ڊاڪٽر خضر نوشاهي
ڊاڪٽر مخمور بخاري

ميان سرفراز خان ڪلھوڙو ۽ اُن جي فارسي شاعري
ڊاڪٽر خضرحيات نوشاهي جو جنم 8 مارچ 1952ع تي سيد
عبدالڪريم عباسي نوشاهي جي گھر چنبل ضلع شيخوپوره
پنجاب ۾ ٿيو. سندس تعلق تصوف جي نوشاهيه سلسلي سان
هو. علمي ادبي ۽ روحاني ماحول ۾ تربيت حاصل ڪرڻ
سبب پاڻ عالم، اديب ۽ محقق طور اهم سڃاڻپ رکن ٿا.
خاص طور تي سندن فارسي مخطوطن جي فهرست سازي ۽
ترتيب، تدوين ۽ مقدمي جو ڪم اهم آهي. ڊاڪٽر خضر
سال 1997ع ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ سنڌ جي تاريخدان مير
علي شير قانع جي ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ جي متن
جي تصيح، حاشين ۽ مقدمي جو ڪم مڪمل ڪري همدرد
يونيورسٽي ڪراچي مان ڊگري ورتي. ڊاڪٽر صاحب جي
ڇپيل ڪتابن جو تعداد ايڪٽيھه کن آهي. پاڻ سنڌ جي
فارسي ادب جي حوالي سان ڪيترو ئي اهم ڪم ڪيو آهي،
جنھن جي هڪ مختصر فهرست هت پيش ڪرڻ بي سبب نه آهي:
1. مثنوي گوهرِ منظوم (فارسي نظم-تصيح، ترتيب،
مقدمو انگريزي)، شاعر: غلام علي مداح ٺٽوي،
هسٽاريڪل جرنل؛ پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي
1993ع. ٻيو ڇاپو بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل
ريسرچ، نوابشاھه، 2012ع.
2. ڪليات سرفراز: ميان سرفراز خان ڪلھوڙو، (فارسي
متن جي درستگي ۽ مقدمو)، ڪلھوڙا سيمينار ڪميٽي
ڪراچي، 1996ع.
3.تاريخ بلوچي: عبدالمجيد جوکيو، (فارسي متن جي
درستگي، اردو ترجمو ۽ مقدمو)، ڪلھوڙا سيمينار
ڪميٽي ڪراچي، 1996ع.
4. مختصر تذڪره شاهه ولي محمد چشتي: مولانا سيد
عبدالمجيد رضوي سنگھانوي، (اردو مان فارسي ترجمو)،
خانقاه چشتيه، ميرپور خاص.
5.جنگ نامه: عبدالروف بن خواجه فتح علي، (فارسي
متن جي درستگي ۽ سنڌي ۾ مقدمو)، ٽماهي مهراڻ، سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو.
6. لطائف اشرفي: مخدوم اشرف جھانگير سمناني، (جلد
اول)، (فارسي مان اردو ترجمو)، نذر اشرف هاشم رضا
اشرفي، ڪراچي،1999ع.
7. معيار سالڪان طريقت: مير علي شير قانع، (فارسي
متن جي درستگي، مقدمو، حاشيا ۽ تعليقات)
(پي.ايڇ.ڊي جو مقالو)، اداره معارف نوشاهيه، ساهن
پال شريف.
8. مڪتوبات راشدي بنام ڊاڪٽر محمد باقر:
(درستگيون،ترتيب ۽ مقدمو) انسٽيٽيوٽ آف سنٽرل اينڊ
ويسٽ ايشن اسٽڊيز، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي،2005ع.
9. ديوان سلوڪ الطالبين: فقير قادر بخش بيدل،
(فارسي متن جي درستگي ۽ مقدمو)، بيدل يادگار
ڪاميٽي، روهڙي، 2006ع
10. ديوان شيوڪ رام عطارد: (فارسي متن جي درستگي ۽
مقدمو) پنجاب يونيورسٽي، لاهور،2006ع.
11. ديوان منھاج الحقيقت: فقير قادر بخش بيدل،
(فارسي متن جي درستگي ۽ مقدمو)، بيدل يادگار
ڪاميٽي، روهڙي ،2007ع.
12. جمع الجوامع: پير سيد محمد راشد روضي
ڌڻي(فارسي لغت)، (فارسي متن جي درستگي ۽ ترتيب)،
جميعت علماءِ سڪندريه، پير جو ڳوٺ، جلد اول:2007ع،
جلد دوم: 2009ع، جلد سوم: 2010ع، جلد چھارم:2011ع.
13. ديوان مصباح الطريقت: فقير قادر بخش بيدل،
(فارسي متن جي درستگي ۽ مقدمو)، بيدل يادگار
ڪاميٽي، روهڙي 2011ع.
14. انشاءِ عطارد: شيوڪ رام عطارد، (فارسي متن جي
درستگي، مقدمو، حاشيا ۽ تعليقات)، ڊاڪٽر اين اي
بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ريسرچ، حيدراآباد،
2013ع.
15. تذڪره مخاديم کھڙه: مخدوم الھه بخش عباسي،
(فارسي متن جي درستگي ۽ مقدمو).
ڊاڪٽر صاحب اُن کان سواءِ سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن
جي ذاتي ڪتبخانن ۾ موجود فارسي مخطوطن جي فهرست به
جوڙي جن ۾: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر نواز علي
شوق، قاضي غلام محمد قريشي (هالا پراڻا)، مڪتب
العاليه العلميه پير جھنڊو، مدرسه صبغت الهديٰ
شاھپور چاڪر ۽ همدرد يونيورسٽي ڪراچي شامل آهن. ان
کان سواءِ سنڌ جي فارسي ادب بابت ڪيترا مقالا پاڻ
ڪيترن ئي ڪانفرنسن، سيمينارن ۾ پيش ڪيائون، جيڪي
شايع به ٿيا.
ڊاڪٽر خضر نوشاهي سال 1996ع ۾ ڪلھوڙا نيشنل
سيمينار جي موقعي تي ڪلھوڙا حڪمران ميان سرفراز
خان ڪلھوڙي جي فارسي ڪليات ”ڪليات سرفراز“ جي سِري
سان سهيڙيو، جنھن ۾ ميان سرفراز جو فارسي ڪلام
رديف وار غزل، مربع، رباعيات، مفردات، مثنويات،
مدح، مناجات ۽ مرثيا شامل ڪيا ويا ۽ اُن سان گڏ
سندس اردو ۽ سنڌي شعر به شامل ڪيو ويو آهي. هن جي
مُهڙ ۾ ڊاڪٽر صاحب اردو زبان ۾ تفصيلي مقدمو به
لکيو آهي، جنھن ۾ ميان سرفراز خان جي علم دوستي،
عالمن جي قدرداني سميت اُن دور جي علمي ادبي حالتن
بابت به ڪيترو اهم مواد ملي ٿو. هنن صفحن ۾ اهو
مقدمو ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿو.
ڊاڪٽر خضر نوشاهي 14 جولائي 2021ع تي ساهن پال
شريف ضلع منڊي بھاوالدين پنجاب ۾ وفات ڪئي.
مقدمي جي وچ ۾ آيل فارسي شعرن جو سنڌي ترجمو
ڊاڪٽر خضرنوشاهي جي فرزند ۽ فارسي جي استاد حافظ
پيمان نوشاهي جي مدد سان ڪيو ويو آهي، جنھن لاءِ
مترجم سندن ٿورائتو آهي. (م. ب)
سنڌ جو خطو ننڍي کنڊ ۾ پنھنجي جاگرافيائي
بيھڪ جي ڪري خاص اهميت رکي ٿو. هندستان، ايران ۽
افغانستان جي ٽڪنڊي ۾ واقع هن خطي جي تاريخ برصغير
جي
ڀيٽ ۾ ڪجهه مختلف آهي. هيءَ اها سرزمين آهي جنھن
کي برصغير
۾ اسلام جي ڦهلاءَ جو اعزاز حاصل آهي. ان ڪري ان کي باب اسلام به سڏيو وڃي ٿو.
سنڌ ڪلھوڙن جي دور کان اڳ:
محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد هي
علائقو صدين تائين بنو
اميه ۽ عباسي خلافت جي حاڪمن جي ماتحت رهيو. ان
کان پوءِ بادشاهن جي عروج ۽ زوال سبب
مختلف شهنشاهن جهڙوڪ: سبڪتگين، محمود غزنوي
۽ شھاب الدين غوري جي ماتحت هيو ۽ جڏهن دهليءَ جي
سلطنت ۾ انتشار پيدا ٿيو ته پوءِ سومرن سنڌ تي
پنھنجي آزاد حڪومت قائم ڪئي. شاهه بيگ ارغون، سمن
جي حڪومت تي قبضو ڪري سنڌ جو حاڪم ٿيو. کيس اولاد
نه هئڻ سبب ان کان پوءِ مرزا عيسيٰ ترخان سنڌ جو
حاڪم ٿي ويٺو. جهانگير جي دور ۾ مرزا غازي بيگ جي
وفات تي هن خاندان جو راڄ به ختم ٿي ويو، تنھن ڪري
جهانگير، سنڌ کي مرڪزي حڪومت ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ
طرح سنڌ، مغلن جي حڪومت هيٺ آئي. ان ڪري مغلن جي
دور ۾ سنڌ انھن جي مقرر ڪيل آفيسرن ۽ نوابن جي
ماتحت هئي.آخرڪار 1131ھه/1718ع
۾ ڪلھوڙا خاندان سنڌ جا
حاڪم ٿيا ۽ لڳ ڀڳ هڪ صدي تائين حڪومت ڪيائون(1).
ڪلھوڙن جو دور:
سنڌ ۾ ڪلھوڙا دور جي سياسي، سماجي معاشرتي
۽ معاشي حالتن بابت گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ ان
دور جي تاريخ تمام واضح آهي. ان حوالي سان مرزا
قليچ بيگ، پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام رسول
مهر ۽ محترم اعجاز الحق قدوسي جهڙن دانشورن تمام
گهڻو ڪم ڪيو آهي. ان ڪري اسان انھن پهلوئن کي ڇڏي
هت فقط ان دور جي علمي ۽ ادبي ماحول جو ذڪر
ڪنداسين. ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان ڪلھوڙا دور کي ان رخ
کان ڏسون ٿا ته ان سونھري
دور ۾ جليل القدر ۽ جيد عالمن، شاعرن، اديبن،
تاريخدانن ۽ تذڪرنگارن جا نالا نظر اچن ٿا.
مثال طور: محسن ٺٽوي، مير علي شير قانع،
محمد پناهه رجا، مير مرتضيٰ الھام،
شيوڪ رام عطارد، مير عظيم الدين عظيم ٺٽوي، منشي
عبدالرئوف، غلام علي مداح ٺٽوي، مير جان محمد
بکري، محمد علي سيوستاني ۽ ٻيا(2).
