سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2024ع

باب:

صفحو:2 

تحقيق

جنم: 1925ع

وفات: 2008ع

 

 

 

سن 1947ع ۾ آزاديءَ جي وقت سنڌ جي ماضيءَ بابت اسان جي ڄاڻ ڪھڙي هئي

(الف) سال 2300 ق.م. کان اڳ جي سنڌ جي تاريخ بابت اسان کي تمام ٿوري خبر هئي. سنڌ جي الھندن جبلن ۾ مجمدار جي تحقيقات مان، ظاهر ٿيو هو ته سنڌو ثقافت کان اڳ جا ڪي آثار اُتي موجود هئا، پر سمجهيو ويندو هو ته اهي انھن ماڻھن جون وسنديون هيون، جيڪي ايران مان لڏي آيا هئا. اهڙيءَ طرح انھن وسندين جي نتيجي ۾ آخرڪار موهن جو دڙو، هڙاپا ۽ ٻيا شھري مرڪز وجود ۾ آيا. اهي وسنديون موهن جي دڙي کان ٻه ٽي صديون اڳ جون سمجهيون وينديون هيون.

(ب) سنڌوسڀيتا جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي، پر ان جي حدن بابت معلومات ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ مڪران ڊويزن تائين محدود هئي. شھرن جي روزمره جي زندگي، رهائشي حالتن، اقتصاديات، فصلن جي قسمن، اچ وڃ ۽ ڏي وٺ جي ذريعن، مذهبي عقيدن وغيره بابت پڻ معلومات موجود هئي.  ترقي يافته شھري منصوبه بندي، گهرن جي اڏاوت، صحت صفائي، پاڻيءَ جو انتظام ۽ نيڪال جو سرشتو به چڱيءَ طرح معلوم هو ۽ جنھن جي واکاڻ به ٿيندي هئي.

(چ) آرين کي رولاڪ ۽ دهقاني، سنڌ جي رهاڪن کان گهٽ تھذيب يافتو سمجهيو ويندو هو. هنن لاءِ چيو ويو هو ته انھن سنڌو ثقافت جي شھرن کي رٿن ۽ بھتر هٿيارن جي مدد سان تباهه ۽ برباد ڪيو هو.

(د) مھاڀارت جي ڏندڪٿائي قصن کي تاريخ جو نالو ڏنو ويو هو، ۽ جئدرٿ کي سنڌ جو سچو حاڪم سمجهيو ويو هو.

(هه) اخمينين (هخامنشين) جي سنڌ فتح ڪرڻ جي ڄاڻ ’نقشِ رستم‘ ۾ کوٽاين ۽ هيروڊوٽس جي تاريخن مان ملي. سمجهيو اهو ويندو هو ته هنن سنڌ تي 325ق.م. ۾ سڪندر جي فتح جي وقت تائين حڪومت ڪئي هئي.

(و) سنڌ ۾ موريه راڄ جي خبر ته هئي، پر سنڌ جي تاريخ جي اٽڪل 200 ق.م کان 500 عيسوي تائين، پوري يقين سان ڄاڻ نه هئي.

 

 (ز) چچ نامي ۽ بلاذريءَ جي ڪري راءِ خاندان، ۽ برهمڻ گهراڻن جي ڄاڻ هئي، جيتوڻيڪ انھن سڀني ماخذن جو نه چڱيءَ طرح استعمال ڪيو ويو هو، ۽ نه انھن جي پوريءَ ريت ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي هئي، جنھنڪري اُميه ۽ عباسي دورن بابت تمام گهٽ معلومات هئي.

(ح) سنڌ ۾ هباري حڪومت ۽ سندن تاريخ وار سلسلو ڊاڪٽر دائودپوٽي تيار ڪيو هو، پر ان جي تفصيلي مطالعي جي ضرورت هئي.

(ط) تاريخ بھادر شاهي، ۾ جيڪا هن وقت اڻلڀ آهي، ۽ سومرا ۽ سمان گهراڻن بابت جيڪا ٿوري معلومات ڏنل هئي، ان کان وڌيڪ ٻي ڪا به خبر نه هئي. ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪوشش ڪري سنڌ ۾ محمد تغلق ۽ فيروزشاهه جي حملن تي روشني وڌي هئي. سومرا ۽ سمه دور تي جيڪو لوڪ ادب ملي ٿو، اهو حقيقت ۾ پندرهين صديءَ ۾ تيار ڪيو ويو هو، ۽ اِهي انھن بيتن جو نقل آهن جيڪي پندرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ راجستان، گجرات ۽ ڪڇ ۾ چيا ويا هئا، اها تاريخ نه هئي، پر ان هوندي به ان کي تاريخ ئي سمجهيو ٿي ويو.

(ي) ارغون، ترخان ۽ مغل دورن بابت ڄاڻ جو بنياد تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام تي هو، ترخان نامو، بيگلارنامو ۽ تاريخ طاهري قلمي نسخن جي صورت ۾ هئا، ۽ عام ماڻھن کي انھن جي خبر به نه هئي. انھن مان ورتل اقتباس به پوريءَ طرح ڪارائتا نه هئا.

(ڪ) جيتوڻيڪ سورلي 17 ۽ 18 صدين ۾ سنڌ جي اقتصادي، سياسي ۽ سماجي حالتن جو مطالعو ڪيو هو، جيڪو انگريزي واپاري ڪوٺين جي رڪارڊ ۽ يورپ جي انھن سيلانين جي بيانن مطابق هو، جيڪي واقعي سنڌ ۾ آيا هئا. پر ان ڪتاب مان سنڌ ۾ مغلن جي صوبائي سرشتي جي تمام گهٽ ڄاڻ ملي ٿي. مغلن واري دور جي تاريخ جي ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي هئي، تنھنڪري ان زماني کي سونھري دور چوڻ حقيقي صورتحال جي برخلاف هو.

(ل) ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي دورن تي ڪابه تاريخ موجود نه هئي. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي سال 1934ع ۾ برپا ٿي هئي. ان سوسائٽيءَ وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان سال 1799ع کان 1943ع تائين، انگريزن ۽ ٽالپرن جي تعلقات تي هر قسم جا دستاويز ۽ معلومات هٿ ڪري اهو مواد پنھنجي رسالي جي 28 پرچن ۾ شايع ڪيو. اهي مضمون آڏواڻيءَ، ماڙيوالا، ڊيو آرٽ ۽ مير چنداڻيءَ مرتب ڪيا، پر انھيءَ دور تي ڪو ترتيب وار ڪتاب نه لکيو ويو.

(م) سنڌ ۾ انگريزي راڄ جي سرشتي جي تاريخ ڪنھن به مڪاني ماڻھوءَ نه لکي، ڇاڪاڻ ته سمجهيو ويندو هو ته اهڙو ماڻھو حڪومت سان مليل ۽ ان جو ايجنٽ آهي. انگريزي راڄ جي سرشتي تي بھترين مواد سنڌ جي گزيٽيئرن ۾ ڏنل آهي.

مختصر طور ته آزاديءَ جي وقت تائين سنڌ جي ماضيءَ بابت اسان جي معلومات جي اها صورتحال هئي.

ايم.ايڇ پنهور

 

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

 

 

 

’گنج‘ کان وڌيڪ اوائلي هڪ

’شاهه جي رسالي‘ جي دريافت

 

شاهه عبداللطيف (1102/1689-1165/1752) جي شاعريءَ بابت اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته سندس ڪلام جو مجموعو زندگيءَ ۾ ته ٺھيو، پر سندس وفات کانپوءِ به ڪيترن سالن تائين مرتب نه ٿي سگهيو، جيئن سندس تڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن ۽ ملفوظات جو مجموعو ’بيان العارفين‘ هن جي وفات کان فقط ڇھه سال پوءِ مرتب ڪيو ويو. ليڪن شاهه جي ڪلام جي باري ۾ اها به وڏي حقيقت آهي ته سندس اهو ڪلام فقيرن جي سينن ۾ محفوظ رهيو، جيڪي ان کي وقت بوقت ڳائي ياد رکندا هئا. بھرحال هن مھل تائين ٿيل تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته شاهه جي ڪلام جا پھريان مجموعا ٻارهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ مرتب ٿيا، جيڪي سُر سسئي سان شروع ٿيندڙ هئا، باقي سُر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ رسالا هڪ صدي پوءِ تيرهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ مرتب ٿيڻ لڳا، ٻنھي قسمن جا رسالا سنڌ جي ڪتبخانن خاص طور سنڌالاجي ۽ سنڌ آرڪائيوز ۾ محفوظ آهن.

هتي پس منظر طور اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جي رسالي تي تحقيق ڪندي ان جو معياري مستند متن (A Standard Critical Text) ڏهن جلدن جي صورت ۾ 1989ع کان 1998ع دوران مڪمل ڪيو. ان تحقيق دوران هن خاص طور ڇائيتاليھه قلمي نسخن کي سامھون رکيو، جن مان بلڪل اوائلي ڏهن رسالن جو مجموعي متن 1977ع ۾ شايع ٿيو هو. تازو اسان کي لاڙڪاڻي مان شاهه جي رسالي جو هڪ اهڙو مختلف قلمي نسخو مليو آهي. هتي اسان اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ان کي گنج کان وڌيڪ اوائلي رسالن ۾ ڇو ۽ ڪيئن شمار ڪري سگهجي ٿو.

سُر سسئي

اوائلي رسالا جيڪي مڪمل صورت ۾ دستياب ٿيا آهن اهي يڪي گڏيل سُر سسئي سان شرع ٿين ٿا، جن ۾ سڀ کان پھرين برطانوي ميوزم وارو نسخو يعني متحف ٻيو انڊيا آفس لنڊن وارو قلمي نسخو ۽ ٽيون منصوره وارو قلمي نسخو يعني ص خاص طور قابل ذڪر آهن. ڊاڪٽر بلوچ سُر سسئي سان شروع ٿيندڙ اهڙن ڏهن رسالن جو مجموعي متن 1977ع ۾ شايع ڪيو هو، جنھن ۾ مٿين ٽن مڪمل رسالن جا بيت شامل آهن ته باقي ستن نامڪمل رسالن مان  مليل بيت ۽ وايون به شامل آهن.(1)

هن مجموعي جي خاص ڳالھه اها آهي ته ضميمي طور ڏنل پٽيءَ مان اها خبر پئجي سگهي ٿي ته، ڪھڙو بيت ۽ ڪھڙي وائي ڪھڙي رسالي ۾ موجود آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪنھن به نئين ملندڙ نسخي جي ڀيٽ ڪري معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ان جو اهو بيت ٻئي ڪھڙي اوائلي نسخي ۾ آهي يا نه!

