سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2024ع

باب:

صفحو:8 

استاد لغاري

 

 

 

شاھه جي رسالي ۾ سِرائڪي ۽ هندي ٻولين جي

لفظن ۽ اصطلاحن جو تحقيقي اڀياس

 

شاھ جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جو شاهڪار دستاويز آهي. گڏوگڏ گھڻ ٻوليائي لفظن، لھجن ۽ اصطلاحن جو خوبصورت خزانو به آهي. شاھ جو رسالو ”اَولُ، اَللهُ، عَليمُ، اَعليٰ عالمُ جو ڌڻِي“ کان وٺي، ”اَڄُ سَڄَڻُ گھرِ آيُمِ جيڏِيُون! اَللهُ اُمِيدُون پُڄايُمِ ايڏِيُون!“ تائين، سنڌ ۾ ڳالھائجندڙ مختلف ٻولين ۽ لھجن جو گلدستو آهي. رسالي جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ جي ڪنٺ مالا ۾، معنيٰ وارا ماڻڪ، موتي ۽ مرجان ويھي مڙهيا آهن. ان سلسلي ۾ اُترادي، بلوچي، ٿري، ڍاٽڪي، سرائِڪي، سنسڪرتي، عربي، فارسي، ڪوهستاني، لاڙي، مارواڙي ۽ هندي ٻولين جا شاندار لفظ، لھجا ۽ اصطلاح استعمال ڪري، پنھنجي ڪلام ۽ پيغام کي پارس بنايو آهي. شاھ جي رسالي مان، ٻولين جا وينجھر، لفظن جون لعلون لڀن ٿا.

وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، دنيا جون سڀئي ٻوليون، ٻين ٻولين جا لفظ ۽ لھجا قبول ڪنديون رهنديون آهن ۽ ڪجھ لفظ ۽ لھجا ترڪ ڪنديون وينديون آهن. ڪن محققن جو خيال آهي، ته ”سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل آهي“، ته وري ڪجھ محققن جو چوڻ آهي، ته ”خود سنڌي ٻولي سنسڪرت جي به ماءُ آهي.“ البت ٻنهي صورتن ۾، اهو طئي آهي ته سنڌي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي. جيڪا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، ٻين ٻولين جا لفظ ۽ لھجا قبول ڪندي آئي آهي. هن وقت لکندي، پڙهندي ۽ ڳالھائيندي، شعوري توڙي لاشعوري طور تي، اسان ٻين ٻولين جا ڪيترائي لفظ استعمال ڪندا رهندا آهيون. جن جو اسان کي پتو ئي ناهي پوندو، ته اهي الفاظ نج پج اسان جا پنھنجا به آهن يا مورڳو ڌاريا آهن؟ شاھ جي رسالي ۾ استعمال ٿيل سنڌي ٻولي بابت اها راءِ قائم ٿي چڪي آهي، ته رسالي ۾ شامل ڪجھ لفظ اهڙا آهن، جيڪي متروڪ ٿيندا پيا وڃن. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، ٻين ڪھڙين ڪھڙين ٻولين جا لفظ استعمال ڪيا آهن؟ اهو ليکو چوکو لڳائڻ وڏن محققن تي ڇڏيل آهي، البت اسان هتي شاھ جي رسالي مان سرائِڪي ۽ هندي ٻولين جي چند چونڊ لفظن جو اڀياس ڪنداسين. هي لفظ شاھ جي رسالي ۾، رنگا رنگي گلدستي وانگر، سُونهن ۽ ورونهن بنيل آهن.

سرائِڪي ٻوليءَ جي لفظن جو اڀياس

·     اوڙڪِ: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي بالآخر، آخرڪار، نيٺ، پڇاڙيءَ تائين يا توڙ سُوڌو وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيتن ۾ ڪم آندو آهي.

1: سَدا آهي سُورَ جِي، واڍوڙنِ وائِـــي،

         جيڪا اَٿنِ مَنَ ۾، سَلنِ نه ســائِـــــي،

         اوڙڪِ اُهائِي، ڳوليو ڏِسَنِ ڳالَهڙِي.

سُر يمن، داستان پھريون، بيت نمبر 20

(سمجھاڻي) ”آخرڪار قرب ۾ وڏا ڪشالا ڪري، اُهائي ساڳي پريت واري ريت ۽ تمنا وڃي ٿا پُوري ڪن.“

2: ڪُڄاڙو ڏيئِي؟ آئون گڏبِــي پِريـــــــنءَ کــــــي،

          سِرُ ٿِي سُنتَ ڀانئِيان، سَڃِيندِيَسِ ســــــوئِــــي،

         اوڙڪِ اُهوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پنھونءَ جي.