ان دور ۾ ڪيترائي اهم ۽ ناياب ڪتاب وجود ۾
آيا، جن ۾ سنڌ جي تاريخ
”تحفة الڪرام“،
”فتح
نامه“
۽
”نامه نغز“ جهڙن ڪتابن ۾ محفوظ آهي. شاعريءَ ۾ ديوانن ۽ مثنوي جو هڪ
سٺو مجموعو ان دور جي ياد ڏياري ٿو، جهڙوڪ: ديوان
محسن ۽ عظيم جي هشت بھشت
وغيره،
تنھن
ڪري ڪلھوڙا خاندان جي فرد ۽ حڪمران ميان سرفراز
خان عباسيءَ جو فارسي ڪلام جنھن کي اسان ”ڪليات
سرفراز“ جي صورت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، ان دور جي
ذوق سخن جو حسين ترجمان آهي. نھايت اعليٰ ۽
خوبصورت ۽ شاعراڻي حُسن سان پُر ڪلام آهي. ان کان
اڳ جو
اسين
هن شاعر جو تعارف پيش ڪريون، ضروري سمجهون ٿا ته
سندس مختصر خانداني پس منظر تي به نظر وجهون.
ڪلھوڙا خاندان:
مير علي شير قانع، سنڌ جي تاريخ کي محفوظ
ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو ڪلھوڙا دور جو هڪ
اکين ڏٺو تاريخدان آهي. ان ڪري سندس شاهدي ٻين
مورخن کان وڌيڪ اهم آهي. انھيءَ ڪري هن تحفة الڪرام ۾ لکيو آهي ته: ”ڪلھوڙا حضرت عباس عيلھ
السلام جي اولاد مان آهن، جيڪو حضرت
محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم
جن
جو چاچو هو.
کلہوڑے ز عباس پیدا شدند
از ین جہت در نسب عباسی اند
(ڪلھوڙا حضرت عباس جو اولاد هجڻ سبب عباسي آهن.)
’نامه نغز‘،
’ماثر
الامرا‘،
’لب تاريخ سنڌ‘،
’تاريخ
سنڌ‘
(مھر) ۽ تاريخ سنڌ
(قدوسي) جي مصنفن به ان جي حمايت ڪئي آهي. هاڻي اسان مختصر
طور سرفراز خان جي ابن ڏاڏن جو ذڪر ڪريون ٿا، جن
جا تفصيلي احوال مٿين ڪتابن ۾ موجود آهي.
آدم شاھه(3)
سندس مقبرو سکر کان ٻاهر اولهه طرف هڪ
ننڍڙي ٽڪريءَ تي آهي، کيس ٻه پٽ هئا: 1.ابراهيم،
2. دائود.
ميان دائود(4)
پنھنجي والد ميان آدم شاهه کان پوءِ مسند
تي ويٺو، کيس ٻه پٽ پڻ هئا. ميان الياس محمد ۽ 2.
ميان شاهه علي عرف شاھل محمد
ميان الياس(5)
هو پنھنجي پيءُ کان پوءِ جانشين ٿيو.
ميان شاهه علي عرف شاھل محمد(6)
پنھنجي ڀاءُ ميان الياس کان پوءِ جانشين
ٿيو. کيس 1068ھه/1657ع
۾ شھيد ڪيو ويو. سندس مقبرو ميان غلام شاهه 1188ھه/(1774ع) ۾ ٺھرايو.
ميان نصير محمد(7)
ميان الياس جو پٽ ۽ ميان شاهه علي
(شاهل محمد) جو ڀائٽيو ۽ سندس مريد ۽
خليفو پڻ هو. پنھنجي چاچي ۽ مرشد جي وفات کان پوءِ
سجاده نشين ٿيو.
ميان نصير محمد، ڪلھوڙن ۾ هڪ بھادر ۽ دلير
شخص هو، جنھن مغلن سان جنگ ڪئي ۽ هڪ درويش ۽ فقير
جي حيثيت ۾ رهندي به سنڌ جا مختلف علائقا فتح ڪيا.
حضرت نوشه گنج بخش سان ملاقات
ميان نصير محمد جي نوشاهيه سلسلي جي باني
۽ امام حضرت نوشا
گنج بخش قادري (1064ھه/
1653ع) سان ملاقات جو ذڪر ملي ٿو. حضرت
شرافت نوشاهي پنھنجي ڪتاب ”تذڪره نوشا گنج بخش“ ۾
بحوالا تشريح الفقرا، (قلمي) مصنف: فقير سيد غلام
محي الدين بخاري برقندازي لاهوري جي حوالي سان
لکيو آهي ته: ”ميان نصير محمد سنڌي، شاهه علي محمد
سهروردي سنڌيءَ جا مريد ۽ خليفا هئا. حضرت نوشا
صاحب جي زيارت ڪري عزت ۽ فضل حاصل ڪيائون“.
ميان نصير محمد پنجٽيھه
سال تبليغ ۽ هدايت جو فرض سرانجام ڏيندو رهيو،
آخرڪار 1103ھه/
1692ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار (خيرپور ناٿن شاھه ضلعي دادو) ڳوٺ ڳاڙهي ڀرسان سندس نالي
پٺيان قبرستان ۾ آهي. حضرت شرافت نوشاهي وفات جو
سال 1072ھه/1661ع(8)
۽ پير حسام الدين راشديءَ ڪتاب منشور الوصيت جي حاشيي تي
وفات جو سال 1104ھه/(1692ع)(9)
لکيو آهي.
ميان دين محمد(10)
ميان دين محمد پنھنجي والد ميان نصير محمد
جي وفات کان پوءِ سنه 1103ھه/
1692ع ۾ پنھنجي اباڻي مسند تي ويٺو ۽ 1111ھه/
1699ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
ميان يار محمد(11)
ميان يار محمد لقب ”خدا يار خان“ پنھنجي ڀاءُ ميان دين محمد جي وفات کان
پوءِ 1111ھه/1699ع
۾ ”خدا يار خان“ لقب اختيار ڪيو، ذوالعقد 1131ھه/1718ع
۾ فوت ٿيو.سندس مقبرو خدا آباد (ضلعو دادو) ۾ آهي.
کيس پنج پٽ هئا: 1. نور محمد 2. محمد دائود خان،
3. محمد خان،
4. تاج محمد خان،
5. غلام حسين خان.
ميان نور محمد خان
ميان يار محمد جو وڏو پٽ هو. والد جي
وفات تي ٻه مھينا ماتم ڪرڻ بعد11محرم الحرام 1132ھه/ 13 نومبر 1719ع تخت تي ويٺو(12).
شيخ عبدالرئوف سيوستانيءَ هي قطعه تاريخ
چئي(13):
چو بر مسند نشستہ از ہدایت
ولایت مرتبت، مہدی ثانی
ز اسمش گر بپرسی، با تو گویم
بود نور محمد اگر بدانی
جوانمردی، جوادی، دین پژوہی
ز عدلش، گرگ را بابزستانی
غبار شور ہر جا بود بنشست
بحاصل آمده امن و امانی
دل عالم، چو گلشن بر شگفتہ
بہ گلہای سرور و کامرانی
الاہا! این دعا، از محض خیراست
قریبش کن اجابت جاودانی
چو تاریخ جلوسش باز جستم
بگفتا ہاتفم از نکتہ دانی
کہ ہان برخیز از اخلاص برخوان
برت بادا مسلم کامرانی
1132ھ
(هو ولايت جي مرتبي وارو
مھدي ثاني هو، جڏهن هدايت سان حڪومت جي مسند تي جلوه
افروز ٿيو.
اگر تون اُن جو نالو ڄاڻڻ چاهين ٿو ته آئون تو کي ٻڌايان ٿو
اُن جو نالو (ميان)
نور محمد آهي.
هو جوان مرد،
سخي ۽ عالمِ دين هو. هن جي عدل سان بگھڙ ۽ رڍ جو فرق ختم
ٿيو. هر طرف جيڪا فتني جي فضا قائم ٿي هئي، اُها
ختم ٿي وئي ۽ امن قائم ٿيو.
ڪاميابي ۽ سڪون سبب دل، دنيا گل جيان ٽڙي
پئي، هر طرف گلزاري ٿي پئي آهي.
يا الله! هي دنيا خيرو برڪت لاءِ آهي. اُن کي
قبوليت جو شرف عطا ڪر.
مون جڏهن سندن جلوس جي تاريخ ڪڍڻ چاهي ته
هاتف نڪته دان مون کي ائين چيو: ها! اٿو ۽ اخلاص
سان هي پڙهو
”برت بادا مسلم کامرانی“ تو کي مڪمل ڪاميابي عطا ٿيندي.
ميان نور محمد ڪلھوڙي جي فڪر ۽ نظرين جو
ترجمان سندس ڪتاب ”منشور الوصيت و دستور الحڪمت“
آهي، جيڪو پير حسام الدين راشديءَ جي درستگين،
اضافن ۽ مقدمي سان سنڌي ادبي بورڊ پاران 1964ع ۾
ڇپيو. هن ڪتاب جي عنوانن مان سندس فڪري ۽
جذباتي رجحان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
حقيقت ۾ هي ڪتاب ميان نور محمد خان جو وصيت نامو
آهي، جيڪو هُن پنھنجي پٽن لاءِ لکيو هو. ان جا
ڪجهه موضوع هن ريت آهن.
”عبادت جي تلقين، قرآن پاڪ جي تلاوت، اهل
بيت جي محبت، چئن مذهبن، طريقت جي سلسلن، عالمن ۽
صالحن جي محبت، مقدمن جي وصيت، بزرگن جي رضامندي،
پرهيزگاري. حق، موت جي يادگيري، عيد، روزا ۽ نماز
جي پابندي، رياستي نظام ،
ولي
عهد، سنڌ جي زميندارن بابت وصيت، جاگيرن جو
انتظام “وغيره.
ميان نور محمد کي ست فرزند هئا، جن جا
نالا هن ريت آهن: 1. ميان محمد مراد ياب خان، 2.
ميان عطر خان، 3. ميان خدا داد خان 4. ميان احمد
يار خان، 5. ميان غلام شاهه ،6. ميان غلام نبي، 7.
ميان عبدالنبي.
ميان نور محمد 12 صفر 1167ھه/
09 ڊسمبر 1753ع تي وفات ڪئي.
محمد مرادياب خان(14)
ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ، سندس
وصيت موجب، سندس جانشين پٽ ميان محمد مراد ياب خان
کي سمورن حڪومتي خاص ماڻھن جي گڏيل فيصلي سان سنڌ
جو حاڪم بڻايو ويو. هن جي تخت نشيني عمر ڪوٽ ۾ 16
صفر 1167ھه/54_1753ع
تي عمل ۾ آئي.
مير ابوالقاسم سراج الدين محمد تخلص ’قاسم‘ جلوس
جي تاريخ هنن لفظن مان ڪڍي آهي:
"ان فضلہ
کان علیک"= 1167ھه.
مير علي شير قانع جلوس جي تاريخ هن ريت چئي آهي:
ہزار و صد و پنجہ و ہفدہ بالا
بدان روز اسعد جلوس معلا
(هڪ هزار هڪ سو پنجاهه ۽ اُن تي سترهن جو اضافو،
يعنيٰ يارنھن سو ستر سٺ
(هجري) کي انھن جي عظيم اليشان جلوس جو ڏينهن
سمجهو.)
13 ذوالحج 1170ھ/ 29 آگسٽ 1757ع تي ميان مرادياب
خان کي معزول ڪري سندس ڀاءُ ميان غلام شاهه کي تخت
تي وهاريو ويو.
