سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2024ع

باب:

صفحو:2 

غلام محمد لاکو

 

 

 

جَامع مسجد ٺٽو

يا

شاهه جهان مسجد

(ڪي بنيادي حقيقتون، ڪجهه وضاحتون)

 

ٺٽو هڪ قديم تاريخي شھر آهي. ان جي بڻ بنياد تي بحث جي گنجائش موجود آهي. پوءِ به هي خاطري آهي ته، هي شھر سن 1351ع کان 1737ع تائين آزاد سنڌ جو تختگاهه، يا وري مغل دور ۾ صوبائي حاڪمن جي راڄڌاني رهيو. هن شھر ۾ ڪيئي تاريخي عمارتون موجود آهن، جن ۾ وڏو تعداد مسجدن جو به آهي. هن ڏس ۾ جامع مسجد يا شاهه جھان مسجد، خاص اهميت رکي ٿي. سوال هي آهي ته هي مسجد ڪنھن تعمير ڪرائي. ٻيو هي ته اها ڪنھن جي حڪم تي ٺهي راس ٿي. ان جي تعمير جا ڪھڙا سال آهن وغيره وغيره. هن مختصر مضمون ۾ اهڙن سوالن جا جواب، ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي!

جامع مسجد، مختصر تعارف:

شھر جي اميرخاني محلي ۾ موجود هي مسجد، ٺٽي جي تاريخي عمارتن ۾، تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. جامع مسجد جي اڏاوت سن 1054هه/ 1644ع ۾ شروع ٿي. تعمير جو ڪم چار سال جاري رهيو. ان ريت هي مسجد سال 1057هه/ 1647ع ۾ ٺهي راس ٿي. تعميرات جو رهيل ڪم جلال خان نالي ڪنھن ڪاموري (وزير؟)، سن 1068هه/ 1658ع ۾ مڪمل ڪرايو. مسجد تي سن 1104هه/ 1692ع جو ڪتبو، ظاهر ڪري ٿو ته پوءِ به، هن مسجد جي هار سينگار جو ڪم جاري رهيو.

مسجد ۾ لڳل ڪتبن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته، هن (مسجد) جي بنياد پوڻ کان وٺي، آخري سونھن سوڀيا واري ڪم جو عرصو، اڌ صديءَ تي پکڙيل آهي. اهو سمورو عرصو ٺٽي ۾، مغلن جي حاڪميت جو زمانو آهي. مشھور عالم پير سيد حسام الدين راشديءَ جي راءِ آهي ته، سن 1057هه/ 1647ع واري ڪتبي ۾ بادشاهه جو نالو ڏسي، پوءِ جي محققن هي لکي ڇڏيو ته، هي مسجد شاهجھان جي حڪم تي تعمير ٿي (1).

انگريز مصنف اي. ڊبليو. هيوز (A.W. Hughes)، هن مسجد جو ذڪر نھايت سٺن لفظن ۾ ڪيو آهي. لکي ٿو ته، ”ٺٽي جي قديم باقيات ۾ جامع مسجد ۽ قلعي جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو. جامع مسجد کي ٺٽي جي خوبصورت عمارتن ۾ شمار ڪجي ته وڌاء نه ٿيندو. چيو وڃي ٿو ته هي مسجد شاهه جهان جي حڪم تي 1644ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي. ٺٽي وارن کي هي تحفو ان ڪري مليو ته، شاهه جهان اڃا شھزادو هو ته، پنھنجي والد جھانگير کان بغاوت ڪري، اجهي جي تلاش ۾ هِتي پهتو هو، ۽ هتي جي ماڻھن هن سان سُھڻو سلوڪ ڪيو هو. هي عمارت اٺ ڪنڊائتي آهي...... هن عمارت جي اندرئين حصي ۾ بهترين ڪاشي استعمال ٿي آهي، ۽ رنگن جي نزاڪت ۽ هم آهنگي ڏسڻ وٽان آهي. ان کان علاوه مسجد جي مختلف حصن ۾، پٿر جا خوبصورت اڪريل ٽڪرا به ڏسڻ جهڙا آهن“ (2).

سنڌ جي سدا بھار محقق سيد حسام الدين راشدي، جامع مسجد ٺٽي جي باري ۾ نھايت موزون راءِ ڏني آهي:

 

”مسجد جي ڪرسي پٿر جي آهي. ڀتيون پَڪين سرن سان نھايت مضبوط مسالو ڏئي ٺاهيون ويون آهن. ڇتِ ۾ ننڍا وڏا جملي 92 (ٻيانوي) گنبذ آهن، جن مان ٽي وڏا ۽ مرڪزي قبا آهن. مسجد جي ڀتين ۽ مرڪزي گنبذن تي، ميناڪاري سرن جي جوڙجڪ اهڙي ته وڻندڙ انداز سان ڪئي وئي آهي، جو مسجد جي ڇت نھايت سھڻي ٿي بيٺي آهي. قديم آثارن جي کاتي جو متفق فيصلو آهي ته، انھيءَ قسم جي خوبصورت ڪاشي (Tiles)، ۽ سرن جي جوڙجڪ جو دنيا ۾ اهو ئي واحد نمونو آهي. ايران به اهڙي سھڻي ڪاشيءَ جو مثال پيش نه ٿو ڪري سگهي“ (3).

