سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2024ع

باب:

صفحو:10 

عزيز ڪنگراڻي

 

 

 

سُر ڏهر ۽ پارکَن کان وسريل ڪاڇو

 

جو پيرين پنڌ مشاهدو ماڻيندڙ رڻ ڪڇ ۽ ڪاڇي ۾ فرق نه سمجھي سا سندس مشاهدي جي کوٽ ۽ عظيم ڏات تي ضرب سمجھان ٿو. اهو ٿي نه ٿو سگھي، ته شاهه لطيف ٻن الڳ علائقن کان واقف نه هجي. سُر ڏهر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي واضح طور ڪاڇي جي علائقي کي ڳاتو آهي. ان سلسلي ۾ سُر ڏهر ۾ موجود سندس شاعري پڻ وڏو حوالو آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مشاهدي وارو پھلو نھايت وِشال، سگهارو ۽ گَهَرو آهي. شاهه فطرت ۽ سماج کي ڇَهين حِس سان ڇُھِي پرکي ۽ پروڙي شعر چيو. اظھار جي باڪمال صلاحيت سان پنھنجو پيغام عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ عام ماڻهن تائين ڪاميابي سان پھچايو. شاهه سنڌ سان گڏ ڪائنات ۽ فطرت جي مشاهدي ۽ مطالعي وقت هر حواس کي کليل رکيو. ان مشاهدي جي اظهار وقت ۽ شاعراڻي بيان مھل، انھن سڀني ڪيفيتن جو اظھار ڪيو آهي جيڪي کيس مختلف حواسن جي ذريعي حاصل ٿيون.(1) مطالعي ۽  مشاهدي وسيلي ئي شاهه سنڌ ۽ سنڌي سماج لاءِ شاعري جو آئينو جوڙيو. شاهه لطيف هميشه سير سفر کي گھڻي ترجيح ڏني.

ڪاڇي جو ميداني علائقو به ڏهر جيان ڊٻن وارو ۽ خشڪ ميداني علائقو آهي. ڪاڇو لفظ به ’ڪڇ‘ منجھان نڪتل آهي جنھن جي معنيٰ بغل، ڪِنار يا وٽِ آهي. کيرٿر جابلو سلسلي جي ڪنار سان ميداني علائقو ڪاڇو سڏبو آهي. لڳي ٿو ته، ’ڪڇ‘ جي مغالطي سبب محققن ۽ پارکن طرفان ڪاڇي جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف گھڻو ڪري سڄي سنڌ جو سير سفر پيرين پنڌ ڪيو ته ڀر وارن ملڪن (علائقن) جهڙوڪ: ڪيچ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، نيڙ، جوڌپور ۽ جيسلمير وغيره جي به ڪن ڀاڱن ۾ ويو(2). شاهه صاحب عمر جو ڪيترو حصو سير سياحت ۾ گذاريو؟ ان بابت وثوق سان ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. البت اهو ذڪر واضح ملي ٿو، ته شاهه عمر جو ڳچ حصو گهمڻ ڦرڻ ۾ گھاريو. ڪن محققن جو خيال آهي ته شاهه اٽڪل ٽيھه سال سفر ۽ سياحت ۾ صَرف ڪيا ۽  دنيا جو گھڻو تجربو حاصل ڪيائين(3). ڪن جو خيال آهي، ته  لطيف جو خود  پاڻ پنھنجي تربيت وارو دؤر  ويھه ٻاويھه سال مسلسل طور جاري رهيو.(4) سير سفر دؤران پھريان پندرهن سال ڏورانھان ۽ پرانھان پنڌ ڪيائين. پونيَن پنجن ستن سالن کن واري دؤر ۾ ڀٽ تي رهڻ کان سواءِ  ٻاهريان سير سفر به  جاري رکيائين.(5) دنيا ۽ دنيا جي ماڻهن جو هن چڱو آزمودو پرايو. گهڻائي ڏک ڏاکڙا  ڏٺائين جهنگل جهاڳيائين، ڏونگر ڏوريائين، ساڌن فقيرن سان صحبت ڪيائين ۽  ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميلا ڪيائين.(6) پھريان پنج ڇھه سال غالباً گهڻي ڀاڱي سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ، درويشن جي خانقاهن ۽ درگاهن جو ديدار ڪرڻ، مختلف ڌنڌي پيشي وارن وٽ ويهڻ ۽ عوامي زندگي جي مطالعي ۾ گــذاريائين.(7) جتي دنيا ۽ دنيا کان علاوه  سنڌ جي اڪثر علائقن جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪيائين ۽ ان کي پنھنجي شاعري ۾ سموهيائين، اُتي ڪاڇي جي ڪنڌي کي به نه وساريائين. اهو چئي آيو آهيان ته شاهه لطيف سُر ڏهر ۾ ڪاڇي بابت شعر انڪري چيا جو ڪاڇي جي سرزمين به ويران ۽ بيابان جهڙي آهي.

