ليکڪ:
(عالمي ادب)
سنڌيڪار : آڪاش مغل

ڀڀڪي
ٽن هٿياربند محافظن جي چوڌاري گهيري ۾ هڪ شخص ڪار
مان ٻاهر نڪتو. سندس مُنھن مھانڊي ۽ حلئي مان هو
ڪنھن سياسي اڳواڻ وانگر نظر اچي رهيو هو. ٽنھي
هٿياربند گارڊن ڪار جي چوڌاري گهمي ڦري ڏٺو، ڄڻ
ڪار کي ڪو جِن کڻي ويندو. خير، هتي ڪو به خطرو نه
هو.
پوليس آفيسر
آفيس هڪ ننڍڙو قلعو هو. چئني طرفن کان سيڪيورٽي
گارڊن ۾ گهيريل قلعو. سياسي اڳواڻ ٿڙڪندو ۽
ڏڪندو،
پوليس آفيسر
جي ڪمري ۾ پھتو.
پوليس آفيسر
هڪ ھوشيار آفيسر وانگر سندس آجيان ڪئي.
”اچو، صاحب اچو . . . ڀلي ڪري آيا.“
” پوليس آفيسر! اسان تو ڏي وڏي ميار کڻي آيا
آهيون!“ ليڊر ويھڻ کان اڳ ڏوراپو ڏنو.
”صاحب، اوھان ويھو ته سھي! ڪو چانھه، ڪو ٿڌو؟
ميارون پيون مڙئي هلنديون رھنديون.“ پوليس آفيسر
به ذري گهٽ اڌ سياستدان ھو.
”ڳالھه اها آهي ته مون کي فقط ٽي محافظ ڏيئي
ٺڙڪايو ويو آهي، جڏهن ته مختيار سنگهه کي پائلٽ
جيپ پڻ ڏني وئي آھي، مٿس هڪ سپاهي مشين گن سان
ويٺو ڪانءَ وانگر چوڌاري اکيون گهمائندو ٿو رھي.
مختيار سنگهه به مون وانگر اڳوڻو ايم.ايل.اي آھي،
پوءِ ھڪ ئي مارڪيٽ ۾ ھي ٻه قيمتون ڇو...؟“
”دراصل، هن جو تعلق حڪمران پارٽيءَ سان آهي ۽
حڪمران پارٽيءَ کي خطرو تمام گهڻو آهي.“
پوليس آفيسر
پنھنجي طرف کان سوچي سمجهي جواب ڏنو.
”اصل انھيءَ ڳالھه جو ئي ته ڏک آهي.“ سياستدان پتو
اڇلايو، ”اسان کي تو جھڙي ايماندار آفيسر کان اهڙي
امتيازي سلوڪ جي اميد نه هئي!“ سياستدان چيو.
”امتيازي سلوڪ! نه صاحب، مان ته تحفظ جي ڳالھه ڪري
رهيو آهيان. اسان کي خبر آهي ته ڪنھن کي ۽ ڪٿي
تحفظ جي ضرورت آهي.“
اڳواڻ گارڊن جو ذڪر حقارت سان ڪندي چيو ته، ”ڇا
هنن نڀاڳن اڄ تائين ڪنھن کي بچايو آهي؟ يا ته مري
ويا يا ڀڄي ويا! مان صرف اهو چوڻ ٿو چاھيان ته
سڀني سان ھڪ جھڙو ورتاءُ هجڻ گهرجي. اسان به عوامي
نمائندا آهيون.“ ھن جو لهجو ڌمڪيءَ وارو ھو .
”اهو ته ٺيڪ آهي پر ڏسو نه،“ پوليس آفيسر پاسو
ڦيرائيندي چيو، ”عوامي دور ۾ عوام جي نمائندن کي
محافظن جي ڀلا ڪھڙي ضرورت آهي؟“
”مان ضرورت جي نه، پر عزت جي ڳالھه ڪري رهيو
آهيان. اسان جا حريف مشين گنن سان پائلٽ جيپ ۾
ويهي پنھنجي چونڊ تَڪ ۾ ويندا آهن ۽ اسان وٽ ڪجهه
به ناھي ھوندو! اسان جي عزت ته ٽڪي جيتري نه رهي.
اهو ته نسورو ناحق آهي.“
سياستدان ڪاوڙ منجهان ڪرسيءَ تان اٿي کڙو ٿيو ته
پوليس آفيسر جي منھن تي ھڪ عجيب مسڪراهٽ ڦھلجي
ويئي.