سُر آبري، داستان ٻيو، بيت نمبر 13

(سمجھاڻي) ”آخرڪار اُهوئي (پنھنجو سِرُ) پياري پنهل جي خدمت ۾ وڃي پيش ڪنديس.“

·     ٻَهه ڪول: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو ٻٽو (مُرڪب) لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ويجھو ويھه، سَولو ويھه، گڏجي ويھه يا ڀر ۾ ويھه وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن مرڪب لفظ کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

آءُ ڪانگا! ٻَھِ ڪولِ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھهُ جِيُــــون،

آندءِ جي عَجِيبَنِ جا، سي خَط خُوشيءَ مان کولِ،

آئون سُڻِيان، تُون ٻـــــولِ، سَنيھـــــو سَڄَـــــڻَ جــــو.

سُر بروو، داستان ٻيو، بيت نمبر 19 

(سمجھاڻي) ”اي قربدار ڪانگل! هيڏانھن اچ. منھنجي ڀر ۾ ويھه، (مٺڙي محبوب جي) ملڪ جون ڪي خاص خبرون کولي ٻُڌاءِ.“

·          ٻَهُون: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ججھو، جام، کوڙ، دَل، گھڻو يا وڌيڪ وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيتن ۾ ڪم آندو آهي.

1: سَمو سَوائِي، ٻَهُون ٻِئنِيان اَڳـــــــــرو،

             دانَھَ جِي دَرٻارَ ۾، وَرَتِــي اِيءَ وائِــــــي،

              ڳُهُڙُ ڳالھائِي، مُھُـــــڙَ سَـــــڀِ مَلھــــائِيــــــا.

سُر بلاول، داستان پھريون، بيت نمبر 15

(سمجھاڻي) ”سھڻو سَمو سردار، ٻين سڀني (سردارن) کان، گھڻو وڌيڪ سخي، ڏاتار ۽ بختاور آهي.“

2:    تو سِين ٻولَ ٻَھُون، سَھسِين ساجنُ جي ڪَري،

         ڪَندِينءَ توءِ ڪَهُون، جي نالو ڳِيَڙُءِ نِينهَن جــــــو.

سُر آبري، داستان چوٿون، بيت نمبر 15

(سمجھاڻي) ”(اي سُورن هاڻِي سسئي!) توسان ڀلي ڪيترائي گھڻا (نيھن نڀائڻ جا) واعدا ۽ وچن، سھڻو ساجن ڪندو رهي.“

·     ٽوري: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ٽُرائي، هَلائي، گُهمائي ڦِرائي وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين وائيءَ ۾ ڪم آندو آهي.

پَلَڪَ نه رهي دِلِ ٽوري،

وَرُ مِيان خان بَلوچـــــــا!

اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿــــــــان ٽَڪَـــــــرَ ٽـــــــوري.

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُوئَنِ کي، ڪُلهنِ تـــــان ڪــــــوري.

ڪانگَ کِينَمِ ڪيچَ جا، ماسُ چُنجَنِ سان چوري.

ڇُلِي پِھَندِيَسِ ڇَپرين، جَبَلُ وِجَهندِيَسِ جھــــوري.

ڏُکَ لاهِيندِيَسِ ڏِيلَ جــا، ســـــاڻُ عَجِيبَـــــنِ اوري.

پَھُچايو پَرِيَٽَ کي، ٿَڪَلِ کي ڪنھن ٿـــــــوري.

آرِياڻِي، عبدُاللطِيفُ چَئي، سارَ لَھَندَمِ ســـــوري.

سُر آبري، داستان ڏهون، وائي نمبر1

(سمجھاڻي) ”آئون اُٺَ چارينديس اُن (خان پنهل) جا، ٽڪر جي مٿان ٽُرائي گُهمائي ڦِرائي.“

·     ڄُلَڻَ: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو مصدر لفظ آهي، جيڪو بنيادي صيغي امر ”ڄُل“ منجھان قائم ٿيو آهي. هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي هلڻ، چلڻ، اڳتي وڌڻ، پنڌ ڪرڻ، هل هلان ڪرڻ وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

سوئِي کڻِيو ساڻُ، سوئِي ڏورِيين سسئِي!

ڪَڏِهن ڪَنِي نه ٿِيو، ڄُلَڻَ مَنجھان ڄــــــاڻُ،

پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ، ته تُون تِيائِين لَهِيـــــن.