ڪاڇو نھايت ڏُتڙيل ۽ پٺتي پيل علائقو رهيو  آهي. هتان جي مفلوج زندگي کي به شاهه لطيف پنھنجي شاعري ۾ شامل ڪيو آهي. منھنجي نظر ۾ شاهه ڪاڇي جي ڪنڌي ۽ ان ۾ وسندڙ پسمانده زندگي بابت مختصر سهي، پر نھايت جامح ۽ ڀرپور  ڄاڻ حاصل ڪري اُن جو ڀرپور  ذڪر ڪيو آهي. شاهه لطيف ڪاڇي جي  سر زمين تي قدم ضرور رکيا هوندا. شاهه صاحب ڪاڇي جي علائقي جو سفر ڪيو هوندو. توڙي جو انھي بابت ڪي به ٺوس تاريخي حوالا ته نه ٿا ملن، البت هڪ هنڌ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڄاڻايو آهي ته اڀرندي ڏانھن سندس جيسلمير طرف وڃڻ بابت به ڪي پڪا دليل موجود آهن. الهندي  طرف سنڌ جي ڪوهستان ۽ لس ٻيلي واري ملڪ تائين ۽ شايد اڃان به اڳتي خضدار تائين ويو. سنڌ ۾ لاڙ، کارو،  ٿر،  وچولو، ڪاڇو ۽ اتر سڀ  ڏٺائين.(8) بلوچ صاحب جي راءِ نھايت اهميت لائق آهي ته لطيف ڪاڇو ڏٺو. ازانسواءِ خود شاهه صاحب جي شاعري به انھيءَ ڏس ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻئي  هنڌ لکيو آهي ته ويھن سالن کن جي وڏي  عرصي ۾ هو گهڻن  ئي فقيرن وٽ، ڪن گهڻن ئي ماڳن تي ويو هوندو، پر جتي جتي ڪجهه وڌيڪ  ترسيو اتي سندس نالي سان تڪيا قائم ٿيا. هن وقت به سنڌ ۾ ڪيترين جاين تي سندس تڪيه موجود آهن، جيڪي مريدن پوءِ سندس نالي ڪيا. (9) ان حوالي جي پس منظر تي غور ڪجي ٿو ته، ڪاڇي جي علائقي جي ڏکڻ ۾ ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي دنگ تي هڪ تڪيو شاهه صاحب جي نالي سان نئيگ شريف ۾ آهي، جيڪو ميداني ۽ جابلو علائقي وٽ سيوهڻ کان لاهُوت لامڪان ويندڙ رستي سان آهي. شايد شاهه لطيف سيوهڻ کان سنياسين سان لاهوت لامڪان ويندي نئيگ شريف ۾ ترسيو هجي ۽ ڪاڇي جو مشاهدو به ماڻيو هجي. ڇاڪاڻ ته سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي درگاهه تي اچڻ جون روايتون پڻ شاهه صاحب سان منسوب ڪيون وڃن ٿيون.