متفرقه

جنم: 1930ع
وفات: 2020ع
انگريزن جي دؤرِ حڪومت کان اڳ سنڌي نثر دعائن، صرف
و نحو جي اصولن ۽ اخلاقي آکاڻين تائين محدود هوندو
هو. انگريزن جي دؤرِ حڪومت جي پھرئين ڏهاڪي اندر
چوڏهن، پندرهن ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ درسي ڪتاب
جھڙوڪ: ٻاراڻو ڪتاب، پھريون ڪتاب، ٻيو ڪتاب، ٽيون
ڪتاب، چوٿون ڪتاب، تاريخ معصوميءَ جو ترجمو، ٻئي
ڏهاڪي ۾ ايسپ جون آکاڻيون، ڀنڀي زميندار جي ڳالھه،
سنڌي وياڪرڻ، سڌا نوري ۽ ڪڌا نوري جي ڳالھه، انگي
حساب، جاگرافي، جاميٽري، دنيا جي تاريخ، علم هيئت
۽ آلجبرا، ٽئين ڏهاڪي ۾ ڪولمبس جي تاريخ، هندستان
جي تاريخ، انگلستان جي تاريخ. مطلب ته ٽيھن سالن
اندر ستر کان اَسي ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ انڊيئن
پينل ڪوڊ، شاهه جو رسالو، اصول علم طب، راسيلاس
(ناول)، ديوان گل، قصو وڪئي ڏاتار جو، قصو دلوراءِ
جو، قصو سيف الملوڪ جو، قصو مھر منير، علم منطق،
مفتا القلوب، جواهر اللغات، ميزان الشعر، ديوان
قاسم، سنڌي، انگريزي لغت جھڙا ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا.
مختلف موضوعن تي لکيل اهڙن ٻين ڪتابن جي فھرست ڏسڻ
سان اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته انگريزي حڪومت جي
شروعاتي دؤر ۾ سنڌي نثر توڙي نظم لاءِ نيون راهون،
نوان گهاٽ ۽ نوان گس گهڙجي چڪا هئا.
اڳ ۾ مختلف تحريڪن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انھن
تحريڪن جي اثر ڪري ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون
نڪتيون. ڇاپخانا وجود ۾ آيا. انھيءَ ڪري نظم سان
گڏوگڏ نثر لکڻ جو رواج وڌي ويو، هن زماني ۾
’معاون‘، ’سنڌ سڌارا‘، ’سر سوتي‘،
’پرڀات‘، ’جوت‘، ’الحق‘، ’مسافر‘، ’الھلال‘،
’تعليم‘ ’تحفہ الاحباب‘، ’ماتا‘، ’بھار اخلاق‘،
’جعفر زٽلي‘ ۽ ’ڪچڪول‘ رسالا ۽ اخبارون ڪتيون، جن
۾ سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي پرچار کان سواءِ مسلم
قوم، برصغير جي آزادي عام جاڳرتا جھڙن موضوعن تي
مضمون ۽ شعر ڇپبا هئا.
هن ڏس ۾ پير حسام الدين راشدي لکي ٿو:
”سنڌي ادب جو ٻيو دؤر 1936ع کان شروع ٿئي ٿو. هن
دؤر ۾ سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي، سنڌ جي ليڊرشپ
زميندار شاهيءَ جي قبضي ۾ اچي ويئي. پئسو وٽن
(زميندارن) جام هو، تنھنڪري انھن پنھنجي مرضيءَ ۽
مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ وزارتن ۽ اسيمبلين کي
استعمال ڪري، هڪ هڪ دفعو وري پاڻ کي جيئدان ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي.“
پير صاحب اڳتي لکي ٿو:
”انھيءَ دؤر جي ادب تي خاص اثر ڪيو. زميندارن ۽
پيرن جي ٽھي اڃا پوريءَ ريت ٽٽي ڪونه هئي، ويتر جو
وزارتون، ميمبريون ۽ سنڌ جو سڄو صوبو سندن ور
چڙهي ويو، تنھن سنڌ جي عوام کان اسھڻ ۽ اسرڻ جو
موقعو کسي ورتو. انھن حالتن اديبن ۽ شاعرن کي نئين
سر سوچڻ تي مجبور ڪيو. اسان جي اديبن سمجهيو ٿي ته
بمبئيءَ کان جدا ٿي سنڌ جا سڄا مسئلا حل ٿي ويندا،
طبقاتي فرق مٽبو، غريبن جا ڏک لھندا ۽ سنڌ جو عوام
ريان کيان ٿي، زندگيءَ جي جدوجھد ۾ صحتمندانه قدم
اڳتي وڌائي، دنيا ۾ آبرومندانه مقام حاصل ڪندو،
ليڪن مسئلو حل ته ڪونه ٿيو، الٽو غلاميءَ ۽ ڏک
ڏاکڙي جا ڪيئي زنجير سندن هٿن، پيرن، ذهن ۽ سوچ تي
پئجي ويا. انھيءَ دؤر ۾ ضرورت جي پيش نظر حيدر بخش
جتوئيءَ، عبدالڪريم ”گدائي“، قادر بخش ”فقير“،
نارائڻ شيام، هري ”دلگير“ پنھنجي ڪلام کي پراڻين
اندر سڀائي روايتن کان ڇني ڌار ڪري منجهس نئون روح
ڦوڪي، بيان ڪيل فرعوني ۽ سلطاني طاقتن کي ڪيرائڻ
لاءِ ڪتب آندو. انھيءَ دؤر جو سمورو ادب مذڪوره
زماني جي سنڌ جي چشم ديد ۽ حقيقت ڀري تاريخ آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
خادم حسين علوي

مخدوم عقيل الزمان سائين جن جي جدائي
قبله مخدوم عقيل الزمان ولد قبله مخدوم محمد امين
فھيم المعروف ڏاڏا سائين جن تاريخ 7- جون 1967ع تي
تولد ٿيا. پاڻ قبله امين سائين جن جا ٽيون نمبر
فرزند هئا. تعليم جي لحاظ کان ايم.اي ايڪنامڪس ۽
ايم.اي پوليٽيڪل سائنس تائين سٺن مارڪن ۾ پاس ٿيا.
