ڪهاڻي
جنم: 1956ع
وفات: 2021ع
مون کان هڪ دفعي سوال ڪيو ويو ته موجوده سنڌي
ڪھاڻي جي حيثيت ڇا آهي؟ آءٌ سوچ ۾ پئجي ويس ته
سنڌي زبان ۾ پھريون جي ڀيٽ ۾ لاتعداد مئگزين ۽
رسالا پنھنجي وقت اندر ڇپجي ميدان ۾ اچي رهيا آهن،
جن ۾ باقاعده ڪھاڻيون ۽ شاعري موجود آهي ته پوءِ
اها شاعري يا ڪھاڻي جو زوال ڪيئن آهي، مون کي ياد
آهي ته اڄ کان ويھه پنجويھه سال پھريون نه ته ڪو
سنڌي رسالن جي ڇپائي جو معيار سٺو هيو نه اهي وقت
سر بازار ۾ ايندا هئا، پر پوءِ به انھن ۾ ڇپجندڙ
ڪھاڻيون ۽ شاعري دل ۾ نقش ٿيندي ويندي هئي. پڙهڻ
کان پوءِ لڳندو هو ته ”ها آءٌ پڙهيو آهي.“ اديب هڪ
تحريڪ جي صورت ۾ سماج سڌارڪ شعور ڏيندڙ هيو. رسالي
جو مالڪ رسالو ڪڍي ڄاڻيندو هو. پئسن مان هٿ ڌوئي
ڇڏيندو هو. ايڊيٽرن ڪڏهن به ادب کي ڪمائي جو ذريعو
نه سمجهيو. اهوئي سبب هيو جو پاڪستان ۾ سڀ کان
وڌيڪ سياسي ۽ ادبي شعور سنڌ ۾ پيدا ٿيو، ماڻھن ۾
تعليم لاءِ شوق جاڳيو ۽ جمھوريت جون تحريڪون
هليون. پر اڳتي هلي جڏهن ادب کي سياست، شھرت ۽
ڪمائي جو ذريعو بنايو ويو. اها سموري جوابداري
انھن ايڊيٽرن تي اچي ٿي جن کي پنھنجي ڪاروباري طرز
تي ترتيب ڏنل رسالي کي تڪڙي آڻڻ لاءِ تمام گهڻي ۽
غيرمعياري مواد جي ضرورت پوي ٿي.
ٽي.وي تي ڊرامن لکڻ ڪري سنڌي ڪھاڻيڪارن جو رويو
Diveret
آهي. خود منھنجي ٽھي جا سٺا ڪھاڻيڪار پنھنجو وقت
ڊرامي کي ڏيئي رهيا آهن. انھن کي ڊرامي سان گڏ
ڪھاڻي ڏانھن به توجه ڏيڻ گهرجي.
1970ع کان 1980ع واري ڏهاڪي تي نظر ڪبي ته اسان کي
هن جي ٽھي ۾ ڪيترائي معتبر ۽ فن سان ڀرپور
ڪھاڻيڪار نظر ايندا. انھن مان ڪيترن وٽ پنھنجو
منفرد اسلوب ۽ انداز آهي. آءٌ ان ڏهاڪي کان وري ٻن
حصن ۾ ورهائڻ پسند ڪندس، هڪڙا اهي ڪھاڻيڪار جيڪي
ون يونٽ واري دور کان پوءِ هڪدم اڀري سامھون آيا ۽
ٻين ڪجهه عرصو پوءِ لکڻ شروع ڪيو. ممتاز مھر، ساحر
پريمي، رفيق سومرو، سليم ڪورائي، خالد سنڌي، قبول
ابڙو ۽ ليکڪائن مان خيرالنساء جعفري، تنوير
جوڻيجو، تبسم مھتاب قريشي ۽ ليليٰ بانا شامل
آهن....
... ان ئي ڏهاڪي جي پوءِ واري دؤر ۾ جيڪي ڪھاڻيڪار
شامل آهن تن ۾ رزاق مھر، ڪيھر شوڪت، زيب سنڌي،
طارق عالم، بدر ابڙو، فقير محمد لاشاري، بادل
جمالي، ملڪ آگاڻي، خليل قاضي، غلام نبي سومرو،
محمود مغل، سليم چنه، عابد مظھر، اشفاق انصاري،
اخلاق انصاري، مشتاق ڪاملاڻي، محمد دائود بلوچ،
نظير شورو، ظفر عباسي، انور جوکيو، آفتاب نظاماڻي
۽ سنڌي زبان جا اهي ڄاتل سڃاتل شاعر جن کي هڪ شاعر
جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو پر انھن ڪھاڻيون پڻ
لکيون، جن ۾ شرجيل، فتاح عابد، ادل سومرو، اياز
گل، نور گهلو ۽ ٻيا شامل آهن.
رزاق مھر ۽ ڪيھر شوڪت جي ڪھاڻين کي سنڌي ادب ۾ وڏي
حيثيت حاصل آهي پر انھن ٽي.وي ڊرامي جي حوالي سان
وڏي شھرت حاصل ڪئي آهي.
ليکڪائن مان ان دؤر جي حوالي سان نورالھديٰ شاهه
پنھنجي عروج تي نظر اچي ٿي. هن جون ڪھاڻيون سنڌي
ادب جو سرمايو آهي. هن جو پنھنجو انداز آهي، جيڪو
متاثر ڪندڙ آهي. هن کي هڪ ئي وقت ڪھاڻي، شاعري ۽
ڊرامي تي عبور حاصل آهي هن وٽ پنھنجي ٽھي جي سڀني
اديبن کان وڌيڪ شھرت حصي ۾ آئي. دوست هنن ڪانفرنس
جي گڏجاڻين جي اهميت ميل ملاقات کان سواءِ ڪجهه به
نه هوندي آهي، بس اهائي هوندي آهي ته هڪ ٻئي کي
ياد ڪيو وڃي، جيڪي وسري ويا آهن، انھن کي وري ذهن
۾ آندو وڃي، انھن کي سامھون ڏٺو وڃي سو مون به
دوستن کي ياد ڪيو آهي ۽ انھن کي هڪ عرض ضرور ڪندس
ته هو هڪ هڪ دفعو وري ساڳئي جوش ۽ جذبي سان ڪھاڻي
کيتر ڏانھن موٽي اچن، تخليقي ادب کي پڻ وقت ڏين ۽
ڪھاڻي جي ڪِرندڙ معيار کي سھارو ڏين.
