سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2024ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

 

 

 

دولھه دريا خان جو کوٽايل ’خان واھه‘

 

دولھه دريا خان جي شخصيت تي جيترو فخر ڪجي، اهو ڪري سگهجي ٿو. سندس ڪردار نه رڳو ماضي ۽ حال پر اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ به سدائين اُتساھ جو سبب بڻيو رهندو. هو سورهيائي، سچائي، وفاداري ۽ وطن دوستئَ جو هڪ مٿاهون مثال آهي. معلوم ٿئي ٿو ته، گهڻن ئي ڪارنامن سان گڏ دولھه دريا خان، سنڌ ساڻيھه جي آبپاشي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ به وڏا سڌارا آڻي، بي مثال ڪم ڪيا، جن جا احوال نه رڳو تاريخن ۾ ملن ٿا پر انھن جا ڪي آثار اڄ به گواهيءَ لاءِ موجود آهن. انھيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته هو هڪ گهڻ گُڻيو شخص هو. پير حسام الدين راشديءَ ’مڪلي نامي‘ ۾ لکيو آهي ته: ”درياهه خان، سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو. فوجي، سياسي خواھ سماجي يا اقتصادي صورتحال کي هن اهڙي ڪڙئَ تي پھچايو جو مورخن جو متفق قول آهي ته: ’اهڙو زمانو سنڌ نه پھرين ڏٺو ۽ نه پوءِ.‘ انھن تعميري ۽ رفاحي صلاحيتن سان گڏ منجھس آزادئَ ۽ وطن پرستئَ جو جيڪو انگ هو، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس هميشه هميشه زندھ ۽ پائينده رکندو. سِرن جا سانگا لاهي، وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪا جدوجھد ڪئي، اها حقيقتن وطنيت جي تاريخ ۾ مثالي آهي.“(1)

راشدي صاحب جي هن ڳالھه مان چٽي وضاحت ٿئي ٿي ته، دولھه دريا خان جا پنھنجي وطن جي حفاظت لاءِ ڪيل ڪارناما ته مٿاهين درجي جا رهيا، پر گڏو گڏ هن ملڪ جي اقتصادي ترقي وغيره لاءِ به گهڻائي ڪي ڪم ڪندو رهيو هو. تاريخن ۾ اسان ته رڳو دولھه دريا خان جي بي مثال وطن دوستي، بھادري، سورهيائي ۽ سچائيءَ جا داستان ٻڌا آهن، ڇاڪاڻ ته سندس اهو پاسو گهڻو مٿاهون آهي، پر هن ملڪ جي ترقي ۽ هر لحاظ کان سگهارو ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪم ڪيا هئا سي گهٽ ماڻھن کي ياد آهن. سندس انھن ڪارنامن ۾ سنڌ ساڻيھه جي زمينن جي وڌيڪ ايراضين کي آباد ڪرڻ لاءِ هن جيڪي نوان نوان واھ (2) کوٽائي، ملڪ جي زرعي ۽ اقتصادي ترقي ڏياري، خوشحالي آندي سا به هڪ تاريخ آهي. دريا خان جي ڪيل انھن ڪارنامن ۾ سنڌ جي آبپاشي نظام جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪيل ڪم به وساري نه ٿا سگهجن. انھيءَ سلسلي ۾ هن باغبان، ٽلٽي ۽ لاڙڪاڻي وارن علائقن ۾ واهه کوٽائي، پاڻي پھچائي، وڌيڪ زمينون آباد ڪرايون. اهڙي ريت جڏهن سنڌو جو مشھور وهڪرو ’ڪلري‘ گهٽجي ويو، ٺٽي جي اتر، اولھه ۽ ساڪري وارا علائقا سڪڻ لڳا، تڏهن وقت جي اهم ضرورت کي هڪدم سمجهندي، اوليت جي بنياد تي، ٺٽي کان پھرين ڪلري (3) جي وهڪري واري هنڌ تان واهه کوٽائي، ڪيترن ئي علائقن کي ڀڙڀانگ ٿيڻ کان بچائي ورتو. دولھه درياخان جو حقيقت ۾ اهو به هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جيڪو ’خان واهه‘ جي نالي سان گهڻو مشھور ٿيو. انھيءَ واهه جي ڪري تازو غير آباد ٿيل ٺٽي، مڪلي ۽ هالاٺ واررن علائقن کان ويندي ساڪري جون زمينون وري آباد ٿي پيون. دولھه دريا خان اهو واهه جيڪو وڏي رٿابنديءَ سان سنڌو درياھ جي گهٽجي ويل وهڪري ڪلريءَ مان کوٽايو ويو هو، ان واهه جو ذڪر نه رڳو تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو، پر پراڻن نقشن ۾ به نشانبرآهي. دريا خان جي کوٽايل ان واهه جا ڪيترائي نشان اڄ به ڏسي سگهجن ٿا.

ڏٺو وڃي ته شروعات ۾ ٺٽي جو بنياد ئي سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي اهڙي هنڌ تي پيو هو، جنھن جي مختلف پاسن کان درياهه وهڪرا وهي رهيا هئا، اهو علائقو ڄڻ ته هڪ وڏو ٻيٽ هو. سنڌ جو ننگر ٺٽو جيڪو وڌي ويجهي ترقي ڪندو، اڳتي هلي سوين سالن تائين ملڪ جي گادئَ جو هنڌ به رهيو. مختلف زمانن ۾ سنڌوءَ جو آر ٺٽي ڏانھن وڌيڪ رهيو ته ڪڏهن گهٽيل رهيو. عربن جي آخري ۽ سومرن جي شروعاتي دور ۾ ٺٽي واري علائقي ۾ ايندڙ پاڻيءَ ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي هئي. ائين سومرن جي پوئين دور ۾ وري به سنڌو درياهه اوڀر وارن علائقن جا ڪجھ وهڪرا گهٽائي، ٺٽي وارن آڳاٽن وهڪرن تان گهڻو وهڻ لڳو هو.

مانواري محقق ايم.ايڇ. پنھور پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: ”سنڌو درياھه (1335ع-1350ع دوران) جي اهم وهڪرن ۾ وڏيون تبديليون آيون. ٺٽي جي اُتر پاسي کان وهندڙ ’ڪلري‘ مک وهڪرو ٿي ويو ۽ ٺٽي جي ڏکڻ ۾ وهندڙ بگهاڙ ٻئي درجي تي هليو ويو. درياھ جي هئَ تبديلي ٺٽي کان اٽڪل ڏھ - ٻارهن ميل اڀرندي ۾ ٿي. جيڪو پوئين صدئَ ۾ جهوڪ ۽ بلڙئَ جي وچ تي هو. ريڻ جيئن جو تيئن وهندو رهيو. گونگڙو، جنھن جي ڪنڌئَ تي سومرن جي راڄڌاني وارو شھر ’طور‘ هو، تنھن ۾ پاڻي گهٽجي ويو، جنھن جي ڪري ’طور‘ اُجڙي ويو.“(4) ڏٺو وڃي ’طور‘ کان ٺٽي ڏانھن سنڌ جي راڄڌانيءَ جو خاص سبب اهو ئي هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب، پنھنجي شاهڪار تحقيقي مقالي، ’ٺٽي جو وجودي بنياد يا ٺٽي شھر جو اصل نسل‘ ۾ لکي ٿو: ”سنڌو ندئَ جي وهڪري ۾ انھئَ تبديلئَ جي نتيجي ۾ سمن جا اهي راڄ، جيڪي مڪلئَ واري ايراضئَ ۾ آباد هئا، سي جهجهي ۽ دائمي وهندڙ پاڻئَ مان سکيا ٿيا. سمن جي پھرين اهم وسندي، جيڪا سندن راڄ يعني ’ساموئي‘ جي نالي سان مشھور ٿي ۽ جيڪا سندن جاگيرداري اقتدار جو ابتدائي مرڪز پڻ ٿي، سا مڪلئَ جي ٽڪرين جي بلڪل اُترئين ڇيڙهي وٽان وهندڙ ۽ گهاري طرف ويندڙ شاخ جي کاٻي ڪپر (ڏکڻ طرف) تي آباد ٿيل هئي.“(5)

انھئَ دور بابت ملندڙ ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سمن جي حڪومت جي آخري دور ۾ ٺٽي واري علائقي ڏانھن، سنڌوءَ جي ايندڙ پاڻيءَ ۾ گهڻي گهٽتائي اچي ويئي. ايم ايڇ پنھور لکيو آهي: ”درياھ ٺٽي جي اُتر مان وهندڙ ڪلريءَ وارو وهڪرو هنن ڏينھن ۾ مُک وهڪرو نه رهيو هو.“(6)

جڏهن سنڌؤَ جي وهڪري ڪلرئَ جو پاڻي ٺٽي ۽ مڪلئَ وارن پٽن ڏانھن اچڻ گهٽيو، تڏهن نه رڳو هن علائقي جون ڀليون ٻنيون ختم ٿيڻ لڳيون، پر گُجي، گهاري ۽ ساڪري جي اُترئين هنڌن واريون آباد ٿيندڙ زمينون به گهڻيون متاثر ٿيون. ڏسجي ٿو ته ان دور ۾ هن ملڪ جي هر شعبي تي درياخان جي گھري نظر هئي. تنھن ڏٺو ته ڪلرئَ جو پاڻي چليا کان اڳتي اچڻ گهٽجي ويو آهي ۽ هي علائقو سُڪي رهيو آهي، تنھن ڪري ٺٽي جي اوڀر، اُتر، مڪلي، هالاٺ، گجي ۽ اڳتي وارن علائقن تائين پاڻي پھچائڻ تمام ضروري آهي. ظاهر آهي ته اهو زرعي سماج هو، تڏهن ملڪ جي معشيت جو مُک وسيلو زراعت ئي هئي. هتي جي زراعت گهٽجڻ جي ڪري ملڪ تي هاڃيڪار اثر پيا هوندا. انھئَ اهم مسئلي کي محسوس ڪندي، دريا خان ڪلرئَ واري هنڌ تان واھ کوٽايو، جنھن کي ’خان واھ‘ سڏيو ويندو هو. پنھور صاحب لکيو آهي: ”سنڌو درياھ جا اُن وقت ٽي وهڪرا هئا. هڪ ’ريڻ‘ جيڪو مُک وهڪري کان ٽنڊي محمد خان ۽ ماتلئَ جي وچ تي الڳ ٿي، ڪوري کارئَ ڏانھن وهندڙ هو. ٻيا وهڪرا ڪلري ۽ بگھاڙ هئا. بگهاڙ مُک وهڪرو هو ۽ ڪلري ننڍو هو، جنھن مان ’خان واھ‘ جو مُنھن هو.“(7) احمد حسين داني به پنھنجي ڪتاب ’ٺٽي جا اسلامي اڏاوتي يادگار‘ جي تعارفي نوٽ ۾ دريا خان پاران کوٽايل هن واهه جو ذڪر ڪيو آهي(8)