سُر آبري، داستان ٽيون، بيت نمبر 10

هن بيت جي ٻي نمبر سِٽ ۾، سرائِڪي ٻوليءَ جو مصدر لفظ ”ڄُلَڻَ“ موجود آهي. ان جي صحيح سُريلي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته: ”انھي پڌري پنڌ ڪرڻ (هل هلان ڪرڻ) مان ته، ڪڏهن به ڪنھن کي (پياري پنهل جو) ڏس پتو ڪو نه مليو آهي.“

·     ڄُليج: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو بنيادي طور ”ڄُل“ مان ورتو ويو آهي. هن لفظ جي معنيٰ آهي هل، پنڌ ڪر، رڙھ، اڳتي وڌ وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

تَحقِيقَ جِي تُون ڀَرِي، مَٿـــــــي رِءَ کڻيـــــــــجُ،

ٻانھُنئان ٻَهَرَ ٿِـــــي، ڪُشتِــــــــي ڪَمائيـــــــجُ،

سَنڌَنِ رِءَ ســــاري، ڄَنگَهـــــــنِ رِءَ ڄُـــــليـــــــجُ،

جا حاج هَٿنِ رِءَ نه ٿِئي، سا ٽُنڊو ٿِي ڪَريجُ،

ھَڪَلَ حَقِيقتَ جِي، ٻــــوڙو ٿِـــــــي ٻُڌيــــــــجُ،

اَنڌو ٿِي پَسيجُ، مُشاھِدو مَـحبُــــــوبَ جــــــــو.

سُر آسا، داستان چوٿون، بيت نمبر 05

هن بيت جي ٽين نمبر سِٽ، جنھن ۾ ”ڄُليجُ“ لفظ ملي ٿو، ان جي سَولي سھڻي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”سَنڌن جي سار (يادگيري) ڇڏي، ظاهري ڄنگھن کان سواءِ (دل جي قدمن سان) ڄُلندو ڄُل.“

·          ڏوڙا: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ٻيڻا، ٻيڻا ٽيڻا، وڌارا، ڀاري، ڳرا، تمام گھڻا وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

قُوتُ جَنِي جو ڪُوڻِيُون، پَرهَنِ پاٻــــــــــوڙا،

پايو منھن مهـراڻَ ۾، ڪَـــــــڍنِ ڪالـــــــوڙا،

جَنِ تي ڏَنَ هُئا ڏوڙا، سي سَڀَ اِنعامِي ٿِئا.

سُر ڪاموڏ، داستان ٻيو، بيت نمبر 15

هن بيت جي ٽين ۽ آخري سٽ ۾ لفظ ”ڏوڙا“ استعمال ٿيل آهي. جنھن جي سَولي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”جن مسڪين ملاحن تي، ڍل ۽ محصول وارا قانون، ٻيڻا ٽيڻا ۽ ڳرا مقرر ٿيل هئا، اُهي سڀ (سمي ڄام سُلطان وٽ) انعام ۽ اڪرام سان نوازجي ويا.“

·     ڏُون: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ٻه. هي لفظ تمثيلي معنيٰ ۾ ڪم آندل آهي. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيتن ۾ ڪم آندو آهي.

1: جا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مَٿي سَڄَڻين،

ڌِڱَ لَــــٽِـــبـــــــا ڌُوڙِ ۾، اُڀـــــــــي ڏِٺـــــــاسُــــــون،

ڏِينهَن مِڙوئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لطِيفُ چَـئــــــي.

سُر راڻو، داستان ڏهون، بيت نمبر 13

هن بيت جي ٽين ۽ آخري سِٽ، جنھن ۾ لفظ ”ڏُون“ موجود آهي، ان جي فڪري معنيٰ ۽ سھڻي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته: ”سھڻو شاھ لطيف چوي ٿو، ته (اي انسان!) اٿي جاڳ! وڏي ڪوشش ڪر، ڇو جو هيءُ جهان فقط ٻن ڏينهن جو (چل پل چٽڪو) آهي.“

2: چَلَ ته چارَڻَ! تو ڏِيان، پِرھ پَٽـــــــولا ڏُون،

تازِي ڏِيانءِ تَڪڙا، ڀــــارِي ڏِيـــــــانءِ ڀُـــــــون،

مُحِبُ منھنجي کي تُون، مَٺو گُهرِ مَ مَڱڻا!

سُر سورٺ، داستان چوٿون، بيت نمبر 29

هن بيت جي پھرين سِٽ ۾ لفظ ”ڏُون“ ملي ٿو. جنھن جي ظاهري لفظي معنيٰ هن ريت آهي، ته: ”اي چڱا چارڻ! هلي آءُ ته توکي، سج اُڀرڻ کان به اڳ ۾، (پِرھ ڦُٽيءَ جو) ٻه ٽي بخمل (ريشم) جا ٿانَ ڏيئي ڇڏيان.“

·     ڪَوڙا: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ڪَڙا، کارا وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين سِٽن ۾، استعاري طور ڪم آندو آهي.

1: سَڄَڻَ ماکيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِيـن.

2: سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَوڙا ٿِينِ نه ڪَـڏِهِيـــن.

3: سَڄَڻَ ماکيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهيين.