ميان غلام شاھه(15)
ميان مراد ياب خان کي تخت
تان هٽائڻ
کان پوءِ ميان غلام شاهه سنڌ جو حاڪم
ٿيو.هو 13 ذوالحج 1170ھ/29 آگسٽ 1757ع تخت تي
ويٺو.
ميان غلام شاهه پنھنجي دور ۾ حڪومت جا
ڪيترائي مرڪز تبديل ڪيا. کيس تعميرات جو گھڻو شوق
هو. آخر هنن سنڌو درياهه جي ڪناري تي پنھنجي
راڄڌاني ٺھرائڻ لاءِ.هڪ هنڌ چونڊيو، جنھن کي قديم
زماني ۾ نيرون يا نيرون ڪوٽ سڏيو ويندو هو.
ذي القعد 1182ھه/
مارچ
1769ع ۾ ميان غلام شاهه هن جاءِ تي هڪ قلعو
ٺھرايو ۽ ان جڳهه جو نالو حيدرآباد رکيو ۽ هن قلعي
جي تاريخ هن آيت مان اخذ ڪئي وئي:
يا رَبِّ اجْعَلْ ھٰذَا الْبَلَدَ آمِنًا
": 1182هه .
ميان سرفراز خان قلعي جي تعمير جي تفصيلي تاريخ به ٻڌائي، جيڪا هن ڪليات
۾ شامل آهي.
ماده تاريخ وارو شعر هن ريت آهي:
از عطا ہا
"ز
واہب و منان"
=168
"حیدر آباد گشتہ آبادان"
1014=
1182ھ
(هن(رب)وهاب ۽ منان جي طفيل حيدرآباد آباد ٿيو.)
ميان غلام شاهه کي ٽي پٽ:1.
ميان محمد سرفراز خان، 2. ميان محمود خان، 3. ميان
محمد خان هئا. ميان غلام شاهه 2جمادي الاول
1186ھه(9
آگسٽ 1772ع) تي وفات ڪئي. سندس وفات جي قطع تاريخ
سندس فرزند ميان محمد سر فراز خان چئي ، جيڪا هن
مجموعي ۾ شامل آهي.
ناگہ از تنزیل در داد این ندا
ہاتفی
جنات فیھا خالداً
1186ھ
(اوچتوآسمان مان هڪ غيبي آواز آيو ته هو هميشه جنت
۾ رهندو.)
ميان غلام شاهه جو وڏو فرزند، ميان محمد سرفراز خان، جنھن جو ڪلام ”ڪليات
سرفراز“ جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿو، سندس والد جو
جانشين ٿيو.
ميان محمد سرفراز خان(16)
ميان محمد سرفراز خان عباسي پنھنجي والد
حيدرآباد جي باني ۽ سنڌ جي تاجدار ميان غلام
شاھ،جي وفات کان پوءِ، رياست جي سڀني اميرن ،
وزيرن ۽ سڀني جي رضامنديءَ سان حڪومت جون
ذميواريون سنڀاليون. سندس تخت نشيني جي تاريخ هن
ريت ڄاڻايل آهي(17):
باد بر فرقِ سرفرازِ جہان
زیب
دستار ولایت
دائم
1186ھ
(سرفراز جهان جي سَر(مٿي) تي بادشاهت جو تاج
هميشه قائم رهي.)
جيتوڻيڪ سرفراز خان جو دور مختصر رهيو، پر
ان دور ۾ علم ۽ ادب کي تمام گهڻي ترقي ملي. سرفراز
جيڪو پاڻ به عالم، سخن شناس ۽ خوش ذوق هو،تنھن نه
رڳو پنھنجي وقت جي عالمن، شاعرن ۽ بزرگن سان
لاڳاپا پيدا ڪيا، پر انھن کي سندن حيثيت مطابق
انعامن سان نوازيو ۽ انھن مان ڪن کي پنھنجي درٻار
سان وابسته ڪيو. سندس علم ۽ فصاحت جي شھرت ايران
تائين پهتي. سرفراز خان بابت سڀ مورخ ان ڳالھه تي
متفق آهن ته هو حڪمرانيءَ جي اصولن کان واقف نه
هو، ان ڪري هو سٺو حڪمران ثابت نه ٿي سگهيو. پر
جيئن ته اسين هن ڪتاب ۾ سندس ڪلام پيش ڪري رهيا
آهيون، ان ڪري سندس دور ۾ شاعري، ادب، علم، فڪر ۽
ڏاهپ جي سبب قائم ٿيل ماحول جو ذڪر ڪنداسين.
ڪلھوڙا دور خاص طور تي ميان سرفراز خان جي دور جي
نامور مورخ ۽ شاعر مير علي شير قانع ان دور جي
عڪاسي هنن لفظن ۾ ڪئي آهي(18):
ز قدر دانی
آن بحرِ فضل و کانِ کرم
رواج
یافتہ
جنسِ سخن کہ داشت کساد
ز درگہت کہ بود مرجع ذوی
الافہام
برای
اہل کمال است بس خجستہ معاد
(هن جي قدرداني، فضل ۽ ڪرم/مهرباني سان
زوال پذير ٿيندڙ سخن شناسي/علم پروري ٻيهروڌڻ لڳي
آهي. هن جي درگاهه ڏاهن ۽ عقل وارن لاءِ مبارڪ
ٺڪاڻو آهي.)
مير علي شير قانع پنھنجن ڪيترن ئي شعرن ۾ ميان سرفراز خان بابت
خيالن جو اظهار ڪيو آهي."مشتے
نمونہ از خروار"
جي مصداق سندس
شعر هتي نقل ڪجن ٿا. قانع هڪ قصيدو حضرت علي عليه
السلام جي منقبت ۾ صائب تبريزي جي زمين ۾ چيو،
جنھن ۾ هو سرفراز بابت چوي ٿو ته(19):
سرفراز لطف تست آن از محمد سرفراز
گر
اصم از بحر فیض
او زباندانی
کند
گرنسیم قدر دانیش بہار آرا شود
در چمن طفل شائق لالہ نعمانی
کنند
آب از جوی نوالت خورد ای بحر کرم
حاش للہ کلک قانع ہمچو لسانی
کنند
(هي محمد سرفراز جي مھرباني آهي، جو ٻوڙا
(بي علم/گھٽ ٻڌندڙ)
به زبان داني ڪن ٿا.جڏهن هن جي قدرداني جي ٿڌڙي
هير هلي ته باغ ۾ سمورا گُل مهڪي پيا. اي! منھنجا
مھربان! اوهان جي (علم پروري) جي درياءَ مان
مون به ڍُڪ ڀريا آهن، تڏهن ئي ته ”قانع“ جو قلم به
ڳالھائي ٿو.)
"مثنویات
و قصائد قانع" ۾ 90 شعرن تي مشتمل هڪ قصيدو موجود
آهي جيڪو سر فراز خان جي مدح ۾ چيل آهي. هن قصيدي
جا هي ڪجهه شعر خاص توجهه لائق آهن(20):
زہی بملک ولایت امیر
پاک نژاد
سپہر شوکت و شان و محیطِ
دانش و داد
جہان خدیو سرافراز خان عباسی
کہ
یافت سندھ بہ عہدش ز عدل نوبنیاد
بفردین پی
ہر ہفتہ ہفت حجلۂ
چرخ
عروس دہر ندیدہ گہی
چنین
داماد
ہمین
کہ ملک و ملل
یافت
از وجودش کام
سزد بہ عرش خورد نغمہ مبارک باد
چو بر سریر ولایت
جلوس کرد بہ کام
بطبق ارث فزون تر ز شوکتِ اجداد
زمانہ گفت بگوشِ سپہر از سر مہر
کہ ہان دگر نشتابی
بگردشِ بیداد(21).
(هو بادشاهن ۾ اعليٰ نسب،
امير،
وڏي مان مرتبي وارو ۽ عقل ۽ ڏاهپ وارو
آهي.
سرفراز خان عباسي سموري ملڪ جو سلطان آهي.
هن جي حڪومت جي دور ۾ ڪيل انصاف سنڌ کي
نوان
بنياد ڏنا آهن.دين
جي بلندي لاءِ زماني جي ڪنوار اهڙو گھوٽ ڪڏهن به
نه ڏٺو. ملڪ ۽ عوام کي هن جي وجود سان اهڙو مَقام
مليو آهي، جو عرش تي به هن جي مبارڪ جا نغما ڳايا
وڃن ٿا. هو جڏهن تخت تي جلوافروز ٿيو ته هن جو مان
مرتبو سندس آباءَ اجداد کان به وڌي ويو. زماني سج
جي ڀرسان بيھي آسمان جي ڪن ۾ چيو: هاڻ اسان تي رحم
ڪر.)
قانع پنھنجي هڪ ٻئي منقبت ۾ چئي ٿو(22):
قدردان سخنم تا کہ سرافراز حق است
جستہ جستہ بکف افتاد مرا این
مسلک
اوست ما را بہ سخن راہنما در ہر وقت
دامن دولت او کرد مرا مستمسک
گرنہ بخشد بہ سرش شافع روز عرصات
قانع از بار گنہ زود بود مستہلک
(آئون سخن جو قدردان آهيان
۽ آهسته آهسته منھنجو اهو يقين ٿي ويو آهي سرفراز
حق تي آهي.
هر وقت هو اسان جو رهنما آهي ۽ هُن جو خزانو
(اسان کي نوازڻ لاءِ)
نوان نوان بھانا
ڳولي ٿو.
جيڪڏهن شافع قيامت جي ڏينھن
هن کي نه بخشي ها ته ”قانع“ گناهن جي بار کان جلد
مري وڃي ها.)
حضرت شاهه فقير الله علوي شڪارپوريءَ
جهڙي
عارف باالله سان سرفراز خان جا تعلقات ۽
ان کان سوالن جوابن جو سلسلو به سرفراز خان جي
علمي ذهنيت جو مظھر آهي. اسان اڳتي هلي شاهه فقير الله علوي
جي ذڪر ۾ شاهه صاحب جي نظر ۾ ميان سرفراز جي اهميت
کي بيان ڪنداسين. ان سان گڏ بزم سرفراز جا رنگ ڏسي
ان دور جي علمي ماحول جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو،
جنھن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڪيو ويو آهي. پر اڳتي
وڌڻ کان اڳ اسين سرفراز خان جي شاعريءَ جو جائزو
وٺنداسين.
سرفراز بحيثيت
شاعر:
سرفراز کي فارسيءَ جو قادر الڪلام شاعر
چئي سگهجي ٿو. هن هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي
آهي.حمد، نعت، منقبت، مثنوي، مرثيو ۽ رباعي کان
سواءِ، تاريخي قطعا به چيا اٿس. سندس ڪلام جو غور
سان مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو،
فارسيءَ ۾ گھڻو ۽ رواني سان شعر چوندڙ هو. سندس
ڪلام جي خوبصورتي ۽ شعر چوڻ تي دسترس جو اندازو
غوث الاعظم جي شان ۾ چيل منقبت مان لڳائي سگهجي
ٿو، جيڪا سندس فڪر ۽ فن ٻنهي جي ترجماني ڪري ٿي:
با صد ہزاران التجا، گویم
ترا مدح و ثنا
جانہا فدای مقدمت
یا
قطب عالم دستگیر
-----
ای بادشاہ ذوالعطا
وی سرورِ اہلِ وفا
ای اخترِ برجِ کرم دی گوہر درجِ نعم
-----
ای شام غمہا و
ا رہان صبح سعادت کن عیان
از لطف خود کن شادمان ای
شہر
یار
دو جہان
(لکين التجائن سان گڏ آئون اوهان جي مدح ڪريان ٿو.
