ڊاڪٽر
آزاد قاضي

تاريخِ بزمِ
صوفياءِ سنڌ
پنجين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ڊٺڙو
پنجين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ڊٺڙو، سنڌ ثقافتي
سرگرمين وسيلي قومي شعور پيدا ڪرائڻ واري سلسلي
جي، هي پنجين ڪانفرنس 23 آڪٽوبر 1966ع تي ڊٺڙو،
ضلعو سانگهڙ ۾ پير حسن بخش شاهه عليه رحمت جي
درگاهه تي منعقد ڪئي وئي هئي، هن ڪانفرنس ۾ هيٺ
ذڪر ڪيل عالمن اديبن ۽ سُخن ور صاحبن شرڪت ڪئي.
(1) جي.ايم.سيد، (2) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
(حيدرآباد)، (3) غلام محمد گرامي (حيدرآباد)، (4)
محمد عثمان ڏيپپلائي (حيدرآباد)، (5) سيد يارمحمد
شاهه (دادو)، (6) پروانو ڀٽي (حيدرآباد)، (7) قاضي
فيض محمد (نوابشاهه)، (8) حفيظ قريشي (حيدرآباد)،
(9) نور عباسي (حيدرآباد)، (10) صوفي خدا دوست
صاحب (ڍورو نارو)، سجاده نشين درگاهه صوفي محمد
صديق عليه الرحمت. ڪانفرنس جو سمورو انتظام پير
شاهنواز شاهه ’عارف الموليٰ‘ پاران ڪيو ويو هو.
هي پروگرام درگاهه حسن بخش جي سجاده نشين پير ڏنل
شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو هو.
شروعات ۾ مرحبائي تقرير، سجاده نشين جي وڏي فرزند
پير شاهنواز شاهه ”عارف الموليٰ“ ڪئي.
مرحبائي تقرير
عزيز ڀائرو،
اوهان سڀني جي هن درگاهه جي سالياني ميلي جي موقعي
تي تشريف آوريءَ جو تھدل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو.
مون کي خبر آهي ته اوهان دور دراز پنڌ تان تڪليف
وٺي، بزم صوفياءِ سنڌ جي هن پنجينءَ ’سنڌ ثقافتي
ڪانفرنس‘ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا آهيو. ان
مان تصوف جي مسئلي سان اوهان جي دلچسپيءَ جو پتو
پوي ٿو.
هتي پير صاحب سائين حسن بخش شاهه عليه الرحمت جي
درگاهه تي هر سال ميلو ٿيندڙ آهي، جتي ماڻھن جي
تفريح طبعيءَ لاءِ ملاکڙا، راڳ، ناٽڪ وغيره هميشه
ٿيندڙ آهن. هن دفعي اسان مناسب سمجهيو ته درويش جي
اصل مقصد اتحاد انساني، امن عالم، ترقي بني آدم جي
ڏنل سبق بابت ماڻھن کي سنڌ جي بهترين اديبن، شاعرن
۽ عالمن جي خيالن کان واقف ڪرايون.
ان لاءِ هيءَ ڪانفرنس گڏ ٿي آهي ۽ ساريءَ سنڌ مان
مکيه حضرات تڪليف وٺي آيا آهن.
اول ۾ افتتاحي تقرير محبِ سنڌ محترم جناب
جي.ايم.سيد صاحب ڪرڻ فرمائيندو. کانئس پوءِ ٻيا
آيل حضرات پنھنجن پنھنجن خيالن جو اظهار ڪندا.
ازانسواءِ شعراءِ ڪرام سندن شعر چوندا، ۽ ان کان
پوءِ جدا جدا فنڪار پنھنجي پنھنجي فن جو مظاهرو
ڪندا.
