نصير مرزا

وفا پلي- شخصيت ۽ شاعري
[جشن وِفا]
مور ڇل سان کين هوا ڪرڻ لڳس. مون کي لڳو، هو ٻيئي
ته مون کي وڻن ئي پيا پر آئون به کين بيحد ئي پسند
پيو اچان، خير قصو ڪوتاهه مشاعري بعد، ورندڙ صبح
جو، هوٽل سائنيجيز جنھن ۾ هو ٽڪيل هئا. کانئن
عنايت بلوچ صاحب ۽ مراد علي مرزا سان گڏجي موڪلائڻ
ويس ته ائين نوازيائون جيئن بادشاهه، خوش ٿي درٻار
جي مصاحبن جون جهوليون موتين سان ڀري ڇڏيندا آهن.

ٻه ڀائر ٻه شاعر- ولي محمد وفا پلي ۽ عبدالڪريم
پلي
افسوس، ڪريم پلي سائين (جنھن مون سان خط و ڪتابت
جو سلسلو پڻ جاري رکيو هو) ۽ جنھن سان ٻن ملاقات
جا خُمار اڃان دماغ تان لٿا ئي نه هئا، جو هو ڪنھن
ناگهاني صدمي سبب، هميشه حسناڪ سان وڃي مليو. تڏهن
ان وقت هي پھريون ڀيرو هو جو پنھنجي نوجوان شاعر ۽
نورچشم احمد سولنگيءَ جي ساٿ سان خانصاحب عطا محمد
پلي ڳوٺ وڃي آئون پھتس. ڀانئيان ٿو راجه رستي
اسٽاپ تائين ته بس ۾ ۽ پوءِ گهوڙي گاڏي تي ويندي،
ڇا ڏسان ته هر طرف ويرانو ور وڪڙ رستا... ٻنھي
پاسي جهنگ، وڻ ئي وڻ ۽ اهڙن منظرن جي آخر ۾ ڇا
ڏسان ته ايڪڙن ۾ رنگ رنگ جا طنبو طولان نصب، خبر
پئي ٽيجهي جي نسبت سان دسترخوان تي ست رڇيون
مانيون. ۽ هر پاسي تعزيت لاءِ پهتل بي پناهه خدا
جي مخلوق. احمد سولنگي ۽ مون ’وفا‘ کي ڳراٽڙي
پاتي، غمخواهي ڪئي. ۽ تڏي تي ويھي ڳچ وقت ڪريم
سائين کي ياد ڪيو، جتي ڪنھن وقت ٻُڌم سنڌ جا هڪ
کان هڪ راڳي، استاد منظور علي خان کان وٺي، سينگار
علي سليم، وحيد علي ۽ غلام قادر لنجواڻي وغيره
مھينن جا مھينا ٽڪيا پيا هوندا هئا ۽ رڳو اِهي
عظيم الشان مرد گائڪ ئي ڇا، خبر پيئي ادي عابده
پروين به جڏهن جڏهن چاهيندي هئي، ان بنگلي ۾ ڏينھن
جا ڏينھن اچي رهندي ٽڪندي هئي. ۽ ڪنھن وقت هي به
ٻُڌم ته ڪريم سائين جي هن هيٺين ڪلام جي ته طرز به
هن ان ئي بنگلي ۾ ٺاهي هئي:
ائين پڌرو پرين هو هزارن ۾
جيئن چنڊ لڳي ٿو تارن ۾
عابده پروين صاحبه بعد ۾ وفا پليءَ جو به ته هي
خوبصورت ترين غزل ڳايو هو ۽ ڇا ته اهو مقبول به
ٿيو، جنھن جا هي ٻه شعر هتي ڏسو:
تنھنجو مشتاقِ ديد ساري ٿو
آ وِڇَوڙي جو موت ماري ٿو
ڪوبه ايندو نه ريگزارن ۾
راهه ڪنھن جي وفا نھاري ٿو.
بيابان نما ٿر جو هي ڳوٺڙو، جنھن جو نالو خانصاحب
عطا محمد پلي هو واقعي ريگزار مثل ئي ته هو. چؤطرف
سناٽو، هر پاسي کان اڏامندڙ واريءَ جا واچوڙا ۽ وچ
۾ شيش محل نما هي ”پلي هائوس“. جنھن کي اديبن
شاعرن، راڳين، ساز ڪارن جي لاءِ آرام گاهه به سڏي
سگهو ٿا ته پناهه گاهه يا وسرام گاهه به.