جامع مسجد ٺٽو، مغل دور ۾ تعمير ٿي. ان زماني ۾ ”ٺٽو“ مغل بادشاهت جو هڪ صوبو هو. ٺٽي جي مغل حڪمراني، ۽ صوبي جي حاڪمن (صوبيدار، گورنر)، بابت سڀ کان اول مير علي شير قانع، پنھنجي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ مواد فراهم ڪيو. جيئن ته هن مسجد جي تعمير، نواب امير خان جي دور ۾ ٿي (وڌيڪ تفصيل اڳتي ايندو)، ان متعلق ميرعلي شير مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ هن ريت ذڪر ڪيو آهي.

”نواب امير خان سن 1037هه (1627ع) ۾، ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. ان جي ڪاميابين ۾ هي چيز به شامل آهي ته، شاهه جھان شھزادگيءَ جي دور ۾ والد کان ناراض ٿي، پناهه ۽ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ، ٺٽي پھتو هو. ليڪن نواب شريف خان (شريف الملڪ)، هن سان سھڻو ورتاء نه ڪيو، ۽ شھزادي کي گهڻي تڪليف ڏني هئي. جڏهن امير خان نواب ٿي آيو ته، هن انھن ماڻھن کي سخت سزائون ڏنيون، جن شھزادي سان سُٺو سلوڪ نه ڪيو هو. شاهه جھان هاڻي خود شھنشاهه بنجي چڪو هو، ۽ ان جي حڪم سان هي (امير خان)، ٺٽي جو حاڪم اعليٰ مقرر ٿيو هو. هن جي نشانين مان چوڪ عبدالغني ۽ ملڪ امان جي يادگار جي وچ ۾، محلي ڀائي خان ۾، هندن جو هڪ مندر ڊاهي، هڪ مسجد تعمير ڪئي وئي، جا هن جي هڪ يادگار اڏاوت آهي. هن جي مزار مڪليءَ جي مقام ۾ آهي“ (4) .

ميرعلي شير قانع، ٺٽي جي مغل نوابن جي باري ۾ درست معلومات نه ڏئي سگهيو. نواب امير خان يا مير ابوالبقا، شاهه جھان جي دور ۾ ٻه ڀيرا، ٺٽي جو نواب (صوبيدار) مقرر ٿي آيو، ان متعلق به ميرعلي شير بي خبر آهي. هن جي لکت موجب مذڪوره نواب، صرف هڪ ڀيرو ٺٽي جو حاڪم ٿيو. ان بابت سندس بيان ڪيل، سن 1037هه/ 1627ع به درست ڪونھي. اصل ۾ نواب امير خان جي هي مقرري، سال 1039هه/ 1629ع ۾ ٿي هئي. مير قانع صرف هڪ مسجد جو ذڪر ڪيو آهي، جا هن وقت ”اميرخاني مسجد“ سڏجي ٿي. ميرابوالبقا جي مزار مڪليءَ تي ڏيکاري وئي آهي.

مير صاحب جي وفات برابر ٺٽي ۾ ٿي، ليڪن سندس ڪفن دفن، روهڙيءَ جي خانداني (ستين جو ٿان) قبرستان ۾، والد جي مزار جي ڀر سان ٿيو. نواب امير خان ٻيو ڀيرو به ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو، ان باري ۾ به مير علي شير قانع اڻ ڄاڻ آهي. نواب امير خان جي ٻيو ڀيرو مقرري، سن 1052هه/ 1642ع ۾ ٿي. ٺٽي جي حاڪم جي حيثيت ۾، سال 1057هه/ 1647ع ۾ سندس وفات ٿي. ٻئي ڀيري مقرريءَ واري دور ۾، پاڻ جامع مسجد جي تعمير جو حڪم جاري ڪيائين. ان حوالي سان به ميرعلي شير قانع بلڪل خاموش آهي.

نواب امير خان ابوالبقا کي ججهو اولاد هو. روهڙي- سکر سان به سندس تعلق، نالي ماتر وڃي رهيو هو. ان ڪري هڪ ته ٺٽي شھر ۾ پنھنجو محلو وجود ۾ آندائين، جنھن کي ”امير خاني“ پاڙو سڏجي ٿو. هن وقت به سندس اولاد ٺٽي جي ان محلي ۾ رهي ٿو. ٻيو ته مڪليءَ تي زمين جو ٽڪرو طئي ڪري، هڪ قبرستان جو بنياد رکيائين. هي مقام خاص اميرخاني ساداتن جي ڪفن دفن لاءِ آهي. اها جدا ڳالھه آهي ته مير ابوالبقا ٺٽي ۾، اتي جي حاڪم جي حيثيت ۾ فوت ٿيو، پر هن جي ميت کي روهڙي پھچائي، والد مير ابوالقاسم نمڪين جي، قبر جي ڀر سان دفن ڪيو ويو. مير علي شير ۽ ڪجهه وڌيڪ لکندڙن، سندس مزار مڪليءَ تي ڏيکاري آهي، ليڪن حقيقت ۾ ائين ڪونهي، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. جامع مسجد ٺٽي جي بنياد ۽ بانيڪار بابت، ميرعلي شير ڪوتاهي ڪئي. ان ڪري جديد دور ۾ متضاد رايا، ۽ غير تاريخي ڳالھيون سامهون اينديون رهيون. ان معاملي ۾ گهرائيءَ ۾ وڃي، سيد حسام الدين راشدي، حقيقتن کي نروار ڪيو(5) .

