سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2024ع

باب:

صفحو:13 

آر.ڪي نارائڻ      (عالمي ادب)

قربان چنا

 

 

 

Forty-Five A Month

پنجيتالھه روپيا مھينو

 

ڪلاس ۾ ھاڻي شانتا کان وڌيڪ انتظار نه پئي ٿيو. ھوءَ مٽيءَ جا ٿانو ٺاھڻ، موسيقي وڄائڻ، مشق ڪرڻ، سبق پڙھڻ ۽ حسابن مان فارغ ٿي ھاڻي رنگين ڪاغذن کي ڪتري رھي ھئي. ھن کي اسڪول جو گهنڊ وڄڻ تائين ڪاغذ ڪترڻا ھئا، جيستائين ماسترياڻي کين چئي، ”ھاڻي توھان سڀ گهر وڃي سگهو ٿيون،“ يا، ”ھاڻي ڪينچيون رکي ڇڏيو ۽ ڪتاب کولي سبق ياد ڪيو...“ شانتا وقت ڄاڻڻ لاءِ گهڻي اٻھري ھئي. ھن پنھنجي ڀرسان ويٺل ساھيڙيءَ کان پڇيو، ”ڇا پنج وڄي ويا آھن؟“  

”ٿي سگهي ٿو.“ ھن کيس جواب ڏنو.

”يا ڇھ وڳا آھن؟“

”ڇھ ته نه وڳا ھوندا،“ سندس ساھيڙيءَ جواب ڏنو، ”ڇو ته ڇھين وڳي رات ٿي ويندي آھي.“

”ڇا توکي لڳي ٿو ته پنج وڳا ھوندا؟“

”ھا.“

”اوه، پوءِ ته مون کي ھتان جلدي نڪرڻ گهرجي، بابا گھر پھچڻ وارو ھوندو. بابا مون کي پنجين وڳي تيار رھڻ لاءِ چيو هو. ھو اڄ شام مون کي سئنيما ۾ فلم ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويندو. مون کي ھاڻي جو ھاڻي گهر پھچڻ گهرجي.“ ھن ڪينچيءَ کي ڦٽو ڪيو ۽ ماسترياڻيءَ ڏانھن ڊڪ پاتائين. ”مئڊم، مون کي ھر حال ۾ گهر پھچڻو آھي.“

”ڇو، شانتا ٻائي؟“

”ڇو ته پنج وڄي چڪا آھن.“

”توکي ڪنھن ٻڌايو ته پنج وڄي چڪا آھن؟“

”ڪمالا.“

”اڃا پنج نه وڳا آھن. ڇا توکي ھو گهڙيال نظر اچي پيو؟ ڏسي ٻڌاءِ ته ڪيترو وقت ٿيو آھي؟ مان توھان سڀني کي ڪالھ ئي گهڙيال ڏسي وقت ٻڌائڻ سيکاريو هو.“ شانتا ھال ۾ لڳل گهڙيال ڏانھن ڏٺو ۽ ڏاڍي محنت سان انگ اکر ڳڻيندي وڏي واڪي ٻُڌايو، ”نوَ وڳا آھن.“

 ماسترياڻيءَ ٻين ڇوڪرين کي به گهرايو ۽ چيو، ”اوھان مان ڪھڙي ڇوڪري مون کي گهڙيال ڏسي وقت ٻڌائيندي؟“ ڪيتريون ئي ڇوڪريون شانتا جي ڳالھه سان متفق ٿيون ۽ چيائون ته نوَ وڳا آھن، تان جو ماسترياڻيءَ چيو، ”توھين رڳو وڏي سئيءَ کي ڏسي رھيون آھيو، ننڍي سئيءَ کي به ڏسو ته اھا ڪاٿي بيٺي آھي؟“

”ٻن ۽ ٽن جي وچ ۾.“

”ته پوءِ ڪھڙو وقت ٿيو؟“

”اڍائي.“

”پوڻا ٽي ٿيا آھن، ھاڻي ڳالھ سمجھ ۾ آئي؟ ھاڻي توھين سڀ پنھنجي پنھنجي سيٽن تي وڃي ويھو.“ شانتا لڳ ڀڳ ڏھن منٽ رکي ٻيھر ماسترياڻيءَ ڏانھن وئي ۽ چيائين، ”مئڊم، ڇا پنج وڄي ويا آھن، ڇو ته مون کي پنجين وڳي تائين تيار رھڻو آھي، ٻي صورت ۾ بابا ڏاڍو ناراض ٿي ويندو. بابا مون کي جلدي گهر واپس موٽڻ لاءِ چيو هو.“

”تون ڪنھن مھل وڃڻ چاھين ٿي؟“

”ھاڻي جو ھاڻي.“ ماسترياڻيءَ کيس گهر وڃڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي. شانتا پنھنجي ٿيلھو کڻي خوشيءَ ۾ لڏندي لمندي ڪلاس مان ٻاھر نڪتي. ھن گهر ڏانھن ڊڪ پاتي ۽ فرش تي پنھنجا ڪتاب اڇليندي وڏي واڪي چوڻ لڳي، ”امان، امان،“ ۽ سندس ماءُ ڀرواري گهر مان ڊڪندي اچي پھتي، جتي ھوءَ پنھنجي پاڙي جي مائين سان ڪچھري ڪرڻ وئي ھئي.