موجوده نسخو جيئن ته لاڙڪاڻي جي هڪ راشدي خاندان جي ملڪيت هو، اسان ان جي راش جي نالي سان سڃاڻپ ڪرائي آهي. هي نسخو به نامڪمل آهي، جو ان جا اڳيان 43 صفحا کُٽل آهن ۽ اهڙيءَ طرح آخر ۾ به ڪجهه ورق کُٽل آهن، جنھنڪري ان جي لکجڻ جي تاريخ وغيره به ڪونھي. ليڪن بنيادي ڳالھه هيءَ آهي ته، هي رسالو انھيءَ نامڪمل صورت ۾ به 548 صفحن تي مشتمل آهي.(2)

هن نسخي کي اسان خاص طور متحف ۽ ص جھڙن اوائلي نسخن سان تفصيلي طور ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، متحف ۾ 28 سُر 1822 بيت ۽ 86 وايون آهن. ص جي فھرست ۾ به 28 سُرن جا نالا ڄاڻايل آهن، جن ۾ ڪل بيت 1869 ۽ 18 وايون آهن. انڊيا آفس واري نسخي ۾ 26 سُر آهن ۽ بيتن جو تعداد 1443 ۽ وايون 53 آهن.

راش قلمي نسخي جو پھريون ورق جيڪو 43 صفحي کان شروع ٿئي ٿو

راش قلمي نسخي جو آخري ورق جيڪو 548 صفحي

تي ختم ٿئي ٿو

ڊاڪٽر بلوچ کي انھن ڏهن رسالن کان پوءِ، جڏهن هڪ ٻيو قلمي نسخو علي احمد ٽالپر وٽان دستياب ٿيو ته، ان جي شناخت عل طور ڪرايائين، جنھن ۾ 29 سُر آهن ۽ ان ۾ 2215 بيت آهن ۽ واين جو انداز 113 آهي.(3)

مٿي ڄاڻايل رسالن مان اسان جڏهن راش جو انھن سان مقابلو ڪيو، ته معلوم ٿيو ته راش ۾ 28 سُرن جي ترتيب بلڪل اها ساڳي آهي، جيڪا ص ۾ آهي ۽ اها هن ريت آهي: (1) سسئي (2) بروو (3) سنھڻي (4) رامڪلي (5) ڪاموڏ (6) ڪارايل (7) جمن ڪلياڻ (8) کنڀات (9) سر راڳ (10) سامونڊي (11) هير رانجها (12) هندي بيراڳ (13) گهاتو (14) سورٺ (15) کاهوڙي (16) پرڀاتي (17) ڪاپائتي (18) رپ (19) بلاول صبحي (پرڀاتي جاجڪاڻي) (20) ڍول مارئي (21) مارئي (22) ڌناسري (23) ليلا چنيسر (24) آسا (25) بلاول (صبحي) (26) راڻو مومل (27) سارنگ (28) ڪيڏارو. (4)

سُرن جي اها ترتيب ص کان سواءِ ٻئي ڪنھن به رسالي ۾ ساڳي ناهي، مثلاً متحف ۾ سسئي کانپوءِ ٻيو سُر سھڻي آهي ۽ ٽيون پورب ۽ رامڪلي وغيره. اهڙيءَ طرح انڊيا آفس واري نسخي ۾ پھريان ٽي سُر ساڳيا متحف وارا آهن ۽ ان کان پوءِ ان جي پنھنجي ترتيب آهي، هتان اسان کي اهو پڪو اشارو مليو ته راش جي وڌ ۾ وڌ مشابھت جو امڪان ’ص‘ رسالي سان ٿي سگهي ٿو. هاڻي اسان اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته راش ۾ بيتن ۽ واين جو ڪل تعداد ڪيترو آهي ۽ خاص طور سسئي ۾ اهو انگ ڪيترو آهي، ڇو ته انھيءَ ۾ سُر جا پھريان 43 صفحا کٽل آهن. راش جو موجود کٽل نسخو سسئي جي هيٺين بيت جي آخري ٻن سٽن سان شروع ٿئي ٿو.(5)

پسندهين پنھونءَ کي، اکين آيو آرام

ناتر چايان نام، جي مون نئو پاڻ سين.

ڏهن رسالن جي ضميمي ۾ ڏنل پٽيءَ مان معلوم ٿيو ته متحف ۽ ص رسالي ۾ اهو بيت 59 نمبر تي آهي، گويا ص ۾ هن بيت کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ 58 بيت آهن جن ۾ هڪ وائي به شامل آهي. اسان وٽ موجوده نامڪمل راش ۾ اُن بيت کان سُر جي آخر تائين باقي ڪل 417 بيت ۽ 29 وايون آهن. هاڻي جيڪڏهن ص وارو مٿيون انگ راش سان ملائجي ته ان ۾ ڪل بيتن جو تعداد 475 ٿيندو ۽ واين جو تعداد 30 ٿيندو. هتي اهو ٻڌائجي ته ص ۾ سُر سسئيءَ ۾ بيتن جو ڪل تعداد 456 ۽ واين جو تعداد 30 آهي.(6) متحف جيڪو ڇاپي صورت ۾ موجود آهي ان ۾ بيتن جو تعداد 408 ۽ 24 وايون آهن.(7) هن کان پوءِ اسان انھن ٽن رسالن جي ڀيٽ ڪري ڪنھن حتمي نتيجي تي پھچڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هاڻي سڀ کان پھرين سوال آهي ته راش ۾ بيشڪ پھريون سُر سسئي آهي، پر جيئن ته ان جا پھريان 43 صفحا کُٽل آهن ته، اهو سُر ڪھڙي بيت سان شروع ٿيندو هوندو. ص ۽ متحف جي 59 بيت کان اڳتي گهٽ ۾ گهٽ 78 بيت تائين ٻنھي رسالن ۾ بيتن ۽ واين جي ترتيب تقريباً ساڳي آهي. بلڪه 58 کان اڳ ۾ يعني پھرين بيت تائين پڻ ٻنھي ۾ بيتن ۽ واين جي ترتيب ساڳي آهي. راش ۾ به 58 کان اڳتي تقريباً 137 تائين بيتن جي ترتيب تقريباً ساڳي آهي، ان ڪري اهو پڪو گمان ڪري سگهجي ٿو ته راش جو پھريون بيت جنھن سان سُر سسئي شروع ٿئي ٿو، اهوئي آهي جنھن سان متحف ۽ ص شروع ٿين ٿا.

پرتوؤ پنھونءَ جو، جهڙ جيئن جهالا ڏي

آءُ تنھن آريءَ کي، وٺيو راه روئان گهڻو.

هڪڙي اها ڳالھه ئي راش جي اوائلي هجڻ جي پڪي شاهدي آهي.

راش جا آخري ٻه سُر ساڳيا ۽ ڪيڏارو به اڻپورا آهن. ليڪن ان صورتحال جي باوجود ان ۾ موجود بيتن جو ڳاڻيٽو 2145 ۽ واين جو تعداد 94 آهي. ظاهر آهي ته راش ۾ بيتن جو تعداد ص کان ٻن سون کان زياده آهي. البت واين جو تعداد ص ۾ زياده آهي، ان لحاظ کان راش عل رسالي سان به ملندڙ جلندڙ آهي، جنھن ۾ بيتن جو تعداد 2215 ۽ واين جو تعداد 113 ٻڌايو ويو آهي.(8)

سُر سسئي جو مشھور بيت جنھن جي مثنوي روميءَ جي پھرين بيتن سان مشابھت آهي اهو راش ۾ هن طرح آهي:

وڍئل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري

هن پن سارئا پانھجا، هُوءَ هنجهون ٿي هاري.

متحف ۾ اهو بيت هن طرح آهي: (9)

وڍئل ٿي وايون ڪري، هي ڪُٺل ڪوڪاري.

هُوءَ هنجھون هڏن لئه هاري، هن پن پانھجا ساريا.

گنج جيڪو پوئين دور جو اوائلي رسالو آهي، جنھن ۾ پڻ سُر سسئي يڪو هڪ گڏيل سُر آهي. ان رسالي جي شروعات ئي ان بيت سان ٿئي ٿي جنھن جو مقصد غالباً مثنوي روميءَ سان مشابھت ڏيکارڻ هو، ان ۾ اهو بيت هن طرح آهي: (10)

وڍي ٿــــــــي وايــــــــون ڪري، ڪُٺــــــــل ڪوڪاري

هن پن پنھنجا سارئا، هُوءَ هنجھون هڏن لئه هاري.

راش ۽ ٻين رسالن ۾ قافيو بيت جي آخري سٽن ۾ آهي جڏهن ته متحف ۾ اهو پھرين سٽ جي آخر ۽ ٻي سٽ جي وچ تي آهي، پھريون بيت گويا دوهي جي سٽاءَ تي ۽ پويون سنڌي بيت جي سٽاءَ مطابق آهي.

متحف ۾ سُر سسئي هيٺ بيتن ۽ واين جو ڪل تعداد 408 آهي ۽ ص ۾ اهو تعداد 456 آهي ۽ راش ۾ اسان جي ڳڻپ موجب اهو انگ 505 جي لڳ ڀڳ آهي. ليڪن گنج ۾ اهو تعداد 919 آهي(11). جيڪو اوائلي رسالن جي ٻيڻ برابر آهي. گنج ۾ ايڏي اضافي جو هڪڙو واضح سبب اهو ٿو نظر اچي ته اڪثر بيتن جي پھرين سٽ جي پھرين اڌ کي ورائي ورائي ڪجهه وڌيڪ لفظن سان گهڻا بيت نظر اچن ٿا، مثلاً:

ڏير ڏمرجي هلئا، بر ڪاهي بوتا(12)

’ڏير ڏمرجي هلئا‘ جي شروعاتي لفظن سان يارهن بيت ملن ٿا.