جامع مسجد ٺٽو، ڪجهه عالمن جا رايا:

مير ابوالبقا (نواب امير خان)، جي ٺٽي جي حڪمرانيءَ واري دور، ۽ هن شھر ۾ ڪرايل تعميرات، توڙي سندس حاصلات بابت، مٿي مختصر طرح سان ذڪر اچي چڪو آهي. جامع مسجد ٺٽي جي اڏاوت، خوبصورتي ۽ خرچ وغيره بابت، ڪجهه عالمن جا وڌيڪ رايا پيش ڪجن ٿا. راشدي صاحب موجب ابتدائي طور ٻن سرڪاري مؤرخن، جامع مسجد ٺٽي جي باري ۾ غلط بياني ڪئي: هڪ آهي خان بھادر خداداد خان، ۽ ٻيو آهي هينري ڪزنس. حقيقت ۾ هن ڏس ۾ هيوز صاحب پھريون لکندڙ آهي، جنھن پنھنجي لکت ۾ مسجد جي تعمير کي، شاهه جھان ڏي منسوب ڪندي، غلط بيانيءَ جو بنياد رکيو. ان لکت جو خلاصو هن مضمون جي ابتدا ۾ ڏنو ويو آهي.

خدا داد خان پھريون مقامي مؤرخ آهي، جنھن انگريز مصنف هيوز صاحب جي پيروي ڪندي، ڪجهه وڌيڪ غلط بياني ڪئي آهي. هيوز جي لکت کان چوويهه سال پوءِ، خدا داد خان پنھنجو ڪتاب تيار ڪري ڇپرايو. جامع مسجد ٺٽي جي باري ۾ پاڻ لِکي ٿو ته،

”هي مسجد نواب امير خان، بادشاهه (شاهه جھان) جي حڪم سان ٺھرائڻ شروع ڪئي. ڀائي خان محلي واري مسجد به هن جي ٺھرايل آهي. مڪليءَ تي ڏاڍو سھڻو مقبرو به ٺھرايائين. مير خاني (اميرخاني) سادات، جي ٺٽي ۾، ۽ ٻين ماڳن تي رهن ٿا، اهي هن جو ئي اولاد آهن. هي مسجد (جامع مسجد)، سن 1043هه/ 1632ع ۾ ٺھڻ شروع ٿي. ليڪن سال 1049هه/ 1639ع ۾ باقاعده ڪم هلڻ لڳو. نيٺ سن 1054هه/ 1647ع ۾ مسجد جا ابتدائي حصا تيار ٿي ويا. اهڙو احوال ڪتبن مان حاصل ٿئي ٿو. هن عاليشان مسجد جو ڪم سال 1057هه/ 1650ع ۾ مڪمل ٿيو. صحن، فرش، ۽ ٻيون ضروري تعميرات سن 1068هه/ 1661ع ۾، اورنگزيب بادشاهه جي شروع واري دور ۾ پوريون ٿيون“ (6).

خداداد خان موجب ڪم جو آغاز سال 1043هه ۾ ٿيو. مسجد جي تعمير سن 1068هه ۾ مڪمل ٿي. يعني تَه مسجد جي تعمير کي پورا پنجويھه سال لڳا. هڪ ته خدا داد خان جو سمورو بيان درست نه آهي. ٻيو ته سندس لکيل سن سال نه رڳو غلط آهن، پر اهي هجري ۽ عيسوي ڪئلينڊر موجب به پورا نه ٿا بيھن. مصنف انھن ڪتابن جو ذڪر به نه ڪري سگهيو آهي، جن ۾ هي لکيل آهي ته، جامع مسجد ٺٽو شاهه جھان جي حڪم سان تعمير ٿي. نواب امير خان جي مقبري جي باري ۾ به، خداداد خان درست ڄاڻ فراهم نه ڪري سگهيو آهي.

خداداد خان کان پوءِ مشھور آرڪيالاجسٽ هينري ڪزنس به، بحث هيٺ مسجد جي تعمير کي شاهه جھان جي تعميرات واري کاتي ۾ رکيو آهي. ڪزنس لکي ٿو ته،

“The Jami’ Masjid was commenced in A.D. 1644 and completed in A.D. 1647, but the floor was not laid until A.D. 1657. The mosque proper, together with the north and south wings, was built by Shah jahan as a memorial of his visit to  proper Thattah, when, having quarrelled with his father Jahangir, he was, for the time being, an exile from the court. The eastern end, including the great gateway, was added in the year A.D. 1658- 59.(7)

