي چڪو
آهي ۽ آبپاشي ۽ زرعي ترقياتي ڪارپوريشن جي حوالي
ٿي چڪو آهي. (16)
واپڊا پاور سسٽم: پاڪستان ۾ ڪل 1200 ميگا واٽ بجلي
پيدا ڪندڙ چارگرڊ قائم ڪيل آهن. جن مان ٻه سنڌ ۾
آهن. انھن ۾ هڪ ”سکر ٿرمل گرڊ ايريا“ آهي. جنھن ۾
25000 ڪلو واٽن جي طاقت آهي. ان سان مٿي سنڌ ۾ 70
ميل اڌ قطر جي علائقي کي بجلي ڏني وڃي ٿي. ٻي
حيدرآباد ٿرمل گرڊ ايريا هيٺين سنڌ ۾ آهي. جنھن ۾
43700 ڪلو واٽن جي طاقت آهي، جا 33 ڪلو واٽن جي
ٽرانسميشن لائينن کي ستر ميلن جي اڌ قطر ۾ لوڊ
سينٽرن، حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي وچان 132 ڪلو واٽن جي
سرڪٽ ٽرانسميشن لائينن کي ملائڻ جي سرشتي تي
مشتمل آهن. ڪوٽڙي گئس پاور اسٽيشن 25 عـ42
ميگا واٽ جي آهي. ان سان هيٺين سنڌ کي ڳنڍيو ويو
آهي. مٿي اتر سنڌ ۾ ڪشمور جي ويجھو تعمير ٿيل گڊو
پاور اسٽيشن جي پھرين مرحلي ۾ اول ٻه يونٽ هئا، جن
مان هر هڪ 110 ميگا واٽ جو ۽ ٻئي مرحلي ۾ 200 ميگا
واٽ جو يونٽ جڙيو. واپڊا ”واٽر سوئل انويسٽي گيشن
ڊويزن“ جا چار وڏا منصوبا سنڌ ۾ آهن. ”سرفيس واٽر
حيدرآباد پروجيڪٽ“، ”سينٽرل مانيٽرنگ آرگنائزيشن“،
”جيوهائيڊرولوجي“
۽ ”سدرن زون پروجيڪٽ پلاننگ.“
صنعت: صنعتي لحاظ کان ’سنڌ‘ پاڪستان جو وڏو ترقي
يا فته صوبو آهي. ملڪي ڪپھه جي پيداوار جو ٽيون
حصو يعني ڏهه لک ڳٺڙيون سنڌ ۾ تيار ڪيون وڃن ٿيون.
پاڪستان جي ڪل 138 سوٽي ڪپڙي جي ڪارخانن مان ويھه
ته سنڌ ۾ آهن. هتي چار وڏيون سيمينٽ فيڪٽريون پڻ
آهن. جي سموري ملڪي پيداوار مان سٺ سيڪڙو سيمينٽ
جي اپت ڏين ٿيون.کنڊ جا پنج وڏا ڪارخانا آهن. اڳتي
هلي اهي ٻارهن تائين ٿي سگهندا. ”سنڌ انڊسٽريل
ٽرينڊنگ اسٽيٽ ڪراچي“ جو نومبر 1947ع ۾ قائم ٿيو.
ڪراچي، ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ ٽنڊي آدم ۾ صنعتي
علائقن جي ترقيءَ جي ضمانت آهي. ان کان پوءِ ملڪ
جي اولاهين پھلو ۾ صنعتي ترقيءَ جو ڪم ”پاڪستان
انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن“ سنڀاليو آهي. جون
1970ع تائين ان ڪارپوريشن سنڌ ۾ پنڌرهن صنعتي
منصوبا مڪمل ڪيا هئا، جن تي ستٽيھه ڪروڙ روپين جو
سرمايو لڳو هو. جڏهن ته ٽيھن ڪروڙن جي سرمايي ڪاري
سان چار منصوبا پڄاڻيءَ تي رسيا. ڪارپوريشن جي
چوٿين منصوبي جو پروگرام (1970ع 1975ع) ۾ سنڌ
لاءِ ايڪيھه ڪروڙ روپيه رکيا ويا، جي مشيني پُرزن
جي ڪارخانن، ڪيميائي شين ۽ ڀاڻ جي ڪارخانن ۽ وڌيڪ
بجليءَ جي سامان جي ڪارخانن تي خرچ ٿيندا.
پاڪستان سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن: 1965ع ۾ قائم
ٿيو. گھرو ۽ ننڍن صنعتن جي نگراني ڪندڙ آهي. ان
ڪارپوريشن سنڌ جي پنھنجن شعبن ۾ ٻن ننڍين صنعتن
کان سواءِ چار سروس سينٽر، هڪ هٿ جي هنرن جو
ورڪشاپ هڪ هٿ جي هنرن جي ترقيءَ جو مرڪز (لَکَ
اُپت)، پنج هٿ جي هنرن جي وڪري جا مرڪز ۽ هڪ هٿ جي
هنرن جي گيلريءَ سميت ايڪيھن منصوبن تي عمل ڪيو
ويو.
بار برداري ۽ مال جي ڍوئائي: باربرداري ۽ اچ وڃ جي
وسيلن ۾ سڙڪون ريلون، دريائي ۽ هوائي رستا آهن.
مختلف قسمن جي سڙڪن جي ڊيگهه يا مفاصلو 13000 ميلن
کان به وڌيڪ آهي. ٻه ڊگھيون راهون اتر کان ڏکڻ هن
صوبي جي وچ مان وڃن ٿيون. ”قومي سڙڪ“ سنڌو درياءَ
جي کاٻي ۽ اڀرندي کان آهي، جا سنڌ جي مرڪزي شھرن
کي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي شھرن سان جوڙي ٿي.