آءٌ اوهان صاحبن جا دل و جان سان ٿورا مڃان ٿو، جو
اوهان پنھنجو قيمتي وقت سيڙائي، هن موقعي تي هتي
تشريف فرما ٿيا آهيو. آءٌ بزم صوفياءِ سنڌ جو
مجموعي طور ۽ ان جي لائق ڪارپردازن ۽ خاص طرح ان
جي روح روان عالي جناب جي.ايم.سيد صاحب جو
احسانمند آهيان، جو هن بزم طرفان اسان وٽ، حضرت
پير صاحب سائين حسن بخش شاهه عليه الرحمت جي عرس
مبارڪ جي موقعي تي منعقد ڪئي آهي، مون کي اميد آهي
ته سنڌ جي انسان دوستيءَ جي پيغام کي عالم آشڪار
ڪرڻ ۾، هيءَ ڪانفرنس اسان جي طرفان هڪ قدم اڳتي
ثابت ٿيندي.
عارف الموليٰ
عارف الموليٰ پاران ڪيل آجيان واري تقرير کانپوءِ
محترم جي.ايم.سيد، سنڌ ثقافتي تحريڪ جي سلسلي ۾
پيش ڪيل هن پنجين خطبي ۾، بزم صوفياءِ سنڌ وارين
اڳ ٿيل ڪانفرنسن ۾ پيش ڪيل خطبن جي اصل مقصد طرف
اشارو ڪندي اظھار ڪيو ته:
”هن ڪانفرنس ۾ جن مقصدن لاءِ گڏجون ٿا، انھن بابت
آهستي آهستي ڪري مون ۽ ٻين دوستن وقت بوقت پنھنجن
خيالن جو اظهار پئي ڪيو آهي. جيڪڏهن انھن کي مختصر
لفظن ۾ بيان ڪبو ته، بنيادي مطلب هي نڪرندو ته،
”سرزمين سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم ۽ ماڻھن جي
مادي ۽ روحاني ترقيءَ لاءِ هڪ خاص پيغام آهي، جنھن
پيغام جي اسان جي ولين ۽ درويشن هر ممڪن نموني
تشريح ڪري، ماڻھن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪوشش پئي
ڪئي آهي.“ (خطبات سيد، ص 80)
جنھن دور ۾ سيد صاحب مٿي ذڪر ڪيل ڳالھيون ڪيون پئي
۽ انھن بابت دوستن سان صلاح مصلحت جو ذڪر ڪيو اٿس.
ان دور ۾ علامه آءِ.آءِ قاضي ۽ پير حسام الدين
راشدي جهڙا عالم هوندا هئا، جن وٽ سنڌ ۽ سنڌي
ماڻھن جو تاريخي ورثو ۽ روشن مستقبل زير غور هوندو
هو.
بزم صوفياءِ سنڌ واري هن پنجين ڪانفرنس جي افتتاحي
خطبي ۾، سنڌ جي ان خاص پيغام طرف اشارو ڪرڻ بعد،
گذريل ڪانفرنس واري هلندڙ سلسلي جي باقي رهيل حصي
جي باري ۾ خيالن جو اظھار ڪرڻ واري مقصد سان واضح
ڪيو ويو ته:
”گذريل ڪانفرنس ۾ ماڻھن جي نفاق ۽ نفرت جي هيٺين
ٽن ڪارڻن مان ٻن ڪارڻن جو ذڪر ڪيو هو ۽ انھن جي
ڪجهه وڌيڪ سمجهاڻي ڏني هيم.“
هن ڪانفرنس ۾ انھن (نفرت ۽ نفاق) مان باقي ٽئين
نقطي يعني فسطائيت بابت تفصيلي ذڪر ڪندي، سيد صاحب
پھريان فسطائيت جي جڙ پاڙ
(Roots)
جو ذڪر ڪيو آهي ته جيئن انھن جي اصليت ۽ سماج جي
مختلف طبقن تي پوندڙ اثرن جو صحيح طرح سان تجزيو
ڪري سگهجي.