ڪزنس به ٻين لِکندڙن وانگر هي نه ٻڌائي سگهيو آهي ته، پاڻ جامع مسجد ٺٽي بابت لکندي، ان نوعيت جي ڄاڻ ڪٿان حاصل ڪيائين؟ وڌيڪ هي ته تحقيق جي معاملي ۾، چيو وڃي ٿو [is said] جھڙا لفظ قبول ڪرڻ جھڙا نه هوندا آهن. ان جو مطلب ته مسجد جي اڏاوت ۽ جوڙجڪ جي معاملي ۾، ٽنهي لکندڙن وٽ ڪا به سَند نه هئي. محض روايتن جي بنياد تي، هيوز، خداداد خان، ۽ ڪزنس، پنھنجي پنھنجي ڳالھه لِکندي، جامع مسجد جي حقيقي تاريخ کي مسخ ڪيو آهي. البت مسجد جي بيھڪ، پٿر ۽ سِرن جي استعمال، توڙي ڪاشيءَ جي غير معمولي سجاوٽ، ۽ پکيڙ جي باري ۾ ڪزنس جي لِکت، تمام وڻندڙ ۽ ڄاڻ ڀري آهي (8).

سيد حسام الدين راشديءَ جي تحقيق:

جڏهن هڪ ڀيرو غلط ڳالھه لکجي ويندي آهي ته، اها وري وري ورجائبي ويندي آهي. جامع مسجد ٺٽي سان به ساڳي ڪار ٿي آهي. پير سيد حسام الدين راشدي (وفات: 1982ع)، ننڍي کنڊ جي مسلم دور تي (Medieval Period)، هڪ مڃيل ۽ مستند عالم جي حيثيت رکي ٿو. ساڳي طرح پاڻ هن دور جي قديم آثارن ۽ ادبيات تي به، تمام وڏي ڄاڻ رکندڙ اسڪالر ٿي گذريو آهي. راشدي صاحب ”جامع مسجد ٺٽو“ بابت، ٻين لکندڙن جي راءِ کي عالمانه انداز سان رد ڪندي، پنھنجي راءِ قائم ڪئي آهي. ان کان اڳ جو اسان سندس دليل پيش ڪندي، حقيقتن کي نرواري ڪيون، ڪجهه مکيه ڳالھين جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿيندو.

1. تذڪره اميرخاني: مٿي ذڪر ٿيو ته هي مسجد نواب امير خان جي حڪم سان تعمير ٿي. امير خان جو اولاد امير خاني سڏجڻ ۾ آيو. هن خاندان سنڌ جي سياست، ادب ۽ سماج تي، ٽن صدين تائين راڄ ڪيو. ان حوالي سان راشدي مرحوم ”تذڪره امير خاني“ ڪتاب لکي، هن خاندان جي سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن کي نروار ڪيو. ڪتاب 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.

2. تاريخ مظهر شاهجهاني: هي ڪتاب نواب امير خان جي ڀاءُ، يوسف ميرڪ سن 1044هه/ 1634ع ۾ لکيو، جنھن ذريعي شاهه جھان جي دور جي سنڌ جي حالتن جي درست ڄاڻ ملي ٿي. هن ڪتاب ۾ مير ابوالبقا جي باري ۾ به، گهڻو مواد موجود آهي. جامع مسجد ٺٽو، هن ڪتاب جي لکجڻ کان پوءِ تعمير ٿي. ان ڪري ذڪر هيٺ مسجد بابت، هي ڪتاب مڪمل خاموش آهي. راشدي صاحب جي سعيي سان، هي ڪتاب 1962ع ۾ ڇپيو.  ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ نروار ڪيو.

3. تحفة الڪرام: ميرعلي شير قانع هي ڪتاب، سن 1181هه/ 1767ع ۾، سنڌ جي تاريخ بابت لِکيو. ان ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ، شھرن ۽ مشاهيرن جو احوال ڏنو ويو آهي. ميرعلي شير جي هن ڪتاب جي خاص ڳالھه هي آهي ته، ان ۾ پھريون ڀيرو ٺٽي جي مغل نوابن جو احوال به ڏنو ويو آهي. سيد حسام الدين راشدي هي ڪتاب، وڏي محنت سان ايڊٽ ڪيو. راشدي صاحب هن ڪتاب تي ڪم ڪندي، ٺٽي جي مغل نوابن جي ترتيب، ۽ ڪارنامن کي به، همعصر ذريعن جي مدد سان مڪمل ڪيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1971ع ۾ ڇپيو.

راشدي مرحوم جي تيار ڪيل هنن ٽن ڪتابن ذريعي، سنڌ جي مغل دور جي تاريخ ۽ تعميرات کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي. ان ريت اميرخاني ساداتن جي ڪجهه اهم فردن (مير ابوالقاسم نمڪين،  يوسف ميرڪ، ۽ مير ابوالبقا)، ۽ انھن پاران روهڙي، سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ ڪرايل تعميرات کي به، پرکڻ ۾ گهڻي مدد ملي. ان پسمنظر ۾ جامع مسجد ٺٽو، جنھن کي شاهه جهان مسجد به سڏيو وڃي ٿو، جي باري ۾ به راشدي صاحب، بِنهه نئين ۽ مختلف راءِ قائم ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو.