سندن ايل.ايل.بي ڪرڻ جو به ارادو هو، پر ڊپٽي
سيڪريٽري پلاننگ ائنڊ ڊولپمينٽ عھدي جي نوڪري ملڻ
سبب اِها خواهش پوري نه ٿي.
هونئن ته مائٽ کي پنھنجي سموري اولاد سان پيار
هوندو آهي، پر قبله امين سائين جن کي قبله عقيل
سائين سان سرس محبت هوندي هئي ۽ قبله عقيل سائين
جن به پنھنجي والد صاحب سان ڪراچيءَ واري ڊفينس
بنگلي ۾ رهندا هئا ۽ قبله امين سائين جن جي
ڪراچيءَ هئڻ ڪري روزانو حاضري ڪندا هئا. پاڻ قبله
امين سائين جن جي خواهش مطابق لاڙ جي مسافري هجي
يا ٿر جي مسافري، ساڻس گڏ هوندا هئا ۽ مسافريءَ
دوران ڪٿي ڪٿي شڪار ڪرڻ جو پروگرام ٿيندو هو ته
پاڻ به حصو وٺندا هئا. قاضي احمد جي ناز باغ ۾ ٻه
ٽي ڀيرا رئيس علي نواز ”انڙ“ وٽ به وڃڻ ٿيو ۽ رئيس
جي مشھور جوڙايل لانڍيءَ ۾ ڪچھريون ڪيائون.
پاڻ پنھنجي والد صاحب جن سان موسيقيءَ جون محفلون
هجن يا مشاعرن جون محفلون هجن ان ۾ شوق سان شموليت
ڪندا هئا، اُنھيءَ ڪري ئي کين موسيقي ۽ شاعريءَ ۾
ڪافي دلچسپي هوندي هئي. پاڻ هالا ۾ نوڪريءَ جي
مصروفيتن سبب تمام گهٽ ايندا هئا.

پاڻ نوڪريءَ دوران پنھنجي ملڪ جي مشھور شھرن ۾
پروگرام تحت ويندا رهندا هئا ۽ ساڳئي وقت پرڏيھي
ملڪن ۾ تفريح جي خيال سان اڪيلا ۽ ڪڏهن ڪڏهن
پنھنجن دوستن سان گڏ گهمڻ ويندا رهندا هئا.
قبله امين سائين جن جڏهن وفاقي وزير طور مقرر ٿيا
ته، پاڻ اڪثر ساڻن سان اسلام آباد ۾ گڏ هوندا هئا.
هونئن ته قبله عقيل سائين جن جا ڪافي دوست هئا، پر
خاص ڪري پير منصور، پير علي احمد (سندن مامو)، پير
محمود، پير بشير ۽ آخوند ارشد علوي ساڻن گڏ هوندا
هئا. کين پنھنجن ڀائرن ۽ چاچن سان بيحد قرب هوندو
هو ۽ موقعن جي مناسبت سان ملندا رهندا هئا ۽ ساڳئي
طرح پنھنجن مامن سان ملڻ لاءِ اُچ شريف به ويندا
رهندا هئا.

ڪجهه عرصو گذرڻ بعد سندن طبيعت ۾ خرابي محسوس ٿي،
اُن ڪري ڪراچيءَ جي مختلف ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري
سان علاج ڪرائيندا رهيا، پر ”مرض
بڑہتا
گیا
جوں
جوں
دوا کی“
وارو مثال سامھون اچي رهيو هو. ڪراچيءَ ۾ سندن
علاج دوران وقت بوقت سڀئي ڀائر سندن نگھداشت ڪندا
رهندا هئا ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري سان سندن علاج
ڪرائيندا رهيا. نيٺ سندن خواهش مطابق اسلام آباد ۾
علاج جو سلسلو شروع ٿيو، پر ڏينھون ڏينھن طبيعت ۾
سڌارو ڏسڻ ۾ نه آيو.
اِن کي اتفاق ئي چئجي جو قبله جميل سائين جن دبئي
۾ هئا ته کين اطلاع مليو ته قبله عقيل سائين جن جي
طبيعت خراب آهي، پاڻ دبئي کان اسلام آباد وڃڻ جي
تياريءَ ۾ هئا ته اوچتو کين دکدائڪ خبر پھتي ته،
قبله عقيل سائين جن دارالبقا جا راهي ٿي ويا آهن.
اُها تاريخ 12- سيپٽمبر 2020ع هئي. پاڻ بيقراريءَ
جي عالم ۾ دبئي کان اسلام آباد پھتا.