رسول ميمڻ
محمود مغل

پاچڪو
پنھنجي هٿن ڏانھن نھاريندو ٿو رهي.
لڳيس ٿو اهي اجايون حرڪتون پيا ڪن. ’الف تي زبر
آ.... ري تي به زبر آ.... اڪرم لکبو، اَڪرمُ....‘
ميم تي پيش لڳندو! سوچيندو رهي ٿو، آڱر جي دائري
کي ميم تي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
زور ڏئي ٿو.... آڱوٺي جو دٻاءُ وڌائي ٿو ’پيش ڇو
نه ٿو اچي!؟‘
ڀڻڪندو رهي ٿو، زور وڌائي ٿو.... هوا ۾ سندس دٻاءُ
ڏيندڙ هٿُ، هيٺ جهُڪي ٿو ته هو پاڻ به ٻيڻو ٿو ٿي
وڃي. نجمه جو آواز ڇرڪائيس ٿو.
”نيرن هت کڻي اچان؟ ....“
هُو يڪدم سڌو ٿو ٿي وڃي، پنھنجي حالَ تي شرمساري
ٿي لڳيس. نجمه هڪ نظرَ ۾ سڄو منظر ميڙي ٿي وٺي ۽
لنوائيندي ڳالھه وڌائي ٿي. ”نيرن هِت ڪندين يا
آڳَر ۾؟“
”هت ئي کڻي اچ....“ هُو مُرڪي ٿو، نجمه اکيون
هَٽائي ٿي ۽ هڪدم ٻاهر مُڙي ٿي وڃي.
گلاب، سامھون رکيل پاچڪي ڏانھن نھاري ٿو.... سڌو
ٿي ويھي ٿو، لڳيس ٿو، چيلھه ۾ ڄڻ ڪو وات اٿس، جيڪو
رڙيون ڪندو ٿو رهي.
”هاڻي وڌيڪ نه جهڪاءِ صاحبَ.... هاڻي دم ناهي.“
’صاحب‘ تي، اندر ڌُومي ٿو، ’صاحب.... صاحب....
صاحب....‘ هُو هٿ ورائي پٺيءَ تي ڦيري ٿو....
ڪرنگهي ۽ چيلھه تي هٿ ڦيريندي ڀڻڪي ٿو، ”ڪيڏانھن
وئي صاحبي.... ڪيڏانھن ويا مُنھنجا صاحبَ....“
اک وري، پاچڪي تي پئيس ٿي.... ڀڻڪي ٿو.... ”ويا يا
ويندا؟ ....“
هٿ وڌائي ٿو، پاچڪي جي ٻاهران، ڇُھي ٿو.... ڪنن ۾
مشينن جا آواز گونجنس ٿا. پريان ڪٿان آواز اچي
ٿو.... ”صاحب گهڻا پيج ٿيا هِن....؟“
پليٽ جي کڙڪي تي ورنديِ، ڪٿي گم ٿي وڃي ٿي، چانھه
جو ڪوپ ساسر کٽ تي رکندي، نجمه جو هٿ لڏيو هو،
پنڊيءَ ۾ ماني، سنئين سڌي ليٽيل آهي.... هٿ جي
هلڪي لوڏ سان، چانھه ڪوپ مان ڇُلڪي، سندس تِريءَ
کي پُسائيندي، بَسِيءَ ۾ ويھي رهي آهي.... نجمه ڄڻ
شرمسار ٿئي ٿي. گلاب هٿ مٿي ڪري ٿو.... ”خير آ،
اونھئين بَسِيءَ ۾ کائيندس.“
نجمه ماٺ ڪري ويھي ٿي، هو چانھه ساسر ۾ اوتي ٿو،
مانيءَ جو گرهه کڻي، چانھه جو ڍُڪ شُڙڪ ڪري، گڏ
کڻي ٿو.
”پوءِ ڇا ٿا ڪيو انھن جو....؟“
نجمه، پاچڪي ڏانھن اشارو ٿي ڪري.... گرهه، گلاب جي
نڙيءَ ۾ اٽڪي ٿو، پر پوءِ ڳيت سان هيٺ لھي ٿو وڃي.
”ڏسان ٿو“ هُو گرهه ڀڃي ٿو.
”جيڪي وڻيوَ سو ڪيو.... باقي اهو گند گهران ڪڍو
سائين....“
هوءَ ٻيءَ کٽ تي ويھي ٿي. کٽ تي رکيل ڪپڙا، سڌا
ڪري ويڙهڻ لڳي ٿي، گلاب، اندر ۾ وڌندڙ گهاءَ کي
محسوس ڪري ٿو. کڻي چانھه شُڙڪ ڪري ٿو، ”وڏي عُمر
جو ساٿي آهي، اهو گند....“
نجمه جو هٿ بيهجي ٿو، ”خراب لڳو سائين ته
معافي.... باقي هاڻي ٻارَ به ناراض ٿين ٿا....
اجايون شيون آهن.... صفائي ڪجي، جان ڇڏائجي.“
”ته کڻان ته پيو ٿو نه“ هُو آخري ڍُڪ ڀري ٿو،
”کڻان پيو ٿو، باقي هي ٻَڌي ڇا لاءِ رکيا ٿم....!“
”هڪ ته توکي ڪاوڙ اچي جهٽ ٿي سائين.... هاڻي ڪير
چوَي....؟“
”ڪاوڙ نه ٿو ڪيان نجُو....“ اٿي ٿو، ”ڪاوڙ نه ٿو
ڪيان.... پنھنجي اندر تي ماتم ٿو ڪيان.“
نجمه ڳالھه مَٽائڻ ٿي گهري، ”ڪنھن کي وڪڻندا؟“
”مطلب؟“
”مطلب.... ٽامو آ.... چڱا پئسا ملي ويندا....!
هونئن ته اهي ڪنھن ڪمَ جا ناهن.“
”ٻچن کي گهڻا ماڻھو وڪڻندا آهن نجمه....؟“
هُو بيھي ٿو رهي. نجمه به ڪپڙن مان هٿ ڪڍي ٿي، ڄڻ
ورندي نه ٿي ٺھيس، هُو پاچڪو کڻي ٿو.... ”ڏسان
ٿو.... هنن سان ڇا ٿو ڪيان....؟“ بنان ڪجهه
ڳالھائڻ ۽ ٻُڌڻ جي، هُو تڪڙو ٻاهر نڪري ٿو. پويان
مڙي، زال ڏانھن نھاري به نه ٿو، جيڪا چوي ٿي....