هن عنوان تي گفتگو ڪندي، هي ساک ڀريو عالم لکي ٿو ته، ابتدا ۾ اسان جي راءِ هئي ته، هي مسجد شاهه جھان جي حڪم تي تعمير ٿي. اهڙي راءِ مسجد ۾ لڳل ڪتبن کي ڏسي قائم ڪئي وئي هئي(9). ليڪن بعد ۾ جڏهن اسان شاهجھاني دور جي لکيل تاريخي ڪتابن جو اڀياس ڪيو ته، انھيءَ مسجد جي سلسلي ۾ اسان کي ڪٿي به اهڙو اشارو ڏسڻ ۾ نه آيو. جڏهن ته شاهجھاني تاريخن ۾، عمارتن جي لاءِ خاص اهتمام سان لکيو ويو آهي. هن متعلق تاريخي اڀياس ۽ گهري مشاهدي کان پوءِ، راشدي صاحب جي راءِ آهي ته،

1، هي مسجد شاهجهان جي حڪم يا سندس شوق جي تسڪين خاطر نه ٺهي. 2، هن مسجد لاءِ مرڪزي خزاني مان هڪ روپيو به خرچ نَه ڪيو ويو، ورنه اهڙو ذڪر ضرور ٿيل هجي ها. 3، ڪتبن ۾ شاهجهان جو نالو پڙهي، مشھور ڪيو ويو ته، اها مسجد بادشاهه ٺھرائي هئي. 4، هي مسجد شاهجهاني تعمير يا مغليه تعمير جو نمونو نَه آهي. جيڪڏهن شاهي حڪم سان ٺھي ها ته، ضرور ان ۾ شاهجھاني دور جي فن تعمير جي جهلڪ موجود هجي ها. 5، هي مسجد مير ابوالبقا امير خان، پنھنجي اڏاوتي شوق جي تسڪين لاءِ، پنھنجي نئين آباد ڪرايل محلي (امير خاني محلو)، جي ڀر سان ٺھرائي. 6، جامع مسجد ٺٽي جي طرز تعمير خاص آهي، ۽ مختلف تعميري نمونن جو گڏيل مجمو آهي. اميرخاني خاندان جي اڏاوت جا جيڪي نمونا: روهڙي، سيوهڻ، ٺٽي ۽ مڪليءَ ۾ ڏسجن ٿا؛ هن مسجد جي تعمير ۾ پڻ، انھيءَ خاندان جو مخصوص ذوق نمايان آهي. 7، مسجد ۾ ڪاشيءَ جا اهي ئي رنگ آهن، جي هن خاندان جي روهڙي يا مڪليءَ جي قبرن ۽ اڏاوتن تي آهن. 8، جامع مسجد جي تعمير تي جيڪو خرچ ٿيو، اهو خاطريءَ سان سنڌ جي اپت، ۽ سنڌ جي خراني مان ٿيو هوندو. 9، مسجد جي تعمير وارن سالن (1054هه/ 1644ع-1057هه/1647ع) ۾، مير ابوالبقا ٺٽي ۾ موجود هو، ۽ اتان جو حاڪم هو. 10، مير ابوالبقا ٺٽي ۾ سن 1057هه/ 1647ع ۾ وفات ڪئي. مسجد ۾ جيڪو ڪم رهجي ويو هو، مثال طور فرش وغيره، سو ممڪن آهي ته بادشاهه جي حڪم تي، سن 1068هه/1657ع ۾، مير جلال نالي ڪنھن ڪاموري يا وزير مڪمل ڪرايو هجي. پر هي بِه ياد رکڻ کپي ته هي سال خود شاهجھان جي معزوليءَ، ۽ گرفتاريءَ جو سال آهي. ان کان اڳ جا ڪجهه سال بِه شاهجھان جو وقت، عالمگير ۽ دارا جي جنگين ۽ بغاوتن جي ڪري، سُک ۽ سُڪون وارو نه گذريو (10).

شاهه جهان ۽ ٺٽو:

ڪجهه عالمن هن ڳالھه تي زور ڏنو آهي ته، شھزادو شاهه جھان پنھنجي والد شھنشاهه جھانگير کان ناراض ٿي ٺٽي آيو هو ته، هتي جي شھرين سندس زبردست استقبال ڪيو هو. جڏهن شاهه جھان خود بادشاهه بنيو ته ان واقعي جي ياد ۾، هي مسجد (جامع مسجد) تعمير ڪرائڻ جو حڪم ڏنائين.

نواب شريف خان جي ذڪر ۾، ميرعلي شير صاف طرح سان لکيو آهي ته، شھزادي کي ٺٽي ۾ گهڻي تڪليف ڏني وئي. جڏهن نواب امير خان حاڪم ٿي آيو ته، انھن ماڻھن کي ڳولي ڳولي سخت سزائون ڏنائين، جن شھزادي سان جلاوطنيءَ جي دور ۾، خراب سلوڪ ڪيو هو. هاڻي خود شاهه جھان هندستان جو بادشاهه بنجي چڪو هو. اهڙو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.

ان هوندي به خبر نه آهي ته، مؤرخن کي اصل حقيقت سمجهه ۾ ڇو نه آئي، ۽ وري وري لکندا رهيا ته، شھنشاهه جڏهن شھزادگيءَ جي دور ۾ ٺٽي آيو، تڏهن هتي زبردست جامع مسجد ٺاهڻ جو حڪم ڏنو (هيوز، خدا داد خان، ڪزنس).