ائين ’آءُ نه گڏي پرينءَ کي‘ سان شروع ٿيندڙ ڏهه بيت آهن، ’ڪرڙا ڏونگر ڪو گهڻي‘ سان شروع ٿيندڙ اٺ بيت آهن، ’وارو ور وٺي ويا‘ سان شروع ٿيندڙ ڇھه بيت آهن. ’اڌ نڌر اڀري‘ سان شروع ٿيندڙ ڇھه بيت آهن. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا آهن، جن جا مثال هتي پيش نه ٿا ڪري سگهجن.

تحقيق جي لحاظ سان اهو به ثابت ٿيو آهي ته، جيئن اوائلي رسالو تيئن ان ۾ بيتن ۽ واين جو تعداد گهڻو گهٽ آهي، ان ڪري راش، متحف ۽ انڊيا آفس جي مقابلي ۾ ص ۽ عل جي جوڙ جو رسالو آهي.

سُر بروو

هن سُر هيٺ راش ۾ 32 بيت ۽ 2 وايون آهن، ان جي مقابلي ۾ ص ۾ 25 بيت ۽ هڪ وائي آهي، جڏهن ته متحف ۾ 26 بيت ۽ هڪ وائي آهي، ٽنھي رسالن ۾ پھريون بيت ساڳيو آهي:

اڄ پڻ اکڙين، پنھجا سڄڻ ساريا

ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن

سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لھي.

ٽنھي رسالن ۾ شروعاتي 13 بيت بلڪل ساڳيا ۽ ساڳي ترتيب ۾ رکيل آهن، راش  ۾ هيٺيون ٻه وايون آهن:

(1) ٻاروچي جي ذات، سڄڻ ٻاروچي دلبر جي ذات.

(2) هاڻي ايندو هاڻي ايندو، الا منھنجو سڄڻ وو هاڻي ايندو.

پھرين وائي متحف ۾ آهي پر ص ۾ ڪونهي، ٻي وائي ص ۾ آهي پر متحف ۾ ڪونهي. ان جو مطلب ته راش جو ماخذ انھن ٻنھي کان الڳ سمجهڻ گهرجي.

راش ۾ هيٺيون بيت ملي ٿو جيڪو ص ۽ متحف ۾ ڪونهي. بلڪه ڏهن رسالن جي مجموعي ۾ به ڪونهي:

ڪڏهن تان ڪونه ٿئوم، اسارو تنھن عشق جو

محبوبن ڪـــــــري منتون، سڪڻ سيکارئـــــــوم

تھان پـــــوءِ ٿئــــــوم، پاڻھه پسڻ پريــــــــن جو.

البت هي بيت ٻئي اوائلي رسالي عل ۾ موجود آهي(13). ان کان پوءِ اهو بيت گنج ۾ موجود آهي. ’عقابيل‘ لفظ سان ٽئي بيت متحف ۽ ص ۾ سُر بروو ۾ ملن ٿا، ليڪن راش ۾ اهي بيت سُر بروو ۾ رکيل ناهن، بلڪه جمن و ڪلياڻ جي گڏيل سُر ۾ ملن ٿا. ساڳيءَ ريت اهي ٽي بيت عل رسالي ۾ به جمن و ڪلياڻ ۾ آهن.(14) هتي گويا راش جي عل سان وڌيڪ مناسبت معلوم ٿئي ٿي.

سُر سنھڻي

راش ۾ هن سُر کي رڳو سنھڻي ڪري لکيو ويو آهي جڏهن ته متحف  ۽ ص  ۾ ان کي ’سھڻي يعني توڏي‘ لکيو ويو آهي. راش  ۾ 137 بيت ۽ 11 وايون آهن جڏهن ته ص  ۾ 66 بيت ۽ 8 وايون آهن، اهڙيءَ طرح متحف  ۾ صرف 53 بيت ۽ 10 وايون آهن. بيتن ۾ ٻيڻ تي فرق ٻئي ڪنھن به سُر ۾ نظر نٿو اچي، بھرحال ٽنھي رسالن ۾ سُر جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿو:

پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ

لالڻ تنين لڌ، عشق جنين جي اڳ ۾.

راش  ۾ 11 واين منجھان صرف 5 ساڳيون آهن جيڪي متحف  ۾ به آهن ته ص  ۾ به آهن، هيٺين وائي اهڙي آهي جيڪا راش  کان سواءِ فقط عل  ۽ گنج  ۾ ملي ٿي.(15)

ويٺي ڪين وساري، ديوان دلبر جاني.

اهڙيءَ طرح هڪ ٻي وائي جنھن جا شروعاتي ٻول هن ريت آهن: (16)

نيڻان ڪُہ ڄاڻان ڪيڏانھين، منھنجو تن تڻي تيڏانھن.

اها وائي ڪجهه لفظن جي ڦيرگهير سان ۽ هڪ وڌيڪ سٽ سان عل  ۽ گنج   ۾ ملي ٿي.

راش  ۾ ٻه وايون اهڙيون آهن جيڪي موضوع جي لحاظ کان سُر سسئي جون آهن، پر هتي سُر سنھڻي ۾ داخل آهن، جن مان هيٺينءَ کي ته بيت سمجهي داخل ڪيو ويو آهي:

جيڏيون آءُ تان نه چوندي لو، ڏک ڏوراپو.

ٻي وائي جا ٻول هي آهن:

ادا ڙي ڏوٿي، پڇان آءُ تو ٿي.

پھرين وائي اوائلي رسالن مجهان عل  ۽ گنج   ۾ سنھڻي ۾ داخل آهي، بلڪل ساڳيءَ طرح ٻي وائي انھن ساڳين اوائلي نسخن کان سواءِ ص  ۾ به سھڻيءَ هيٺ ملي ٿي.(17)

هتان گويا وڌيڪ ثبوت مليو ته راش  اوائلي رسالن مجهان آهي.

سُر رامڪلي

اوائلي رسالن ۾ رامڪلي سان پورب گڏ آهي، يعني اهو هڪ سُر آهي. متحف  ۽ ص   ۾ ان جو نالو پورب و رامڪلي آهي ليڪن راش  ۾ رڳو رامڪلي نالو آهي جنھن ۾ پورب شامل آهي.

راش  ۾ ڪل 213 بيت ۽ وايون آهن، جڏهن ته ص   ۾ 131 بيت ۽ 7 وايون آهن. متحف  ۾ 151 بيت ۽ 7 وايون آهن. ان کانسواءِ متحف  ۾ تمر فقير جي نالي سان 44 بيت بلڪل الڳ موجود آهن. راش  ۽ ص  ۾ اهي تمر وارا بيت وچ ۾ مليل آهن.

راش  ۾ پھريون بيت هي آهي جيڪو متحف  ۾ ٻيو آهي:

ميڙئو ڀاڻ ڀريون ڪئو جوڳي جلائين

سامي سڱڙين سين، خوديءَ کي کائين

هوءَ جي تار نه تڳائين، آءُ نه جيئندي ان ري.

متحف  ۽ ص  جو پھريون بيت هن سٽ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو راش  ۾ ڪونهي.

مونا طور سينا، سدا سناسين.

جيستائين واين جو تعلق آهي ته راش  ۾ اٺ وايون ملن ٿيون، جن مان هڪ شاهه حسين جي پنجابي ڪافي آهي جنھن جا شروعاتي ٻول هن ريت آهن:

ڳلي ڪرو ڦيري، عمر لاهه گلي ميري.

هن وائيءَ جون ڪل ٽي مصراعون آهن، اها وائي راش  کان سواءِ صرف عل  ۾ آهي(19) ۽ پوءِ گنج  ۾ آهي.

متحف   ۾ رامڪليءَ هيٺ ٻارهن ڏينھن وارا بيت ڪونھن. ساڳيءَ ريت اهي راش  ۾ ڪونھن، ليڪن ص  ۾ آهن، جيئن ته متحف  کي سڀ کان وڌيڪ اوائلي تسليم ڪيو ويو آهي.(18) ان لحاظ کان راش  به ص  کان وڌيڪ اوائلي چئبو يا وري راش  کي متحف   ۽ ص   جي وچ واري ڪڙي شمار ڪري سگهجي ٿو.

سُر ڪاموڏ

راش  ۾ 38 بيت ۽ هڪ وائي آهي، جڏهن ته ص  ۾ 34 بيت ۽ هڪ وائي آهي، ۽ متحف  ۾ 33 بيت ۽ هڪ وائي آهي. ٽنھي رسالن ۾ پھريون بيت ساڳيو هيٺينءَ ريت آهي:

تن سمون آءُ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ

پسي راڻين روءِ، متان مانڱر مٽيين.

ٽنھي رسالن ۾ ساڳي هڪڙي وائي آهي، جنھن جا شروعاتي ٻول هن ريت آهن:

هيري هٿ وڌائين، هيري هٿ ڪئائين،

ويھي ساٽين وچ ۾.

راش  ۾ هيٺيون مشھور بيت موجود آهي:(20)

نڪي ڄام ڄائيو، نڪو ڄام وياءَ

نندي وڏي گندري، سڀني آه سياءَ

لم يلد ولم يولد، اِيءَ بخابت نياءَ

ڪبر ڪبرياءَ، تخت تماچيءَ ڄام جو.

هيءُ بيت متحف   ۽ ص   ۾ ڪونھي، بلڪه ڏهن رسالن جي مجموعي ۾ به ڪونھي. ليڪن گنج  ۾ آهي، هتان معلوم ٿيو ته راش  جو سرچشمو انھن سڀني کان الڳ آهي.

اهڙيءَ طرح ايڪ پيالو ٻه ڄڻا وارا ٽي بيت جيڪي راش  ۾ هن سُر هيٺ ملن ٿا، متحف  ۽ ص  ۾ به ڪاموڏ هيٺ رکيل آهن. هوڏانھن اهي ساڳيا بيت گنج   ۾ وري ڪلياڻ ۽ جمن هيٺ داخل آهن.(21) پر عل  ۾ ڪونھن. ان لحاظ کان معلوم ٿيو ته راش، متحف ۽ ص  جن کي ڪاتبن بياض ڪري لکيو، ڇو ته رسالي جو نالو اڃا رائج ڪونه ٿيو هو، واري روايت سان ملي ٿو.(22)

                                        سُر ڪارايل

راش  ۾ 32 بيت آهن ۽ ٻه وايون آهن ۽ ان جي مقابلي ۾ ص  ۾ به 32 بيت ۽ ٻه وايون. متحف  ۾ 26 بيت آهن ۽ ڪابه وائي ڪونھي. ٽنھي رسالن جو پھريون بيت ساڳيو هن ريت آهي:

وحــــــــده وائــــــــي، چڙهندي چيائـــــــون

سو لُڙ لنگهيائون، جتي پارک پکيان.