ڪريم پلي سائينءَ جي وصال بعد سنڌ جا ٻيا اديب ۽
شاعر وفا جي ڪيترو ويجهو رهيا، ۽ ان جو پوتا ميل
ته هر ڪو پاڻ ئي ڏيندو. پرهتي آئون پنھنجي خوش
نصيبيءَ تي جيترو به فخر ڪريان گهٽ آهي. جو وفا هڪ
پل به مون کي پاڻ کان پري نه رکيو. ۽ پوئين دؤر ۾
حيدرآباد جڏهن جڏهن به پنھنجي مخصوص معالج سان
اپوائنٽمينٽ تي ايندو هو. تڏهن سندس ٺام ٺڪاڻو
منھنجي آفيس رهي ۽ آئون ڇاڪاڻ ته ان وقت اسٽيشن
ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ آرامده آفيس جو مالڪ هئس، جتي
وفا پنھنجي ويھڻ لاءِ هڪڙي جاءِ مخصوص ڪري ڇڏي هئي
۽ ان هنڌ لوهي ڪٻٽ ڀرسان ان ڪرسيءَ تي ڪو ٻيو ڪير
به جي موجود ته هجت مان چوندس... ”يار دل ۾ نه
ڪجانءِ ويھڻ لاءِ اِها ڪرسي آئون ازل کان پاڻ لاءِ
لکائي آيو آهيان. اها جاءِ مون کي ڏي“. بيشڪ مون
کان اڳي جيڪو صاحب اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ هن آفيس جو
مالڪ هو. ان شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي
تصوير لوهي ڪٻٽ مٿان رکرائي هئي. پر مون ان هنڌ تي
اضافو هي ڪيو ته پياري جامي چانڊيي دهلي ۾ قرة
العين حيدر صاحبه جي جيڪا تصوير پاڻ ڪڍي هئي ۽ پاڻ
ئي مون کي فريم به ڪرائي ڏني هئي، مون ان کي
بينظير صاحبه جي تصوير جي اڳيان رکي ڇڏيو هو.

قرۃ
العين حيدر
ته خير مون هتي آگاهه پئي ڪيو ته وفا ان ئي تصوير
واري پاسي جيڪا ڪرسي پيل هئي. ان تي ئي اچي ويھندو
هو ۽ نھايت اشتياق سان تصوير کي ڏسي پنھنجي هجائتي
اندار ۾ قرة العين حيدر ۽ سندس تحريرن بابت
رومينٽڪ انداز ۾ ڳالھيندو به رهندو هو. ائين وفا
جڏهن جڏهن به ڪو خط مون کي لکندو هو. قرة العين
حيدر سان پنھنجي والھانه عقيدت ۽ پيار جو اظھار
ڪرڻ ڪڏهن به ڪونه وساريندو هو. بيشڪ نشن ۾ اوپئم
جهڙو ٿڌو ۽ نرم نرم نشو هن جي ڪمزوري هو ۽ جنھن کي
هو، موڊ مطابق چاڪليٽ وانگر چپاڙيندو به پيو هو ۽
گڏوگڏ عام گفتگو ۾ بيحد فرينڪ ۽
Slang
نما انگريزي لفظ به گهڻا پيو استعمال ڪندو هو. پر
ذاتي طرح سان هو انتھائي اشراف، مھذب با اخلاق،
باوقار ۽ سڀني وصفين محبوب شخصيت جو مالڪ هو.
خير هتي جي وفا پليءَ هجتن هوڏ، هستي ۽ مستيءَ ۾
ڳالھايل ڳالھين ۽ جملن جو ستار جي ڇيڙيندو آئون
رهان يا هي جئين پنڃارو تُبني جي تار سان ڪپهه جون
پوڻيون فضا ۾ اڏائڻ لڳندو آهي. ائين آئون به جي
چاهيان ته هن گفتگو دؤران سندس اهڙا جملا به فضا ۾
اڏائي سگهان ٿو. پر، اُهي قصا ۽ کل ڀوڳ وارا گفتا
ڇاڪاڻ ته ”آف دي رڪارڊ“، ان ڪري اڳتي... حدِ ادب!
وفا.... امداد حسيني يا مير تقي مير وانگر سيلاني،
يا آواره خرامي ڪندڙ يا راتين جي رولاڪ قسم جو ڪو
شاعر ڪونه هو. هونئن ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پليءَ ۾
آوارگي جي لاءِ اسپيس به هو ئي ڪٿي؟ ان ڪري، چنڊ
جي شمع ٻرندي ئي، وفا تصور ۾ جام کڻي ذهني آواره
خرامي ۾ مصروف ٿي ويندو هو.... ۽ ٻاهر ڪيڏانھن
رستن گهٽين يا بيايانن ۾ نڪرڻ بجاءِ تخيل ۽ تصور
جي دنيا ۾، پنھنجي ههڙن استعارن وارن غزلن جو ڏيئو
ٻاري من اندر واري ڪائنات آباد ڪيو هڪ ئي هنڌ ويٺو
هي چوندو رهندو هو.
