سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2024ع

باب:

صفحو:11 

مير حاجن مير

 

 

 

سنڌيءَ ۾ منظوم ڊرامي جي روايت جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس

 

ڪري، نه رڳو مشھوري ماڻي، پر هن يوناني ادب تي هڪ وڏي ڇاپ ڇڏي، جا صدين پڄاڻان پنھنجي ساخت زنده رکيو اچي.

سنڌي وڪيپيڊيا تي ڊرامي جي معنيٰ وصف، تعريف هن طرح لکيل آهي ته: ”ڊرامو يا ناٽڪ (Drama)، يوناني لفظ ’ڊرائو‘ يا ’ڊراءِ‘مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ’عمل‘ يا عمل ڪري ڏيکارڻ. ان کان علاوه ’آهل ڪرڻ‘ يا ’نقل ڪرڻ‘ (Imitation) جو لفظ به ڊرامي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.“ (سنڌي وڪيپيڊيا).

ساڳيءَ ريت وضاحت سان بيان ڪندي يونان جي عظيم فلسفيءَ ارسطو 3.85 قبل مسيح ۾ لکي ٿو ته: ”ڊرامو عمل جي نقالي، (Imitation of action) آهي.“ (ارسطو، 1992: 11).

ڪليٽن هملٽن (Clayton Hamilton) ڊرامي جي تعريف هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته: ”ڊرامو هڪ ڪھاڻي آهي، جيڪا اداڪارن ذريعي ڏسندڙن جي سامھون اسٽيج تي پيش ڪئي ويندي آهي.“ (هملٽن، 2020: 24).

  ”ڊرامو يوناني لفظ ’ڊرائو‘مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ ايڪٽ ڪرڻ آهي. هي اصل ۾ نظم جي هڪ صنف هئي، جا آهستي آهستي اهڙي اهميت حاصل ڪري وئي، جو خود هڪ فن بڻجي ويو. ڊرامو ٻين سمورن لطيف فنن کان اڳتي وڌي ويو ۽ يونان تي ايترو ڇانئجي ويو جو، ان جي ذڪر کان سواءِ يونان جي تاريخ اڌوري رهي ٿي.“ (الاهي، 2019: 22)

ڊرامي ۾ سماج اندر جيڪي وهي واپري ٿو، جيئن نيڪين، بدين، تڪليفن، اذيتن، خوشين، حالتن، واقعن، ريتن، رسمن، تھذيبن، چڱاين، لڱاين، شھنشاهن، وزيرن، حڪمرانن، لقائن جي حقيقتن کي بيان ڪيو ويندو آهي. ڪٿي ڪٿي لڪل ڳالھين کي به ڪردارن وسيلي ظاهر ڪيو ويندو آهي. شيڪسپيئر لکيو آهي ته: ”ڊرامو زندگيءَ جو عڪس آهي.“ (شيڪسپيئر، 2008: 28)

اوپيرا (Opera) :

’سنگيت ناٽڪ‘، ڊرامي جي هڪ اهم شاخ آھي جنھن کي انگريزيءَ ۾ اوپيرا (Opera)، ۽ سنڌيءَ ۾ ’سنگيت ناٽڪ‘ يا ’منظوم ڊرامو‘ چيو ويندو آهي. جنھن جا مڪالما نظم جي صورت ۾ آڻي، سُرن سان ڳائي وڄائي رقص ڪري موسيقيءَ سان اسٽيج تي پيش ڪيا ويندا آهن.

آن لائن سنڌي لغت ۾ اوپيرا جي معنيٰ آهي ته، ”باجي سان گڏ ناٽڪ، سنگيت ناٽڪ، ناچ گهر“ (سنڌي ڊڪشنري).

The Italian word opera mean’s “work” both in the sense of the labour done and the result produced the Italian word derives from the Latin word opera, a singular noun meaning “work” and also the plural of the noun opus.”(Oxford dictionary)

سنگيت ناٽڪ راڳ ۽ سنگيت تي ٻڌل هوندو آهي، سندس سڄي سٽاءَ ۾ ناچ، راڳ ۽ موسيقيءَ تي مبني شعر، قافيي ۽ مسجع کي ضروري سمجهيو ويندو آهي. نثر بدران نظم کي ترجيح ڏني ويندي آهي. مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته:

 ”ھن قسم جا ڊراما شاعريءَ ۾ هوندا آهن، انھن جو پلاٽ الميه يا مزاحيه ٿي سگهي ٿو. انھن ۾ موسيقي جو وڏو دخل هوندو آهي وقت سان گڏوگڏ نوان نوان تجربا ٿيا. هن ۾ قومي، سياسي، رومانوي، موضوع شامل ڪيا ويا. اڪثر ڪري هي ڊرامو ٽن ائڪٽن تي مبني هوندو آهي“ (ملاح، 2012: 62).

سنگيت ناٽڪ جي شروعات 1600 عيسويءَ ۾ يونان ۾ ٿي. پھرين يوناني ۽ لاطيني، لوڪ ڪھاڻين کي ’اوپيرا‘ لاءِ چونڊيو ويندو هو. سڀني سريلن، ايڪٽرن کي پنھنجا جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو. سنگيت ناٽڪ ۾ ڪردارن کان مڪالما چورايا ويندا ۽ موسيقي پڻ ڏني ويندي آهي. سنگيت ناٽڪ جي شروعات لوڪ ڪھاڻين ۽ ديوين، ديوتائن جي قصن سان ٿي.

سنگيت ناٽڪ جا خاص جزا:

آکاڻي، ڪردارنگاري، مڪالما، ڪشمڪش، موسيقي، ناچ، منظر ۽ پڄاڻي هوندا آهن. جنھن جا موضوع سياسي، سماجي، رومانوي، حب الوطني تي ٻڌل ۽ معاشرتي هوندا آهن. ڪردار ڪندڙ اهڙي نموني ڪردار کي پيش ڪندو آهي جو هو حقيقي ڪردار ٿي پوندو آهي. ڏسڻ وارو لطف اندوز ٿيندو آهي، حساس ڪردار تي ڏسندڙ روئي پوندو آهي ته مزاحيه ڪردار تي کلي کلي کيرو ٿي پوندو آهي. حقيقت ۾ سنگيت ناٽڪ عام ڊرامي کان مختلف ٿئي ٿو، جو شاعريءَ جي ڪري سندس ۾ ميٺاج پيدا ٿو ٿئي. قافيي ۽ رديف جي ڪري ان ۾ ترنم ۽ ردم اچي ٿو ۽ موسيقيءَ جي ڪري ان ۾ لرزش ٿي ٿئي، ڏسندڙ اهڙي ڊرامي کي گهڻو پسند ڪن ٿا.