راش  ۽ ص  ۾ ساڳيون ٻه وايون آهن جن جون شروعاتي سٽون هن ريت آهن:

پھرين:   جيڪر جيڏين لو، ڪوه سندا نين چاريان

ٻي:      هوت بلوچي جي آهيان، آءُ آهيان جيڏيون، الو، الو!

جيتوڻيڪ راش  ۽ ص  ۾ بيتن جو تعداد ساڳيو آهي، پر سڀ بيت ساڳيا ناهن. مثلاً هي بيت راش  ۾ آهي:

سوسر، سوئي هنج، سو پکي سو پڃرو

پيھي جان پروڙئو، مون پنھنجو منجهه

ڏيل جنھنجو ڏنج، سو ماري ٿو منجهه چُري.

پر اهو بيت ص  توڻي متحف  ۾ ڪونھي، بلڪه ڏهن رسالن جي مجموعي ۾ به ڪونھي. عل   ۽ گنج ۾ آهي.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته متحف   جنھن کي سڀني رسالن ۾ اوائلي تسليم ڪيو ويو آهي، ان ۾ سُر ڪارايل سان گڏ تمر فقير جا 16 بيت بلڪل الڳ ’از گفتار تمر فقير‘ جي عنوان تحت موجود آهن، جن مان 8 بيت ص  ۾ به شامل آهن. ليڪن انھن مان ڪوبه بيت راش  ۾ ڪونھي. ان جو مطلب  ته راش  جو ماخذ ٻنھي متحف  ۽ ص  کان الڳ آهي.

سُر جمن و ڪلياڻ

اوائلي رسالن ۾ اهي ٻئي سُر گڏيل يعني هڪ آهن، راش  ۾ هن يڪي سر هيٺ 175 بيت ۽ 5 وايون آهن، انھن مان وري جمن ۾ ڪل 51 بيت ۽ هڪ وائي آهي، جڏهن ته ڪلياڻ ۾ 119 بيت ۽ 4 وايون آهن.

ص  ۾ هن يڪي سر هيٺ 128 بيت ۽ ٽي وايون آهن، جڏهن ته جمن ۾ 51 بيت ۽ هڪ وائي آهي ۽ ڪلياڻ ۾ 77 بيت ۽ ٻه وايون آهن.

متحف  ۾ ڪل 140 بيت آهن ۽ ڪا وائي ڪونھي.

ٽنھي رسالن ۾ گڏيل يڪي جمن و ڪلياڻ جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي:

پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هٽ حبيب جو

نيزي هيٺان نيہ جي، پاسي پاڻ نه ڪن

عاشق اجل سامھان، اوچي ڳاٽ اچن

ڪُسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.

راش  ۾ جمن هيٺ وائي جا ٻول هن ريت آهن:

گهايل ڪيتي يار وي عشق تُساڏي

مين عاجز ڪيتي وو

ص  ۾ اها وائي ڪونھي، اتي هڪ ٻي وائي آهي.

راش  هيٺ ڪلياڻ ۾ چئن واين جون شروعاتي مصراعون هن ريت آهن:

(1)  عشق رنجهن دا لگا مينون ماهي

(2) رانجها وو مين تيڏڙي آهيان

(3) سيڻن وٺڙئو هو سوچن وو، جهليا جهليا وو،

(4) عشق تمام بره تمام وو، مين ڪيتي يار لوڪا.

ص  ۾ چئن منجهان پھريون ٻه وايون موجود آهن.

جيستائين جمن هيٺ، مٿي ڏنل اڪيلي وائي جو تعلق آهي ته، اها ڪجهه لفطن جي ڦيرگهير سان عل  رسالي ۽ گنج  ۾ موجود آهي.(24) پوين چئن واين مان ’عشق تمام، بره تمام‘ واري وائي پڻ عل  ۽ گنج   ۾ موجود آهي. هتان راش  جي عل  سان گهڻي مشابھت معلوم ٿئي ٿي.

شاهه جي رسالي جو پھريون بيت جيڪو ’اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي‘ سان شروع ٿئي ٿو، اوائلي رسالن مان فقط عل  رسالي ۾ ملي ٿو ۽ ان کانپوءِ گنج  ۾ ملي ٿو، راش  ۾ اهو بيت بلڪل ساڳي صورت ۾ ملي ٿو. ياد رهي ته هي بيت ص  ۽ متحف  ۾ ڪونھي.

اوّل الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي

قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آهه قديم

والي واحد وحده، رازق رب رحيم

سو ساراهيان سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم

ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون سَڀ جھان جون.

پوين ٻن سٽن ۾ ’ساراهيان‘ ۽ ’جوڙون سَڀ جهان جون‘عل  جي پڙهڻيءَ مطابق آهن، گنج  ۽ پوين اڪثر رسالن ۾ جوڙون جوڙَ جھان جون آهي.(25)

ص  رسالي ۾ هن سُر هيٺ ’او قابيل اکين وارا ٽي بيت ملن ٿا جيڪي انھيءَ ’اوقابيل‘ واري صورتخطيءَ ۾ لکيل آهن، جڏهن ته راش  ۾ به اهي ٽي بيت آهن جن مان پھريون ’اقابيل‘ سان لکيل آهن ۽ ٻئي ۾ ’عقابيل‘ لکيو ويو آهي، ٽئين بيت جي شروعات ۾ وري ’عقابي‘ لفظ آهي جيڪو هي آهي:

عقابــــــــي اکين ســــــــان، تير چــــــلايــــــا تـــــــــو     

ٻيو مر ماري سو، جنھن جو پھريون پورو نه ٿئي.(26)

هتان راش  ۽ عل  جي وچ ۾ غير معمولي مشابھت جي خبر پوي ٿي.

سُر کنڀات

راش  ۾ 59 بيت ۽ هڪ وائي آهي، ص  ۾ 27 بيت آهن ۽ ڪا وائي ڪونھي، متحف  ۾ 36 بيت ۽ هڪ وائي آهي.

ٽنھي رسالن ۾ پھريون بيت ساڳيو هن ريت آهي:

ڀور نه چري ٻور، ڇڏئو تور تڪون ڪري

مونن هڻي موٽئو، ڪرهو رات ڪپور

ميو ٿئو معمور، چندن چکي آئيو.

راش  جي وائي هن ريت آهي:

مون ساريندي سپرين، اڱڻ آيام پيھي. ياالله

متحف  ۾ اها نه، ٻي وائي آهي جنھن جي پھرين سٽ هن ريت آهي:

وهلي وانءُ وهامي، رهه رات، رائيندين سپرين.

راش  واري وائي عل   رسالي ۾ ملي ٿي.(27) جنھن ۾ پڻ ڪل چار مصرعون آهن جيڪو پڻ اوائلي دور جو رسالو آهي. هتان اهو گمان ڪري سگهجي ٿو ته راش  ۽ عل   جو ساڳيو سرچشمو آهي، جتان اها وائي ٻنھي ۾ داخل ٿي آهي.

راش  ۾ هيٺيون بيت پڻ ملي ٿو جيڪو نه متحف  ۾ آهي ۽ نه ص ۾ بلڪه ڏهن جي مجموعي ۾ به ڪونھي. اهو بيت فقط عل  ۾ ملي ٿو.(28)

ڪرهي ڪين ڪمائيو، جو آڏو ات اچيس

صغير ۽ ڪبير ڪيترا، پائي پلئه ڪياس

چڱائي چاهه منجهان، ڪڏهن ڪانه ڪياس

پائي پاپ پلاند ۾، تو در آياس

لالن لڳاياس، لطف ساڻ لطيف چئي.

اهڙيءَ طرح راش  ۾ سُرکنڀات جي هڪ مشھور بيت جي پڙهڻي هن ريت آهي: (29)

سھسين سج نه اڀري، چوراسي چنڊن

بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.

’سھسين سج نه اڀري‘ واري پڙهڻي به عل  ۾ ملي ٿي.(30) ان لحاظ کان چئبو ته راش  گھڻين ڳالھين ۾ عل  سان مطابقت رکي ٿو گويا ٻنھي جو ماخذ ساڳيو آهي. ياد رهي ته عل  ڏهن رسالن جي مجموعي ۾ شامل ناهي، ليڪن ان جون پڙهڻيون رسالي جي ڏهن جلدن ۾ معياري متن توڻي رسالي جي ڪلام ۾ داخل آهن.

سُر سريراڳ

هن سُر هيٺ راش  ۾ 34 بيت ۽ 4 وايون آهن، ان جي مقابلي ۾ ص  ۾ 37 بيت ۽ 2 وايون آهن ۽ متحف  ۾ 35 بيت ۽ 3 وايون آهن.

راش  ۽ متحف  ۾ هي پھريون بيت آهي:

پاڻيٽ جي پرکڻا، وڃن م وينجھار

ڪجل پائي اکيين، لهن سڀڪنھن سار

موتيءَ جي مزاج جو، قدر منجھه ڪنار

صرافنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي.

ليڪن ص  ۾ اهو بيت آهي ئي ڪونه.

راش  ۽ متحف  ۾ ڏهن سٽن وارو اهو ڊگهو بيت موجود آهي جنھن جي پھرين سٽ هن ريت آهي:

سوداگر سمونڊ جا، لاڄو لال وٽيج

ليڪن اهو بيت به ص  ۾ ڪونهي.

جيستائين واين جو تعلق آهي ته راش، ص  ۽ متحف   ۾ ٽي وايون ساڳيون آهن.

ليڪن راش  جي چوٿين وائي هن ريت آهي:

سھسين شڪرانا، ڪوڙين ڀال ڪريم جا.

جيڪا ص  ۾ ڪونھي ۽ نه وري متحف   ۾ آهي، اهڙيءَ طرح عل  ۾ به ڪونھي.

ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق اها وائي اوائلي رسالي قاضي موسيٰ واري نسخي کانسواءِ ٻن ٻين رسالن ۾ آهي، جنھنڪري اها ڏهن اوائلي رسالن جي مجموعي ۾ موجود آهي. اتان خبر پئي ته راش  جو ماخذ متحف  توڻي ص   کان الڳ آهي ۽ اهو به ڪو اوائلي رسالو آهي.

سُر سامونڊي

راش  ۾ 51 بيت ۽ 4 وايون آهن ۽ ان جي مقابلي ۾ ص  ۾ 42 بيت ۽ 4 وايون آهن، جڏهن ته متحف  ۾ 36 بيت ۽ هڪ وائي آهي.

راش   جو پھريون بيت هي آهي:

پڳه پاسي گھار، آيل سامونڊين جي

وجھي جيءَ جنجار، جم وجهنئي اوهرين.

جڏهن ته متحف  ۽ ص   ۾ پھريون بيت ساڳيو آهي، جيڪو هي آهي:

آئي اتر مند، هينين اُڊڪو نه لهي

وٽين لاڄو بند، ٻيھر مکين ٻيڙيون.

راش  ۾ جيڪي چار وايون آهن سي ساڳيون ص  ۾ آهن.

هتي هيءَ خاص ڳالھه ٻڌائڻ جي آهي ته، متحف   ۾ صرف هڪڙي وائي آهي جيڪا نه راش  ۾ آهي ۽ نه ص  ۾ ۽ ان جي پھرين سٽ هن ريت آهي:

ڪرهل پائي لڄو، ڪوه نه وئين اُن سين.(32)

هتان معلوم ٿيو ته واين جي لحاظ کان راش  ۽ ص   ۾ مڪمل هڪجھڙائي آهي، ليڪن بيتن جي لحاظ کان ٻنھي ۾ وڏو فرق آهي.

سُر هير رانجھا

هن سُر تحت راش  ۾ 44 بيت ۽ 2 وايون آهن، جڏهن ته ص  ۾ 32 بيت ۽ 2 وايون آهن، متحف  ۾ 18 بيت ۽ هڪ وائي آهي، راش  جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي:

زهر پيالا رانجھن والا، ڳجھڙي آيم ڀاڄي

ماءَ پيءَ ڪنون چوري پيتم، ڪيتم راضي

دل در قضا دل جا ٿي، تون ڪئا ڄاڻي قاضي.

متحف  ۾ آخري بيت آهي جنھن جي ٻي سٽ ۾ راضي کان اڳ روح جو لفظ آهي ۽ آخر سٽ هن ريت آهي:

دل دي قضا دل ڪرسي، ڪيئون ڪريسي قاضي

ص  ۾ به اهو بيت متحف  وانگر موجود آهي.

راش  ۾ ٻه وايون آهن جن جي شروعات هن ريت آهي:

(1)              مُلا مار نه ڇمڪا، تون ڏيو ٿا جھڻڪان

(2)             سمجھه نه لايم نيہ، ڀلي ري مائي، ري مائي.

پھرين وائي متحف  ۾ موجود آهي ۽ اها ساڳي ص  ۾ به آهي. راش  جي ٻي وائي ٻنھي ۾ ڪونھي، ص   جا 30 بيت راش   ۾ ملن ٿا:

راش  ۾ هڪ بيت هن طرح ملي ٿو: (33)

ٻيلي غازيخان دي جت آ ٿيان شھپريان

وال جنان دي وسيھر ڪالي، ڪُنگو رتيا ڌڙيان

يار جنان دي پرديس سڌارين، مل کڙوتيان لڳيان.

انھيءَ بيت جي آڌار تي ڊاڪٽر بلوچ جو چوڻ آهي ته هير رانجھي جا اڪثر بيت ڊيري غازي خان جي شاعر جا آهن، جنھن جو نالو نورنگ هو جيئن هڪ ٻئي بيت ۾ ٻڌايو اٿس: (34)

بھرحال اصل ڳالھه اها آهي ته، هي سُر سڀني اوائلي رسالن ۾ موجود آهي، راش  ۾ ان جي موجودگيءَ مان راش   جي اوائلي هجڻ جي خبر پوي ٿي.

سُر بيراڳ هندي

راش  ۾ هن سُر هيٺ 45 بيت ۽ وائي آهي، ان جي مقابلي ۾ ص  ۾ صرف 13 بيت آهن، متحف  ۾ بيراڳ هندي آهي ئي ڪونه، جنھن مان متحف  جي قدامت جو هڪ وڌيڪ ثبوت ملي ٿو. راش  ۽ ص   ۾ پھريون بيت هن طرح آهي:

جڳ ٻاڌا م ڪچي ڌاڳي، ڪوئي وره ڇوٽا

اوجھڙ چلئا سي عام پھتا، راه چليا سي لوٽا

ص  جا 13 ئي بيت راش  ۾ ملن ٿا، بھرحال راش  توڻي ص   جي خاص ڳالھه اها آهي ته انھن ۾ فارسيءَ جا ڪي به شعر ڪونھن، جيڪي ظاهر آهي ته پوين رسالن خاص طور گهڻي ۾ گهڻا گنج  ۾ داخل ڪيا ويا. مثنوي روميءَ جا ڪيترا بيت عل   ۾ ملن ٿا.(35) جنھنڪري اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته راش  جو مدار عل  تي ناهي، بلڪه ان کان ڪنھن اڳئين نسخي تي آهي، جيئن اسان هن کان اڳ ڪيترن سُرن هيٺ اهو واضح ڪري چڪا آهيون.

سُر گھاتو

اوائلي رسالن ۾ اهو سرود گھاتو جي نالي سان موجود آهي، راش  ۾ به انھيءَ نالي سان آهي جنھن ۾ ڪل 25 بيت آهن ۽ ڪابه وائي ڪونھي. ص  ۾ ڪل 26 بيت آهن ۽ متحف  ۾ 22 بيت آهن، ٽنھي رسالن ۾ ڪابه وائي موجود ڪونھي. ٽنھي رسالن ۾ سر جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي:

متو وهڻ ڪُن ڪري، ڀڃي سانڀويون ساڄ

مون وجھندي واجھه، پرين نه پيا ڀن ۾

ٽنھي يعني راش، ص  ۽ متحف  ۾ هن سُر جو آخري بيت به ساڳيو آهي جيڪو هي آهي:

تان تون مڇ نه موٽئو، جان جر هئڙو جال

پونيئي اڄ ڪ ڪالهه، سنڀويون ساکُن ۾

ص  ۾ جيڪو وڌيڪ بيت اهي اهو هن ريت آهي: (36)

ڪہ اڳيان گھاتو گيا، گھوري نه ڄاڻن

سا پر نه سکئا، جنھن پر مڇ مرن.

راش  جي ٻن ٽن بيتن جون پڙهڻيون ص   جي مقابلي ۾ عل  سان وڌيڪ ملن ٿين، جيئن هيٺيون بيت:(37)

جيئن جھڳا پائين جھول ۾، ائين نه مرن مڇ

سڀر دار سمنڊ جا، ڪي رانيون رڱي رڇ

هي ڇاڙون ۽ ڇڇ، اڃا اوڙاه اڳاهون ٿئو.

ليڪن متحف، ص  ۽ راش  ۾ به ساڳين بيتن جي موجودگيءَ مان ٽنھي جي اوليت ثابت ٿئي ٿي.

سُر سورٺ

راش  ۾ 59 بيت ۽ 3 وايون آهن، ص  ۾ 41 بيت ۽ 3 وايون آهن، متحف  ۾ 52 بيت آهن ۽ ڪا وائي ڪونھي. ليڪن متحف   ۾ پنج بيت پنجن راتين جي حساب سان ’از گفتار کسي ديگر‘ هيٺ رکيل آهن جيڪي ظاهر ظھور شاهه جو ڪلام ناهن.

ٽنھي رسالن ۾ سُر جي شروعات مشھور پنج سٽن واري بيت سان ٿئي ٿي، جنھن جي پھرين سٽ هن ريت اهي:

الله جي آس ڪري، هلئو هئائين.

راش   ۾ هيٺيون بيت اهڙو آهي، جيڪو ص  توڻي متحف  ۾ نه ٿو ملي بلڪه ڏهن رسالن جي مجموعي ۾ به ڪونھي.

الله جي آس ڪري، آيس اڳانھين ماءِ

سُنھارا سورٺ ور، ڳالھه هينين سين لاءِ

جي وهاري ويرم ٿئي ته مون هينئر ڪي هلاءِ

مڱڻھار نه موٽاءِ، آءُ اڳاهون آيو آهيان.

ليڪن هي بيت عل ۽ گنج  وغيره ۾ آهي جنھن جي پڙهڻيءَ ۾ به ٿورو اختلاف آهي. (38) جيئن ته عل، گنج  کان اڳ جو رسالو آهي ۽ هتي راش  وري عل  سان موافقت ۾ آهي. ان ڪري چئبو ته عل ۽ راش  جو سرچشمو اوائلي هو ۽ ٿي سگھي ٿو ته ساڳيو هجي:

راش  ۾ هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي:

موٽي مڱڻھار، شال م اچي ڪڏهم

اٺئي پھر عجب تھجو، ڪنڊو منجھه ڪپار

جئن تو سڀ ڄمار، هنيا ڇٽ پٽن سين.

ص  ۽ ٻين رسالن ۾ ’عجب‘ جي بجاءِ عزير ملي ٿو جنھن مان وري اهو سمجھيو ويو آهي ته اهو عزير شاعر جو نالو آهي، ليڪن راش  جي پڙهڻ ۾ واضح آهي ڇو ته اهو ساڳيو سورٺ جي هڪ ٻئي بيت ۾ به آيو آهي.

سُر کاهوڙي

راش  ۾ 34 بيت ۽ 2 وايون آهن، جڏهن ته ص  ۾ 31 بيت ۽ 4 وايون آهن.

متحف  ۾ 35 بيت ۽ هڪ وائي آهي، ٽنھي رسالن ۾ شروعاتي بيت هي آهي:

ويئيون پٻ پئي، کيريون کاهوڙين جون

آءُ تن ڏوٿين کي، پڇان ڪير پھي

رُڃن ۾ رهي، جني ڏونگر ڏورئا.