اي! قُطبِ عالم دستگير، اوهان جي قدمن تي ڪيتريون
حياتيون قربان. اي! عطا ڪرڻ وارا بادشاھه،
اي! وفا ڪندڙن جا سردار، اي! مھربانن
جا مھربان،
اي!
نعمتن جي خزاني جا موتي! اي!
(منھنجا مهربان)غمن جي شام کان نجات ڏياري
روشن صبح ڏيکار، اي! ٻنھي
جهانن جا اڳواڻ پنھنجي مھر
سان شادمان ڪر.)
حضرت علي عليھ السلام جي شان ۾ لکيل منقبت ۾ اهڙي عقيدت ۽ پُر اثر ماحول
پيدا ڪيو اٿس،
جنھن مان شاعر جي صوفيانه ذوق جي ترجماني ٿئي ٿي.
سرفراز خان جا ابا ڏاڏا سھرورديه سلسلي سان لاڳاپيل هئا ۽ ميان نصير
محمد جيڪو سرفراز جي ابن ڏاڏن مان هڪ هو، حضرت
نوشا گنج بخش قادريءَ سان مجلسون ڪندو هو. ان ڪري
سرفراز خان کي روحانيت ۽ تصوف ورثي ۾ ملي. ان ڪري
سندس ڪلام ۾ اهو رنگ گهڻو نمايان آهي
۽ سندس شعر ۾ اها سرشاري ۽ سرمستي نظر اچي ٿي، جيڪا حافظ شيرازيءَ جي منفرد خصوصيت هئي. جيستائين غزل جو
تعلق آهي، ته سرفراز خان جا شعر حافظ جي درسگاهه
جي ترجماني ڪن ٿا. اڪثر غزل حافظ جي زمين ۾ چيل
آهن. ڪٿي ڪٿي رديف ۽ قافيا به ساڳيا آهن، جيڪي
حافظ استعمال ڪيا آهن. لفظن جي مٺاس ۽ ترتيب جي
دلڪشي هڪدم پڙهندڙ کي پاڻ ڏانھن متوجه ڪري ٿي.
رنگين استعارن جي ڪري، گھڻي حد تائين حافظ سان
هڪجهڙائي محسوس ٿئي ٿي. اسان جي اڳيان جيڪو قلمي
نسخو موجود آهي،
اُن جي ڪاتب کي به اهو ئي شڪ ٿئي ٿو ۽ هن حافظ جا
شعر ”وله“ جي عنوان سان سرفراز خان ڏانھن منسوب
ڪيا آهن. مثال طور:
صبا بہ لطف بگو آن غزال رعنا را
کہ سر بہ کوه و بیابان تو دادهٔ ما را
(اي صبح جي ٿڌڙي هير! مهرباني ڪري منھنجي محبوب کي
هي پيغام ڏي ته تو مون کي جبلن ۽ جھنگ ۾ ڀٽڪڻ جي
دولت عطا ڪئي آهي.)
اسان اهو نه ٿا چئي سگهون ته، خيال جي هڪجهڙائي محض اتفاق آهي، ڇاڪاڻ
ته سرفراز خان جي شعر جي فھرست
۾ حافظ جو ٻيو به هڪ شعر پنھنجي طرفان شامل ڪيو
ويو آهي:
سحرز بلبلِ خوش خوانم این
بگوش آمد
کہ موسمِ گل و ہنگام ناؤ نوش آمد
(صبح جي وقت مون بلبل کان ٻڌو آهي ته بھار اچي وئي آهي
۽ نغما ٻڌڻ ۽ شراب نوشي جي موسم اچي وئي آهي.)
ٿي سگهي ٿو ته، ميان سرفراز خان اهي شعر پنھنجي غزل جي مٿان”طرح“ طور لکيا
هجن ۽ ڪاتب پنھنجي لاعلمي سبب اُن کي سرفراز جو
ڪلام سمجھي لکيو هجي.
سرفراز خان کي ان دور جي شاعراڻي روايت
موجب استاد شاعرن جي ڪلام تي غزل لکڻ جو شوق ضرور
هو.
جن شاعرن جي ڪلام کان متاثر ٿي انھن جي تتبع ڪئي اٿس انھن ۾
حافظ ۽ بيدل عظيم آبادي جو ذڪرخاص طور تي ڪري
سگھجي ٿو. قصيدن ۾ خاقاني جي عظمت جو به اعتراف
ڪيو اٿس. سرفراز جي شاعري مان اندازو ٿئي ٿو
ته،
حافظ ۽ بيدل هن جا محبوب شاعر هئا. جڏهن ته انھن ٻنهي شاعرن جي شاعري جو رنگ
هڪٻئي کان مختلف آهي، پر انھن وٽ هڪ نقطو ساڳيو
آهي ۽ اهو آهي ”تصوف“، جيڪو سرفراز لاءِ ڪشش رکي
ٿو.
بيدل جي مشھور غزل جو بند آهي:
دارم دلے اما چہ دل صد گونہ حرمان در بغل
چشمے و خون در آستین، اشکے
و طوفان در بغل
(مون وٽ هڪ دل آهي،
پرآئون اندر مان گھڻو مايوس آهيان. اکيون آهن،
پر انھن جي ڪنارن تي رت آهي ۽ ڳوڙها آهن،
جيڪي پاڻ سان طوفان رکن ٿا.)
ان ئي زمين ۾ سرفرازجي غزل جو مطلع آهي:
دارم دل صد پارۂ
از تیغ
ہجران در بغل
ہر پارۂ صد بحر خون ہر بحر عمان در بغل
دارم دل آشفتہ تر از زلفِ جانان و در بغل
آشفتہ ماند تا بہ کی
این
خستہ پنھان در بغل
(آئون پنھنجي اندر ۾،
هجر جي تلوار سبب سوين ٽڪرا ٿيل دل رکان ٿو.
هر ٽڪرو ڄڻ رت جو سوين دريا برابر آهي ۽ هر دريا
پنھنجي وسعت ۾ سمنڊ جيڏو آهي. آئون زلفِ جانان جي
سبب پنھنجي اندر ۾ پريشان دل رکان ٿو. هي پريشان
حال ۽ ٽٽل دل آخر ڪيستائين لڪائي رکان.)
بيدل جي غزل تي سرفراز جي هيءَ ڪوشش فقط
تتبع جي حد تائين آهي. بيدل جي شعر جي نزاڪتن،
رنگن،
خوبصورتي
رواني ۽ خيالن جي انفراديت کي ڪو ٻيو شاعر
پھچي نه سگھيو آهي.سرفراز به بيدل جي غزل تي غزل
چوڻ جو سلسلو قائم رکي نه سگھيو. هو ذهني طور تي
حافظ جي ويجهو آهي. شايد ئي ڪو اهڙو غزل هجي،
جنھن ۾ حافظ شيرازيءَ جي غزل جا موضوع ۽ مضمون
سرفراز پنھنجي غزل ۾ نه آندا هجن. مثال طور حافظ
جو هڪ شعر آهي:
ای کہ بر ماه از خطِ مشکین نقاب انداختی
لطف کردی سایۂ
بر آفتاب انداختی
(اي! منھنجا محبوب تو پنھنجي ڪارن وارن سان چنڊ تي
پردو وجھي ڇڏيو آهي.تو وڏي مهرباني ڪئي آهي جو سج
تي پاڇو ڪري ڇڏيو آهي.)
سرفراز هن مضمون کي هن ريت بيان ڪري ٿو:
ای مہِ من دور کن از رخ نقاب را
غرقِ عرق مکن ز شرم عارضِ آفتاب را
(اي! مهنجا
چنڊ (محبوب) پنھنجي چهري تان نقاب هٽائي،
پنھنجي سج
(روشن)
جهڙي ڳل کي شرم جي عرق(پگھر)سان غرق نه ڪر.)
حضرت فرد ڦلواروي (وفات: 1140ھه) جو شعر آهي:
ز نقش پای ساقی
سجده گاہی
کرده ام پیدا
ز سر در کوچہ میخانہ
راہی
کرده ام پیدا
(آئون ساقي جي نقشِ قدم تي هلندي سجدي
گاه تائين پهتس.هُن جي طفيل ئي مون کي مئخاني جي
گھٽي جو رستو معلوم ٿيو.)
ان ئي زمين ۾ سرفراز جو هي شعر ڏسو:
درون سینۂ
خود عشق
یاری
کرده ام پیدا
برای بلبل دل گل عذاری کرده ام پیدا
(منھنجي اندر ۾ عشق جي باهه ڀڙڪي پئي آهي
۽ منھنجي دل ۾ نازڪ ادائن واري محبوب جو تصور پيدا
ٿي پيو آهي.)
حقيقت ۾ سرفراز، حافظ جي رنگ سخن جي پوئواريءَ جي
شعوري ڪوشش، ٻين جي نسبت وڌيڪ ڪئي آهي.
جن مان حافظ صاحب نھايت
نفيس مطلب پيدا ڪيا آهن. مثال طور سرفراز جو هي
شعر سندس اهڙي عمل جو اظهار ڪري ٿو:
ای شاهِ حسن و تمکین وی
سر و قد سیمین
بر سرفراز مسکین
از لطف کن عنایت
(اي! حُسن جلال جا بادشاهه اي! سروقد محبوب،
سرفراز مسڪين تي پنھنجو ڪرم فرماءِ،)
بھرحال، اهو مڃڻو پوندو ته سرفراز نه رڳو سٺو پر هڪ تمام سٺو
فارسي جو شاعر هو. اُن وٽ شاعراڻيون صنعتون به ملن
ٿيون.
ان خوبي سان گڏ صنعت تڪرار جي صورت ۾ ترنم پيدا
ڪري ٿو:
ای جان عزیزم
چو ازین
قالبِ خاکی
خواہد بدر آید بہ درِ او بدر آید
(اي! منھنجا عزيز روح جڏهن تون هن فاني جسم مان نڪرڻ چاهين
ته هن جي ئي گھٽي مان نڪرجان.)
سرفراز ڪٿي ڪٿي صنعت نفي ۽ اثبات مان به
ڪافي لطف پيدا ڪيو آهي:
گفتم کہ صبح وصل نمایان
شود نہ شد
شامِ درازِ ہجر بہ پایان
شود نہ شد
یا سرفراز نالہ چون قمری کند نہ کرد
یا آن قد چون سرو خرامان شود نہ شد
)چيم
وصل جو صبح چٽو ٿئي نه ٿئي، وڇوڙي جي ڊگھي شام کٽي
نه کٽي، اي سرفراز! چنڊ وانگر ڏک ڪري نه ڪيائين،
يا اهو قد سرو خرامان وانگر ٿئي نه ٿئي.)
اسان جي سامھون ڪليات سرفراز ۾ ڪيترائي غزل ”محمد علي اصفھاني“ جي جواب ۾ چيل موجود آهن. محمد علي
اصفھاني جو تخلص ”رهي“ هو. ان جو ذڪر اڳتي هلي
تفصيل سان ڪنداسين.