اِها خبر لاڙ، ٿر ۽ پنجاب ۽ هالا ۽ پسگردائيءَ ۾
باهه وانگر پکڙجي وئي ۽ هر هنڌ سوڳوار ماحول برپا
ٿي ويو ۽ مٽن مائٽن، مريدن، عقيدت مندن ۽ دوستن جو
ڏک جي گهڙيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.
هوڏانھن اسلام آباد ۾ قبله عقيل سائين جن کي غسل و
ڪفن ڏنو ويو ۽ هالا پھچڻ جي سلسلي ۾ تياري ٿيڻ
لڳي. هتي هالا ۾ درگاهه شريف ۾ کين دفن ڪرڻ واري
جاءِ جي تياري شروع ڪئي وئي.
آخرڪار قبله جميل سائين جن پنھنجي ڀاءُ جي ميت کي
اسلام آباد مان کڻائي هالا پھتا. آئون نه ٿو ٻڌائي
سگهان ته اُن وقت سندن ڇا ڪيفيت هئي.
سڄو ماحول زارو قطار روئي رهيو هو، سندن ميت کي
آخري رسومات جي لاءِ حويليءَ تي پھچايو ويو ۽ سڀني
مٽن مائٽن جي ساڻن آخري ملاقات ڪرائي وئي ۽ آخرڪار
ڪلھي ڪانڌي ٿيندڙ مٽن مائٽن، مريدن ۽ دوستن جي
دکدائڪ هجوم جي صورت ۾ سندن ميت کي درگاهه شريف تي
پھچايو ويو. مون ڏٺو ته ڀائر به واري واري سان
پنھنجي ڀاءُ جي جنازي کي ڪُلھو ڏيندا رهيا. ڪجهه
وقت کانپوءِ جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ آخرڪار حضرت
مخدوم غلام حيدر رحه سائين جن جي چوڪنڊي ۾ هزارين
آلين اکين سان کين سپردِ خاڪ ڪيو ويو.
دعا آهي ته الله پاڪ کين جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا
فرمائي آمين.
علامه عمر بن محمد دائودپوٽي سنڌي
ادب جي جا خدمت ڪئي آهي، اُن جي هڪ وڏي تاريخ آهي.
سنڌ جي جديد ادبي دور جي جڏهن تاريخ لکي ويندي
تڏهن علامه موصوف جو نالو سڀ کان بلند نظر ايندو.
سندس ادبي ڪاوشن جو نمايان آثار اهو آهي ته پاڻ
سنڌ سرڪار تي زور آڻي ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي
صلاحڪار بورڊ“ جو بنياد رکيو، جنھن جي موجوده صورت
”سنڌي ادبي بورڊ“ آهي؛ ۽ اُن جي زير سايه ”مھراڻ“
سنڌي رسالو جاري ڪرايو. ان کانسواءِ سنڌي اديبن ۽
مصنفن کي معقول رقمون انعام طور ملڻ لڳيون،
جنھنڪري سنڌي زبان ۾ بھترين ڪتاب تصنيف ۽ تاليف
ٿيڻ شروع ٿيا ۽ سنڌي لغت مرتب ڪرڻ جو ڪم به شروع
ٿيو.
علامه جي تصنيفن جو سلسلو وسيع
آهي. سندس انگريزي ڪتاب ”عربي شاعريءَ جو فارسي
شاعريءَ تي اثر“ بھترين ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس
ٻيو ڪتاب ”هندستان ۾ عام تعليم“ انگريزي زبان جو
هڪ شاهڪار آهي.
فارسي تصنيفون ”تاريخ معصومي“ ۽
”چچ نامو“ وڏي محنت سان تيار ڪري ڇپارايائين، جن
تي سندس عالمانه حاشيه آرائي سندس علميت ۽ قابليت
جو ڪافي ثبوت آهي.
سنڌي زبان ۾ جيڪي سندس تصنيفون
آهن، اُهي اگرچه فارسي ڪتابن جو ترجمو آهن، پر
انھن تي جي هن پنھنجا عالمانه مقدما لکيا آهن، تن
مان سندس علمي بصيرت چٽيءَ طرح معلوم ٿئي ٿي.
هن مضمون ۾، اسان جي سامھون جيڪي
ترجما موجود آهن، انھن جو مختصر جائزو ورتو وڃي
ٿو.
پروفيسر احسان بدوي

فنا ڪيا نه فوت
علامه عمر بن محمد دائودپوٽو
سنڌي ادب ۾ پروفيسر احسان بدوي ڪنھن تعارف جو
محتاج نه آهي، سنڌي ادب ۾ پاڻ نامياري اديب، شاعر
۽ نقاد جي حيثيت ۾ مڃتا ماڻيائون. پاڻ پروفيسر لطف
الله بدوي جا وڏا فرزند هئا. سندس جنم مارچ 1926ع
تي شڪارپور ۾ ٿيو ۽ 22 نومبر 1965ع تي هڪ ناگھاني
حادثي جو شڪار ٿي، ڪراچيءَ ۾ سندن انتقال ٿيو. پاڻ
به پنھنجي والد جي نقشِ قدم تي هلندي، پنھنجو لاڙو
علم ادب ڏانھن رکيو ۽ سنڌي ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو.