پير حسام الدين راشدئَ ٺٽي ۽ مڪلئَ جي سلسلي ۾ بي مثال تحقيقي ڪم ڪيو آهي. اهو پنھنجي هڪ مضمون ’ٺٽي جي آڳاٽي جاگرافي‘ ۾ ٺٽي جا ’واھ ۽ واهڙ‘ جي عنوان سان ڏنل احوال ۾ هن واھ جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هن ريت آهي: ”عالي جان واھ: اهو واھ ٺٽي جي شھر منجهان يا شھر سان متصل وهندو هو. انھئَ ئي واھ کي غالبن ’خان واھ‘ به سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته معصومئَ ۽ طاهرئَ ۾ ان جو نالو ’خان واھ‘ آيو آهي. انھئَ واھ جي سلسلي ۾ روايت آهي ته اهو ڄام نظام الدين جي وزيراعظم ۽ سپھه سالار درياھ خان شھيد کوٽايو هو، تاڪه انھيءَ جي ذريعي شھر جي آسپاس خواھ ساڪري جون زمينون آباد ٿين.“(9)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ٺٽي شھر جي اولھه ۾ موجود ’تندسر تلاءَ‘ ۽ اُن جي آمھون سامھون مڪلئَ جي ٽڪرئَ جي ڪڇ ۾ دريا خان جي ڪوٽ جي هئڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”انھئَ ڪري وزيراعظم دريا خان شھر جي هن قديم ڏکڻ - اوڀر وارين ايراضين جي آبپاشي جي مسئلي تي گهڻو ڌيان ڏنو ۽ مشھور ’علي جان واھ‘ (عرف ’خان واھ‘ ڪئنال جنھن کي هاڻي ’عالي جاھ‘ سڏيو وڃي ٿو) کوٽايو.“(10)

’خان واھ‘ ڪھڙي هنڌ تان نڪري، ڪھڙن هنڌن وٽان گذرندو هو؟

هئَ ڳالھ چٽي ٿيل آهي ته، ’خان واھ‘ ڪلرئَ مان نڪرندو هو. هاڻي وري هِي به ڏسجي ته ڪلريءَ جو وهڪرو ڪٿان وهندڙ هو. ڏٺو وڃي ته آڳاٽي زماني ۾ سنڌوءَ جو اولهائون وهڪرو، هالا، نصرپور، شيخ ڀرڪئي وارن پٽن کان اڳتي نڪري، ٽنڊي محمد خان وارن پٽن وٽان ٽن ڀاڱن ۾ ورهائبو هو. وڏو وهڪرو ملاڪاتيار واري هنڌ تان وڏي پکيڙ ڪري، ٻُڌڪا،(11) جهرڪ، ماجيراءِ، سونڊا واريون ڪنڌيون ڏيندو، ڪِنجهر وارن پٽن کان اڳتي نڪري، چليا وٽان ٻن ڀاڱن ۾ ورهائبو هو، هڪ مک شاخ ٺٽي شھر جي اوڀر کان ڦرندي ڏکڻ ويندي هئي، جيڪا بگهياڙ جي نالي سان مشھور هئي. ٻئي شاخ اوڀر طرفان چليا واري علائقي کان ٿورو پھرين الڳ ٿي، موجود سھڻيءَ ( سُونھي) جي لٺ (12) واري ٽڪريءَ کان اڳتي نڪرندي هئي. اها شاخ ساريجي بُٺيءَ (13) کان ٿيندي، اُتر طرف وڏي پکيڙ واري شڪل ۾، کُڏي ڍنڍ واري هنڌ وٽان وڪڙ ڪندي، جهول ڍنڍ وٽان وڏو ڦيرو کائي، اولھه ڏکڻ ڏانھن مڙي، هالاٺ، گجي، گهاري ۽ ساڪري جي ٻين هنڌن پاسي ويندي هئي، انھيءَ وهڪري کي ’ڪلري‘ سڏيو ويندو هو. اهو وهڪرو مڪليءَ جي اُتر کان وهندو، اولھه طرف ويندو هو. هن وهڪري مان مڪليءَ جي اُتران، هڪ شاخ نڪري مڪليءَ جي اوڀر ۽ ٺٽي جي اوڀر يعني ٺٽي ۽ مڪليءَ جي وچ مان وهندي، ڪالڪان ڍنڍ، مندر، گهاڙ مساڻ، دريا خان واري ٽڪريءَ جي اوڀر ۽ تَندسَر وارن هنڌن وٽان ٿيندي ميڪرا ۽ ڪلان ڍنڍن وٽان گذرندي، علائقا آباد ڪندي اڳتي ويندي هئي.

 ڪلريءَ وارو مک وهڪرو ’هاليجي ڍنڍ‘
وٽ پھچي ٿورو اڳيان ٿيندو هو ته هن مان وري هڪ وهڪرو الڳ ٿي، پوءِ اڳتي نڪري سڌو گهاري کان ٿيندو ڀنڀور ڀرسان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هاليجيءَ وٽان ئي ٻيو وهڪرو گُجي وٽان لنگهي، ڏکڻ ڏانھن نڪرندو هو. ٿرڙو ٽڪري انھيءَ وهڪري جي وچ ۾ هئي. اهو وهڪرو، ٿرڙي کان ٿورو اڳيان وري به ٻن ڀاڱن ۾ ورهائبو هو، هڪ ڀاڱو اُتر طرف مڙي وڃي هالاٺ واري وهڪري سان ملندو هو ۽ وڏو وهڪرو وري اولھه ڏکڻ طرف ڦرندو وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو، انھيءَ وهڪري تي به ڪي شھر ۽ وستيون آباد هيون. هنن وهڪرن جا نشان اڄ تائين ڀڏن جي شڪل ۾ پکڙيا پيا آهن.

سمن جي آخري دور ۾ اولھائين وهڪري ۾ پاڻي گهٽجڻ جي ڪري ڪلريءَ وارو وهڪرو سُھڻي (سُونھي) واري لٺ بُٺي کان اڳتي اچي، ساريجي بُٺئَ (ٽڪري) وٽان لنگهندڙ وهڪرو کُڏي ڍنڍ کان ڦيرو ڏيندو، وڃي جهول ڍنڍ تائين وڃي رڪجي بيھي ٿي رهيو ۽ اولھ طرف وارو وهڪرو وري ٿورو اڳتي پراڻي ڪوٽڙئَ جي اوڀر وارن علائقن تائين اچي رڪجي بيھي ٿي رهيو. ڪلرئَ جي انھيءَ منھن مان ئي پراڻي ڪوٽڙيءَ جي اوڀر اُتر طرفان هڪ واهه کوٽائي اڳتي ساڳين آڳاٽن هنڌن تائين آندو ويو، جيڪو انھئَ دور ۾ تمام وڏو ڪارنامو هو. جنھن جو خاص مقصد ته ٺٽي ۽ ساڪري جون زمينون آباد ڪرڻ هو پر گڏوگڏ هي واهه ٺٽي کي به سيراب ڪندو هو ته شھر جي لاءِ دفاعي تحفظ به هو. اهو ڪلريءَ مان کوٽايل واهه ئي ’خان واهه‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. خان واهه سوين سالن تائين هن علائقن کي پاڻي پھچائڻ جو واحد وسيلو رهيو. هاڻوڪا واهه ۽ ناليون به ٿورين تبديلين سان انھن ئي پٽن تان آهن.

 انگريز جي حملي ۽ قبضي کان پوءِ جي رپورٽن وغيره ۾ به هن واهه جو چڱو ذڪر ملي ٿو. 1976ع ۾ ترتيب ڏنل هيوز جي ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۾ 288 صفحي تي ڪلريءَ مان نڪرندڙ ’خان واهه‘ جي ڊيگهه 9 ميل، ويڪر 20 فوٽ، کاٽيءَ تي ساليانو خرچ 319 رپيا، اُپت 2،876 ڏيکاريل آهي. هن مان نڪرندڙ مختلف واهن (1. ناري ڇڇ، 2. سدا بھار، 3. الاکائي پراڻو، 4. ڄام واهه، 5. گهاڙ ڪلان، 6. الاکئي نئون، 7. گهاڙ سونڪي، 8. گهاڙ مساڻ، 9. گهاڙ ماڇي،  10. لُنڊي، 11. خان واهه، 12. ڄام واهه 11) جا تفصيل به ڏيکاريل آهن.

 پنھور صاحب هن حقيقت جي باري ۾ گهڻو پوءِ واري زماني جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”درياھه جو ٺٽي جي اُتر مان وهندڙ ڪلري وهڪرو هنن ڏينھن ۾ مکيه وهڪرو نه رهيو هو سو گهٽجي ويو هو. ’خان واھ‘ ڪوٽڙي بيراج جي کلڻ (14) تائين هليو. اٿل تي وهندڙ ڪلري 26 ميل هلڻ کان پوءِ ڪوٽڙي بُٺڙو(15) ۽ خان واھ ۾ ورهائجي ٿي ويو. خان واھ اڳتي وڃي گهارو کارئَ ۾ ٿي پيو.“(16) هتي هيءَ ڳالھه به ڌيان ۾ رکڻ جي آهي ته ،اوڻيھين صدي عيسويءَ ۾ زميني ۽ درياهي تبديلي اچڻ جي ڪري ڪلريءَ جو مُنھن وري هيلايا ۽ لُونئان ٻيلن وٽان ٿيو، اها پوءِ جي ڳالھه آهي. مطلب ته ڪلريءَ مان دولھه درياخان پاران کوٽايل ’خان واهه‘ وارو وهڪرو هن وقت (2017ع) کان سٺ سال اڳ تائين به وهندو ۽ زمينون آباد ڪندو رهيو.

اهو ’خان واھ‘ ڪلرئَ مان نڪري، ڪوٽڙي پراڻيءَ جي اُتر ۾، ۽ ڳوٺ نوح ڀٽئَ (هاڻوڪي) واري هنڌ کان (جتان هاڻوڪو بئراج لنگهي ٿو) ٿيندو، ڇتي چنڊ وٽان اڳيان نڪري، هاڻوڪي بئراج جي اولھ طرفان (جتي اڃا ان جا ڀڏا موجود آهن) نڪري، سَتين واري قبرستان جي اُتر کان ڦيرو کائي، ساموئئَ (مڪلئَ جي اُتر ۾) جي اُتر پاسان گذري، اڳتي هالاٺ، گجي ۽ پوءِ گهاري طرف ويندو هو. ڪلريءَ مان نڪرڻ کان پوءِ خان واهه مان وري ٻيا به ڪيترائي ننڍا واهه ۽ ڪَڙيا مختلف هنڌن تان نڪرندا هئا.

ائين ٺٽي شھر جي پاسن وارو ’عالي جان واهه‘ جنھن کي ’علي جان واهه‘ به سڏيو ويندو هو، سو به ساموئيءَ وٽان ’خان واهه‘ مان تنھن زماني ۾ ئي ڪڍيو ويو هو، جنھن جو مختلف تاريخن ۽ دستاويزن ۾ شاندار نموني سان ذڪر ملي ٿو. اهو واهه ئي مڪلي ۽ ٺٽي شھر جي (اولھه کان ڏکڻ ڦري) گهڻين ايراضين تائين پھچندو هو. مطلب ته ساموئيءَ واري هنڌ تي پھچڻ کان ٿورو پھرين ’خان واهه‘ مان وري اهو واھ کوٽايو ويو هو، جيڪو ڏکڻ پاسي نڪري، ٺٽي ۽ مڪلئَ جي وچان گذرندو، ڏکڻ طرف وهندو ويندو هو. خانواھ مان انھئَ نڪرندڙ واھ کي ئي ’علي واھ‘، ’عالي جاهه‘ ۽ ’علي جان واهه‘ سڏيو ويندو هو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مقالي ’ٺٽي جو وجودي بنياد يا ٺٽي شھر جو اصل نسل‘ ۾ ڏنل احوال ۾ به ’خان واهه‘ / ’علي جان واهه‘ جي هنڌن جي بھترين معلومات ملي ٿي. هو هن واهه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”اهو واھ ڪلرئَ مان پاڻي کڻي ’وڏي الله کائي‘ (چئنل) وٽان ۽ پوءِ ’ننڍي الله کائي‘ (چئنل) وٽان وهندو هو.“ (17) ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو: ”معلوم ٿئي ٿو ته انھئَ ’علي جاھ واھ‘ جو ٿورو پاڻي پوڇڙئَ جي ٻن کاهين مان (جن کي هاڻي ’گهاڙ مساڻ‘ ۽ ’گهاڙ ماڇي‘ سڏجي ٿو) وهندو وڃي، ’تندسر‘ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. آبپاشيءَ جي انھئَ آڳاٽي سرشتي بعد جي دورن ۾ ٻين واهن لاءِ راھ هموار ڪري ڇڏي، جن ٺٽي جي اوڀر واري ايراضئَ کي به خوبصورت باغن واري سرزمين بنائي ڇڏيو.“(18) ٺٽي جي باغن جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اها ڳالھه بنهه درست آهي. هتي هيءَ ڳالھه آئون پڪ سان چوان ٿو ته هن واهه تي ئي ٿيندڙ اُهي باغ باغيچا هئا، جن جي ساوڪ ڀري سُونھن جو ذڪر سوين سال پوءِ مير علي شير ’قانع‘ ٺٽويءَ پنھنجي تاريخي ڪتاب (نظم) ’مڪلي نامي‘ ۾ ڪيو آهي ۽ ٻين به ڪن شاعرن پنھنجي پنھنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي.