ڪڏهن تنھنجي وارن سندي رات ٿيندي،
ڪڏهن محب ملندي ملاقات ٿيندي.
هتي ياد رهي ته وفا، گيڙو ويس غزل نه پر زير اضافت
۽ فارسي ترڪيبن جو قائل ۽ تغزل پسند غزل گو شاعر
هو. ان ڪري هن جي غزلن ۾ زير اضافت ڪثرت سان اسان
کي نظر اچي ٿي. هونئن نج نبار رديف قافين وارا به
وفا جي پنھنجي منفرد لھجي جا نھايت ئي شاندار غزل
پڻ وٽس آهن. جيئن مثال طور:
نه تون ويڙهه وارن کي، رُخ تي رهڻ ڏي،
نه ئي رات رڙهندي نه پرڀات ٿيندي،
تغزل آميز وفا جي هڪ مشهور غزل جا هي ٻه شعر به
ڏسو:
تنھنجو مشاقِ ديد، ساري ٿو
آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو
چند لمحا ته سُک سمهان، ليڪن
درد تنھنجو اچي اُٿاري ٿو.
شاعريءَ جا وڏا وڏا پارکو چوندا آهن، ڪنھن به شاعر
وٽ ٻوليءَ جي جيتري به گهڻي ڄاڻ هوندي پنھنجي تخيل
۾ هُو اوتري ئي گهڻي گلڪاري ۽ حسنڪاري ڪري
ڏيکاريندو. لطيف سائين ته ٻوليءَ جا شهنشاهه ۽ بحر
بيڪران هئا، کانئن پوءِ مولوي احمد ملاح.. نئين
دؤر جو نئون لغت ساز بلڪه جادوئي لفظن جو ڪرشماتي
ڪارخانو هو. پوءِ شيخ اياز صاحب، شمشيرالحيدري،
تنوير عباسي، استاد بخاري جن جا هتي ڪي اهڙا مثال
به ڏسو جيئن مثال طور ڀٽائي صاحب فرمايو... ”اکون
ڊاکون سرکنڊ شاخون“، ”ڪَن ڪٽ ڪا پٽ ڪاپڙي“...
”جيها جي تيها مون مارو مڃيا“ مولوي احمد ملاح...
”مرحبا محبوب منھنجا تو مٿان سر گهوريان“... تنوير
عباسي... ”جهيڻو جهيڻو جهانجهه وڄائي درد ٿئي ٿو
ٻيڻو ٽيڻو“ شمشيرالحيدري
”ڪڏهن ماهتاب جي مُرڪ ۾، ڪڏهن گُل گلاب جي سُرڪ
۾“... شيخ اياز... ”ڏٺا ڏٺا ڪنھن، ڏٺا ڏٺا ڪنھن،
مٺا مٺا مٺا هو چپ، ڪُڇي هڻي ويا ڪپ اسان کي، ڪڇي
هڻي ويا ڪپ“ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين
جن جو به اهڙو هڪ شاندار غزل ڏسو:
رشڪِ بخت سِيه رشڪ تاريڪ شب
هُن جا زلف دتا خوشنما خوشنما.
الله الله جبين ضوفشان ضوفشان
جلوه گر جلوه گر ياخدا ياخدا
هونئن اهڙن سنيئر ۽ همعصر شاعرن وانگر ئي اسان جو
ولي محمد وفا به ڇا ته تجنيس حرفيءَ جو ماهر با
هنر ۽ بيمثل شاعر هو. جيڪو هڪ جهڙن هڪ ڪرن ۽ هم
آواز اچارن وارن اکرن سبب شعرن ۾ جيڪو حسن پيدا
ٿئي ٿو ان فن کان به هو خوب خوب آگاهه هو. اجهو
وفا جا تجنيس حرفي وارا يا چوان ته هم آواز اچارن
جي ايڪائي وارا جيڪي شعر، انھي مان هتي ٿورا ڪي
مثال ڏسو.
وڃي ڏونگر سارو ڏورينديس
جند جان جبل ۾ جهورينديس.
هم آواز اکرن ۽ اچارن جو هي هڪ ٻيو مثال به ڏسو:
جهلي آهه جتن آڏو جهولڙي مان
من موٽي ملي منٺار اديون
يا
ڪر مھر مٿم منٺار سڄڻ
مون تان لاهيو هجر جا بار سڄڻ
تو کان دلبر ڪيئن مان دور رهان
تنھنجي هجر جا هاڃا ڪيئن سھان
مٿي جيئن مون چيو وفا جي غزل جو.... گلاب جي گل
جھڙو هڪ خاص گڻ، ان جو تغزل به آهي. جنھن ۾ عشق جي
انتھا، يار جي بي وفائي، مئخاني ۾ مئه نوشيءَ سان
شغل، ۽ ترنگ ۾ جمال يار جي حُسن جي واکاڻ، ۽ اهڙا
سارا گُڻ به ته هن وٽ ملن ٿا. چوي پيو:
ذوقِ نظَر جي حد نه آهي
شوق جو ڪٿ ساحل!.