جڏهن ته حقيقت ۾ نه رڳو شاهه جھان کي ٺٽي ۾ ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پيا، پر سندس بادشاهت جي دور ۾، سموري سنڌ مغلن جي جبر، ظلم ۽ خراب حڪمرانيءَ سبب، حاڪمن جي خلاف ويڙهه ۾ مصروف هئي (تاريخ مظھر شاهه جھاني). ان پس منظر ۾ شاهه جھان سنڌ تي مهربان ٿئي، ان کي ڪو به عقل مند انسان قبول نه ڪندو!

مسجد متعلق، وڌيڪ عالمن جي راءِ:

راشدي صاحب جي تحقيق کان پوءِ، هن مسجد جي باري ۾، چئن لکندڙن جي راءِ، اسان جي سامھون آهي. اهي محقق راشدي صاحب جا نھايت ويجها دوست هئا، ۽ سندس تحقيقي ڪمن، ۽ جامع مسجد ٺٽي جي باري ۾، هن سنڌي عالم جي راءِ کان واقف به هئا. پر پوءِ به اهي لکندا رهيا ته، هي جامع مسجد، شاهه جھان جي حڪم تي ٺهي هئي.

اعجازالحق قدوسي(11)، احمد حسن داني (12)، احمد نبي خان (13)، ۽ شيخ خورشيد حسن (14)، پنھنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي ته: ٺٽي جي جامع مسجد جا ”شاهه جھان“ يا ”شاهجھاني مسجد“ سڏجي ٿي، اها بادشاهه (شاهه جھان) جي حڪم تي تعمير ٿي هئي.

ذڪر ڪيل محققن ۽ عالمن: امير خانين، ٺٽي، سنڌ ۾ مغلن جي حڪمراني، ۽ ٺٽي جي مغل نوابن جي باري ۾، سيد حسام الدين راشديءَ جي عالمانه ڪم کي، بلڪل نظرانداز ڪيو آهي. ان ڪري جامع مسجد ٺٽي جي باري ۾، ڏيڍ صدي اڳ قائم ڪيل غلط راءِ، برقرار رکڻ ۾ انھن کي مدد ملي آهي.

ميرابوالبقا، جامع مسجد جو معمار:

مير ابوالبقا امير خاني، مير ابوالقاسم نمڪين جو فرزند هو. يوسف ميرڪ جنھن ”تاريخ مظهرشاهجھاني“ جهڙو غير معمولي ڪتاب لکيو، اهو مير ابو البقا جو ڀاءُ هو. مير ابوالبقا ٻه ڀيرا ٺٽي جو حاڪم (صوبيدار) ٿي رهيو. مرڪز ۾ ان عرصي ۾ شاهجھان جي شھنشاهت هئي.

ميرابوالبقا، مير ابوالقاسم ”نمڪين“ جو پٽ هو. ميرابوالقاسم شروع ۾، مرزا حڪيم وٽ ملازم هو. مرزا حڪيم، همايون پاران ڪابل جو حڪمران هو. مير صاحب 980هه کان اڳ ڪابل ڇڏي، هندستان پھچي اڪبر جي نوڪرن ۾ شامل ٿيو. مختلف مامرن ۽ معرڪن ۾ شامل ٿي، ابوالقاسم پنھنجي اهميت کي تسليم ڪرائي ورتو. آخرڪار کيس بکر (سنڌ) جو حڪمران مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ مختلف سالن ۾ ٻه ڀيرا، کيس سيوهڻ جي عملداري به ملي. سيوهڻ جي علائقي ۾، مغل مخالف قبيلن سان خوب وڙهي، انھن جو خون خرابو ڪيائين. هن بکر کي پنھنجو اختياري وطن بنايو. کيس سال 1017هه ۾ مرزا غازي بيگ جي مدد لاءِ، قنڌار موڪليو ويو. سال 1018هه ۾ وطن واپس ٿيندي رستي ۾ فوت ٿيو. ستين جو ٿان (روهڙي) نالي ماڳ تي کيس دفن ڪيو ويو. قبر تي 1018هه ۽ 1019هه جا ٻه ڪتبا لڳل آهن. ائين ٿو معلوم ٿئي ته مير ”نمڪين“ سن 1018هه ۾ فوت ٿيو. قنڌار کان سندس لاش سال 1019هه جي شروع ۾ روهڙي پھتو، ۽ سندس ڪفن دفن ٿيو (تذڪره اميرخاني، 74- 68).