 ڏٺو وڃي ته هن واهه جو پاڻي ’تَندسَر‘ تلاءَ ۾ به پوندو هو، پر هي واهه، تَندسَر جي اولھه مان لنگهي اڃا به اڳتي ويندو هو. ڏکڻ طرف ڪجهه ئي پنڌ تي، هن مان هڪ ڀاڱو ڏکڻ_اوڀر نڪري، ڦيرو کائيندو ويندو هو، ٺٽي شھر جي ڏکڻ کان ويندي اوڀر وارن هنڌن کي سدائين آباد ڪندو رهندو هو. اوڀر طرف وهندڙ واهه گهڻو وقت پوءِ تائين به سھڻي نموني سان وهندو رهيو، ان واهه جو ذڪر ٺٽي جي مشھور شاعر عبدالحڪيم ’عطا‘ ٺٽويءَ به پنھنجي شاعريءَ ۾ ساڳئي نالي سان ڪيو آهي، جنھن جو احوال اڳتي ڏنو ويو آهي. ائين سڌو ڏکڻ ويندڙ علي جان واهه اڳتي وڃي ميڪرا ڍنڍ (19) ڍنڍ ۾ پوندو هو، ميڪرا وري ڪلاڪوٽ واري ڪلان ڍنڍ ۾ پوندي هئي. ميڪرا ڍنڍ جي سُونھن جي جيڪا منظر ڪشي ’مڪلي نامي‘ ۾ ٿيل آهي، اها به وري وري پڙهڻ جھڙي آهي. خان واهه ۽ ان مان نڪرندڙ ٻين ننڍن واهن تي نظر وجهندي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته، نه فقط هِي واهه وڏو هو پر پاڻي پھچائڻ جي بنهه ڀلي رٿا بنديءَ ۽ منصفاڻي ورهاست جو هڪ شاندار مثال آهي.    

دولھه دريا خان جو کوٽايل هِي اهو ئي ’خان واھ‘ آهي، جنھن جي ڪنڌئَ تي ساموئيءَ سامهون (واھ جي ٻئي ڀر) ارغونن جي حملي وقت، سنڌي ماڻھن جي ساڻن آخري جنگ لڳي هئي، جتي ڌارين وڙهندي درياخان پنھنجو ساهه ڏيئي ويساهه رکيو هو. پنھور صاحب لکي ٿو ته: ”ارغونن ۽ دريا خان جي جنگ ’خان واھ‘ جي ويجهو ٿي، جيڪو واھ هن پاڻ ساڪري ۽ ٻين علائقن (ٺٽي ۽ ساڪري جي) کي پاڻي ڏيڻ لاءِ کوٽايو هو.“ (20)

 پير حسام الدين راشدي پنھنجي شاهڪار مقالي ’ٺٽي جي آڳاٽي جاگرافي‘ ۾ هن واھ ۽ جنگ جي واقعي جو ذڪر ’تاريخ معصومي‘ ۽ ’تاريخ طاهري‘ جي حوالي سان هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”انھئَ واھ وٽ شاھ بيگ سان دريا خان دولھه جو آخري مقابلو ٿيو، جنھن ۾ سنڌ جي سموري لشڪر، درياهه خان سميت شھيد ٿي ملڪ مٿان سِر ڏنو.“ (21) پير صاحب هن واھ جي باري ۾ ’تحفة الڪرام‘ جي حوالي سان هڪ ٻئي واقعي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي: ”مرزا باقئَ جڏهن خودڪشي ڪئي، ان وقت سندس پٽ مرزا مظفر بدين کان هلي اچي ’عالي جان واھ‘ جي ڪپ تي لٿو تاڪه شھر ۾ داخل ٿي پڳ ٻڌي، پر اميرن پائنده بيگ کي پڳ ٻڌائي ملڪ جو مختارِ ڪُل ان جي پٽ جاني بيگ کي بڻايو. مرزا اهو اطلاع سُڻي، عالي جان واھ جي ڪپ تان منزل ڪوچ ڪري بدين موٽي ويو.“(22) ’تاريخ طاهري‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ جي حوالي سان پير صاحب وري هڪ ٻئي واقعي جو ذڪر ڪيو آهي ته: ”شاھ قاسم خان بيگلار جي پٽ ابو القاسم سلطان، جڏهن مرزا غازئَ سان بغاوت ڪئي، (1010ھه) ان وقت مرزا ڏي نياپو موڪليائين ته تو ۽ منھنجي وچ ۾ ’بارگاھ واھ‘ جي حد آهي، هي پاسو منھنجو ۽ پريون پاسو تنھنجو. جيڪڏهن اها ڳالھ تسليم نه آهي ته پوءِ مان ٺٽي پھچي ’عالي جان واھ‘ کي اچي سرحد بڻائيندس.“(23)

راشدي صاحب اڳتي لکيو آهي:”مير قانع جي قول مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو واھ، قلعي حاڪم نشين جي اوڀارئين دروازي جي سامهون وهندو هو، ڇاڪاڻ ته اڀرندي دروازي کان نواب احمد يار خان (1116ھ-1119ھ) اُن تي پل ٻڌرائي هئي.“(24) پير صاحب آخر ۾ عبدالحڪيم ’عطا‘ ٺٽوئَ جو هڪ نظم ڏنو آهي، جنھن ۾ ’علي جان واھ‘ جو ذڪر ٿيل آهي. اهو نظم (قصيدو) هيٺ ڏجي ٿو:

بحير تم ڪ به بيداري است يا ڪه بخواب

وصول زره  بخورشيد، وصل تشنه به آب

عطا ز بخت بنازد ڪز اتفاق رسيد

ميان ’نھر علي جان‘ بپيش بحر ڪولاب

ڪه بود هر قد مش موج موج دريايء

ڪه بود گام بگامش چو عڪس ماه بر آب

فروغ پرتوِ آن التقاي  نورِ صفا

فزوده  بينش  چشم  ز  سبڪه اڪواب  (25)

خان واهه مان نڪرندڙ ’علي جان واهه‘ ٺٽي شھر جي اولهه، ڏکڻ ويندي اوڀر تائين، ان وقت جي ڪيل بھترين رٿابنديءَ سان ڦري ايندو هو. اهو واهه گهڻن زمانن تائين موجود رهيو. (26)

حوالا ۽ اشارا:

1. راشدي، پير حسام الدين، ’مڪلي نامو‘، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٻيو 1994ع ص 101.

2. جن ۾ ’خان واهه‘ ۽ ’سوراهه‘ مشھور آهن. هن واهه جو
’تاريخ مظھر شاهجھاني‘ (سنڌي ترجمو نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ 1994ع) ۾ صفحي نمبر 128 تي ملي ٿو. پُڻ ڪتاب جي شروع ۾ ايم ايڇ پنھور صاحب پاران ڏنل ’جاگرافيائي ڏسڻي‘ ۾ مختصر احوال موجود آهي. سوراهه منڇر کان مٿين جبلن مان ايندڙ پاڻيءَ کي ڪتب آڻڻ لاءِ کوٽايو ويوهو، جنھن تي منڇر کان اُترئين پاسي وارا علائقا آباد ٿيڻ لڳا.

3. ايم ايڇ پنھور لکيو آهي: ”شاھ حسين 12 سيپٽمبر 1524ع تي درياھ ڪلري وهڪرو ٽپيو ۽ ٺٽي تي قبضو ڪيائين. ٽپندي مھل ڄام فيروز جو ناٺي ماڻڪ بحري فوج جي جٿي سان ارغونن کي سامهون ٿيو، پر اهو جٿو اڳواڻ سميت مارجي ويو يا ٻُڏي ويو.“ ڏسجي، ’ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ‘ ص 386.

. 4 Panhwar M.H, ‘Chronological Dictionary of Sindh, Institute of Sindhology, 1973, P-296.

 5. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، ’ٺٽي جو وجودي بنياد يا ٺٽي جو اصل نسل‘، ٽماهي مھراڻ،  شمارو-1، 1988ع، ص 27.

6. Panhwar M.H, ‘Chronological Dictionary of  

     Sind, Institute of Sindhology, 1973, P-386.6

7.    Same reference, P-356

8. Dani Ahmed Hassan, `Thatta: Islamic Architecture`, Institute of Islamic History, Culture and Civilization, Islamabad, 1982, P-10

9. راشدي، پير حسام الدين، ’ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون‘ مضمون: ’ٺٽي جي آڳاٽي جاگرافي‘،انجمن تاريخ سنڌ، 1981ع ص 121.

10. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، ’ٺٽي جو وجودي بنياد يا ٺٽي جو اصل نسل‘ اڳيون حوالو، ص29

11. هي قديم ماڳ جهرڪ شھر کان پنچ ڪلوميٽر ٺٽي طرف، آڳاٽي سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ موجود آهي. آڳاٽي زماني ۾ جڏهن سنڌو هالا، شيخ ڀرڪئي، ٽنڊي محمد خان ۽ ملا ڪاتيار وارن پٽن تان وهي اولھه ڏانھن ويندو هو تڏهن سڌيرن جو دڙو، ٻُڌڪا، جهرڪ ۽ ماجيراءِ هڪ ئي ڪنڌيءَ سان آباد هئا. ماجيراءِ واري ٽڪريءَ تي پٿر جي دور کان وٺي ٻُڌڪي (گپت) دور تائين جا آثار چٽا موجود آهن.

12. تاريخي ماڳ سونهڻي (سونھي) واري لٺ بُٺيءَ جي ڀر ۾ انگريز دور ۾ ٺھرايل لوڪا بنگلو اڃا هيڻي حال ۾ موجود آهي. لوڪا بنگلي ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون به اچي رهنديون هيون، هتي ڪچھريون ۽ ڪي اهم فيصلا به ٿيندا رهيا.

13. ساريجي ٽڪري هڪ قديم ماڳ جنھن تي اڄ به ڪيتروئي قديم ٺڪراٺو ملي ٿو.

14. ڪوٽڙي بئراج 1959ع ۾ سدائين لاءِ کوليو ويو.

15. ’ڪوٽڙي بٺڙو‘ جنھن کي ’ڪوٽڙي پراڻي‘ به چيو وڃي ٿو، جتي هاڻي ڊاڪٽر عبدالواحد سومري جي والد جي نالي سان ’ڳوٺ محمد خان سومرو‘ آهي.

16. Panhwar M. H, Chronological Dictionary of Sindh, P 373

17. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان ’ٺٽي جو وجودي بنياد يا اصل نسل‘ اڳيون حوالو، ص 29

18. ساڳيو حوالو ص 29

19. ’ميڪرا ڍنڍ‘ لاءِ ڏسجي مڪلي نامو ۽ ليکڪ جو مقالو ’مڪليءَ هيٺان ميڪرا ڍنڍ‘.