4: سَڄَڻَ ماکيءَ مَٽِ، ڪَوڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِيــن.

سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت نمبر مختلف.

شاھ صاحب هنن چئني بيتن جي آخري چوٿين پدن ۾ لفظ ”ڪَوڙا“ استعمال ڪري، مِٺِي ماکيءَ جي ضد ۾ ڪم آندو آهي. مطلب ته ”سھڻو سڄڻ ماکي مِٺو آهي. سھڻو سڄڻ ماکيءَ جي رس آهي. سھڻو سڄڻ ماکيءَ جو ذائقو آهي. سھڻو سڄڻ ماکي مٽ آهي.“

·     ڳِيُون: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو بنيادي لفظ ”ڳِيا“ مان نڪتل آهي. هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي وَئين، پَھُتين، رَسِيين وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هي لفظ هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

ڀِيڙَ هُئِي چَوگانَ، تَڏِهن تُون نه ڳِيُــــون،

مَٿيرِيُون سيڻانَ، وييُون ڪاڇو اُڪَرِي.

سُر ڏهر، داستان ٻيو، بيت نمبر 15

هن بيت جي پھرين سِٽ جي سَولي صحي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته: ”جڏهن تنھنجي ساٿي ڪُونجڙين جي، چَوطرف ڀِيڙ (ڪاهو ڪاھ ۽ اچ وڃ) هُئي، تڏهن تون انھن سان اُڏي ڇو ڪين وئين؟“

·     ھَنجَھ: هي سرائِڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي لُڙڪَ، آنسُو، اکڙين جو پاڻي، نيڻن جو نِير يا ڳل جو ڳوڙهو وغيره. پاڻيءَ ۾ رهندڙ هڪ خوبصورت پکيءَ جو نالو به هَنجھ آهي، پر هتي هن هنجھ مان مُراد پاڻيءَ جو پکي ناهي. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

جيڪا ڪَندِي مَنجھ، مُون جِئن ٻاروچَنِ سِين،

مَٿان ڳَلَنِ هَنجھ، ڪِيــنَ لاهِينـــــدِي ڪَڏِهيــــن.

سُر حسيني، داستان ستون، بيت نمبر 10

هن بيت جي ٻئي نمبر سِٽ جي سھڻي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته: “ٻاروچن سان پيچ پائڻ واري (سَکِي)، پنھنجي ڳلن تان ڳوڙهو ڪڏهن ڪو نه سُڪائيندي.”

·     هَنجُهون: هي لفظ سرائِڪي ٻوليءَ جي ”هَنجھ“ جو جمع آهي. جنھن جي لغوي معنيٰ آهي لُڙڪن جون لارون ۽ آنسُوئن جون قطارون وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هي لفظ هيٺين بيتن ۾ ڪم آندو آهي.

1: آئون سِين اُنَ پارِ، ڪَڏِهن تان ڪو نه پِيــــو،

       ”اِنَّ اللهَ وِترُ يُحِبُّ الوِترَ“، نيئِي ٻِيائِي ٻـــــــــارِ،

       هيڪَڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجُهون جي”هُئَڻِ“ جُون.

        سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت نمبر 03

هن بيت جي ٽين ۽ آخري سِٽ جي فڪري سمجھاڻي هن ريت آهي، ته: ”اي سچا سالڪ! وحدانيت واري واديءَ ۾ وڃي، پنھنجي هستي، هوڏ ۽ هُئڻ تي پڇتاءِ ۽ وڃي عاجزيءَ وارا ڳوڙها ڳاڙ.“

ٻيون سِٽون هن ريت آهن:

2: پَرَ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي، هَئي! هَنجُهون هارِيــــنِ. يمن

3: آيَلِ! اُنِ نه وِسهـــــان، هَنجُهــــــون جــــــي هــــــارِينِ. يمن

4: هَنجُهون نه وَسائِينِ، پاڻِي پُنھـــونءَ ڄــــــامَ ري. ديسي

5: مَٿي ڪِيو ڀُوڻان، هَنجھـــــــنِ هاڻا هَــــٿــــڙا. ڪوهياري

6: تو لئي هَنجُهون هارِيان، هِي جي مَنجھان هيـــجِ. راڻو

7: م ڪِين رو، م رڙ ڪِين، هَنجُهون هَڏِ م هارِ. مارئي

هندي ٻوليءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن جو اڀياس

·          ٻوليو: هي هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ڳالھايو، چيو، آکيو، گُهريو، طلبيو، احوال ڪيو، سوال ڪيو وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيتن ۾ ڪم آندو آهي.