ٻيو وڏو رستو ”انڊس هاءِ وي“ سنڌو درياءَ جي کاٻي
الھندي ڏانھن ڪوئٽا ۽ سبي وڃي ٿو. ڪراچي ۽
حيدرآباد جي وچان ”سپر هاءِ وي“ جو دڳُ 28 اپريل
1970ع تي کوليو ويو آهي. ڪيترائي لنڪ روڊ اندرين
شھرن ۽ ڳوٺن کي شاهي روڊن سان ڳنڍين ٿا.
ڪراچيءَ کان شروع ٿيندڙ ”پاڪستان ريلوي“ جو نظام
سنڌو درياءَ تي آباد ڪوٽڙي شھر کان ٻن لائينن ۾
ورهائجي وڃي ٿو. هڪ حيدرآباد، نواب شاهه، ريلوي
لائين جا لاهور وڃي ٿي، ٻي ڪوٽڙي سيوهڻ لاڙڪاڻو ۽
جيڪب آباد کان ڪوئٽا وڃي ٿي. پھرين لائين ڪراچي
کان سموري سنڌ مان لنگھي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه
تائين ۽ ٻي بلوچستان تائين سير سفر ۽ بار برادريءَ
لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏين ٿيون. حيدرآباد کان
هڪ ڊگھي لائين جو سلسلو ميرپورخاص کان ٿيندو ڀارتي
سرحد کوکراپار تائين وڃي ٿو. انھن کان سواءِ ڇهه
سوُ ميل ڊگھي اَٺن(8) راهن کي ڳنڍيندڙ لوپ لائين
آهي. جنھن ۾ وري 1930ع، 1940ع دوران واڌارو آيو ۽
نئين نھري وسندين ۽ وڌندڙ آبادي ۽ زرعي پيدا وار
سان ساڳئي ريت ڳنڍيو ويو. ڪراچي شھر ”ڪراچي
سرڪيولر ريلويءَ جو ٻيو مرحلو 20 ڊسمبر 1970ع تي
مڪمل ٿيڻ شرط کوليو ويو.“ اهو 34 عـ19
ميل طئي ٿئي ٿو.
سنڌو درياءَ ۽ ان مان نڪرندڙ واهه ۽ ڪئنال هيٺاهين
زمين کي وڏي وقت کان پاڻيءَ جي رستي باربرادري جو
ڪم ڏين ٿا. هتي ٻيڙيون سنڌو درياءَ ۾ اناج، بھه،
عمارتي ڪاٺ ۽ جلائو ڪاٺ ڍوئڻ جو ڪم ڪن ٿيون. 150
ميل ڊگھي سامونڊي ڪناري سان گڏ بيشمار ٻيٽن ۾ سنڌو
درياءَ جي پاڻيءَ ۾ ٻيڙيون ۽ لانچون مڇي ۽ ٻيو
سامان کڻي اچن ۽ وڃن ٿيون.
ملڪ جي سڀني ڀاڱن ۾ اندروني پروازن لاءِ ۽ دنيا جي
ڪُنڊ ڪڙڇ تائين وڃڻ لاءِ بين الاقوامي هوائي اڏو
ڪراچيءَ ۾ آهي. صوبي اندر فضائي خدمتن جي ترقي
ابتدائي مرحلن ۾ آهي. مفاصلي گهٽ هئڻ سبب سهولتون
فقط ننڍن هوائي جھازن سان ممڪن ٿي سگهن ٿيون.
حيدرآباد، ڪراچيءَ کان 120 ميل ڏور آهي. ڪراچيءَ
کان لاهور ۽ ڪوئٽا جي رستي هوائي ذريعن سان مليل
آهي. ڪراچيءَ کان موئن جي دڙي لاءِ هر آچر تي هڪ
خاص اڏام طئي ٿيل آهي. نواب شاھه جي ويجھو ڪراچيءَ
لاءِ هڪ ننڍو هوائي اڏو آهي. ليڪن اهو فقط لينڊ
ڪرڻ، لھڻ جي جاءِ آهي. اڳتي هلي نواب شاهه، جيڪب
آباد ۽ سکر توڙي ٻيا هوائي اڏا ڏکڻ کان اتر طرف
سفر ۽ واپار توڙي بار برداري لاءِ اهم مرڪز ثابت
ٿي سگھندا.
سموري صوبي ۾ مال ڍوئڻ جو ڪم گھڻو ڪري خانگي ٽرڪن
جي وسيلي ٿئي ٿو. جڏهن ته مسافر به خانگي بسن ۽
لارين ۾ سفر ڪن ٿا. اهي ئي سبب آهن، جو اڳ مال
گاڏين ذريعي اهي ڪم ٿيندا هئا. پھرين جولائي 1971ع
کان ”سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن“ قائم ٿي. ان
ڪارپوريشن تحت نمونن سان سموري صوبي ۾ سروسون ڪم
ڪن پيون. 1970ع ۽ 1971ع دوران ڪارپوريشن جون 1080
رستن تي 563 بسيون هلنديون هيون ۽ 282 لک ميل
مفاصلو طئي ڪري 1320 لک مسافر کڻنديون هيون.
ثقافتي زندگي: سنڌو درياءَ جي زرخير ماٿري تاريخ
جي دور کان اڳ ڏيھي تھذيب ۽ تمدن جو مظھر رهي آهي.
سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب، آمري، ڪوٽ ڏجي ۽ مھذب شھر
موئن جو دڙي جي ثقافت ۽ تھذيب جو پنھنجو منفرد
مظھر ۽ اعزاز آهي. سنڌ جي ڏيھي ثقافتي ۽ گھڻ طرفي
مستحڪم تھذيبي زندگيءَ جي خاصيتن مان هڪ اها به
آھي، ته اڀرندي پاسي ريگستاني پٽي، ڏکڻ ۾ سمنڊ ۽
اولھه ۾ جابلو سلسلا هئڻ سبب سنڌ پنھنجو سھارو پاڻ
رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ٻاهرين دنيا کان
ڪوبه استفاده ڪونه ڪيو آهي. (کيس صدين جو تشخص
حاصل رهيو آهي) اهوئي سبب آهي ته مختلف فني
پھلوئن، راندين ۽ راڳ رنگ جي روايتن تي مخصوص
مقامي رنگن جو گهرو اثر نظر اچي ٿو.
اتر ۾ موئن جي دڙي جي ڳاڙهن چٽسالي ٿيل ٿانون، فن
جي شاهڪار مھرن ۽ نچڻين جي مورتين تحقيقي حاصلات،
ڏکڻ ۾ ڀنڀور مان نڪتل ٿانون، رقص ڪندڙ جوڙن مورتين
(سٿين عھد) جي دريافت آڳاٽي زماني جي فني روايت جي
موجود هئڻ جا ڏس ملن ٿا. سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙو
”سنڊن“ آڳاٽن زمانن ۾ پرڏيھن اولاهن ملڪن ۾ واپاري
لحاظ کان مقبول هو. اڄڪلھه جي ڳوٺاڻن ٺڪر جي ٿانون
تي رنگين چسٽالي خاص ڏسڻ وٽان آهي، جا آڳاٽن ٿانون
جي ياد ڏياري ٿي. ڏکڻ طرف هلندڙ ڏاند گاڏيون، جي
وڏي ڪم جون هيون، جي اڄ به رانديڪن جي شڪل ۾
ٺاهيون وڃن ٿيون جن مان فني روايت جي تسلسل جي
نشاني ملي ٿي. نھايت ئي نفيس ٿانو، ڪاشيءَ جون
سرون، لاک لائڻ، چمڙي رڱڻ ۽ ان مان سامان ٺاهڻ،
ڦرهن، ڪانھن ۽ ڪانن جي ڪم سان گڏ اجرڪ ۽ ٻين ڪپڙن
تي ڇُرَ، کيسن، سوسين ۽ لونگين ٺاهڻ جا به نمونا
موجود آهن.
ميلن، ملاکڙن ۽ ونجهه وٽي کان سواءِ ٻيون به ڪي
رانديون سموري سنڌ ۾ مقبول آهن. دل وندرائڻ لاءِ
ڪثرت سان جتي ڪٿي رهيون ۽ ڪيون وڃن ٿيون. هتي
ڏاندن جي گوءِ، ڪُڪِڙن جا ميل پڻ ٿين. ايٽ نار،
هُرلا، جُنگ، ويلڻ، گھڙا منجيون ۽ هر پانجاريون
ڪيترن نمونن جا جوڙيا ويندا آهن. انھن جي جوڙ
ابتدائي ايجادن جا ڏس ڏئي ٿي. ڦيٿي کي ايرانيءَ
بدران سنڌي ڦيٿو سڏڻ وڌيڪ درست آهي.
سنڌ ۾ موسيقيءَ متعلق ملندڙ روايتون تمام پراڻيون
آهن، هتي جي پراڻن زمانن کان ملندڙ لوڙائو گويا ۽
ڳائڻا اها سنڌي موسيقي ايران کڻي ويا، جتي اهي
لوريون يا لوليون موسيقيءَ جي نالي سان عروج تي
پھتي. سازن جا ڪيترائي قسم بوڙيندو، چنگ، چپڙيون،
دلو، گھاگھر، يڪتارو، ڏنڊو، سرندو، نڙ، بينيون ۽
مرلي جي اڄ به وڄايا ويندا آهن. هن صوبي ۾ قديم
موسيقي جي روايت جي تصديق ٿئي ٿي. حضرت شاه
عبداللطيف ڀٽائي 1752هه ۾ شاه جو راڳ جي نالي سان
نئين راڳ جو بنياد وجهي موضوعاتي موسيقيءَ جي
روايت جي تصديق ڪئي ۽ ان کي عروج عطا ڪيو. اهو راڳ
خاص طور لوڪ ڪھاڻين جي مقبول موضوعن تي ٻڌل آهي،
جا هنرمنديءَ جي بدران اتم احساسات جو اظھار آهي.
سنڌو درياءَ گذريل ڪيترن صدين کان پنھنجو رُخ پئي
مِٽايو آهي. بار بار راهون ۽ رستا بدلي ويڪرائيءَ
۾ اوڀر اولھه لُڙهي نوان گاهه ۽ گُلزاريون
بَندرگاهه ۽ منڊيون جوڙايون ۽ شھر آباد ڪيا، اُتي
ورهين جون وسنديون ويران ڪيون.
انھن ناگھاني انقلابن هتي ماڻھن جي زندگيءَ ۾ اهو
خيال سمائي ڇڏيو، جنھن ڪيترن افسانن کي جنم ڏنو ۽
ڪيترن روايتُن کي وجود بخشو. دودي چنيسر جو قصو
سومرن جي دور جي جنگي داستان، سسئي پنھون، مومل
راڻي، سھڻي ميھار، ليلا چنيسر ۽ نوري ڄام تماچي
ورهين جا پراڻا عشقيه داستان آهن. عمر مارئي جي
داستان مان هڪ اهڙي ڳوٺاڻي ڇوڪري جو بلند ڪردار
پيو پاڻ پسائي، جو شاهي محل جي آسائشن تي پنھنجي
سادن عزيزن ۽ واهڻ واسين غريبن جي زندگي گهارڻ جي
طور طريقن کي ترجيح ڏني. پنھنجي برادريءَ کي ڇڏي
هن کي راڻي ۽ ملڪه ٿيڻ به ڪونه پئي وڻيو. سورٺ
راءِ ڏياج جو قصو هڪ سخي سمي حڪمران جي سخاوت ۽
راڳ سان ان جي شوق جو اهو اظھار هو جو پنھنجي جان
قربان ڪري ڇڏي.