قديم يونان فن، تاريخ، فلسفي، فلڪيات، علم، جاگرافي، سائنس ۽ ادب جو مرڪز رهيو آهي ۽ تھذيب ۽ تمدن جو شاهي هنڌ پڻ رهيو آهي، انسان جڏهن کان ڪجهه سمجهه وارو ٿيو ته، پنھنجي زندگي گذراڻ لاءِ جيڪا ڪار گذاري ڪئي، نچيو ڪُڏيو، ڳاتو، اٿيو ويٺو، سماج ۾ جو وهيو واپريو ۽ جو اکين سان ڏٺائين، ان کي قلمبند ڪيائين. ۽ پوءِ ان جي تقليد ڪيائين، جنھن کي ڊرامي جو روپ ڏنو ويو. ان جي هڪ شاخ 16صدي عيسويءَ ۾ سنگيت ناٽڪ (Opera) جي نالي سان نکري نروار ٿي.

سنگيت ناٽڪ جو اٽليءَ ۾ بنياد پيو، اتان پوري دنيا ۾ ٽڙيو ۽ پکڙيو. پھريون سنگيت ناٽڪ فرانس جي ليکڪ ’جي پيري‘ (J. Peri) جو لکيل ناٽڪ يوريڊس (Euridus) فرانس جي شھر فلارينسمج ۾ پيش ڪيو ويو.

سنگيت ناٽڪ جو، بروڪ دؤر 1600ع کان 1750ع تائين چيو وڃي ٿو. سنگيت ناٽڪ اٽليءَ، روم، جرمني، فرانس، اسپين، آمريڪا، هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ پنھنجو ڦھلاءُ ڪيو. جرمنيءَ ۾ ھينريچ شٽز (Heinrich Schutz)، فرانس ۾ بيپسٽسٽ لولي
(Jean-Baptiste lully)، ۽ اٽليءَ ۾ هينري پرسيل (Henry Purcell)، مٿين سڀني 17هين صديءَ ۾ سنگيت ناٽڪ جون روايتون قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنگيت ناٽڪ جو ڪلاسيڪل دؤر 1750ع کان 1830ع تائين چيو وڃي ٿو.

سنگيت ناٽڪ جي هن دؤر کي نشات ثانيه/ نئين جاڳرتا (Enlightenment movement) جي تحريڪ سڏيو وڃي ٿو. ارڙهين صدي ۾ اطالوي سنگيت ناٽڪ جو يورپ تي گهڻو تسلط جاري رهيو. اوپيرا سريا (Saria) سنگيت ناٽڪن جو معزز روپ هو، ڪرسٽوفو وليبلڊ گلڪ(Christoph Willibald Gluck)  1760ع ۾ پنھنجي سڌار سنگيت ناٽڪ سان هن جي مصنوئي بناوٽ خلاف رد عمل ظاهر ڪيو. 1800 صدي عيسوي جي آخر ۾ سنگيت ناٽڪ جي سڀ کان مشھور شخصيت وولف گانگ اماديوس موزرارٽ (Wolfgang Amadeus Mozart) هئي.

اوڻويھين صدي عيسويءَ ۾ جيو چينو روزيني، گيتيانوڊونيزيٽي (Gaetano Donizetti)، ونسنزويبليني، سڀني هڪ نئين انداز ۾ سنگيت ناٽڪ لکڻ شروع ڪيا، جنھن کي جرمن رومانٽڪ اوپيرا (German Romantic Opera) جو دؤر چيو وڃي ٿو. هن دؤر کي سنگيت ناٽڪ جو سونھري دؤر پڻ چيو وڃي ٿو. ان ئي صديءَ ۾ هندستان ۾ به سنگيت ناٽڪ پنھنجا پير پکيڙيا.

ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو ته: ”يونان ۽ هندستان ۾ اڄ به موسيقي ۽ رقص کي نه رڳو سماجي طور تي اُتم ۽ ممتاز سمجهيو ويندو آهي، پر ڌرمي طور انھن کي عبادت جي حيثيت حاصل آهي. هو پنھنجي ڌرمي رسمن ۽ پوڄا پاٺ ۾ سُر، سنگيت ۽ رقص کي انتھائي ضروري ۽ روحاني آنند جو ذريعو سمجهندا آهن. اهوئي سبب آهي، جو ادب ۾ منظوم ۽ نرتيه ڊراما (Opera and Dance Drama) سڀ کان پھرين انھن وٽ ئي ملن ٿا، ۽ انھن جو موضوع مذهبي، ديومالائي، قصا ۽ ڪردار آهن.“ ( لطيف،2017 :182)

سنگيت ناٽڪ جو ٽيون دؤر 1830ع کان 1900ع تائين چيو وڃي ٿو. هندستان 19صديءَ ۾ آهستي آهستي ديومالائي ۽ روايتي ڪٿائن، روايتي ڪردارن مان جند ڇڏائي نون لاڙن، نون خيالن جي رستي تي گامزن ٿيو. هندستان ۾ پھريون سنگيت ناٽڪ به هڪ فرانسسيءَ معرفت، اَوڌ جي تاجدار واجد علي شاھ جي درٻار جي زينت بڻيو. اهو سنگيت ڊرامو سنسڪرت زبان جو شاهڪار ’اندر سڀا‘ هو، جنھن کي سيد آغا حسن علي ’امانت لکنويءَ‘ 1850ع ڌاري نظم ۾ جوڙيو. ’اندر سڀا‘ کان پوءِ هندستان جي مختلف ٻولين ۾ جهڙوڪ: گجراتي، مرهٽي، تيليگو، اردو ۽ هندي ۾ پڻ لکيا ويا. جيڪي ان وقت ڊراما لکيا ويا، تن ۾ ڪثرت اهڙن سنگيت ناٽڪن جي هئي، جيڪي نظم ۽ سنگيت تي ٻڌل هئا.

”هندستاني ڊرامي وانگر سنگيت ناٽڪ ۾ به ديوين، ديوتائن، لوڪ ڪھاڻين، قصن، مذهبي پيشوائن، جي اڪثر اپٽار ڪئي ويندي هئي. (خانائي، 2012: 77).

منظوم ڊرامي جو فن ۽ گهاڙيٽو :

ڪنھن به صنف جوگهاڙيٽو هوندو آهي، ان گهاڙيٽي تحت ئي ان صنف کي قلمبند ڪيو ويندو آهي.” هيئت (form) ڪنھن به ادبي صنف جي ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان صورت، شڪل، ترتيب، جزا، بناوٽ کي هيئت چئبو آھي.“ (ملاح 2015: 365) سنگيت ناٽڪ جي هيئت ڪا مقرر ڪانھي، پر ان ۾ ڪٿي ڇھه سٽون ته ڪٿي ڏھ سٽون ڪٿي ويھه سٽون لکيون ويون آهن. مختلف ليکڪن مختلف هيئتون رکيون آهن. هن صنف لاءِ علم عروض يا ڇند وديا جي پابندي لازم هوندي آهي. پر سنڌ ۾ سنگيت ناٽڪ اڪثر علم عروض تي لکيا ويا آهن، جنھن سان گڏ ردم ترنم ۽ رواني پڻ رکي ويندي آهي. قافيو رديف ان نظميه ڊرامي جا اهم رڪن ھوندا آھن. هيءَ صنف دوهي ۽ مثنوي جي نموني اڪثر لکي ويندي آهي. دوهو توڙي مثنوي ٻن سٽن تي مشتمل آهن. سٽن جي آخر ۾ قافيو ۽ رديف هوندو آهي، ڪي شعر رديف کان سواءِ به لکيل هوندا آهن.