1: ڪِيَ جو ٻِيجَلَ ٻوليو، ڀِنِــــــيءَ ويـــــهِـــــــي ڀـــــــــانَ،

      راجــــــــــا رَتـــــــــولَــــــــنِ ۾، سِيبــــاڻـــــــــو سُلــــــطـــــــانَ،

      آءُ مَٿـــــــاهـــــون مَـــڱــــڻـــــــا! مُــــقـــــابِــــــــلِ مَـــــيـــــدانَ،

     گھورِيان لک لطيفُ چَئي، تنھنجي قدمَنِ تان قُربانَ،

      مَٿو هِي مِزمــــــــانَ! هَـــــــلِــــــي آءُ تـــــه هِــــــتِ ڏِيـــــــان.

سُر سورٺ، داستان پھريون، بيت نمبر 11

هن بيت جي پھرين سٽ، جنھن ۾ لفظ ”ٻوليو“ ڪم آيل آهي، اُن سٽ جي صحيح سمجھاڻي هن ريت آهي، ته: ”ٻِيجَلَ (چارڻ فقير) ڀِنِيءَ رات جو ويھي، داتا جي دروازي تي، ڪو عجب جهڙو سُوال ڪيو.“

2: ٻيلي ٻيئِي پارَ، مُون نيڻين گھڻو نِهارِيا،

چوري رَکيَمِ چِتِ ۾، ڏِسِيَــنِ جــــــا ڏاتـــــــارَ!

هِي سِرُ توهان ڌارَ، ٻِيجي ڪنھن نه ٻولــيـو.

سُر سورٺ، داستان ٽيون، بيت نمبر 6

هن بيت جي ٽين ۽ آخري سٽ ۾ ساڳيو (ٻوليو) لفظ ڪم آيل آهي. اُن سٽ جي سَولي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته: ”(اي سخي سردار! تو وٽ انھيءَ ڪري آيو آهيان، جو) صدا ۾ سِر ڏيڻ، تو کان سواءِ ٻئي ڪنھن به ڪو نه قبوليو آهي. (ڏيڻو ڪو نه ڪيو آهي).“ هن ساڳئي سُر ۽ ساڳئي داستان جي وائيءَ ۾، اها ساڳي سٽ سمايل آهي. جنھن جي سمجھاڻي به ساڳي ٿيندي. فرق فقط هي آهي، جو وائيءَ ۾ سٽ جا پد اڳتي پوئتي ڪيل آهن.

·     ٻيٽِي: هي هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي نياڻي، ڌيءَ يا ڇوڪري وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

ٻانڀـــــــڻ ٻيٽِــــي آهيـــــان، پَــــريٽــــــنِ پالِيـــــاسِ،

حُسن هوتَ پنھونءَ جي، ماري موت وِڌِيـــاسِ،

جانڪِيتان جِيَندِياسِ، پُوندِيَسِ وَرِ وِصالَ جي.

سُر ديسي، داستان چوٿون، بيت نمبر 6

هن بيت جي پھرين سٽ، جنھن ۾ لفظ ”ٻيٽِي“ ڪم آيل آهي، ان جي ظاهري سِٽ وار سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”آئون بنيادي طور (اصل ۾ ته) هڪ ٻانڀڻ جي ڌيءَ آهيان. پر پوءِ مون کي ڌوٻين پالي وڏو ڪيو.“

·     ٻِيجي: هي هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ٻئي، اُن کان علاوه، ٻئي کان سواءِ وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين وائيءَ ۾ به ڪم آندو آهي.

مَٿو ۾ کِينڪارَ يـــــــارَ!

ڏانَ ڏِيندو سَئِين مَڱڻا!

مُون مَنُ آهي موهِيو، تُنبــــي جِـــــي تــــــوارَ.

ٻِيجي ڪنھن نه ٻولِيو، هيءُ سِرُ توهان ڌارَ.

لَڄِيندو ٿو لاهِيان، ڪِينهي مَنــجِھ ڪَپـــــارَ.

مَڇُڻُ موٽِي ڪا ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتـــــــارَ.

”ڪُلُّ نَفسِ ذائِقَتُ المَوتِ“، پَرُوڙِ اِيَّ پَچـارَ.

      سُر سورٺ، داستان ٽيون، وائي نمبر 1

هن وائيءَ جي ٻئي نمبر مصرع ۾، لفظ ”ٻِيجي“ ڪم آيل آهي. جنھن جي سَولي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”ايئن هي سکڻو سِر، تو هڪڙي کان سواءِ، ٻئي ڪنھن به ٻِيجل (سُوالي) ڪو نه گُهريو آهي.“ اهو ساڳيو لفظ مٿي ڏيکاريل بيت ”ٻيلي ٻِئي پارَ، مُون نيڻين گھڻو نِهارِيا“ ۾ به استعمال ٿيل آهي.