ياد داشت جي زمانن کان اڳ هتي سر سبز ڏيھه جا
ماڻھو هيج مان ڳائيندا وڄائيندا ۽ نچندا ٽپندا
هئا. سماع- هو جمالو، مگرمان، جهمر، ڏوڪلا، ڇيڄ
ملهه جا ٺينگ ٽپا ۽ هنبوڇي عوامي ناچ هئا. سموري
ڏيهه ۾ ڪيترن قسمن جا گيت رائج هئا. جن ۾ خاص
(الف) عقيدت جا گيت (مولود، مدح ۽ مرثيو) (ب)
عورتن جا گيت ۽ شادين جا لاڏا (ج) خاص موقعن تي
ڳائڻ وارا سبق آموز ۽ دل لڳيءَ جا گيت (د)
(دوهنرو، ڪونڊو ۽ کڳو) لوليون (لولي) (ه) رومانوي
عشقيه گيت (جمالو، ڪونڊو، لوڙائو ۽ بيت).
سنڌ حڪومت سن 1950ع 1960 دوران چار ثقافتي ادارا
قائم ڪيا، جن ثقافتي روايتن کي جيئرو رکڻ لاءِ
تعريف جوڳا ڪم ڪيا آهن.
سنڌي ادبي بورڊ 1951ع: حيدرآباد/
ڄامشورو ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ان سنڌي زبان، ادب،
روايتن تاريخ ۽ لغت نويسيءَ تي سنڌي، فارسي اردو ۽
انگريزي ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ڪتاب شايع ڪرايا آهن.
عوامي روايتون جي سموري سنڌ ۾ مروج آهن، سي قلمبند
ڪرائڻ لاءِ 1957ع ۾ ”لوڪ ادب اسڪيم“ جي شروعات ڪئي
جنھن ڪري رٿيل چاليھن ڪتابن مان اڻٽيھه شايع ٿي
چڪا آهن.(17)
(1) شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز 1955ع: ڀٽ شاهه
(حيدرآباد کان 35 ميل اتر طرف) ۾ آهي. هن مرڪز
تحقيقي ڪم ڪيو آهي. ۽ شاهه عبداللطيف جي زندگي،
ڪلام ۽ راڳ ”شاهه جو راڳ“ تي (جنھن جو ڀٽائيءَ پاڻ
بنياد وڌو هو) ڪتاب شايع ٿيا آهن.
(2) سنڌ پراونشل لائبريري اينڊ ميوزم: هي ادارو پڻ
1955ع ۾ منظور ٿيو، پر مالي امداد جي گهٽتائيءَ
سبب اها ترقي ڪري ڪونه سگهيو. 1971ع ۾ صحيح نموني
انھن جي نشونما شروع ٿي هئي.
(3) مهراڻ آرٽس ڪائونسل: سن 1963ع ۾ مرڪزي حڪومت
جي گرانٽ تحت هن نالي سان قائم ڪيل هي ادارو فنون
لطيفه، دستڪاري ۽ عام ثقافت سان تعلق رکندڙ آهي.
ان ۾ سنڌ جي روايتي فن هٿ جي هنرن توڙي قديم راڳ
جي روايت ۽ سازن مُتعلق مُفيد ڪتاب شايع ڪيا آهن.
ببليوگرافي:
(1)
Sind: Richard F. Burton,
London, 1851.
(2)
Identifications: M. Pitlsawala of some old sites in Sind and their
rotation with the physical geography of the
region 1938, Second Edition, Sindhi Adabi Board,
1959.
(3) Shah Abdul Latif of Bhit: H.T. Soreley, London, 1940.
(4)
H.T. Soreley: The Gazetteer of west Pakistan:
The former province of Sind (including Khair Pur
state),
London, 1965.
(5) Sir R.E:
The Indus Civilization: Sir R.E. Mortimer
Wheeler Sindh,
London,
1965.
(6)
Pakistan Census Report,
1961.
(7)
Sind,
a general introduction: R.T. Lambick, Second
Edition, Sindhi Adabi Board, 1964.
(8) The Traditional Arts and Crafts of Hyderabad
Region- Nabi Bux Baloch, Mehran Art Council,
1966.
(9)
Sindh Annual, Information Department Government of Sindh,
Karachi, 1971.
(10) شيخ صادق علي شير علي: سنڌ ۾ آباد قومون: ڪراچي 1901ع
.
(11) سنڌي لوڪ ادب، مصنف: نبي بخش بلوچ، جلد: 29، سنڌي ادبي
بورڊ، 1959ع – 1971ع
.
(12) علي شير قانع: تحفة الڪرام (اردو ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ،
1959ع
.
(13) خداداد خان: لب تاريخ سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع
.
(14) (اسمٰعيل بن طائي): فتح نامه سنڌ عرف چچ نامه (اردو
ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ 1963ع
.
(15)
مير محمد معصوم
بکري، تاريخ معصومي (اردو ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ
1963ع
.
(16) تاريخ طاهري (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع
.
(17) بيگلارنامه
(فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع
.
(18)
James Outram: The Conquest of Sind-a
Commentary,
London,
1846.
(19)
Sind-allreinter: John Abbot pretation unhappy
valley, London,
1924.
(20)
Bibliography of Publication on Sind: Billimoria
and Baluchistan, Second Edition,
1930 .
