مخدوم سليم الله صديقي

سنڌي پوره
سنڌ مان ڦھليل علم و ادب جي روشن لاٽ
سنڌي پوره نالو سنڌ مان ويل ڪجھه عظيم هستين جي
اتي اقامت سبب پيو. هيءُ علائقو برهانپور شھر ۾
آهي. جيڪو مڌيه پرديش ۾ درياهه تاپتي جي ڪناري
واقع آهي، برهانپور جو بنياد خانديش جي فاروقي
خاندان جي باني نصيرخان فاروقي 801هه ڌاري رکيو.
جيئن سنڌ ۾ پاٽ شريف، بزرگانِ دين ۽ عالمن فاضلن
جي اڻمٽ تاريخ جوهڪ روشن باب آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي
پوره برهانپور جي ناماچاري به صوفين، بزرگانِ دين،
۽ عالمن جي علمي ڪاوشن سان سنواريل آهي. جيئن شيخ
برهان الدين غريب خليفو، حضرت نظام الدين اولياء،
حضرت شاهه ابوالعلا اڪبر آبادي، مير معصوم بکري
وغيره. انھن کان علاوه ٻيا به ڪجھه عالم ۽ بزرگ
سنڌ مان مختلف وقتن تي اتي اچي چڪا آهن. پر شيخ
طاهر محدث پاٽائي ۽ مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ
جندالله پاٽائي ثم برهانپوري جي اتي اچڻ کانپوءِ
ان علائقي جي شھرت ۾ چار چنڊ لڳا. بعد ۾ سنڌ مان
ڪجھه ٻين عالمن به سندن صحبت ۾ اتي اچي رهڻ کي
پسند ڪيو. جنھن علائقي ۾ حضرت شيخ طاهر محدث ۽
سندس ڀائيٽي مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌي رهائش
اختيار ڪئي، برهانپور جو اهو علائقو سندن وطنيت جي
نالي سان منسوب ٿي سنڌي پوره سڏجڻ لڳو ۽ اڄ تائين
بزبان عام آهي. برهانپور جو شھر علمي شھرت سان گڏ
سياسي اهميت جو به حامل رهيو. اڪبر بادشاهه يارهن
مھينا برهانپور کي فتح ڪرڻ لاءِ سرگرم رهيو.
اهڙيءَ طرح عبدالرحيم خاني خانه 22 سال ان شھر ۾
گذاريا. شھزادي خرم جڏهن دکن جي جنگي مھم تي
پنھنجي پيءُ جھانگير جي حڪم سان نڪتو ته برهانپور
۾ اچي ڪافي سال رهيو ۽ جنگي مهم جي نگراني ڪندو
رهيو، ان دور ۾ آهوخانو، شھزادي نيلم جو مقبرو ۽
خرم محل جھڙيون عمارتون به تعمير ٿيون. شاهجھان
اتان جي علمي ماحول کي نظر ۾ رکندي ان کي
دارالعلوم جي نالي سان به سڏڻ لڳو. عظيم مغل
شھنشاهه اورنگزيب عالمگير پنھنجي حياتي جو هڪ حصو
اُتان جي علمي ماحول ۾ گذاريو، سندس شادي پنھنجي
ماسات سان به اتي رهائش دوران ٿي. حضرت مسيح
الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌيءَ جي درگاهه تي سندس نالو
نه صرف حاضري ڏيڻ وارن مان آهي، بلڪه حضرت مسيح
الاولياء جي خليفه برهان الدين راز الاهي وٽ دعا
لاءِ پڻ ايندو رهيو. اهڙيءَ طرح سندس ملاقات جڏهن
پاٽ شريف مان آيل مخدوم عبدالواحد ڪبير پاٽائي سان
ٿي جيڪو مسيح الاولياء جو پھرئين گهرواري پاٽ شريف
مان پنجين پيڙهي مان هو. سلطان اورنگزيب نه رڳو
سندس آڌرڀاءُ ڪيو پر کيس پاٽ جي ڀرسان وسيع جاگير
جو پروانو پڻ جاري ڪيائين. ڊاڪٽر هوتچند مولچند
گربخشاڻي 1915ع ۾ ڊي.جي.سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ پروفيسر
آف پرشين جون خدمتون انجام ڏئي رهيو هو، هن
اورنگزيب عالمگير جي ان فارسي ۾ تحرير ٿيل فرمان
جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري 10 اپريل 1915ع ۾ سنڌ
گزيٽ ڪراچيءَ مان اسپيشل ايڊيشن طور شايع ڪرايو،
جنھن جي هڪ ڪاپي بنده جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود
آهي. اهو درست آهي ته سلطان اورنگزيب کي سنڌي پوره
۾ موجود مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جي مزار لاءِ عزت
۽ احترام هو، پر مخدوم عبدالواحد ڪبير شيخ عيسيٰ
جو اولاد هجڻ سان گڏ سندس شخصيت علم جي حوالي سان
مڃيل هئي، پاڻ پاٽ سيوهڻ جي علائقي جا قاضي ۽ مفتي
پڻ هئا.