20 . Panhwar M.H, `Chronological Dictionary of Sindh` P 373

21. راشدي پير حسام الدين، ’ڳالھيون ڳوٺ وڻن جون‘ مضمون: ’ٺٽي جي آڳاٽي جاگرافي‘، انجمن تاريخ سنڌ، 1981ع، ص 121

22. ساڳيو حوالو، ص 121

23. ساڳيو حوالو ، ص 122

24. ساڳيو حوالو، ص 122 ۽ پڻ ڏسجي ’ديوان عطا‘ عبدالحڪيم ’عطا‘ ٺٽوي، ص 67 ۽ 68، جنھن جي شاهڪار مقدمي ۾ مرتب مطيع الله ’راشد‘ هن قصيدي جي لکڻ جو ۽ نواب احمد خان ’يڪتا‘ برلاس جو تفصيلي احوال ڏنو آهي. ’يڪتا‘ برلاس جي ’مثنوي هير رانجها‘ لکيل آهي، جيڪا سنڌ ۾ ان عنوان سان پھرين مثنوي چئي وڃي ٿي.

25. ’ديوان عطا ٺٽوي‘، عبدالحڪيم ’عطا‘ ٺٽوي، بتصحيح مقدمه سيد مطيع الله ’راشد‘ برهانپوري، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي/حيدرآباد، 1958ع ص 27

 

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 

 

 

نور القرآن ۾ ’بسم الله‘ جي منظوم*

تفسيري ترجمن جو  مختصر جائزو

 

مولوي احمد ملاح سنڌ جو اهو ٻھڳڻو شاعر آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ عَروضي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو امتزاج ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس سڃاڻپ ’تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه‘ طور رهي آهي. سندس غزل ۽ نظم وغيره ’ڪليات احمد‘ جي نالي سان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيل آهي. بيت جي صنف ۾ ’نور القرآن‘، ڀلي سونھاري جو منظوم تفسيري تشريحي ترجمو، سندس اهڙو شاهڪار آهي، جنھن تي سنڌ کي سدا ناز رهندو. هتي ترڪيب ’منظوم تفسيري  تشريحي ترجمو‘ ان لاءِ ڪم آڻجي ٿي، جو مولوي صاحب جو ترجمو،  لفظ بلفظ يا تحت اللفظ ترجمو ناهي؛ بلڪه جيڪو منظوم ترجمو ڪيو اٿس، تنھن ۾ آيتن جو عرق پورو جو پورو سمايل آهي. ايئن کڻي ڏسجي ته آيت هڪ سٽر جي آهي، جڏهن ته منظوم ڪيل ترجمو ٻن يا وڌيڪ سٽرن واري بيت جي صورت ۾ بيھي ٿو، ان لاءِ تفسيري ۽ تشريحي ترجمو چوڻ وڌيڪ ٺيڪ رهندو. وري ايئن به آهي ته ’ضَعُفَ الطَّالِبُ وَالمَطلُوبُ‘ جو ترجمو ڪيو اٿائين: ’”هِڪ جھڙا هِيڻا ٻَئي، مِيون، مَڱڻھار“. اصل ۾ پھرين ’فاعل‘ ۽ پوءِ ’مفعول‘ آهي، جڏهن ته ترجمي ۾ پھرين ’مفعول‘ ۽ پوءِ ’فاعل‘ ڄاڻايل آهي. اصولي طور ته اصل جيان پھرين فاعل (مڱڻھار) ۽ پوءِ مفعول (ميون) هجڻ گهرجي ها؛ پر جيئن ته شاعريءَ جي گهرج ’قافيو‘ ٿئي ٿي، ان لاءِ مولوي صاحب اهي لفظ اڳتي پوئتي ڪري رکيا آهن، پر ان جو تت واضح رهي ٿو. ان لحاظ کان ’نور القرآن‘ کي منظوم تفسيري ترجمو چوَڻ مناسب ٿيندو.

حقيقت ۾، مولوي احمد جي شاعريءَ ۾ اهڙي وسيع ڊيٽا موجود آهي، جنھن تي مختلف زاوين سان ڪم ڪري سگهجي ٿو. هن کان اڳ مولوي صاحب جي تجنيسن تي جيڪو ڪم ٿيو آهي، اهڙي ڊيٽا سنڌ جي ٻين شاعرن وٽان ڪونه ٿي ملي. بلڪه جيڪڏهن هيڏانھن هوڏانھن ڏسجي ته اهڙي ڊيٽا ڪنھن به ٻوليءَ جي شاعر واري شاعريءَ مان ڪونه ٿي ملي ؛ پوءِ ڀلي اها عربي هجي، فارسي هجي يا هندي/ اردو! مولوي صاحب مسڪين طبقي جو ماڻھو هيو، طبقاتي نظام سان ٽڪر کائيندڙ رهيو، مزاحمتي شاعري ڪندو رهيو، جنھن سبب، سندس ڪيل ڪارنامن تي ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي.

مولوي صاحب جا هن وقت تائين هٿ اکر، هٿ اچي نه سگهيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته سندس جيڪا به شاعري محفوظ ٿي سگهي آهي، تنھن ۾ ڪاتبن جو وڏو ڪردار آهي، خاص طور حافظ نعمت الله هاليپوٽو! قرآن شريف جو منظوم تفسيري ترجمو ’نور القرآن‘ جي نالي سان به ايئن ئي گڏ ٿي سگهيو. پاڻ آيتن جو تفسيري ترجمو ڪندو ويندو هيو ۽ ڪاتب ان کي لکندا ويندا هيا. ان لکڻ ۾ به ظاهر آهي ته ڪٿي ڪٿي صورتخطيءَ جا جهول ٿين ٿا، يا ڪن هنڌن تي قرآن شريف جي لفظ جو ترجمو لکندي، رهجي وڃي ٿو. ان کي سنوارڻ ۾ اسان جي دوست پروفيسر ضرار رستماڻيءَ مختلف ’نور القرآن‘ جا قلمي نسخا ڀيٽي، ڏهن سالن جي پورهيي سان، مولوي صاحب جو هڪ مستند منظوم تفسيري ترجمو سنواريو آهي، جيڪو جلد شايع ٿي عام جي هٿن تائين رسندو.

قرآن شريف جو نثر ۾ ترجمي ڪندڙن کي اندازو هوندو ته اهو ڪم ڪيڏو نه ڏکيو ۽ پيچيده آهي، جو سالن جا سال لڳي وڃن ٿا. ان مان پتو پوي ٿو ته مولوي صاحب جو شاعريءَ ۾ ترجمو يقيناً گھري ۽ اونھي مشق سان ئي عمل ۾ آيو هوندو. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ترجمو، تخليق کان به ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ٻوليءَ جا تصور ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ ۽ سو به ٻوليءَ جو مزاج برقرار رکڻ، انتھائي مشڪل ۽ جھڙوڪر ناممڪن ٿي وڃي ٿو. ترجمي جا جيڪي بنيادي لوازمات ٿين ٿا، تن کي مختصر هيٺين ريت بيان ڪري سگهجي ٿو:

ترجمي ۾ صرف لفظن جو ئي تز ترجمو نه ڪرڻو پوندو آهي، بلڪه مواد جو اصل روح پڻ ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.

هر ترجمي نگار، فھم ۽ فڪر پنھنجي ٻوليءَ ۾ بيان ڪندو آهي، ان لاءِ ترجمو اهڙو ڪيو وڃي، جيڪو عام ماڻھوءَ جي سمجهه ۽ ذهانت مطابق هجي.

ڪنھن به ٻوليءَ ۾ اصطلاح، محاورا، پھاڪا، چوڻيون، تشبيھون، استعارا وغيره ان جي سونھن هوندا آهن ۽ ڪنھن به خيال کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم سمجهيا ويندا آهن، ان لاءِ ترجمي ۾ ٻوليءَ جي نسبت ان جو وڌ ۾ وڌ خيال ڪجي ٿو.

ترجمو جيئن ته هڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ جو نالو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته مختلف ٻولين جي نسبت، ترجمي ڪندڙ جو مطالعو گَھِرو ۽ ۽ مشاهدي جي قوت سگهاري هجي.

ترجمي ڪندڙ لاءِ ضروري آهي ته ڪنھن موضوع جي فن ۽ تخليق جي عنصرن کان به چڱيءَ ريت واقف هجي، ٻي صورت ۾ ڪنھن تخليقي شھپاري جي حيثيت کي برقرار رکي نه سگهبو.

علمي لحاظ کان ڪنھن مواد کي هڪ ٻوليءَ کان ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ انتھائي ڏکيو عمل آهي، ان ڪارڻ تحقيقي لحاظ کان اصل مواد جو هجڻ لازمي ٿي پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته ترجمي جي اهميت ثانوي هوندي آهي.   (جوکيو، 2022: 06- 12)

مٿين اهم اصولن کي ڏسڻ کان پوءِ اها ڳالھه به سامھون اچي ٿي ته ترجمي واري مواد کي اصل سان ڀيٽڻ کان سواءِ ان تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي. وري جڏهن مذهبي معاملو سامھون اچي ٿو ته اهو ڪم رهندو حساس ٿي وڃي ٿو. اهڙو خيال مذهبي يا علمي ترجمن ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اهو به خيال ٿيندو آهي ته هڪ ٻوليءَ جي ڪيفيتن کي ٻي ٻوليءَ ۾ هوبھو منتقل ڪرڻ ممڪن ڪونھي، البت، خيال ڪنھن حد تي منتقل ٿي سگهي ٿو.

غلام رباني آگرو، پنھنجي هڪ  مضمون ’قرآن شريف جا ترجما ۽ جتوئي صاحب وارو انگريزي ترجمو‘ ۾ لکي ٿو: ”قرآن داني جا عالم انھيءَ راءِ جا آهن ته قرآن شريف جو لفظ به لفظ ترجمو، جيڪو  هوبھو اصل جھڙو هجي، سو ناممڪن آهي. ڪوبه شخص، جيڪو ترجمي جو ٿورو گهڻو شعور رکي ٿو، سو ڄاڻي ٿو ته ڪنھن به ڪتاب جو ترجمو اصل ڪتاب جھڙو ٿي نه ٿو سگهي. پر اهڙو ڪتاب جيڪو الھامي آهي، سو ته معنى توڙي صورت جي لحاظ کان نقل (ترجمو) ٿي نٿو سگهي.“  (آگرو، 2001: 41- 86)

غلام رباني، هڪ جڳھه تي ترجمي جي حيثيت بابت لکي ٿو: ”تاهم سڀ عالم انھيءَ ڳالھه تي متفق آهن  ته ترجمو سنَدَ يعني اٿارٽيءَ جي حيثيت ڪونه ٿو رکي، سو، ان جي بنياد تي ڪابه فتوى (Legal Verdict) ڏئي نه ٿي سگهجي.حوالي لاءِ ڏسو:

  World Bibliography of the Translations of the Meanings of Holy Quran, Istambul, Turkey, 1986      (آگرو، 2001: 41-86)

ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهڙو مواد جيڪو مذهبي ۽ علمي هجي، ان جي ترجمي کي علمي طبقي ۾ سراسر قبول نه ٿو ڪيو وڃي. ان جي سببن ۾ اهم سبب اهو به ٿئي ٿو، ته ترجمي نگار جي ترجمي ۾ سندس فڪري لاڙن ۽ خيالن وارا رخ نمايان ظاهر ٿين ٿا؛ يعني ان جي حيثيت ثانوي ذريعي واري ٿي وڃي ٿي. ان ڪارڻ تحقيق ڪندڙن کي اصل مواد ڏانھن رجوع ڪرڻو پوندو آهي. ان مان اهو نڪتو ملي ٿو ته علمي تحقيق جي حوالي سان  ترجمي جي حيثيت ثانوي ٿئي ٿي ۽ مواد جي صحت جي حوالي سان ڪن معاملن ۾ گهٽ اعتبار ڪيو وڃي ٿو، ان ڪارڻ اصل مواد جي اهميت هر صورت ۾ وڌيڪ رهي ٿي.