مثنوي:

کشوديم مثنوي شور شد و ما از وأب عدم چشم ديديم

ديديم که باقست شب، شب فتنه ها، غنويديم

 ( سرمد: 2020: 26)

دوهو:

فريد خاڪ نه ننديي! خاڪ جيڏ نه ڪوءِ

جيون ديا پيرا تلي، موئيا اُوپر هوءِ (فريد2020: 280)

سنگيت ناٽڪ :

بابا   باگو   ڪير   سڏائي!

ڪير ٿو تاج ۽ تخت سھائي!

مٿيون ٻئي سٽون رديف کان سواءِ آهن، جنھن جا قافيا سڏائي ۽ سھائي آهن.

باگي پنھنجي بات مٿي ڪئي،

محبت جي جنھن ذات مٿي ڪئي.

هي سٽون قافيي ۽ رديف جي گڏيل امتزاج تي بيٺل آهن، جنھن ۾ بات، ذات قافيا آهن ۽ ’مٿي ڪئي‘ رديف آهي.

مرڪي سونيءَ ڏانھن ڏٺائين

هر ٻي شيءِ تان هٿ کنيائين. (عاجز2004: 45)

دوهي ۽ مثنويءَ جي ٻن سٽن ۾ اڪثر مقصد پورو ٿي ويندو آهي، پر سنگيت ناٽڪ جو تسلسل جاري رهندو آهي. سنگيت ناٽڪ ڪٿي بيت، ڪٿي غزل، ڪٿي نظم، ڪٿي چئوسٽي، ڪٿي مثنوي، ڪٿي گيت ۽ ٻين صنفن جي هيئت ۾ پڻ لکيو ويو آهي. اسين سمجهون ٿا ته سنگيت ناٽڪ جي هيئت گيت جي ويجهو آهي. جيئن اياز جون هي سٽون آهن:

جِيئو جِيئو پِيئــــــــــــــو پِيئو!

ڇَنــــــــــــــن ڇَنــــــــــــــن ڇَنــــــــــــــن ڇَنن

ڪاري رات اٻھــــــــــــــرو ليئو!

ڇَنــــــــــــــن ڇَنــــــــــــــن ڇَنــــــــــــــن ڇَنن

ٽمڪي نيٺ وســــــــــــــامي ڏيئو!

ڇَنــــــــــــــن ڇَنــــــــــــــن ڇَنــــــــــــــن ڇَنن

پِيئو پِيئو، جِيئــــــــــــــو جِيئو!

ڇَنــــــــــــــن ڇَنــــــــــــــن ڇَنــــــــــــــن ڇَنن

ڇَن ڇَن، ڇَن ڇَن، ڇَن ڇَن، ڇَن ڇَن--

ڇَنــــــــــــــن ڇَنــــــــــــــن ڇَنــــــــــــــن ڇَنن

ڇَــــــــــــــن…… ڇَــــــــــــــن…… ڇَــن-

(اياز2008: 409)

سنڌيءَ جي سنگيت ناٽڪ جي سڀني لکندڙن جو اسلوب (style يا گفتگوءَ جو انداز مخلتف ۽ الڳ ٿلڳ آهي. سنڌيءَ جي سنگيت ناٽڪن ۾ شاندار اسلوب موجود آهي، جيڪو لکڻين کي منفرد ڪري بيھاري ٿو. مرزا قليچ بيگ جو اسلوب الڳ آهي ته شيخ اياز جو اسلوب الڳ، علي دوست عاجز جو اسلوب منفرد آهي ته ارجن شاد جو اسلوب پنھنجي بيھڪ مطابق وڻندڙ آهي. فياض ڏاهري جو اسلوب ملائم آهي ته انور ساگر ڪانڌڙي جو اسلوب دلڪش. صاف ظاهر آهي ته مزرا قليچ بيگ جهڙو اسلوب اياز جو نه ٿو ٿي سگهي، ۽ اياز جو اسلوب مرزا قليچ بيگ جهڙو نه ٿو ٿي سگهي. هر لکندڙ پنھنجي اسلوب جي رنگينيءَ سبب ئي مڃتا ماڻي ٿو ۽ سندس لکڻي سڃاڻپ بڻجي ٿي، جيڪا کيس صديون زندھ رکي ٿي.

 سنڌيءَ ۾ منظوم ڊرامي جي روايت:

برصغير ۾ قديم دؤر کان سنڌ فن، ناچ، مصوري، شاعري، خطاطي، نقاشي، تھذيب ۽ تمدن سان شاهوڪار رهي آهي. موهن جي دڙي مان مليل سمبارا (Sambara) ۽ ڪنگ پريسٽ (King Prest) ان جا گواھ آهن ته سنڌ جا ماڻھو فن جا قدردان ۽ ڄاڻو هئا، جن پنھنجي رهڻ لاءِ شاندار عمارتون ٺاهيون. ڊرينج سسٽم، گرائونڊ، ڪچن، پڻ ٺاهيو، سي اڄ تاريخي اتھاس ۾ هڪ تاريخ، تھذيب ۽ تمدن طور سڃاتا وڃن ٿا. سنڌ انھن خطن ۾ شمار آهي، جيڪي تاريخ، فن شاعري، مصوري، نقاشي، ادب طور اهم سڃاڻپ ۽ فن ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.

سنڌي سنگيت ناٽڪ ڏيڍ سؤ سالن جو سفر ڪري چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو پھريون سنگيت ناٽڪ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ’ليليٰ مجنون‘ جي نالي سان 1880ع ۾ جوڙيو. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڊرامي جي شروعات سنگيت ناٽڪ (Opera) سان ٿي. جڏهن ته دنيا ۾ ڊرامو پھرين لکيو ويو، سنگيت ناٽڪ پوءِ لکيو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ سنگيت ناٽڪ پھرين ۽ ڊرامو پوءِ لکيو ويو.

ليليٰ مجنون گجراتي ٻوليءَ جي مشھور ڊراما نويس نوشيروانجھي مھر وانجهي ’رامجي‘ جو تخليق ڪيل هو، جنھن کي شيخ محمود ’احمد رونق‘ بنارسيءَ هندي زبان ۾ آندو، جنھن تان مرزا قليچ بيگ سنگيت ناٽڪ جي روپ ۾ آندو.

”1880ع ۾ مرزا قليچ بيگ سڀ کان اڳ ۾ پھريون سنگيت ڊرامو ”ليليٰ مجنون“ لکي سنڌي ڊرامي جي روايت کي پارسي يا ٻين ٻولين جي ترجمي واري ٿئيٽر کان ڌار ڪيو. ليليٰ مجنون هڪ سنگيت ناٽڪ هو يعني ان جو سمورو اسڪرپٽ مقفيٰ هو.“ (صديقي، 2008: 140).