پاٽ شريف سنڌ مان ئي ويل اهي روشن ستارا جن جي
روحاني ۽ علمي مھڪ سنڌي پوره جي عنوان سان تاريخ
ساز باب رقمطراز ڪيو، جنھن جي خوشبو سنڌ ۽ هند ۾
اڄ به محسوس ڪئي وڃي ٿي:
سنڌڙي تو ساهَه، سنواريو سنڌي پوره،
وحدت جي واکاڻ ٿي، شرڪ ٿيو چوره،
علم اجريو ديس ۾، جھلڪ آئي ڏوران،
ڄڻ باک ڦٽي نوران، هرسون روشن ٿيو.
(سليم)
ڪجھه اهلِ قلم دوستن سنڌ جي انھن نامياري شخصيتن
جو سنڌ ڇڏي هند طرف سفر جو ڪارڻ هتان جي حالتن کي
قرار ڏنو آهي. هنن جي چواڻي ته سنڌ ۾ سياسي، سماجي
حالتون، ۽ ڌارين جا حملا اهم ڪارڻ هئا ۽ شيخ طاهر
محدث ۽ سندس خاندان جي ڪجھه ٻين فردن جو هند طرف
سفر جو سبب پڻ اردگرد جو ماحول هو. سندن تحقيق،
مشاهدي ۽ مطالعي کي مڪمل طرح رد نه ٿو ڪري سگهجي،
ڇو ته سنڌ جا حالات خاص ڪري ٻاهرين حملن سبب ان
دور ۾ افراتفري جو شڪار رهيا، پر حقيقتن جو بغور
مطالعو ڪجھه ٻين حقيقتن کي سامهون آڻي ٿو. انھن
شخصيتن جي ڪجھه پيڙهين جي سوانح واضح ڪري ٿي ته،
اهي علمي ذوق ۽ عشقِ حقيقي جي ڪيفيت سبب ڏورانھن
علائقن جا سفر ڪندڙ هئا. جيئن شيخ يوسف سنڌي
پاٽائي جڏهن ناگور ۾ ترسيل هو ته ابوالفضل ۽ فيضي
جو ڏاڏو شيخ خضر سندس ارادت ۾ داخل ٿيو، ناگور ۾
رهائش دوران ئي شيخ خضر کي ابوالفضل ۽ فيضي جو
والد شيخ مبارڪ ڄائو، شيخ مبارڪ بن خضر پنھنجي
فرزند ملا فيضي کي هڪ خط ۾ لکي ٿو:
”بپدرم شيخ خضر عنايت و شفقت بسيار داشته اند رفته
داد خواهي کرد همچنين بخدام شيخ يوسف سندهي که
سيار هفت اقليم است و بيست حج گزاشته بودند، بر
احوال پدران اطلاع داشت“
(بياض رقعات قاضي عبدالرسول سيوستاني کتابت
1123هه، 1711ع نسخه موجود سينٽرل لائبريري ڄام
شورو)
يعني (شيخ مبارڪ جي والد) شيخ خضر تي شيخ يوسف
سنڌيءَ جي تمام گھڻي شفقت ۽ عنايت آهي ۽ اسين سڀ
شيخ يوسف سنڌي جا خادم آهيون، جيڪو هفتِ اقليم جو
سياح آهي ۽ پاڻ ويھه حج ڪيا اٿس ۽ اسان جي بزرگن
جي حال کان واقف آهي.“
اهڙيءَ طرح ابوالفضل آئينِ اڪبري ۾ لکي ٿو: ”شيخ
يوسف سنڌي جيڪو صورت ۽ معنيٰ جو سير ڪري چڪو آهي ۽
بيشمار ڪمالات حقيقي ڏيکاري مخلوق کي هدايت جي
راهه تي هلائڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ ۾ پنھنجي حياتي بسر
ڪندو هو ۽ هڪ دنيا کي سندس هدايت سان آخرت جو
ذخيرو فراهم ٿي رهيو هو.“
گلزار ابرار، محمد غوثي مانڊوي 1022هه ڌاري مڪمل
ڪيو، پاڻ سنڌ مان ويل سنڌي بزرگن ۽ عالمن سان
هندستان ۾ ملاقات ڪئي ۽ ڪيترن ئي سنڌ واسين جو ذڪر
پنھنجي تحرير ۾ محفوظ ڪيائين. پاڻ ”ياد مخدوم نوح“
جي باب ۾ لکي ٿو: ”شيخ يوسف رسمي علمن جي آغاز ۽
تحصيل ۾ مخدوم نوح جا هم درس هئا.“ جڏهن ته مقامي
قلمي نسخن ۾ قرابت جو به ذڪر موجود آهي، جن ۾
ڄاڻايل آهي ته شيخ يوسف جي منڪوحه بيبي ڪزبانو
حضرت شيخ نوح رحه جي قريبي عزيزه هئي.
شيخ يوسف سنڌي (پاٽائي) ناگور ۾ قيام دوران درس و
تدريس ۽ تلقين جو مرڪز قائم ڪيو. ساڳي روايت کي
قائم رکندي سندس فرزند شيخ طاهررحه علم
و عرفان جي جستجو ۾ پاٽ شريف کان سنڌ جي مختلف
علائقن ۽ هند جا سفر ڪيا.