ڪاڇو ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏٺائين ان بابت ڪو به ثبوت يا ڪا مستند معلومات موجود ناهي. اهي سوال سُر ڏهر ۾ ذڪر هيٺ ٻين علائقن سان به لاڳو ٿي سگھن ٿا.  شاهه صاحب جي سير سفر يا ڪاڇي جي علائقي ۾ اچڻ ۽ گھمڻ بابت ڪجهه چوڻ کان اڳ ڪاڇي جي جاگرافي، بيهڪ يا حدن کي ذهن ۾ رکڻ گھرجي. ڏکڻ ۾ منڇر ويجھو ڳوٺ ڇني ۽ ٽنڊو رحيم خان، نئيگ، اتر ۾ ڪاڇي جون قديم سرحدون ضلعي جيڪب آباد کان اڳتي سبي ڍاڍر (بلوچستان) تائين پهتيون پئي، جيڪو بعد ۾ ڪڇي سڏجڻ ۾ آيو. هاڻ ڏکڻ ۾ دادو ۽ اتر ۾ ضلعي قمبر-شهدادڪوٽ جو اولهندو باراني ۽ ميداني علائقو ڪاڇي ۾ شمار ٿئي ٿو. اولهه ۾ کيرٿر جبل جو جابلو سلسلو ڪاڇي جي سرحد بندي ڪري ٿو ۽ اوڀر ۾ قديم زماني ۾ درياهه جو ڪچي وارو علائقو جهڙوڪر ڪاڇي جي سرحد هئي، پر 1932ع ڌاري بئراج سسٽم نڪرڻ کان پوءِ انھي جاگرافيائي سرحد ۾ ڦير گھير آئي. بئراج نڪرڻ ڪري ڪچي ۽ ڪاڇي جي وچ ۾ پڪي جو علائقو نروار ٿيو. انھي ڪري هاڻ اوڀرندي ۾ پڪي وارو علائقو، (بئراج ايراضي) ڪاڇي جي سرحدي لڪير جوڙي ٿو. ڪاڇي جي ميداني علائقي جو ڏکڻ نئن نئيگ آهي جتي شاهه لطيف جو تڪيو موجود آهي.

ڪاڇي جي ڪنڌي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ڪنڌي يعني جبلن ويجھو ساڪر وارو علائقو ۽ ٻيو پٽ يعني ويران ميداني علائقو. اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته، شاهه لطيف ڪاڇي جي مذڪوره جاگرافي سرحدن ۾ پير گھمايا آهن يا نه؟ شاهه صاحب جي سياحت جي حوالي سان اهو به ذڪر ملي ٿو ته هن جوڳين، سناسين، صوفين ۽ ڪاپڙين سان گڏ هنگلاج جا ڦيرا به ڪيا آهن. شاهه صاحب ٻه ڀيرا هنگلاج ويو. پوئين گھمري ۾ جوڳين سان ناسازي ٿي پيس ۽ شاهه صاحب اڪيلو واپس وريو. (10) چئي سگھجي ٿو ته سيوهڻ يا نئيگ رستي هنگلاج ويندي هن ڪاڇي جو مشاهدو ماڻيو هوندو ۽ معلومات حاصل ڪئي هوندي.