راش  ۾ جيڪي ٻه وايون آهن انھن جون پھريون سٽون هن ريت آهن:

(1)  آءُ جي اهائي ذات، تون پاڻ سڃاڻپ سپرين

(2) سياڪو سڻيان، ڀوري، تو پاڻ سڃاڻي نه ڪئو.

پھرين وائي ص  ۾ آهي پر انھيءَ ۾ فقط ٽي مصرعون آهن، جڏهن ته راش  ۾ ان ۾ پنج مصرعون آهن. ٻي وائي به ص  ۾ آهي پر ان جي راش  جي آخري سٽ ۾ فرق آهي، بلڪه راش  جي اها سٽ عل  جي وائي مطابق آهي: (40)

اهڙيءَ طرح ڪي اهم بيت راش  ۾ آهن پر ص   ۾ ڪونھن، جيڪي ڏهن رسالن جي مجموعي ۾ ٽن جدا رسالن تحت ملن ٿا.(41)

(1)              ڀڪلئا ڀُوڻن دلق گڏئو ڌوڙ ۾

(2)             کُٿن نه کرڪاڻ، پنڌ پراهين هلئا

(3)             ڏوري ڏسي ڏونگرين، واٽ وڃائي جن.

ان جو مطلب ته راش  جي پنھنجي الڳ روايت يا سرچشمو آهي.

سُر ڏهر

راش  ۾ هن سُر جو عنوان پرڀاتي آهي، پر ان ۾ سُر ڏهر هيٺ رکيل بيت ملن ٿا. راش  ۾ ڪُل 53 بيت ۽ 3 وايون آهن، ۽ ص   ۾ 46 بيت ۽ 3 وايون آهن، متحف  ۾ 38 بيت ۽ هڪ وائي آهي.

راش  جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي:

روهه راماڻان ڪن، اَڄ پڻ هلڻ هاريون

ڪرڳل ڪونجڙين، رائي ۾ رت ڪئو.

متحف ۽ ص  ۾ پھريون بيت هي آهي:

مرون ڪين ولن، پکي ڪن نه پورهئو

تون ڏيندڙ تن، ته آس اسانھين نه لھي.

راش ۽ ص  ۾ ٽي وايون ساڳيون آهن.

متحف  ۾ ’مديني جا مير‘ جي شروعات وارا صرف ٽي بيت آهن، ليڪن راش  ۽ ص   ٻنھي ۾ ساڳيا ڇھه بيت آهن، مطلب راش  ۽ ص   ۾ هتي هڪجهڙائي ملي ٿي. راش  ۾ هڪ بيت هن ريت آهي:

ڌڻي وارئو سو واءُ، جو ميڙائو سڄڻين

وهي واٽ مٿاءُ، هينئڙي آسر نه لھي.

اهو ساڳيو بيت متحف ۽ ص  کان سواءِ عل  ۾ آهي.(42)

اهڙيءَ طرح هيٺيون بيت صرف راش  ۾ آهي ۽ ان کانسواءِ عل  ۾ آهي. ان جو مطلب ته راش  جي عل  سان يا ان جي ماخذ سان هڪجھڙائي آهي، ڇو ته عل  ۾ ڪي بيت اهڙا آهن جي راش   ۾ ڪونھن. راش  ۾ هيٺئين مشھور بيت جي پڙهڻي بلڪل ساڳي عل  واري آهي: (43)

ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري

جو مانجھاندي جو ماڳ، سو تو ساڻيھه ڀانئيو.

بھرحال انھيءَ ڪري عل  کي راش  جو يا راش  کي عل   جو ماخذ نٿو چئي سگھجي.

سُر ڪاپائتي

راش  ۾ 34 بيت آهن، ص   ۾ 20 بيت آهن ۽ متحف  ۾ 25 بيت آهن، ٽنھي رسالن ۾ هن سُر ۾ ڪا وائي ڪونھي. راش ۽ متحف   جو شروعاتي بيت هن ريت آهي:

توڻي تون ڪا تار، جم هيڪلي پيرئين

ڏٺي ڪا ڏُئار، صراف اُن سٽ ۾.

پر اهو بيت ص  ۾ ڪونھي.

متحف  سان ڀيٽ ڪندي معلوم ٿيو ته ان جا 24 بيت راش  ۾ آهن صرف هڪ بيت اهڙو آهي جيڪو راش  ۾ ڪونھي ۽ اهو آهي:

چرخو نه ڏي چس، ڀيريان ڀينر نه ڀري

مون کي ماري مس، ڪتائيندو ڪيترو.

اهو ساڳيو بيت ص  ۾ به ڪونھي، باقي ص   جا 19 بيت راش  ۾ آهن.

معلوم ٿئي ٿو ته راش  ۾ ڪاپائتي جا ٻيا ڪجهه اهڙا بيت آهن، جيڪي متحف  ۽ ص   ۾ ڪونھن، مثلاً:

جنين ڪتو ڪال، سي پاڻان پيون مامري

جنين ٽڪ نه مال، سرهيون سي صراف سين

يا

چرخو پنھجي چت ۾، پئي ڀيرايو جن

اکيون پار پرين جي، محب رکئائون من

توڻي ڪين ڪتن، ڪانڌ انھين جو ڪوڏيو.

پھريون بيت جيئن جو تيئن ۽ پويون بيت لفظن جي معمولي تبديليءَ سان عل  رسالي ۾ موجود آهي اهڙيءَ طرح حڪيم نالي شاعر جو بيت صرف راش ۽ عل ۾ آهي ۽ شاهه عنات جو بيت به راش  ۽ عل   ۾ آهي.(45) اتان هڪ دفعو وري ثابت ٿيو ته راش ۽ عل  جو ماخذ ساڳيو ٿي سگھي ٿو.

سُر رپ

راش  ۾ 48 بيت ۽ 2 وايون آهن، ص  ۾ 35 بيت ۽ 2 وايون آهن ۽ متحف  ۾ 23 بيت ۽ 2 وايون آهن.

راش، ص  ۽ متحف  ۾ پھريون بيت ساڳيو آهي يعني:

گوندر هٿ نه پير، وره منجھين وهڻو

ڪُر ۾ قطارون ڪري، سورن لايا سير

مون جئن گھاري ڪير، هيءَ هيڪلي ريءَ سڄڻين.

راش  ۾ ٻه وايون هن طرح آهن:

(1)                   جو نوازي ڏڏ، آسر لاهه مَ ان جي

(2)                  جي سيڻائي سڱ ٿئي، ٿي ڏونگر ڏوريان.

متحف ۽ ص  ۾ پھرين وائي ساڳي آهي، البت ٻنھي ۾ ٻي وائي ڪونھي، اتي هڪ ٻي وائي آهي جيڪا هن ريت آهي:

سرتيون سُتڙيون، آءُ پير ساريان ٿي پنھنجو

هن وائيءَ جي هڪڙي سٽ ۾ ’ميمڻ‘ جو نالو اچي ٿو جيڪا هن ريت آهي:

ناهي هنڌ هيڪڙي، ’ميمڻ‘ جو هنيون.(46)

راش  واري ٻي وائي گنج  ۾ موجود آهي.

پر ٽين وائي راش  ۾ ڪونھي حالانڪه متحف  ۽ ص  رسالن ۾ موجود آهي، ۽ ان کان پوءِ گنج  ۾ به آهي، ليڪن گنج   ۾ ڪل پنج وايون آهن.(47) هتان واضح ٿيو ته راش  جو ماخذ هنن ٽنھي رسالن کان الڳ سمجهڻ گهرجي.

سُر پرڀاتي

راش  ۾ غلطيءَ وچان سرود بلاول صبحي لکجي ويو آهي، حالانڪه هن کان پوءِ الڳ بلاول صبحي اچي ٿو. راش  ۾ ڪل 26 بيت آهن ۽ هڪ وائي آهي، ص  ۾ 17 بيت آهن ۽ هڪ وائي آهي، متحف   ۾ 19 بيت ۽ 2 وايون آهن، ص   ۽ متحف   ۾ هن سر جو پورو نالو سُرود پرڀاتي يعني جاجڪاڻي آهي.

ٽنھي رسالن ۾ پھريون بيت ساڳيو هن ريت آهي:

موڙهو ڀڻين مڱڻا، ڪيڏانھن هُئين ڪالھه

لنگھا ڇڏ لطيف چئي، اُجھڻ جا افعال

سٻر در سوال، ڪر ته قيمت آڻيين.

راش  ۾ بيتن جي ترتيب گهڻي ڀاڱي متحف   سان ملندڙ جلندڙ آهي. راش، متحف ۽ ص  ۾ هڪڙي ساڳي وائي آهي جنھن جا ٻول هن ريت آهن:

وڏڙا ڏان ڏنائين، کنيائين رخت ريزالين جو.

هيٺيون بيت راش  ۾ ملي ٿو جيڪو ص   ۽ متحف   ۾ ڪونھي، بلڪه ڏهن رسالن جي مجموعي ۾ به ڪونھي.

ڏرمن جي ڏيئي، سي تون مڱ مَ مڱڻا

سک سٻڙ جي در تي، ڪر وينتي ويھي

پڇي نه ڏيئي، ٿو ڏيئي ليکو نه ڪري.

اهو بيت گنج  ۾ موجود آهي.(48) جنھن مان عل  سان وڌيڪ ويجھڙائيءَ جو گمان ٿئي ٿو.

سُر ڍول مارئي

راش  ۾ هن سر هيٺ 17 بيت ۽ هڪ وائي آهي. ص  ۾16 بيت ۽ هڪ وائي آهي. متحف  ۾ هي سُر بنھه ڪونهي.

راش  ۽ ص  ۾ سُر جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي:

اُتر واءَ کنوندي، پھلي موسم ميہ

ٻالاپڻ دانيہ، واليا جم رساريين

راش  ۽ ص  ۾ وائي به ساڳي آهي جنھن جا ٻول آهن:

مين تونِگُڙي سا ڪُہ سنگ جائي ري.

پي مون ۾ گُڻ ايک نهين.

راش ۽ ص  ۾ باقي سڀ بيت ساڳيا آهن، البت راش  ۾ هڪ بيت وڌيڪ آهي.

ڍولا پير سُپير ڪر، اُر اُرسين لاءِ

ڦلان جيسي ڪامني، هاٿ لڳي مرجھاءِ.