سندس اهڙي ئي ٻي به هڪڙي ڪيڏي نه هيءَ نزاڪت ۽
حسناڪي جيڪا هُن جي هِن شعر ۾ به آهي ته گڏ منظر
نگاري ۽ نفاست پڻ!
صبح ويلي باغ تي تنھنجو ڪلام
شام ويلي دست نازڪ سان سلام
پوءِ هجر جي اذيتناڪيءَ جو ذڪر :
ڪو به ايندو نه ريگزارن ۾
راهه ڪنھن جي وفا نھاري ٿو
۽ علاوه ان جي وفا وٽ تنھائي جو جي ذڪر ته، اهو به
هُو شدت جذبات سان ٿو ڪري.
تون هلي ويندينءَ فقط، تنھائيون ئي رهنديون،
يا
آئينه وکريا پيا آهن
رنگ آهن سي منتشر آهن
مون جڏهن هي شعر پڙهيو جنھن ۾ منتشر رنگن جي وکرڻ
جو ذڪر آهي تڏهن مون کي يڪدم ئي، ٻالڪ پڻ واري اک
تي رکي منظر ڏسڻ واري دور بيني تصور ۾ اچي وئي
جنھن ۾ اندر اسڪرين پويان رنگين پنيون ڀريل
هونديون هيون ۽ ڇڻڪي سان انھن مان منظرن جا نت
نوان نظارا پيا نظر ايندا هئا.
هتي اختصار سان پيو چوان (لکان) ته وفا، نج نبار
سنڌي اصطلاح ۽ محاورا به ڪمال خوبيءَ سان پنھنجي
غزلن ۾ استعمال ڪيا آهن. مثال طور لفظ ”جهڳو
جهڻ“... يا ’هُل هلائي‘.... هاڻي ڏس انھن لفظن مان
جوڙيل سندس هي مزي جھڙو هڪڙو شعر
ڪائناتن جو جنھن جُهڳو جهڻ ڪيو،
هُل هلائي ٿو پارسائيءَ جو،
ائين دؤر جديد جي لفظن مان، مثال طور لفظ
”ڪئلينڊر“... هاڻي اهو
لفظ
غزل جي نازڪ بدن ۾ فٽ ٿيڻ جھڙو ئي ناهي. پر وفا ان
کي به ڪمال خوبي سان استعمال ڪري ڏيکاريو آهي.
رُت ڪئلينڊر جي بدلي
مون لئه موسم ساڳي ڙي
هڪ شعر ۾ ته وفا جو عجب جھڙو هي فلسفيانه خيال ڏسو
جيڪو ڄڻ هڪڙو نئون منظر پيو ڏيکاري.
ڪجهه ائين ڌار ڪري ڌار ڪري ويو ڪوئي
در کي کولي وري ديوار ڪري ويو ڪوئي
ياضرب المثل وار هي شعر ڏسو...
عاشقي ۽ قرار؟ ڇا معنيٰ
دل جو لائي ٿو، دردُ پائي ٿو،
اي مسرت پسند انسانو
زندگي دشتِ ڪربلا آهي
هت هزارين خدا زماني ڇا،
ڪنھن کي ڪنھن کي خدا چوي ڪوئي
يا خدا ڪو ته حق شناس هجي
ظلم کي نه روا چوي ڪوئي
يا شوخي... شرارت وارا هي شعر... جيڪو بلڪل:
ويڄ نه ٻُڪي ڏي....
آئون اڳي ئي ڪانھلي نما آهي.
چوي پيو:
زهر ڏيندين ته سو به پي ويندس،
ڪو ئي ويڄن جو هٿ به واري ٿو.
زلف- وار... وانگوڙا... ۽ اِهي حسن جا هٿيار ته
وفا جا پسنديده موضوع هئا.
نه تون ويڙهه وارن کي رُخ تي رهڻ ڏي
نه ئي رات رڙهندي نه پرڀات ٿيندي
۽ يا هي به ڪيڏو نه عجيب دلڪش عڪس...
ڇا چئون شام آ يا صبح آهي
’زلف‘ سھڻو اڃان سنواري پيو
وفا جي دل ڌرتيءَ تي پريُن جا پير به ڪيترا نه
خوبصورت آهن. ۽ هتي اوچتو ياد اچي ويو اٿم ڪمال
امرو هيءَ جو فلم پاڪيزه وارو هي ڊائلاگ..