سندس ماءُ پڇيو، ”تون ايترو جلدي ڇو موٽي آئي آھين؟“

”ڇا بابا گهر پھچي ويو آھي؟“ شانتا پڇيو. ھن کي پنھنجي ڪافي پيئڻ يا ماني کائڻ کان اڳ ڪپڙا پھرڻ جو شوق هو. ھن صندوق کولي ۽ سنھو فراڪ ۽ نيڪرز پائڻ تي اصرار ڪيو، جڏھن ته سندس ماءُ چاھيو پئي ته شام لاءِ ھوءَ ڊگهي اسڪرٽ مٿان ٿلھو ڪوٽ پھري. شانتا صابڻ جي کوکي مان ھڪ چمڪندڙ ربن ڪڍي، جنھن ۾ ھوءَ پنھنجون پينسلون، ربن ۽ چاڪ رکندي ھئي. ڪپڙن جي چونڊ تي ماءُ ۽ ڌيءُ جي وچ ۾ سخت تڪرار رھيو ۽ نيٺ سندس ماءُ کي ھار مڃڻي پئي. شانتا پنھنجي پسند جو گلابي فراڪ پھريو ۽ چوٽي ٺاھي ان ۾ ربن ويڙھي ڇڏي. ھن منھن تي پائوڊر مَکيو، پيشانيءَ تي شنگرف جو نشان لڳايو ۽ چيو، ”ھاڻي بابا چوندو ته ڪيتري نه ڀلي ڇوڪري آھي جو وقت تي تيار ٿي وئي آھي. امان، ڇا توھان اسان سان گڏ ڪونه ھلندؤ؟“

”مان گهٽ ۾ گهٽ اڄ ته نه ٿي ھلي سگهان.“

شانتا ننڍڙي گيٽ تي بيھي رھي ۽ گهٽيءَ کي تڪيندي رھي.

ماءُ چيس، ”تنھنجو بابا پنجي وڳي اچي ويندو، تون ھاڻي کان ئي اُس ۾ بيٺي آھين، اڃا ته چار وڳا آھن.“

سج سامھون واري گهر جي پويان ڇُپڻ شروع ٿيو هو ۽ شانتا سوچيو ته سگهو اوندھ ٿي. ھوءَ پنھنجي ماءُ ڏانھن ڊُڪي ۽ پڇيائين، ”بابا اڃا ڇو ڪونه پھتو آھي، امان؟“

”مون کي ڪھڙي خبر؟ شايد اڃا بينڪ جي ڪم ۾ ڦاٿو پيو ھجي.“

شانتا جي منھن تي مايوسي ڦھلجي وئي. ”مون کي بابا واري بينڪ جا ماڻھو ڪونه وڻندا آھن. اھي ڏاڍا خراب آھن...“

ھوءَ ٻيھر گيٽ ڏانھن وئي ۽ ٻاھر گهٽيءَ کي تڪيندي رھي. سندس ماءُ اندران رڙ ڪئي، ”شانتا اندر اچ. گهٽيءَ ۾ گهڻي اوندھ آھي، گيٽ تي نه بيھ.“ پر شانتا اندر اچڻ واري ڪانه ھئي. ھوءَ گيٽ جي ٻاھران ئي بيٺي رھي ۽ سندس دل ۾ بُرا ۽ عجيب وسوسا جنم وٺڻ لڳا. ڇو نه ھوءَ پنھنجي بابا جي بينڪ ھلي وڃي ۽ کيس ساڻ وٺي اچي ته جيئن ھو سئنيما وڃي سگهن؟ ھوءَ ھيڏاھن ھوڏانھن ڦرندي پنھنجي بابا جي بينڪ ڳوليندي رھي. کيس ڪابه ڪَل ڪانه ھئي. ھوءَ روزانو پنھنجي پيءُ کي گهٽيءَ جي آخر ۾ مُڙندي ڏسندي ھئي. شايد ان گهٽيءَ مان جيڪو به مُڙندو اھو سڌو سنئون وڃي بابا جي بينڪ پھچندو. ھن منھن ورائي پٺتي نھاريو ته ڪٿي سندس ماءُ ته کيس ڳولي ڪانه رھي آھي، ۽ تسلي ڪرڻ کان پوءِ اڳتي وڌي وئي.

سج لاڙائو ٿي چڪو هو. ھر ماڻھو ڄڻ ته پنھنجي قد کان وڏو نظر اچڻ لڳو. گهر جون ديوارون ڏاڍيون ڊگهيون نظر اچي رھيون ھيون، سائيڪلن ۽ ٽانگن کي ڏسي ائين پئي محسوس ٿيو ته ھن جي مٿان چڙھي ويندا. ھوءَ روڊ جي پاسي تي ھلندي رھي. جلد ئي لائيٽون ٻرڻ شروع ٿي ويون ۽ واٽھڙو ڪِن پاڇن جيان نظر اچڻ لڳا. ھوءَ ٻن گسن تان مس گذري ته کيس اھا خبر نه پئي ته پاڻ ڪاٿي آھي. ھوءَ روڊ جي ڪُنڊ تي ويھي رھي ۽ پنھنجا نَنهن کائڻ لڳي. ھوءَ گهر پھچڻ لاءِ ھيڏاھن ھوڏانھن واجهائڻ لڳي. ھڪ ماڻھو، جيڪو ويجهي ڪنھن گهر ۾ ملازم هيو، اتان گذريو ته ھوءَ سندس سامھون اٿي بيھي رھي.