شيخ يوسف سنڌيءَ جي ڀاءُ شيخ عيسيٰ (ڪبير) ۽ سندس
ٻن فرزندن شيخ معروف (ثاني) ۽ شيخ عثمان جي همراه
سيت پور مظفرڳڙهه (موجوده پنجاب) ۾ مدرسو قائم
ڪيو، سندن علمي ۽ روحاني خدمتن سبب هو ان علائقي ۾
سڀني جا مرشد ۽ مربي بڻجي ويا. ملا غوثي گلزارِ
ابرار ۾ شيخ معروف ۽ عثمان کي ”علم و عرفان“ جي
کاڻ سان تشبيھه ڏني آهي.
”علامه طاهر سنڌي برهانپوري سن 950هه ۾ گجرات آيو،
شيخ عبدالاول بن علي حسيني جونپوري دهلوي (متوفي
968هه) کان علم حديث حاصل ڪيائين. ڪافي عرصو ساڻس
رهيو ۽ حديث جي سَنَد حاصل ڪيائين، طريقت ۽ تصوف ۾
شيخ محمد غوث گوالياري کان فيضياب ٿيو. بعد ۾
احمدآباد ۽ دکن آيو، اتي شيخ ابراهيم بن محمد
ملتانيءَ کان علم حاصل ڪيائين، پوءِ ايرج پور آيو،
جتان برهانپور وارد ٿيو.“ (فقهاءِ هند محمد اسحاق
ڀٽي، اداره ثقافت اسلاميه)
انھن ئي ڏينھن ۾ جڏهن شيخ طاهر محدث هندستان جي
سفر تي هو، سندس هڪ ٻيو ڀاءُ مخدوم عباس پاٽ مان
هنڱورجا ضلع خيرپورميرس ۾ خانقاه ۽ مدرسي جو بنياد
وڌو. تاريخ معصومي ۾ سندس ذڪر موجود آهي: ”مخدوم
صاحب جو اصل وطن قصبه پاتر (پاٽ) هو. 947هه ۾ هو
هنڱورجا ۾ اچي مقيم ٿيو. علم تفسير حديث، فقه ۽
ٻين علمن ۾ ڪمال مھارت رکندڙ هو. مسئلن جي تحقيق ۽
تدقيق بھتر ۽ مڪمل طور ڪندا هئا. زهد ۽ تقويٰ ۾
پنھنجو مثال پاڻ هو، ڏينھن رات عبادتن ۾ مشغول
رهندو هو. تلاوت حديث جي موقعي تي عجز ۽ انڪساري
کان ڪم وٺندو هو. قال قال رسول اللهﷺ چوڻ وقت بي
اختيار ٿي ويندو هو ۽ سندس اکين مان ڳوڙهن جي
برسات شروع ٿي ويندي هئي، جنھنڪري حديث ٻڌڻ وارن
کي حديث ٻڌڻ جي تاب نه رهندي هئي. پاڻ بلند درجي
تي فائز هو. پاڻ شعبان 998هه ۾ عالم آخرت جي طرف
روانو ٿيو، سندن عمر 96 ورهيه هئي. (تاريخ معصومي)
اهو ڪنھن حد تائين درست آهي ته مٿي بيان ڪيل بزرگن
جي زماني ۾ سنڌ تي ٻاهرين حملن ۽ افراتفري جا
احوال پڻ موجود آهن، پر بغور مطالعو ان ڳالھه جي
تصديق ڪري ٿو ته، انھن بزرگن تي علم لاءِ جاکوڙ ۽
روحاني عشق جي ڪيفيت جو اثر ايڏو ته غالب هو، جو
هو ڏورانھن علائقن جا سفر پيڙهين کان ڪندڙ هئا.
جيڪڏهن محض افراتفري سبب سفر سانڀائن ها ته پوءِ
ويڙهن جا ويڙها لڏپلاڻ ڪن ها. جيئن شيخ يوسف سنڌي
جا پاٽ مان تاريخ ۾ تصديق شده ڪيترائي سنڌ، هند ۽
مڪي مديني جا سفر، سندس هڪ فرزند شيخ طاهر پاٽ مان
ايلچپور ۾ درس و تدريس جاري رکي پوءِ سنڌي پوره جو
برهانپور ۾ بنياد وجهندڙ ٿيو. اهڙيءَ طرح سندس
ڀاءُ مخدوم عباس پاٽائي هنڱورجن ۾ مدرسو قائم ڪيو
۽ اتي درس و تدريس جاري رکيائين. جڏهن ته سندس سؤٽ
شيخ معروف ۽ شيخ عثمان پاٽ شريف مان سيت پور
مظفرڳڙهه پنجاب ۾ مدرسو قائم ڪيو ۽ علمي ۽ روحاني
خدمتون سرانجام ڏئي اُتان جي باشندن جا رهنما
رهيا. المختصر ته انھن بزرگن جي سفر تي علمي ۽
روحاني رنگ غالب نظر اچي ٿو نه ڪي اردگرد جو
ماحول.
سنڌي پوره ۾ انھن اوائلي بنياد رکندڙ عالمن، جيئن
شيخ طاهر محدث پاٽائي ۽ سندس ڀائٽي مسيح الاولياء
شيخ عيسيٰ سنڌيءَ جي علمي محفلن ۽ تحريرن هند سنڌ
۾ ايڏي ته مقبوليت ماڻي، جو هندستان جي مختلف
علائقن مان علم ۽ تصوف جا پانڌيئڙا اچي هنن جي
صحبت ۾ سنڌي پوره ۾ رهيا. بلڪه پاٽ ۽ سنڌ جي ڪجهه
ٻين شھرن مان به عشقِ حقيقي ۽ روحاني ۽ علمي ڇِڪ
کين سنڌي پوره اچڻ لاءِ مجبور ڪيو.