آءٌ سندن وڏي فرزند ڊاڪٽر جاويد احمد بدوي جي
ڌيءَ، پنھنجي بزرگن جي قلمي اثاثن جي وارث آهيان.
هيءُ مضمون ايس.ايم ڪاليج جي ساليانه ميگزين ۾ سال
1963ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو هاڻي ٽماهي ”مھراڻ“ رسالي
جي پڙهندڙن سان شيئر ڪجي ٿو. - ڊاڪٽر ماريه جاويد
بدوي
علامه عمر بن محمد دائودپوٽي سنڌي ادب جي جا خدمت
ڪئي آهي، اُن جي هڪ وڏي تاريخ آهي. سنڌ جي جديد
ادبي دور جي جڏهن تاريخ لکي ويندي تڏهن علامه
موصوف جو نالو سڀ کان بلند نظر ايندو. سندس ادبي
ڪاوشن جو نمايان آثار اهو آهي ته پاڻ سنڌ سرڪار تي
زور آڻي ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جو
بنياد رکيو، جنھن جي موجوده صورت ”سنڌي ادبي بورڊ“
آهي؛ ۽ اُن جي زير سايه ”مھراڻ“ سنڌي رسالو جاري
ڪرايو. ان کانسواءِ سنڌي اديبن ۽ مصنفن کي معقول
رقمون انعام طور ملڻ لڳيون، جنھنڪري سنڌي زبان ۾
بھترين ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ٿيڻ شروع ٿيا ۽ سنڌي
لغت مرتب ڪرڻ جو ڪم به شروع ٿيو.
علامه جي تصنيفن جو سلسلو وسيع آهي. سندس انگريزي
ڪتاب ”عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر“
بھترين ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ٻيو ڪتاب
”هندستان ۾ عام تعليم“ انگريزي زبان جو هڪ شاهڪار
آهي.
فارسي تصنيفون ”تاريخ معصومي“ ۽ ”چچ نامو“ وڏي
محنت سان تيار ڪري ڇپارايائين، جن تي سندس عالمانه
حاشيه آرائي سندس علميت ۽ قابليت جو ڪافي ثبوت
آهي.
سنڌي زبان ۾ جيڪي سندس تصنيفون آهن، اُهي اگرچه
فارسي ڪتابن جو ترجمو آهن، پر انھن تي جي هن
پنھنجا عالمانه مقدما لکيا آهن، تن مان سندس علمي
بصيرت چٽيءَ طرح معلوم ٿئي ٿي.
هن مضمون ۾، اسان جي سامھون جيڪي ترجما موجود آهن،
انھن جو مختصر جائزو ورتو وڃي ٿو.

منهاج العاشقين: هن جو ٻيو نالو ”روحاني رمزون“ به
آهي. هيءُ ڪتاب اصل ۾ مولوي ميان غلام محمد ولد
خان محمد خانزئي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جي تمھيد ۾
علامه دائودپوٽي لکيو آهي:
”گذريل مھيني جي اوائل ۾ پير جهنڊي جي ڳوٺ وڃڻ
ٿيو، محض ان لاءِ ته جناب پير صاحب ميان احسان
الله شاهه سان به ملاقات ڪجي جو هڪ نهايت فاضل،
پاڪباز ۽ شريعت تي قائم بزرگ آهي ۽ پڻ سندس قديم
ڪتبخاني مان به فيض حاصل ڪجي. ڪتبخانو کوليندي
ڪيترا ڪتاب اهڙا نظر آيا، جو هوند سنڌي ساهت جو
سينگار ٿين. انھن ۾ رسالو ميان مولوي غلام محمد
ولد خان محمد خانزئي جو اکين چڙهيو، جو بزرگ
پنھنجي شفقت سان استعمال لاءِ ڏنو. اُهو رسالو
جنسي شاهه صاحب جي رسالي جو تتبع آهي، جو ذڪر ڪيل
مولوي صاحب 51 ورهيه اڳ سنه 1303هجريءَ ۾ پنھنجي
هٿين جوڙي جمع ڪيو. سندس ڪلام نهايت پاڪيزه ۽ مٺو
آهي ۽ اگرچه شاهه صاحب جو مٽ نه آهي، ته به ان جون
سڪون لاهي ٿو. رسالي جي آخر ۾ مولوي صاحب جو ٻيو
ڪلام به سندس هٿ اکر موجود آهي. جهڙوڪ: مولود،
مثنويون وغيره. ان کانسواءِ ”منھاج العاشقين“ نالي
هڪڙو مختصر فارسي ۾ رسالو آهي جنھن ۾ شاهه جي
رسالي ۾ جيڪي عشقي قصا آهن، تن جا روحاني راز درج
ڪيا اٿس. اهو فارسي رسالو جهنڊي وارن وڏن بزرگن جي
هدايت موجب سنه 1302هجريءَ ۾ لکي پورو ڪيائين.