اُتر طرف ملتان تائين شاهه لطيف جي سفر جو رستو يا گس سنڌ درياهه وارو معلوم ٿئي ٿو. اهو سفر ٻيڙين وسيلي ڪيائين. اتر طرف ملتان تائين پنھنجي بزرگ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي مزار لاءِ ڪاشيءَ جون سِرون وٺڻ لاءِ ملتان وڃڻو پيس. ڊاڪٽر گُربخشاڻي جي چوڻ موجب ملتان کان ڳچ جيترو سامان وٺي، سگھوئي درياهه جي رستي ٻيڙي ۾ لهوارو ٿي آيو. جڏهن خدا آباد وٽ پهتو تڏهن ساهي کڻڻ لاءِ سندس ٻيڙي لنگر هنيو. شھر جي ماڻهن کي جڏهن خبر پئي ته ٽولين جون ٽوليون سندس قدم بوسِيءَ لاءِ اچڻ لڳيون. (11) هن حوالي جي روشنيءَ ۾ اُن وقت شاهه لطيف جي مقبوليت ۽ حيثيت جو اندازو بخوبي لڳائي سگھجي ٿو ته، سندس شخصيت ڪيڏي نه سگهاري ۽ مشھور هُئي. بھرحال اهو معلوم ٿئي ٿو ته، ان زماني ۾ شاهه صاحب درياهه وسيلي اتر سنڌ به ڏٺي ۽ ان وقت ڪاڇي جي ڪنڌي ۾ ڪلھوڙن جي اوائلي گادي واري شھر خدا آباد ۾ ڊاٻي دوران ماڻھن سان به مليو، پر اهو ذڪر ڪٿي به نه ٿو ملي ته، شاهه صاحب اُتان ڪاڇي طرف نڪتو هجي. نه وري ڪو تاريخي احوال ملي ٿو ته، شاهه صاحب خدا آباد يا ڪنھن ٻئي پتڻ تان لھي ڪاڇي جي ميداني علائقي جي ڪنھن ماڳ جو سير ڪيو هجي. تڏهن خدا آباد جو شھر به ڪاڇي ۾ هو. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته هن ڪاڇو ڏٺو هوندو ۽ کيس حال احوال مليا هوندا. سندس شاعري اهڙو گس پنڌ ٻُڌائي ٿي جنھن آڌار تي چئي سگھجي ٿو ته، شاهه ڪاڇي ڏانھن ويل ڀانئجي ٿو. اهو ممڪن آهي ته، شاهه صاحب ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جو مڪمل سير نه ڪيو هجي پر جُزوي طور ماڻهن جي معرفت ڪاڇي ۽ ڪاڇي جي معروضي حالتن کان ضرور واقف ٿيو هوندو. شاهه ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جو سير سفر نه ڪيو هجي ها ته، ڪاڇي جي باراني سرزمين، معيشت ۽ اقتصادي حالتن جي وٽس ڄاڻ نه هجي ها. شاهه لطيف ڪاڇي جي  لاهيارڪي زندگي ۽ علائقي جي ڏڪارن ۽ سُڪارن کان شاهه هرگز بيخبر نه هوندو. ڪاڇي بابت سندس ڄاڻ جا ٻه ذريعا معلوم ٿين ٿا. هڪ ته ڪلھوڙا حڪمرانن ۽ سندن درٻار جي اهم ماڻهن جو ساڻس تعلق رهيو هوندو. ڇو ته، انھن جي اچ وڃ ڪاڇي ڏانھن رهندي هئي. ٻيو ته درياهه واري رستي سان ملتان ايندي ويندي، پيٽ گذران لاءِ ڪاڇي کان ايندڙ لاباري لاءِ لاهيارن يا وري مزدوري وغيره لاءِ ايندڙ ڪاڇيلن سان سندس ميل جول رهيو هوندو، جنھن جي آڌار تي ڪاڇي بابت پنھنجي ڪيفيتن ۽ نفيس جذبن سان ٽمٽار خيالن کي چند بيتن ۾ سموهي ڪاڇي جي اجتماعي اقتصادي، معاشي حالتن ۽ زندگي جي احساساتي عڪاسيءَ  ڪيائين. ڪاڇي بابت شاهه صاحب جا سُر ڏهر ۾ چند، پر نھايت ڀرپور ۽ حواسن تي حاوي ٿي ويندڙ بيت شامل آهن. انھن بيتن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته شاهه صاحب ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جي حالتن جو ڪيڏي نه باريڪ بيني ۽ گهرائي سان اظھار ڪيو آهي.

