محمد ابراهيم جويو
غلام رباني آگرو
دنيا ۾ ڪوبه ڪامل
مڪمل ڪونه آهي، هر انسان ۾ خوبيون خاميون ٿين
ٿيون. ڪن ۾ گهڻيون، ته ڪن ۾ ٿوريون، محمد ابراهيم
جويو به انهيءَ عام اصول کان مستثنيٰ ڪو نه آهي.
مون کيس پهريون ڀيرو حيدرآباد ۾، رسالا روڊ تي
سرائي اميد عليءَ جي دڪان تي ڏٺو. بت ۾ سنهڙو،
ڊگهڙو، ڦڙت، ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾ ڀَڙ اکين تي عينڪ،
خاڪي سلوار قميض ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هو. سندس عام
شهرت اها هئي ته دين کان بيگانو آهي، جيڪا مون
جهڙي تڏهوڪي ڪاليجي نوجوان لاءِ تجسس جو باعث هئي.
سو کيس توجهه سان ڏٺم ۽ سندس ڳالهه غور سان ٻڌندو
رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ سرائي صاحب کان موڪلائي
هليو ويو.
1954ع ۾، سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ سنڌي افسانن جي
چٽا ڀيٽي ڪرائي. منهنجي افساني ”اُتر ڊاهي ان
جا...“ کي پهريون نمبر مليو. سو، ”نئين زندگي“ جو
ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي صاحب، روزانو
ميٺارام هاسٽل ۾ اچي ديدار ڪرائيندو هو. رسالي ۾
منهنجا ٻه ٽي افسانا ڇاپيائين ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن
نوڪريءَ جو آرڊر آڻي هٿ ۾ ڏنائين. کيس ڪا کُڙڪ
پئجي ويئي هئي ته مون سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪرڻ
کان نابري واري هئي. اهڙيءَ ريت، ٻه، پوڻا ٻه
ورهيه ماهنامي ’نئين زندگي‘ ۾ سائينءَ مولانا صاحب
سان گڏ گذاريم.
1955ع ۾ ”مهراڻ“ شايع ٿيو، ته جويي صاحب ايڊيٽر جي
حيثيت ۾ منجهس منهنجا ٻه ٽي افسانا ڇاپيا، پر ساڻس
گهڻي گهري ملاقات سنڌي ادبي سنگت، ڪراچيءَ، جي
ميٽنگن ۾ ٿيندي هئي، جنهن ۾ مان پهريان سرگرم
ڪارڪن هئس ۽ پوءِ سيڪريٽري ٿيس.
سنڌي ادبي سنگت ۾ جويي صاحب جو وڏو احترام ڪيو
ويندو هو. جڏهن هو ڪنهن مسئلي تي راءِ ڏيندو هو
ته، پوءِ ٻيو ڪير به ان مسئلي تي
لب ڪشائي ڪونه ڪندو هو.
سنڌ ۾ ادبي سنگت، ترقي پسند تحريڪ جي علم بردار
هئي ۽ محمد ابراهيم جويي، رسمي طرح نه سهي، عملي
طرح، ان جو پيش امام هو. سو، اسان جهڙا نوجوان
ڪاليجي اديب، صف بنديءَ مهل، نيت ڪرڻ واسطي دل ۾
ائين ئي چوندا هئا ته ’پُٺيءَ هن امام جي‘.
آڪٽوبر 1957ع ۾ جويي صاحب مولانا عبدالواحد سنڌيءَ
جي سنت کي زندهه ڪيو. بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري،
سراج، مرڪزي ملازمت جو اعليٰ امتحان پاس ڪري، انڪم
ٽيڪس کاتي ۾ چونڊجي ويو هو. سو بورڊ ۾ اها جاءِ
خالي ٿي پئي. ٽي ماڻهو جويي صاحب جي خيال ۾ هئا:
عبدالقادر صديقي (جو پوءِ سنڌ سرڪار جو لا
سيڪريٽري ٿيو)، بشير مورياڻي، جو تڏهن ڪنهن ڪاليج
۾ ليڪچرر هو، ۽ ٽيون مان. انهيءَ پينل تي ويچار
ڪرڻ کان پوءِ جويي صاحب جي نظر انتخاب مون تي ئي
پئي. پنجين آڪٽوبر تي بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽري، جو
آرڊر جاري ڪرائي، منهنجي حوالي ڪيائين.
مان ’نئين زندگيءَ‘ جي آفيس مان مولانا عبدالواحد
سنڌيءَ کان رخصت وٺي، سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت ۾
داخل ٿيس. پر، سنڌي صاحب سان قرب ۽ محبت ۾ رتيءَ
برابر به ڦيرو ڪونه آيو. ساڳيءَ ريت، بورڊ ۾
ملازمت ڪندي ورهيه وري ويا، پر جويي صاحب ڪڏهن به
زبردستيءَ ۽ بالادستيءَ جو رتيءَ برابر به احساس
نه ڏنو. هر دور ۾ هلڪڙن ماڻهن سان گڏ اعليٰ انسان
پيدا ٿين ٿا. مولانا قاسمي صاحب سان منهنجو ورهين
جو رستو هو. قاسمي صاحب بورڊ جو چيئرمن ٿيو، مون
کي چيائين ته ”ادا، سيڪريٽري به تون ته چيئرمن به
تون“. پنهنجي قول تي حرف بحرف عمل ڪيائين، ڪوبه ڪم
منهنجي مرضيءَ کان سواءِ ڪو نه ڪيائين.