مير ابوالبقا، مير ”نمڪين“ جو وڏو پٽ هو. والد جي زنده هوندي، پاڻ مغل حڪومتي سرشتي ۾ شامل ٿي چڪو هو. سن 1017هه ۾ مير ”نمڪين“ قنڌار ويو، تڏهن سيوهڻ جي عملداري مير ابوالبقا کي ڏئي ويو هو. سال 1019هه ۾ اٻاوڙو ۽ گنجايو، سندس عملداريءَ ۾ ڏنا ويا. ٻه سال پوءِ (1021هه) سيوهڻ کيس جاگير طور مليو. هن پنھنجي والد وانگر مغل مخالف، قبيلن سان خوب معرڪا ڪيا. هزارين بي گناهه انسانن کي مارايو. سال 1036هه ميرابوالبقا ملتان جي حاڪم جي نائب طور ڪم ڪيو. ٽي سال پوءِ (1039هه)، مير ابوالبقا ٺٽي جو گورنر (صوبيدار) مقرر ڪيو ويو. ٻن سالن کان پوءِ (1041هه) مير صاحب کي ٺٽي مان بي دخل ڪري، جهوناڳڙهه (سورت) طرف عملدار ڪري موڪليو ويو. سن 1051هه ۾ کيس وري سيوهڻ جي جاگير ملي. سنڌي قبيلن سان اڳ وارو سلوڪ جاري رکيو ويو.

شاهه جھان جو دور هو. بادشاهه مير ابوالبقا جي خدمتن مان مطمئن هو. ان ڪري کيس ٻيو ڀيرو ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. هن ڀيري مير صاحب، ٺٽي ۾ چار سال (1052- 1057هه) گورنر رهيو. سن 1057هه ۾ ٺٽي ۾ گورنر طور ڪم ڪندي فوت ٿيو. سندس ميت روهڙي آڻي والد جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو (ذريعو: تذڪره امير خاني).

مير ابوالبقا ٺٽي جي مقرريءَ جي پھرئين دور ۾، شاهه جھان سان بدسلوڪي (گورنر شريف الملڪ) ڪندڙن جو بُرو حشر ڪيو. انھن ۾ ڪجهه علائقي جا نيڪ مرد به هئا. ابوالبقا جيئن مٿي ذڪر ٿيو، ٻه ڀيرا ٺٽي جو حاڪم رهيو. پھرئين دور ۾ هن ٺٽي ۾ هڪ ننڍي مسجد ٺھرائي (سال 1039هه، سال 1040هه). ٺٽي جي آس پاس ۾ هڪ ڳوٺ جو بنياد رکيائين، جنھن کي ”امير آباد“ سڏيو ويو. ان کان علاوه پنھنجي ڪڙم قبيلي جي لاءِ هڪ محلو آباد ڪيائين. هي محلو پوءِ ”اميرخاني، محلو“ سڏيو ويو. سندس پھريون دور مختصر رهيو. البت ٻئين دور ۾ (1054-1057هه) پاڻ چار سال ٺٽي جو حاڪم رهيو. ٺٽي صوبي جي وسعت ۽ پکيڙ ۾، هالا، نصرپور، عمرڪوٽ، سامونڊي پٽي اچي ٿي وئي. جِتي جِتي بِه مغل مخالف قوّتون سرگرم رَهيون، انھن کي سختيءَ سان چيڀاٽيو ويو. لڳي ٿو ته ٺٽي ۾ چار سال رهڻ ڪري، کيس هي احساس به ٿيو ته، مڪلي قبرستان ۾ خاندان جي موتي فوتي لاءِ، زمين جو الڳ ٽڪرو وقف ڪجي. ان وقت توڙي اڄ بِه اهو علائقو اميرخانين جي ڪفن دفن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ٻيو اهم ڪم ٺٽي جي جامع مسجد جي تعمير آهي. ان متعلق مٿي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. مير ابوالبقا سن 1057هه/1647ع ۾ صوبي جي گونر طور، ٺٽي ۾ وفات ڪئي. مسجد جو ڪم جيتوڻيڪ ختم ٿي چڪو هو، ليڪن اڃا فرش يا هار سينگار جو ڪم هلندڙ هو. اهو ڪم مختلف سالن ۾، جيئن ڪتبا  ظاهر ڪن ٿا، هلندڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مثال طور 1068هه/1658ع، ۽ سن 1104هه/1692ع وغيره جا ڪتبا.

مير ابوالبقا جي دور ۾ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جو پرڳڻو چاڪر هالا سرڪار جي حدن ۾ هو. نيرون ڪوٽ ۾ درگاهه شاهه مڪي، مشھور زيارتگاهه آهي. مير صاحب جي ٺٽي جي ٻئين عرصي ۾، درگاهه جي اڳواڻن ۾ ڪو تنازعو شروع ٿيو. 14 شعبان 1054هه تي مير ابوالبقا هڪ فرمان جاري ڪري، مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي(15). ٺٽي جي مغل حاڪمن جي فھرست ۾، مير ابوالبقا جو نالو نھايت اهميت رکي ٿو. هڪ ته هن پنھنجي اولاد  لاءِ، شھر ۾ هڪ مستقل مَحلو آباد ڪيو. ٻيو ته ان دور ۾ دورانديشي ڪندي، مڪليءَ تي خاندان جي موتي فوتي لاءِ زمين وقف ڪيائين. اڄ تائين اميرخاني شھر ۾ رهن ٿا، ۽ مَڪليءَ تي سندن خانداني قبرستان استعمال هيٺ آهي. سندس اولاد اميرخاني سڏجي ٿو، جيڪي ٺٽي ۾ رهن ٿا. البت مير ابوالبقا ”نمڪين“ جو ڪجهه اولاد روهڙيءَ ۾ رهي، قاسم خاني سڏجڻ ۾ آيو(16). چيو وڃي ٿو ته مير ابوالبقا، گهڻو اولاد ڇڏيو، ۽ وڏي ڄمار ماڻي. ڪجهه لکندڙن جو خيال آهي ته، وفات وقت (1057هه) هو سؤ سالن کان مٿي هو.