ڪاڇو باراني علائقو آهي. چوڻي اڄ به مقامي طور مشھور آهي ته، ڪاڇو وسي ته امير نه غريب جو غريب. جڏهن وسڪارا ٿين ته سرسبزي، گلزاري ۽ پوکي راهي جام ٿئي ٿي، نه ته رُڃ ئي رُڃ نظر پئي ايندي آهي. مينهن وسن ته اُڃ اُساٽ به ختم ٿيو وڃي. ڍنڍون ڍورا ڀرجيو وڃن. ماڻھو مال متاءُ خوشحال ٿيو پون. شاهه لطيف صرف هڪ بيت ۾ وسڪارن کانپوءِ ڪاڇي جي خوشحاليءَ،  پاڻيءَ جي اڻاٺ ختم ٿيڻ ۽ ڪاڇي ۾ سُڪار اچڻ وارين سمورين حالتن جي ڀرپور عڪاسي هن ريت ڪئي آهي:

ڀُورِيُن پاند ٽِمن، جهاڳ جهاڳي آئِيُون

ڪاڇــــــو  مينھَڙِيُن، مندائتـــــــو   ماڻِيو.

شاهه لطيف ڪاڇي جي باراني علائقي ۾ مندائتي وَسوِسوڳ جو ذڪر ڪري ٿو. فرمائي ٿو ته، ويران ڪاڇي ۾ بارشون پيون آهن، مينهَن وُٺا آهن جنھن سبب مينهُون به پُسِي مندائتي برسات ماڻي خوش نظر اچن ٿيون. توڙي جو شاهه صاحب ڪاڇي جي ڪنڌي بابت تمام گھٽ شعر چيا آهن، پر انھن ۾ شامل عڪاسي ڪمال جي سمايل آهي. انھن شعرن ۾ اٿاهه جذبن ۽ ڪيفيتن جي اُٿل پُٿل جو ڇيهه ناهي. جنھن مان محسوس ٿئي ٿو ته، لطيف ڪاڇي جي لاهيارڪي زندگي ۽ ان جي درد جو مشاهدو ضرور ماڻيو هوندو. آڳاٽي زماني کان 20 هين صدي جي ستين ڏهاڪي تائين جڏهن ڪاڇي ۾ گھڻِي وسڪار نه ٿيندي هئي، تڏهن ڪاڇي جا ماڻھو پنھنجا پڊ ڇڏي محنت مزدوري لاءِ يا لاهيارا بڻجي، سنڌ درياهه جي آسپاس ڪچي واري آباديءَ وارن علائقن ۾ لابارن لاءِ لڏي ويندا هئا. ان کان پوءِ  بئراج واري علائقي ۾ اُجرت تي فصل لُڻڻ، خاص طور ڪڻڪ جي لابارن لاءِ لڏو کڻي اچي ويهندا هُئا ۽ مھينن جا مھينا اُجرت تي لابارو ڪندا هئا جنھن جو مشاهدو مون خود ماڻيو! شاهه لطيف هڪ بيت ۾ انھي لڏپلاڻ واري ۽ لاھيارڪي زندگي جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي جيڪو شاهه جي ڪاڇي بابت مشاهدي سان گڏ ڪاڇي کان واقف هجڻ ۽ شاهه صاحب جي مھان ڏات ۽ ڏانءُ جو ڪمال به جھلڪي ٿو ته شاهه هڪ بيت ۾ ڪاڇي جي پُوري لاهيارڪي زندگي ۽ اُن جي رولڙن ۽ ڏولاون جو آئينو آهي. ڪاڇي جا اڪثر مارو ماڻھو مھينن جا مھينا ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جا پَڊ ڇڏي اچي لابارا ڪندا هئا ۽ اَنُ ڪٺي ڪري واپس ورندا هئا. ڪجھه پنھنجن اباڻڪن پڊن تي به ترسي پوندا هئا ته، ڪجھه خانه بدوش بڻجي لڏي اچي اُجرت تي پراوا لابارا ڪندا هئا. جيڪي پڊن تي ئي رهندا هُئا سي لڏي ويلن جي اوسيئڙي ۽ اُڪِير ۾ عذاب جهڙي زندگي گھاريندا هُئا.