هتي فقط ايترو عرض ڪريون ته، ”رهي“ جو تعلق سرفراز خان جي درٻار سان هو ۽ سرفراز خان
سندس مداح هو.
پر لڳي ٿو ته رهيءَ جا ساڻس تعلقات ڪي قرابت ۽
دوستي وارا هئا. هو اعليٰ خيال پيش ڪندڙ پختو شعر
چوندڙ هو،
تنھن ڪري سرفراز کانئس متاثر هو.
هو جتي ٻين شاعرن کان متاثر هو،
اُتي رهيءَ جي غزل جي جواب ۾ به غزل لکيائين.
سرفراز، رهيءَ کان شعر ۾ اصلاح ته نه ورتي، پر سندس غزل سرفراز کي اتساهه ڏنو. ان حوالي کان اهو اثر
اهم آهي. سرفراز جي ڪلام ۾ هڪ استعارو نظر اچي ٿو،
اهو پنھنجي پس منظر ۾ ضرور هڪ خاص اهميت رکندڙ آهي.
ڇاڪاڻ ته اهو استعارو غزل جي هر بند ۾ مسلسل موجود
آهي ۽ اهو آهي، ”سرو قد“، ”سرو سرفراز“، ”سرو سهي“.
مثال طور:
ای
آہ باد مشک بوگر آمدی
از سوی
او
با سرفرازِ خستہ گو از "سرو قد" پیغام
را
ای
آنکہ سرفرازیِ
عالم بدست تست
چون "سرو سرفراز" کن ای
عذر خواہ را
شد است خاک سرفراز تا کہ "سرو قدش"
ز لطف بر سر خاکش نہد کف پا را
ای
"سرو قد" ز عکس تو در آب چشم خود
بستہ است سرفراز عجایب
مثال ہا
(هُن
(محبوب) پار کان ايندڙ خوشبودار هوا، عشق جي بيمار سرفراز کي
ان ”سروقد“
(حسين ۽ نازڪ محبوب) جو پيغام ڏي. هاءِ افسوس تو
وٽ دنيا جي سرفرازي آهي، ان سروقد
(حسين محبوب) وانگر هن (عشق جي)
نحيف کي سرفراز ڪر. سرفراز مٽي ٿي ويو آهي ته جئين ان جو
محبوب مهرباني ڪري ان جي مٽي تي قدم رکي.
اي! ”سروقد“
(محبوب) پاڻي ۾ تنھنجي عڪس جي ڪري سرفراز پنھنجيون
عجوبن جيان اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن.)
سرفراز جي اردو شاعري:
ڪليات سرفراز ۾ سندس اردو ڪلام به موجود
آهي. جنھن کي ان دور جي اردو ادب جو نمائندو چئي
سگهجي ٿو ۽ اردو ٻولي ۽ ادب سان سنڌ جي بادشاهن جي
دلچسپيءَ جو ثبوت به ملي ٿو. ڊاڪٽر نبي خان بلوچ
پنھنجي ڪتاب"سندھ
میں
اردو شاعری"(22)
۾ سرفراز خان کي اردو شاعرن ۾ شامل ڪيو
آهي ۽ سندس اردو شاعري به ڏني آهي.
اسان به اهي اردو شعر جيڪي قلمي نسخي ۾
نه هئا اتان حاصل ڪري هن ڪليات ۾ شامل ڪيا آهن .
سنڌي شاعري:
ڊاڪٽر سدارنگاڻيءَ به سرفراز خان جي سنڌي
شاعريءَ جو ذڪر پنھنجي ڪتاب ”پرشن پوئٽس آف سنڌ“ ۾
ڪيو آهي، پر سندس شاعريءَ جو نمونو نه ڏنو آهي.
اهڙي طرح مرزا عباس بيگ به پنھنجي ڪتاب ”خدا يار
خاني ميان سرفراز خان
عباسي“
(جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي) ۾
سرفراز خان جي سنڌي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو آهي، پر
حيرت جي ڳالھه
اها آهي ته هن به نموني طور سندس سنڌي شعر نه ڏنو
آهي.
اسان کي سرفراز جو سنڌي شعر دستياب ٿيو،
جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
مثنويون ۽ مرثيا:
سرفراز خان جي ڪليات ۾ به سندس مثنوي ۽
مرثيا به شامل آهن، جن ۾ سندس ذهني رجحان ۽ فڪر جو
ڀرپور عڪس موجود آهي. اهل بيت سان محبت سندس ڪلام
مان صاف ظاهر آهي. مرثين ۾ جيڪا منظرڪشي ڪئي اٿس
اها لاجواب آهي. پڙهندڙ جي نظر ۾ اهو سمورو منظر
اچي وڃي ٿو، جيڪو سندس زورائتي بيان جو ثبوت آهي.
ڪربلا جي هن نازڪ، ڏکوئيندڙ ۽ ڪرب ناڪ واقعي کي
پنھنجي شعر جو موضوع بڻائي سرفراز خان نه صرف
پنھنجي شاعري کي حُسن بخشيو آهي، پر پنھنجي ايمان جو به اظهار ڪيو آهي، جيڪو اسلام جي ماڻھن
جي سڃاڻپ آهي. ڪربلا جي سانحي ۽ ڪربلا جي شھيدن جي
واقعي کي سرفراز وڏي احتياط، عقيدت ۽ محبت سان
بيان ڪيو آهي ۽ اهڙو اثر ۽ سوز پيدا ڪيو آهي، جو پڙهڻ وارو متاثر ٿيڻ کان سواءِ نه ٿو
رهي سگھي. مثال طور:
آه زان ساعت کہ قاسم آن مہِ برجِ وفا
قرة العین
حسین
آن نوجوانِ کربلا
شد شہید
از دستِ ظلمِ آن سپاهِ بی
حیا
دست آن داماد شد جای
حنا از خون خضاب
وا دریغ
از اصغرِ معصوم آن طفلِ صغیر
خشک شد از تشنگی
بر روی
او چون جوی
شیر
جای
شیر
آن مدبران دادند او را آبِ تیر
شد خزان آن نوگلِ گلزارِ آلِ بو تراب
(افسوس! جڏهن اُهو وقت وفا جي مينار جو
چنڊ. امام حُسين
عليھ السلام
جي اکين جي ٺار،
ڪربلا جي نوجوان حضرت قاسم، هن بي حيا فوج جي هٿان
شھيد ٿيو، هن گھوٽ جا هٿ مينديءَ جي بجاءِ رت سان ڳاڙها ٿيل هئا.افسوس!
هن ننڍي ٻار معصوم اصغر تي،جنھن جو چھرو اُڃ جي شدت سان مرجھائجي ويو.کير جي
بجاءِ انھن بدبختن هن معصوم کي پاڻي جو تير
ڏنو،جنھن ڪري ابوتراب جي باغ جو هي ننڍڙو گُل
مرجھائجي ويو.)
سرفراز خان جو شاعري ۾ استاد غلام علي مداح ٺٽوي:
مولوي غلام علي مداح، سنڌ جي مشھور فارسي
گو صاحب ديوان شاعر محمد محسن ٺٽوي (1121ھه/ 1163ھه)
جو فرزند هو. جيتوڻيڪ شاعري ۾ محسن جو وڏو نالو
آهي، پر مداح به ان ميدان ۾ گهٽ نه هو. مداح جي
شاعراڻي حيثيت ۽ عظمت جو اندازو ان مان لڳائي
سگهجي ٿو، ته هو سيد ثابت شاهه سيوستاني ۽ ميان
سرفراز خان عباسي جهڙن مشھور ماڻھن جو استاد ٿي
گذريو آهي. پر سنڌ جو هي اعليٰ فارسي گو شاعرنه
ڄاڻ ڇو اڄ تائين گمناميءَ جي ڪنڊ ۾ پيو آهي؟ راقم
الحروف مداح جي ”مثنوي گوهرِ منظوم“ کي تفصيلي
مقدمي سان متعارف ڪرائي، جيڪا ”پاڪستان هسٽاريڪل
جرنل“ ڪراچي جي اپريل 1993ع ۾ شايع ٿي.
مداح جي ولادت 1145ھه/1732ع ۾ ٿي.
سندس والد محسن هن سٽ مان ولادت جي تاريخ ڪڍي آهي:
"غلام علی
بے
بدل
یا
فتم" (مون کي بي مثال غلام علي مليو.)
يعني ”غلام علي“ جي
عددن
1181 مان
”بدل“
جا 36
عدد
ڪڍيا وڃن،
ته 1145 رهجي وڃن ٿا،
جيڪو مداح جي پيدائش جو سال آهي.
غلام علي مداح، عربي ۽ فارسيءَ جو ماهر هو ۽ انھن ٻولين جي نزاڪتن کان واقف
هو. قانع کيس خوش فڪر، رنگين مزاج ۽
سخن شناس سڏيو آهي. جڏهن ته ابراهيم خليل"
تکملہ مقالات الشعراء"
۾
کيس "سرور
ارواح "
جي لفظن
سان ياد ڪيو آهي. مداح جو هن وقت تائين جيڪو شعر
مليو آهي، اُن کي ”مثنوي گوهر منظوم“ جي مقدمي ۾ آندو ويو آهي.
هت سندس مثال طور ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:
کسب علم است سرورِ دل غم پرور ما
چوبِ استاد بود صندل درد سر ما
(علم جي حاصلات اسان جي ڏکوئيندڙ دل لاءِ سرور جو
سبب آهي. استاد جي لٺ اسان جي مٿي جي سور لاءِ
صندل آهي.)
از بزرگِ بی
ہنر طفلِ ہنر ور بہتر است
سنگ کوہستان کجا ہمسنگ قدر گوہر است
سینہ
صافان را بود از تیره
بختی
آب و تاب
دیدۂ
آئینہ
ہا را سُرمہ از خاکستر است
بي هنر (بي علم) بزرگ کان هنر مند (علم وارو) ٻار
بھتر
آهي. سمورن جابلو سلسلن جا پٿر (هڪ ننڍڙي) موتي جي
برابر نه ٿا ٿي سگھن.
صاف دل رکندڙ لاءِ مصيبت/
تڪليف به همٿ ۽ سگهه پيدا ڪندي آهي.آئيني جي اکين
لاءِ مٽي به سُرمي جو ڪم ڪندي آهي.)
گردد اندر رنج عاشق را محبت بیشتر
عود از سوختن نکہت فراوان می
شود
(تڪليف ۾ عاشق جي محبت اڃان به وڌي وڃي
ٿي. سڙڻ سان عود جي خوشبوءَ ۾ اضافو ٿيندو آهي.)
مداح جون تصنيفون:
مداح جون هن وقت تائين ٻه تصنيفون ملي
سگھيون آهن.
1.”مثنوي گوهرِمنظوم“: صنعت تجنيس ۾ هيءُ
هڪ اخلاقي مثنوي آهي، جنھن ۾ 92 شعر آهن. جيڪا
”پاڪستان هسٽاريڪل جرنل“۾ ڇپيل آهي.