آپ کے
پاؤں
بہت
خوبصورت
ہیں،
انہیں
زمین
پر نہ رکھیے
گا میلے
ہو جائیں
گے،
ته بس پرينءَ جي پيرن بابت وفا جو هي شعر به ڏسو:
تنھنجا ٿِي
چمي پير ستارن جي سُهائي،
هن پار پرين آءُ، زماني کي ڇڏي ڏي،
يا تصوف آميز هي شعر:
نمازِ
محبت لئه محراب ابرو،
تلاوت لئه موزون چھرو
ڪتابي،
حسن جي واکاڻ ۽ جوڀن تي آيل ڀرپور جوانيءَ بابت
سندس
هي
شعر ڏسو
:
باغبان کي ڏجي قُصور به ڇو،
بار جوڀن کان جي گلاب ٽُٽي،
دل ۾ قنديلِ
غم ڪجي روشن،
ساغرِ مئي ۾ ماهتاب ٽٽي،
....
يا
مڌُ
بابت هي شعر:
مئڪدي جو جي در ملي کليل
اختتامِ سفر ٿئي شايد
تخليقي عمل بابت سندس هي شعر!
سا پڙهڻ واري کي خبر ڪھڙي.
جو لکڻ واري ڀوڳيو هوندو
محبوب جي موجودگي بابت:
ڪنھن کي ويجهو ويھارڻو
آهي
وقت کي اڄ بيھارڻو
آهي
هجر فراق بابت
:
هجر تنھنجو حبيب ماري ٿو،
پاڻ سان هاڻي مون کي نينـدو
وڃ.
حسن جي جلون بابت:
ڇا غصب موسمِ شباب آهي
خارُ پڻ مانندِ گِلاب آهي
سبب منھنجي تباهيءَ جو
اوهانجو پَرتوو آهي
تغزل آميز غزل جو هڪڙو رخ هي به ته ان ۾ مئه نوشي،
پيئڻ پيارڻ جو ذڪر لازمي ئي هوندو آهي. ساقي،
مئخانو، پروانو، رند، شيخ، ڪافر، زاهد... ۽ پوءِ
پيئڻ ۽ پي جهومڻ..... ۽ ياد رکو پيئڻ ۽ پيارڻ جي
به هڪڙي خاص موسم هوندي آهي... جي ها، موسمِ
گل يعني بھار...
ڪنھن شاعر چيو هو:
مستوں
پہ انگلیاں
نہ اٹھائو
بھار میں...
ظھير
ڪاشميريءَ جو
به ته اهڙو
هڪ
شعر
آهي
:
موسم بدلا رت گدرائی
اہل جنوں
بے
باک ہوئے۔
فصل بہار کے
آتے
آتے،
کتنے
گریباں
چاک ہوئے۔
ان ڏس ۾ ڏسو اسان جو ولي محمد وفا به هي ڇا پيو ٿو
چوي...
فصل گل آ بھار آ پيارا
تِشنگي برقرار آ پيارا
ياد ڪريو عابده پروين صاحبه، هو ڇا ڳايو هو.
مين تشنه ڪھان جائون
پي ڪر ڀي ڪھان جانان
ائين وفا جي غزل جا تغزل آميزي وارا هي ڪي ٻيا
مثال به ڏسو.:
اڃان زخمِ جگر پيو روشني بخشي
چراغن جي ٿي
گُهرجي روشني مون کي
وفا جو هي شعر ته جهڙوڪر ڪو، سھڻو سخن هجي.
مسڪرائي جو چوٽ کائي ٿو
زندگانيءَ سان سو نڀائي ٿو
ڪنھن حسين چھري جي تصوير هو ڏسو ڪيئن ٿو ٺاهي. ڄڻ
مونا ليزا لاءِ لکيواٿس.
هي ڏاڙهون جهڙا ڳل سندءِ
هي نيڻ نماڻا ڪنھن جي لئه
يا محبوب جي حسن بابت سندس هي بيان:
ڏسي سو جي دنيا ته ديواني ٿي پئي
اسان جيئن ڏٺو آ، اسان جو ڏٺو آ
زندگيءَ جي پوئين هڏڪي يا علالت جي انتھا تي به،
وفا پنھنجي شاعريءَ کي جاري رکندو آيو. جو اهائي
ته سندس زندگي ۽ جياپو هئي. ان ڏس ۾ هي ڏسو ڪيڏو
نه سٺو لکيو اٿس ته:
آهه عطيو خدا جو اي شاعر
شاعري ڪا ڇڏڻ جي شئي آهي
وفا اکرن جي شناس جِي به وڏي صلاحيت رکندڙ شاعر
هو ۽ وڏو نقط دان پڻ. ڏسو ڪتاب جي ارپنا ۾ ٽن
ڀائرن جي حوالي سان هي ڇا پيو لکي... عين ’ع‘ جي
نالي ۽ عجب انداز هي ته وفا جي ٽنھي وڏن ڀائرن جا
نالا ’ع‘ سان ئي پيا شروع ٿين، يعني عبدالرحمان..