مراد علي مرزا لکي ٿو ته: ”ليليٰ مجنون حقيقت ۾ منظوم ڊرامو آهي، جنھن جا ڪردار نظم ۾ ڳالهائين ٿا ۽ مختلف راڳڻين ۾ غزل، گيت ڳائن ٿا. ان لحاظ کان اهو سنگيت ناٽڪ (Opera) آھي.“ (مرزا، 2020: 18).

”سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جو علمبردار مرزا قليچ بيگ ئي آهي، جنھن پھريون ناٽڪ ’ليليٰ مجنون‘
1880ع ۾ لکيو ۽ سمورو هندي ڏوهيڙن جي طرز تي لکيل هو.“ (ملڪاڻي، 2020: 23) مرزا قليچ بيگ پنھنجي پھرئين سنگيت ناٽڪ ليليٰ مجنون جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته:

”پھرين هڪڙو خيالي ناول ٺاهيم جنھن جو نالو ’دلارام‘ رکيم. ٻي قسم مان نثر وارو ناٽڪ ’خورشيد‘ لکيم، باقي ٽئين قسم جو ڪتاب يعني راڳ ۾ ناٽڪ، سو هي ’ليليٰ مجنون‘ ڪتاب ٺاهيم. اهو اصل هنديءَ ۾ هو مون سنڌيءَ ۾ لکيو آهي. مشڪلاتن ۾ قصي کي دلچسپ ڪرڻ لاءِ جيترو مون کان ٿي سگهيو آهي اوترو مٿو هنيو اٿم، اڃان مون کي يقين آهي ته اهو پھريون نمونو آھي. تڏهن پڙهندڙ عيب چيني ڪندا ۽ اصلاح جي ڪوشش ڪندا ۽ انھي نموني تي بھتر ڪتاب لکڻ جي تجويز ڪندا.“ ( بيگ، 2020 : 85).

سنڌ ۾ سنگيت ناٽڪ ان وقت ايترو پکڙجي نه سگهيو، نه ئي پنھنجا پير پختا ڪري سگهيو. سنڌ ۾ ان وقت ڊراما ايڪٽرن جون تنظيمون يا ڊرامئٽڪ سوسائٽيون نه هيون. مرزا قليچ جي ڊرامن کان اڳ ۾، هندستاني ڪمپنيون سنڌ ۾ اچي ڊراما پيش ڪنديون هيون. جن ۾ پارسي وڪٽوريا ناٽڪ منڊلي، الفريڊ، گهيٽي ناٽڪ ڪمپني، کاٽائو ناٽڪ ڪمپني ۽ وانڪا نيئر ڪمپنيءَ جا ايڪٽر ڊراما اچي پيش ڪندا هئا. هي ڪمپنيون شيڪسپيئر جا ڊراما پيش ڪنديون هيون. آهستي آهستي سنڌ ۾ ناٽڪ منڊلين جو رواج پيو. ڊاڪٽر محمد يوسف پنھور لکي ٿو ته: ”انھي کان سواءِ ڪي سنڌي ناٽڪ ڪمپنيون جهڙوڪ: جمعدار (يا حيدرآباد جي ڪاسائين جي ڪمپني) ’جميلان‘۽
’راضل‘ پڻ وجود ۾ آيون. جميلان ۽ راضل ڪمپنين ڪراچيءَ ۾ نيپيئر روڊ تي پنھنجا ٿئيٽر قائم ڪيا هئا، اُهي ڪمپنيون شروعات ۾ آغا حسن عليءَ جو ’اندر سڀا‘ نالي مشھور راڳ- ناٽڪ (Opera) ۽ پوءِ چند ڇپيل ناٽڪ جهڙوڪ: ’راجا اِندر‘، ’خدا دوست‘،
’خوبصورت بلا‘، ’هرش چندر‘، ’ليليٰ مجنون‘،’شيرين فرهاد‘ ۽ شڪنتلا وغيره. پيش ڪنديون هيون“
 (پنھور2020: 48).

سنڌي ٻوليءَ جو پھريون اصلوڪو لکيل سنگيت ناٽڪ، مرزا قليچ بيگ جو ئي ’ليليٰ مجنون‘ آهي. سنڌيءَ ۾ سنگيت ناٽڪ جو بنياد مرزا قليچ بيگ ئي رکيو. ان سڀ کان پھرين ڪوشش ڪئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سنگيت ناٽڪ لکجن، جڏهن ته ان وقت هندستان ۾ سنگيت ناٽڪ گهڻا لکيا ويندا هئا ۽ سنڌ ان وقت بمبئي جي پريزيڊنسي هيٺ هئي. پر سنڌيءَ ۾ ڪو به سنگيت ناٽڪ نه پئي لکيو ويو، مرزا قليچ بيگ سنڌي سنگيت ناٽڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪوشان رهيو. ائين ئي آغا غلام نبي هڪ سنگيت ناٽڪ ”دنيا دورنگي“ 1914ع ۾ لکيو جو پڻ شايع ٿيو. ان جي مطالعي ۽ تحقيق کانپوءِ معلوم ٿيو ته اهو ڊرامو نثر ۽ نظم تي مبني هو، ان کي مڪمل سنگت ناٽڪ نه ٿو چئي سگهجي. مرزا قليچ بيگ ٻيو سنگيت ناٽڪ ”فرهاد ۽ شيرين 1923ع ۾ لکيو. مرزا صاحب ٽيون سنگيت ناٽڪ بدر منير ۽ بينظير“ 1927ع ۾ لکيو. مرزا صاحب جا سنگيت ناٽڪ ”فرهاد ۽ شيرين“ ۽ بدر منير ۽ بينظير“ چپجي نه سگهيا، پر قلمي صورت ۾ ملن ٿا. ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ پنھنجي مقالي ”مرزا قليچ بيگ ۽ ٻيا سنڌي سنگيت ناٽڪ“ ۾ مرزا قليچ بيگ جي هڪ ڊرامي ”شھريار ۽ شھربانو“ کي سنگيت ناٽڪ قرار ڏنو آهي، پر مطالعي ۽ تحقيق کان پوءِ معلوم ٿيو ته مرزا صاحب جو ”شھريار ۽ شھربانو“ ناٽڪ نثر ۽ نظم جي امتزاج تي لکيل آهي، ان کي مڪمل سنگيت ناٽڪ نه ٿو چئي سگهجي. سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ سنگيت ناٽڪ جي صنف طرف هڪ وک کنئي ۽ شيخ اياز، قليچ بيگ جي کنيل وک کي تڪميل تي پھچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ليلارام نرسنگهداس جو منظوم ڊرامو ”هڪڙي رات“ (1936ع) ۾ لکيو پر هي ناٽڪ به نثر ۽ نظم جي امتزاج تي جوڙيل آهي ان کي مڪمل سنگيت ناٽڪ چئي نه ٿو سگهجي. ايڇ سي بلي جو ’آڌي جو انصاف‘ (1942ع)، لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا ٻه منظوم ناٽڪ ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ ۽ ’مومل راڻو ‘(1969ع) ۾ لکيا جيڪي اسٽيج ته ٿيا پر شايع نه ٿي سگهيا. ائين ايازَ ’مندن جو منڊل‘ لکي سنڌي سنگيت ناٽڪ جا پير پختا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اياز ’مندن جي منڊل‘ کان پوءِ ’دودي سومري جو موت‘ (1970ع)،
’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ 1970ع، ۽ ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ (1986ع)، ۾ شاندار سنگيت ناٽڪ لکيا. سندر بٽاڻي جو ناٽڪ ’بنواس‘ (1986ع) ۾ ڇپيو، مطالعي ۽ تحقيق کان پوءِ معلوم ٿيو ته هي ناٽڪ نثر ۽ نظم جي گڏيل امتزاج تي ٺھيل آهي. جنھن کي مڪمل سنگيت ناٽڪ نه ٿو چئي سگهجي. اياز قادريءَ ’مومل راڻو‘  (1957ع)، ارجن شاد ’ڏاهيون ڏک ڏسن‘ (1960ع)، سراج ’تنھنجي تند تنوار‘ (1964ع)، اعجاز منگيءَ ’مڪليءَ مٿان وڄ‘ (1989ع)، اياز، سنڌي قوم ۽ ڏاهو، نعمت کھڙو، علي دوست عاجز جو ’سوني باگو (2004ع)‘، فياض ڏاهري جو ’ڪبوتري‘  (2005ع) اياز امر شيخ جو’آزادي‘، علي دوست عاجز جو ٻيو منظوم ڊرامو ’ڪونجان‘ (2018ع)، ارشاد ڀٽيءَ جو سنگيت ناٽڪ ’ليلان چنيسر‘ (2018ع)، انور ساگر ڪانڌڙي جو ’جهانسيءَ جي راڻي، (2021ع)‘ سڪيدهيڪل سومري جو ’دانيا ۽ درويش‘ (2023ع)، مير حاجن مير ”منڇر“ (اڻڇپيل“، سرمد چانڊيي ”مير مرتضيٰ ڀٽو“ (اڻڇپيل)، منور هاليپوٽو ”راجا ڏاهر“ (اڻ ڇپيل) ۾ سنگيت ناٽڪ لکي سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو.