انھن مان ڪجهه ماڻڪ موتين جو ذڪر بي مھل نه ٿيندو.
(1) شيخ مبارڪ پاٽائي:
هي مخدوم عباس پاٽائي ثم هنڱورجائي جو شاگرد هو،
جنھن وٽ سمورا ظاهري علم ختم ڪيائين. ان کانپوءِ
احمدآباد گجرات ۾ ڪجهه عرصو اچي رهيو. سندس علمي
شخصيت اتي ايتري ته شھرت ماڻي جو احمدآباد جي
ناصرالملڪ جي مشھور مسجد ۾ صدر مدرس مقرر ٿيو. وقت
جي حاڪم شيخ مبارڪ کي چوپڙهه جو قاضي مقرر ڪيو، پر
کيس سنڌي پوره جون روحاني ۽ علمي صحبتون ايترو ته
پسند هيون جو سڀ عھدا ڇڏي، شيخ طاهر محدث جي صحبت
۾ اچي سنڌي پوره ۾ رهڻ لڳو، پاڻ جمع ڏينهن سنه
978هه/1570ع ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي شيخ ابراهيم بن
عمر سنڌيءَ جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.
(2) شيخ لاڏجيو پاٽائي:
شيخ لاڏ جيو 930هه/1524ع ڌاري پاٽ شريف ۾ جنم
ورتو، کيس نوجوانيءَ ۾ پنھنجي ڳوٺائي همعصرن سان
سنڌي پوره ۾ وڃي ملڻ جو ذوق ڇِڪي آيو، جڏهن سفر
ڪٽي اتي آيو ته پوءِ اتي جوئي ٿي ويو. ڪجهه روايتن
موجب کيس سنڌي ڪافي جو موجد (باني) به چيو ويو
آهي. پاڻ انتھائي پُرسوز آواز ۾ ڳائيندو هو، جو
ٻڌندڙ ان ۾ محو ٿي ويندا هئا. سندس اچڻ کانپوءِ
سنڌي پوره ۾ راڳ جي محفلن به پنھنجو رنگ رچايو.
غوثي گلزار ابرار ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس حجرو حضرت
مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌي جي جامع مسجد جي
اُترين ڀِت سان گڏ هو. پاڻ 1007هه/1598ع ۾ وفات
ڪيائين، کيس شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي جي مقبري
ڀرسان دفن ڪيو ويو.
(3) شيخ اسحاق قلندر پاٽائي:
هي بزرگ به پاٽ شريف جو رهاڪو هو. سندس ڪيفيت
قلندرانه رهندي هئي، انھيءَ ڪيفيت ۾ ڪيترين ئي
وسندين ۽ غيرآباد علائقن کانسواءِ مختلف ملڪن جو
سير ڪندو هو. آخر سنڌي پوره ۾ آيو ۽ شيخ طاهر محدث
جي مريديءَ اختيار ڪيائين. پاڻ 1010هه ۾ وفات ڪئي
۽ مرشد جي مزار جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
(4) شيخ طيب ابن مخدوم هارون ٺٽوي:
پاڻ پنھنجي والد مخدوم هارون ٺٽوي وانگر علم ۾
ناميارو هو، شيخ طاهر محدث پاٽائيءَ سان دوستي سبب
کيس سنڌي پوره اچڻ جي طلب ٿي پوءِ اتي ئي درس و
تدريس جون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. 991هه ۾
وفات ڪيائين، سندس مرقد شيخ ابراهيم ابن عمر
سنڌيءَ جي خطيري ۾ آهي.
(5) شيخ ابراهيم ڪلهوڙو قدس سره:
سندس خانقاه سنڌي پوره برهانپور ۾ اتاولي ندي سان
گڏ اُتر پاسي هئي، پاڻ فيض رسان بزرگ هو، 956هه ۾
وفات ڪيائين ۽ اتي ئي سندس مزار آهي.
(6) قاضي عبدالسلام سنڌي:
سنڌ ۾ مخدوم عباس پاٽائي ثم هنڱورجائي جو شاگرد
رشيد هو، جڏهن برهانپور آيو ته وقت جي حاڪم عادل
شاهه فاروقي کيس قاضي القضاة
جي عهدي تي رکيو.
(7) شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي
رحه:
هي بزرگ نيڪ صفت مبارڪ شاهه فاروقي جي دور ۾
برهانپور آيو. 980هه جي ڏهي ۾ وفات ڪيائين، سندس
مرقد برهانپور سان گڏ عادلپوره ۾ آهي.
(8) شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي:
شيخ ابراهيم علم قرائت ۾ بلند حيثيت رکندڙ هو،
حتاڪه سندس مرشد شيخ لشڪر محمد عارف بالله ۽ سندس
پير ڀائي حضرت مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ پاٽائي ثم
برهانپوري علم قرائت ۾ سندس شاگرد هئا. پاڻ 991هه
۾ وفات ڪيائين، برهانپور ۾ شيخ ابراهيم ابن عمر جي
مقبري ڀرسان سندس مرقد مبارڪ آهي.