عبدالڪريم... ۽ عبدالرحيم پلي... ۽ حُسنِ اتقاق
سندس والد صاحب جو نالو به ’ع‘ سان ئي، يعني خان
صاحب، ”عطا محمد پلي“ آهي.

راڄ محمد پلي |

عبدالرحمان پلي |
۽ يارو! پڄاڻيءَ تي پنھنجي وطن، دلبر ديس، محبوب
ملڪ ۽ سھڻي ساڻيهه سان محبت بابت وفا جو هي شعر به
ڏسو:
پيڪرِ مهر و عطا دلبند سنڌ
تا قيامت شل رهين خُور سند سنڌ
تنھنجي مٽيءَ
جو نه مٽ گلقند سنڌ
۽ ويندي ويندي هي به چيائين :
صوفين جي سر زمين پائنده باد
زنده باد اي سنڌڙي تابنده باد
۽ يارو! پڄاڻيءَ تي پنھنجي وطن، دلبر ديس، محبوب
ملڪ ۽ سھڻي ساڻيهه سان محبت بابت وفا جو هي شعر به
ڏسو:
پيڪرِ مهر و عطا دلبند سنڌ
تا قيامت شل رهين خُور سند سنڌ
تنھنجي مٽيءَ
جو نه مٽ گلقند سنڌ
۽ ويندي ويندي هي به چيائين :
صوفين جي سر زمين پائنده باد
زنده باد اي سنڌڙي تابنده باد

ياد آيم.... ميڪاولي چيو هو. قومن جا حافظه ڪمزور
ٿيندا آهن. سو سٺين ڳالھين کي بار بار دهرائبو
رهجي ته بھتر. حضرت علي عليه السلام جن جو به قول
آهي ته، ڳالھين کي دهرائيندا رهو جيئن اُهي ياد
رهن. سو سنڌي غزل جي هن عظيم الشان شاعر وفا پليءَ
کي به يارو وسارجؤ نه بلڪه هر سال يعني سال به سال
ائين ئي ياد رکندا اچجؤ.

رکيل مورائي

غير موجودگيءَ جو هجڻ ڇا گهٽ حاصلات آهي؟
ڌيان ته هن ڪتاب شدت سان ڇڪايو آهي، پڪ سان هاڻ
ڪتاب کي جانچڻ لاءِ اسان وٽ هڪ کان وڌيڪ حوالا آهن:
پھريون- ڏسون ته ڪتاب ۾ ياد ڪيتري آهي؟
ٻيون- ڏسون ته ڪتاب ۾ ڪوتا ڪيتري آهي؟
ٽيون- ڏسون ته ڪتاب ۾ ٻوليءَ جو رچاءُ ڪيترو آهي؟
جنھن جي بنياد تي ڪنھن ليکڪ جون قوتون پرکي
سگهبيون آهن.
1-
ياد اهڙي شيءِ آهي، جيڪا شخص
(جيڪڏهن لکندڙ آهي ته ان جي وڌيڪ) سان زندگي ڀر
رهڻي هوندي آهي ۽ جڏهن انسان ڪنھن ٻئي بيھڪ ۾
تبديل ٿئي ٿو ته اها ياد ٻين سندس ويجهن ڏانھن سفر
ڪري ٿي، ائين انھن جي زندگين تائين انھن ساڻ گڏ
رهي ٿي.
2-
نقطو اِهو آهي ته ڪتاب ۾ ڪوتا
پنھنجي نجپڻي ۾ ياد جي احساس کان ٻاهر پنھنجو پاڻ
ڪيترو ظاهر ٿي بيٺي آهي. ڏسڻو اِهو به آهي ته هيءَ
روايتي ڪوتا/نثر يا نظم نه آهي، هيءَ ته پنھنجا
تَيوَر هلڪي روشنيءَ ۾ به چٽا ظاهر ڪرڻ جي سگهه
رکندڙ آهي، اسين سنڌي سج جي تيز اکين کي جهانورو
ڪندڙ روشنيءَ ۾ شاعري کي پرکڻ جا خواهشمند هوندا
آهيون.
اسان ڪڏهن ويچاريو ئي نه آهي ٻڌو ته راڳ ويندو
آهي، ڪوتا پڙهي ويندي آهي، ماڻن توڻي ڀوڳڻ، ٻنھي
صورتن ۾!