سنگيت ناٽڪ جي اوسر ۽ ارتقا ۾ مرزا قليچ بيگ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ شيخ اياز اُن صنف کي تڪميل تي پھچايو. ائين ئي سنڌي ادب ۾ هڪ صنف سنگيت ناٽڪ جو واڌارو ٿيو، جو سلسلو هلندو رهي ٿو. جديد سنڌي ادب ۾ کوڙ سارا ليکڪ ان صنف جي واڌاري جي لاءِ ڪوشان آهن ۽ سنگيت ناٽڪ لکجي پيو.

سنگيت ناٽڪ هن وقت تائين جيڪي لکيا ويا آهن، انھن مان صرف ڪي ٿورا سنگيت ناٽڪ اسٽيج ٿي سگهيا آهن. مرزا قليچ بيگ جو سنگيت ناٽڪ ’ليليٰ مجنون‘ (1980ع) ۾ اسٽيج ٿيو، 100 سالن تائين هي سنگيت ناٽڪ اسٽيج نه ٿي سگهيو هو. هن وقت تائين اسان کي اُوڻيھهَ سنگيت ناٽڪ لکيل ملن ٿا. جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنگيت ناٽڪ کي اسٽيج تي ڪرڻ وارن ايڪٽرن جي کوٽ آهي نه ته سنگيت ناٽڪ ادب ۾ خاصي جاءِ والاري وڃي ها. سنگيت ناٽڪ هڪ رسيلي ميٺاس، ترنم، رديف، قافيي، موسيقيءَ سان ڀريل صنف آهي جنھن جا رنگ روپ، ڪردار مڪالما، موضوع، دلڪش ۽ احساسن سان ٽمٽار دل تي جلد اثر ڪندڙ ٿين ٿا. سنگيت ناٽڪ کي شاعريءَ وانگر گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ هيءَ صنف پابند شاعري جي هڪ صنف آھي، جو هن ۾ شاعريءَ واريون سڀئي خوبيون نمايان آهن، شاعري سماج ۾ گهڻي مقبول ۽ پسند ڪئي ويندڙ ادب جي صنف آهي.

2.4 منظوم ڊرامي، عام قصي ۽ سانگ ۾ فرق:

سنڌ ۾ قديم دؤر کان وٺي لوڪ ادب ۾ سانگ، مناظرا، ۽ لوڪ قصا، ميلن ملاکڙن، شادين مرادين، مذهبي ڏهاڙن ۽ خاص موقعن تي پيش ٿيندا رهيا آهن. سانگ، مناظرو، لوڪ قصو هاڻ پراڻي روايت ٿي ويو آهي. عشقيه داستانن چوڻ جو پڻ رواج گهٽجي ويو آهي، سنگيت ناٽڪ آهي ته ٻاهرين صنف پر سنڌ ان کي پنھنجو ڪري ورتو آهي.

سانگ ( Mimm):

سنڌي لوڪ ادب ۾ رومانوي داستان سھڻي ميھار، عمر مارئي، سسئي پنھون، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سوني باگو، نثر ۽ نظم ۾ ملن ٿا. نظم ۾ ملندڙ ڪي لوڪ داستان، قصا، سنگيت ناٽڪ سان ملندڙ جلندڙ آهن، جن کي سانگ (mimm) چئجي ٿو.

”سانگ سنڌ جو ڊرامو آهي، جنھن جي شروعات آڳاٽي وقت کان ٿي. مڱڻهار، ڀٽ، شيدي ۽ ٻيا خاص حرفتي ۽ هنرمند گروھ شادين ۽ محفلن ۾ سانگ وجهندا هئا، جنھن ۾ مختلف ڪردارن جا روپ اختيار ڪري، واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا هئا. هنرمند عورتون وري عورتن جي مجلس ۾ سانگ وجھنديون هيون.“ (بلوچ، 2021: 67).