”اوه، تون ھتي اڪيلي ڇا پئي ڪرين؟“ ھن پڇيو. شانتا وراڻيو، ”مون کي خبر ڪونھي، بس ھتي پھچي ويس. ڇا توھان مون کي پنھنجي گهر ڇڏي ايندو؟“ شانتا ھن جي پويان لڳي ۽ جلد ئي پنھنجي گهر پھچي وئي.

اڄ صبح، شانتا جو پيءُ وينڪٽ رائو، جڏھن بينڪ لاءِ روانو ٿيڻ لڳو ته ھڪ ٽانگي وارو سئنيما تي لڳل نئي فلم جا پوسٽر ورھائيندو اتان گذريو. شانتا اعلان ٻُڌندي ئي گهٽيءَ ۾ ڊوڙندي وئي ۽ فلم جو پوسٽر وٺي آئي. ھن پوسٽر کي ھٿن ۾ سڌو ڪندي پڇيو، ”بابا، ڇا اڄ اوھان مون کي سئنيما وٺي ويندو؟“ ھو ان سوال تي ڏاڍو لاچار نظر آيو. سامھون ھڪ ٻار هيو جيڪو ننڍڙين آرائشن ۽ زندگيءَ جي معمولي تفريحن کي ماڻڻ بغير وڌي ويجهي رھيو هو. ھو ھيل تائين کيس وڏي مشڪل سان ٻه ڀيرا سئنيما وٺي ويو هو. ھن وٽ پنھنجي ٻار لاءِ بلڪل به وقت ڪونه هو. جڏھن ته شانتا جي ھمعصر ڇوڪرين جي گهر ۾ کيڏڻ لاءِ گُڏيون، قسمين قسمين جا ڪپڙا موجود ھئا ۽ ھو جڏھن به چاھنديون ھيون ته پنھنجي والدين سان گڏ گهمڻ ڦرڻ ھليون وينديون ھيون، جڏھن ته ھن جي ننڍڙي ڪنھن جانور جيان بنا ڪنھن لاڏ ڪوڏ جي پلجي رھي ھئي. کيس بينڪ کان بُڇان اچڻ لڳي. فقط چاليھن روپين جي ماھوار پگهار تي ھنن کيس خريد ڪري ڇڏيو ھو.

ھن پنھنجي نياڻي ۽ گهرواريءَ کي اھڙي ريت نظرانداز ڪرڻ تي پاڻ تي ملامت ڪئي، سندس گهرواريءَ جون اوڙي پاڙي ۾ ساھيڙيون موجود ھيون يا وري ھوءَ دفتري معاملن کي چڱي ريت سمجهي سگهي پئي، پر ھن ٻارڙيءَ جو ڪھڙو قصور ھو؟ ھن جي زندگي ڪيتري ته بي رنگ ۽ بي رونق ھئي. ھو کيس دير تائين بينڪ ۾ ويھاري سدائين ھن کي ستين يا اٺين وڳي گهر وڃڻ ڏيندا ھئا، ۽ جڏھن ھو گهر موٽندو هو ته ننڍڙي ستي پئي ھوندي ھئي. جيتوڻيڪ آچر جي ڏينھن به ھو کيس بينڪ ۾ گهرائي وٺندا ھئا. ھو ڀلا اھو ڇو سوچيندا ھئا ته ھي شخص ھر خواھش کان عاري آھي ۽ ھن جي ڪابه نجي زندگي ناھي؟ ھو وڏي مشڪل سان ھن کي پنھنجي نياڻيءَ لاءِ وقت ڪڍڻ ڏيندا ھئا ته جيئن ھو کيس پارڪ ۾ گهمائي سگهي يا فلم ڏيکاري سگهي. ھو ھاڻي کين ڪري ڏيکارڻ وارو ھو ته پاڻ ھنن جي ھٿن جو رانديڪو ڪونھي. جيڪڏھن ضرورت پئي ته ھاڻي ھو مئنيجر سان جهيڙو ڪرڻ لاءِ به تيار ھو.

ھن ثابت قدميءَ سان چيو، ”مان اڄ شام توکي سئنيما وٺي ھلندس. پنجين وڳي تائين تيار ٿي وڃجان.“

”واقعي! امان!“ شانتا کان رڙ نڪري وئي. سندس ماءُ رڌڻي کان ٻاھر نڪري آئي.

