

شاعري

جنم: 1919ع
وفات: 1990ع
شاعر، جڏهن ايڪانت ۽ ايڪاگر ۾ ويھي، پنھنجي شعر ۾
واسطيدار قوتون ڪم آڻي ٿو، تڏهن هن کان سڀ ڪجهه
وسري وڃي ٿو ۽ هڪ خيال ۽ هڪ حال ٿي، پنھنجي کنيل
ڪم کي پايه تڪميل تي پھچائي ٿو. يا ٻين لفظن ۾
ائين کڻي چئجي ته دل ۽ دماغ جي ٻه درياهي وهائي،
شاعرانه زمين کي رت سان ريج ڏئي ٿو، جنھن مان جيڪي
به قيمتي گل ٻوٽا ۽ پن ٻوٽا پيدا ٿين ٿا، سي نه
رڳو سنڌ جي رڻ ۽ رائي، پٿر ۽ پوٺي، دڙي ۽ دنگ، جهر
جهنگ کي هميشه، هميشه لاءِ، سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان قائم
رکن ٿا؛ پر جيڪڏهن اهو شعر، ٻين زبانن ۾ ترجمو ٿئي
ته جيڪر ولايت به واسي ڇڏي. هي هڪ اَمر ڪارنامو
آهي، جو سنڌ جي گَهِرَ گنڀير اديب ۽ شاعر شيخ اياز
نھايت سھڻي سليقي سان سرانجام ڏنو آهي.
شيخ اياز جي ڪلام جا ڪيترائي پھلو ٿي سگهن ٿا، پر
اڄوڪي ادبي صحبت ۾ سندس لغوي پھلوءَ کي ڏسنداسين
ته ڪيتري قدر لغت تي دسترس رکي ٿو. شيخ اياز جي
لفظن ذخيري يا لغوي پھلوءَ کي پرکڻ لاءِ ٻين
معيارن کي مَٽي، فقط لوڪ ادب جي ٻن صنفن- سينگار ۽
ڏَهس- جو ماڻَ مقرر ڪريون ٿا، جنھن مان آسانيءَ
سان کنيل ڪم جا آثار نمودار ٿيندا.
لوڪ ادب جون به ڪيتريون ئي مختلف شاخون آهن، جن
مان ’سينگار‘ ۽ ’ڏهس‘
نھايت اوچي پد تي پھتل آهن؛ ڇاڪاڻ ته انھن ئي صنفن
۾ لغوي مواد جهجهو آهي، جنھن بنان مڪمل سنڌي لغت
جوڙڻ ناشدني بلڪ ناممڪن آهي. شيخ اياز، ’سينگار‘ ۽
’ڏهس‘
جا ڪيترائي الفاظ، پنھنجي شعر ۾ نھايت صفائيءَ سان
آندا آهن، جن مان بخوبي پتو پوندو ته هن کي اهڙن
لفظن تي آڙيءَ وارو عبور حاصل آهي. سندس شعر جي
خوبي اها آهي ته هن هندي، سنسڪرت، پراڪرت،
راجسٿاني وغيره جي لفظن ۽ محاورن کي پنھنجو ديسي
ويس پھرائي ڇڏيو آهي، جنھن ڪري هر جڳھه تي، هر لفظ
۽ هر محاورو جلوا پيو وجهي.
اهو بلاشبه تسليم شده آهي ته جو به ڌاري ٻوليءَ جو
لفظ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ويس بدلائي آيو ته اهو سنڌي
سمجهڻ کپي؛ ڇاڪاڻ ته اهائي وسعت واري زبان چئجي،
جا ڌارين لفظن کي پنھنجي آغوش ۾ جاءِ ڏئي. مثلاً:
ٽڦلو، عام سنڌي لفظ آهي، جو روپ بدلائي، عربيءَ ۾
’اطريفل‘ ٿيو، پر اصل ۾ هندي لفظ ’تري ڦل‘ (ٽي ڦل
يا ميوا: هريڙون، ٻھيڙا، ۽ آورا) آهي. هاڻي جيڪڏهن
بازار مان ’تري ڦل‘ گهرانداسين ته ڪو ڏس نه ڏيندو؛
پر جيڪڏهن ’ٽڦلو‘ گهرنداسين ته مقصد برصواب ٿيندو.