2. حال المعما: نعمت خان عالي(1121ھه/
1709ع) جي مشھور
ڪتاب "وقایع
حیدر
آباد و گولکنڈہ"
تصنيف
1098ھه/1687ع
جي فارسي زبان ۾ لکيل شرح آهي.جيڪو خود مداح هٿ سان لکيو.182
صفحن جو هي قلمي نسخو ڪراچي نيشنل ميوزيم ۾ مخطوطه
نمبرN.M.1972-292
۾ موجود آهي. هن جو هڪ عڪس بيت المڪه
همدرد يونيورسٽي لائبريري جي قلمي نسخن جي سيڪشن ۾
به موجود آهي.
محمد سرفراز خان جا همعصر:
اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون، ته ڪلھوڙا دور علم ۽ ادب جي لحاظ کان سونھري
دور هو. ان دور ۾ نامور اديب، شاعر، مورخ ۽
تاريخدان پيدا ٿيا ۽ سرفراز خان عباسي پاڻ هڪ
شاعر، علم ادب سان چاهه رکندڙ ۽ عالمن، اديبن ۽
شاعرن سان بي پناهه محبت ڪندڙ شخص هو. ان ڪري اسان
کي سندس دور ۾ ڪيترائي نامور ماڻھو نظر اچن ٿا، پر
هت مختصر طور چند شخصيتن جو ذڪر ڪنداسين:
مير علي شير قانع ٺٽوي:
قانع ٺٽوي (1140ھه/1727ع–1203ھه/
1788ع) هڪ اهڙو نالو آهي،
جنھن کي سنڌ جو عظيم محسن سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ جي
خوش قسمتي جو قانع جهڙو تاريخدان، شاعر اديب
۽ تذڪره نگار
کيس مليو. قانع سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار
ادا ڪيو آهي. هو ڪجهه وقت ميان سرفراز خان جي والد
ميان غلام شاهه جي درٻار سان لاڳاپيل رهيو، پر
پوءِ
(1180ھه/1766ع) ۾ ٺٽي آيو ۽ ”تحفة الڪرام“ لکڻ ۾
مشغول رهيو. ميان سرفراز خان لاءِ قانع هڪ ڪتاب
”سرفراز نامه“ لکيو، جيڪو هاڻي ناپيد آهي. ڪلھوڙا
خاندان جي تاريخ ۾ قانع جا بيان عصر حاضر جي شاهدي
جي لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿا.
”تحفة الڪرام“
جي ٽئين جلد جو پھريون
حصو سنڌ جي تاريخ تي مشتمل آهي،
جيڪو سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران 1971ع ۾ پير حسام الدين
راشديءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ڇپيو.
هن ڪتاب جي پڄاڻي سرفراز خان جي احوال تي ٿئي ٿي.
قانع جي ڪتاب"
مثنویات
و قصاید" ۾ سرفراز خان جي شان ۾ ڪيترائي قصيدا ملن
ٿا. هڪ قصيدو 90 شعرن تي مشتمل آهي، جنھن جو مطلع
هي آهي:
فغان کہ با ہمہ انوار مہر و صدق و سداد
ستم ظریفی
ایام
داردم ناشاد
(افسوس!
سچائي ۽ ايمانداري جي رستي تي هلڻ باوجود زماني جي
ستم ظريفي مون کي ناخوش رکي ٿي.)
پر اها ڳالھه سمجهه کان ٻاهر آهي ته قانع
”مقالات الشعراء“۾ سرفراز جو شاعر طور ذڪر نه ڪيو
آهي ۽ نه ئي اُن جو ڪو شعر نموني طور ڏنو آهي.
جڏهن ته سرفراز جي استاد مداح جا به قانع سان
دوستاڻا لاڳاپا هئا.
پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي، ته قانع کي سرفراز جي شاعري جي خبر نه
هجي، قانع ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو.
تفصيل لاءِ ڏسو مقالات الشعراء جو مقدمو.
شاهه فقير الله علوي شڪارپوري:
شاهه فقير الله علوي، افغانستان جي شھر
جلال آباد جي شھر روتاس ۾ پيدا ٿيو. سندس ولادت
1100ھه/1688ع ۾ ٿي. سندس نسب حضرت علي عليھ السلام جي فرزند حضرت محمد بن حنفيه سان
ملي ٿو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي والد حضرت
عبدالرحمان شاهه کان حاصل ڪئي، جيڪو پنھنجي وقت جو
مشھور عالم هو(25). شاھه فقير الله علوي 1150ھه/1737ع ۾ شڪارپور (سنڌ) ۾ اچي آباد ٿيو ۽ ڪيترن ئي غير مسلمان کي اسلام قبول ڪرايائين. سندس واسطو سنڌ
جي نامور عالمن،
جھڙوڪ: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي، مخدوم عبدالرئوف ۽
سيد مير مرتضيٰ وغيره سان هو. شيخ عبدالقادر مفتي
مڪي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي معرفت طريقت جي 36
مختلف سلسلن سان وابسته ٿيو.
سرفراز خان سان لاڳاپا:
سرفراز خان عباسي پنھنجي وقت جي عالمن ۽
عارفن کان اهم علمي سوال پڇندو هو ۽ انھن جي خدمت
۾ ڪنھن به قسم جي غفلت نه ڪندو هو. انھيءَ ڪري
ميان سرفراز خان جي باري ۾ شاھه فقير الله علوي جي دل ۾ جيڪو مان مرتبو هو،
تنھن جو اندازو انھن خطن جي لفظن مان ٿئي ٿو،
جيڪي هن ميان سرفراز خان ڏانھن لکيا هئا. شاھه فقير الله علوي جي خطن کي وڏي شھرت ملي. اهي خط فضل بن پير
محمد بن ملا الياس انصاري مرتب ڪيا هئا.(26)
انھن مان 38
۽ 45 خط ميان سرفراز خان جا آهن. اسان هتي صرف
انھن ٻن خطن ۾ لکيل لقب درج ڪريون ٿا،
ته جيئن شاهه فقير الله علوي ۽ ميان سرفراز خان جي
لاڳاپن جي ڄاڻ ملي ٿي:
1.
"زبدہء
محبان خاص ، و نقاوۂ
ارادتمندان خاص الخواص، عزیز
دلہای
درویشان
دعا گو ، انیس
قلوب دعا گویان
یک
دل و
یک
رو ،محبط انوار عظمت ، محورِ فلک حشمت ، عالی
جاہ ، رفیع
جائگاہ ،محب صادق الارادہ ، میاں
محمد سرفراز خان
"۔
2.َ"
زبدۂ
محبان اہل اللہ ، خلاصئہ
مخلصان فقراء ، عاکف باب اللہ،عالی
جاہ، رفیع
جائگاہ محب صادق میاں
محمد سرفراز خان سلمہ اللہ تعالی
وابقا"(27) .
شاهه فقير الله علوي 95 سالن جي ڄمار ۾
1195ھه/1780ع
۾ وفات ڪئي. ڊاڪٽر ظهور الدين احمد پنھنجي ڪتاب
"پاکستان میں
فارسی
ادب"
جي جلد ٽئين ۾ سندس سورنهن تصنيفن جو تفصيل سان گڏ
سندس عربي ۽ فارسي شاعري به نموني طور ڏني آهي.(28)
بزم سرفراز:
ميان سرفراز خان جي شاعراڻي طبيعت، سخن
شناسي ۽ علم پروري سبب سندس درٻار کي شاعرن ۽
اديبن جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. هن جي درٻار ۾ نه فقط
سنڌ جا شاعر شامل هئا، پر ايران جا شاعر به هت
موجود هئا.
هت اسان ٻه سنڌي ۽ ٻه ايراني شاعرن جو ذڪر
ڪنداسين،
جيڪي بزم سرفراز ۾ شامل هئا ۽ جن جي جواب ۾ سرفراز
به غزل چيا.
محمد عظيم الدين ٺٽوي:
محمد عظيم الدين بن سيد يار محمد بن عزت
الله، شڪرالھٰي
سيد خاندان جو فرد هو. مير علي شير قانع جو ڀائٽيو
هو. سنه 1163ھه/1749ع ۾ ڄائو هو، سنڌ جي وڏن شاعرن مان هڪ آهي. مثنوي فتح
نامه، مثنوي هير رانجها، ساقي نامه، ديوان اردو ۽
ديوان عظيم فارسي سندس يادگارآهن.
عظيم ٺٽوي جو تعلق سرفراز خان جي درٻار
سان هو ۽ سرفراز جي علمي قدر ۽ فضيلت جو قائل
هو.هو چئي ٿو:
سخن آفرین
و سخن سنج بود
ز معنی
دلش پر گہر گنج بود
امیرِ
جہان قدر دانِ سخن
ز ہر
یک
گرفت امتحان سخن
من از بزم آن خان صاحب کمال
ہمی
یافتم
کام دل چند سال
(هو شاعر ۽ علم جي ڄاڻ رکندڙ آهي.
لفظ جي حقيقت کان هن جي دل موتين جي ڀريل
خزاني جيان آهي.
هو بادشاھه علم جو قدردان، هر ڪنھن کان شعر ۽ شاعري
جو امتحان وٺندو رهي ٿو. مون به اُن اعليٰ ذوق
رکندڙ حڪمران جي بزم مان ڪجهه سال دل جي مراد حاصل
ڪئي آهي.)
شيوڪ رام عطارد:
شيوڪ
رام عطارد، غلام علي خان مداح جي والد محسن ٺٽويءَ
جو شاگرد هو.هو شاعر ۽ نثرنويس هو. هير رانجهي جو
قصو هن مثنوي ۾ منظوم ڪيو. نثر ۾ سندس ڪتاب
”انشاءِ عطارد“(29) مشھور آهي. ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي قلمي نسخن جي مجموعن ۾ اسان ان جو هڪ
مخطوطه ڏٺو آهي، جيڪو سندس ڌيءَ شيوڪ راڻي2 ذوالحج
1248ھه/1832ع
تي لکيو هو*.شيوڪ رام جي پٽ امل راءِ
پنھنجي پيءُ جو ڪتاب 1211ھه/1796ع
۾ مرتب ڪيو. مقدمي ۾ لکي ٿو:
"امل رای
از قوم اروڑه
مسودات پدر خود منشی
شیوک
رام را کہ ملازم بود در زمان میان
غلام شاه خان و محمد سرفراز خان بتوسل دولت میر
بجار خان تالپر، اگرچہ زیاد
ازین
بودند این
ہم بہ تلاش و تردد بہم رسیدہ
است۔ آن را ... مجموعہ کرده واقعہ ماه ربیع
الاول
۱۲۱۱
ھ... ترتیب
داده باسم انشاءعطارد... موسوم و مشہور ساخت۔(30)"
اروڙ برادريءَ جو امل راءِ لکي ٿو ته: سندس والد شيوڪ رام ان وقت غلام شاهه
خان ۽ محمد سرفراز خان وٽ ملازم هو، پر جناب مير
بجار خان ٽالپر جي واسطي سان جيتوڻيڪ(ٻيا) به گهڻا
هئا، هي به گھڻي ڳولا ۽ تردد کان پوءِ ٿيو. ربيع
الاول 1211 هجري جي مهيني ۾ خطن جو مجموعو
جمع ڪيو،اُن کي ترتيب ڏئي ان جو نالو
انشاءِ عطارد رکيو.جيڪو ان نالي سان مشھور ۽ معروف
ٿيو.