”بابا اڄ شام مون کي سئنيما وٺي ويندو.“

ماءُ جي منھن تي طنزيه مرڪ اچي وئي. ”ننڍڙيءَ سان ڪوڙا واعدا نه ڪندا ڪيو...“ وينڪٽ رائو ڪاوڙ مان گهرواريءَ ڏانھن ڏٺو. ”بيوقوفن واريون نه ڪندي ڪر. تون سمجهين ٿي ته بس تون ئي واعدا نڀائيندي آھين.“

ھن شانتا کي چيو، ”پنجي وڳي تيار رھجان، مان اڄ ھر صورت ۾ توکي سئنيما وٺي ويندس، جيڪڏھن تون پنجين وڳي تيار نه ھونديءَ ته مان توکان ڪاوڙجي ويندس.“

ھو اھو پڪو پھه ڪندو بينڪ پھتو. ھو پنھنجي معمول واري ڪم مان واندو ٿي پنجين وڳي بينڪ مان نڪري ايندو. جيڪڏھن ھنن پنھنجون پراڻيون حرڪتون ڪرڻ شروع ڪيون، ته ھو صاحب کي چوندو، ”ھي منھنجي استعيفا اٿو. منھنجي ٻار جي زندگي توھان جي بينڪ جي ڀوائتن ڪاغذن کان وڌيڪ اھم آھي.“

پورو ڏينھن ھن جي ميز تي فائلن ۽ ڪاغذن جي اچ وڃ جاري رھي. ھو لک پڙھ سان گڏ انھن کي چڪاسيندي صحيون به ڪندو رھيو. ڪم دوران سندس ڪيل غلطين جي درستگي ڪرڻ سان گڏوگڏ ھن کي ھدايتون به جاري ڪيون ويون ته بيعزتي به ڪئي وئي. منجهند جي ڪافي پيئڻ لاءِ کيس رڳو پنجن منٽن جو وقفو مليو.

جڏھن بينڪ جي گهڙيال پنج وڄايا ته ٻيا ڪلارڪ گهر وڃڻ لاءِ اٿڻ لڳا، ھو مئنيجر ڏانھن ويو ۽ چيائين، ”سائين، ڇا مان وڃي سگهان ٿو؟“ مئنيجر اخبار ھيٺ ڪري ھن ڏانھن نھاريو. ”تون،“ اھو  ممڪن ئي ڪونه هو ته ڪيش ۽ اڪائونٽس سيڪشن پنجين وڳي بند ٿين. ”تون ھن مھل ڪيئن ٿو وڃي سگهين؟“

”مان پنھنجي ڪنھن ذاتي ڪم جي ڪري وڃي رھيو آھيان، سائين.“ ھن دل ۾ ڪجهه سٽون ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي ڳالھائڻ لاءِ ھن پورو ڏينھن مشق ڪئي ھئي. ”ھيءَ منھنجي استعيفا آھي.“ ھن شانتا کي سھڻي لباس ۾ اوڌيل، ڌڙڪندڙ دل ۽ جوش سان سندس انتظار ڪندي تصور ڪيو.

”بينڪ جي ڪم کان وڌيڪ اھم ڪا ٻي شيءِ ناھي ھوندي. وڃي پنھنجي سيٽ تي ويھ. توکي خبر آھي ته مان ڪيترا ڪلاڪ ڪم ڪندو آھيان؟“ مئنيجر پڇيو. مئنيجر بينڪ کلڻ کان تقريبن ٽي ڪلاڪ اڳ ايندو ھو ۽ بينڪ بند ٿيڻ کان پوءِ ايترا ئي ڪلاڪ دير سان ويندو هو، ايستائين جو آچر تي به بينڪ ايندو ھو. ڪلارڪ پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا ھئا، ”لڳي ٿو ته گهر ۾ جوڻس موچڙا ٿي ھڻيس، ان ڪري آچر ڏينھن به بينڪ ۾ ڀڳو بيٺو آھي.“

”ڇا توکي ووچرن ۾ اٺ ڏھن واري فرق جو پتو پئجي ويو؟“ مئنيجر پڇيو.

”ان لاءِ مون کي ٻه سؤ ووچرن کي چيڪ ڪرڻو پوندو. مون سوچيو صبح اچڻ شرط انھن کي ڏسي وٺندس.“

”بلڪل نه، ائين ڪم نه ھلندو. توکي اڄ ئي اھو فرق ڳولي پاڻ ۾ ملائڻو پوندو.“

وينڪٽ رائو آھستڙي ڀڻڪيو، ”ٺيڪ آھي سائين،“ ۽ پنھنجي سيٽ تي واپس اچي ويھي رھيو. ساڍا پنج ٿي چڪا ھئا. ان جو مطلب ته ووچرن ۾ فرق جانچڻ لاءِ ھن کي ٻن ڪلاڪن جي مغز ماري ڪرڻي پوندي. بينڪ جو سمورو عملو گهر وڃي چڪو ھو. فقط ھُو ۽ سندس سيڪشن جو ھڪ ٻيو ڪلارڪ ڪم ڪري رھيا ھئا، ۽ بيشڪ مئنيجر به موجود ھو. وينڪٽ رائو شديد ڪاوڙ ۾ ھو. ھن ذھني طور پاڻ کي تيار ڪري ڇڏيو ھو. ھو ڪو اھڙي قسم جو غلام ڪونه ھو جنھن چاليھن روپيا مھيني عيوض پنھنجو ايمان وڪڻي ڇڏيو ھجي. ھو ايترا پئسا آسانيءَ سان ڪمائي سگهي پيو، ۽ ٻيو ته بک مرڻ ھن ذلت کان وڌيڪ مانائتو عمل ھو.