”ٿي سگهي ته پاچڪو واپس آڻجو.... يا وري ٻيو وٺي
اچجو.... خالي پاچڪو گهر ۾ کپي ٿو.“
رستي تي هلندي، پاچڪي ۾ پيل اکرن جون رڙيون ٻُڌڻ ۾
اچنس ٿيون.
”صاحب.... صاحبَ.... ڪمپازيٽر آهين، ڪمپوز ڪيو ٿِي
اسان کي....
ائين ڪيئن ٿو ناتو ٽوڙين....؟
پريس ۾ گڏ ڪم ڪيو ٿئون.... ٽيھه چاليھه سالَ،
ٻارنھن سالن جو هئين جو هٿ ۾ آيا هُئاسين.... اڌ
صدي هلياهُون.... ٻيلي، ائين نه ڪر.... ڪاڏي ٿو
ڪرين اسان کي....! تُنھنجي اَبَي جون نشانيون
هُون.“ هُو ٻُڌو اڻ ٻُڌو ٿو ڪري، پٺيءَ تي پاچڪي
جو بار وڌندڙ لڳيس ٿو، آوازن ساڻ، ٻوجهه وڌيس ٿو،
سامھون رڪشا ڪَرڻ جي سوچي ٿو، ته اوچتو، وهندڙ
واهه تي نظرَ پويس ٿي. رُخ موڙي ٿو وٺي.
ڪپر کان هلندي، هڪ جاءِ تي سائي گاهه تي، پاچڪو
اونڌو ٿو ڪري. ٽامي جا اکر، صليبُون، پٽيُون، گاهه
تي وکري وڃن ٿا.... هو انھن کي چوڌاري پٿاري، وچ ۾
ويھي ٿو، ڀُڻڪي ٿو ”ياد ٿوَ نه.... ڪيئن جملا
جوڙيندا هئو.... ڪيئن پٽين جي ڀاڪر ۾ ڀرجندا
هُئو.... ڪيئن آڱرين جي وچ ۾ ڦٻائي رکندو هُئس
اوهان کي، جيسين جملو مڪمل ٿئي.... ياد ٿوَ
نه....؟“
لڳيس ٿو، هڪ هڪ حرف، ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏي ٿو.
ڀڻڪي ٿو، ”اڌ صديءَ جي سنگت آ پنھنجي.... ٽامي ۽
هنن هٿن جي.... جيڪي جملا جوڙياسين، سي ته الاءِ
ڪيڏانھن ويا. هاڻي، بيڪار هُون.... اسان جي ضرورت
ئي ناهي.“
هُو هڪ هڪ حرف کڻندو، پاڻيءَ ۾ اُڇلائيندو ٿو وڃي
۽ ڀُڻڪي ٿو ”ڪمپازيٽر ويا مري، اکر الاءِ ڪاڏي
ويا.... ٽامو ختم ٿي ويو، حياتي ٽامڻي ٿي وئي....
گند، ٻوهر ۽ ڇائيءَ جهڙا لفظ ساڙيندا نه ته ڇا
ڪندا....!؟.... اوهان جي ضرورت ناهي هاڻي....
اوهان کان وڌ ته خالي پاچڪو ضروري آ.... ڪنھن ڪم
جا نه آهيو توهان هاڻي، هن پاڻيءَ ۾ ٺرو. آرام
ڪيو.“
روئندو رهي ٿو.... اکرن کي پاڻيءَ ۾ اُڇلائيندو
رهي ٿو. هرڪو اکر ويندي ويندي، رڙيون ٿو ڪري، ”نه
ڇڏ ساٿ صاحبَ.... نه ڪر ائين....“
هُو زور سان رڙ ٿو ڪري، ”ڇا ڪري صاحب....؟“
ڪُجهه ڪلاڪن کان پوءِ، اتي هڪ خالي پاچڪو ٻن سرن
هيٺ رکيل آهي.
لياقت رضوي

ٻوريءَ ۾
بند
چوڪنڊين سرن جي فرش تي پيل ٻوريءَ ۾ هڪ ٻلو بند هو.
خوشگوار ڏينھن
جو خالي آسمان تمام وسيع ۽ روشن هو. سج ۾ گھڻي تپش
ڪانه هئي. پوءِ به منھنجي لاءِ اڃان اهو ناممڪن هو،
ته مان ان کي سڌيءَ طرح ڏسي سگھان. هونئن سج کي
مون ڏٺو هو، جن فوٽن جي نيگيٽوِ ڪاپين سان مون سج
کي، ڇت تي وڃي ڏٺو هو، اُهي مون نانيءَ جي ڪاٺ جي
پيتيءَ مان کنيون هيون ۽ سج جن ۾ صفا سُسي ننڍڙو
ٿي ويو هو. سج کان وڌيڪ سج ننڍڙو ڪارو چنڊ لڳي
رهيو هو. مان سج کي انهن نيگيٽوِ ڪاپين کان سواءِ
ڏسڻ چاهيندو هئس.
اسڪول ۾ انعام ملڻ واري ڏينهن، اسڪول مان موٽندي
مون سج کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،
پر ڪونه ڏسي سگھيو هئس. پوءِ مون ڏاڍو خوش ٿيندي
سوچيو هو ته امان کي جڏهن ٻڌائيندسُ ته، ”اڄ مون
کي اسڪول ۾ سٺي تقرير ڪرڻ تي سائين يامين متاثر ٿي
هڪ پينسل انعام ڏني هئي، جيڪا اڌ ڳاڙهي ۽ اڌ نيري
هئي،“
ته امان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.
ڇو ته جڏهن مان پنجين جماعت ۾ پھريون نمبر کڻي
ڇهين جماعت ۾ آيو هئس ته امان ايڏي خوش ٿي هئي،
جو پاڙي جي سڀني ٻارن ۾ مٺائي ورهائي هئائين. مون
کي هڪ ڍينگلو رُپيو خرچي به ڏنو هئائين. اسڪول مان
موٽندي مون اهو به سوچيو هو ته انعام واري پينسل
ڏيکاري، بتول کي چيڙائيندس ۽ جي هن پينسل کي هٿ به
لاٿو ته سندس ڄنڊا پٽيندس، ڇو ته هوءَ هئي ته
منھنجي ڀيڻ پر ٻه سال وڏي هئڻ ڪري، مون کي رڳو
ماريندي هئي. ادا وڏي هن کي اسڪول پڙهڻ کان جهلي
ڇڏيو هو، جنھن جون ڪسرون هوءَ مون مان ڪڍندي هئي.