اهڙيءَ طرح ’ڪڙيو‘ لفظ ’واهه‘ جي معنيٰ ۾ استعمال
ٿئي ٿو، پر اصل لفظ عربي ’قريہ‘
آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ’ڳوٺ‘، اسان وٽ ’ڪڙيون‘
مروج آهي.
انھن مثالن ڏيڻ جو مطلب هيءُ آهي ته جنھن به زبان
جو لفظ، پنھنجو روپ بدلائي، سنڌيءَ ۾ ٻيو روپ
اختيار ڪيو آهي، سو سنڌي لفظ يا سنڌي محاوري جو
لفظ سمجهڻ کپي. شيخ اياز به سنڌي نثر توڙي نظم ۾
سنسڪرت، هندي، پوربي وغيره لفظ ۽ محاورا استعمال
ڪيا آهن، سي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي نھايت زيب آور
لڳن ٿا.
درحقيقت اهو شاعر جو احسان عظيم آهي، جو نون لفظن
جو تز استعمال پنھنجي شعر ۾ ڪن ٿا. شيخ اياز سعيو
ڪري، اهي نوان لفظ استعمال نه ڪيا آهن، پر وٽس
لفظي ذخيرو ايترو ته جهجهو آهي، جو جڏهن به شعر
لکڻ ويھي ٿو، تڏهن سڀ لفظ، هڪ ٻئي پٺيان پريڊ
ڪندا، سندس قلم تي اچڻ لاءِ، هڪيا حاضر رهن ٿا، پر
شيخ اياز انھن کي ضابطي ۾ رکي هر هڪ لفظ کي پنھنجي
مناسب حيثيت آهر رکندو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح جڏهن
لفظ شعر ۾ نمبروار بيھي وڃن ٿا، تڏهن شعر جي
معنيٰ، نازڪ خيال ۽ تخيل جي پرواز کي ايئن ته
چمڪائين ٿا، جو شعر گويا نولکو هار پيو ڀائنجي، جو
سنڌيءَ جي ڪونج گلي ۾ گل گل پيو ٺھي! اهڙي سٽا
بيھارڻ، انھيءَ قابل ڪاريگر جو ڪم آهي، جنھن وٽ
اکٽ ۽ املھه لفظي ذخيرو موجود آهي.
عبدالڪريم سنديلو
سرفراز راڄڙ
|
 |
غزل
ڳلي ڳلي ۾ ڳالھه اهائي،
وات ۾ هر ڪنھن جي ٿي وائي.
آيو جوڳي جوءِ ۾ آھي،
جوڳي مرلي آھي وڄائي.
هر من مرلي موهيو آھي،
مرلي ڏاڍي ڌوم مچائي.
ديپڪ جو تنهن راڳ سڻايو،
آگ انھيءَ ڪا راڳ لڳائي.
سارنگ جو جي سر ٿو ڳائي،
هر اک ان تي بوند وسائي.
بوندون برسيون ٿاڌل ٿي وئي،
ڳالهه ’فراز‘ جي دل تي آئي.
سڀ اهي ٿا سارنگ ڳائين،
جوڳي سان جن جند اڙائي.
عنايت بلوچ
|
 |
غزل
ساجهري اڄ ڇو انڌارو آ ٿيو،
دوستو! ڪوئي ڏيئو ٻاري ڏيو.
جيڪا ٽمڪي ٿي وسامي سا به وئي،
باهه کي ڦُوڪو نه شايد ڪنهن ڏنو.
واهرو شايد وري ٿيا ويسلا،
ٿورڙو اڳ ۾ ته هو يَرَ سوجهرو.
جيستائين مچ کي ٻاري وجهو،
تيستائين چڻنگ ئي روشن ڪريو.