”ڪي قدر يوناني اوپيرا (Opera) ۽ سنڌي سنگيت ناٽڪ ملن ٿا. اُهي آهن منظوم داستان يا وير گاٿا ڪال جا منظوم قصا. يعني پنھنجي سورمين، سورمن جا منظوم قصا. سنڌ جون تاريخي جنگيون ۽ انھن جا جوڌا انھن منظوم داستانن جا موضوع آهن. انھي لوڪ ادب جي شعرن جي ساخت اهڙي آهي، جو انھن کي ڀڃي، ڊائلاگ يا گفتي کي، آسانيءَ سان ڊرامائي شڪل ڏئي سگهجي ٿي. ٻي هڪ سنڌي صنف سنگيت ناٽڪ (Opera) جي ويجهوآهي، سا آهي ”سانگ“، هيئت جي لحاظ کان اها بلڪل سنگيت ناٽڪ جهڙي آهي، پر مواد جي لحاظ کان فرق آهي. سنگيت ناٽڪ ۾ موضوع گهڻو ڪري الميه (Tragedy) هوندو آهي، پر سانگ ۾ اهو طربيه (Comdey) هوندو آهي. ان فرق سان ”سانگ“ کي سنڌيءَ جو اوپيرا اوائلي صورت چئي سگهجي ٿو.“ (ڀٽي، 2009: 644)

مناظرو سنڌي لوڪ ادب جي صنف مناظرو اوائلي صنفن ۾ شمار آهي، جو پڻ نظميه ۽ اڪثر بيتن جي گهاڙيٽي تي مبني هوندو آهي. مناظرو دلي ۽ طالب جو، مناظرو سس ۽ نانھن جو، مناظرو ٽوپي ۽ پڳ جو، مناظرو فقير ۽ بخيل جو گهڻو مشھور آهن. مناظرن جو ڪتاب مرتب ڪندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته: ”مناظرن جو سٽاءُ ساڳي سانگ وارو، يعني ڊرامائي آهي. ڪي مناظرا ڄڻ ”هڪ مناظرا“ سانگ آهن، جن ۾ ٻه ڪردار هڪ ٻئي سان مخاطب ٿين ٿا ۽ آخر ٽيون ڪردار (امين، چڱو مڙس يا قاضي) داخل ٿي فيصلو ڪري ٿو. ڪي مناظرا ”ٻه منظر“ سانگ آهن. جن جي پھرين منظر ۾ ٻه ڌريون هڪ ٻئي جي مانھن مقابل ٿين ٿيون ۽ آخرڪار امين وارين ٿيون، جو موجود ڪونھي، ان بعد ٻئي منظر ۾ ڌريون ۽ امين گڏجن ٿا ۽ نبيرو ٿئي ٿو.“ (بلوچ، 2013: 70)

پر اسان اهو نه ٿا چئي سگهون ته، جيڪا شاعري تڪ بنديءَ تي هجي ۽ علم عروض يا ڇند وديا تي ٿوري گهڻي، قافيا پيمانيءَ تي پوري هجي، ان کي شاعري چئون. ڪتاب ’شعور، شاعر، شاعريءَ‘ جي ليکڪا لکي ٿي ته: ”اُن شيءِ کي شاعري نه ٿو چئي سگهجي، جا محض بحر وزن يا ڇند تي پوري هجي، يا جيڪا محض رديف قافيي جي بندشن ۾ قيد هجي ۽ محض ردم ۽ نغمگيءَ ۾ پوري هجي- يا وري جديد دؤر جي فئشن پٽاندر ننڍين وڏين سٽن جي ٽڪراٽن ۾ ورڇيل هجي. ان ڪري اسين پوري يقين سان چئي سگهون ٿا ته، ڪنھن به تحرير جي آسي پاسي گهڻو اڇو پنو ڇڏڻ سان اُها شاعري نٿي ٿي وڃي. ڪنھن به تحرير ”شعر“ بنجڻ لاءِ محض اهو ڪافي ناهي. ”شعر“ جي بنيادي گهرج ”شعور“ ئي آهي.
”شعور“ پوءِ هر شيءِ بخشي ٿو. ان ڪري ٻولي، لفظ، معنيٰ، وزن، احساس، جذبا، ڪيفيتون، فڪر، استغراق، وجدان ھر شيءِ اُن ۾ اچيو وڃي.“ (سحر 2008: 29,30)

قصو (Fabliou) سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪيترائي رومانوي عشقيه قصا نظميا ملن ٿا، پر انھن کي سنگيت ناٽڪ چئي نه ٿو سگهجي. عام قصي جا لوازمات پنھنجا آهن ته سنگيت ناٽڪ جا لوازمات پنھنجا آهن. فني فڪري گهاڙيٽي، اسلوب، جي حوالي سان عام قصي ۽ سنگيت ناٽڪ ۾ وڏو فرق آهي. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت جو مصنف مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته: ”قصي جو پلاٽ پيچيده ۽ منجهيل هوندو آهي. پر ان پيچيدگي ۾ دلڪشي هوندي آهي. قصي ۾ ماحول اجنبي ۽ اوپرو هوندو آهي، خيالي واقعن کان علاوه هن ۾ عجيب دنيا جهڙوڪ: ديو، پريون، ڪوھ ڪاف جي تخيل واري دنيا هوندي آهي. قصن جي ڪردار عشقيه رزميه سٺائي ۽ بدڪاري تي مشتمل هوندا آهن. قصن ۾ ڪردار هميشه مافوالفطرت (Metophysical) ھوندا آھن.“ (ملاح، 2015:)

سانگ، مناظري، عام قصي ۽ سنگيت ناٽڪ جي فارميٽ، ڪردار ۽ اسلوب ۾ پڻ فرق آهي. عام قصو هڪ منجهيل خيال هوندو آهي. جنھن جو سٽ سلجهائڻو پوندو آهي. مناظرو هڪ جهيڙو آهي، سانگ سنگيت ناٽڪ جي ويجهو آهي پر سنگيت ناٽڪ ناهي، سنگيت ناٽڪ جو خيال ڳوڙهو، مقصد، ڏک وارا ڪردار، بھادري وارا سبق ۽ مڪالما، گهرائپ وارا هوندا آهن. فن، فڪر سان ٽمٽار ڀريل ۽ ڪردار سورمين ۽ سورمن، جھونجھارن، عاشقن، وطن پرستن، سماجي شخصن، ۽ مختلف شخصيتن جا هوندا آهن. سنگيت ناٽڪ ۾ جو، اهم جز موسيقي آهي. سا قصي، سانگ، مناظري ۾ ناهي. ان ڪري سنگيت ناٽڪ مٿين صنفن کان الڳ آهي.

سنڌيءَ جي پھرئين منظوم ڊرامي ليليٰ مجنونءَ جو اڀياس:

سنڌي ٻوليءَ جو هاڪارو عالم، اديب، شاعر، ناول نگار، ڪھاڻيڪار، محقق، نقاد، شارح، ڊراما نويس، لغت نويس، گرامر نويس، سنڌيڪار، سنڌي ادب جي محسن شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ادب جي ميدان تي ڪيئي خوبصورت گل پوکيا. هن هر موضوع تي ڪيئي ڪتاب سنڌي ادب جي جھوليءَ ۾ وڌا، سندس ڪيل ادبي خدمتن تي هميشه سنڌ کي فخر رهندو آيو آهي.

هو ڪيترين ئي ادبي صنفن جو باني پڻ رهيو آهي، تن مان هڪ شاعراڻي هڪ ادبي صنف سنگيت ناٽڪ (Opera) جي بنياد جو سهرو به مرزا قليچ بيگ صاحب ڏي ئي وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو پھريون سنگيت ناٽڪ ليليٰ مجنون (1880ع) ۾ مرزا قليچ بيگ سنڌي زبان ۾ آندو، هي هڪ مشھور عشقيه داستان ’ليليٰ مجنون‘، جو هندي زبان ۾ نوشيروانجھي، مھرانجهي، رامجي جو لکيل هو. ان کي سنڌيءَ جو ويس پھرائي، پنھنجي مٺڙي، سُريلي، اباڻي ٻوليءَ ۾ آندائين. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊرامي جي شروعات ان منظوم ڊرامي’ ليليٰ مجنون‘ سان ٿي.