گھر پهچڻ سان مون ڏٺو هو ته چوڪنڊين سرن جي فرش تي
پيل ٻوريءَ ۾ هڪ ٻلو بند هو، جنھن جي پاسي ۾ بيهي
بتول، ٻوريءَ ۾ بند ٻلي کي ڦٿڪندو ڏسڻ ۾ محو هئي.
مون کان منھنجا سڀ ويچار وسري ويا هئا. مون تڪڙ ۾
دروازي مان ڊوڙ پاتي هئي، جنھنڪري چانئٺ تان
ٿاٻڙجي اچي آڳر ۾ ڪريو هئس. منھنجي کيسي ۾ پيل
پينسل پري وڃي ڪري هئي. توڻي منھنجي ٺونٺ به رهڙجي
وئي هئي، پر مان جلدي اٿيو هئس ۽ اچي بتول کي ٿيلھو
ڏيندي چيو هو، ”پري ٿيءُ هي منھنجو ٻلو آهي.“ بتول
رانڀاٽ ڪندي رڌڻي ۾ هلي وئي هئي. ٻوريءَ ۾ بند ٻلي
کي ڏسڻ جي شوق ۾ مون کان انعام واري پينسل به وسري
وئي هئي، جنھن کي کڻي بتول روئندي رڌڻي ۾ وئي هئي.
ٻوريءَ جو منھن مضبوطيءَ
سان بند هو. ٻلو ان ۾ گول پئي ڦريو. ٻوري به
اڻپورين گولائين ۾ پئي ڦري. لڳو ائين پئي ته اجھو
ٿو ٻوريءَ جو منھن کُلي، پر مون کي پڪ هئي ته ٻوري
سٿري ڪانه کُلندي، ڇو ته اها امان جي ٻڌل هئي.
امان، ادا ۽ مون کي جڏهن ٻليءَ جا پلونگڙا ٻوريءَ
۾ ٻڌي، مڇي مارڪيٽ ڇڏي اچڻ لاءِ ڏيندي هئي ته
مارڪيٽ پھچي
سدائين ادا، چاچي ميروءَ مڇيءَ واري کي ٻوري کولڻ
لاءِ منٿون ڪندو هو.
توڻي ان پڪ هوندي ته ٻوري ڪونه کُلندي، پوءِ به هڪ
اڻڄاتل خوفَ مون کي ٻوريءَ جي ويجھو وڃڻ کان باز
رکيو هو. ٻلو لمحي لاءِ ماٺ ٿي ويو هو. امان ماني
کڻي آئي هئي. امان سان بتول به گڏ هئي، جنھن جي هٿ
۾ منھنجي انعام واري پينسل هئي. پر ان ڏي منھنجو
ڌيان ڪونه ويو هو، ڇو ته ٻلي جي ماٺ ٿي وڃڻ تي مون
سوچيو پئي ته اهو شايد مري ويو هوندو.
پڪ ڪرڻ لاءِ ڊڄندي ڊڄندي مون ٿورو اڳيان وڌي
ٻوريءَ ڏي اڃان هٿ ئي مس وڌايو هو،
ته ٻلو اچانڪ پوريءَ طاقت سان ڦٿڪيو هو. مان ڇرڪ
ڀري ڊپ مان امان کي چنبڙي ويو هئس. جنھن تان بتول
کي ڏاڍي کل آئي هئي ۽ ان تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي
هئي. مان بتول کي مارڻ لاءِ وڌيو هئس ته امان مون
کي زوريءَ روڪي، کٽ تي ويھاري،
ماني کارائڻ لڳي هئي. ”رڳو ٿو ڀيڻ سان وڙهين“
چوندي امان گرھ مون ڏي وڌايو هو،
ته مون پنھنجي پينسل لاءِ ضد ڪيو هو. بتول
پھريائين اهو چئي ته، ” مون پينسل الله جي پٽ تان
لڌي آهي.“ امان کي پينسل ڪانه ڏني هئي،
پر پوءِ امان جي هڪڙي دڙڪي تي اها مون ڏي اڇلائي
هئي. ٻوريءَ ۾ بند ٻلي جي ڪري امان کي پنھنجي هٿن
سان مون کي ماني کارائڻي پئي هئي،
ڇو ته منھنجو سڄو ڌيان ٻوريءَ ۾ بند ٻلي ڏي هو.
ماني کارائي امان جڏهن ادا ۽ مون کي ٻلي کي ٻائي
واري باغ ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ چيو هو ته مون کي بي
انتها خوشي ٿي هئي.
ٻلي کي ٻائي واري باغ ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ مان ۽ ادا
جڏهن قبرستان ٽپي روڊ تي چڙهيا هئاسين ته ادا مون
کي چيو هو،
ته هاڻي تون هٿَ ڪڍيس ۽ ٻوريءَ کي روڊ تي رکي گھلڻ
لڳو هو. ٻلو ٻوريءَ ۾ اهڙا ڇال ڏئي رهيو هو،
جو ڪنھن ڪنھن مهل ٻوري ادا جي هٿن مان ڇڏائجي پئي
وئي. مون کي اهڙو مزو پئي آيو جو مون دل ئي دل ۾
دعا پئي گھري،
ته ٻائي وارو باغ ڪڏهن نه اچي. ٻلي جي خوفزده
خوفناڪ طاقت جي ڪري يا الائي روڊ تي رهڙجڻ جي ڪري
ٻوري ڦاٽي پئي هئي. ادا ۽ مان ڇرڪ ڀري ويا هئاسين.
ٻلو ڦاٽل ٻوريءَ مان ٽپ ڏئي ڀڄي ويو هو. ڦاٽل
ٻوريءَ جي ٻنهي پاسن کان بيهي اسين ڏاڍو کليا
هئاسين.
پندرهن سالن کان پوءِ اها مٿين ڳالھ، مون کي هڪ
بيدرد ۽ منحوس تھه
خاني ۾ منھنجي سامھون،
گھميل فرش تي پيل ان ٻوريءَ کي ڏسي، ياد آئي هئي،
ٿوريءَ دير کان پوءِ جنھن ۾ هو منھنجو ڳڀا ٿيل لاشُ،
چونو ۽ پٿر وجھي، اها ڦليليءَ ۾ اڇلائڻ کڻي ويندا.