(9) شيخ ابراهيم بکري:
تعليم جي حصول کانپوءِ منجھس خدا طلبي جي ڪيفيت
ايتري ته غالب آئي، جو حق جي ڳولا ۾ بکر کانپوءِ
ڏورانھن علائقن جا سفر ڪيائين، آخر برهانپور آيو.
پاڻ 998هه ۾ وفات ڪيائين، مٿس عادل شاهه فاروقي
مقبرو جوڙايو، جيڪو اتاولي نديءَ جي ڪناري تي واقع
آهي.
(10) حڪيم عثمان بوبڪائي:
پاڻ شيخ عيسيٰ بن ابراهيم صديقي سنڌي بوبڪائي جا
فرزند هئا. کيس حصول علم ۽ خدا طلبيءَ جي ڪيفيت
سفر ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ڪجهه عرصو احمدآباد ۾ رهڻ
کانپوءِ جڏهن برهانپور ۾ آمد ٿين ته اهو 983هه جو
سال هو، وقت جي حاڪم محمد شاهه ابن مبارڪ شاهه
فاروقي کيس عزت ۽ احترام سان نوازيو.
(11) حضرت شيخ بابو سنڌي
رحه:
پاڻ حضرت مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جا پير ڀائي
هئا، سندن ئي صحبت ۾ سنڌي پوره ۾ رهيا ۽ اتي ئي
1015هه ۾ دارالفنا کي خيرباد چيائون.
(12) مولانا شيخ موسيٰ بوبڪائي
رحه:
هي بزرگ شيخ عثمان بوبڪائي جو هم درس هو، هن بزرگ
عادلپوره جيڪو سنڌي پوره برهانپور جي اُتر ۾ آهي
اتي مدرس ٿي رهيو. انھيءَ علائقي ۾ ٻين سنڌي عالمن
جون قبرون پڻ آهن، جيڪي مختلف ايامن ۾ اتي ايندا
رهيا هئا.
ذڪر ڪيل شخصيتن کان سواءِ به سنڌي پوره ۾ مختلف
وقتن تي ويل سنڌي عالمن جون تربتون موجود آهن، پر
جن سنڌي پوره جو بنياد وجهندڙ اوائلي عالمن ۽ ولين
ان علائقي کي شھرت سان پڻ نوازيو، انھن ۾ ابتدائي
نالا شيخ طاهر محدث، مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ
پاٽائي ثم برهانپوري ۽ فتح محمد سنڌي جا آهن، سندن
حياتيءَ جو مختصر تعار ف ۽ قلمي ڪاوشن جو ذڪر بي
مھل نه ٿيندو.
1- شيخ طاهر محدث رحه:
شيخ طاهر محدث ڏهين صديءَ هجري جي پھرئين يا ٻئي
ڏهي ۾ پاٽ شريف ۾ جنم ورتو. پاڻ رسمي علم جي ابتدا
پنھنجي والد شيخ يوسف سنڌيءَ وٽ ڪئي، ڪجهه علم
مخدوم ميران ۽ مخدوم جعفر بوبڪائي وٽ حاصل ڪيائين.
”غوثي“ گلزار ابرار ۾ هڪ ٻئي استاد شيخ شھاب الدين
سنڌي جو ذڪر ڪيو آهي، جنھن کان هن امام غزالي جي
منھاج العابدين جو درس ورتو.
اهڙيءَ طرح اداره ثقافت اسلاميه لاهور مان شايع
ٿيل فقھاء هند جو مصنف محمد اسحاق ڀٽي لکي ٿو:
”علامه طاهر سنڌي برهانپوري سن 950هه ۾ عازم گجرات
ٿيو. شيخ عبدالاول بن علي حسيني جونپوري دهلوي کان
علم حديث حاصل ڪيائين. طريقت ۽ تصوف ۾ شيخ محمد
غوث گوالياري کان فيضياب ٿيو. بعد ۾ احمدآباد ۽
دکن جو عزم ڪيائين اتي شيخ ابراهيم بن محمد
ملتانيءَ کان علم حاصل ڪيائين پوءِ ايلچ پور آيو.“
ايلچ پور جي حڪمران تفال خان سندس علميت کان متاثر
ٿي وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو، سندس خلوص ۽ احترام سبب شيخ
طاهر اتي درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيو. سندس علم
۽ فضل جو واس ايلچ پور کان ٻاهر ڏورانھن علائقن ۾
ڦھلجي ويو. سندس علمي ۽ روحاني ناماچاري والي
برهانپور محمد شاهه فاروقي کي ايڏو ته گرويده ڪيو،
جو هو کيس بار بار برهانپور اچڻ لاءِ چوندو رهيو.
982هه ڌاري سندس اچڻ تي بادشاهه برهانپور سندس
شايان شان آڌر ڀاءُ ڪيو، کيس رهڻ لاءِ شاندار محل
نظر ڪيائين. برهانپور جي جنھن علائقي ۾ اچي رهيو ۽
بعد ۾ سندس ڀائيٽو مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌي
اچي رهيو، اهو رفته رفته سنڌي پوره جي نالي سان
شھرت وٺندو ويو ۽ اڄ تائين انھيءَ نالي سان سڏيو
وڃي ٿو. پاڻ 1004هه/1595ع ۾ سنڌي پوره ۾ وفات ڪئي.