عطارد، ميان غلام شاھه جي منشين مان هو ۽ ميان سرفراز خان جي
دور ۾ به ساڳئي عھدي
تي قائم رهيو. سرفراز خان کيس گھڻو پنھنجي ويجھو
رکندو هو.
سرفراز خان جي درٻار ۾ عطارد جو ڪيترو اثر هو، اهو قانع جي
هن قصيدي مان معلوم ٿئي ٿو، جيڪو قانع، سرفراز خان
جي ساراهه ۾ لکيو آهي. هن قصيدي ۾ قانع،
سرفراز کان عطارد جي شڪايت هن لفظن ۾ ڪئي آهي(31):
شنیدہ
شد کہ فضولی
بہ خودستائیہا
قدم ز مرتبۂ
خویش
بیشتر
بنہاد
بگفت سخن نتوانند ہمچو من گفتن
رجا و قانع و مداح و مؤمن و آزاد
بلی!
ز کوزہ تراود ہمان کہ اندر او
بمدح خود ذم احباب نیست
شان سداد
کنیم
فرض کہ آمد "عطارد" از گردون
مگر بہ ہند چنین
بار را زحل بنہاد
قسم بخالق ارض و سما کہ مشہور است
ز نسل ہند بہ آل عبا قدیم
عناد
(مون ٻڌو آهي ته هڪ فضول شخص خود ثنائي جي
سبب پنھنجي حيثت کان وڌيڪ قدم کنيو آهي. هن چيو
آهي ته: (فارسي
جي قادر الڪلام شاعر) رجا، قانع، مداح ۽ آزاد مون
جهڙا شعر نه ٿا چئي سگھن. ٿانوءَ مان اهو ئي
ڇلڪندو آهي، جيڪو اُن جي اندر هوندو. پنھنجي تعريف
ڪرڻ لاءِ دوستن جي برائي ڪرڻ ڪنھن به طرح مناسب نه
آهي. اسان فرض ڪريون ٿا ته عطارد آسمان مان
آيوآهي، پر هند تي هي مصيبت زحل جي سبب آئي آهي.
زمين ۽ آسمان جي خالق جو قسم هي مشھور آهي ته هند
جي نسل جي عباس جي آل سان دشمني قديم زماني کان
هلندي اچي ٿي.)
قانع پنھنجي ڪتاب
”مقالات شعراء“ ۾ عطارد جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ۽ کيس پنھنجو دوست لکيو آهي.
هت
”مقالات
الشعراء“ ۾ آيل عطارد جو ڪلام نموني طور پيش ڪجي
ٿو:
سخن عشق بکرسی
نشیند
عجب است
نقش بر سنگ بود قصۂ
فرہاد ہنوز
....
بسکہ بدور نرگسش فتنہ بہار کرده است
لالہ شمار می
کند داغ بدل رسیده
را
(عشق جو داستان ڪرسي تي ويهي رهيو، عجيب ڳالھه آهي
فرهاد جو قصو
اڃان تائين پٿر تي اڪريل آهي. هن جي دور ۾
فتنو بھار ٿي پيو. دل جي زخمن کي راحت سمجهي رهيو
آهيان.)
مرزا محمد علي اصفھاني:
مرزا محمد علي تخلص ”رهي“، مشتاق اصفھاني جو شاگرد هو.
هو ميان محمد مراد ياب خان جي دور ۾ سنڌ آيو، پوءِ
ڪجهه وقت لاءِ هندستان ويو، جتان ميان غلام شاهه
جي دور ۾ ٺٽي موٽي آيو. آخر ميان سرفراز خان کيس
پنھنجي درٻار جو شاعر مقرر ڪيو، پر ميان سرفراز
خان، ”رهي“ تي خاص مھربان هوندو هو.
”رهي“
کي جيڪڏهن ڪا خاص ڳالھه ڪرڻي هوندي هئي ته نظم خاص طور مثنوي جي صورت ۾ ڪندو
هو ۽ ميان سرفراز به کيس شعر ۾ جواب ڏيندو هو(33).
ڪليات سرفراز ۾ پڙهندڙ اڪثر جاين تي اهڙو ڪلام
ڏسندا جيڪو ميان سرفراز،
”رهي“
جي جواب ۾ چيو آهي. اسان جي سامھون
موجود قلمي نسخي ۾
”رهي“ اصفھاني جو ڪلام به موجود آهي.
جيڪو اهل ِ ذوق کي تحقيق جي دعوت ڏئي ٿو.ڇاڪاڻ اڃان تائين
رهي اصفھاني جي ڪلام تي تحقيق نه ٿي آهي.
فروغي اصفھاني:
مرزا محمد نالو ۽ تخلص فروغي
اصفھاني هو صاحب ”تذڪره روز روشن“
لکيو آهي ته:
”هن کي ’نگارستان سخن‘ ۾ طھراني
لکيو ويو آهي.“(33) فروغي 1140ھه/
1727ع ۾ ڄائو. ايران مان ڪابل آيو ۽ تيمور شاهه
ابن احمد شاهه ابداليءَ جي درٻار سان وابسته ٿي
”ملڪ الشعراءَ“ جو لقب حاصل ڪيائين(34).
ميان سرفراز خان جي فرمائش تي ڪابل مان
سنڌ آيو ۽ مرزا محمد فروغي هتي اچي ميان سرفراز
خان جي خاص ساٿين ۾ شامل ٿيو. سرفراز خان اڳي ئي
ايران کان متاثر هو، هاڻي اهو رنگ اڳتي وڌي ويو.
فروغيءَ به راهي جي تتبع تي غزل چيا. لطف علي
آرزو، محمد تقي صھبا، ڪاظم والا اصفھاني به ساڳئي بحر، قافيي ۽ رديف تي غزل چيا.
انھن مان هڪ غزل جو مطلع هن ريت آهي:
(فروغي)
ندانم دارد از جان دادنم جانان خبریانہ
وگر دارد بخاکِ تربتم دارد گذر
یا
نہ(35)
(مون کي خبر نه آهي ته منھنجي محبوب کي منھنجي جان
ڏيڻ جي ڄاڻ آهي به يا نه ! ۽ اگر هُن کي خبر آهي
ته پوءِ هو منھنجي قبر تي اچي به يا نه!)
(رهي)
نمیدانم
کہ از خون خوردنم داری
خبر
یا
نہ
خبر داری
کہ ہردم می
خورم خون جگر
یا
نہ(36)
(مون کي خبر آهي ته تون منھنجي رت روئڻ
(اذيت) جي ڄاڻ رکين ٿو يا نه! ڇا تو کي خبر آهي ته
آئون هر لمحي پنھنجو ئي رت پي رهيو آهيان يا نه !)
ڪليات سرفراز جي قلمي نسخي ۾ فروغيءَ جا ڪجهه غزل
به موجود آهن، جيڪي قابل غور آهن.
سرفراز جي شھادت:
جيئن ته اسان شروع ۾ سرفراز خان جي احوال
۾ لکي آيا آهيون،
ته سرفراز خان حڪومتي پاليسن/ضابطن کان اڻ ڄاڻ هو
۽ اُها ئي بي خبري نه رڳو هن جي حڪومت جي خاتمي جو
سبب بڻي،
پرآخرڪار سندس شھادت جو به سبب بڻي.
سرفراز خان کان هڪ غلطي سرزرد ٿي جو هن پنھنجي هڪ
بااعتماد ۽ وفادار سپه سالار مير بھرام خان ۽ سندس
پٽ مير صوبدار خان کي قتل ڪرائي ڇڏيو. اهو ”ناحق
خون“ ڪلھوڙا حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻيو. هي واقعو
15 جمادي الثاني 1189ھه/13
آگسٽ 1775ع تي پيش آيو ۽ ٻئي سال 1190ھه/1776ع
۾ سرفراز خان کي قيد ڪري حيدرآباد جي قلعي ۾ بند
ڪيو ويو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ميان محمود خان کي تخت
تي ويهاريو ويو، پر سندس حڪومت گهڻي دير نه هلي ۽
ٻنهي ڀائرن کي 1191ھه/1777ع
۾ شھيد ڪيو ويو(37).
جڏهن ته سرفراز خان جو پٽ ميان مير محمد خان به
ساڻس گڏ شھيد ٿيو.
سرفراز خان جي مزار سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ آهي، مزار تي هڪ گنبذ آهي ۽ ماڻھو
هن درگاھه
تي ڪنھن درويش جي مزار وانگر عقيدت سان ايندا آهن.
ڪليات سرفراز جي قلمي نسخي جو تعارف:
ڪليات سرفراز جو قلمي نسخو سنڌ پراونشل
ميوزيم حيدرآباد (سنڌ) جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهي.
ڊاڪٽر نواز علي شوق اڳوڻي چيئرمين سنڌي ٻولي جو
بااختيار ادارو حيدرآباد اسان کي هن نسخي جي فوٽو
ڪاپي مهيا ڪئي. اسان ڪليات سرفراز کي هن واحد نسخي
کي سامھون رکي مرتب ڪيو آهي. هن نسخي جا تفصيل هن ريت آهن:
1.هي نسخو تمام اهم ۽ معتبرآهي.
ڇاڪاڻ ته سڀ کان پھريان هي نسخو مير غلام علي
ٽالپر جي مشوري تي لکيو ويو، جيئن ان جي پڇاڙي جي
لکت مان معلوم ٿئي ٿو ۽ ان بعد نسخي جي آخر ۾ مير
غلام علي جون ٻه مھرون پڻ لڳل آهن.
مهر جي سجع هن ريت آهي:
”من غلام علی
ولی اللہ“
2.
هي نسخو سنڌ جي ڪيترن ئي نامور شخصيتن جي مطالعي هيٺ رهيو. نسخي جي پھرين صفحي تي انھن صاحبن جا
دستخط آهن، جن جا نالا هن ريت آهن:
1. خان محمد گجر،
2.شهداد ٽالپر، 3. الله يار خان.
3.هن نسخي ۾ نه فقط ميان سرفراز خان
جو
سمورو فارسي ۽ اردو ڪلام موجود آهي، پر ميان
سرفراز خان جي ساٿين: رهي اصفھاني، فروغي ۽ عطارد جو ڪلام به شامل آهي. جنھن سان انھن شاعرن جي لاڳاپن،
شاعريءَ جي ذوق ۽ خيالن ۽ لفظن جي اشتراڪ
کي سمجهڻ ۾ گھڻي مدد ملي ٿي.
4.هن مسودي ۾ 158 صفحا آهن، جڏهن ته 128 صفحي
تائين سرفراز جو ڪلام ۽ صفحي 128 کان 134 تائين
”رهي“ جا غزل، 134 (ب) کان 140 تائين ”فروغيءَ“ جا
غزل آهن. ان کان پوءِ صفحي 144 تي ”رهي“ جو هڪ غزل
آهي ۽ ان کان پوءِ آخر تائين ”عطارد“ جو ڪلام آهي.
سنڌ پراونشل ميوزيم ۾ هن نسخي جو نمبر 2833 آهي.
5.