هتان اهو اشارو ملي ٿو ته راش  جيتوڻيڪ ص  سان ملي ٿو پر ان جو ماخذ الڳ آهي تڏهن ته ان ۾ هڪ وڌيڪ بيت ملي ٿو، جيڪو وري پوءِ گنج  ۾ آهي.(49)

سُر مارئي

هن سُر هيٺ راش  ۾ ڪل 200 بيت ۽ 7 وايون آهن، ص  ۾ 128 بيت ۽ 6 وايون آهن. متحف  ۾ هن سُر جو نالو عمرو مارئي آهي ۽ ان ۾ 176 بيت ۽ 10 وايون آهن. ٽنھي رسالن ۾ سُر جي شروعات هيٺين بيت سان ٿئي ٿي.

ڪرئو مھاڙ ملير ڏي، رويو اڀي چوءِ

سھج سوري ڀانئيان، سومرا سندوءِ

مِلڪ مارؤ جي آهيان، جوريءَ ٿيان نه جوءِ

سو قلب ڪوٽ نه هوءِ، جو هتيجن هٿ ڪئو.

جيستائين واين جو تعلق آهي، هيءَ وائي:

مون من مارؤ سين هوءِ، مارؤ جو منھجو.

راش  ۾ آهي پر ص  ۽ متحف  ۾ ڪونھي. بلڪه عل  ۾ به ڪونھي.

اهڙيءَ طرح ص  ۾ چار وايون اهڙيون آهن جيڪي راش  ۾ ڪونھن. پر اهي متحف  ۾ آهن.

سُر مارئي ۾ ’زمر‘ زخرف ۽ ٻين قرآني سورتن جي نالن سان ڪيترا بيت آهن جن مان يارهن بيت ص  ۾ آهن، پر متحف  ۾ انھن مان ڪوبه بيت ڪونھي. ائين راش  ۾ به ڪو بيت ڪونھي. ساڳيءَ ريت عل  رسالي ۾ به ڪو بيت ڪونھي.(50) هتان اهو اندازو ٿئي ٿو ته راش، متحف  کان پوءِ ۽ ص  کان اڳ وارو رسالو آهي. عل  سان مشابھت مان خبر پوي ٿي ته ٻنھي جو ماخذ ساڳيو رسالو ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح:

(1) کٿيءَ منجھه کٽيائين، مارو ڄام ملير جو.

(2) پرچن شال پنھوار، ڍولا مارو مون سين.

ٻئي وايون ص  ۾ ڪونھن پر متحف   ۾ آهن ۽ اهي ٻئي راش  ۾ آهن، جنھن مان پڻ راش  جي اوليت جي هڪ ثابتي ملي ٿي. گنج  ۽ ڪن پوين رسالن ۾ ’هو ڀنگا هو ڀيڻيون‘ سان شروع ٿيندڙ يارهن بيت ملن ٿا، جيڪي تمر فقير جا آهن.(51) انھن مان ڪوبه بيت راش  ۾ ڪونھي. اهي بيت متحف ۽ ص  ۾ ڪونھن. ان ڪري چئبو ته راش، گنج  کان اوائلي آهي جيڪو گهڻين ڳالھين ۾ ص  ۽ متحف  سان ملي.

سُر سرود ڌناسري

راش  ۾ ڪل 30 بيت آهن، متحف  ۾ 32 بيت آهن ۽ ص  ۾ 27 بيت آهن. ٽنھي رسالن ۾ سُر جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي:

سيد پير سمنڊ هي، ات نه ڄاڻي ڪوءِ

ڦرڦر سيوا جو ڪري، ماڻڪ پاوي سوءِ

هتي راش  جو قلمي نسخو وچ تي گهڻو اڏوهيءَ کاڌل آهي، تنھنڪري بيتن جي صحيح ڳڻپ ۾ فرق ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته هي سر سڀني اوائلي رسالن ۾ موجود آهي ۽ انھيءَ لحاظ سان هن نسخي ۾ به اهو سُر ملي ٿو.(52)

سُر ليلا چنيسر

راش  ۾ هن سر هيٺ 57 بيت ۽ 2 وايون آهن، ص  ۾ 39 بيت آهن، ڪابه  وائي ڪونھي. متحف  ۾ 32 بيت آهن ۽ 2 وايون آهن. راش ۽ متحف  جو پھريون بيت هن ريت آهي:

پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا

مون ڀانيو تنہ وير، ڪوجھي ڪندو پريتڙي

متحف ۽ راش  ۾ ساڳيون ٻه وايون هن ريت آهن:

هن سُر هيٺ ٻه بيت خاص توجه لائق آهن، پھريون هيٺيون بيت:

مڻيي تي موهجي، هاري پاتئه هس

تو ڀانيو مون سين، هوندي راڳ رهاڻ رس

وري وئي وس، تي آيئه ڏنءُ ڏهاڳ جو.

هي بيت ص   کان سوءِ عل ۽ گنج  ۾ آهي.

اهڙيءَ طرح ٻيو بيت جيڪو راش  ۾ آهي هن ريت آهي:

هيبت ڪانه هياس، ته ڪا دل مٽيندو داسڙو

پروڙي پشيمان ٿي، جڏ هٿان ڳالھه وياس

سور پرايائين سيد چئي، پوءِ ٿي ڪل پياس

ڪُوڻت هار ڪياس، ٿي چري چنيسر ڄام تي.

هي بيت عل  کان علاوه گنج  ۽ ڪن ٻين پوين رسالن ۾ آهي.

هن سلسلي جو ٽيون بيت هن طرح آهي:

ڏهاڳان سھاڳڻيون، ڪھڙي ڏوهه ڪنبن

ور وڏوهي ايھن، جئن اوءِ پاڻ پسن.

هي بيت متحف  کان سواءِ عل، گنج  ۽ ٻين رسالن ۾ آهي.(53) هنن ٽنھي مثالن مان هڪ دفعو وري واضح ٿيو ته راش ۽ عل  جو ماخذ ساڳيو ٿي سگهي ٿو، جو انھن ٻنھي ۾ اهڙا بيت ملن ٿا، جيڪي ٻئي ڪنھن اوائلي رسالي ۾ ڪونھن.  ياد رهي ته گنج  اوائلي رسالن ۾ شامل ناهي، ان جي پنھنجي الڳ روايت آهي، جيڪو 1207هه ۾ مرتب ٿيو. اوائلي رسالا ٻارهين صديءَ جي آخر تائين مرتب ٿيا.

سُر آسا

راش  ۾ 129 بيت ۽ 3 وايون آهن، ان جي مقابلي ۾ ص  ۾ صرف 92 بيت ۽ 3 وايون آهن، جڏهن ته متحف  ۾ ڪل 96 بيت آهن ۽ 4 وايون آهن.

راش  ۾ هن سُر جي شروعات هن بيت سان ٿئي ٿي:

نيرانا ئي نيڻ، نيئي آڇ پرين کي

ستر کاڌا نيڻ، جُه ڏٺو منھن محبوب جو.

ص ۽ متحف  جي شروعات ساڳئي بيت سان ٿئي ٿي جيڪو هن کان مختلف آهي، راش  ۾ ’طالب قصر، سونھن سُر سان شروع ٿيندڙ ڪل ٽي بيت آهن ۽ اهي ساڳيا ٽي بيت ص  ۾ آهن، پر متحف  ۾ فقط ٻه آهن. جڏهن ته پوين گنج ۽ ٻين رسالن ۾ اهو تعداد ڇھه آهي. عل  ۾ اهي ٽيئي بيت ڪونھن.(54)

راش  ۾ ٽن واين مان ٻه وايون اهڙيون آهن جيڪي ص  ۽ متحف  ۾ ساڳيون آهن.

راش  ۾ ڪي بيت اهڙا نظر اچن ٿا، جيڪي ٻئي ڪنھن رسالي ۾ ڪونھن فقط عل  ۾ آهن. جن ۾ هيٺيون بيت شامل آهي.(55)

پڙهڻ پروجھڻ وڏو فرق وچاءِ

هُن کي هُر هينين ۾، هن کي ڄڀ اچي ساءِ.

ٻيو بيت هن ريت آهي:

پاڻھين لوڙائو ٿئي، پاڻھين دانھون ڏئي

گهر وارن جاڳائي، چورن بڇ ڪري.

هتان واضح ٿيو ته راش ۽ عل  ۾ گهڻي مشابھت جي باوجود فرق به آهي، ان ڪري ٻنھي کي هڪٻئي جو نقل نٿو چئي سگهجي.

سُر بلاول

اوائلي رسالن ۾ هن جو نالو سرود بلاول صبحي ملي ٿو، موجوده رسالي راش  ۾ به ان جو نالو بلاول صبحي آهي. راش  ۾ هن سُر هيٺ 36 بيت ۽ ٻه وايون آهن ۽ ص  نسخي ۾ فقط 36 بيت آهن، جنھن ۾ ڪا وائي ڪونھي. متحف  ۾ 39 بيت ۽ ٻه وايون آهن. انھن ٽنھي رسالن ۾ پھريون بيت ساڳيو آهي جيڪو هن ريت آهي:

تون اوڍر تون اوڍڪو، تون اجھو تون اڳ

هت پڻ تنھنجو تڪيو، مھند تنھجو ماڳ

سي لوڙيون ڏين نه لاڳ، جي اجھي آيون ابڙي.

راش ۽ متحف   ۾ ٻئي ساڳيون وايون آهن.

راش  جي خاص ڳالھه اها آهي ته وڳنڌ جي نالي وارا 13 بيت ان ۾ ڪونھن ۽ ساڳيءَ ريت اهي بيت ص  ۾ به ڪونھن. ليڪن اهي ساڳيا بيت متحف  ۾ موجود آهن.(56) عل  ۾ وڳنڌ وارا چار بيت موجود آهن.

هتان وري راش  جي ص  سان وڌيڪ مناسبت جو پتو پوي ٿو، جيئن ته ص  اوائلي رسالن ۾ شامل آهي، تنھنڪري راش  لاءِ پڻ اهو نتيجو نڪري ٿو، ليڪن ساڳئي وقت ان جي منفرد نسخي هئڻ جي به هڪ وڌيڪ ثابتي ملي ٿي.