پڙهڻ جي اداڪاري، باجي جا سُر، طبلي جي ڌڪ ڌڪ،
آواز جي ترنم کان سواءِ جيڪا شيءِ دل ۽ دماغ تي
پنھنجا اڻ مٽجندڙ اثر مرتب ڪري ڇڏي اها ڪوتا آهي،
ان لاءِ مٿئين سڀ جي محتاجي بنھه غير ضروري آهي.
مان وڏي آواز ۾ چوڻ چاهيان ٿو ته، لياقت رضويءَ
جون ڪوتائون/نثري نظم پنھنجي مرڪزي ڪردار يعني
عرفان مھديءَ جي حوالي کان سواءِ به ڪوتائون آهن.
هنن ڪوتائن جي واڌو خوبي اِها آهي ته اهي هڪ ڪردار
(جيڪو عرفان مھدي آهي) جي آس پاس ۽ آر پار آهن،
جيئن مون پھرئين ئي چيو آهي ته سنڌي ادب ۾ سنڌ
اندر هيءُ لياقت رضويءَ جو تجربو بنهه نئون ۽
پھريون آهي، جيڪو سنڌي شاعراڻي ادب کي هڪ ننڍو نه،
وڏو فخر ڏياريندڙ آهي. اهڙو ساڳيو فخر هند جي سنڌي
شاعراڻي ادب کي اڳ ئي حاصل آهي.
ڪتاب ڏسي ۽ پڙهي گهڻي خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها
آهي ته لياقت رضوي جو ٻوليءَ تي ظابطو ڪمال جو
آهي ۽ اها ٻولي سٽن ۽ احساسن کي هڪ جيترو
اڏائيندڙ آهي، هو ڪھاڻيڪار ته اڳ ئي آهي.
جيتوڻيڪ لياقت رضويءَ جي ڪوتائن/ نثري نظمن جي
ٽيڪنڪ نه هريش واسواڻيءَ جهڙي آهي ۽ نه مھيش
نيڻواڻيءَ جهڙي. نه واسديو موهيءَ جهڙي ۽ نه
وري گوپ ڪمل جهڙي يا والٽ وٽمين جهڙي آهي, اهي
بلڪل لياقت رضويءَ جهڙيون آهن. ٻيءَ طرح اهو
سچ آهي ته هن جون ڪوتائون، سنڌي نثري نظم جي
شاعراڻي روايت جي پوئلڳيءَ ۾ آهن، انھن جي
بنيادي جُزُ، وقت جي زوردار تلخي کي لياقت
رضويءَ لنواريو آهي، جيڪا جڳهه ان ڏک ۽ پيار
والاري آهي، جيڪو لياقت جي اندر ۾ واسو ڪري
ويٺل آهي. جنھن ڪري هنن ڪوتائن جو سُواد سنڌي
سماج وارو آهي. هت هند جي سماج ۽ سنڌ جي سماج
(صرف هڪ شھر ڪراچيءَ کي ڇڏي) ڏسبو ته ڳالھه
چٽي ٿي ويندي جنھن جو فائدو لياقت رضويءَ جي
حق ۾ ويندو:
”سمنڊ خدا جي اڪيلائيءَ جو پاڇو آهي“
هيءُ احساس اهو ماڻهو/لکندڙ نهايت گهرائي سان
محسوس ڪري سگهندو، جنھن ڪنھن نه ڪنھن موڙ تي
سمنڊ سان دوستاڻو نباهيو آهي، سمنڊ کي ڏسندڙ
هر ماڻهو ان احساس جي اها گهرائي ماپي سگهي
گهڻو ڏکيو آهي.
مٿي ڄاڻايل هند جي ٻن ڪوتائي ڪتابن ۽ لياقت
رضويءَ جي ڪتاب ”تنھنجي غير موجودگيءَ سان
گفتگو“ جي اهم ڳالھه جيڪا ڪوٽيبل آهي ان لاءِ
ائين چوڻ ٺيڪ رهندو ته، هو ٻئي ڪتاب پنھنجي
ڪردارن کي مٿي کڻي آيا آهن يا انھن کي مٿي کڻڻ
جي منشا تحت لکيا ويا آهن پر لياقت رضويءَ جو
ڪردار (عرفان مھدي) هن ڪتاب معرفت پاڻ لياقت
کي مٿي کڻي آيو آهي، اها شايد خلوص جي قوت
آهي.
لياقت رضويءَ جي شاعري فقط ان ڏک کي، خلوص کي
اظھاريو آهي، جنھن جي اثر هيٺ لياقت اڄ جي
تاريخ تائين ڪي پل ڪڍي ڀوڳي ٿو. لياقت ان
ڀوڳنا کان مٿي نڪرڻ جي جستجو ۾ وڏي ڪاميابيءَ
سان ناڪام ويو آهي.