پاڻ پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجي تربت تي قُبو اڏڻ کان
سخت منع فرمائي، هن وقت سندس تربت تي کُليل ڇِت
سان ٻارنھن دري ٺھيل آهي، جيڪا عبدالرحيم خان
خانان تعمير ڪرائي هئي. سندس فرزندن جا نالا
عبدالله ۽ رحمت الله آهن، پاڻ عارف باالله ۽ صوفي
هجڻ سان گڏ هندستان ۾ علم حديث لاءِ درس و تدريس
کان سواءِ تحريرون به ڇڏيائين، کيس ٽيھه هزار
حديثون زباني ياد هيون:
سندس ڪجهه تحريرن جا نالا:
(1) ملتقط جمع الجوامع سيوطي، (2) شرح بخاري (12
جلدن ۾ قسطلاني شرح بخاري جو اختصار)، (3) شرح
مشڪوات، (4) اسماء رجال صحيح بخاري،
تفسير جي حوالي سان سندس تحريرون:
1- تفسير مجمع البحار، 2- تفسير مدارڪ جو اختصار
انھن کانسواءِ ٻين موضوعن تي:
(1) مختصر قوت القلوب، (2) انتخاب مواهب لدنيه،
(3) رياض الصالحين، هن ڪتاب ۾ ٽي باب آهن، پھرئين
۾ اُمت محمدي ﷺ جي بخشش ۽ ڪاميابيءَ جون حديثون،
ٻئي ۾ بزرگن جا ناصحانه قول ۽ هدايتون، ٽئين باب ۾
اهل عرفان ۽ وجدان وارن جا قول ۽ سمجهاڻيون ڏنل
آهن.
(2) مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي ثم
برهانپوري (962هه-1031هه مطابق 1555-1622ع):
مسيح الاولياء جي سنڌي پوره ۾ پنھنجي چاچي محترم
شيخ طاهر وٽ اچي رهڻ ۽ پوءِ مستقل اقامت سان اتي
جي علمي ۽ روحاني ماحول کي چار چنڊ لڳڻ سبب سنڌي
پوره جي شھرت ۾ اضافو ٿيو، اڄ به سندس خانقاه مرجع
خلائق آهي. پاڻ پاٽ شريف ۾ جنم ورتائين، ننڍي عمر
۾ ئي علمي سفر ڪيائين. پنھنجي چاچي شيخ طاهر محدث
وٽ ايلچ پور اچي رهڻ ۽ وري اتان پاٽ شريف جا سفر
هندستان جي تحريرن ۾ مغالطي طور سندس جاءِ پيدائش
ايلچ پور سمجهي وئي، پر سنڌ جون تحريرون مستند
دلائلن سان سندس ولادت پاٽ شريف ئي ڏيکارين ٿيون.
سندس همعصر تاريخ گلزار ابرار ۾ غوثي، مخدوم عباس
پاٽائي ثم هنڱورجائي جي ذڪر ۾ هنڱورجن ۾ مخدوم
عباس جي وفات کانپوءِ ان جو جاءِ نشين مسيح القلوب
حبيب الله (شيخ عيسيٰ جا لقب) آهي.
اهڙي ريت شيخ عيسيٰ جي ولادت جي تصديق هندستاني
تذڪرن مان هڪ معتبر ڪتاب مآثرالامراء مان پڻ ٿئي
ٿي، جنھن جو مؤلف صمصام الدوله شاهنواز خان مسيح
الاولياء شيخ عيسيٰ جو خان خانان عبدالرحيم تي
تصرف بيان ڪندي حاشيه ۾ سندس تعارف هنن لفظن ۾ لکي
ٿو، ”شيخ
عيسیٰ
جندالله سندھی
ثم برهانپوری
مشہور
صاحب باطن بزرگ اور علامہ
تهے.“
حضرت مسيح الاولياء پنھنجي ڪتاب عين المعاني ۾
پنھنجو اسم مبارڪ شجرو ۽ وطنيت سان تعلق هن طرح
ڄاڻايو آهي: ”عيسيٰ بن قاسم بن يوسف بن رڪن الدين
بن معروف بن شھاب الدين المعروف الشھابي الجندي
السندي الھندي البراري العشقي الشطاري القادري که
ملقب به عين العرفا و مکني به ابوالبرکات است
ميگويد.“
اهڙي طرح حضرت مسيح الاولياء پاڻ کي وطنيت متعلق
پھريائين السندي پوءِ الھندي ان بعد البراري لکيو.
هن بزرگ علم جي حصول لاءِ پنھنجي حياتيءَ جو هڪ
وڏو حصو سفر ۾ پڻ گذاريو. پنھنجي مرشد شيخ لشڪر
محمد عارف کان خرقو حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي
درسگاهه ۽ خانقاهه جي حوالي سان سنڌي پوره ۾ رهي
پيو، مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جي معتقدن مان هڪ
شيخ ابوالخير بن مبارڪ هو جيڪو ابوالفضل ۽ فيضي جو
ننڍو ڀاءُ هو. سندس خليفن ۾ شاهه ميران، شاهه نعمت
الله، شيخ عبدالقدوس، سيد مير ڪلان، شيخ صدر جھان،
خواجه علي مسيحي، شيخ اسماعيل ۽ حافظ صالح شطاري
جا نالا قابل ذڪر آهن.
مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ رحه جو وصال 14 شوال
1031هه ۾ ٿيو، پاڻ پنھنجي عبادت جي حجري ۾ دفن ڪيا
ويا. خانخانان عبدالرحيم خان مزار مبارڪ تي شاندار
گنبذ تعمير ڪرايو، جيڪو اڄ به سنڌي پوره ۾ مرجع
خلائق آهي.
حضرت مسيح الاولياء کي ٻه حرم هئا، پھرئين شادي
پاٽ شريف ۾ ڪيائون، جنھن مان کين شيخ شھرالله ۽
شيخ عبدالستار هئا. شيخ شھرالله مان کين اولاد پاٽ
۽ سيوهڻ ۾ اڄ به موجود آهي. سنڌي پوره ۾ رهڻ دوران
سندن حرم ۾ ٻي زوجه بي بي خديجه آئي، جنھن مان کين
شيخ فتح محمد، شيخ طٰهٰ، شيخ هاشم ۽ ٻه نياڻيون
اُمته الرحمٰن ۽ فاطمه هيون.
شيخ عيسيٰ سنڌي وڏي پايي جو صوفي هجڻ سان گڏ عالم،
اديب، فاضل ۽ فقيهه هو. سندس تحريرن نه صرف سنڌي
پوره ۾ شھرت ورتي پر ان جو فيض ڏورانھن ڏيهن کي به
فيضياب ڪندو رهيو، ڪجهه تحريرون ته مختلف مڪتبن ۾
درس طور ڪم اينديون رهيون.
سندس تحريرن جا نالا ڪجهه هن طرح آهن:
(1) روضة الحسنيٰ تاليف 989هه، (2) عين المعاني
997هه، (3) تفسير انوار الاسرار، انتھائي معياري
تفسير آهي، هن تي سنڌ يونيورسٽي ۾
Ph.D
پڻ ڪرائي وئي هئي جيڪا پروفيسر محمد عثمان ميمڻ
ڪئي، (4) رساله حواس پنجگانه، (5) حاشيه بر اشاره
غريبه ڪتاب انسان ڪامل، (6) شرح قصيده برده، فارسي
شرح، (7) رساله قبلته المذاهب اربعه معه اشارات
اهل تصوف، (8) حاشيه بر شرح ضيائيه، (9) الفتح
المحمدي في علم البديع و البيان و المعاني (هن
ڪتاب تي جامع پنجاب لاهور ۾ 2015ع ۾ ڊاڪٽر معين
الحق
Ph.D
ڪئي)، (10) تميم شرح ماة
عامل، (11) رساله عقود، (12) شرح رباعيات، (13)
ترجمه اسرار الوحي، (14) رساله وحدت الوجود، (15)
رساله تعينات و حقيقت محمديه.
(3) شيخ ابوالمجد عبدالرحمٰن عرف بابا فتح محمد
ابن مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌي:
سنڌي پوره جي اها علمي شخصيت جنھن جي تحريرن سنڌ ۽
هند ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. مسيح الاولياء جي
برهانپور ۾ ٻي شادي ڪيل زوجه بي بي خديجه مان شيخ
عبدالرحمٰن عرف بابا فتح محمد سنڌي پوره ۾ تولد
ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت پنھنجي والد مسيح
الاولياء شيخ عيسيٰ ڪرڻ فرمائي، سندس درس واسطي
خاص درسي ڪتاب تحرير ڪيائين، جنھن جو نالو ”فتح
محمّدي“ رکيائين. اهو ڪتاب پوءِ مفيد عام ثابت
ٿيو، ڪيترن ئي طالب علمن ان مان فائدو پرايو. بابا
فتح محمد علم جي روشني سان ايترو ته سرشار ٿيو، جو
والد جي حياتيءَ ۾ ئي مدرسي جو مخدوم ۽ مھتمم مقرر
ٿيو. سندس والد جي وفات وقت سندس عمر 31-32 سال
هئي. پنھنجي وڏي ڀاءُ شيخ عبدالستار جي اوچتي وفات
بعد، سندس صغير ۽ مجذوب فرزند ابوالقاسم جي
نظرانداز ٿيڻ سان گڏ هو پاڻ به مسيح الاولياء جي
مسند ارشاد ”شطاري خانقاه سنڌي پوره برهانپور“ تان
دستبردار ٿي ويو. پاڻ کي وڌيڪ 35 سالن تائين مدرسي
سان منسلڪ رکي درس و تدريس ۽ تصنيف ۾ مشغول
رکيائين. سن 1654هه ۾ سنڌي پوره برهانپور کان
مدينه شريف هجرت ڪيائين، پاڻ حرمين شريفين ۾ درس و
تدريس ۾ 14 سال گذارڻ کانپوءِ وفات ڪيائين ۽ جنت
البقيع ۾ سندس مرقد ٺھي.
مدينه منوره وڃڻ کان اڳ سندس پاٽ شريف ۾ پنھنجي
ڀائٽي مخدوم حسن قاري وٽ ترسڻ، کيس ڪتابن جو تحفو
ڏيڻ ۽ کيس هڪ ڪتاب ”شرح مواقف“ جي آخري صفحي تي
پنھنجو شجره نسب لکي ڏيڻ جو احوال موجود آهي.