سيد صاحب لکي ٿو:
”فسطائيت انگريزي لفظ ’فاشيزم‘
(Fascism)
مان بدلايل لفظ آهي، جو لفظ اصل لئٽن زبان جي
’فاشيمو‘ لفظ مان ورتل آهي، جو لفظ رومن سامراج جي
ماجسٽريٽن اڳيان کڄي هلندڙ
”اختياريءَ جي لٺ
لاءِ استعمال ٿيندو هو.“ (ص 81) دراصل اهو اهڃاڻ
آهي طاقت ۽ قوت جو، اها طاقت ۽ قوت جنھن کي حاصل
ٿي، ان سماج تي مختلف حوالن سان ڪھڙا اثر ڇڏيا. ان
جا مثال ميسولني ۽ هٽلر جي روپ ۾ دنيا وارن اڳيان
ظاهر ٿي چڪا آهن. ان ڳالھه جو ذڪر ڪندي سيد صاحب
لکي ٿو:
”اِهو اُهو نظريو آهي، جنھن جي بنياد تي گذريل ٻي
مھاڀاري لڙائي کان اڳ اٽليءَ جي ڊڪٽيٽر (حاڪم
اعليٰ) مسولينيءَ اٽليءَ ۾ اڳرائي واري خيال جي
قوم پرستن جي هڪ جنگ باز جماعت ٺاهي، ان جو نالو
”فاشسٽ پارٽي“ رکيو هو ۽ ساڳئي نموني تي جرمنيءَ ۾
هٽلر ”نازي پارٽي ٺاهي هئي.“ (خطبات سيد، ص 81)
اها فسطائيت پيدا ڪٿان ٿي، ان جي جڙ پاڙ ڪھڙي آهي
۽ ان جي ڪنھن ۽ ڪھڙي ريت آبياري ڪئي، ان بابت
ابتدائي ڄاڻ ڏيندي سيد صاحب مختلف مذهبن ۽ نظرين
جي اوائلي تاريخ جي حوالي سان مصر، ايران، يونان ۽
انڊيا جهڙن ملڪن جا حوالا ڏيندي، انھن ۾ فسطائيت
جي نظريي جا ابتدائي ۽ اڻ گهڙيا آثار هئڻ طرف
اشارو ڪري ٿو، جنھن موجب سندس لفظن ۾، ”نفس اماره
(خودي
Aniamal Instind))
جنھن جي هڪ صفت مال ۽ اقتدار جي حصول جي خواهش آهي
۽ جنھن کي اخلاقيات
(Ethics)
جي اصطلاح ۾ خود مطلبي سڏجي ٿو. تنھن مختلف شڪلين
۽ نمونن ۾ هر مذهب، هر فلسفي ۽ هر قوم جي چند
گروهن ۾ داخل ٿي، فسطائيت جي صورت پئي اختيار ڪئي
آهي.“ (خطبات
سيد،
ص 82)
غور ڪري ڏسبو ته سماج جي سموري بگاڙ جو بنياد
خودمطلبيءَ واري لاڙي ۾ نظر ايندو. اها خود مطلبي
ئي آهي جيڪا پنھنجو پاڻ کي بهتر ۽ برتر ۽ ٻين کي
ڪمتر هئڻ وارو رجحان پيدا ڪرائي ٿي ۽ ان ڪري اهڙي
رجحان جي اثر هيٺ باقي ٻين کي نيچ تصور ڪيو وڃي ٿو
۽ طاقت حاصل ٿيڻ واري صورت ۾ ان جو عملي مظاهرو پڻ
ٿئي ٿو، اهو ائين ته پاڻ ۽ سندس ٽولي کانسواءِ
باقي ٻين لاءِ سندن خيال ۽ عمل جي پيروي ڪرڻ لازمي
تصور ڪيو وڃي ٿو.
اها بدعت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪنھن نه ڪنھن دور ۾
ڌار ڌار شڪلين ۾ نظر اچي ٿي. ان رجحان جيڪڏهن ذات
کان وڌي قبيلي ۽ پوءِ قوم وارو تصور اختيار ڪيو ته
ان جو نتيجو هلٽر واري قوم پرستي ۽ نازي جرمني،
توڙي مسولني واري فاشسٽ پارٽي واري شڪل ۾ نظر
ايندو ۽ ان جي ڪائي هڪڙي شڪل شبيهه ڪانه هوندي
آهي. اهو هڪ عمل ۽ رجحان جو نالو آهي، جنھن،
”مختلف شڪلين ۽ نمونن ۾ هر مذهب، هر فلسفي ۽ هر
قوم جي چند گروهن ۾ داخل ٿي فسطائيت جي صورت پئي
اختيار ڪئي آهي.“ (خطبات
سيد،
ص 82)
ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اهو هڪ اهڙو لاڙو آهي،
جنھن کي سماجي عملن ۾ چوڌرائپ ۽ وڏيرپ، مذهبي دنيا
۾ ملائيت ۽ پير پرستي، سياسي دنيا ۾ ليڊر ۽ اڳواڻ
جهڙن نالن جي آڙ ۾ بدعت پيدا ڪرائي، ان کي گروهي
انداز ۾ وڌائي ويجهائي پنھنجي استعمال غرضيءَ لاءِ
هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.