هي نسخو وڏي احتياط سان لکيو ويو آهي. شروع ۾
خوبصورت ۽ نفيس نقش نگاري ٿيل آهي. حاشيا
سونهري آهن. حاشي جو سائيز
ساڍا يارنهن ۽ ويهه سينٽي ميٽر
آهي. هر صفحي تي 9 سٽون آهن. ديوان سرفراز، مثنوين
۽ قصيدن کان پوءِ ڪاتب ترقيمو لکيو آهي. ان کان
پوءِ مرثيو هفت بند لکيو اٿس ۽ ان کان پوءِ ٻيھر ترقيمو شامل ڪيو ويو آهي.
اسان هت ترتيب وار ٻئي ترقيما ڏئي رهيا آهيون:
1.۔"حسب الارشاد فیض
رشاد بندگان عالیشان
ثریا
مکان مہر سپہرحاتم ہمت سکندر صولت مربی
اہل کمال خداوند دولت و اقبال میر
غلام علی
خان ادام اللہ اقبالہ بتاریخ
پنجم صفر 1960 (کذا) از دست فقیر
حقیربندہ
اسمعیل
بنام رسید۔
گر خطای
رفتہ باشد در کتاب
عفو کن وللہ اعلم بصواب "
2۔"مجموعہ دیوان
سرفراز و غزلیات
محمد علی
اصفہانی
و مرزا محمد تخلص فروغی
و شیوک
رام عطارد بعون ایزد
یزدانی
و بارشاد فیض
رشاد حضور فیض
گنجور کرامت ظہور لامع نور میر
صاحب والا تدبیر
ثریا
سریر
سکندر شوکت حاتم ہمت میر
صاحب میر
غلام علی
خان دام اقبالہ بتاریخ
سیم
ماہ صفر بنام رسید"
هي نسخو خط نستعليق ۾ لکيل آهي. عنوان
ڳاڙهي ۽ سونهري
مس سان
لکيل آهن. ڪاتب اکر ”گ“ کي هر هنڌ ”ڪ“ لکيو آهي،
پر اسان ان کي بدلائي ”گ“ ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ته
هي نسخو ڪيترن ئي ماڻھن طرفان پڙهيو ويو آهي، اُن
ڪري مخطوطي ۾ ڪيترن ئي جاين تي اصلاح ڪئي وئي آهي.
اسان انھن جي نشاندهي حاشين ۾ ڪئي آهي. البته نسخي
۾ ڪتابت جون ڪيتريون ئي غلطيون موجود آهن.
سرفراز خان جو ڪلام ٻين ڪتابن ۾:
جيتوڻيڪ اسان سرفراز جو هي مجموعو مٿي
ڄاڻايل واحد نسخي جي آڌار تي مرتب ڪيو آهي، پر
سرفراز جو ڪجهه ڪلام ٻين به ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي،
جن جو ذڪر ايندڙ سٽن ۾ ڪري رهيا آهيون.
انھن ڪتابن ۾ موجود ڪلام جي ڀيٽ نسخي جي ڪلام سان به ڪئي وئي
آهي.
1.پرشن پوئيٽس آف سنڌ،
مصنف:
ڊاڪٽر. ايڇ آءِ سدارنگاڻي.
هن ڪتاب ۾ سرفراز خان جا
حالات ۽ چونڊ شعر صفحي 138 کان 141 تائين
موجود آهن.
2. تاريخ سنڌ
(ڪلھوڙا دور). مصنف: مولانا غلام رسول مهر
هن ڪتاب جي جلد ڇهين،حصي ٻئي، باب اٺين جي
صفحي 727 کان 730 تائين سرفراز خان جا حالات ۽
چونڊ ڪلام بيان ٿيل آهن.
3. خدا يارخاني ميان سرفراز خان عباسي، مصنف: مرزا
عباس علي بيگ
هي سڄو ڪتاب جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، سرفراز خان
جي حالتن بابت آهي. ان ۾ چونڊ فارسي ۽ اردو ڪلام
ڏنو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته، سرفراز سنڌيءَ ۾ به شعر چيو آهي، پر ذڪر
هيٺ ڪتاب جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، ان ۾
سرفراز جو سنڌي شعرنه ڏنو ويو آهي. بھرحال مرزا عباس علي بيگ،
ديوان سرفراز جي هڪ نسخي جو ذڪر ڪيو آهي،
جيڪو ڊاڪٽر مير نور محمد جي ڪُتبخاني ۾ محفوظ آهي(38).
اهو نسخو محمد وارث قريشي سيوستانيءَ جي لکيل
شڪسته خط ۾ آهي، ڪتابت جو سال 1239ھه
/1823ع آهي. هي نسخو حيدرآباد جي قلعي ۾
ويهي لکيو ويو. هن مخطوطي جي ترتيب به اها ئي
ٻڌائي وئي آهي، جيڪا اسان جي اڳيان موجود نسخي جي
آهي. يعني ديوان سرفراز کان پوءِ ”رهي“، پوءِ
”فروغيءَ“ ۽ پوءِ ”عطارد“ جو ڪلام شامل آهي.
حاشيا
1.
رک: تحفتہ الکرام: 429
2.
رک: مقالات الشعراء
3.
رک: تحفتہ الکرام: 430
4.
ایضاً
5.
ایضاً:
431
6.
ایضاً:
431
7.
ایضاً:432
8.
رک: تذکرہ نوشہ گنج بخش:90
9.
منثورالوصیت:
15 "حاشیہ"
10.
تحفتہ الکرام: 434
11.
ایضاً:
435
12.
تاریخ
سندھ، مہرا: 354
13.
تحفتہ الکرام: 444 حاشیہ
14.
تاریخ
سندھ،
مہر
15.
ایضاً
16.
سرفراز خان کے
حالات کے لیئے مزید دیکھئے: تحفتہ الکرام:
475، خدایار
خانی میاں سرفراز خان عباسی۔
تاریخ سندھ، مہر: 6
17.
تحفتہ الکرام: 476 حاشیہ
بحوالہ بیاض
مولانا غلام مصطفی قاسمی
18.
مثنویات
وقصاید قانع: 205
19.
ایضاً:
94
20.
ایضاً:
201
21.
ایضاً:
140
22.
سندھ میں
اردو شاعری: 88
23.
برائے
تفصیل ملاحظہ ہو راقم کا مرتب کردہ رسالہ گوہر
منظوم از مداح،
مطبوعہ پاکستان۔ ہسٹاریکل جرنل کراچی بابت اپریل
1993ء۔
24.
برائے
تفصیل رک: مقدمہ مقالات الشعرا،
از:
سید حسام الدین راشدی۔
25.
رک: پاکستان میں
فارسی ادب،
از:
ڈاکٹر ظہورالدین احمد، 3: 791
26.
تاریخ
سندھ، مہر 19۔718
27.
ایضاَ:
719 بحوالہ مکتوبات شاہ فقیراللہ علوی ص 120
28.
رک: پاکستان میں
فارسی ادب 3: 793
29.
فہرست مخطوعات دکتر نبی
بخش بلوچ، مرتبہ: خضر نوشاہی (قلمی)
30.
قصاید
و مثنویات قانع: 207
31.
رک: خدایا
خانی۔۔۔:
90
32.
تذکرہ روز روشن: 521
33.
خدایار
خانی: 91
34.
ایضاَ:
92
35.
ایضاَ:
91
36.
تحفتہ الکرام۔ پرشین
پوئیٹ آف سندھ۔ خدایار خانی۔ سندھ میں اردو شاعری
37.
خدایار
خانی: 17
کتابیات
·
تاریخ
سندھ/اعجازالحق قدوسی۔ لاہور: مرکزی اردو بورڈ،
1974، ج 2، (اردو)
·
تاریخ
سندھ/غلام رسول مہر ۔حیدرآباد: سندھی ادبی بورڈ،
1958ء، ج 6 (اردو)
·
تحفتہ الکرام/میر
علی شیر قانع ٹھٹوی، بتصحیح سید حسام الدین راشدی۔
حیدرآباد: سندھی ادبی بورڈ، 1971ء، بخش اول ازجلد
سوم (فارسی)
·
تذکرہ مشاہیر
سندھ/ دین محمد وفائی۔ حیدرآباد: سندھی ادبی بورڈ،
1974ء، (سندھی)
·
تذکرہ نوشہ گنج بخش/ سید
ابوالظفر شریف احمد شرافت نوشاہی۔ لاہور: الکتاب،
1978ء (اردو)
·
حدیقتہ
الاولیاء/سید عبدالقادر بن سید ہاشم بن سید محمد
تتوی با مقدمہ سندھی سید حسام الدین راشدی۔
حیدرآباد: سندھی ادبی بورڈ، 1967ء
·
خدایار
خانی میاں سرفراز خان عباسی/میرزا عباس علی بیگ۔
جامشورو: انسٹیٹیوٹ آف سندھیالوجی، 1980ء (سندھی)
·
دیوان
فرد/ حضرت فرد پھلواروی، کلکتہ: 1310ھ (فارسی)
·
دیوان
محسن/محمد محسن تتوی، بتصحیح محمد حبیب اللہ رشدی۔
حیدرآباد۔ سندھی ادبی بورڈ، 1963ء (فارسی)
·
روز روشن/ محمد مظفر حسین
صبا۔ بھوپال: مبطع شاہجہانی، 1977ء (فارسی)
·
سندھ میں
اردو شاعری/ڈاکٹر نبی بخش خان بلوچ۔لاہور: مجلس
ترقی ادب، 1978ء (اردو)
·
فرہنگ سخنوران/ع۔ خیامپور۔
تبریز: 1340خ (فارسی)
·
قدیم
سندھ ان جا مشہور شہر مانھو/ میرزا قلیچ بیگ۔
حیدرآباد: سندھی ادبی بورڈ، 1925ء (سندھی)
·
کل سندھ ادبی
کانفرنس/ خطبہ استقبالیہ ڈاکٹر نبی بخش بلوچ۔
حیدرآباد، 1958ء
·
لب تاریخ
سندھ/خدا داد خان، بتصحیح دکتر نبی بخش خان بلوچ۔
کراچی: سندھی ادبی بورڈ، 1959ء (فارسی)
·
مثنویات
و قصاید/ میر علی شیر قانع تتوی، بتصحیح سید حسام
الدین راشدی۔ کراچی: سندھی ادبی بورڈ، 1961ء
(فارسی)
·
مثنوی
گوہر منظوم/ غلام علی مداح تتوی، بتصحیح و مقدمہ
سید خضر نوشاہی، کراچی: جرنل آف دی پاکستان،
ہسٹاریکل سوسائٹی، شمارہ 2، 1993ء۔
·
مقالات الشعراء/میر
علی شیر قانع تتوی، بتصحیح سید حسام الدین راشدی۔
سندھی ادبی بورڈ، کراچی، 1957ء (فارسی)
·
منثور الوصیت
و دستور الحکومت/ میاں نور محمد خدا یار خان،
بتصحیح سید حسام الدین راشدی۔ حیدرآباد: سندھی
ادبی بورڈ، 1964ء
·
ہشت بہشت/ ملا عبدالحکیم
عطا تتوی با مقدمہ سید حسام الدین راشدی۔
حیدرآباد: سندھی ادبی بورڈ، 1963ء۔
ENGLISH BOOKS
PERSION POETS OF SINDH SADARANGANI. HYDERABAD: SINDHI ADABI
BOARD, 1953. |