ڊاڪٽر احسان دانش

دنيا،
ديوانن جي
گهٽيءَ جي منڍ تي اچانڪ ٻارن جو گوڙ وڌي ويو. ٻاهر
نڪتس ته آواز چِٽا ٿي ويا.
”چريو چريو چريو. سَتو چريو.“
ٻارن جي هٿن ۾ ڀتر ۽ زبان تي چريو چريو... اڳتي
وڌي ويس ڪي ٻار کِلي رهيا هيا ته ڪي چريو چريو چئي
رهيا هيا.
گھٽيءَ جي موڙ وٽان اڳتي ئي اڳتي هڪ همراهه کي ڊپ
۾ ڊُڪندي ڏٺم. ٻارن کي دڙڪا ڏئي ڀڄائي ڇڏيم.
همراهه جي ويجھو ويس جنھن جي ڏاڙهي وکريل هئي،
ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل... اکيون ڏرا ڏنل ۽ حيران، چَپَ
خشڪ ۽ ٿڙڪندڙ. مان سندس ڪلهي تي هٿ رکيو، ”گھٻراءِ
نه ويھه.“ کيس ڀرسان دڪان جي ٿلھي تي ويھڻ لاءِ
چيم.
”هو مارن ٿا، مارن ٿا... ڀتر.“ سندس چپ ٿڙڪڻ لڳا.
”ڪوئي نه ماريندو، مان سڀني کي ڀڄائي ڇڏيو آ.“
گرمي پوين پساهن ۾ هئي، پر هو پگهر ۾ شل ٿي چڪو
هو. دڪان واري کي بوتل جو چيو. کيس بوتل گلاس ۾
لاهي ڏني، ته مون کي حيرت مان تڪڻ لڳو پوءِ بوتل ۾
ٿُڪون اڇلڻ لڳو ۽ پوءِ پي ويو.
مون کي ڪرڀ اچڻ لڳي... پر هڪ ديواني کي ڪير
سمجھائي.
دڪان واري خالي بوتل ۾ هٿ وڌو ته کيس پئسا ڪڍي
ڏنا.
”عادل ڀاءُ سڃاڻين ٿو هن کي؟“ دڪان واري چيو.
”نه.“
”حاجي محرم جو وڏو پٽ ٿئي؟“
زمين پيرن هيٺان نڪري وئي.
”عبدالستار؟“ چيم.
”ها.“
مان هن جي چھري ۾ چتائي ڏٺو. هن جي وکريل ڏاڙهيءَ
پٺيان مون کي اهو مرڪندڙ سھڻو چھرو نظر آيو، جنھن
کي مان پندرنھن سال اڳ ڏٺو هيو. مان نوڪريءَ سانگي
دبئي ۾ پندرنھن سال گذاري واپس آيو هئس. انھن
پندرنھن سالن ۾ گھڻو ڪجھ بدلجي ويو هو، پر
عبدالستار ائين بدلجي ويندو مان سوچيو نه هو.
”ستار توکي ڇا ٿيو؟“
”دُرنگي دنيا دوکو ٿي دوکو... دوکو دوکو“ اکين ۾
حيرت جو سمنڊ ڇُلڻ لڳس.
دڪان واري چيو ”ڀائو عادل چڱو ڀلو هيو. چوڏهن درجا
پڙهي ويو هو. اچانڪ ڏٺو ته ڏاڙهي وڌي ويس، سٿڻ
ڀيڏيءَ تي، تسبيح هٿ ۾، اڇو پهرياڻ، مٿان پٽڪي ۽
مسجد جا پنڌ. هرڪو چوندو هيو، هي ڪيئن اچانڪ ان
رنگ ۾ رڱجي ويو؟... ڪجھ ئي وقت بعد وري گيڙو مفلر،
گيڙو چولو، هٿ ۾ ڪڙا... عبادتون وسري ويس... انھن
ڏينھن ۾ قاضين تي به ڪاوڙيل هوندو هو.“
”پر هي ته سي.ايس.ايس جي تياري ڪندو هو. مطلب وڏو
پڙهاڪو نوجوان هو...؟“
”ها ڀائو بلڪل، پر تنھنجي وڃڻ کان پوءِ هي عجيب
رنگن ۾ رهيو آ. وچ ۾ الائي ڪيڏا مھينا گم هيو،
مالڪن پوليس ۾ رپورٽ ڪرائي، پر ڪجھ پتو نه پين...
هڪ ڏينهن اچانڪ ظاهر ٿيو... پر حال هيلا بڇڙا هئس.
چوندو وتي دنيا ڌوڙ ۽ ڇائي آ... ڀڄو ڀڄو...“
”حيرت آهي اچانڪ ڇا ٿي ويس؟“
”دُرنگي دنيا دوکو ٿي دوکو... دوکو، دوکو، دوکو“
ستار اهو جملو وري وري ورجائيندو رهيو.
اڃان ڪَچڙي منجھند هئي، پر ٻاهر ٿَلهي تي اُسَ ۾
تيک پئي لڳو. سَتار جي ٻانھن ۾ هٿ وجھي کيس دڪان
جي ٻاهران واري ڇپري ۾ وٺي اچي بينچ تي ويهاريو.
”ڀائو هيو ته چڱو ڀلو، پر چون ٿا ته هن جھنگ مُنھن
ڪري ڪي اهڙا ڏکيا وظيفا پڙهيا ۽ چلا ڪٽيا جو کيس
غيبات وٺي وئي... توبھن ادا توبھن... ويچارو حاجي
محرم هن جا علاج ڪرائي ڪرائي ساڻو ٿي پيو، نيٺ رت
جا ڳوڙها ڳاڙيندي مري ويو، پر هي چاڪ نه ٿيو.“
”پوءِ ڀائرن هن کي ائين ڇڏي ڏنو آ؟“
”ڇا ڪن سائين، گھر ۾ نه ٿو ويھي.“
”چرين جي اسپتال ۾ داخل ڇو نه ٿا ڪرائنس؟“
”مان چريو ناهيان، مان چريو ناهيان...
I’m not mad
تون چريو آن تون... تون... تون.“ هو اٿي ڊُڪَ ڀري،
هڪ سنھڙي گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو.