يار سُستيءَ کي ڇڏي چُستي ڪريو،
سنڌ مان جلدي انڌارن کي ڪڍو.
ڪا ’عنايت‘ پاڻ تي اهڙي ڪريو،
ڪاميابي، سوڀ جا نعرا هڻو.
غزل
توکي ساريو ساهه سويرو،
پر تون آئين يار اويرو.
هر جا من ۾ خيما کوڙيئي،
دلبر تنهنجو دل ۾ ديرو.
ڏس ته ڪٿي تو جوڙيون جايون،
اکڙين ۾ تنهنجو آکيرو.
روز نهاريان تنهنجون راهون،
ڪين ڀلارا ڀڃجان ڀيرو.
پيارا پير اڱڻ تي پاتئي،
ٿي ويو منهنجو مانُ مٿيرو.
يار ’عنايت‘ ياد ڪيو آ،
ڀانيان پنهنجو ڀاڳ ڀليرو.
ª
ادل سومرو
|
 |
وائي
ڊُڪن ٿا سرڪسي گهوڙا
کلي ٿو پاڻ تي جوڪر
تماشو ايترو
آھي
نماڻيءَ نرتڪيءَ سامهون
اچي ٿو عشق جو اجگر
تماشو ايترو
آھي
جواني جل پريءَ جهڙي
رسيءَ تي موت جو منظر
تماشو ايترو
آھي
حسينه باھ مان گذري
ھڻي ٿي شينهن کي ھنٽر
تماشو ايترو
آھي
وَڄائي لوڪ ٿو تاڙيون
کپي ٿو خواب ۾ خنجر
تماشو ايترو
آھي
سڀئي خالي ٿين پڃرا
پڙھي ڪو جاڳ جو منتر
تماشو ايترو
آھي
سمنڊ کي سنڌي اچي ٿي سومرا
پڙھجي لکجي ۽ سنڌي ڳالهائجي،
هي متو آھي دراوڙ ديس جو.
سنڌي ٻولي پاڙھجي جنهن ۾ نٿي،
ٻار کي اسڪول ۾ ڇو موڪليان.
سنڌي ٻولي ساھ ٿي اوکو کڻي،
شيام جا الڪا اجايا ڪين ها.
آئون ان هوٽل ۾ ويهان ڇو وڃي،
بورڊ ھڪڙو ڀي سنڌئ ۾ ڪونه هو.
ديس منهنجي جي هوا ڏس جهومندي،
گيت سنڌئ ۾ چوي ٿي سومرا.
هو ملاحن سان ڪچهريون ٿو ڪري،
سمنڊ کي سنڌي اچي ٿي سومرا.
پيار جو اظهار دل سان ٿو ڪيان،
ماءُ جي ٻوليءَ ۾ توسان روبرو.
ها ڀليون ٻوليون اهي آھن مگر،
ڳالهه سنڌيءَ ۾ ڪيون ٿا سومرا.
ٻارڙا اسڪول ۾ ويٺا پڙھن ٿا،
شاھ جي ٻوليءَ کي لوڏو ناهي ڪو.
غزل
ڪڏھن نه سائين دڙڪو ڏيندين،
ٻار چيو رانديڪو ڏيندين.
شھر ڌپارو آھي ويو ٿي،
گل پوکڻ جو ٺيڪو ڏيندين.
تخليقي وادئ ۾ ويندس،
ڪمرو ڪو سانتيڪو ڏيندين.
آئيني کي عرض ڪيو مون،
ساڳيو عڪس پروڪو ڏيندين.
گھر ۾ ننڊ پئي آ ترسي،
دروازي کي کڙڪو ڏيندين.
احساسن جي حد ڪڇين ٿو!
ڇا تون دل تي ليڪو ڏيندين.
ٿر جا خواب سمورا وڪڻي،
ڪارونجھر کي سڏڪو ڏيندين.
جرڳي ۾ ھو اچڻ نه ڏيندا،
مون کي اڌارو پٽڪو ڏيندين.