(تاريخ بابِ الاسلام مصنف: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي)
اهو درست آهي ته مدينه منوره ۾ مستقل قيام کان اڳ
سندس سنڌ ۾ اچڻ جو احوال المڪتوب الحبيب (قلمي
1332هه) ناشر سنڌي ادبي بورڊ ۾ پڻ موجود آهي. ان
کان علاوه ڪتب خانه ڪوٽڙي ڪبير ۾ موجود ”جهة
الڪعبه“ جا اوراق، جنھن جو عڪس مخدوم غوث محمد
گوهر صاحب بنده کي تحفته عنايت ڪيو. بابا فتح محمد
رحه جي ان تحرير ۾ سج جي پاڇي جي حساب سان سن،
سيوهڻ ۽ پاٽ ۾ نماز جا وقت مقرر ٿيل آهن.
مفتاح الصلواة:
بابا فتح محمد سنڌيءَ جي هند ۽ سنڌ ۾ يڪسان
مقبوليت ماڻيندڙ تحرير مفتاح الصلواة
آهي. سنڌ ۾ هن ڪتاب جا اصل فارسي قلمي نسخا ۽
سنڌيءَ زبان ۾ ان جا ترجما اڄ به ذاتي ۽ سرڪاري
ڪتب خانن ۾ موجود آهن.
بلڪه گذريل صديءَ کان پريس جا ڇاپي نسخا جيڪي سنڌ
۽ هند جي مختلف شھرن مان شايع ٿيا، اڄ به موجود
آهن. سنڌي ادبي بورڊ پڻ 2005ع ۾ اصل فارسي ۽ سنڌي
ترجمو شايع ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. انھيءَ ڪتاب جو
بنياد حرفي اشارن (مخففات) تي ٻڌل ٽن شعرن تي آهي.
جنھن لاءِ مصنف ڪتاب جي شروع ۾ لکي ٿو: ”بزرگ
از علمائے
سندھ فرائض و واجبات و سنن را درسہ بیت
بحروف
اشارت کردہ است کہ اکثر اوقات حضرت ما (ماءُ) صاحب
تعلیم
میفر
مودند“
"برھانپور
کے
سندھی
اولیاء
۾ راشد برهانپوري انھن شعرن متعلق لکي ٿو:
"کسی
سندھی
بزرگ کے
حرفی
اشارات میں
تین
شعر مشہور تھے،
اور اس قدر مشہور کہ تعلیم
یافتہ
گھرانوں
میں
مستورات کو بھی
ازبر تھے۔
وہ اپنی
اولاد کو صغر سنی
ہی
میں
یاد
کرادیا
کرتی
تھیں،
خود حضرت شیخ
فتح محمد نے
بھی
اپنی
والدہ محترمہ سے
سیکھے
تھے،
جیسا
کہ مفتاح میں
مذکور ہے"۔
مخففات ۽ بيتن متعلق المڪتوب الحبيب اهم معلومات
ڏيندي لکي ٿو: ”اهي بيت حضرت مولانا محمد زاهد
علما سنڌ جا، جنھن مدرسي پاٽ کان هئا، سي عالم سنڌ
جا حضرت عبدالستار ۽ شيخ رمضان شھرالله پاٽائي ۽
محترم عثمان محدث وغيره سندس اولاد امجاد کي تعليم
ڏيندا هئا.“
انھن شعرن ۾ نماز جي فقهي مسئلن کي ڪجهه اهڙي
انداز ۾ حرفي اشارن ۽ لايعني لفظن ۾ قيد ڪري منظوم
صورت ۾ آندو ويو آهي جو ننڍڙو ٻار به انھن کي
برزبان ياد ڪري وٺي. انھن شعرن جي قدامت مان لڳي
ٿو ته مخففات جو اهو استعمال پاٽ مان سنڌي پوره
برهانپور ۽ هند سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ڦھليو.
اڄڪلهه ته بين الاقوامي تنظيمن ۽ معاهدن جا طويل
نالا مخففات ۾ قيد ڪيا وڃن ٿا. انھن جا ڊگھا نالا
ياد ڪرڻ بجاءِ لفظن جا پھريان اکر کڻي لايعني لفظ
جوڙي ياد ڪيا وڃن ٿا. مفتاح الصلواة
به اهڙن مخففات سان جڙيل شعرن جو تفصيل آهي. اهي
ٽي شعر هي آهن، هن ۾ مٿين سِٽ شعر جي ۽ ٻي سٽ ۾
حرفي اشارن سان منظوم شڪل ڏني وئي آهي.
(1) فرائض نداني شوي در قلق
اججس نوق تقق رسق
(2) چو واجب نداني شوي در خطر
فضت تقت لقت جسر
(3) چو سنت بداني شوي مقتدا
روث تبت تست ددا
(1) فرائض:
فرائض نداني شوي در قلق
(اگر نماز جي فرائض کان واقف نه آهين ته پريشان
ٿيندو رهندين)
اَجَجس |
نُوَق |
تُقَق |
رَسَق |
1 2 3 |
4 5 6 |
7 8 9 |
10 11 12 |


 |