مٿي ذڪر ڪيل رجحانن جو ڇيد ڪندي، سيد صاحب واضح
ڪري ٿو ته: ”فسطائيت جو بنياد هن ڳالھه تي رکيل
آهي ته ماڻھن کي وڏ ننڍائي صحيح ۽ غلط، مضبوط ۽
ڪمزور، صالح ۽ غير صالح جي گروهن ۾ ورهائي، ٿورن
مخصوص ماڻھن جو ڪثير عوام مٿان زور زبردستيءَ سان
تسلط قائم ڪيو وڃي. دنيا جا موجوده سرمائيداري
نظام، نوان ۽ پراڻا سامراج، مذهب جون غلط تشريحون،
آمرانه حڪومتون، عوام جي استعمال غرضيءَ
(Exploration)
سڀ انھيءَ جي پيداواري آهي.“ (خطبات
سيد،
ص 82)
مٿي ذڪر ڪيل لاڙي جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته مذهبي
۽ سماجي معاملن کان هٽي ڪري فسطائيت وارو لاڙو سنڌ
اندر سياسي جماعتن جي جڙ ۾ داخل ٿيندو وڃي. ان جو
نتيجو اهو نڪتو آهي ته سياسي جماعتن ۾ نالي ماتر
جمهوريت جون ڳالھيون ته ٿين ٿيون، پر عملي طرح اهو
آهي ته سربراهه پنھنجو پاڻ کي تاحيات جماعت جو
اڳواڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچن ٿا. پنھنجي ان خود
مطلبيءَ واري خواهش جي پورائي خاطر جماعت اندر من
پسند ماڻھن سان گروهي لاڙي جو رجحان پيدا ڪرائيندا
آهن ته جيئن اهي پنھنجي چوڌرائپ برقرار رکندا اچن.
اهڙي نوعيت جا سنڌ جي سياسي وايو منڊل ۾ مختلف
اڳواڻن جا ڪيترائي مثال موجود آهن.
فسطائيت واري ان بيان کان پوءِ سيد صاحب فسطائيت
جي روزمره زندگي جي ٽن شعبن تي پوندڙ اثرن بابت
هيٺين ٽن حوالن سان تفصيلي ذڪر ڪيو آهي:
(1) مذهبن جي فسطائي نظريي جو اثر: مذهبن جي حوالي
سان مکيه ٻن صيغن يعني ”طريقت ۽ شريعت“ جو ذڪر ڪرڻ
بعد مذهبن جي حوالي سان فسطائي نظريي جي پوندڙ
اثرن جو تت اهو پيش ڪيو اٿس ته: ”انھن ٻنهي گروهن
جي ڪيترن ئي ڪارڪنن ۾ فسطائي خيال اثرانداز ڏسڻ ۾
اچن ٿا. امامن، خليفن، ڀوپن، آچارين، مرشدن، ساڌن
مرشدن سينٽن (راهبن) کي ڪيترن ئي ماڻھن فوق البشر
تسليم ڪري کين قدرتي قانون کان مٿي فوق الفطرت
ڪرامت ۽ ڪارنامن جو حامل ڄاتو ٿي. تنھنڪري کين
گناهه ۽ غلطين کان معصوم ڄاڻي، سندن انڌي پوئلڳي
ڪرڻ ضروري سمجهيائون ٿي. جن عقيدن ۾ فسطائيت جو
بنيادي اصول مضمر هو. اهڙن ماڻھن کي نطشي سپرمين
(فوق البشر) ۽ علامه اقبال ”مردِ ڪامل“، جي نالي
سان تعبير ڪيو آهي. (ص 83)
مذهبن واري مٿي ذڪر ڪيل فسطائي اثرن جي روشنيءَ ۾