·     تَندُ تُمهارِي تانُ: هي هندي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ ٿيندي، تنھنجي سُرندي جو جيڪو سَوزُ ڀريو سُر آهي، تنھنجي واڄي جو جيڪو واڪو آهي، تنھنجي ساز جيڪو سُريلو سُوال ڪيو آهي، (سو قبول پئجي ويو آهي) شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن اصطلاح کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

تَندُ تُمهارِي تانُ، ڪَهِيو ســـــو قبُــــــولُ پِيــــو،

سِرُ تان آهي سَٽَ ۾، ٻِيو ڪِين مَڱـــــــجِ ڏانُ،

خاڪَ مِٽِيءَ ڪا بانُ، ڪاٽِيا پوءِ ڪُجُھ نَهِين.

سُر سورٺ، داستان چوٿون، بيت نمبر 4

هن بيت جي پھرين سٽ ۾ ڪم آيل اصطلاح جي فڪري معنيٰ ۽ سمجھاڻي هن ريت آهي، ته: ”(اي ميان مھربان مڱڻا!) تو سُرندي واري سَوز ڀريي سُر سان، جيڪو به اچي گُهريو آهي، سو سڀ قبول پئجي ويو آهي.“

·     حال هَمارو: هي هندي ٻوليءَ جو ٻِٽو (مرڪب) لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي اسان جو حال، اسان جو هيڻو حال، اسان جو اڀرو سڀرو حال وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن ٻِٽي لفظ کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

وَسِيلو نه وَسُ، ڀُنگِيءَ ڀَرُ نه سارِيــان،

پَتَڻُ ڏِيندو پاتڻِي، اَهُــکِــــيءَ ۾ اَوَسُ،

حال هَمارو پَسُ، سَندا روضَنِ راڄِيا!

سُر ڌناسري، داستان ڇهون، بيت نمبر 8

هن بيت جي ٽين ۽ آخري سِٽ ۾ هي ٻِٽو (مرڪب) لفظ استعمال ٿيل آهي. جنھن جي آسان سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”اي راڄ ڀاڳ وارا روضي ڌڻي! تون اسان جو هي هيڻو حال ڏس.“

·          خاڪ مِٽِي ڪا بانَ: هي هندي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ ٿيندي مِٽِيءَ جو ماڻ، خاڪ جو ذرو وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن اصطلاح کي سُر سورٺ جي داستان چوٿين، بيت نمبر 04 ۾ ڪم آندو آهي. (ڏسو: تَندُ تُمهارِي تانَ)

·          ڍول! هَمارِي ڳالھڙِي: هي هندي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي، اي پيارا پِرين! جيڪا ڳالھڙِي توسان مون سلي آهي، اي منھنجا مٺڙا محبوب! تنھنجي منھنجي درميان جيڪا ٿيل گفتگو آهي. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن اصطلاح کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

کَران وِجُھ مَ واتِ، ڍول! هَماري ڳالهڙِي،

مَڇُڻُ رَتِــــي راتِ، اورَڻِ ۾ اُوڻِـــــي وَهــــي.

سُر آسا، داستان ٽيون، بيت نمبر 12

هن بيت جي پھرين سِٽ ۾ هي اصطلاح استعمال ٿيل آهي. جنھن جي سِڪ ڀري سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”اي منھنجا ڍول پرينءَ! تنھنجي منھنجي پريت (دل لڳي) واري ڪھاڻي، کرن (رقيبن) جي زبان تائين وڃڻ نه ڏي.“

·     رم گيو: هي هندي ٻوليءَ جو ٻٽو (مرڪب) لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي روانو ٿي ويو، هليو ويو، گُذاري ويو وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن مرڪب لفظ کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پِٽَـــــڻِ ٿِيُـــــــون پِٽِيــــــنِ،

سَهسِين سورَٺِ جَهِڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِيـنِ،

چوٽو چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِيــو ڏِيــــــنِ،

نارِيُون ناڏَ ڪَرِينِ، راجــا راتِ رَمَ گــيــــــو.

سُر سورٺ، داستان چوٿون، بيت نمبر 11

هن بيت جي چوٿين ۽ آخري سِٽ، جنھن ۾ هي ٻٽو (مرڪب) لفظ ”رم گيو“ ڪم آندل آهي، ان سِٽ جي سُھڻي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”محلات جون آڳ اوڳاڇيندڙ توبون، ڌڌڪا ۽ ڌماڪا پيون ڪن. ڇاڪاڻ جو راجا، رنگ محل مان رات روانو ٿي ويو آهي. (گذاري ويو آهي.)“

·     ڦِر ڦِر سيوا: هي هندي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي وري وري خدمت، وري وري خدمت چاڪري، هر هر پُوڄا وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن اصطلاح کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

سَيدُ پِيرُ سَمُونڊر هَئي، اَنتَ نه ڄاڻي ڪو،

ڦِر ڦِر سيوا جو ڪَري، ماڻِڪَ پـــــاوي سو.