هن ڪتاب جي درد جو دائرو ايترو ويڪرو بڻجي ويو
آهي، جو شايد ڪو به ليک ان دائري ۾ پاڻ کي
سمائڻ کان قاصر رهجي ويندو هجي مان ائين
سمجهان ٿو، ۽ اهو به سمجهان ٿو ته هيٺيون سٽون
جيڪڏهن اڄ جي ڪنھن وڏي ٻوليءَ ۾ هجن ته آسمان
جي حدن کي ڇھن، فلحال منھنجي اندر جي آسمان کي
لوڏي ويون آهن، شڪ جي گنجائش رکندي چوڻ چاهيان
ٿو ته متان هي ڪتاب سنڌي ڪوتائن جي ڪتابن ۾ هڪ
الڳ ڪتاب طور ڳڻايو وڃي.
مان پنھنجي روڪيل اوڇنگارن جي اوٽ ۾،
سعيد وانگر توکي درياهه ۾ ويندي ڏسي نه سگهيو
هوس.
بي رنگ بوريت جي ندي ۾ ڪريل مان
اٻاڻڪي دنيا جو اهو شھري آهيان
جنھن کي موت به مسترد ڪري ڇڏيو آهي.
ڏينھن ۽ رات ڀاءُ ڀيڻ وانگر
وقت جي آڱر پڪڙي اچن وڃن ٿا
منھنجي سڪ جي شھر ۾ اڄ
تنھنجي ورسي جي سلور جوبلي آهي
تنھنجي هوندي زندگي خوبصورت هئي
تنھنجي آتم هتيا کان پوءِ اها به خوبصورت آهي
تون پنھنجي موت جي نمائندي طور پنھنجي غير
موجودگي تازي رکندو رهندين.
ليڙون ليڙون عادتون مون مان ڪو نئون لباس ٺاهڻ
۾ ناڪام آهن.
لياقت جي هن ڪتاب جي اڪثر سٽن ۾ سندس درد ڏک
پنھنجي موجودگيءَ سان ڏسي به سگهجي ٿو ته
محسوسي به سگهجي ٿو ۽ ان ڏک جو دائرو لياقت جي
نالي کان ٻاهر ڪجي ته هر ان شخص جو درد آهي،
جيڪو ڪنھن به لمحي اهڙي ڪيفيت مان گذريو آهي.
ڪنھن پل ڪتاب ۾ شامل شاعريءَ سان ته بنھه نه
ان جي اظھار سان ڪيترن کي سهمتي هوندي مون کي
اَسھمتي آهي. وضاحتون مقصد کي منجهائينديون
آهن، ان ڪري انھن جو پري هجڻ ضروري آهي. مان
پنھنجي سموري مليل زندگي جيئڻ جو خواهشمند هڪ
ساڌارڻ شخص آهيان ۽ شايد پنھنجي ڪوتائن ۾
موجود رهڻ ٿو چاهيان، ٻين ڪيترن ساڌارڻ
شخصن/لکندڙن جيان چئي نٿو سگهان.
ايترو ته پڪ سان چوندس ته مون لاءِ دوست محبوب
ٿيندا آهن، انھن کي ٽريٽ محبوبائن جيئن ڪرڻ ۽
اظھارڻ عيب سمجهان ٿو. ان ڪري به جو نثري نظم
ماڊرن صنف آهي. ان جو ڪنھن به طرح فارسي
شاعراڻي روايت سان سنٻنڌ نه آهي. ان ڪري نه
محبوب کي مذڪر ڪري کڻڻ جي حق ۾ آهيان ۽ نه ئي
مذڪر دوست سان مونث واري وهنوار جي اظھار کي
قبول ڪرڻ جي حق ۾ آهيان.
ڪتاب جا ڪيترا اظهار پاڻ ۾ چٽائي نه رکندي به
تخليقي طور جيڪو تاثر ڇڏي وڃن ٿا ان جي اثر
کان بچڻ گهڻو ڏکيو آهي، اهو لياقت جو ڪرشمي
نما ڪارنامو آهي ان ۾ ٻه ڳالھيون نه آهن.
لياقت رضوي هن عمر ۾ هڪ ٻيو به هن پد
جو ڪتاب سنڌي ادب کي ڏيندو اهڙي اميد ته مون
جيان ڪيترائي پڙهندڙ اوس رکندا ۽ اهڙي اميد ڪا
وڏي گهر به نه آهي، هڪ خواهش آهي ۽ خواهشون سڀ
پوريون ٿينديون آهن، ائين ڪڏهن ٿيو آهي.؟

|