هڪ ٻوليءَ جي مواد کي ٻي ٻوليءَ ۾ درست انداز سان منتقل نه ٿيڻ بابت ولي رام ولڀ هن انداز ۾ لکي ٿو: ”چيو ويندو آهي ته هڪ ٻوليءَ جو ادب، ان سان وابسته سوچ جو انداز ۽ ڪلچر مختلف هئڻ ڪري، ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيڻ جوڳو نه هوندو آهي، پر وري به ٻولين جي پاڻ ۾ فاصلي گهٽائڻ جو وسيلو ترجمي کان سواءِ ٻيو ڪوبه ناهي. اڄ به چيو ويندو آهي ته شيخ اياز جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيل شاهه جو رسالو نه اصل متن جي نزديڪ آهي ۽ نه باوفا. تنھن ڪري لطيف جو فن، فڪر  ۽ پيغام اردوءَ  ۾ اوتجي نه سگهيو آهي. ساڳيءَ ريت انگريزي ۽ ٻين علائقائي/ صوبائي ٻولين ۾ به ٿيل ترجمن لاءِ پڻ ساڳي راءِ جو اظھار ڪيو ويندو آهي.“ (ولڀ، 2003: 75- 76)

ولي رام ولڀ جي ڳالھه مان به ساڳي ڳالھه ملي ٿي ته، ’سماج جي گهرجن آهر، هڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ممڪن ناهي. اها هڪ حقيقت به آهي؛ ڇاڪاڻ ته قرآن شريف جا به سنڌي ٻوليءَ ۾ سَوين ترجما ٿيا هوندا، پر اڄ تائين انھن ترجمن مان ڪنھن کي به مستند نه ٿو ليکيو وڃي. جيڪڏهن مستند ليکيو ويو هجي ها ته اهو ترجمن جو سلسلو بند ٿي وڃي ها، پر اهو سلسلو هلندو رهي ٿو ۽ هلندو رهندو. مختلف ترجمي ڪندڙن جي قلم کڻڻ جو اهم سبب اهو ئي هوندو آهي ته اڳيان جيڪي ترجما ٿيا آهن، انھن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪو جهولُ رهجي ويو آهي، جنھن سبب ترجمي ۾ اضافو ڪجي ٿو. جيئن ته قرآن شريف هڪ منظوم نثر آهي ۽ نثر مقفى جو هڪ بي بھا مثال آهي، ان لاءِ ان جو منظوم تفسيري ترجمو، ڪنھن حد تي نثر بجاءِ نظم ۾ وڌيڪ جاذبيت رکي ٿو. ان جو مثال مولوي احمد ملاح جو منظوم تفسيري ترجمو ’نور القرآن‘ آهي. اسان سمجهون ٿا ته ڪنھن به ڳالھه جي نثري صورت ڪافي وضاحت گهرندي آهي، جڏهن ته ساڳي ڳالھه نظم ۾ تمام مختصر انداز ۾ پيش ڪري سگهجي ٿي. ان لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيل، مولوي صاحب جو منظوم تفسيري ترجمو، اڄ به ڪَرُ کنيون بيٺو آهي. جيئن ته مولوي صاحب جو لھجو لاڙي ۽ ڪڇيءَ جو امتزاج آهي، ان لاءِ ’نور القرآن‘ جي ٻولي، عام سنڌي ماڻھوءَ لاءِ ڪجهه ڏُکيرڙِي ڀانئجي ٿي. تنھن کان سواءِ، مولوي صاحب ڪافي اهڙا لفظ به ڪم آندا آهن، جن جي لغت تيار ٿي ڪونه سگهي آهي. چند اهڙن لفظن جو تعين به ڪيو اٿس، جيڪي عربيءَ جا نعم البدل چئي سگهجن ٿا ۽ عام ماڻھوءَ جي سمجهه مطابق قبول به ٿيڻ جوڳا آهن. هڪ ننڍڙو مثال ڏجي: سورة الحج جي 73 آيت جي آخري ٽن لفظن ’ضَعُفَ الطَّالِبُ وَالمَطلُوبُ‘ جو ترجمو ڪيو اٿائين: ”هِڪ جھڙا هِيڻا ٻَئي، مِيون، مَڱڻھار“، يعني مطلوب لاءِ ’ميون‘ ۽ طالب لاءِ ’مڱڻھار‘ لفظن جي چونڊ ڪئي اٿس. سنڌي لفظن جي اهڙي چونڊ ٻين ترجمي ڪندڙن نه ڪئي هوندي! وري ڪن عربي لفظن جي ترجمي ۾ پنھنجا لفظ به گهڙيا اٿس، جيئن: ”وَّ ڪانَتِ امرَاَتِي عاقِرا“  جو مولوي صاحب ترجمو ڪيو آهي: ”جو آهي اَجهي مُون سَندي، عورت مُون اَوِيار“، جنھن ۾ ’عاقرا‘ يعني سَنڍ عورت (ڍُڪي نه ٿيندڙ) لاءِ لفظ ’اَويارَ‘ (اَ = نه + ويا/ وياء = ٻار- اولاد + رَ = نسبتي مؤنث پڇاڙي- يعني جنھن کي اولاد نه هجي- سَنڍ عورت) ڪم آندو اٿس. اهو لفظ ان اچار سان لغتن ۾ نه ٿو ملي. اها لفظي گهڙت ڪافي ڪئي اٿائين. اهي هڪڙا ننڍڙا مثال آهن، جن تي الڳ سان ڪم ڪرڻ جي گهرج پيش اچي ٿي.

هتي صرف ’بسم الله‘ جي ترجمن تي نظر رکجي ٿي. بسم الله جي منظوم تفسيري ترجمن مان مراد آهي ته هڪ: اها شاعريءَ ۾ هجي، ٻيو: ان آيت جو پورو تصور ترجمي مان واضح هجي. اها هڪ حقيقت آهي ته هڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ، جيڪڏهن ممڪن ناهي ته سولو به ڪونھي. اهو ان لاءِ ته هر ٻولي پنھنجي سماج سان اسرندي آهي، عربي سماج ۽ ترجمي نگار جو سماج الڳ الڳ هوندو آهي. ان حوالي سان ته جيڪي اصطلاح يا محاورا عربي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا ويندا آهن، سي ٻي ٻوليءَ ۾ هجڻ ممڪن ڪونه هوندو آهي. اتي سورة البقره جي هڪ آيت جو  مثال ئي وٺجي:

اَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰھُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَھُمْ ۭ وَاِنَّ فَرِيْقًا مِّنْهُمْ لَيَكْتُمُوْنَ الْحَقَّ وَھُمْ يَعْلَمُوْنَ   ١٤٦؀۩ “ (بقرة: 146)

ترجمو: [جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، سي انھيءَ کي ايئن سڃاڻن ٿا، جيئن پنھنجي پٽن کي سڃاڻن، ۽ بيشڪ انھن مان هڪ فرقو حق کي ڄاڻڻ هوندي به لڪائي ٿو.] (ڏيپلائي، 38: 2001)

هن ترجمي ۾ سڃاڻڻ جو صيغو، پٽن سان مشروط رهندو. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سڃاڻپ جو صيغو ’ابن ڏاڏن‘ سان سلھاڙيو ويندو آهي، جيئن: ’هن جي ابن ڏاڏن کي به سڃاڻان!‘ ظاهر آهي ته اها ترجمي جي به گهرج آهي ته جنھن صورت سان آيت ۾ ’يعرفون ابناءَهم‘ آهي ته اتي اسان ترجمي جي گهرج آهر ’پٽن کي سڃاڻڻ‘ واري صيغي کي تبديل ڪري، ’ابن ڏاڏن کي سڃاڻڻ‘ وارو صيغو ڪم نه ٿا آڻي سگهون. اهڙن فقرن جون تاويلون ته ٿين ٿيون، پر هڪ ٻولي، پنھنجو مزاج ٻي ٻوليءَ ڏانھن منتقل ڪرڻ کي برداشت نه ٿي ڪري. اصل ۾ اهو ٻولين جو مزاج ٿئي ٿو، جيڪو ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ ممڪن ڪونه هوندو آهي. ترجمو بس ڪنھن اصل کي سمجهڻ جو ذريعو آهي، پر اها هڪ حقيقت آهي ته اهو مڪمل ساءُ نه ڏيندو.

جِن عَطا ڪِتاب ڪِيوسُون، سي سُڃاڻنس صَحي،

سُڃاڻن جِنھن صُورت سان، پنھنجا پُٽ پَهي،

ڪي ساٿي تِن مان سَچ تي، پَردو وِجهن پَهي،

جَڏهن ته سَمجهن سي پيا، سَڀ حال حَقيقت هِي،

آهي اِيءُ آگيَئي ڪَنان، واجب حَق وَحي،

پوءِ جي گُومان ۾ گُنهي، توڙ مَ ٿِي تُون تِن مَنجهان.

(نور القرآن: ص: 33)

صورتخطيءَ ۾ مسئلا آهن، هڪ ته ’هه‘ وينجن جو استعمال، پوري نور القرآن ۾ بنھه ڪونه ڪيو ويو آهي. ٻيو ته جيڪي ڳالھيون صورتخطيءَ آهر طئي ٿيل آهن، ان جو به خيال نه رکيو ويو آهي، جيئن: ’ڪنان‘ ۾ ’ن‘ نه ڏيڻ گهرجي. ٽيو ته اهڙا لفظ جن تي جيڪڏهن اعراب نه ڏجي ته اهو لفظ سڀني لھجن ۾ قابل قبول رهندو، جيئن: ’جِنھن‘، پر ان ۾ به محقق جو چوڻ آهي، ته ان سان ’ج‘ تي جيڪڏهن زبر ڪم نه آڻبي ته وزن يا ماترا جو فرق ٿي پوندو. منھنجي خيال ۾ ڪابه اعراب مٽائڻ سان ماترا ۾ ذري برابر به فرق نه پوندو آهي).