ھن ڪاغذ کنيو ۽ لکيائين، ”مان استعيفا ڏيان پيو. جيڪڏھن توھان اھو سمجهو ٿا ته مون کي چاليھن روپين جي عيوض خريد ڪري ڇڏيو اٿوَ، ته اھا اوھان جي ڀُل آھي. مون کي ۽ منھنجي ڪٽنب کي ان کان وڌيڪ ڪھڙو مانُ ملندو ته اسان فاقه ڪشيءَ ۾ مري وينداسين، بجاءِ انھن چاليھن روپين جي غلاميءَ جي، جيڪا اوھان مون کان ورھين کان وٺي ڪرائيندا آيا آھيو. مان ڄاڻان ٿو ته توھان کي منھنجي پگهار وڌائڻ جو ڪڏھن به خيال ناھي آيو، جڏھن ته پنھنجون پگهارون مسلسل وڌائيندا رھو ٿا. بھرحال، ھاڻي مان پنھنجي دلچسپي وڃائي ويٺو آھيان، ان لاءِ استعيفا ڏئي رھيو آھيان. جيڪڏھن مان ۽ منھنجو ڪٽنب بک وگهي مري به وياسين ته اسان جا روح پوري عمر توھان کي ڊيڄاريندا رھندا...“ ھن ڪاغذ کي ويڙھي لفافي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ان مٿان مئنيجر جي ايڊريس لکي، کنئور سان ان کي بند ڪري ڇڏيائين. ھو پنھنجي سيٽ ڇڏي مئنيجر جي سامھون اچي بيٺو. مئنيجر روايتي انداز ۾ لفافو ورتو ۽ ان کي ميز تي رکي ڇڏيائين.

”وينڪٽ رائو،“ مئنيجر ڳالھايو، ”پڪ اٿم ته اھا ڳالھ ٻڌي تون سرھائي محسوس ڪندين ته اڄ اسان جي آفيسر ملازمن جون پگهارون وڌائڻ جي سوال تي ڏاڍو غور ۽ فڪر ڪيو آھي، ۽ مون کيس تنھنجي پگهار ۾ پنجن روپين جي اضافي جي سفارش ڪئي آھي. جيئن ته اڃا تائين اھڙو ڪو حڪم نامو جاري ناھي ٿيو، جنھن لاءِ ان ڳالھه کي في الحال پاڻ تائين محدود رکجان.“ وينڪٽ رائو ھڪدم لفافي تي ھٿ رکيو ۽ ان کي واپس پنھنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو.

”ڇا جو خط آھي؟“

”مان پنھنجي اڌ ڏينھن جي موڪل جي درخواست لکي ھئي سائين، پر مان سمجهان ٿو ته... ”تون گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ پندرھن ڏينھن تائين ڪنھن به قسم جي موڪل نه ٿو ڪري سگهين.“

”جي سائين، مان سمجهي سگهان ٿو. ان جي ڪري ئي مان پنھنجي درخواست واپس وٺي رھيو آھيان.“

”چڱو ڪيئي. ڀلا اھا اٺ ڏھن واري غلطي ملي؟“

”مان ووئچرن کي جانچيان پيو سائين. مان ان کي ڪلاڪ جي اندر ڳولي لھندس...“

رات جا نو ٿيا ھئا ته ھو گهر واپس موٽيو. شانتا ته ساجهر ئي سمھي پئي ھئي. سندس زال ڳالھايو، ”ڇوڪريءَ ته پنھنجو فراڪ به تبديل نه ڪيو، ان يقين سان ته تون ڪنھن مھل به اوچتو گهر پھچي کيس سئنيما وٺي ويندين. ھن ويچاريءَ مشڪل سان ئي ڪو مانيءَ جو ڳڀو کاڌو ھوندو ۽ وڏي ڳالھه ته ڪپڙن ۾ گهنج پوڻ جي خوف کان ھوءَ ليٽڻ کان به نابري واري ويٺي ھئي...“

وينڪٽ رائو جي دل درد سان تڏھن دکي پئي جڏھن ھن پنھنجي ڌيءُ کي اگهور ننڊ ۾ ستل ڏٺو جنھن کي گلابي پوشاڪ پھريل ھئي، منھن تي پائوڊر مکيل ھيو ۽ وارن جي چوٽي ٺھيل ھئي. ”ڇونه مان کيس رات واري شو ۾ وٺي وڃان؟“ ھن ننڊ مان اٿارڻ ڪارڻ کيس آرام سان ڌونڌاڙيندي چيو، ”شانتا، شانتا.“ ڇوڪريءَ ننڊ ۾ اھڙي قسم جي خلل پوڻ سبب تنگ مزاجيءَ ۾ پنھنجي لت کي ھوا ۾ اُلاريو. ھن جي ماءُ چپن ۾ ڀُڻڪي، ”ھن کي ننڊ مان نه جاڳاءِ.“ ۽ کيس پٺيءَ تي ٿڦڪيون ڏئي ٻيھر سمھاري ڇڏيائين.    

وينڪٽ رائو ڪجهه دير تائين پنھنجي نياڻيءَ کي ارمان وچان ڏسندو رھيو. ”مان نه ٿو ڄاڻان ته ھن کي گهمائڻ لاءِ ڪڏھن ٻاھر وٺي ويندس... ڇا توکي خبر آھي ته ھو منھنجي پگهار وڌائي رھيا آھن....“ ھن روئڻھاڪي آواز ۾ ٻڌايو.