مان سندس حالت ڏسي ڏک ۾ ويڙهجي ويس... گھر آيس ته
خبر پئي ته هاڻي پاڙي ۾ هو سَتُو چريي جي نالي سان
مشھور آ.
”ستو چريو!“ چپن ۾ چيم. سوچيم ڇا هي اهو ئي نوجوان
آهي، جنھن جي اکين ۾ تبديليءَ جا خواب هوندا هئا!
جنھن جي هٿن ۾ مارڪس ۽ لينن جا ڪتاب هوندا هئا!!
جيڪو اوشو کي پڙهندو هو... لطيف جو عاشق هو! هُو
غضب جي انگريزي ڳالھائيندو هو... هي اهو عبد
الستار ته ناهي!! مان تڙپي پيس...
گهران نڪري شھر جي واحد پبلڪ پارڪ ۾ وڃي ويٺس.
پارڪ ۾ گل هئا، گلن ۾ خوشبو ۽ پري کيڏندڙ ٻارَ....
مان پارڪ جي هڪ ڪُنڊ ۾ رکيل پٿر جي بينچ تي اچي
ويٺس. هڪ ٻار هٿن ۾ ڦُلن جا پيڪيٽ کڻي چئي رهيو هو
”گرما گرم ڦلا، گرما گرم ڦلا.“ مان ڦلا وٺي کائڻ
لڳس ته پارڪ جي گِرِلِ جي ٻاهران ويٺل هڪ شخص تي
نظر پئي، جيڪو اڌ اگھاڙو هو ۽ پنھنجي چولي مان
جوههَ ماري سنهڙا ڌاڳا ڪڍي رهيو هو. ڌاڳا نڪرڻ ڪري
هن جو چولو ڦاٽندو ٿي ويو. گھڙي رکي هن پنھنجي
پٺيان رکيل رِيلُ هٿ ۾ کنئيون ان ۾ اڳي ئي کوڙ
ڌاڳا ويڙهيل هئا، رِيلَ مان ڌاڳا کولي کولي سڄو
ريل خالي ڪري وري رِيلَ تي اهي ڌاڳا ويڙهي رهيو
هو. هُو ڏسڻ ۾ صفا ڪمزور هو، مٿي تي وار بلڪل ٿورا
هئس ۽ هو اهو ڪم ڪندي کِلي رهيو هو. مان پاپ ڪارن
کائيندي مسلسل ڏانھنس ڏسندو رهئس، ڏسندو رهئس ۽ هو
چولي مان ڌاڳا ڪڍي، ريل تي ويڙهي وري ريل کولي
ٻيھر ويڙهيندو رهيو. ڦلن وارو ڇوڪرو اڃا پارڪ ۾
گھمي رهيو هو. مان سڏي کانئس پڇيو ته ”هي شخص ڪير
آهي؟“
چيائين ”سائين چريو آهي. چون ٿا جواني ۾ درزي هو.“
مان بينچ تان اُٿي اسٽيشن طرف هلڻ لڳس. ان ڏاڪڻ تي
اچي بيٺس جنھن تي ٻال وهيءَ ۾ اڪثر لھڻ چڙهڻ ۾ مزو
ايندو هو، تڏهن اسٽيشن تي ڏاڍي ڪُلهي گَسَ هوندي
هئي پر هاڻي اها ڏاڍي اداس آهي. روڊن تي رت هاريل
آهي، پر پوءِ به ماڻھو روڊن تي سفر ڪن ٿا. مان ڪجھ
پلَ، پُلِ تي هوا جو مزو وٺي هيٺ لٿس ته هڪ ديوانو
پولَ کي ٽيڪ ڏيو ويٺل نظر آيو. سندس هٿ ۾ هڪ پنو ۽
بال پين هئي. هو مسلسل پني تي دائرن جي شڪل ۾ ليڪا
پائي رهيو هو. پنو ليڪن سان ڪارو ٿي چڪو هو، پر
پوءِ به هُو ليڪا پائي رهيو هو. هُو پنھنجي منھن
مھانڊي ۽ حرڪت ۾ ئي پاڳل هو. مان ويجهو اچي سندس
مٿان بيٺس...... هن مون ڏي عجيب نظرن سان گهوري
ڏٺو. پنو ۽ پين ٻانھن ۾ لڪائي چوڻ لڳو. ”نه ڏيندس،
توکي نه ڏيندس.....“ منھنجي چپن تي مرڪ اچي وئي.
چيومانس ”ڇا ٿو ڪرين؟“
”رستو ٿو ٺاهيان....!“ چيائين.
مون کي سندس ڳالھه سمجھ ۾ نه آئي، هونءَ به چرين
جون ڳالھيون ڪير سمجهي، ڪياڙي کنهندو اڳتي نڪري
ويس.
شاهد ڏي وڃڻ لاءِ دل چيو، شاهد جو گھر اسٽيشن جي
ڀرسان ئي هو. چوڻ ۾ ڪانٽريڪٽر پر وڏو پڙهيو لکيو ۽
ادبي ذوق رکندڙ دوست هو. نوڪري نه مليس ته ٺيڪا
کڻڻ لڳو هو. سندس اوطاق اڄ به ڪنھن لائبريريءَ جي
ڏِکَ ڏيندي آهي. جيتوڻيڪ هو هاڻي ماڻھوءَ مان مشين
ٿي ويو آهي، پر پوءِ به هن سان ملندي مون کي مزو
ايندو آهي، هن جون ڳالھيون اڄ به ادب، تاريخ ۽
فلسفي جو احاطو ڪندڙ هونديون آهن. اسان جي سماج جي
بدقسمتي آهي، جو جنھن ماڻھوءَ کي قلم جو پورهيت
هجڻ کپي اهو پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ پگھر پيو وهائي.
شاهد پيار مان ڳراٺڙي پائي چيو ”اسان ته مشين جا
پرزا آهيون هلندا ٿا رهون تون ڪٿي آن ظالم؟“
”ٻڌايان ٿو، ويھاريندين نه ڇا؟“
”ها ها هڪڙو منٽ.“
اوطاق جو دروازو کوليائين ته ڪتابَ اداس نظرن سان
مون ڏي تڪڻ لڳا. انھن مان کوڙ منھنجا سڃاتل هئا،
مان انھن کي ڇھيو ۽ پڙهيو هو. اُهي ڪتاب پنھنجي
اداس نظر سان ڄڻ شڪايت ڪندا هجن ته، هاڻي اسان کي
ڪير به پڙهڻ وارو ناهي.