احمد سولنگي
|

|
ڪنواري ندي
جل پکي کان پهرين اُڏريو،
وڻ وڍيا ويا پو،
واڙيءَ ڦُل ڪوماڻا جڏهين،
ڌڻ ڪڍيا ويا پوءِ.
جر جر ڄرڪو، لُڙ جون لوهڻي،
سيرن جو سيسارُ،
ٻانهن ڪڙولن جهڙا ڪُن ۽
نير نديءَ جو تارُ.
ڪير ته چورائي ويو آهي،
پنهنجو هي وستار،
سنڌڙيءَ جي هيءَ سينڌ سِڌي ۽
هيرا هيرا هار.
ڪنهن نه ڪئي ڦُرجڻ کان پهرين،
آڳاهي جي ڳالهه،
هاڻ ڪريو ٿا ڪنهن سان ڪهڙي،
راتاهي جي ڳالهه.
هاڻ ته اڌ ٻُڪ پاڻي ناهي،
ڪئن ڪا مُنڌ ٻُڏي؟
وير نه وِتري، واري واري،
لهرين ڪير لُڏي؟
ڏم سوا ٻيو اڄ به نه آهي،
پنهنجو ڪوبه حريف،
پنهنجي ڪوتا سُر قصي مان،
جاڳي شاهه لطيف.
پنهنجي هڪ ڪُنڀارڻ ڪَجري،
سهڻي پاڻ پَسي!
ٻن نيڻن سان ويراني ۽،
دريا ڌوڙ ڏسي!
اڃ جي ٻولي رڃ مان ڳولي،
پياسا چپ پڙهي،
سنڌو خالي گهاگهر ۽ هُو،
پيالا ڪپ پڙهي.
ڀيلي ڪنهن به دلي تي ترندي،
دل جا دڳَ ڏسي!
ريت ۾ چوڙا، ٻيڙا ڪنهن جا،
ڪنهن جي چڳَ ڏسي!
سبز پاڻي
سبز گهاٽو ٻيٽ آهي،
سبز پنڇي، سبز پاڻي.
سبز وڻ چُهٽيل بلائون،
سبز آهن، هل نه هاڻي.
رنگ سائي جو سکي تفصيل سان هر،
ترجمو ۽ ترجماني دل ڪري ٿي!
سبز ڪئن ميوات ساري،
ڇوڪريءَ ڇاتيءَ گَڏِي آ.
دل چتونءَ وانگي ٽُڪي جنهن،
پَٽَ تي اُڇلي ڇڏي آ.
ڄاڱريءَ تنهن، ٻانهن جي ٽاريءَ وڪوڙيو،
هار ان کي، ڳاٽ ڳاني دل ڪري ٿي!
جُهوميو جُهڙ جي جُڳڳيءَ مان،
مينهن سائو ۽ ستابو.
هرک ڦاڙي بادلن جو،
ايئن اوڍي ڪير خوابو!
گهُور گهيريو وڻ سُڪا ساوا ٿيا ۽،
ول مٿان ڪا مهرباني دل ڪري ٿي!
تون ڀلي پنهنجو نه ڪر پر،
آزمائي دل کڻي وٺ.
دل منجهان تون آخري پل،
درد کي ڌاڙو هڻي وٺ.
تون ته منهنجي اي ڪويتا ۽ سنگيتا،
توکي جاني، پنهنجو جاني دل ڪري ٿي!
سبز آ بي انت پاڻي،
هر طرف هڪ رولڙو آ.
سبز شيشو آرسيءَ جو،
گرم ان جو اولڙو آ.
زندگي جي لهر تي توکي رٿي ڄڻ،
سمنڊ ڏي ٻيڙي رواني دل ڪري ٿي!