 

متفرقه مواد:

جامع مسجد جي ايراضي، ۽ اڏاوت تي ٿيل خرچ بابت، هر محقق جي پنھنجي راءِ آهي. انھن راين کي هتي يڪجاءِ ڪجي ٿو. هيوز: 315 فوٽ ڊيگهه، 190 فوٽ ويڪر، 316 گز هم چورس. S.W.Tyndall، مسٽر ٽنڊل: ڊپٽي ڪليڪٽر جهرڪ، هندستان جي قديم آثارن جي کاتي کي موڪليل رپورٽ ۾، مَسجد تي نَوَ لک رُپَيا خرچ ڏيکاريو آهي، البت تعمير جي حوالي سان، رپورٽ ۾ ڪٿي بِه شاه جھان جو ذڪر، نَه ڪيو ويو آهي. اهي رپورٽون سال 1879ع، ۽ 1885ع جون تيار ڪيل آهن. خداداد خان: پکيڙ هڪ جريب، خرچ نَوَ لک. هينري ڪزنس: جامع مسجد تي شاهي خزاني مان 06 لَک رُپَيا خرچ ٿيو. سيد حسام الدين راشدي: مسجد جي ڊيگهه ويڪر 305x170 فوٽ. گهڻو پوءِ مرحوم اعجازالحق قدوسي لکيو ته، جامع مسجد ٺٽي تي ڪل نَوَ لک روپيه خرچ ٿيا(17).

 

حوالا ۽ حاشيا:

1)              سيد حسام الدين راشدي: ”تذڪره اميرخاني“، ص ص 286، 287، 288، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سال 1961ع.

2)            اي. ڊبليو هيوز: ”سنڌ صوبي جو گزيٽيئر“ (انگريزي)،
ص 841، ٻيون ڇاپو، لنڊن 1876ع، نئون ڇاپو، لاهور 2005ع.

3)            تذڪره امير خاني، ص 106.

4)            مير علي شير قانع: ”تحفة الڪرام“، ترجمو: مخدوم امير احمد، ص 236-237، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1976ع.

5)             تذڪره اميرخاني، ص ص 105، 106، 296، 297.

6)            لب تاريخ سنڌ (فارسي)، ايڊٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 98-101، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1959ع.

7)            هينري ڪزنس: ”سنڌ جا قديم آثار“ (انگريزي)، ص 121، اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي 1975ع.

8)            سنڌ جا قديم آثار، ص 120-121.

9)            تذڪره اميرخاني، ص 105.

10)     تذڪره اميرخاني، ص 296-297.

سيد جلال جي مزار مڪليءَ تي، شرفا خان جي مقبري جي جنوب- مغرب ۾ موجود آهي. هن 1070هه ۾ وفات ڪئي. مزار تي ڪتبو موجود آهي (تذڪره امير خاني، ص 287، حاشيو نمبر 02).

11)       تاريخ سنڌ، جلد دوم، ص 340-341، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور 1974ع.

12)     ٺٽي جو اسلامي فنِ تعمير (انگريزي)، ص 190، اسلام آباد، سال 1982ع.

13)     پاڪستان ۾ مسجد (مسجدن) جو فنِ تعمير (انگريزي)، ص 87، لوڪ ورثا اسلام آباد، 1991ع.

14)     سنڌ ۾ مسجد (مسجدن) جو فنِ تعمير ۽ ان جي اِرتقا (انگريزي)، ص 42، اسلام آباد، 2017ع.

15)      تذڪره اميرخاني، ص 127، 128.

هي دستاويز ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏ، راشدي مرحوم درگاهه جي متوّلي وٽ ڏٺو. بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب مذڪوره دستاويز تي انگريزيءَ ۾ هڪ مضمون به لکيو (سنڌ: اسٽڊيز ان هسٽري، جلد 1، ص 210-216، ڪلھوڙا سيمينار ڪميٽي، ڪراچي 1996ع).

16) تحفة الڪرام، سنڌي ترجمو، ص 319، ص 514-517.

17)     تذڪره اميرخاني، مختلف صفحا.

 

English Books Referred:

1)     Dr. N. A. Baloch: “Sindh: Studies in History”, vol. 01, Kalhora Seminar Committee, Karachi, 1996.

2)    H. Cousens: “The Antiguities of Sindh”’, O.U.P. Karachi 1975.

3)    Ahmad Hasan Dani: “Thatta-Islamic Architecture”, Institute of Islamic History and Civilization, Islamabad 1982.

4)    Dr. Ahmad Nabi Khan: “Development of Mosque Architecture in Pakistan”,  Lok Virsa, Islamabad, 1991.

5)     Shaikh Khurshid Hasan: “Evolution and Development of Mosque Architecture in Sindh”, National Institute of Historical Cultural Research, Islamabad 2017.

6)    A. W. Hughes: “A Gazetteer of the Province of Sindh”, 1876 London, reprint: Lahore 2005

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org