 محمد اسماعيل عرساڻي لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ سنڌي ماڻهو اردو زبان سان گهڻي قدر مانوس هوندا آهن، لھٰذا انھن ۾ پڻ فن رشڪ جاڳيو ۽ سنڌي اديبن ڊرامه لکڻ شروع ڪيا. انھن ڊرامه نويسن ۾ وڏو حصو هندو صاحبن جو هو. ان هوندي اسان کي فخر آهي، جو پھريون شخص، جنھن هن راھ ۾ قدم رکيو، اهو هو، اسان جي سنڌ جو مايه ناز مشھور ۽ لاثاني اديب، مرزا قليچ بيگ. مرزا قليچ بيگ ڊرامي جي فن تي طبع آزمائي ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول حجاب جو پردو چاڪ ڪري، ٻين سيکڙاٽن لاءِ راھ کولي وڌي“. (عرساڻي 2020: 78)

 سنگيت ناٽڪ ليليٰ مجنون چئن بابن ارڙهن پردن تي مبني آهي، هر پردي تي راڳ جي ڌن/طرز لکي وئي آهي، جيئن سنگيت ناٽڪ اُن راڳ ۾ آساني سان پيش ڪري سگهجي. نموني طور ڏسو :

طرز (شرمندہ قمر هي تيري تصوير ڪي آگي)

جو حسن سڄڻ تو سنڌي تصوير ۾ آهي،

نه چين ۾ نه هند ۾ نه ڪشمير ۾ آهي.

ٿيا شمس قمر شرم ۾ اي يوسفِ ثاني،

نت حور و پري آتش تشوير ۾ آهي.

هي زلف ڏسي تنھنجا مسلسل دل وجان سين،

سنبل به سدا حلقئه زنجير ۾ آهي.

جو قھر و ستم تير نگھه تنھنجو ڪري يار،

نئي خنجر قاتل ۾ نه شمشير آهي.

ٿيو ياد سبق عشق سنڌو لحظي ۾ ليليٰ،

ڪيو عين تنھنجي عقل زبر زير ۾ آهي.

(بيگ، 2020 :94)

مرزا صاحب جا ٽئي سنگيت ناٽڪ’ليلان ۽ مجنون‘، ’فرهاد ۽ شرين‘، ’بدر منير ۽ بي نظير،‘ طرزن تي لکيل آهن، مرزا صاحب کان پوءِ اڪثر سنگيت ناٽڪ طرز تي لکيل نه آهن. سندس لکڻيءَ جي اسلوب ۾ سلاست، فصاحت، رڌم، ترنم روانگي، ۽ بي ساختگي آهي. منظر نگاري، ڪردار نگاري، پلاٽ توڙي گفتگو جو انداز شاندار اٿس. سندس لکڻيءَ ۾ فارسي لفظن جو استعمال به آهي، جهڙوڪ: شجر، مرغ، سيم، غنچه، چشم، فراق، ناله فعان ملن ٿا. ڪٿي ڪٿي مرزا قليچ بيگ اهڙي سادي سلوڻي ڳوٺاڻي سنڌي ٻولي استعمال ڪري ٿو جو ٻڌندڙ ڏسندڙ حيرت ۾ اچيو وڃن ٿا. ان ڏس ۾ آغا سليم لکي ٿو ته: ”مرزا قليچ بيگ ٻاهرين ڪردارن کي سنڌي بڻايو، ماحول سنڌي بڻايو، منظر سنڌي ڪيائين. انھيءَ سان، ڏسندڙن کي ايئن لڳو ڄڻ، اها منھنجي ڪھاڻي آهي“ ( سليم، 2020 : 35).

ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ لکي ٿو ته: ”مرزا صاحب نه رڳو پختو نثر نويس هو پر ساڳئي وقت اعليٰ پايي جو شاعر به هو، قدرت طرفان شعرو شاعري ڏات طور ارپيل هئي ۽ نقطئه آفريني سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي.اَهو سبب آهي جو سندس پھريون سنگيت ناٽڪ ’ليليٰ مجنون‘ شاعريءَ جو اعليٰ شاهڪار ۽ لفظي توڙي معنوي خوبين جو ڀنڊار آهي هڪ طرف چيده تشبيھن ۽ منجهس گهڻائي آهي ته ٻئي طرف فصاحت ۽ سلاست، رواني۽ شائستگي جهڙين اعليٰ شاعراڻين خوبين سان سينگاريل آهي.“ ( بلوچ، 2019: 242).

ليليٰ مجنون پيار جو ڪلاسيڪل لازوال قصو، اصل ۾ آذربائيجاني آهي. جو هڪ ڊگهي وقت کان فارس، عرب، آذربائيجان، سنڌ، هند ۾ هڪ جيترو مشھور رهيو آهي، هن قصي ۾ مجنون، ليليٰ جي حسن تي فدا ٿئي ٿو، خاندان جي ناپسند ڪري هنن کي جدا ڪيو ويندو آھي، مجنون فقيري ويس ڪري رڻ پٽ، جهرجهنگ، جبل جهاڳيندو وتندو آهي، عشق ۾ گم رهندو آهي آخر ۾ کيس ليليٰ ملندي آهي، کيس ڏسندي ئي مجنون دم ڏيندو آهي، ۽ پوءِ ليليٰ مجنونءَ مٿان دم ڏيندي آھي.

مرزا قليچ بيگ جو هي ڊرامو آهي ته قصي تان ورتل، پر فني فڪري حوالي سان هي سگهارو سنگيت ناٽڪ آهي، هن ۾ عشق جو اظھار سھڻي نموني ٿيل آهي. ڪردارن جا مڪالما مروج سنڌيءَ ۾ لکيا ويا آهن، اهو محسوس نه ٿو ٿئي ته ڪو هي سنگيت ناٽڪ ٻاهر جو قصو آهي.