امتياز دانش
|
 
|
ڪافي
گهڙي ۾ صديءَ جا ڏسن خواب ڪهڙا؟
اکيون زندگيءَ جا ڏسن خواب ڪهڙا؟
اسان جي حصي ۾ رڳو آئي اوندهه،
اسان جي قصي ۾ رڳو آئي اوندهه،
اکيون روشنيءَ جا ڏسن خواب ڪهڙا؟
اکيون ٽياس تي پنهنجون چاڙهي ڇڏيون هن،
سڀئي ساڀيائون مون ساڙي ڇڏيون هن،
رڳو بي وسيءَ جا ڏسن خواب ڪهڙا؟
سوا غم جي جڳ ۾ ڀلا ڇا ٻيو آ،
ماڻهو زندگي کان خفا ٿيو پيو آ،
غميءَ ۾ خوشيءَ جا ڏسن خواب ڪهڙا؟
وفا ياسين آرائين
|
 |
غزل
قاصد خبر اڄ آندي آهي،
دل نه منهنجي ماندي آهي.
آس منهنجي ٿي وئي پوري،
ڳالھه جا دل ۾ سانڍي آهي.
پرين جو اچڻ ائين لڳو،
برسات ۾ ڄڻ ڪا آنڌي آهي.
ويھه ته توسان روح ريجهايان،
دلڙي ڪڏهن کان باندي آهي.
”وفا“ پيو اڄ جهومي ڳائي،
ڇو ته بوندا باندي آهي.
رياض ڏاهري
|
 |
ڪافي
اسان جو عشق آواره، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،
اسين رولاڪ وڻجارا، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.
متان جانبَ سندو جلوو جَڏي هِنَ جيءَ کي جياري،
متان محبوب اَکيُن مان ڪري پئمانا پُر پياري،
وَتون ڳوليندا اوتارا، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.
نه ڪو پنهنجو ٺِڪاڻو آ، نه ئِي ڄاڻُو سڃاڻُو آ،
اسان جي دل نِماڻي آ، اسان جو روح ويڳاڻو آ،
وٺِي ڪي ساهَه اوڌارا، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.
اسان جو رُوح عَجيبن سان اڙيو آهي اَزلَ کان هِي،
تَڏهن کان نِينهَن ناتي ۾ رهَي تَنَ تانگهه تَن
سان ٿِي،
پُڇايون پيا اُهي پيارا، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.
نه طَلبيُون شانَ شاهي ڪو، نه ٿو گهُرجي ڪو مال و
زر،
کَنيو سِڪَ سيني سَڄڻن جِي، ڪڏهن هِن در ڪڏهن هُن
در،
رُليا ڪيئن ”رياضَ“ مون پارا، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن
ڪاٿي.
روبينه ابڙو
|
 |
غزل
چنڊُ چونئري طرف اُماڻي ٿي،
راتِ جو روحُ، راتِ ڄاڻي ٿي.
شام جي ساھَه
۾ هُنر آهي،
ڪيئن ساري نديءَ کي واڻي ٿي؟
سارو وِڄُ جو بَدن بَٺيءَ جهڙو،
مِينهَن
۽ نِينهَن
کي، جو آڻي ٿي.
ڪنهن
جو تارن ۾ پيارُ نِکرِي پيو،
دِيدَ ڌرتيءَ جي عرشُ تاڻي ٿي.
پاڻَ کي پاڻَ تنهن پڙهيو هوندو،
جيڪا سنسارَ کي سُڃاڻي ٿي.
خوابَ ناهن ته
جاڳ ئي هوندي،
ڪُجھه
نه ڪُجھه،
زندگاني ماڻي ٿي.
ڪو هَوا کي خيالُ ڪونهي
ڪو،
ڪيئن وڻن جي پَنن کي ڇاڻي ٿي؟
غزل
معصوم گُلن کي ڇو ته مروڙيو تو؟
ماسُ حوا جي ڌيئُن جو روڙيو تو!
احسانُ چَوان نادانَ ڀَلا ڪھڙو؟
مون کي ٽوڙي ٽوڙي آ جوڙيو تو.
انسانَ اياڻا پيٽ بکئي خاطر،
دنيا
۾
ڪيڏو
آھي لوڙيو تو.