(21)
Sir, R.E. Five Thousand years of: Mortimer
Wheeler Pakistan,
London,
1952.
(22)
M. Pithawala: Introduction to Sind, its wealth
and welfare,
Karachi,
1951.
(23)
Sir Charles Napier: H.T. Lambrick and Sind,
Oxford,
1952.
(24)
Peter Mayne Saints of Sind,
Bombay,
1959.
(25) ابو ظفر ندوي: تاريخ سنڌ، ڇاپو اعظم ڳڙهه
.
(27) محمد شفيع لاهوري: صناديد سنڌ، ڇپايل احمد رباني لاهور
.
(28) اي. ڪي بروهي: شاهه عبداللطيف جي شاعري، ڪراچي: 1954ع
.
(29) مشتاق علي جعفري: سنڌ جا جديد اردو شاعر، حيدرآباد 1961ع
.
(30) نبي بخش بلوچ: سنڌ
۾ اردو
شاعري (از: عھد
شاهجھان
تا 1936ع)، ڇپايل مھراڻ
آرٽس ڪائونسل، 1967ع
.
(31) علي احمد زيدي: سنڌ ۾ اردو مخطوطات، لاهور
1969ع
.
(32) عبدالجليل و اسلام اختر: سنڌ ۾ اردو مطبوعات،
لاهور 1970ع
.
(33) شرف الدين اصلاحي:
اردو سندھی
کی
لسانی
روابط،
لاهور 1970ع
.
(34) اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنڌ، لاهور 1971ع،
انھن
کان سواءِ وڌيڪ ماخذ به ڪتب آندل آهن.
(35)
Encyclopedia Britannica
ٻيا وڌيڪ ماخذ به آندل آهن.




1)
سنڌ جون انتظامي ڊويزنون:
1. ڪراچي 2. حيدرآباد 3. سکر 4. لاڙڪاڻو 5. شھيد
بينظيرآباد 6. ميرپورخاص.
2)
سنڌ جا انتظامي ضلعا:
1. ڪراچي سينٽرل 2. ڪراچي اولھه 3. ڪراچي اوڀر 4.
ڪراچي ڏکڻ 5. ڪياماڙي 6. ڪورنگي 7. ملير 8.
حيدرآباد 9. بدين 10. دادو 11. ڄام شورو 12.
مٽياري 13. سجاول 14. ٽنڊو الھيار
15. ٽنڊو محمد خان 16. ٺٽو 17. شھيد بينظيرآباد
18. نوشھروفيروز 19. سانگهڙ 20. لاڙڪاڻو 21. جيڪب
آباد 22. قمبر شھداد ڪوٽ 23. ڪشمور 24. شڪارپور
25. ميرپور خاص 26. ٿرپارڪر 27. عمرڪوٽ
28. سکر 29. خيرپور 30. گهوٽڪي
3)
579.364 ڪلوميٽر
4)
51799.762 چورس ڪلوميٽر
5)
مندون ۽ پوکون:
سنڌ جو مجموعي موسمي ماحول، گرمي پد ۽ برسات رڪارڊ
ڪرڻ لاءِ ھنن مختلف شھرن جو انتخاب ڪيو ويو: بدين،
ڇور،
دادو، حيدرآباد، جيڪب آباد، ڪراچي(ھوائي اڏو)،
لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، مٺي، موھن جو دڙو، شھيد
بينظيرآباد، پڊ عيدن، روھڙي، سکر(ھوائي اڏو).
·
گرمي پد:
2021ع
۾ 15 اسٽيشنن تي سراسري وڌ ۾ وڌ درجه حرارت 34.81
سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته گھٽ ۾ گھٽ
سراسري گرمي پد 20.27 سينٽي گريڊ هو. ان جي برعڪس
مٿي ڄاڻايل اسٽيشنن تي 2020ع ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد
35.8 هو جيڪو شھيد بينظيرآباد ۾ رڪارڊ ڪيو ويو
جڏهن ته 2021ع ۾ ساڳئي ضلعي ۾ 36.4 هو ۽ 2020ع ۾
گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ميرپورخاص ۾ 18.4 هو ۽ 2021ع ۾
گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد دادو ۾ 18.8 ڊگري سينٽي گريڊ
رهيو. وڌ ۾ وڌ ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ۾ 0.6 ۽ 0.5
سينٽي گريڊ واڌ هئي، اھو ترتيبوار هڪ سال ۾ رڪارڊ
ڪيو ويو.
·
برسات:
سنڌ ۾ 2020ع
۾ سراسري طور 30.4 ملي ميٽر برسات پئي جيڪا مٿي
ذڪر ڪيل 15 شھرن ۾ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته 2021 ۾
سراسري برسات 11.96 ملي ميٽر هئي. 2020ع کان 2021ع
تائين برساتن ۾ 60.7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. ان کان
علاوه سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات 2021 موجب مٺيءَ ۾
رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا 25.5 ملي ميٽر ھئي ۽ 2021 ۾
سنڌ ۾ ڪل گهٽ ۾ گهٽ برسات سکر ھوائي اڏي تي رڪارڊ
ڪئي وئي جيڪا 3.8 ملي ميٽر ھئي.
·
پوکون:
سال 21-2020 جي ڳڻپ موجب سنڌ ۾ ڪُل 34819989 ايڪڙ
زمين کيڙي ۽ ميڙي وئي؛ جيتوڻيڪ پوک لائق 6256349
ايڪڙ ٻني اپت ۾ آئي. غير آباد ٻني 5863721 ايڪڙن ۾
آهي.