 

سنڌي ادبي بورڊ پاران ٻارڙن جو رسالو

 

 

هنري سلاسر     (عالمي ادب)

شگفته شاهه

 

 

 

پرولي

 

هن جو رڌڻو ڪنھن سائنسدان جي تجربه گاهه لڳندو هو يا ڪنھن جمبوجيٽ جي اوزارن  جو سلسلو هر پاسي ڊائل، سوئيون ۽ والوَ نظر پيا ايندا هئا. اُهي شيون ضرورت مطابق باهه جي توَکي گهٽائڻ وڌائڻ لاءِ هيون. رڌڻي جو هڪ حِصو لائبريري وانگر هو. جتي هڪ سنھي ۽ چار فوٽ اوچي الماريءَ ۾ ننڍا ننڍا خانا ٺھيل هئا. جن ۾ خوبصورت ڪارڊن تي دنيا جي سوادي کاڌن جا آزمايل نُسخا لکيل هُئا. ڪارڊن جي ترتيب ايتري ته سُٺي هئي، جو ضرورت پوڻ تي اک چنڀ ۾ ڏسي سگهبا هئا.

ورجينا، علائقي جي سڀني کان سُٺي دڪان تان گوشت وٺندي هئي. ڪاسائي، ورجينا کان ڊڄندو هو. ٻوٽيون غلط وڍجي ويون يا وزن ۾ ٿورو به فرق ايندو هو، ته هوءَ اهو گوشت سندس مُنھن تي اڇلي هڻندي هئي. ڪاسائي اهو سڀ ڪجهه ان ڪري سَھي ويندو هو، جو ورجينا کيس پنجويھه سيڪڙو وڌيڪ قيمت ڏيندي هئي. هو ورجينا جي لاءِ گوشت ٺاهڻ وقت هڪ جوهري نظر ايندو هو. چونڊي چونڊي هن لاءِ بھترين گوشت ڪڍي، ان جي صفائي انتھائي ڌيان سان ڪري، ٻوٽين کي هم وزن رکي ڏيندو هو، ڄڻ ته هار لاءِ هڪ جهڙا هيرا تراش ڪيا ويا هُجن.

ورجينا جي گهر واري جو نالو ليري هو. ليريءَ جي ماءُ کاڌو پچائڻ ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ هئي. اها ليريءَ جي دعويٰ هئي. ليري رات جو دير سان دفتر مان ايندو هو، ته ورجينا دروازي تي سندس پُر جوش آجيان ڪندي هئي ۽ ليري به کيس پيار سان موٽ ڏيندو هو. ورجينا پنھنجن هٿن سان هن جو ڪوٽ لاهيندي هُئي. ليري پوءِ غسلخاني ۾ گهڙي ويندو هو. کيس صفائيءَ جي عادت نه پر هير هئي. مُنھن کي مَھٽي مَھٽي ڌوئيندو هو. غسلخاني مان  اهڙا آواز ايندا هئا، ڄڻ ته هو ڪنھن مَھا مڇيءَ سان ملهه وڙهندو هُجي. وهنجي سھنجي هو کاڌي واري ميز تي اچي ويھندو هو ۽ ڏاڍي اُميد ڀري نگاهن سان رڌڻي جي دروازي کي تڪيندو هو. ورجينا پليٽون کڻي رڌڻي مان نڪرندي هئي.

هوءَ کاڌو تيار ڪرڻ ۾ چار ڪلاڪن جو وقت ڏيندي هئي، هر شيءِ کي هوءَ باهه جو ايترو درجو ڏيندي هئي، جيترو ضروري هجي. هڪ ڊگري گهٽ نه هڪ ڊگري وڌ اها حالت کاڌو رڌڻ جي به هئي. کيس خبر هئي ته ڪھڙي شيءِ ڪيتري دير ۽ ڪيتري گرميءَ جي درجي تي رڌڻ گهرجي. ران جو گوشت هڪ ڪلاڪ، چوئيتاليھه منٽ ۽ پنجويھن سيڪنڊن تائين، هڪ سؤ  پنجاهه ڊگريءَ جي گرمي پد تي پچندو هو. ڪھڙي مجال جو چوويھه يا ڇويھه سيڪنڊ ٿي وڃن. اهڙي طرح گرميءَ جو درجو هڪ سؤ ايڪونجاهه يا اوڻونجاهه ڊگري نه ٿو ٿي سگهي.

سندس شاديءَ کي اٺ مھينا ٿي ويا هئا. هر رات جي معمول مطابق ورجينا ڏاڍي سگهڙائپ سان ميز تي کاڌو رکيو. ان ڏينھن هن پنھنجي گهر واري لاءِ اسٽو تيار ڪيو هو. گوشت جون ٻوٽيون ٿالھيءَ ۾ نگينن وانگر جَرڪي رهيون هيون. کنڀين جي هيٺان گجر جا ڳترا جهاتي پائي رهيا هئا. پورو ڪمرو کاڌي جي موهه پيدا ڪندڙ خوشبوءَ سان واسجي ويو هو. ورجينا ليريءَ جي اڳيان خالي پليٽ رکي ڇڏي ۽ سندس مُنھن تي نظرون کپائي ڇڏيون. سندس گُلابي ڳَل باهه جي تپش سبب تپي رهيا هئا. ليريءَ پليٽ ۾ اسٽو ڪڍي پھريون گرهه وات ۾ وجهي آهستي آهستي چٻاڙڻ لڳو.