ڪاش ٻڌين ها ساميءَ جا سڏڙا تون،
جڳ جا جوڳي ڇا ماڻيو چوڙيو تو؟
هئه هئه! لالچ جي ڪچريدان اندر،
پاڻ سدائين ڇا جي لئه ٻوڙيو تو؟
هڪ ڏينھن ضروري پُڇندين پَڪَ آھي،
اڄ منهن ڇو ته ”شميم“ ڀلا
موڙيو تو.
بختاور ڄام
|
 |
*
ڪڏھن ته آ ،
ڀر جھلو منھنجو به ٿي،
آئون جي ٿڪجي پوان،
سھارو مون کي به ڏي،
آءُ جي ڊڄان...
تون حوصلو منھنجو ٿي پئو،
ڪڏھن پنھنجي اَنا جي ،
خول مان نڪري ...
مون وٽ آ....
مون کي تون پنھنجو ڪر،
پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ،
زماني کان تون،
مونکي لڪاءِ ،
ڪاته دلجاءِ ڏي ...
ته تون منهنجو آھين ...
تون مون سان آھين ...
تون ھر حال ۾،
منھنجو ئي رھندين...
ھڪ وار مون کي...
اھا تسلي ڏي پرين!
خليل عارف سومرو
|
 |
غزل
ڏُک جي هاڻي ته حد ٿي وئي آهي،
هر خوشي مُسترد ٿي وئي آهي.
علم جي ڪابه اهمِيَت ڪانهي،
ياري باشي سَند ٿي وئي آهي.
تنهنجو پاڇو سهي نه ٿي توسان،
دل سراپا حسد ٿي وئي آهي.
لوڪ مونکي چريو لڳو سمجهڻ،
عاشقي مُستند ٿي وئي آهي.
مشڪلن ۾ سڏيو علي کي مون،
۽ سدائين مدد ٿي وئي آهي.
دل ورتي اُٽل سوڌي هُن آ،
هي خريدي نقد ٿي وئي آهي.
ڪو عقل وقت تي نه هو آيو،
زندگي ساري رد ٿي وئي آهي.
ان کي دل مان ڪڍان به ڪئينء جنهنجي،
روح تائين رسد ٿي وئي آهي.
قبر منهنجي تي آئي آهي هُو،
خوشبو ساري لحد ٿي وئي آهي.
عام شاعر خليل عارف کان،
شاعري منفرد ٿي وئي آهي.
ناشاد رضوان
|
 |
غزل
سارا عرش اُڪاري ويندي آهين تون،
آخر ڪهڙي تاري ويندي آهين تون.
منهنجي بستر تي او منهنجي تنهائي،
ڪنهن جي ننڊ سمهاري ويندي آهين تون.
هڪڙو خواب ڏسان ٿو منهنجي ڪمري ۾،
پنهنجو پرس وساري ويندي آهين تون.
ڪنهن جي ٻيڙي ٻوڙي ويندي آهين تون؟
ڪهنجو ٻيڙو تاري ويندي آهين تون؟
تنهنجي هٿ سان تيلي ٻرندي ڪاٿي آ،
تيلي جو هٿ ٻاري ويندي آهين تون.
هاڻ جدائي توسان راند نه رهندس مان،
مونکان اڪثر هاري ويندي آهين تون.
مان ته ٺهيو، پاڻي به ٺهيو پر ديوارن جو،
هئه هئه سينو ٺاري ويندي آهين تون.
منصور حمزه
|
 |
غزل
هڪ دفعي ئي آخري ڀيرو مِلي،
ڏات جو ڏيئو اجھاميل، مَنَ جَلي.
هڪَ حياتي آهه جيئڻ لئه ملي،
ڪو ته گڏجي پيار مان پيئڻ هلي.
مان اوهان سان گڏ هلي سگهندس ته نه،
پو به سڏجو ڪر کنيو جي مسئلي.
هوئن ناهيون ڌار، آهيون گڏ ٻئي،
بس وٿي آهي وڏي هڪ فيصلي.