سال 21-2020ع
۾ ڪپهه جي پيداوار 1861780 ڳٺڙيون، چانورن جي
پيداوار 2416100 ٽَنَ، ڪمند جي پيداوار 18335500
ميٽرڪ ٽَنَ، جوئر جي پيداوار 9800 ميگا ٽَنَ،
ٻاجهريءَ جي پيداوار 43160 ميٽرڪ ٽَنَ، مڪئي جي
پيداوار 4220 ميٽرڪ ٽن، جَو، چَوڻ ۽ ڪڻڪ جي
پيداوار 3600، 23900 ۽ 4043200 ميٽرڪ ٽن رھي.
6)
شھري ۽ ڳوٺاڻي آباديءَ جو تناسب 2 نمبر جي چارٽ ۾
ڄاڻايل آھي.
7)
سال 2021ع
دوران سنڌ ۾ ڪل 2,991 صحت گهر آھن جيڪي گذريل سال
2020ع
جي ڀيٽ ۾ 9.6 سيڪڙو وڌيڪ ٿيا. اھو اضافو ماءُ ۽
ٻار جي صحت مرڪز ۽ ٽي بي سينٽرن سان ٿيو.
صحت کاتي، سنڌ حڪومت جي رپورٽ موجب
سال 2021ع
دوران سنڌ ۾ 8 تعليمي ۽ تربيتي اسپتالون، 91 سول،
ميجر، اسپيشلائزڊ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر، تحصيل هيڊ
ڪوارٽر اسپتالون، 1,158 ڊسپينسريون، 128 رورل هيلٿ
سينٽرز، 262 ٽِي.بي سينٽر، 793 بنيادي صحت يونٽ ۽
121 ماءُ ۽ ٻار جا صحت مرڪز آھن. سنڌ جي صحت کاتي
۾ هن وقت 7303 ڊاڪٽر، 1232 نرسون، 764 ليڊي ھيلٿ
وزيٽر، 1791 ڊسپينسر/ڊريسر، 242 ايڪس- ري ٽيڪنيشن،
236 ليب ٽيڪنيشن، 258 او. ٽِي. ٽيڪنيشن، 61 ايڪس
ري اسسٽنٽ، 270 ليب. اسسٽنٽ، 137 او. ٽِي. اسسٽنٽ،
۽ 948 دايون آھن.
سال 2021 دوران سنڌ ۾ ٽي بي جا 67438 ڪيس، مليريا
جا 140971 ڪيس، ايڇ آءِ وي/ايڊز جا 2210 ڪيس،
هيپاٽائيٽس بي جا 5068 ڪيس، هيپاٽائيٽس سي جا
20793 ڪيس، ڪانگو بخار جا 6 ڪيس، ڊينگي بخار جا
6604، ڊائريا جا 2973944 ڪيس،
ٽائفائيڊ جا 224917 ڪيس ۽ نيگليريا فوليري جا 06
ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته، پوليو ميلائٽس ۽
هيپاٽائيٽس
”اي“
ڪيس رپورٽ نه ٿيا. 2021 دوران 937,701 مريض اسپتال
۾ لاڳيتو علاج ھيٺ رھيا ۽ 42,320,455 آئوٽ ڊور
پيشنٽَ رھيا.
8)
تعليم:
سال 21-2020ع
جي آدمشماريءَ موجب، اسڪولن جو تعداد 49,446 آهي
جيڪو سال 19-2018ع
۾49,082 ھيو. پرائمري اسڪولن جي تعداد ۾ نمايان
اضافو ڏسڻ ۾ اچي سگھي ٿو جيڪو 273 کان وڌي ويو
آھي. ضلعي ٿرپارڪر ۾ سڀ کان وڌيڪ پرائمري اسڪول
موجود آهن،
جتي پرائمري اسڪول 3976 آهن.
جڏهن ته ضلعي مٽياري ۾ 589 پرائمري اسڪول ۽ ڪل 675
اسڪول آهن.
سال 19-2018ع
جي
مقابلي
۾ سال 21-2020ع
۾ داخلا 38,568 گهٽي آهي. ڪراچي ڊويزن ۾ نمايان
ڪمي ڏسڻ ۾ آئي، جتي پرائمري اسڪولن ۾ داخلا 20
سيڪڙو گهٽجي وئي جڏهن ته ضلعي بدين ۾ 26 سيڪڙو واڌ
ٿي.
استادن جي تعداد ۾ پڻ گهٽتائي آئي آهي جيڪا
19-2018ع
۾ 133,076 هئي ۽ 21-2020ع
۾ 119087 رهي. ان جو سبب اهو آهي ته گذريل ڪجهه
سالن کان اسڪولن ۾ نوان استاد مقرر نه ڪيا ويا. 60
سالن جي عمر وارن استادن جي رٽائرمينٽ جو سلسلو
جاري آهي.
سنڌ ۾ نون ڪاليجن قائم ٿيڻ ۾ اضافو ٿيو آهي. نان
پروفيشنل ڪاليجز 20-2019ع
۾ 293 مان وڌي 2020-21ع
۾ 317 ٿي ويا آهن. انھن ڪاليجن ۾ انٽر، گريجوئيٽ ۽
پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج شامل آهن. نان پروفيشنل
ڪاليجن ۾ داخلا 20-2019ع
۾ 436,308 ۽ 21-2020ع
۾ 388,218 رهي. 21-2020ع
دوران داخل ٿيل شاگردن ۾ 11 سيڪڙو گهٽتائي آڏو
آئي. تدريسي عملو 20-2019ع
۽ 21-2020ع
۾ ترتيبوار 7,008 کان گهٽجي 6,826 ٿي ويو آهي.
گذريل ٻن سالن ۾ پروفيشنل ڪاليجن جو تعداد غير
متحرڪ رهيو. انھن ڪاليجن ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ،
قانون، طبيه، هوميوپيٿڪ، ڪامرس، هوم اڪنامڪس،
فزيڪل ايجوڪيشن ۽ ٽيچرس ٽريننگ ادارا شامل آهن.