ورجينا ڏاڍي چاهه مان پڇيو.

”ڪيئن آهي کاڌو“

”تمام سٺو!“ ليريءَ مختصر جواب ڏنو.

”ڪيترو سُٺو؟“

”ايترو سَوادي جو ڪنھن بادشاهه کي پيش ڪرين ها، ته هو توکي هيرن ۾ توري ڇڏي ها.“

بس؟

”اوهه ڊارلنگ! ڇا وري ساڳيو بحث  ٿيندو؟“

ها!“ ورجينا مضبوطيءَ سان چيو.

”ٻڌ!“ ليريءَ چيو. آءٌ توسان ڪوڙ به ڳالھائي ٿو سگهان، پر تون منھنجي ڳالھه جو اعتبار نه ڪنديئن.“

”گهمائي ڦرائي ڳالھه ٿو ڪرين،“ ورجينا مايوسيءَ مان چيو.

صاف چئي ڇڏ ته منھنجو ٺاهيل اسٽو ايترو سُٺو ڪونھي، جيترو سُٺو تنھنجي ماءُ ٺاهيندي هئي.

ليريءَ چيو.

تنھنجي رڌل اسٽو جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ آهي، پر منھنجي ماءُ جي رڌل کاڌن ۾ هڪ خاص خوشبو هُئي، جيڪا تنھنجن رڌل کاڌن ۾ ڪو نه هوندي آهي.“

”مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي.....“ ورجينا جو آواز ڳوڙهن هاڻو ٿي ويو.

”آءٌ بھترين گوشت، صاف صفا ڀاڄيون ۽ مھانگا مصالحا خريد ڪندي آهيان. رڌڻي ۾ ڪلاڪن تائين لڳي پئي هوندي آهيان. مون وٽ جديد چلھا ۽ مشيني شيون آهن ۽ مشھور کاڌن جا نسخا آهن. ان کان پوءِ به منھنجن کاڌن مان اهڙو واس نه ٿو اچي؟ آخر تنھنجي ماءُ کاڌن ۾ ڪھڙي خوشبوءِ ڪھڙو عطر وجهندي هئي؟

”ڪاش! مون کي خبر هجي ها “ ليريءَ چيو.

”آئون ته بس اهو ڄاڻان ٿو، ته منھنجي ماءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ مون کي وري اهڙو کاڌو نصيب نه ٿيو. خير اها ڳالھه ڇڏ، مون کي تنھنجا ٺاهيل کاڌا تمام گهڻا پسند آهن.

”جيستائين منھنجي ماءُ جو سوال آهي، ته ان جهڙيون عورتون دنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن ئي جنم وٺنديون آهن.“

”ليري ڊيئر! آءٌ هر معاملي ۾ تنھنجي دل کٽڻ ٿي چاهيان. مون کان اهو برداشت نه ٿو ٿئي، ته ڪنھن هڪ معاملي ۾ تنھنجي ماءُ مون کان مٿانھين هجي.... سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ به.“

اهو سلسلو ڪيترن مهينن کان هلندو رهيو. ورجينا کي اهوئي هو، ته کاڌو رڌڻ ۾ پنھنجي مرهيات سَس کي ضرور هارائيندي. هوءَ نوان منصوبا ٺاهيندي هئي ۽ نوان تجربا ڪندي هئي، ايستائين جو پنھنجن کاڌن ۾ مشرقي ٽوٽڪا به مھارت سان استعمال ڪندي هئي. ان ۾ ڪو شڪ ڪو نه هو ته هوءَ تمام گهڻا سوادي کاڌا رڌيندي هئي، جيڪي ليري شوق سان پيٽ ڀري کائيندو هو. پر جڏهن به کاڌن رڌڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ جو موقعو ايندو هو، ته ڳالھه سدائين کاڌي جي خاص ”هڳاءُ“ تي اچي ختم ٿيندي هئي.

هڪ ڏينهن ورجينا مارڪيٽ مان سامان وٺي رهي هُئي، ته اوچتو کيس پنھنجي سرتي مارٿا جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو.

”ورجينا! تون؟ ڪٿي آهين اڄڪلھه. تنھنجي گهرواري توکي خواب گاهه ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟“

ورجينا مُرڪي جواب ڏنو.

”خواب گاهه! ۾ ته نه البت رڌڻي ۾.“

”اڙي!...... “ مارٿا عجب مان چيو.

”آءٌ ته ليريءَ کي اهڙو ماڻھو ڪونه سمجهندي هئس. هن ايڏي سھڻي گُڏيءَ کي راڌو بڻائي ڇڏيو آهي!؟

پوءِ هن هڪ اونھو ساهه کڻندي وري چيو.

”مرد وڏا ظالم هوندا آهن، ظاهر ۾ سڌا سادا پر اندران ڏاڍا سياڻا سندن اصليت شاديءَ کان پوءِ کُلندي آهي.