هيڪلائيءَ ۾ رڙيا جذبا سندم،
رونقون آنديون اکين جي قافلي.
عبدالرحيم عبد ڪنڀر
|
 |
غزل
رات تارا ڳڻي مون کُٽائي هئي،
ننڊ مون
کي ذري ڪانهه آئي هئي.
مون
کي دنيا سڄي خوبصورت لڳي،
منهنجي دل ۾ جڏهن هوءَ سمائي هئي.
هوءَ جيڏي پري هئي وري اوتري،
منهنجي دل سان سندس ويجهڙائي هئي.
اڄ هو مون کي ڏسي رُخ مٽائي ويو،
جنهن جي مون سان گهڻي آشنائي هئي.
چنڊ، تارا به ڄڻ مُسڪرايا هئا،
ڪا حَسينا جڏهن مُسڪرائي هئي.
هن کي ڪوشش ڪرڻ سان نه ماڻي سگهيس،
”عبد“ قسمت ۾ شايد جُدائي هئي.
امداد سهتو
|
 |
غزل
سمو وقت جو ٿي ته گھاڻو رھي ٿو،
ڏکيو ھر بنا يار ٽاڻو رھي ٿو.
نئين روز مورت گھڙڻ جي لئي ڪا،
ھٿن ۾ ته تيشو پراڻو رھي ٿو.
رھي سا نه خوشبوءِ مومل بدن جي،
ڪٿي ڪاڪ ۾ ھاڻ راڻو رھي ٿو.
ھجي قيد ۾ ڄڻ سوا بس محب جي،
اڃا روح توڏي اڏاڻو رھي ٿو.
نه فانوس ٻَرِيو اميدن سندو آ،
مٿان چنڊ ڀي ھُو اجھاڻو رھي ٿو.
حياتي نماڻي ته نوري جيان آ،
ھتي موت جي ڪڍ مهاڻو
رھي ٿو.
اڃا ڪنڌ عيسيٰ ۽ منصور جئن آ،
صليبون ۽ گھاڻو ٽڪاڻو رھي ٿو.
جڏھن جان لاھوت ”امداد“ وئي ٿي،
تڏھن عشق ٿي عارفاڻو رھي ٿو.
اظهر ”آزاد“ مغل
|
 |
غزل
ڏيک نه ڏين ٿي موٽي ماڳ مهينن ۾ تون ڇو؟
سارين ٿي پو ھاڻي سندر سپنن ۾ تون ڇو؟
پوري جڳ جون پيڙائون ڏئي منهنجَي دامن ۾،
گھارين ٿي محبوبه جوڀن مستين ۾ تون ڇو؟
ڪالهه وفا جا وچن ڪري تو او جانان مون سان،
جيون گھارين ٿي اڄ پنهنجو غيرن سان تون ڇو؟
ڇا لاءِ مون ڏانهن پنهنجون سندر اکڙيون تون ٻوٽي،
روز نهارين ٿي ڪنهن ٻي جي نيڻن ۾ تون ڇو؟
پار ڪري وينداسين آخر ڏک جا ھي ڏينهڙا،
ھارين ٿي پنهنجي مضبوط ارادن کي تون ڇو؟
تو ئي منهنجَي گھاون تي ھئي ملم ڪالهه مَکي،
ھارين ٿي پو لوڻ نه ڄاڻان زخمن تي تون ڇو؟
تو ڏيکاريا مون کي سپنا پوري دنيا جا،
چڪنا چور ڪرين ٿي منهنجي خوابن کي تون ڇو؟
توسان ئي آباد رھي ٿو تنهنجو ھي
´آزاد`،
ڳارين ٿي ڏس مون کي پنهنجي ڳڻتين ۾ تون ڇو؟
ناشاد شوڪت شنباڻي
|
 |
غزل
پُڇندي نگر رُلياسين، روئي ڪي بر رُلياسين.
جذبن جا ميڙي لاشا، واهڻ ۽ گهر رُلياسين.