جيڪڏهن هاڻوڪي سياسي بيھڪ بابت غور ڪجي ته اهوئي
فوق البشر، مردِ ڪامل وارو خيال هر سياسي گروهه
پنھنجي پنھنجي اڳواڻ بابت رکي ٿو. اهڙي رجحان تحت
جماعتي اصول ۽ جمهوري عمل پاسي تي رکي، اڳواڻ کي
ئي اختيار ڪل ۽ مختيارڪل ظاهر ڪرڻ واري بدعمل پيدا
ٿي وئي آهي. اهڙي رجحان سبب اڪثر اڳواڻ ادارن توڙي
آئين جي پرواهه نه ڪندي پنھنجي خيالن کي فسطائي
انداز سان ٻين مٿان مڙهيندا رهندا آهن. ان سلسلي
جو ٻيو نُڪتو فلسفي تي فسطائي نظريي جو اثر بيان
ڪيل آهي. جنھن لاءِ ظاهر ڪيو ويو آهي ته: ”هيءَ
فسطائيت جو نيم مذهبي، نيم مادياتي، طاقت ۽ تشدد
جي برتريءَ جو فلسفو يورپ جي جديد مذهب انسانيت
(Humanism)
جي ردعمل ۾ پيش ڪيو ويو.“ (خطبات سيد، ص 85)
(3) فسطائيت جي اثر جو ٽيون نُڪتو قومن مٿان پوندڙ
اثر بيان ڪيو ويو آهي جنھن ”ڪن قومن کي نطشي جي
سپرمئن (فوق البشر) ۽ علامه شيخ محمد اقبال جي
”مردِ ڪامل“ جي پوئلڳيءَ لاءِ جواز پيدا ڪري ڏنو
ٿي.“ (خطبات سيد، ص 85)
”هن نظريي مطابق قدرت ڪن گروهن يا قومن کي مخصوص
ماڻھن جي اڳواڻيءَ هيٺ دنيا جي رهبري ۽ ليڊرشپ
لاءِ پيدا ڪيو هو. جنھنڪري اهي قومون برگزيده ۽
چونڊيل هيون.“ (خطبات سيد، ص 85)
مٿي ذڪر ڪيل تصور کي مسلمانن ۾ علامه اقبال ”مردِ
ڪامل“ واري تصور هيٺ مٿي اُڀاريو ۽ مسلم قوم کي
دنيا جي امامت ڪرڻ واري تصور کي هوا ڏني.
ان سلسلي ۾ جرمن جي ”شاپنھيئر“ ۽ سندس شاگرد
”نطشي“ هندن جي سوامي رام ڪرشن جي مکيه پوئلڳ
”سوالي وويڪانند“ جا حوالا ڏيندي سيد صاحب تجزيو
ڪيو آهي ته: ”هنن سڀني مذهبي پستيءَ ذريعي قومن جي
ترقي ڪرائڻ گهري ٿي، جنھن جو بنياد خوديءَ تي رکيو
هئائون، جنھن ڦري فسطائيت جي صورت ٿي اختيار ڪئي.
سندس راءِ موجب جڏهن ڪي قومون پاڻ ۾ خودي پيدا ڪري
پنھنجي راءِ جون مالڪ ٿين ٿيون ته اهي چونڊيل ۽
اعليٰ بنجي پون ٿيون، جنھنڪري کين دنيا جي رهبريءَ
۽ امامت جو حق (خودبخود) حاصل ٿيو وڃي.“ (ص 60)
دراصل اهڙن رجحانن سبب ئي فسطائيت واري لاڙي جي
ارتقا ٿي، پوءِ اهو فردن ۾ پيدا ٿئي يا گروهن جي
صورت کان اڳتي وڌي قوم واري شڪل اختيار ڪري وٺي.
اهڙي فسطائيت واري لاڙي جي بنيادي جزن
(Roots)
بابت سيد صاحب لکي ٿو:
1)
فسطائيت جو بنياد خود مطلبيءَ تي ٻڌل هو.