 مولوي صاحب جو منظوم تفسيري ترجمو ’نور القرآن‘، تحقيق ۽ تصحيح پروفيسر ضرار رستماڻي، راقم جي  سامھون آهي، هتي مولوي صاحب جي ڪيل منظوم تفسيري ترجمي ۾ ڪم آندل ’بسم الله‘ جي مختلف ترجمن تي هڪ نظر ڌرجي ٿي. مولوي ملاح پنھنجي ترجمي ۾ ڪل ست بسم الله جا نمونا، بيت جي صورت ۾ ڏنا آهن، جڏهن ته ’سورة الرحمان‘ جي بسم الله ۽ پوري سورة جو منظوم تفسيري ترجمو، نظم جي صورت ۾ ملي ٿو. جيڪي هيٺين ريت آهن:

1.      اَوَل نام اَلله جو، جـــــو ڏِيندڙ ڏيهه ســـــاري،

                        ڏيئي نه پَچاري، مِڙنيان مِهربــان گهڻـــــون.            (سورة الفاتحه، ص: 02)

2.      اَوَل نام اَلله جو، جو ڏيهـــــن جـــــو ڏاتـــــار،

                          ڏيئي نه پَچاري پار، مِڙنيان مِهربان گهڻون.        (سورة البقره، ص: 03)

3.      اَوَل نـــــام اَلله جـــــو، بَرڪــت بي شُمـــــار،

                          سو ڏيهن جو ڏاتار، سَٻاجهو سَڀـين پَرين.            (سورة آل عمران، ص: 70)

4.      اَوَل نـــــام اَلله، جـــــو ڏيهـــــن جـــــو ڏاتـــــار،

                        ڏيئي نه ڪَري پَچار، سَٻاجهو سَڀـين پَرين.            (سورة المائده، ص: 149)

5.      اَوَل نـــــام اَلله، جـــــو ڏيهـــــن جـــــو ڏاتـــــار،

                         ڏيئي نه پَچاري پار، مِڙنيان مِهربان گهڻون.         (سورة اعراف، ص: 212)

6.      اَوَل نـــــام اَلله جـــــو، بَرڪت ســـــان ڀَرپُور،

                       جو ڏيئي نه پَچاري مُور، سَخي سَٻاجهو گهڻون.               (سورة انفال، ص: 250)

7.      اَوَل نــــــــــام اَلله جـــــو، مـــــِٺـــــو مـــــوچـــــارو،

                       سَخي سُونھارو، تَـــــرســـــوَند تَمـــــام گهڻون.    (سورة الفرقان، ص: 523 ۽ الشعراء، ص: 533)

8.      اَوَل نــــــــــام ڌَڻـــــــــي دَيان،

                       سَخي سَٻاجهو سو سُبحان.                     (سورة الرحمان، ص: 788)

(موجوده صورتخطيءَ موجب معاملا سامھون اچن ٿا، جيئن: ’ڏيھه/مھربان‘ کي ’ڏيھه/مھربان‘ لکڻ گهرجي؛
’گهڻون‘ کي ’گهڻو‘ لکڻ گهرجي وغيره. صورتخطي مونجهارن ۽ سولائين جي بنياد تي طئي ڪئي ويندي آهي، جيڪا سڀني لھجن لاءِ يڪسان سمجهڻ جوڳي رهندي آهي، جڏهن ته لھجاتي لفظن جو ان سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. مخصوص لھجن جا لفظ ان پيرائي ۾ ئي لکي سگهجن ٿا).

بسم الله  بابت، چند اهم نڪتا:

هن فقري ۾ ’فعل‘ موجود ناهي. ان لاءِ ترجمو ڪندڙ اڪثر ’شروع ڪريان ٿو‘ وارو فعل، پنھنجي پاران ٽُنبيندا آهن. واضح هجڻ گهرجي ته هن فقري ۾ ڪوبه فعل موجود ناهي؛ ان لاءِ جيڪو به ڪم ڪيو ويندو، اهو ئي فعل تصور ڪيو ويندو. دراصل، مترجمن کي ’شروع ڪريان ٿو‘ وارو فعل ڏنگيءَ ۾ رکڻ گهرجي. جيڪڏهن راقم کي ’سورة فاتحه‘ جي پھرين آيت بسم الله جو ترجمو ڪرڻو هجي ها ته هن ريت ڪجي ها: ”(سڄي ساري واکاڻ سونھين ٿي) ان الله جي نالي سان، جيڪو مھربان ۽ ٻاجهارو آهي.“

بسم  الله جو شروعاتي اکر،’ب‘ حرف جر چيو ويندو آهي، جيڪو ڪنھن لفظ جي اڳيان، اڳياڙيءَ طور ڪم اچي ٿو، جنھن جي معنى ٿيندي ’سان‘. ’بِ + اسم‘ يعني ’نالي سان‘، بسم الله يعني ’الله جي نالي سان‘. ’بِ‘ اڳياڙي، عربي توڻي سنڌيءَ ۾ قسم لاءِ به استعمال ٿيندي آهي، پر ان ۾ به ’سان‘ جي معنى  نڪري ٿي، جيئن: بِالله= الله جو قسم، الله سُنھن/ الله سان).  ’بالله ري پرينءَ، سڀ اونداهي ڀانئيان.‘  شاهه  (جوکيو، 2021: 146- 147)

اسان وٽ، سنڌي سماج ۾ ’بسم الله‘ هڪ سلام طور به ڪم آندو ويندو آهي. پوءِ عام طور رٽي جا پڙهيل ماڻھو، ان سلام تي کِلون ڪندا آهن، ته ’اهو وري ڪھڙو سلام آهي ته شروع ٿو ڪريان الله جي نالي سان‘. حقيقت ۾، هن فقري ۾ فعل اهو ئي ڏبو، جيڪو توهان دليءَ طور نيڪ مقصد گهرو ٿا. اهوئي سبب آهي جو مخدوم نوح هالائيءَ، قرآن شريف جي فارسي نثري ترجمي ۾ بسم الله جون معنائون مختلف رکيون آهن ۽ فعل ’ابتدا‘ (شروع ڪريان ٿو) صرف پھرين سورة فاتحه ۾ ڪم آندو آهي ۽ آخري سورة الناس ۾ ’ابتدا ۽ انتھا‘ جا فعل لڳايا اٿس. باقي اهڙا فعل به ڪم آندا اٿس، جيڪي سورة جي نسبت سان ٺھڪندا هجن. تنھن کان سواءِ بغير فعل جي به ترجما ڏنا اٿس، جيئن:

’ابتدا مي ڪنم بنام خداي سزائ پرستش روزي دهنده رحمت ڪننده‘ (سورة فاتحه ،ص: 02)

بنام خدائ رحمت ڪننده عام در دنيا بروزي و رحمت ڪننده خاص در عقبى بمغفرت و فيروزي‘ (سورة بقره، ص: 03)

ترتيل ميڪنم بنام با احترام خدائ نعمت دهنده رحمت ڪننده (سورة نوح، ص: 572)

بنام خدائ روزي دهنده رحمت ڪننده.‘ ڪم آندي اٿس. (سورة آل عمران ۽ ٽيھن ٻين سورتن ۾  ص: 51 کان 607)

ابتدا و انتھا امور مشرف است بتشريف نام واجب الاحترام خدائ خالق انام رزاق علي الدوام خداوند ڪريم رحمان رحيم (الناس، ص: 610)

سورة فاتحه ۽ سورة الناس ۾ ’ابتدا‘ ۽ ’ابتدا و انتھا‘ جا فعل ڳنڍيل اٿس. ڪٿي ڪٿي سياق و سباق تحت فعل ملايو اٿس، البت ڪٿي ته وري فعل ڪم ئي نه آندو اٿس، جيڪو ’بسم الله‘ جي فقري ۾ موجود ئي ناهي. باقي  ’بسم الله‘ جا گهڻي قدر مختلف لفظن سان  فارسي ترجما ڏنا اٿس، جنھن مان سندس علمي پرواز جو پتو پوي ٿو. اهڙن مختلف لفظي ترجمن جو تعداد ستھٺ (67) ٿي وڃي ٿو.  (مخدوم نوح: 1401هه)

مولوي احمد ملاح پڻ بسم الله جا بيتن ۾ ست الڳ الڳ منظوم تفسيري ترجما ڪيا آهن، باقي هڪ ترجمو سورة رحمان جو بيت ۾ نه، بلڪه نظم ۾ آهي. مولوي صاحب جي مڙني ترجمن ۾ ’فعل‘ ڪونھي يا وري ايئن چئجي ته ’شروع ڪريان ٿو...‘ وارو اضافي فقرو موجود ئي ناهي. البت، جيڪو بيت ڏنو اٿس، سو ٻن سٽرن ۾ آهي. سٽرن جو سٽاءُ به هن ريت آهي ته پھرين سٽر ’دوهي‘ جي ۽ ٻين يا آخري سٽر ’سورٺي‘ جي رکي اٿائين، جنھن سبب ان کي سورٺي ۽ دوهي جي ميلاپ سان جڙيل بيت ڪوٺبو. يعني مولوي صاحب ’بسم  الله‘ جا جيڪي منظوم تفسيري ترجما ڪيا آهن، اهي علمي حوالي سان نھايت مناسب آهن.

مولوي احمد جي بسم الله جي ترجمن تي تبصرو:

ڄاڻايل ترجمن مان هرهڪ تي انتھائي مختصر تبصرو پيش ڪجي ٿو:

1.      اَوَل نام اَلله جو، جو ڏِيندڙ ڏيھه ساري،

                        ڏيئي نه پَچاري، مِڙنيان مھربـان گهڻو.       (سورة الفاتحه)

هيءُ ترجمو، ’سورة الفاتحه‘ ۾ ڏنل آهي، جيڪو بيت جي صنف ۾ آهي. بيت ان حوالي سان ته ان جي پھرين سٽر دوهي جي ۽ ٻين سٽر سورٺي جي آهي. ياد رهي ته بيت، دوهي ۽ سورٺي جي ميلاپ مان جڙيل آهي. جيڪڏهن هن بيت جون ماترائون ڳڻجن ته هيٺينءَ ريت بيھن ٿيون:

پھرين سٽر:  اول (3)، نام (3)، الله (5)، جو (2) = (13 ماترائون)،

        جو (2)، ڏيندڙ (4)، ڏيھه (3)، ساري (4) = (13 ماترائون)، [ڪل: 26 ماترائون]

ٻين سٽر:     ڏيئي (4)، نه (2)، پَچاري (5) = (11 ماترائون)،

مِڙنيان (4)، مھربان (6) گهڻو (3) = (13 ماترائون)، [ڪل: 24 ماترائون]

جيڪڏهن ان جو گراف ٺاهجي ته هيٺين ريت بيھندو:

...................(13)، .................(13)

...................(11)، .................(13)

 (ياد رهي ته اکر/ وينجن جو ڇوٽو صاف توڻي نڪوون سُر (اَ/ اَن، اِ/ اِن، اُ/ اُن) هڪ ماترا ٻڌي ويندي آهي، جڏهن ته ڊگها صاف سُر توڻي نڪوان سُر  (آ/ آن/ او/ اون،  اي/ اين وغيره) ٻن ماترائن جا ٻڌبا آهن. ساڪن اکر/ وينجن لاءِ به هڪ ماترا ڳڻبي آهي. بيت جو مستعمل گهاڙيٽو، هر هڪ سٽر 24 ماترائن جي ليکي ويندي آهي، جڏهن ته هر هڪ سٽر ۾ قافيي واري اڌ جون 11 ۽ ٻئي اڌ جون 13 ماترائون ٻَڌبيون آهن).

اصولي طور پھرين سٽر جو آخري اڌ/ چرن، يارهن ماترائن جو هجڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته عام بيت ۾ قافيي وارا اڌ يارهن ماترائن جا رکيا ويندا آهن. جڏهن ته قافيي کان سواءِ وارا اڌ، تيرهن ماترائن جا ٿيندا آهن. ڇند وديا جي مکيه اصول پٽاندر پھرين سٽر جي آخري قافيي واري اڌ ۾ ٻه ماترائون وڌن ٿيون. بيت ۾ ڪنھن لفظ جي آواز/ اکر کي زور ڏيئي، ماترائون وڌائي، پورائو ڪري سگهجي ٿو، پر وڌيل ماترائن کي گهٽائڻ ممڪن نه هوندو آهي. ان لاءِ ڪنھن لفظ کي مخفف ڪرڻو پوندو آهي، يا ڪنھن واڌاري ۽ غير ضروري لفظ کي هٽائڻ سان ئي پورائو ڪري سگهبو. منھنجي ناقص راءِ موجب جيڪڏهن ٻن ماترائن جو لفظ ’جو‘ڪڍجي، ته ماترائن جو وزن برابر بيھي ٿو. راءِ موجب هيٺين بيھڪ بيھندي:

اَوَل نام اَلله جـــــو، ڏِيـــندڙ ڏيھَه ساري،

ڏيئي نه پَچاري، مِڙنيان مھربان گهڻو.