پوءِ ان جو پراڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿس. اصل ۾
نقل ٻنهي کي پيش نظر رکي، هيٺيون ترجمو هاڻوڪي
سنڌيءَ ۾ ٿوري ڦيرڦار بعد تيار ڪيو ويو آهي. مان
ڀانيان ٿو ته مولوي صاحب پهريون ئي شخص آهي، جنھن
اهڙي نموني رسالو لکيو آهي ۽ روحاني رمزن کي
اصطلاحي ۽ علمي معنيٰ ڏني اٿس. اگرچه هي سمجهاڻيون
مختصر آهن ۽ ڪٿي ڪٿي مونجهه پيدا ڪن ٿيون، تڏهن به
منهنجو يقين آهي ته اِهي بنيادي پٿر جهڙو ڪم
ڏينديون. هن کان اڳ شاهه جا پڙهندڙ عشقي قصن جي
مضمونن کي پنھنجي پنھنجي خيال موجب معنائون ۽
ورجيسون ڏيندا هئا ۽ سڀ ڪو پنھنجي دل کي
وندرائيندو هو ته مان به ڪو وڏو ڄاڻو آهيان، جو
اهي اونھا اسرار سمجهي سگهان ٿو، تن جي لاءِ هي
ننڍڙو ڪتاب هڪ رهبر ثابت ٿيندو.“
هن تمهيد کان پوءِ اصل ڪتاب شروع ٿئي ٿو؛ جنھن ۾
پهريائين مصنف جي تمهيد اچي ٿي. ان ۾ مصنف بحث ڪيو
آهي ته، شاهه جي رسالي ۾ ايندڙ آکاڻين جي آڻڻ جي
ڪهڙي ضرورت هئي. جواب ۾ صاحب موصوف چوي ٿو ته،
انھن عاشقن جي نالن ۽ سرودن ۾ اهڙي معنيٰ آهي،
جهڙي نموني الله تعاليٰ پنھنجي حڪمت سان جهان ۾
ڪيترائي اهڙا مثال پيدا ڪيا آهن، جنھن کي انساني
عقل مجازي طرح سمجهي سگهي ٿو. ان تمھيد کان پوءِ
مصنف جدا جدا سُرن ۽ قصن جي ڪتابن کي جدا جد
عنوانن هيٺ بيان ڪيو آهي. پڇاڙيءَ ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جي ٻن بيتن جي روحاني معنيٰ به
ڏني اٿس.
علامه دائودپوٽي هن ترجمي کي نهايت صاف ۽ شُسُته
سنڌي ۾ لکيو آهي، جنھن ۾ سنڌي زبان جو ڪمال
ڏيکاريو اٿس. جملا ۽ اصطلاح عام فهم آهن ۽ اسلوب
بيان نهايت وڻندڙ آهن. ڪتاب جي ترجمي کي ڏسي
پڙهندڙ هن ڳالھه جو قائل ٿيندو ته علامه دائودپوٽي
جي طرز تحرير سنڌي ادب ۾ بلند مقام رکي ٿي.
شاهه ڪريم جو ڪلام: هيءُ ڪتاب علامه دائودپوٽي
”بيان العارفين“ تان ورتو آهي ۽ کڻي ائين چئجي ته
اُن جو سنڌي ترجمو آهي. ”بيان العارفين“، محمد رضا
بن عبدالواسع جنھن کي مير دريائي به چوندا آهن،
تنھن فارسي ۾ لکيو. ان جو ترجمو سنه 1210هجري ۾
عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ ڪيو. ”بيان
العارفين“ جي فارسي نسخي ۾ 7 باب آهن ۽ ان جي سنڌي
نسخي ۾ 11 باب آهن، جيڪي پوءِ ڇپجي ظاهر ٿيا.
”بيان العارفين“ جي ان نسخي ۾ جي شاهه ڪريم جا بيت
آيل آهن، انھن ۾ گهڻيون غلطيون آهن. مرزا قليچ بيگ
پنھنجي رسالي ”رسالي ڪريمي“ جو بنياد، ان ئي ترجمي
تي رکيو آهي. مرزا قليچ بيگ، پنھنجي رسالي جو ان
غلط نسخي تي بنياد رکيو، تنھنڪري ”رسالي ڪريمي“ ۾
به اُهي غلطيون رهجي ويون آهن، جنھن لاءِ علامه
دائودپوٽي جو چوڻ آهي:
”سچي ادبي خدمت سانگي واجب آهي ته اهڙين عظيم
غلطين جي اصلاح ڪئي وڃي ۽ سنڌي ساهت کي جا اڄ
تائين اٽڪل بازين جو شڪار ٿي رهي آهي، اهڙي محڪم
علمي پائي تي بيهارجي جو منجهس قياس جي جاءِ نه
رهي.“
ان خيال هيٺ علامه دائودپوٽي، شاهه ڪريم بلڙيءَ
واري جي ڪلام جو نسخو اسان جي سامهون پيش ڪيو آهي.