سُر راڻو مومل

هن سُر هيٺ راش  ۾ 109 بيت ۽ ٽي وايون آهن. متحف  ۾ ڪل 98 بيت ۽ ٽي وايون آهن. ص   ۾ 74 بيت ۽ ٻه وايون آهن.

راش ۽ متحف  جو پھريون بيت ساڳيو هن ريت آهي:

ڍاٽي گھڻا اچن، مون سوڍل سين مَنُ ونڌئو

ڪا جا لالي مينڌري، لالي کي لڱن

راڻو اکڙين، ڪھين ويل نه وسري.

راش  واري ٽين وائي متحف  ۾ ڪونھي.

سُر مومل راڻي جو هڪ مشھور بيت راش ۾ هن طرح آيل آهي:  

جھڙا گل گلاب جا، تھڙا مٿن ويس

چوٽا تيل چنبيلئا، آندائون ابيس

پسي سونھن سيد چئي، نيہ آيا نيس

لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اُجھي.

متحف ۽ ص  ۾ گلاب جي جاءِ تي لفظ ’جبات‘ آهي، ٻي سٽ ۾ ’آندائون ابيس‘ جي بجاءِ ’ها ها هميش‘ آهي. ٽين سٽ ۾ وري ’آيا نيس‘ جي جڳھه تي ’نيہ اچن ٿا نيش‘ آهي. مطلب ته اتي س ۽ ش وارن لفظن کي هم قافيه ڏيکاريو ويو آهي، پر راش  جي هر مصرع ۾ آخر ۾ قافيو ’س‘ سان پورو ٿئي ٿو جيڪو وڌيڪ صحيح آهي.

ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب اهو س وارو قافيه ئي صحيح آهي، تاهم عل ۾ به اهو ش وارو قافيو ملي ٿو.(57) هتان واضح ٿيو ته راش  هڪ منفرد رسالو آهي، جيڪو ڪن حالتن ۾ صحت جي لحاظ کان گھڻو مٿي آهي.

سر مومل راڻي جو هڪ عام مشھور بيت هن ريت آهي:

شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون

موٽ مران ٿي مينڌرا، راڻا ڪارڻ رب

تنھنجيءَ تاب طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا.

راش  ۾ اهو بيت چئن سٽن وارو ۽ هن ريت آهي:

شمع ٻاريندي شب، ويئي وهامي راتڙي

موٽي ڪاڪ ڪنڌين ۾، ڪامل ايندين ڪب

موٽ مران ٿي مينڌرا، راڻا خاطر رب

تنھنجي تاب طلب، ٿي ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا.

هتي اهو ٻڌائجي ته اهو بيت متحف  ۾ ڪونھي، البت ص ۽ عل  ۾ بلڪل انھيءَ پڙهڻيءَ سان موجود آهي.(58)

راش متحف  توڻي ص  کان بلڪه عل  کان به جداگانه رسالو آهي، ڇو ته راش  بھرصورت عل  سان به مڪمل مطابقت نٿو رکي.

سُر سارنگ

راش  ۾ هي سُر آخر ۾ کُٽل آهي، ۽ منجھس فقط 18 بيت موجود آهن، ص   ۾ پوري سُر هيٺ 16 بيت ۽ هڪ وائي آهي، متحف  ۾ 19 بيت ۽ 3 وايون آهن، راش ۽ متحف  ۾ پھريون بيت هن ريت آهي:

لڳہ پس لطيف چئي، اگميو آهي

وسئو مينھن وڏڦڙو، ڪڍو وڌڻ ڪاهي

سنڌ ڇڏي پٽ پيھو، سمر سنباهي

وهو مَ لاهي، آسرو الله ڏونھن.

راش  ۾ جيڪي 18 بيت باقي بچيا آهن، انھن مان 13 متحف  ۾ موجود آهن. هتي ص  ڪافي مختلف آهي، جو ان ۾ پھريان ٽي بيت جيڪي راش  ۽ ص  ۾ موجود آهن، اهي ص  ۾ ڪونھن.

راش  ۾ ڪي بيت اهڙا آهن جيڪي ص ۽ متحف  ۾ ڪونھن جيئن هيٺيون بيت: (59)

پاڇاٽيان پئي، ٿئو آڳاٽئــــــــا اڳــــــرو

چُڪس سڀ چئي، تڏهن موليٰ ميہ وسائيو.

اهو بيت اوائلي رسالن مان عل  ۽ ان کانپوءِ گنج  ۾ ملي ٿو.

مطلب راش  جو ماخذ ص ۽ متحف  کان علحده آهي جيڪو ڪن صورتن ۾ عل  سان مشابھت رکي ٿو.

سُر ڪيڏارو

راش  ۾ هي سر منڍ ۾ به کُٽل آهي ته آخر ۾ به اڻپورو آهي، هڪ ورق ۾ البت ڪل بيتن جو ڳاڻيٽو 12 آهي. متحف  ۾ 33 بيت ۽ هڪ وائي آهي. ص  ۾ 23 بيت ۽ هڪ وائي آهي. راش  جا سڀئي بيت متحف   ۾ ڪونھن، انھن مان ڪجھه ص   ۾ ملن ها، مثلاً هيٺيون بيت راش  ۾ آهي:

ڪڪر ڪاري هيٺ، مون جھيڙيندي ڇڏئا

ڪارا ڪُند هٿن ۾، ارل وڇيرا هيٺ

ٿين تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين ميھڻو.

پر اهو متحف  ۾ ڪونھي ۽ ص   ۾ آهي.

اهڙيءَ طرح هي بيت:

ڪلي وير ڪٽڪ ۾، سائو سڀ نه هون

پڙ تي سيئي پون، موٽڻ جنين مِھڻو.

راش  ۾ آهي، پر اهو بيت نه متحف  ۾ آهي ۽ نه ص   ۾، البت ٽن ٻين اوائلي رسالن ۾ ملي ٿو، جن ۾ ميان عبدالڪريم ٺٽوي وارا نسخا شامل آهن.(60)

هتان معلوم ٿيو ته راش  جو مدار متحف ۽ ص  تي ناهي، بلڪه ان جو ماخذ يا سرچشمو ڪو ٻيو اوائلي رسالو آهي.


 

 

 


 

 

حوالا:

1)            ’شاهه جو رسالو‘ (سر سسئي سان شروع ٿيندڙ پھرئين دور (1165-1207) جي ڏهن قلمي نسخن سان ڀيٽي تيار ڪيل) ڀٽ شاهه- 1977.

2)          ڏسو راش جو عڪس (موجود پھريون ۽ آخري صفحو).

هي قلمي نسخو هينئر ڊاڪٽر اين.اي.بلوچ انسٽيٽيو آف هيريٽيج ڄام شورو جي ملڪيت آهي.

3)          شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد پھريون) خاڪو- 1 ۽ خاڪو-2. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ص 147/1989.

4)          ساڳيو خاڪو-2.

5)           راش جو عڪس (موجود پھريون صفحو).

6)          شاهه جي رسالي جي ترتيب، ص 69، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1974.

7)          ساڳيو، ص 69.

8)          شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد پھريون) خاڪو-1.

9)          ’متحف‘ برٽش ميوزم لنڊن جي ڪتبخاني ۾ محفوظ قلمي نسخو- ڀٽ شاهه- سال 1969.

تصحيح ۽ تحقيق: ڊاڪٽر بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.

10)   گنج شاهه جو رسالو ص -1 (عڪس)، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1995/1416.

11)     شاهه جي رسالي جي ترتيب، ص 105.

12)   ساڳيو، ص 86، 87، 91، 103، 104.

13)   رسالي جو ڪلام، ص 295.

علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد، 1996.

14)   شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، ص 440.

15)    ساڳيو، ص .

16)   شاهه جو ڪلام جلد ستون، ص 422.

17)   شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام- (جلد چوٿون) 1997، ص 252 ۽ 357.

18)   شاهه جي رسالي جا سرچشما، ثقافت کاتو، ص 24.

19)   رسالي جو ڪلام، ص 669.

20) شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام (جلد پنجون) ص 105.

21)   شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد پھريون)، ص 105

22) شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد پھريون)، 542-544.

23) ساڳيو، خاڪو-1.

24) شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد ٽيون) 1994ع، ص 483

25)  رسالي جو ڪلام، ص 1.

26) شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد پھريون).

27) شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد پھريون)، ص 181-440-445.

28) ساڳيو، (جلد ٻيو)، ص 21 ۽ 158.

29) رسالي جو ڪلام، ص 291.

30) راش، ص 267.

31)   شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد ٻيو)، ص 174.

32) ساڳيو، ص 356.

33) متحف، ص 206.

34) راش، ص 309.

35)  رسالي جو ڪلام، ص 849.

36) ساڳيو، ص 852.

37) شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد ٽيون)، ص 188.

38) ساڳيو، ص 184-186.

39) رسالي جو ڪلام، ص 124.

40) ساڳيو، ص 617 ۽ 618.

41)   شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، (جلد ٽيون)، ص 269.

42) سُر سسئي سان شروع ٿيندڙ ڏهن قلمي نسخن جو مجموعو، ص 308 ۽ 310.

43) ساڳيو، ص 358.

44) شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد ٽيون)، ص 515.

45)  شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد ٽيون)، ص 306.

46) رسالي جو ڪلام، ص 357۽ 359.

47) ساڳيو، ص 623.

48) گنج جو عڪس، ص 508-516.

49) شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، (جلد ٽيون)، ص 400.

50)  رسالي جو ڪلام، ص 234 ۽ 854.

51)    ساڳيو، ص 756-759.

52)  ساڳيو، ص 763-764.

53)  شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، (جلد پھريون)، خاڪو-1.

54)  رسالي جو ڪلام، ص 576.

55)   شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام (جلد پھريون)، ص 221-240.

56)  رسالي جو ڪلام، ص 156 ۽ 721، 149 ۽ 693.

57)  ساڳيو، ص 41 ۽ 370-374.

58)  شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، (جلد پنجون)، ص 160.

59)  ساڳيو، ص 187.

60) رسالي جو ڪلام، ص 798.

سُر سسئي سان شروع ٿيندڙ ڏهن رسالن جو مجموعو، ص 544-545 ۽ ضميمو 596.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org