هن بيت جي ٻي نمبر سِٽ ۾ هي اصطلاح ڪم آندل آهي. جنھن جي آسان سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”جيڪو سالڪ، پنھنجي مُرشد جي خدمت چاڪري وري وري پيو ڪندو، ته انھيءَ کي ئي (پنھنجي نيڪ مطلب جو) ماڻڪ پيو ملندو.“

·          ڪاٽِيا: هي هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي وڍيو، ڪپيو يا ڪُٺو وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي سُر سورٺ جي داستان چوٿين، بيت نمبر 04 ۾ ڪم آندو آهي. (ڏسو: تَندُ تُمهارِي تانَ) سِٽ جي سمجھاڻي: ”هيءُ سِرُ ۽ بُت مِٽِيءَ جو ماڻ ۽ خاڪ جو ذرو آهي. (اي چڱا چارڻ!) جيئن ئي تون اُن کي ڪاٽِيندين، ته پوءِ تنھنجي ڪم جو ڪجھ به ڪو نه رهندو.“

·     ڪَھان: هي هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي چَوان، آکان، گُهران، ڳالھايان، صدا هڻان، يا سُوال ڪريان وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

تو دَرِ آيُــــــسِ راڄِيــــــا! ٻِيـــــــا دَرَ ڏيئِـــــــي ٻَــــــنِ،

ڪَهان جو ڪُماچَ سِين، سو سُڻُ سَٻاجھي ڪَنِ،

جا مَنڱ منھنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومَ سَڀَڪا.

سُر سورٺ، داستان پھريون، بيت نمبر 09

هن بيت جي ٻي نمبر سِٽ ۾ لفظ ”ڪَهان“ ڪم آندل آهي. جنھن جي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”(اي سخي سردار!) جيڪو سُوال ساز وڄائيندي ٿو ڪريان، اُهو (عرض) پنھنجي ٻاجھ ڀريي ڪنن سان ٻُڌ.“

·     ڪَهِيو: هي هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي چيو، آکيو، گُهريو، ڳالھايو، سُوال ڪيو، ٻولايو، چِتايو يا اچئي ٿو وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيتن ۾ ڪم آندو آهي.

ڪَهِيو ڇَنڊِينِ ڪانَ، هَڏِ نه هَٽائِينِ ڪِيــــن،

ٿِئا جي نِيشانَ، سي پھرين سِين پُورا ٿِئا.

سُر يمن، داستان ٽيون، بيت نمبر 21

هن بيت جي پھرين سِٽ ۾ لفظ ”ڪَھِيو“ ڪم آندل آهي. جنھن جي سَولي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”(مِٺڙا معشوق) پنھنجي عاشق کي ٻولايو ٿا ڪانَ هَڻن، نشانو تڪڻ کان پوءِ، (نظرن جو تير) پوئتي هرگز نٿا هٽائين.“

(ٻئي بيت لاءِ ڏسو: تَندُ تُمهارِي تانَ)

·          ڪِيڻَ: هي هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ڪيڏانھن؟ ڪھڙي پاسي؟ يا ڪھڙي طرف؟ وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي هيٺين بيت ۾ ڪم آندو آهي.

ڪوهيارو ڪيڻانِ، ڪِيڻَ وَڃِي ڪاڏي وَڃان؟

مُون ڀانيو سيڻانِ، ڇَپَـــرِ ڪَنـــــدِيَسِ پَنــــــڌڙا.

سُر حسيني، داستان ڏهون، بيت نمبر 06

هن بيت جي پھرين سِٽ ۾ لفظ ”ڪِيڻَ“ ڪم آندل آهي. ان سِٽ جي سَولي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”منھنجو قربدار ڪوهيارو، انھن (ڏيرن) وٽ آهي. آئون (اڪيلي) ڪيڏانھن ۽ ڪھڙي طرف وڃان؟“

·     ھَماري پاس: هي هندي ٻوليءَ جو ٻِٽو (مرڪب) لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي مون وٽ، مون سان گڏ يا منھنجي ساٿ ۾ وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن ٻِٽي لفظ کي هنن بيتن ۾ ڪم آندو آهي.

1: ڏيرنِئُون، سُورَنِ کي، سَئين ڀَتين شاباسِ!

          هُئا هَماري پاسِ، ٻيلِـــــــي ٿِئـــــــڙمِ ڇَپريـــــــن.

          سُر حسيني، داستان پنجون، بيت نمبر 20

2: تَنِ سُورَنِ کي شاباسِ! جَنِ مُون سان گھارِيو،

          ٻيلِي ٿِئڙمِ ڇَپرين، هُئـــــــــا هَمــــــــاري پــــــــــاسِ،

          جَڏِھ پنھونءَ کي گَڏِياسِ، تَڏِھ ويچارا وَرِي وِئا.