”پھريان اهو ٻڌاءِ ته چانھه يا ٿڌو؟“ شاهد ويھڻ
سان ئي پڇيو.
”چانھه.“
”هڪڙو منٽ.“ چئي اندر هليو ويو.
واپس آيو ته سندس هٿ ۾ ٽري هيو جنھن ۾ پاڻيءَ جي
جڳ، گلاس ۽ ڪجھ ڊراءِ فروٽ ۽ بسڪيٽ رکيل هئا.
”ڏي خبر هتي وقت ڪيئن ٿو گذري؟“ شاهد ٽيبل تي ٽري
رکندي پڇڻ لڳو.
”اڄ ته سڄو ڏينهن چرين جي وچ ۾ گذريو آهي.“
”اڇا، اهو وري ڪيئن؟“
”اڄوڪي ڏينهن ۾ ٽن چرين سان ملي چڪو آهيان.....
منھنجي وڃڻ کان پوءِ هن شھر ۾ چرين جي آبادي وڌي
نه وئي آ؟“
”مان ته سمجھان ٿو ته هن شھر ۾ سياڻا وڌي ويا آهن.
اڳي کير ۾ پاڻي ملائيندڙ هئا ۽ هاڻي پاڻي ۾ کير
ملائيندڙ، اڳي ماڻھو قرض ڏيندا هئا ۽ هاڻي وياج،
اڳي ڪاروبار رزق حلال هوندو هو ۽ هاڻي پنجن سون
مان پنج لک ڪرڻ سولو ٿي ويو آهي، ڪاروبارَ ۾ ڪوڙُ
۽ قسمُ جو گھڙي آيو آهي...... آهي نه آسان
نسخو.... سو ماڻھو سياڻا ٿي ويا آهن پيارا.“
”پر اها ته سڌي سنئين ٺڳي آهي.“
”هاڻي هن ڪارپوريٽ ورلڊ ۾ ٺڳيءَ کي ٺڳي نه ٿو
چئجي، ان کي چالاڪي ۽ سياڻپ ٿا چون منھنجا دبئي
رٽن دوست....... خير تو وري ڪھڙا چريا ڏٺا؟“
”پاڙي ۾ سَتُو چريو، پارڪ ۾ چريو درزي ۽ اسٽيشن تي
پني مٿان ليڪا پائيندڙ چريو...“
”بس اهي ئي ڏٺا اٿئي؟“
”ڇا مطلب؟ ڇا هن ننڍڙي شھر ۾ ٻيا به چريا آهن.“
”تو شھر جو مشھور چريو ته ڏٺو ئي ڪونهي، جيڪو عجيب
حرڪتون ڪندو آهي.“
”اڇا پوءِ ڪجھ ٻڌاءِ ان جي باري ۾؟“
”ان چريي جو نالو آ نون چريو.“
”نون؟؟“
”ها... هڪ منٽ ترس مان چانھه کڻي اچان ته پوءِ
ٻڌايانءِ ٿو.“
شاهد اندر ويو ته مان ٽري مان کاڄو کڻي وات ۾ وڌو.
سامھون شوڪيس ۾ خليل جبران جي ڪليات تي نظر پئي،
جنھن کي مان گهڻو اڳ پڙهي چڪو هئس. ڪيئي ورهيه اڳ
پڙهيل جبران جي هڪ ڪھاڻي جا جملا ياد اچي ويا ”مان
ماڻھن کي چيو ”مان چاهيان ٿو توهان مون کي سوريءَ
تي چاڙهي ڇڏيو!“ هنن چيو ”اسان تنھنجو خون پنھنجي
ڳچيءَ ۾ ڇو وجهون؟“ مون چيو ”جيڪڏهن توهان ديوانن
کي سوريءَ تي نه چاڙهيو ته توهان پاڻ تي فخر ڪيئن
ڪري سگهندئو.“
شاهد، چانھه جا ڪوپ ٽيبل تي رکي چوڻ لڳو ”توکي
چرين جي اسٽوريءَ ۾ ڪھڙو انٽريسٽ آهي؟“
”ڪو خاص نه پر اڄ عجيب ڪو انسيڊنٽ ٿيو آهي، جو
جنھن طرف ٿو وڃان ته ديوانا ٿا نظر اچن...؟“
”ڇا مطلب؟“
”او سوري... منھنجو مطلب آ... خير تون ’نون‘ چرئي
جي باري ۾ ٻڌاءِ.“
”نون اصل ۾ پروفيسر هو، پروفيسر هارون. چون ٿا ته
عشق جي چوٽ سندس ڪَلَ ٿيڙي وڌي... هاڻي هو خاموش
هوندو آهي، ڪنھن سان ڪجھ به نه ڳالھائيندو آهي، پر
عجيب حرڪتون ڪندو آهي... ڪڏهن رستي تي پوئين پير
هلندو ويندو، ته ڪڏهن مٿو زمين ٿي رکي ڄنگھون مٿي
سڌيون ڪري ڀت سان ٽيڪ ڏئي اونڌو لڳو پيو هوندو...
هڪڙي ڀيري ته ڪمال ڪري ڇڏيائين.“
”ڇا ڪيائين...؟“
”ٽريفڪ سارجنٽ ٿي بيٺو، ۽ هٿ جي اشارن سان ٽريفڪ
کي ڪنٽرول ڪرڻ لڳو.“
”او پوءِ... “ چانھه مان سپ ڀري چيم.
”پوءِ ڇا پوليس کيس کنڀي کڻي وئي، ويچاري بي زبان
جا هڏ گُڏَ ڪُٽي ڦٽي ڪيئونس.“
”اف...! ڀلا هو ويچارو پنھنجي وس ۾ هيو... سماج جا
سياڻا ته ڪجھ سمجھ ڌارين.“
”عادل! پوليس کي تون سماج جا سياڻا ٿو سمجهين.“
”يار چريا به ته ناهن.“
”اهڙن سماج جي سياڻن کان چريا سُٺا اٿئي، ڪنھن کي
رنجائن ته نه ٿا.“
”مون کي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اهي چريا اصل ۾
ڏاڍا ڏاها آهن...“ چيم
”اڇا... سو وري ڪيئن؟“
”ڏس نه اهي جيڪي ڪجهه ڪن ٿا، ان جو ڪو نه ڪو مقصد
ته هوندو؟“ بسڪيٽ مان ننڍڙو بائيٽ وٺندي چيم.