ڪتاب جي شروعات ۾، شاهه ڪريم جي زندگيءَ جو احوال
ڏنل آهي، جنھن کي علامه صاحب نهايت تحقيق سان لکيو
آهي. انھن تاريخي حقيقتن کي، جن جي بابت ڪو صحيح
فيصلو اڳ موجود نه هو، انھن کي علامه دائودپوٽي
پنھنجي خداداد علمي تحقيق سان صاف ڪيو آهي ۽ شاهه
ڪريم جي زندگيءَ جي منزلن تي واضح تحقيقات ڏني
اٿس. شاهه ڪريم جي شعر تي جو سنڌي مقالو آهي، ان
مان سندس وسيع مطالعي جي اسان کي ڄاڻ پوي ٿي. ان
مقالي جا عنوان هيءُ آهن: (1) شاهه ڪريم جي شعر جو
انداز، (2) کيس شاعر چئي سگهجي ٿو يا نه؟ (3) سندس
شعر جي حيثيت، (4) سندس شعر جي ٻولي، (5) سندس شعر
تي تبصرو. ان کانپوءِ اصلي ڪتاب اچي ٿو، جنھن کي
علامه دائودپوٽي ست بابن ۾ ورهايو آهي.
ڪتاب جو ترجمو سلاست سان ڀريل آهي ۽ ان مان علامه
دائودپوٽي جي اصلي تحرير جو رنگ جهلڪي ٿو. ڪتاب جي
اندر جي تصوف جا ڏکيا مسئلا آيا آهن، انھن کي
علامه دائودپوٽي ايتري قدر ته عام فھم بڻايو آهي،
جو معمولي علم وارو ماڻھو به چڱيءَ طرح سمجهي سگهي
ٿو. ترجمي جي ترتيب هيٺين ريت آهي: ڪو سلوڪ جو
نڪتو اچي ٿو. ان کان پوءِ ان تي ڪا حڪايت اچي ٿي،
پوءِ شاهه ڪريم جو بيت ڏئي ٿو ۽ تنھن کانپوءِ اُن
بيت جو فارسي ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ ترجمو اچي ٿو.
هن ترتيب مان معلوم ٿئي ٿو ته علامه دائودپوٽي
”بيان العارفين“ جي فارسي نسخي کان الڳ ٿي پنھنجي
نئين راهه قائم ڪئي، جنھن راهه سندس درجي کي گذريل
۽ موجوده اديبن کان ممتاز بڻائي ڇڏيو آهي.
ابيات سنڌي: هيءَ علامه صاحب جي ٽين تاليف آهي.
”ابيات سنڌي“ سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان جي
سنڌي بيتن جو مجموعو آهي، جنھن جي عربي شرح شيخ
شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي لکيل آهي.
خواجه محمد زمان نقشبندي طريقي جو بزرگ هو ۽ لواري
جي بزرگن مان وڏي طبقي جو بزرگ ٿي گذريو آهي. هو
شاهه ڀٽائي جو همعصر ۽ ساڻس سندس ملاقات به ٿي
هئي؛ جنھن جو ذڪر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ به ڪيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ تصنيف سنڌي زبان جي تصنيفن ۾
بلند درجو رکي ٿي. ڪتاب جي تمهيد ۾ پهريائين علامه
دائودپوٽي، سلطان الاولياءَ جي زندگيءَ جو مفصل
احوال ڏنو آهي، ۽ ان بعد شيخ عبدالرحيم گرهوڙي جي
سوانح عمري ڏني اٿس. ان بعد اسلامي تصوف تي هڪ باب
آهي، جو علامه ابن خلدون جي مقدمي مان ترجمو ٿيل
آهي. اسلامي تصوف جو ترجمو جيڪو علامه دائودپوٽي
ڏنو آهي، اهو بذاتِ خود سنڌي زبان جو هڪ شاهڪار
آهي. اُن کان پوءِ اصل ڪتاب اچي ٿو، جنھن ۾ تصوف
جا نهايت باريڪ نڪتا بيان ڪيا ويا آهن. ان ۾ ڪو شڪ
نه آهي ته، هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ ۾ علامه
دائودپوٽي ڪمال ڏيکاريو آهي. تصوف جي باريڪ نڪتن
کي علامه صاحب جنھن سادگيءَ سان بيان ڪيو آهي،
اُهو داد جي قابل آهي. تحرير سادي ۽ پرمعنيٰ،
اُسلوب بيان وڻندڙ ۽ علامه جي هميشه واري روانيءَ
ترجمي کي متين ۽ سنجيده بڻائي ڇڏيو آهي. سندس
ترجمي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو، جنھن مان سندس تحرير
جي طرز جو ڪمال ظاهر ٿئي ٿو.
جاهل جن کي سکن عارف سور سھاءِ،
سور سندي ساءِ، راحت رسي روح کي.
”يعني بدن جي لذت روح جي لاءِ عذاب آهي. جيڪو بدن
جو گرفتار آهي، جنھن جو روح بدن کان ڌار ٿيو آهي؛
تنھن کي روحاني لذت جي ڪهڙي خبر. تنھن ڪري هو
جسماني لذتون هميشه ڳولهي ٿو، برخلاف عارف جي جنھن
جي لذت بدني عذاب ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته مرڻ کان اڳ مرڻ
ڪري سندس روح بدن کان الڳ آهي. جاهلن کي الله
تعاليٰ جمال واري تجلي ۽ عارفن کي قهر يعني جلال
واري تجلي ڏيکاري ٿو.“
تصوف جي دقيق مسئلي تسليم ۽ رضا کي علامه
دائودپوٽي ڪيتري قدر نه مختصر ۽ ساده نموني ۾ بيان
ڪيو آهي. سڄو ڪتاب اهڙين معنوي خوبين سان ڀريل آهي
۽ ڊاڪٽر صاحب جو ان ڪتاب مان ادبي ڪمال نظر اچي
ٿو.