نوٽ: ماترا مان مراد  ڪنھن اکر جي ’اعراب‘ (زير، زبر، پيش ۽ جزم سان ڇوٽا سُر ۽ ساڪن) جو هڪ وزن ورتو ويندو آهي، جڏهن ته حرف علت ۽ تشديد (ا، و ۽ ي سان ڊگها سُر ۽ شد) جون ٻه ماترائون ورتيون وينديون آهن. نون گهُڻي جو اکر ڳڻپ ۾ نه ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته صاف سُرن ۽ نڪوين سُرن جو وزن برابر هوندو آهي

2.      اَوَل نـــام اَلله جـــو، جــو ڏيــھن جو ڏاتــار،

                        ڏيئي نه پَچاري پار، مِڙنيان مھربان گهڻو.    (سورة البقره)

هيءُ ترجمو، ’سورة البقرة‘ ۾ ڏنل آهي، جيڪو بيت جي صنف ۾ آهي، جنھن جي پھرين سٽر دوهي جي ۽ ٻين سٽر سورٺي جي آهي. جيڪڏهن هن بيت جون ماترائون ڳڻجن ته هيٺين ريت بيھن ٿيون:

پھرين سٽر:  اول (3)، نام (3)، الله (5)، جو (2) = (13 ماترائون)،

جو (2)، ڏيھن (4)، جو (2)، ڏاتار (5) = (13  ماترائون)، [ڪل: 26 ماترائون]

ٻين سٽر:     ڏيئي (4)، نه (2)، پَچاري (5) پار (3) = (14 ماترائون)،

مِڙنيان (5)، مھربان (6) گهڻو (3) = (14 ماترائون)، [ڪل: 28 ماترائون]

جيڪڏهن ان جو گراف ٺاهجي ته هيٺين ريت بيھندو:

...................(13)، .................(13)

...................(14)، .................(14)

ڇند وديا ۾ اهڙا به وزن هوندا آهن، جيڪي ٻنھي سٽرن ۾ برابر ٿي بيھندا آهن. اهڙي صورت ۾ بيھارڻ لاءِ به، ڪن اکرن جي آوازن کي زور ڏيئي ٻٽو ڪرڻو پوندو آهي، يا وري ڪن کي اچارڻ ۾ حذف به ڪري وٺبو آهي. ان سان اهو ٿئي ٿو ته لفظن جو وزن برابر بيھي ٿو. هن حوالي سان اهو طئي آهي ته وزن تورڻ جا بنيادي اصول اهي ئي ٿين ٿا.

ٻين سٽر جا وزن جيڪڏهن 13 ۽ 13 ڪري بيھارجن ته هن طريقي سان به ٿي سگهي ٿو: ڏيئي (4)، نه (1)، پَچاري (5) پار (3) = (13 ماترائون)، ، مِڙنان (4)، مھربان (5) گهڻو (3) = (13 ماترائون)، [ڪل: 26 ماترائون]

...................(13)، .................(13)

...................(13)، .................(13)

3.      اَوَل نــام اَلله جــو، بَرڪـــت بــي شُـــمار،

                        سو ڏيھن جو ڏاتار، سَٻاجهو سَڀـين پَرين.      (سورة آل عمران)

پھرين سٽر:  اول (3)، نام (3)، الله (5)، جو (2) = (13 ماترائون)،

برڪت (4)، بي (2)، شمار (4) = (11 ماترائون)، [ڪل: 24 ماترائون]

ٻين سٽر:     سو (2)، ڏيھن (4)، جو (2)، ڏاتار (5) = (13 ماترائون)،

سٻاجهو (5)، سَڀين (3) پَرين (3) = (11 ماترائون)، [ڪل: 24 ماترائون]

جيڪڏهن ان جو گراف ٺاهجي ته هيٺين ريت بيھندو:

...................(13)، .................(11)

...................(13)، .................(11)

ڄاڻايل بيت جي ٻنھي سٽرن مان هرهڪ جون ماترائون 24، 24 ٿين ٿيون؛ پر ليڪن اصولي طور قافيي واري اڌن جون ماترائون 11، 11 ٿيڻ گهرجن. هتي مسئلو اهو سامھون اچي ٿو ته ٻين سٽر جو پھريون اڌ، قافيي وارو آهي، ان لحاظ کان ان جون ماترائون 11 ٿيڻ گهرجن، پر ليکي آهر 13 بيھن ٿيون، جڏهن ته آخري پد جون 13 ماترائون ٿيڻ گهرجن، پر اهي 11 بيھن ٿيون. يعني ان بيت جي ٻين سٽر ۾ وزن جو مسئلو آهي. ان جي سٽر ۽ وزن واري بيھڪ کي وري ڏسجي ته هيئن ٿيندو:

 ٻين سٽر: ڏيھن (4)، جو (2)، ڏاتار (5) = (11 ماترائون)، ، سٻاجهو (6، ٻ تي زور ڏيڻ سان)، سَڀين (4، ڀ تي زور ڏيڻ سان) پَرين (3) = (13 ماترائون)، [ڪل: 24 ماترائون]

4.      اَوَل نــام اَلله جــو، جـــو ڏيــھن جـــو ڏاتـــــار،

                          ڏيئي نه ڪَري پَچار، سَٻاجهو سَڀـين پَرين. (سورة مائده)

پھرين سٽر:  اول (3)، نام (3)، الله (5)، جو (2) = (13 ماترائون)،

جو (2)، ڏيھن (4)، جو (2)، ڏاتار (5) = (13 ماترائون)، [ڪل 26 ماترائون]

ٻين سٽر:     ڏيئي (4)، نه (2)، ڪري (3)، پچار (4) = (13 ماترائون)،

سٻاجهو (5)، سَڀين (3) پَرين (3) = (11 ماترائون)، [ڪل: 24 ماترائون]

جيڪڏهن ان جو گراف ٺاهجي ته هيٺين ريت بيھندو:

...................(13)، .................(13)

...................(13)، .................(11)

هن بيت ۾ به  وزن جو ساڳيو مٿيون مسئلو سامھون اچي ٿو. ٻين سٽر ۾ قافيي وارو اڌ، ماترائن ۾ ٻئي اڌ کان وڌي ٿو وڃي. جڏهن ته ٻين سٽر جي بيھڪ 11 ۽ 13 بيھڻ کپي. ان جي سٽر ۽ وزن واري بيھڪ کي وري ڏسجي ته هيئن ٿيندو:

اَوَل نــام اَلله جــو، ڏيــھن جـــو ڏاتار،

پھرين سٽر: اول (3)، نام (3)، الله (5)، جو (2) = (13 ماترائون)،  ڏيھن (4)، جو (2)، ڏاتار (5) = (11 ماترائون)، [ڪل 24 ماترائون]

ڏَئي نه ڪَري پَچار، سَٻاجهو سَڀـين پَرين.

ٻين سٽر: ڏئي (3)، نه (1)، ڪري (3)، پچار (4) = (11 ماترائون)، سٻاجهو (6، ٻ تي زور ڏيڻ سان)، سَڀين (4، ڀ تي زور ڏيڻ سان) پَرين (3) = (13 ماترائون)، [ڪل: 24 ماترائون]

5.      اَوَل نــــام اَلله، جـــــو ڏيھـــن جـــو ڏاتــــار،

ڏيئي نه پچاري پار، مڙنيان مھربان گهڻو.    (سورة اعراف)

پھرين سٽر:  اول (3)، نام (3)، الله (5) = (11 ماترائون)،

جو (2)، ڏيھن (4)، جو (2)، ڏاتار (5) = (13 ماترائون)، [ڪل: 24 ماترائون]

ٻين سٽر:     يئي (4)، نه (1، هتي زور گهٽائجي)، پچاري (5)، پار (3) = (13 ماترائون)،

مِڙنيان (4)، مھربان (6) گهڻو (3) = (13 ماترائون)، [ڪل: 26 ماترائون]

جيڪڏهن ان جو گراف ٺاهجي ته هيٺين ريت بيھندو:

...................(11)، .................(13)

...................(11)، .................(13)

جيڪڏهن هن بيت کي برابريءَ جي بنياد تي ماترائون سمجهجن، ته به  بيت جو پھريون پد 11 ماترائن جو ٿئي ٿو. يعني ان پھرئين اڌ ۾ ٻه ماترائون، تشديد جي بنياد تي وڌائي، وزن پورو ڪري سگهجي ٿو: اوّل (4)، نامّ (4)، الله (5) = (13 ماترائون). ان لحاظ کان هرهڪ سٽر جون ماترائون 26 بيھن ٿيون. ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ تشديد جي حيثيت صوتي (phonemic) ناهي، ان لحاظ کان، گهرج آهر، ڪنھن به اکر/ آواز تي زور ڏيئي، ماترا جو وڌاءُ ڪري سگهجي ٿو.

6.      اَوَل نــــام اَلله جـــــو، بَرڪت ســـــان ڀَرپُـــــور،

جو ڏيئي نه پَچاري مُور، سَخي سَٻاجهو گهڻو.                (سورة انفال)

پھرين سٽر:  اول (3)، نام (3)، الله (5)، جو (2) = (13 ماترائون)،

برڪت (4)، سان (2)، ڀرپور (5) = (11 ماترائون)، [ڪل: 24 ماترائون]

ٻين سٽر:     جو (2)، ڏيئي (4)، نه (1، هتي زور گهٽائجي)، پچاري (5)، مور (3) = (15 ماترائون)، سخي (3)، سٻاجهو (5)، گهڻو (3) = (11 ماترائون)، [ڪل: 26 ماترائون]

جيڪڏهن ان جو گراف ٺاهجي ته هيٺين ريت بيھندو:

...................(13)، .................(11)

...................(15)، .................(11)

پھرين سٽر ڇند وديا موجب پوري لھي ٿي، البت، ٻين سٽر ۾ مسئلو آهي. ٻين سٽر جو پھريون اڌ 11، ۽ ٻيون 13 هجڻ گهرجي. ان خيال کان جيڪڏهن، پھرئين اڌ کي گهٽائجي ۽ ٻئي اڌ جي آوازن تي تشديد ڪم آڻجي ته آوازن جو پورائو ٿي سگهي ٿو، جيئن:

جو ڏئي نه پَچاري مُور، سَخي سَٻاجهو گهڻو.

ڏئي (3)، نه (1، هتي زور گهٽائجي)، پَچاري (4)، مُر (3، اُو کي تخفيف ڪري اُ اچاربو) = (11 ماترائون)، سخّي (4)، سٻاجهو (6، ٻ تي زور ڏبو)، گهڻو (3) = (13 ماترائون)، [ڪل 24 ماترائون]

ان لحاظ کان ٻين سٽر مان شروعاتي ’جو‘ ڪٽبو ته وزن جو پورائو ٿيندو، جيئن:

اَوَل نام اَلله جو، بَرڪت سان ڀَرپُور،

ڏَئي نه پَچاري مُور، سَخي سَٻاجهو گهڻو.