 سُر ڏهر ۾ انھيءَ زندگي جو اولڙو موجود آهي، جيڪو انھي سموري لڏپلاڻ، رولڙن، ڏولاون ۽ پنھنجن پيارن کان ڏُور گُذارڻ واري حياتيءَ جو وِچُور آهي. هڪ بيت منجھان، ان سموري زندگي جي جھلڪ ڪاڇي جي هڪ عورت جي احساس جي بيت جي صورت ۾ پڙھي ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿي. هڪ عورت جنھن جا مائٽ ڏُڪار سبب ڪاڇو ڇڏي محنت مزدوري يا لاهيارا بڻجي لاباري لاءِ ويل آهن ۽ هُوءَ هيڪلي سِڪ ۽ اُڪير ۾ ڪاڇي ۾ کين ساريندي گهاري پئي. جڏهن اُتان ڪو ٻيو وڃڻ جو سعيو ڪري ٿو ته، اُن ويندڙ کي عورت اندر جي اُڪنڊ کان مجبور ٿي من جي پاتال ۾ پيهِي ويندڙ نياپو ڏئي ٿي:

سنگهارن   ساري،    ساٿي   ڏيج   سَنِيھَڙا،

سا هيڪلي  گهاري، مُنڌ ڪاڇي ڪنڌيئين.

سُر ڏهر ۾ هيٺ ڏنل بيت به مٿئين ڏنل بيت جو تسلسل لڳن ٿا. جن ۾  پنھنجن پيارن جي وڇوڙي  ۾ اُڪير ۽ اوسيئڙي جي ٽياس تي  ٽنگيل ڪاڇي جي ويڳاڻي عورت جي مختلف احساسن، ڪيفيتن ۽ ذهني آنڌ مانڌ جا عڪس به پَسِي سگهجن ٿا ته،  اجتماعي طور ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جي پڻ عڪاسي ٿيل نظر اچي ٿي.

جيئن سي سنگهار، اجهي جن جي گهاريان

مانَ  لَھنئون  سار، وچ   ولھئين   ڏينهڙين.

 

جيڪا گھاري ماءِ، آيل سنگهارن سين

ته رُکو  مُور  نه کاءِ،   توڙي  هوءِ  اوڳڻي.

شاهه لطيف جهڙو عظيم شاعر پنھنجي وقت ۾ سنڌ جي سماجي توڙي سياسي حالتن کان بي خبر هجي، اهو جهڙوڪر نا ممڪن هو. سندس دور ۾ سنڌ توڻي ڪاڇي تي ڪرندڙ آفتن ۽ جيءُ جنجهوڙيندڙ حملن جي سانحن کيس به بيچين پئي ڪيو. ڪاڇي تي مصيبتن جي وِڄُ ڪڙڪِي ته، شاهه به ڪُوڪ ڪئي. اُن ڪُوڪ بابت محققن جو خيال آهي ته، ڏڪار جا ڏينهن اچي وڃن ٿا ته سنگھار اُتان لڏي وڃن ٿا ته ڪاڇي ۾ ڪُوڪ پئجي وڃي ٿي (12). منھنجي خيال موجب اها درد ڀري ڪُوڪ ڏڪار سبب نه پر ڪاڇي ۽ سنڌ تي حملن جي آفت ٽٽڻ سبب راڙ آهي، جيڪا لطيف ڪنائي ۽ ورنائي. جنھن جي اچڻ سان سنگهارن کي ڪُوڪُون ڪندي ڪاڇي جي ڪنڌي ڇڏڻي پئي. ڏڪار ۾ ڪاڇي جي ماڻهن جي درد ڀَرِي چؤٻول کي ڪُوڪ جو نالو ڏجي به سهي، پر هيءَ ڪُوڪ ئي ٻي آهي. سندس بيتن تي غور ڪرڻ سان گڏوگڏ  لطيف جي وقت ۾ سياسي حالتُن ۽ ان جي تاريخي پسمنظر تي غور ڪجي ٿو ته، پتو پئجي وڃي ٿو ته لطيف ڪاڇي ۾ ڪُوڪ جو ذڪر ڏُڪار نه پر ڌارين جي راتاهن جي پسمنظر ۾ ڪيو آهي. ميان نور محمد جي حڪمراني واري دؤر ۾ 1739ع ۾ سنڌ تي نادر شاهه حملو ڪيو ۽ لاڙڪاڻي وٽ پهتو (13). ميان نور محمد جو گھڻو لاڳاپو ڪاڇي سان هو. ميان نور محمد اول خدا آباد ۽ پوءِ محمود آباد (موجوده دؤلتپور ۽ سڪرنڊ وارو علائقو) ۾ رهيو. حملي جي نتيجي ۾ ميان نور محمد هتان ڇڏي عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي (14). نادر شاهه کان پوءِ احمد شاهه ابدالي سنڌ تي 1748ع، 1749ع ۽ 1752ع ۾ حملا ڪيا (15). شاهه لطيف جهڙو عظيم ۽ وقت جي حالتن تي ڊگهي نظر رکندڙ وطن ۽ عوام دوست حساس شاعر انھن حملن ۽ حملي سبب پيدا ٿيل ڪرب ناڪ صورتحال کان هرگز بي خبر رهي نٿو سگهي. سنڌ تي اولھه کان ٿيندڙ حملن جي آفت اول اَوَسُ ڪاڇي تي ڪِرندي هُئي. چوڻي به مشھور آهي ته، ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو“. نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي ڪاهُن وقت ڪاڇي وارا ڪوڏ ۾ نه هُوندا پر ڪُوڪيا هوندا. حملي وقت  ڪاڇي جي ڪنڌيءَ ۾ ڪُوڪ پئجي وئي هوندي ۽ ماڻهن ساهه جي خوف کان ڪُوڪندي ڪنڌي ڇڏي هوندي. شاهه عام يا عوام جو شاعر هو، جنھنڪري وثُوق سان چئي سگھجي ٿو ته، شاهه عوام جي حملن ۾ ڪيل ڪُوڪ ڪنائيندي شعر چيو هيو. شاهه صاحب جي ڪم آيل ’ڪاهه‘ لفظ منجھان ئي اها ڳالھه لَکائي سگهجي ٿي:

ڪاڇي پيئي ڪُوڪ، آيل سنگھارن جي

مادر    اُوءِ    ملُوڪ،  اٺي  وِئڙا اُڪري.

 

ڪاڇي ڪاهيائون. سچ ڪه سنگھارن لڏيو؟

مانُ   تن ماريائون، پاڻان  وِجھي گُوندَرين.

 شاهه صاحب جي شعرن تي غور ڪبو ته ٻئي شعر ڪاڇي تي ڪاهه جي پسمنظر ۾ چيل آهن. پوئين بيت منجهان واضع ٿئي ٿو ته ڪاڇي تي ڪاهه يعني حملو ٿيو آهي. فقري ’ڪاڇي ڪاهيائون‘ مان ئي صاف ظاهر آهي ته ڪاڇي تي ڪاهُون يا حملا ٿيا آهن ۽ نتيجي ۾ ڪُوڪ پئي ۽ ڪاڇي وارن کي ڪُوڪندي ڪنڌي ڇڏڻي پئي. وسڪارن سبب ڪاڇو ڪاهڻ يا پوکڻ جي حوالي سان ڪُوڪ جي هُل پوڻ جي معنيٰ قائم ڪرڻ ڪنھن به طرح درست نه ٿيندو. ڏڪار سبب ڪاڇي وارن ۾ ڪوڪ يا هُوڪ به پئجي سگهي ٿي، پر ڪاهه لفظ ان معنيٰ کي ڪمزور بڻائي ٿو. ٻئي طرف مانُ مارجڻ تي به سوچڻ گھرجي. شاهه لطيف موجب ڪنڌيءَ جي ماڻهن جي ’مانُ‘ کي ضرب لڳائي وئي هئي جنھن ڪري ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جا ماڻھو ڪاڇي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. ڪاڇي وسڻ سان مانُ جي مارجڻ بجاءِ خوشيءَ جو اظهار ڪري ها. سو خاطري سان چئي سگھجي ٿو ته، شاهه لطيف اها ڪُوڪ ڏڪار وقت نه  ڪَنائي هوندي پر حملن جي عذاب کان نڪتل آنهه کي ڪَنائي، ان کي شعر جو رُوپ ڏنو هوندو. انھيءَ  پسمنظر جي وڌيڪ تشريح خود سُر ڏهر ۾ شامل شاهه لطيف جا ٻيا بيت پڻ ڪن ٿا جن ۾ بهادر ماڻھن کي ماري، ماريندڙ، ماري يا حملي آور لڪ گذري ويا آهن. بدين، ٿر يا رڻ ڪڇ ۾ ڪھڙا جابلُو لَڪ آهن؟ انھي سلسلي ۾ به غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. هيٺيان بيت ڪاهُن جي آفتن جي نشاندهي ڪن ٿا.