انھن ڪاليجن ۾ هوميوپيٿڪ ۽ طبيه ڪاليج پرائيويٽ
سيڪٽر جا آهن ۽ ٻيا سڀ سرڪاري آهن. پروفيشنل
ڪاليجن ۾ داخلا 19-2018ع
۾ 24,018 کان 21-2020ع
۾ 24,316 کان ڪجھ اضافو ٿيو. گذريل ٻن سالن ۾
استادن جو انگ 1694 مان وڌي 1926 ٿيو.
سنڌ ۾ يونيورسٽين جو تعداد 58 مان وڌي 59 ٿي ويو.
انھن يونيورسٽين ۾ سڀ جنرل، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ
يونيورسٽيون ۽ ڊگريون عطا ڪندڙ سرڪاري ۽ پرائيويٽ
سيڪٽر جا ادارا شامل آھن. گذريل ٻن سالن ۾
يونيورسٽين ۾ داخلا 241,379 مان وڌي 250,397 ٿي
وئي آهي ۽ ٽيچنگ اسٽاف 12,634 مان وڌي 12,923 ٿي
ويو آهي (تعليم جو تناسب 2 نمبر ٽيبل ۾ ڏسي سگهجي
ٿو).
9)
پالتو جانور:
سنڌ ۾ ڪُل 6925000 ڏاند ۽ ڳئون، 734000 مينھون،
3959000 رڍون، 12572000 ٻڪريون، 278000 اُٺ، 45000
گهوڙا ۽ 1024000 خچر ۽ گڏھ آھن. چوپائي مال ۾
ڍڳيون، مينھون،
رڍون، ٻڪريون، اُٺ، گھوڙا، خچر ۽ گڏھ شامل آهن.
سنڌ ۾ 20-2019ع
دوران ڪل 9,655,470 ويڪسين ٿيل، 2,762,251 علاج
ٿيل ۽ 270,339 خصي ٿيل جانور ڳڻپ ۾ آيل آھن.
21-2020ع
۾ ويڪسين ٿيلن جو تعداد 63.6 سيڪڙو وڌي 6,141,680
ٿيو. جيتوڻيڪ علاج ٿيل ۽ خصي جانورن ۾ 9.78 سيڪڙو
يعني 3,648,002 ۽ 0.89 سيڪڙو يعني 302,936 واڌ
رھي.
10)
مڇي:
سال 2020 دوران سنڌ ۾ ڪُل مڇيءَ جي پيداوار
302,252 ميٽرڪ ٽن هئي جڏهن ته 2021ع
۾ ان ۾ 41,567 ميٽرڪ ٽن جو اضافو ٿيو ۽ جملي
344,900 ميٽرڪ ٽن ٿيو. 2020ع
۾ سامونڊي مڇي جي پيداوار 208,322 ميٽرڪ ٽن ٿي
جيڪا 2021ع
۾ 21,992 ميٽرڪ ٽن وڌي ۽ 230,314 ميٽرڪ ٽن رڪارڊ
ڪئي وئي. سامونڊي مڇيءَ مارڻ جي برعڪس دريائي مڇي
گهٽ تعداد ۾ واھپي ۾ آئي. 2021 ۾ دريائي مڇي مارڻ
جي پيداوار 114,586 ميٽرڪ ٽن رپورٽ ڪئي وئي ۽ 2021ع
۾ پيداوار ۾ 20,656 ميٽرڪ ٽن جو اضافو ٿيو جڏهن ته
2020ع
۾ 93,930 ميٽرڪ ٽن ٻڌايو ويو.
11)
جھنگ ۽ ٻيلا:
20-2019 ۾ سنڌ جي ٻيلن جي ڪل ايراضي 3550.2788
چورس ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته
21-2020ع
۾ اها 4378.5905 چورس ڪلوميٽر رهي. جيڪا 23.3
سيڪڙو يا 828.32 چورس ڪلوميٽر وڌي. اھو واڌارو سکر
ضلعي ۾ ٿيو جيڪو 20-2019ع ۾ 334.4609 چورس ڪلوميٽر
هو جڏهن ته 21-2020ع
۾ اهو 178.3923 چورس ڪلوميٽر وڌي 512.8532 چورس
ڪلوميٽر ٿيو. ان کان علاوه باقي سمورن ضلعن ۾ ڪمي
پيشيءَ جو رجحان ڏٺو ويو جيتوڻيڪ اهو گهٽ ۾ گهٽ
آهي.
12)
معدني وسيلا:
سنڌ ۾ سال 21-2020ع
دوران معدني وسيلن مان چائنا ڪلي 3523000 ڪلوگرام،
مٽي، چيڪي مٽي 739685000 ڪلوگرام، ڪوئلو 414296000
ڪلوگرام، گرينائيٽ 857000 ڪلو گرام، ڪنڪريٽ
9679000 ڪلوگرام، لوھ 3367000 ڪلوگرام، لوڻ، چوني
جو پٿر9726751000 ڪلوگرام، سنگمرمر 1939000
ڪلوگرام، ۽ ريتي بجري ملن ٿا.
15)
تيل ۽ گئس:
سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۽ اپت ٻين علائقن جي
ڀيٽ ۾ قابل قدر آھي. تيل جو استعمال ڪيترين شين ۾
ڪيو ويندو آھي جيئن، موٽر اسپرٽ، هاءِ اسپيڊ ڊيزل،
فرنس آئل، گاسليٽ ۽ ٻيا. سمورين شين جي پيداوار
ميٽرڪ ٽن ۾ ماپي ويندي آهي، ۽ سڀني شين جي مجموعي
۾ 21-2020ع
جي مالي سال ۾ سنڌ ۾ ڪل 5.3 ملين ميٽرڪ ٽن تيل
استعمال ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ گئس جي استعمال کي ٻن مکيه حصن ۾ ورهايو ويو
آهي، ڪراچي گئس ۽ انڊس گئس. هر گروهه کي وڌيڪ ٽن
ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي صنعتي، تجارتي ۽ گهريلو.