سُر حسيني، داستان ڇهون. بيت نمبر 21

هنن ٻنھي بيتن ۾ مرڪب لفظ ”هَماري پاس“ استعمال ٿيل آهي. البت ساڳي سِٽ جا پد اڳتي پوئتي ٿيل آهن. انھي سِٽ جي سمجھاڻي هن ريت آهي، ته ”(جيڪي سُور) مون سان هردم گڏ رهيا ۽ بيحد ڏکين ڏونگرن ۽ پهاڙن ۾ به منھنجا ساٿي ٿيا.“

·     ھيڪُ: هي هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي هڪُ، فقط هڪڙو، يڪتا، اڪيلو ۽ واحد وغيره. شاھ صاحب پنھنجي ڪلام ۾، هن لفظ کي جام جاين تي ڪم آندو آهي.

1: مِييــــــن ۽ مَڱڻــــــي، ڪـــــــا جــــــا ڳـــــالـــھ ڳُجِهـــي،

      سا ٻائِيين، دائِيين، ٻانھيين، سوجھي تان نه سُجِهي،

      پِئــــا وِيــــــرَ وِمــــــــاسَ ۾، عاقِلَ وِئــــــــا اُجِهـــــــي،

      ڪوڙِيين جِي ڪَرِيمَ ري، ويئِي مَــــــــــتِ مُنـجِهـــــي،

      هيڪُ ٻِيجَلَ ٿي ٻُجِهي، ٻِي خَبَرَ هُئِي کنگھارَ کـــي.

سُر سورٺ، داستان چوٿون، بيت نمبر 13

سمجھاڻي: ”بس، (اها راز واري ڳالھ) هڪ ٻيجل کي ئي معلوم هئي، ٻي خبر هئي سخي سردار راوَ کنگھار کي.“

2: ڪِنھن ڪِنھن پيئِي ڪَلَ، ته هَردوئِي هيڪُ ٿِئا.

(سورٺ)

3: راجا، راڳائِي، هَردوئِـــــــــي هيــــــــڪُ ٿِئــــــا.

(ســـــــورٺ)

4: ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، هَلِجِ پاســــــي هيــــڪُ.

(ڪوهياري)

5: چَلَ ته چارَڻَ! تو ڏِيان، پِرھ پَٽولو هيـــڪُ.

(ســـــــــورٺ)

6: هيڪُ پِيالو، ٻه ڄَڻا، عِشقُ نه ڪَري اِيئــن.

(يـــــــمـــــــــن)

7: ڄاڻي هيڪُ اَللهُ، پاڻُ وَڻَندِيُون جو ڪَري.

(ڪيــــــڏارو)

مٿي ڏيکاريل سرائِڪي ۽ هندي ٻولين جي ڪجھ لفظن ۽ اصطلاحن جي تحقيقي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو، ته شاھ لطيف رحه پنھنجي ڪلام ۾،

جتي ٻين ٻولين جي لفظن، لهجن ۽ اصطلاحن کي استعمال ڪيو آهي، اتي سرائِڪي ۽ هندي ٻولين جي لفظن، لهجن ۽ اصطلاحن کي پڻ پنھنجي ڪلام ۾ جڳھ ڏني آهي. شاھ جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو شاندار شاهڪار آهي، جيڪو صدين تائين سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت، رکوالي ۽ رهنمائي ڪندو رهندو. دنيا جي ڪنھن به ٻوليءَ جي شاعر لاءِ اهو لازمي هوندو آهي، ته اهو پنھنجي تخليق کي سگھارو، سھڻو ۽ سَلُوڻو بنائڻ لاءِ، تجنيس حرفيءَ جو استعمال هر حالت ۾ ڪري. ان لاءِ ڪنھن به شاعر کي ٻين ٻولين جا لفظ ضرور شامل ڪرڻا پوندا آهن. ٻي صورت ۾ سندس ڪلام ڇَسو، ٻُسو ۽ بي سوادو پيو لڳندو. اهوئي سبب آهي، جو شاھ لطيف رحه جو پوري جو پورو ڪلام، تجنيس حرفيءَ جو خزانو لڳي ٿو. شاھ سائين سنڌي ٻوليءَ کان علاوه، دنيا جي ٻين به ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ، لھجا ۽ اصطلاح استعمال ڪري، پنھنجي ڪلام ۽ پيغام کي، انتهائي خوبصورت بنايو آهي. جنھن جو چٽو مثال سرائِڪي ۽ هندي لفظن جو شامل هجڻ به آهي.

حوالو:

لغاري استاد، شاھ جو رسالو، ڇپائيندڙ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور سنڌ. ڇاپو پھريون، سال 2013ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org