پٿر لڳا هئا پوءِ ڀي، تنهنجي شهر رُلياسين.
پياسا اُڃارا تڙپي، صحرا جي ڀر رُلياسين.
افسوس! تو نه ڄاتو، ڪيڏا نه تر رُلياسين!
شبير سيال
|
 |
*
جڏهن مينهن ڪڻيون وسي ٿيون پون ڙي،
تڏھن چاڪ دل جا چڪيو ٿا چڪن ڙي.
اچي وڏ ڦڙو پيو رکون ڪاٺيون ميڙي،
اندر سانڍي رکجن متان سي پسن ڙي.
ھو ڦڙڦڙ ۾ ھرھر اندر کٽ ۽ ٻاھر،
اھي راتيون دل تان ڪٿي ٿيون لھن ڙي.
ھو ڊوڙڻ ۽ ترڪڻ ڀنڀورين کي پڪڙڻ،
ڪٿي ٿي مڙياسين جھليو ٿي وڏن ڙي.
جي ورھين پڄاڻا ملن يار وڇڙيل،
چرين جيئن ڪيئن نه اھي ڳل چمن ڙي.
اھو وقت واپس ڪٿان ھاڻ ايندو،
جي سيراندي ٻانهون ٻنهي جون ھجن ڙي.
جتي پاڻ گڏجي گھمياسين ڦرياسين،
اھي جايون ھاڻي ٿيون کائڻ اچن ڙي.
اچانڪ ويو شبير سڀڪجهه بدلجي،
اچي سار ٿي پو اکيون ٿيون وسن ڙي.
*
مون سان نيڻ ملائڻ آيا، دل جو شھر گھمائڻ آيا.
خواب حقيقت بنجي وياھو، خوابن مان جاڳائڻ آيا.
شھر سڄي جا چريا گڏجي، سياڻن کي سمجھائڻ آيا.
توبن سارا سڃا رستا، بڻجي بلائون کائڻ آيا.
ٻين جا حق ڦٻائڻ وارا، پنهنجا حق ٻڌائڻ آيا.
ڪيڏا ڏينهن تو لاتا آھن، سيءَ به آھن سائڻ آيا.
جھڪڻا وڪڻا ڪين ھئا سي، پنهنجو ملهه ڪرائڻ آيا.
منهنجا شبير ويا ڀاڳ وڏا ٿي، پاڻ رٺل پرچائڻ آيا
ª
رجب ٻگهيو
|
 |
غزل
ڏکن ڏوجهرن ۾ عُمر وئي هلي،
ڪِٿي! سوجهرن ۾ عمر وئي هلي.
پٿُون پير ٿي ويا نه منزل ملي،
پهڻ پيچرن ۾ عمر وئي هلي.
رهيا گڏ عُمر ڀَرِ نه سمجهي سگهيا،
اِئين اوپرن ۾ عمر وئي هلي.
ڳڻڻ کان مٿي ها ۽ مشڪل گهڻا،
مٺا! مامرن ۾ عمر وئي هلي.
نڪي سمجھه دانش، نڪي سيبتا،
اڙي! ڇيڳرن ۾ عمر وئي هل.
قصو پيار جو ٿا پُڇو ڇا ”رجب“،
رڳو ٺوڪرن ۾ عمر وئي هلي.
غزل
اداسي رات آڻي ٿي،
اکين جا خواب ڇاڻي ٿي.
ستارا سانجھه جا ساکِي،
سنجها سرهاڻ ماڻي ٿي.
حياتي خواب ٿي ويندي،
حياتي هي نه ڄاڻي ٿي.
اسان کان ٿي خطا هوندي،
ميارون جو اماڻي ٿي.
اڃا دل آهي پاڳل ڇو؟
اڃا ڪنهن لاءِ تاڻي ٿي.
اسان جي دل اسان ڏي آء،
اسان جي هاڻ ڀاڻي ٿي.
اِها دوري رڳو دل سان،
وِرِهَه جي واٽ واڻي ٿي.
|