مالي سال 21-2020ع
۾ واپرائيندڙن جو ڪل تعداد 2.91 ملين آهي جن 9.15
بلين ڪيوبڪ ميٽر گئس استعمال ڪئي.
16)
بجلي:
21-2020 ۾ سنڌ ۾ ڪل بجلي استعمال ڪندڙ 5.2 ملين
آهن جيڪي 22.9 بلين ڪلوواٽ بجلي استعمال ڪن ٿا.
اهي استعمال ڪندڙ گهريلو، تجارتي، صنعتي، زرعي ۽
ٻين مختلف قسمن ۾ شامل آهن. بجلي استعمال ڪندڙ
مختلف طبقا آهن. 5.2 ملين بجلي استعمال ڪندڙن مان
4.3 ملين گهريلو استعمال ڪندڙن جو اھو سڀ کان وڏو
تعداد آهي. اهي سموري بجليءَ مان 53.6 سيڪڙو
استعمال ڪن ٿا. ٻيو وڏو استعمال ڪندڙ تجارتي طبقو
آهي ان جو تعداد تعداد 0.8 ملين آهي. اهي ڪل بجلي
جو 10 سيڪڙو استعمال ڪن ٿا. صنعتي طبقو ٽيون نمبر
وڏو استعمال ڪندڙ آهي. جتي واھپي وارن جو تعداد
صرف 0.05 ملين آهي پر انھن جو حصو 28.1 سيڪڙو آهي.
ڪل بجلي جو استعمال تجارتي ۽ زرعي استعمال ڪندڙن
جي حصي کان وڌيڪ آهي.
سنڌي ادبي بورڊ:
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو بنيادي ۽ اوائلي ادبي ادارو
آهي. 1940ع ۾ سائين جي. ايم سيد جڏهن ڇھن
مھينن
جي مختصر عرصي لاءِ سنڌ جي تعليم ۽ ليبر کاتي جو
وزير ٿيو هو،
ته هن سنڌ ۾ علم ادب کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ’سنڌي
ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ نالي اداري جو بنياد
وڌو، جنھن جو پھريون چيئرمئن سيد ميران محمد شاهه
مقرر ٿيو ۽ ان جا ميمبر نامور محقق ۽ دانشور مقرر
ٿيا، جن ۾: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شمس
العلماءُ عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ.آءِ
قاضي، ڪاڪو ڀيرومل مھرچند
آڏواڻي، ديوان سوڀراج نرملداس ’فاني‘، پير علي
محمد شاهه راشدي، راءِ بھادر جڳت سنگهه
آئل مل، خانبھادر
محمد صديق ميمڻ، آغا عبدالنبي خان، ڊاڪٽر هرومل
سدارنگاڻي ’خادم‘، مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا
عبدالڪريم چشتي شامل هئا. 1940ع ۾ بورڊ جي آفيس
سنڌ اسيمبليءَ جي عمارت جي هڪ حصي (اين. جي. وي
هاءِ اسڪول) ۾ قائم ڪئي وئي، جتي اڳتي هلي 1953ع
ڌاري بورڊ جو بوڪ اسٽال به قائم ٿيو. مئي 1962ع ۾
ادبي بورڊ جي آفيس حيدرآباد منتقل ڪئي وئي، جتي
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
صاحب
پھرين گاڏي کاتي وارو ذاتي گهر ’امين منزل‘ ۽ پوءِ
سول لائينز وارو بنگلو ڏهاڪو سال بنا مسواڙ جي
سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو. پوءِ 1972ع ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ
شاهه، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس جي حدن ۾ ريلوي
اسٽيشن ڄامشوري سامهون، سُپر هاءِ وي لڳ
9
ايڪڙ زمين سنڌي ادبي بورڊ کي مرڪزي آفيس ۽ پريس
لاءِ ڏني ۽ 1973ع-1974ع ڌاري سنڌي
ادبي
بورڊ نئين ٺهيل عمارت ۾ منتقل ٿيو، جتي اڄ سوڌو
قائم آهي. آگسٽ 1940ع کان 1948ع جي وچ ۾ ’مرڪزي
صلاحڪار بورڊ‘ جي ڪن ميمبرن جي خالي ٿيندڙ جاين تي
ڪجهه عرصي لاءِ پروفيسر رام پنجواڻي، حڪيم محمد
احسن، محمد صالح ڀٽي، محمد حنيف صديقي ۽ ديوان
گوپي رام رکياڻي، ميمبر طور نامزد ٿيا. 1948ع ۾
بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي، جنھن موجب: سيد ميران
محمد شاهه (چيئرمئن)، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو
(وائيس چيئرمئن)، عثمان علي انصاري (سيڪريٽري) ۽
پير علي محمد شاهه راشدي، خانبھادر محمد صديق ميمڻ،
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، مولانا دين محمد
وفائي، مولوي عبدالرزاق، سيد عبدالحسين شاهه موسوي،
محمد صالح ڀٽي، علاؤالدين سمون، غلام مصطفى ڀرڳڙي،
اياز قادري، محمد بخش ’واصف‘ ۽ آغا تاج محمد ميمبر
ٿيا. سيپٽمبر 1950ع ۾ سنڌ سرڪار ’هاءِ پاور
ايگزيڪيٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر‘ مقرر ڪئي ته
جيئن مرڪزي صلاحڪار بورڊ، |