”ڇڏ يار عادل تون به عجيب ڳالھه ٿو ڪرين...“ شاهد
لوندڙيءَ وٽان اشاري سان آڱر ڦيرائي چيو ”ڪو ڪَل
ٿڙيل ماڻھو ڏاهپ جي ڳالھه ڪيئن ٿو ڪري سگھي!“
”السلام عليڪم سائين اندر اچي سگھون ٿا...؟“ اوطاق
جي دروازي وٽ هڪ ٿلھو متارو همراهه اچي بيٺو.
”ها ها اچو.“ شاهد اڳتي وڌي کيس اندر وٺي آيو.
”عادل هي منھنجو دوست آهي مجيد... ٽائون ڪاميٽي
وارو ڪم اسان گڏجي پيا ڪريون، مجيد هي آهي منھنجو
ننڍپڻ جو دوست عادل، پندرنھن سال دبئي جو پاڻي
پيتو اٿائين. هاڻي واپس پنھنجي واهيرن تي آيو
آهي.“
”سائين ڀلي ڪري آيئو...“ همراه آجيان ڪئي.
”وڏي مھرباني...“ اهو شاهد کان موڪلائڻ جو صحيح
وقت هو. ”هاڻي مون کي اجازت، هونئن به مون کي
توهان جي ڪاروباري معاملي ۾ رنڊڪَ نه وجهڻ کپي.“
مان چانھه مان آخري سپ ڀري ڪپ ٽيبل تي رکيو.
”اهڙي ڪا ڳالھه ناهي تون ويھي سگهين ٿو. باقي ظاهر
آهي توکي اسان جون ڳالھيون بور ضرور ڪنديون.“ شاهد
اک ڀڃندي چيو،
”ان ڪري ته چوان ٿو ته توهان ٻه سياڻا ڳالھايو،
مان وڃان ٿو ساڳي ديوانن جي دنيا ۾...“
”ها ها ها...“ شاهد کان ٽهڪ نڪري ويو ”جلدي موٽي
اچجانءِ ملڻ لاءِ.“
مان گھر موٽي ويس... ڊائيننگ ٽيبل تي ڊنر رکندي
وائيف چيو ته ”سَتو چرئي جي ڳالھه ٻُڌَوَ؟“
”ڪا نئين ڳالھه آهي؟“ چيم.
”نئين ته ناهي پر عجيب آهي.“
”اڇا؟“
”ها!پاڙي واري مائيءَ ٻڌايو ته هن کي جيڪو به کائڻ
لاءِ ڪجھ ڏيندو آهي ته ان ۾ مٽي ملائي پوءِ
کائيندو آهي. توبھن... بيمار به نه ٿو ٿئي!“
”مان اڄ ستار کي ڏٺو... ڏاڍو ڏک ٿيو، خبر ناهي
ڪٿان ڪَل ٿڙيس... چڱو ڀلو هو. مان ته هن جي آئيندي
مان پُر اميد هئس.“
”ها هو ته چڱو ڀلو... هن جي مورن جهڙي مڱَ، رَتَ
ڳوڙها پئي ڳاڙي... الله اهڙي ڪنھن سان نه ڪري.“
زندگيءَ جي هڻ وٺ ۾ وقت گذرندو رهيو... مان پنھنجي
ڪاروباري مصروفيتن ۾ ڦاسي ويس. بزنس سيٽ ڪري ڀاءُ
کي ذميواري ڏني ۽ پاڻ وري دبئي لاءِ روانو ٿي ويس.
ٽن سالن بعد دبئي کي سدائين لاءِ خير آباد ڪري وطن
جا وڻ وسائڻ لاءِ پنھنجن ڪکن ڏانھن وريس. اسٽيشن
تان ٽانگي تي چڙهيم. ٽانگو ٽاپ ٽاپ ڪندو سُڪ پل
وٽان گذريو ته هڪ درگاهه تي نظر پئي. اها درگاهه
مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺي هُئي.
گهر پھچي حالي احوالي ٿيڻ بعد ڀاءُ کان پڇيم
”هاشم! اڄ رستي ۾ سُڪ پُل وٽ هڪ درگاهه نظر آئي.
اڳي ته ڪڏهن اها درگاهه نه ڏٺي اٿم.“
”بس ادا! ڪھڙيون ٿا خبرون پڇو...“
”پوءِ به... ان بزرگ جو ڇا نالو آهي؟“
”ان بزرگ جو نالو آهي ’سَتن شاهه بادشاهه‘“
”اڇا! جيئرو هو ته ان بزرگ جو ڪڏهن نالو ڪونه ٻڌو
هو.“ چيم
”ادا اصل ۾ اهو بزرگ پنھنجي پاڙي وارو ديوانو ستو
چريو آهي...“
”عبدالستار، حاجي محرم عليءَ جو پُٽ!؟“
حيرت ۾ ڀِروُن مٿي ڇڪجي ويون.
”هائو ادا... هن جا مِٽ مائٽ کيس هتي ڇڏي وڃي
ڪراچيءَ ۾ رهيا... هو صفا فيل مست ٿي ويو هو....
هڪ ڏينهن پنھنجي مستيءَ ۾ مگن ٿي سُڪ پُل وٽان پئي
گذريو ته هڪ ٽريڪٽر چيپاٽي ويس ۽ ويچاري ٿڏي تي دم
ڏنو.“
”اُف...“ مٿي کي هٿ ڏئي چيم ”واقعي؟“
”هائو ادا، ماڻھن کڻي، سُڪ پل وٽ دفنايس... ڪجهه
وقت کان پوءِ ڪنھن شاهينگَ قبر مٿان پَڙُ چاڙهئس ۽
مشھور ٿي ويو ته سائين بابا مرادون ٿو پُڄائي. بس
ٻن ٽن سالن ۾ هن جي قبر مٿان قبو ۽ ڀرسان ملنگن جو
مئخانو ٺهي ويو ۽ ٻن سالن کان هن جي درگاهه تي
ميلو به لڳي ٿو.“
مان حيرت جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويس... زبان مان رڳو
اِهي ئي اکر اُڪليا ته ”ستو چريو، ستن شاهه
بادشاهه... “ |