2)
فسطائيت جو بنياد ننڍ وڏائي تي بيٺل آهي.
3)
فسطائيت تشدد ۽ اڳرائيءَ جي بنياد تي بيٺل آهي.
غور ڪري ڏسبو ته شخصي، جماعتي، توڙي گروهي
خودمطلبي جيڪا ڪٿي ڪٿي قومي شڪل پڻ اختيار ڪري وڃي
ٿي، اها هر حوالي سان نقصانڪار آهي. خودمطلبيءَ
واري جڙ مان جنم وٺندڙ اها سوچ ڪنھن فرد ۾ پيدا
ٿئي ٿي ته اهو پنھنجو پاڻ کي باقي ٻين کان برتر ۽
مٿڀرو تصور ڪندي پنھنجي مرضي هلائڻ ۽ من ماني ڪرڻ
جو ڪارڻ بنجي ٿو. اهو عمل اڳتي هلي ڀروسو ۽ اعتماد
جهڙن رنگين لفظن ۾ وڌيڪ سمجهو
(Soper)
گروهه جي پيدا ٿيڻ جو باعث بنجي ٿو ۽ اهڙو عمل
اڳتي وڌي جڏهن قومي شڪل اختيار ڪري ٿو، تڏهن هٽلر
۽ مسولني جهڙا ڪردار اڀرن ٿا، جيڪي پنھنجي قوم کي
سپر ظاهر ڪندي عالم انسانيت کي اوڙاهه ۾ اڇلڻ کان
به نه ٿا مڙن. بلڪه اهي پنھنجي اهڙي ڪڌي ڪم ۾
پنھنجو پاڻ کي حق بجانب تصور ڪن ٿا.
سيد هن خطبي ۾ سنڌ جي تصوف واري تحريڪ جي روشنيءَ
۾ اهڙي رجحان جي نفي ڪندي ظاهر ڪيو آهي ته، ”سنڌ
جي گهڻن درويشن ۽ سندن هم خيال عالمن جو انھيءَ
نظريي ۽ تشريح ۾ منڍ کان وٺي اعتقاد ڪونه رهيو
آهي. هو وحدت الوجود جي نظريي ۾ اعتماد رکڻ ڪري
ابتدا کان وٺي تعاون البقاءُ ۽ امن برائي ترقي جي
مسلڪ کي مڃيندا رهيا آهن، تصادم کي حيواني صفت
سمجهي رد ڪيو اٿن. هنن جملي ماڻھن کي هڪ وڻ جون
ٽاريون يا هڪ بدن جا عضوا پئي سمجهيو آهي.“ (خطبات
سيد، ص 64)
مٿي ذڪر ڪيل ڳالھين کان پوءِ سيد صاحب هن تحريڪ
سان لاڳاپيل ڪارڪنن لاءِ واضح ڪيو آهي ته:
”اسان جي ڪارڪنن کي هيٺيون ڳالھيون صاف طور ذهن ۾
ويھارڻيون آهن:
1)
اهي نظريا يا مذهبي تشريحون جي انسان ذات ۾ مذهبن
۽ قومن جي برتريءَ جي بنياد تي تفاوت ۽ دوئي پيدا
ڪري نفاق ۽ نفرت جو ڪارڻ بڻجن سي ڪھڙي به دلفريب ۽
رنگين انداز ۾ اسان جي سامھون پيش ڪيا وڃن، تن کي
قبول نه ڪرڻو اٿئون.“ (ص 64)
2)
اها علمي تشريح جا حق ۽ صداقت جي هڪ هٽي
(Monopoly)
يا ٺيڪيداري ڪنھن مخصوص گروهه کي ڄاڻي، تنھن کان
پاسي رهڻو اٿئون. (ص 64)
3)
تشدد ۽ اڳرائي کان هر حالت ۾ پاسو ڪرڻو اٿئون، زور
زبردستي هر صورت ۾ محبت ۽ ميلاپ، امن ۽ سلامتيءَ ۽
انساني ترقيءَ جي ورڌ آهن اسان کي وجود وڃائڻ يعني
فرد کي انسان ذات جي مفاد لاءِ ايثار ۽ قرباني جو
سبق سيکارڻو آهي انسان جو جهاد نفس اماره (خوديءَ)
سان هوندو نه الله جي مخلوقات جي مارڻ جو.