ڪلام گرهوڙي: علامه دائودپوٽي جي هيءَ پوئين تاليف
آهي، جنھن ۾ شهيد عبدالرحيم گرهوڙي جي سموري سنڌي
ڪلام کي جمع ڪيو ويو آهي. ”ڪلام گرهوڙي“ ڊاڪٽر
صاحب جي ورهين جي مطالعي، محنت ۽ پورهئي جو نتيجو
آهي. هن ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ وقت علامه دائودپوٽي
انھن سڀني ڳالھين جو خيال رکيو آهي، جي جديد تصنيف
۽ تاليف لاءِ ضروري سمجهيون وڃن ٿيون.
ڪتاب جي شروعات شهيد گرهوڙيءَ جي سوانح حيات سان
ڪئي وئي آهي، جنھن تي سير حاصل بحث ڪيو ويو آهي.
مؤلف جو هيءُ بحث انھن ڳالھين جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو جن
لاءِ يا ته ڪي شڪ شبھا آهن، يا ڪي صحيح سَندون هن
وقت تائين پيش نه ٿي سگهيون آهن. ڊاڪٽر دائودپوٽو
سنڌ جي انھن چند عالمن مان هو، جن کي اصلي ڪتابن
تائين رسائي ٿي سگهي هئي. نه رڳو ايترو مگر علامه
دائودپوٽي صاحب انھن چيزن مان به استفادو ڪيو آهي،
جي ”زباني روايتون“ چيون وڃن ٿيون. هنن زباني
روايتن کي به تاريخ، حقائق ۽ دليلن جي روشنيءَ ۾
پيش ڪيو ويو آهي.
علامه صاحب هن ڪتاب ۾، شهيد گرهوڙي جي ڪلام کي ٻن
حصن ۾ ورهايو آهي. پهرين حصي ۾ حقيقت محمديصه،
ڪلمه طيبه ۽ اساس فرض وغيره جهڙا اهم مضمون اچي
وڃن ٿا. هن حصي جي ڪلام جي بناوت قديم سنڌي مثنوي
جي طرز تي آهي؛ جيئن ابوالحسن جي سنڌي آهي. ان ڪري
شهيد گرهوڙيءَ جي ڪلام کي ”گرهوڙيءَ جي سنڌي“ پڻ
چيو ويندو آهي. علامه صاحب ”ڪلام گرهوڙي“ جي ٻي
حصي ۾ شاعر جا بيت ڏنا آهن، جن کي ”سنڌي بيت“ نالو
ڏنو اٿائين. هي بيت شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ خواجه
محمد زمان جي تتبع تي آهن.
ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب، ڪلام جي متن کي تيار ڪرڻ
وقت، ڪيترن ئي قلمي نسخن تان عبور ڪيو آهي ۽ هڪ
صحيح ۽ مستند نسخي ڏيڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي.
ڪتاب جي پوئين حصي ۾ علامه صاحب ڏکين لفظن جون
معنائون، حديثن، آيتن ۽ ٻين عربي عبارتن جو سليس
زبان ۾ ترجمو، ڏکين فقرن، مسئلن ۽ سنڌي بيتن جون
تشريحون نھايت عالمانه طريقي تي ڪيون آهن. ڊاڪٽر
صاحب هن ڪتاب کي تاليف ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ غير فاني
مقام حاصل ڪيو آهي.
مٿئين چئن ڪتابن کانسواءِ، علامه صاحب سنڌ جي جدا
جدا ادبي رسالن ۾ پئي مضمون لکيا، جيڪي ’سنڌو‘،
’مھراڻ‘، ’توحيد‘، ’نئين زندگي‘ وغيره ۾ ڇپجندا
رهيا آهن. انھن مضمونن ۾ جيڪا هن سنڌي ادب جي خدمت
ڪئي آهي، سا سنڌ وارا ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهن.
اِهو هڪ تحقيق جو درياهه آهي، جنھن جي رواني سنڌ
جي ٻين اديبن کي هوشيار ڪيو آهي ۽ سنڌي ادب تي
علامه مرحوم جو هي احسان ڪو ٿورو نه آهي. هيءُ
مختصر مضمون محض ان ڪري لکيو ويو آهي، ته جيئن
سنڌي زبان ۽ ادب جي هن محسن جي ياد تازي رهي.
ورنه علامه دائودپوٽي جي ادبي آثارن ۽ ڪاوشن تي
لکڻ لاءِ ڪافي گنجائش باقي آهي.
عشق را هنگامة امروز از ”نظيري“ روشن است.
هر طرف از گفتگويش گرم محفل کرده اند.
***
قرنہا باید کہ تا یک کود کے از لطف طبع،
عاقلے کامل شود با فاضلے صاحب سخن. |