مرزا قليچ بيگ هن سنگيت ناٽڪ ۾ مختلف گهاڙيٽا استعمال ڪيا آهن، ڪٿي بيت جو گهاڙيٽو، استعمال ڪيو ويو آهي ته ڪٿي چئوسٽي جو گهاڙيٽو، ڪٿي غزل جو گهاڙيٽو، ڪٿي مثنوي جو گهاڙيٽو ڪتب آندو ويو آهي. مرزا صاحب ڪن جاين تي جنھن لفظ سان شروعات ڪئي آهي، آخر ۾ اهو ساڳيو لفظ ٻيهر استعمال ڪيو آهي مثال طور :

صبر نه ايندو توکي جاسين ــ فڪر نه ويندو اسان کي تاسين....... صبر

پاڻ ڏکي ٿي اسان کي ڏکيو ڪيئي ــ نينگر ناحق ٿينءَ تون اڻاسي..... صبر

اهڙا ڪيئي لفظ مرزا صاحب سنگيت ناٽڪ ۾ استعمال ڪيا آهن، جيئن مٿي صبر استعمال ڪيو ويو آهي، ائين لفظ استعمال ڪرڻ سان سنگيت ناٽڪ ۾ رڌم ۽ رنگيني پيدا ٿئي ٿي. اهو لکڻ جو انداز اسان کي صرف مرزا صاحب وٽ ئي ملي ٿو. ٻين لکيل سنگيت ناٽڪن ۾ اسان کي اِهو انداز نه ٿو ملي. اها مرزا صاحب جي سنگيت ناٽڪ ۾ انفراديت آهي جا ٻين سنگيت ناٽڪ لکندڙن وٽ ناهي.

مرزا قليچ بيگ لسانيات ۽ گرامر جو پڻ ماهر هو هن پنھنجي سنگيت ناٽڪ ۾ لسانيات جون انيڪ خوبيون استعمال ڪيون آهن، تجنيس حرفيءَ جو پڻ استعمال ملي ٿو.

 1. نت نئون هن چرخ ناهنجار جو آزار آھه

2. وڃان ڪاهي ڪنڊن ۾ آءٌ پٿون ٿي پير ٿيا ساڻا

3. واءِ وڇوڙي تنھنجي کان ٿيس آرتو آب اکين کؤن جاري

4. جان وجگر سڀ خاڪ سڙي ٿي

5. لب سين لب اي لال رو مون کي ملائڻ ڏي ذرو.

پھرين سٽ ۾ ”ن“ تجنيس حرفيءَ طور استعمال ٿيل آهي، نت، نئون، ناهنجار. ٻي سٽ ۾ ”پ“ تجنيس حرفيءَ طور ڪتب آيل آهي. پٿون، پير. ٽي سٽ ۾ ”و“ تجنس حرفيءَ طور ڪتب آهي، واءِ، وڇوڙي. چوٿين سٽ ۾ ”ج“ تجنيس حرفيءَ طور ڪتب آيل آهي، جان، جگر. پنجين سٽ ۾ ل“ تجنيس حرفيءَ طور ڪتب آيل آهي، لب سين، لب اي، لال رو.

مرزا قليچ بيگ جي سنگيت ناٽڪ ’ليليٰ مجنون‘ ۾ صنعت مڪرر جو استعمال ملي ٿو، صنعت مڪرر جي استعمال ڪرڻ سان شعر ۾ رڌم ۽ روانگي پيدا ٿئي ٿي. جنھن سان شعر ۾ سھڻائي وڌي وڃي ٿي. مثال طور هي صنعت مڪرر پڙهو :

ستم ٿيو ستم ٿيو ستم ٿيو خدا،

ٿيس هاءِ مجنون کؤن هاڻي جدا.

 

ڀائي هي ليليٰ ليليٰ ڪري ڪير ٿو هلي،

ديوانو آهي هي ته ڪو ليليٰ آهي ڪٿي.

 

حسن تا هن جو خُداد آهي الله الله،

رخ چوگل قد چوشمشاد آهي الله الله.

مرزا صاحب جو هي سنگيت ناٽڪ مڪالمن، موضوع، پلاٽ، ڪردارن، توڙي اظهار جي حوالي سان شاندار سنگيت ناٽڪ آهي، هي سنگيت ناٽڪ، جو سنڌي ادب ۾ پھريون تجربو هو، ان تجربي ۾ مرزا صاحب ڪامياب ويو آهي، ٻولي، توڙي شروعات کان وٺي پڄاڻي تائين هڪ تسلسل هلندو رهي ٿو، ناٽڪ جو ڪلائمڪس، ردم، روانگي، موسيقي، ڪردارن جو نڀاءُ رکيو ويو آهي.    

حوالا:

1.       ارسطو، 1992ع: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ، ڊاڪٽر محمد يوسف پنھور، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو.

2.      هملٽن، ڪليٽن، 2020ع: اردو ڊرامه تاريخ وتجزيه، ڊاڪٽر محمد اشرف ڪمال، سٽي بڪ اردو بازار ڪراچي.

3.      الاهي، نور، 2019ع: عالمي ڊرامي ڪي تاريخ، بڪ ٽائيم ڪراچي.

4.      شيڪسپيئر، 2008ع: ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ، غلام حيدر صديقي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

5.      انگلش وڪيپيڊيا.

6.      آن لائن، سنڌي ڊڪشنري، https.//dic.sindhila.pk

7.      آڪسفورڊ ڊڪشنري آن لائن گوگل

8.      ملاح، 2012ع: سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

9.      فياص لطيف، 2017ع: اياز جا سنگيت ناٽڪ، مرتب، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو.

10.  خانائي، قريشي، حامد علي، 2012ع: سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ، مختيار احمد ملاح، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

11.   صديقي، غلام حيدر، 2008ع: ننڍي کنڊ جي ڊرامي جي تاريخ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

12.  مرزا، مراد علي، 2020ع: قليچ ڊراما اينٿالاجي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، مرتب، نصير مرزا، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

13.  ملڪاڻي، منگهارام، 2020ع: قليچ ڊراما اينٿالاجي، مرتب، نصير مرزا، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

14.  بيگ مرزا قليچ، 2020ع: قليچ ڊراما اينٿالاجي، مرتب، نصير مرزا، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

15.  پنھور، محمد يوسف، 2020ع: قليچ ڊراما اينٿالاجي، مرتب، نصيرمرزا، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

16.  ملاح، مختيار احمد، 2015ع: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.

17.  سرمد، 2020ع: طريقت جو سج، منظور ڪوهيار، ڪنول پبليڪشن قنبر.

18.  فريد، شڪر گنج، 2020ع: طريقت جو سج، منظور ڪوهيار، ڪنول پبليڪشن قنبر.

19.  اياز، شيخ، 2009ع: ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

20. ملاح، مختيار احمد، 2015ع: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.

21.  بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، 2012ع: سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ، مختيار احمد ملاح، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ.

22. ڀٽي، رشيد، 2009ع: ڀڳت سنگھه کي ڦاسي، شيخ اياز، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

23. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، 2012ع: سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ، مختيار احمد ملاح، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

24. سحر، امداد حسيني، 2008ع: شعور شاعر شاعري، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

25. ملاح، مختيار احمد، 2015ع: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.

26. عرساڻي، محمد اسماعيل، 2020ع: قليچ ڊراما اينٿالاجي، مرتب، نصير مرزا، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

27. بيگ، مرزا قليچ، 2020ع: قليچ ڊراما اينٿالاجي، مرتب، نصير مرزا، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

28. سليم، آغا، 2020ع: قليچ ڊراما اينٿالاجي، مرتب، نصيرمرزا، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيووسٽي ڄام شورو.

29. بلوچ، غلام رسول، ڊاڪٽر، 2019ع: اڀريو سورج سنڌ تي، مرتب، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

 نوان ڪتاب

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org