بغل منجهه بندُوق، ماري ميرا ڪپڙا

ماريو مير مَلُوڪ،  لتاڙيو لڪ چڙهي.

 

چيتان ڪري چُڻيج، بڊاماڻي بُٺَ ۾

نيڻين ننڊ مَ ڏيج، ڇيڙُون ڇپر آئيون.

ڪاڇي ۾ ڪلھوڙن جي دور ۾ بُلو بڊاڻي يا بڊاماڻي سرڪش ماڻھو ٿي گذريو آهي جنھن کي ڪلھوڙن، جنگو جمالي جي معرفت مارايو هو. جنھن جي بُٺ ۽ بُٺي سيوهڻ کان نئيگ ويندي ڪائي ماٿري ۾ اڄ به موجود آهي. بھرحال شاهه لطيف ڪاڇي جي ڪنڌيءَ ڏانھن گھڻو نه اچڻ جي باوجود به سنڌ جي ٻين علائقن جيان ڪاڇي جي ڪنڌيءَ کي به نه وساريو آهي. سنڌ جي هن عظيم شاعر سنڌ جي ٻين علائقن وانگر ڪاڇي کي به نظر انداز نه ڪيو ۽ جامع انداز ۾ ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي. اهو ناممڪن آهي ته شاهه لطيف ڪاڇي کي وساري سگھي. شاهه لطيف سُر ڏهر ۾ ڪاڇي جي حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي پر اسان جي محققن ۽ شاهه لطيف جي پارکن کان سنڌ جو اَٽُوٽ حصو ڪاڇو خبر ناهي ڇو وسريل رهيو آهي. مان عرض رکان ٿو ته، سُر ڏهر ۾ چيل ڪاڇي بابت شعر ڪاڇي جي سرزمين ۽ حالتن جي عڪاسي آهن. جن تي غور ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته دليلن سان بحث ڪري آيو آهيان ته، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪاڇي کان اڻ واقف نه ٿو ٿي سگھي ۽ ڪنھن به صورت ۾ ڪاڇي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھي.

مددي ڪتاب ۽ حوالا:

1)      تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1989ع، ص 112

2)     معمور يوسفاڻي، لطيف جا ٿر تي پيرا، مھراڻ اڪيڊمي، 2001ع، ص 16

3)     ڊاڪٽر گُربخشاڻي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه مرڪز، 1979ع، ص 14

4)     ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام جلد 1 ، ڀٽ شاهه مرڪز، 1979ع، ص 20

5)      ساڳو حوالو، ص 20

6)     ڊاڪٽر گُربخشاڻي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه مرڪز، 1979ع، ص 14

7)     ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام جلد 1 ، ڀٽ شاهه مرڪز، 1979ع، ص 22

8)     ساڳيو حوالو، ص 26

9)     ساڳيو حوالو، ص 50

10) ڊاڪٽر نواز علي شوق، تحقيقات لطيف، مھراڻ اڪيڊمي، 2005ع، ص 18

11)  ڊاڪٽر گُربخشاڻي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه مرڪز، 1979ع، ص 17

12) ڊاڪٽر نواز علي شوق، تحقيقات لطيف، مھراڻ اڪيڊمي، 2005ع، ص 2005ع، ص 32

13) رحيمداد مولائي شيدائي، جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 200ع، ص 433

14) غلام رسول مھر، تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دؤر جلد 1، ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ، 1996ع، ص  385

15)             ساڳيو حوالو. ص 448 کان 450

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org