7.      اَوَل نــــام اَلله جو، مِــٺو مـــــوچـــارو،

سَخي سُونھارو، تَرسوَند تَمام گهڻو. (سورة فرقان ۽ شعراء)

پھرين سٽر:  اول (3)، نام (3)، الله (5)، جو (2) = (13 ماترائون)،

مٺو (4، ٺ تي زور ڏبو)، موچارو (6) = (10 ماترائون)، [ڪل: 23 ماترائون]

ٻين سٽر:     سخّي (4)، سونھارو (6) = (10 ماترائون)،

ترسوَند (5)، تمام (5، پھرئين م تي زور ڏبو)، گهڻو (3) = (13 ماترائون)، [ڪل: 23 ماترائون]

جيڪڏهن ان جو گراف ٺاهجي ته هيٺين ريت بيھندو:

...................(13)، .................(10)

...................(13)، .................(10)

قافيي واري اڌ ۾ هڪ هڪ ماترا کٽي ٿي، پر جيئن ته قافيي وارا اڌ برابر آهن، اهڙيءَ طرح ان کي وزن جو پورائو سڏبو.

8.      اَوَل نــــام ڌَڻــــــــي دَيـــــــانُ،

سَخي سَٻاجهو سو سُبحانُ.    (سورة رحمان)

لفظ ’رحمان‘، جيئن آخري ’ن‘ تي آهي، ان ڪارڻ مولوي صاحب، هن سورة جو جيڪو به منظوم تفسيري ترجمو ڪيو آهي، تنھن جو سڄو سارو قافيو، حرف روِي: ’ن‘ وينجن/ اظھاريءَ تي مبني آهي. ايئن ئي بسم الله جو ترجمو بيھاريو ويو آهي.

اَوَل نـــــام ڌَڻي دَيـــــان،

سَخي سَٻاجهو سو سُبحـــــان.

ڏاتـــــر ڏيھـــــن ڏِيندڙ ڏان،

قـــــادِر سيکاريـــــو قُـــــرآن،

عَجب اُپايو تنھـــــن اِنســـــان،

خُوب سيکاريَس باب بَيـــــان،

سِج، چَنڊ حِسابين هَر هِڪ آن،

وَليون، وَڻ ٽِـــــڻ عاليشـــــان،

سَڀئي سَجدو ڪَن سُبحان،

ايـــــڏو ســــــــــارو آسِمـــــان،

ڪَئس مَٿاهُون رَب مَنان،

رَکيو ساهِميءَ کـــــي سُلطان،

ته مُور نه مَٽيو مَنجهه مِيزان،

توريو عَدل ســـــاڻ عَيان،

ڪَمي ڪانٽي ڪَريو ڪانه،

ڀُونءِ پَکيڙيَئين بـــــي پايان،

عالَم ســـــاري تـــــي اِحسان،

جنھـــــن ۾ ميوَن جـــــا مَيدان،

کَجيون چَپڙيَن ســـــان چَسپـــــان،

تُھه ۽ بُھـــــه ۾ اَن اَرزان،

سُھڻا سُرها گُل رَيحان،

پوءِ ڌَڻيءَ پنھنجي جا ڪھڙا دان؟

جُوٺ چَئو اَي جِـــــن، اِنسان!

............................. الخ

مٿيون نظم، ڪنھن به صورت ۾ بيت جي ويجهو ناهي. هڪ ته ڪابه سٽر سورٺي يا دوهي جي ڏِکَ نه پيو ڏيئي، ٻيو ته ڪابه سٽر 11 يا 13 ماترائن جي ڪڙي ۾ نه ٿي اچي. جيڪڏهن ڇند وديا موجب ماترائون ڳڻجن ٿيون:

•       اَوّل (4)، نام (3)، ڌَڻي (3)، دَيان (4) = 14 ماترائون.

•       سَخّي (4)، سَٻاجهو (5)، سو (2)، سُبحان (5) = 16 ماترائون.

يعني هيءَ نظم جي صنف، بيت جي بلڪل ويجهو ناهي. جيڪڏهن ان کي علم عَروض واري دائري ۾ ڏسجي، ته هن جا ٻه وزن راءِ جي صورت ۾ معلوم ٿين ٿا، هڪ، محب علي راڄپر موجب: ’مفاعلاتن مفعولات‘، ٻيو، دوست سومري جي راءِ موجب: ’فعلن فعلن فعلن فاع‘. حقيقت ۾ اهڙن وزنن آهر جاچيندي به ٻين سٽرن ۾ اهڙو وزن ڏکيو ٿو ملي. اهڙي وزن تي ’بحر‘ جو نالو ڏيڻ به انتھائي ڏکيو ڪم آهي. اهڙي صورت ۾ اها راءِ جڙي ٿي ته هيءُ نظم نه ته علم عَروض جي ڪنھن نظم يا بحر ۾ اچي ٿو، نه وري بيت جي ويجهو آهي، جنھن کي ڇند وديا جي اصولن تي ڏسجي، ان صورت ۾ هن شعر جي قسم کي سنڌي اوائلي لوڪ گيت جو نمونو چئي سگهجي ٿو. هڪ دوست سعيد حاويءَ جو رايو آهي ته ’هن نظم جي گهڙت ھيڪوڻي وائيءَ واري آھي، جنھن ۾ اڌ دم ماترڪ ڇند تي طبع آزمائي ٿيل آھي. اهڙو ڇند، ڀٽائي صاحب به پنھنجي بيتن ۽ واين ۾ استعال ڪيو آھي. جنھن کي دوھا ڇند سان به سڃاتو وڃي ٿو.‘ ان ڳالھه ۾ به وزن لڳي ٿو. ٿلھي ليکي اهو چئي سگهجي ٿو ته مولوي صاحب اهو وائي نما نظم، پڙهڻيءَ واري ترنم ۽ لئي تي رکيو آهي.

پروفيسر ضرار رستماڻيءَ جو خيال آهي ته صحاح سته جي ڪتاب ’صحيح بخاري‘ جي آخر ۾ ڄاڻايل آخري حديث: ’ڪَلمتان، حَبيبتان الي الرحمان، خَفيفتان علي اللسان، ثَقيلتان في الميزان، سُبحان الله وبحمده سبحان الله العظيم‘ (بخاري، 2022: 1734) کان متاثر ٿي، سورة الرحمان منظوم ڪئي ويئي آهي. قافيي جي لحاظ کان اها ڳالھه محسوس به ٿئي ٿي ۽ ’فعلن‘ جي وزن سان به ڪنھن حد تي ٺھڪي ٿي؛ پر درستيءَ سان مولوي صاحب جو منظوم تفسيري ترجمو ڪنھن پيراميٽر ۾ سولو نه ٿو سمجهه اچي! صنف جي لحاظ کان وائي يا لوڪ گيت جو نمونو چئي سگهجي ٿو.

نتيجو/ حاصل مطلب

مولوي احمد ملاح جي ڪمن ۾ هڪ شاهڪار ڪم قرآن شريف جو، سنڌي بيت ۾، منظوم تفسيري ترجمو ’نورالقرآن‘ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو انعام، في الحال مولوي احمد کي ئي حاصل آهي.

مولوي صاحب، ’نور القرآن‘ جي پوري منظوم تفسيري ترجمي ۾ بسم الله جا بيتن ۾، ڪل ست نرالا ترجما ڏنا آهن، هڪ ترجمو سنڌي نظم ۾ رکيو آهي.

اهي بسم الله جا مختلف ترجما، سورة فاتحه، سورة البقره، سورة آل عمران، سورة مائده، سورة اعراف، سورة انفال ۽ سورة فرقان توڻي شعراء ۾ رکيا آهن؛ جڏهن ته ’اول نام الله جو، برڪت بيشمار‘ وارو ترجمو، سورة آل عمران ۾ ڏيڻ سان گڏ، ٻين سڀني ۾ پڻ ڪم آندو اٿس. انھن ستن ترجمن کان سواءِ، ’سورة الرحمان‘ ۾ سنڌي نظم وارو نمونو رکيو اٿس، جيڪو ٻين سڀني بسم الله جي نمونن کان نرالو آهي.

مولوي صاحب جيڪي به ترجما ڪيا آهن، تن ۾ ’شروع ڪريان ٿو...‘ وارو فعل ڪم نه آندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته بسم الله جي پوري فقري ۾ فعل ڪم آندل ئي ناهي. اها مولوي صاحب جي علمي قابليت آهي. اصولي طور هن فقري ۾ فعل اهو ڄاتو ويندو، جيڪو عمل ڪيو ويندو.

بسم الله جي ترجمن کي جڏهن ڇند وديا جي ماترائن ۾ ڏٺو ويو ته ماترائن جي ڳڻپ ۾ مسئلو سامھون پئي آيو، جيئن: ’اَوَل نام اَلله جو، جو ڏِيندڙ ڏيھَه ساري‘ مان جڏهن سٽر جي ٻئين پد مان ’جو‘ لفظ ڪڍجي ٿو ته ماترائن مطابق وزن برابر بيھي ٿو. باقي ته کٽل وزن لاءِ ڪن آوازن تي تشديد جو زور ڏيئي، پورائو ڪري ٿو سگهجي.

’سورة رحمان‘ واري بسم الله، بيت جي گهاڙيٽي ۾ نه ٿي بيھي، ان لاءِ دوستن جا ٽي رايا سامھون اچن ٿا: هڪ ته ’مفاعلاتن مفعولات‘ يا ’فعلن فعلن فعلن فاع‘ جو وزن بيھي ٿو؛ ٻيو ته ’هن نظم جي گهڙت ھيڪوڻي وائيءَ واري آھي، جنھن ۾ اڌ دم ماترڪ ڇند تي طبع آزمائي ٿيل آھي‘، ٽيو ته ’صحاح سته جي ڪتاب ’صحيح بخاري‘ جي آخر ۾ ڄاڻايل آخري حديث: ’ڪلمتان، حبيبتان الى الرحمان، خفيفتان على اللسان، ثقيلتان في الميزان، سبحان الله وبحمدهِ سبحان الله العظيم‘ کان متاثر ٿي، سورة الرحمان منظوم ڪئي ويئي آهي. بھرحال، هڪ اندازي موجب، پڙهڻيءَ جي روانيءَ کي نظر ۾ رکي، لئي جو وڏو خيال رکيو ويو آهي.

 

حوالا/ ذريعا:

1.      آگرو، غلام رباني (2001) ’قرآن شريف جا ترجما ۽ جتوئي صاحب وارو انگريزي ترجمو‘. ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ٽماهي مھراڻ. 1 (51)، ص: 41- 86. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

2.     بخاري، محمد بن اسماعيل (2022) صحيح بخاري. دمشق: مؤسسة الرسالت ناشيرون.

3.     جوکيو، الطاف ڊاڪٽر (2021) عربي سنڌي اکر جو اڀياس. محرابپور: ميم جيم پبليڪيشن.

4.     جوکيو، الطاف ڊاڪٽر (فيبروري 2022) 'ترجمي جو فن ۽ سنڌي ادب ۾ ترجمو ٿيل علم ۽ ادب جو مختصر جائزو'. ايڊيٽر: علي حسن چانڊيو، ماهوار پيغام،  جلد 26، شمارو: 02  ص: 06- 12 . ڪراچي: اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ.

5.     ڏيپلائي، محمد عثمان، مترجم (2001) قرآن شريف، بامحاوره سولي سنڌي ترجمي سان. ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي.

6.     مخدوم نوح سرور هالائي سندي (1401هه) القرآن الحيڪم، فارسي ترجمه تقديم تحشيه و تصحيح: ابو سعيد غلام مصطفى قاسمي. حيدرآباد ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ

7.     ملاح، احمد، مولوي مترجم (2024 ڇپائيءَ جي مرحلي ۾) نورالقرآن- قرآن پاڪ جو منظوم سنڌي ترجمو. تصحيح ۽ تحقيق: پروفيسر ضرار رستماڻي. (ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپائيءَ لاءِ منظور ڪيل).

8.     ولڀ، ولي رام (2003) مرزا قليچ بيگ، سنڌي ترجمي جي هنر جو محرڪ ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ٽماهي مھراڻ مرزا قليچ بيگ نمبر 4 (53). ص: 75- 76. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org