”نه... نه.... مارٿا! منھنجو ليري اهڙو ڪونھي.“

”پنھنجي حالت ته ڏس! تون ته ڏاڍي نفاست پسند هوندي هئينءَ! هاڻي ڇا ٿي ويو اٿئي؟ هلو! ڪٿي ويھي ٿا ڳالھايون. ان کان پوءِ مون کي پنھنجا وار سيٽ ڪرائڻا آهن.“

ٻئي سرتيون ويجهڙائيءَ واري ريسٽورينٽ ۾ ويون هليون.

ورجينا گهر پھتي ته شام ٿي چڪي هئي، هوءَ چُلِھه کي پينجيتاليھن جي ڊگريءَ تي رکي چڪي هئي. سندس اکين ۾ اڄ هڪ جارحانه چمڪ هئي. ليريءَ جي خوشنصيبي هئي، ته هو جلدي گهر نه آيو هو. نه ته اڄ ته ورجينا جيئن ئي گهر ۾ قدم رکي ها، ته گهر جنگ جو ميدان بڻجي وڃي ها. اڄ مارٿا جي ڳالھين کيس شير بڻائي ڇڏيو هو. ورجينا هٿ منھن ڌوئڻ جي لاءِ غسلخاني ۾ وئي. جتي ليريءَ جا ڪپڙا وکريا پيا هئا. ورجينا کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. مارٿا ٺيڪ چيو هو. مرد ان قابل ڪونه هوندا آهن، جو کين خوش رکڻ لاءِ جان ڏني وڃي. خاص طور تي انھن جي لاءِ جيڪي عورتن جي ڪاوشن کي ساراهڻ جي صلاحيت به نه رکندا هجن.

ليري گهر آيو، ته ورجينا سَيون وڍي اُٻارڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ وجهي رهي هئي. سندس موڊ تمام خراب هو. ليريءَ تمام محتاط لهجي ۾ چيو، هيلو ڊارلنگ! اڄ مون ڪيترائي ڀيرا فون ڪيا، پر ڪنھن به فون نه کنئي ڇا فون خراب آهي؟

”آءٌ ٻاهر ويل هئس.“

”ٻاهر ڪٿي؟“ ليريءَ نرم لھجي ۾ پڇيو.

”ڪٿي به هئس، توکي ڇا؟ ڇا آءٌ هڪ هڪ پل جي رپورٽ پيش ڪريان؟“

”نه ..... نه...... منھنجو اهو مطلب ڪونه هو! ليري ورجينا کي عجب مان ڏسندي پوئتي هٽي ويو.“

”آءٌ شيري پئي ٺاهيان. انھن کي بار بار چکڻو پوندو آهي، نه ته سيون ڪڙيون ٿي وينديون  آهن.“ ورجينا سختيءَ سان چيو.

ليري هٿ منھن ڌوئڻ لاءِ هليو ويو. ورجينا الماڙي کولي ٿانوَ ڪڍيا. ٽماٽن جي چٽڻي چُلِھه تي رکي، اتفاق سان چُلِھه جو تئو وڌيڪ هو، ان ڪري چٽڻي سڙي وئي. ورجينا تڪڙ ۾ چُلِھه وِسائي ۽ سڙيل چٽڻيءَ تي سيون ڄمائڻ لڳي. اهو ڪم ٿي ويو، ته لت هڻي رڌڻي جو دروازو کوليائين ۽ کاڌي واري ميز تي پھتي.

اڄ هو ليريءَ جي سامھون ويٺل نه پر بيٺل هئي. هن سوچيو ته ليريءَ جي وات مان هڪ به تنقيدي لفظ نڪتو ته هوءَ خاموش نه رهندي.

ليريءَ سڙيل چٽڻيءَ هيٺان چمچو وجهي ٻه ٽي چاٻا ڏنا. ورجينا جون نظرون هن جي چهري تي کُتل هيون اوچتو ليريءَ رڙ ڪئي.

ورجينا!

”ڇا ڳالھه آهي؟ ورجينا ڪاوڙ مان چيو.“

”تو اڄ کاڌي ۾ ڇا ملايو آهي؟ ڊارلنگ! اڄ تون ڪامياب ٿي وئين..... سؤ سيڪڙو ڪامياب.“

”ڪامياب! ورجينا کي ڳالھه سمجهه ۾ نه آئي.“

”ها! اڄ ته تو ڪمال ڪري ڇڏيو آهي، بلڪل منھنجي ماءُ جي پچايل کاڌن جهڙو کاڌو آهي. ساڳيون هڳاءُ ۽ ساڳيون مزو آهي. هن کاڌي ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، جيڪو منھنجي ماءُ جي رڌيل کاڌن ۾ هوندو هو.“

ورجينا سُک جو ساهه کنيو ۽ ليريءَ جي سامھون واري ڪُرسيءَ تي ويھي رهي. هوءَ سوچي رهي هئي، ته پنھنجي حسن ۽ تازگيءَ کي قائم رکڻ لاءِ ٻنپھرن جو سُمھڻ تمام ضروري آهي. هاڻي هوءَ روزانو اطمينان سان سُمھندي. ڇو ته آخر کاڌي کي ساڙڻ لاءِ وقت ئي ڪيترو ٿو لڳي؟ اڄ هن پرولي سَلي ورتي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org