4)
اسان کي هيءَ ڳالھه صاف سمجهي ڇڏڻي آهي ته تنازع
البقا جو نظريو فسطائي تعليم جو جزو آهي. تنھنڪري
اسان کي ”تعاون براءِ ترقي“ جي نظرئي ۾ اعتقاد
رکڻو آهي ”لکم دينکم ولي دين“ جو بي مثل سبق اسان
جو مشعل راهه هئڻ گهرجي. جنھن کي انگريزي ۾ ڪو
اگزسٽنس (گڏجي رهڻ) يا ”باوجود اختلافن جي هڪ ٻئي
کي برداشت ڪرڻ ۽ گڏ رهڻ“ جي سبق کي ياد ڪرڻو
اٿئون.
سيد صاحب پنھنجي گهربل مقصد بيان ڪرڻ جي سلسلي ۾
جيڪي فلسفياڻي نوعيت واريون ڳالھيون ڪيون پئي، تن
۾ علم الانسان، انٿروپالاجي، علم الارض، آرڪيالاجي
۽ دنيا جي مختلف سماجي، توڙي مذهبي فلسفين جي فڪر
جا حوالا ڏنا پئي، جن مان اڪثر جو تعلق عربي ۽
فارسي ٻوليءَ سان هو. ان سان گڏ تصوف جي پيچيده
نُڪتن بابت جيڪو خيالن جو اظھار ڪيو پئي ويو، اهو
عام ماڻھوءَ جي سمجهه کان ٻاهر هو ۽ بزمِ صوفياءِ
سنڌ وارين ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندڙن جي گهڻائي عام
فھم ماڻھن جي هوندي هئي، جن جي اڳيان اهي ڳالھيون
ڪيون وينديون هيون ته جيئن اهي پيش ٿيندڙ ڳالھين
مان ڪي ڪارگر نُڪتا پرائي سگهن، پر اهي پيش ٿيندڙ
پيچيده خيال ته سندن سِر جي مٿان گذري ٿي ويا. عام
خلق خدا کي انھن خطبن مان ڪو لاڀ حاصل ٿيندي نظر
ڪونه پئي آيو، ان ڪري ان ڳالھه جي چُون پَچُون ٿيڻ
شروع ٿي وئي ته سيد صاحب طرفان پيش ڪيل خيال عام
ماڻھن جي سمجهه کان مٿاهان آهن. انھن مان عام
ماڻھو کي ڪو فائدو حاصل نه ٿو ٿئي.
ان ڳالھه کي نظر ۾ رکندي سيد صاحب پنھنجي هن خطبي
جي شروعات ۾ ئي واضح ڪيو هو ته:
”جيڪڏهن منھنجو هي خطبو فھم کان مٿي هجي ته معافي
ڏيندا، اهڙن خطبن ڏيڻ جو ڪارڻ پڌرو آهي“. سيد جا
اهي جملا ظاهر ڪن ٿا ته پاڻ انھن خطبن ۾ پڻ سمجهه
۾ نه ايندڙ پيچيدگي وارين ڳالھين کان انڪار ڪونه
ٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته انھن ۾ پيش ٿيندڙ ڳالھيون عام
ماڻھن لاءِ هيون ئي ڪونه، اهو ان ڪري جو سيد جي
خيال موجب: ”اسان جي ملڪ جي مکيه خرابين جو ڪارڻ
پڙهيل ۽ وڏا ماڻھو رهيا آهن، غريب عوام سادگيءَ ۽
صاف دلي سان هميشه سندس پوئلڳي پئي ڪئي آهي،
تنھنڪري منھنجو زياده تر خطاب انھن ئي ماڻھن طرف
آهي، جي پنھنجن خيالن ۽ عملن جي خامين ڪري عوام جي
گمراهيءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا.“ (خطبات
سيد،
ص 53)
سيد جي مٿئين بيان ڪيل راءِ بابت غور ڪري ڏسبو ته
سنڌي سماج جي پٺتي پوڻ جو بنيادي ڪارڻ پڙهيل ۽ وڏا
ماڻھو پئي رهيا آهن، انھن مان به پڙهيل، جن کي پاڻ
مڊل ڪلاس طور ياد ڪندا آهيون، اُهو پنھنجي ڪلاس
تبديل ڪرڻ واري چڪر ۾ سمورن سماجي قدرن وارا ليڪا
لتاڙيندو رهيو آهي. ايتري قدر جو وڏا ماڻھو جن کي
مٿيون ڪلاس چئجي ٿو. انھن ۾ به ڪي اهڙيون خانداني
روايتون هجن ٿيون، جن جي اهي پاسداري ڪندي فخر
محسوس ڪندا آهن. پر وچولو (پڙهيل) ڪلاس پنھنجي
خواهشن خاطر سڀ ليڪا لتاڙيو وڃي. ان جو سڀ کان وڏو
مثال انھن سياسي ۽ سماجي ورڪرن جو آهي، جيڪي اڳتي
هلي وڏن وڏن اهم عھدن تائين ته پھتا پر سندن عمل ۽
ڪارڪردگي، سماجي توڙي سياسي تبديليءَ جي سلسلي ۾
ٻين لاءِ مشعلِ راهه ثابت ڪانه ٿي نه رڳو ايترو پر
اهي خود مطلبي جي اثر هيٺ ڌارين آفيسرن کان به
وڌيڪ بدڪردار ثابت ٿيا آهن، ان سلسلي ۾ اصلاح آڻڻ
۽ سماج ۾ بلند ڪردار ورڪر پيدا ڪرڻ واريون جيڪي
ڪوششون پئي ٿيون آهن ان جو چوٿون حصو به جيڪڏهن
پڙهيل نوجوان تي اثر ٿئي ها، ته سنڌي سماج جي
موجوده ڪسم پرسيءَ واري حالت نه هجي ها، ان
صورتحال جي مدِنظر سيد صاحب مختلف مفڪرن جا حوالا،
فلسفياڻيون ڳالھيون ۽ ڪي شاعراڻا گفتا به انھن ئي
پڙهيل ۽ وڏن ماڻھن جي موجودگيءَ کي نظر ۾ رکندي،
خطبن ۾ استعمال ڪيا پئي ته جيئن ان ڪلاس جي ذهن تي
اهڙيون ڳالھيون اثرانداز ٿي سگهن.
هن محفل ۾ محترم جي.ايم.سيد طرفان پيش ڪيل خطبي
کان پوءِ ٻاهران آيل مهمانن مان قاضي فيض محمد،
حيدربخش جتوئي، حفيظ قريشي ۽ غلام محمد گرامي سنڌ
جي تاريخي اهميت قومي بيداري، علم ادب ۽ بزمِ
صوفياءِ سنڌ جي اهميت ۽ افاديت، مقصدن ۽ مرادن تي
روشني وجهڻ لاءِ تقريرون ڪيون.
تنھن بعد شاعريءَ جي مجلس منعقد ڪئي وئي. جنھن ۾
’پروانو ڀٽي‘، ’نور عباسي‘، ’عارف الموليٰ‘، ’حيدر
بخش جتوئي‘ ۽ ڪجهه مقامي شاعرن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن
جي خوبين ۽ سنڌ جي ثقافت کي نروار ڪندڙ شاعري پڙهي
عوام جون دليون گرمايون.
آخر ۾ محفل موسيقي جو پروگرام ٿيو، جنھن ۾ مقامي
راڳيندڙن کانسواءِ حسين بخش خادم، مصري فقري، يوسف
خان بينن وارو، خورشيد علي خان، منظور علي خان ۽
ٻين محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
مددي ڪتاب:
1-
سيد، جي.ايم، خطبات سيد، (1975ع) نئين سنڌ
پبليڪيشن ڪراچي.
2-
بزمِ صوفياءِ سنڌ، تقريرون ۽ ڪارگذاري (1967ع)
رسول بخش پليجو، سيڪريٽري بزم صوفياءِ سنڌ.
|