پنجين آڪٽوبر اڻويهه سو ستونجاهه تي، جڏهن مون
سنڌي ادبي بورڊ ۾، اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي جي
چارج ورتي، تڏهن جويو صاحب آمريڪا 'Leadership
Exchange' پروگرام
هيٺ، ٽن مهينن جي ثقافتي دوري لاءِ آمريڪا ويل هو.
سراج مون کي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي جي چارج
ڏئي، ائين چئي، موڪلائي ويو ۽ ”روزانه نواءِ سنڌ“
۽ ڪراچيءَ جي ٻين پريسن ۾، بورڊ جا ڪتاب ڇپجي رهيا
آهن، تن جي پروفن جو خيال رکجانءِ، باقي اهم
لکپڙهه جا ڪاغذ جويي صاحب جي واپسيءَ تائين التوا
۾ رکجانءِ“. جويي صاحب وري آمريڪا مان، خط لکي
موڪليو، جنهن جو مطلب سراج کي الوداع، چوڻ ۽ مون
کي ”مرحبا چوڻ هو“ ٻيو خط پير حسام الدين راشديءَ
کي موڪليائين، جنهن ۾ آمريڪا بابت پنهنجي دوري جا
تاثرات بيان ڪندي کيس لکيائين ته:
”اٺان ميهان دا ڪيها ميلا
هو چرن جهنگ، هي چرن ٻيلا!“
ٻَئي ڄڻا پاڻ ۾ ڏاڍا حجائتا هئا، سو، پير صاحب،
جوابي خط ۾ لکيس ته:
خير عيسيٰ گربه مکه رود،
چون به آيد، هنوز حرباشد!
پير صاحب ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان زماني ۾ بورڊ جا
سڀني کان سرگرم ميمبر هوندا هئا. ٽيون ميمبر، جنهن
جو بورڊ ۾ وڏو رتبو هو، سو هو شمس العلماء ڊاڪٽر
دائودپوٽو، هونئن ته سڀ ميمبر وڏي نالي وارا هئا:
پير علي محمد راشدي، مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ، ميران محمد شاهه، آغا بدر الدين دراني،
عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ شاهه، آپا خورشيد،
پر بورڊ جو صحيح معنيٰ ۾ ”روح روان“
سائين جي.ايم.سيد هو، جو عهدي جي لحاظ کان نائب
صدر هو. صدر خانبهادر کهڙو هو. سائين جي.ايم.سيد
صحيح معنيٰ ۾ جويي صاحب جو سرپرست هو. سو، جويو
صاحب بورڊ کي جيئن وڻندو هئس، تيئن هلائيندو هو.
سائين ميران محمد شاهه چوندو هو ته ”جويو ته اسان
ميمبرن کي ليکي به ڪونه ٿو.“ خبر ناهي ته اها
ڳالهه سائين جي.ايم.سيد تائين ڪيئن پهتي، پاڻ جواب
۾ چيائين ته ”جويو معنيٰ بورڊ“.
آڪٽوبر اڻويهه سو ستونجاهه کان سن اڻويهه سو ايڪهٺ
تائين، رات ڏينهن، مون سندس هڪ ماتحت نه، پر،
عقيدتمند جي حيثيت ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪيو. پوريءَ
پوريءَ ذميواريءَ سان چوان ٿو ته مون کانئس وڌيڪ
پورهيت انسان ڪٿي به ڪونه ڏٺو.
بورڊ اڻويهه سؤ ايڪونجاهه ۾ قائم ٿيو هو. جويو
صاحب شروعاتي ڏهه سال لاڳيتو ان جو سيڪريٽري هو.
ڏهن سالن جي عرصي ۾ بورڊ جو بنياد پڪو پختو ڪرڻ ۾
کانئس وڌيڪ ڪنهن به ڪم نه ڪيو. هو بورڊ جي عمارت
جو پيڙهه جو پٿر هو. رڳو سرڪاري لکپڙهه جو ڪم
نيڪال ڪونه ڪندو هو پر ان جا علمي ڪم، ايڏيءَ ته
اورچائيءَ سان ڪندو هو، جو حيرت لڳندي هئي، ته هن
شخص ۾ محنت جو ايڏو مادو ڪيئن آهي؟
جان رسڪن جي ڪتاب 'Unto
this Last' جو
انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڇپجڻ لاءِ پريس ۾
ويو، ته جويي صاحب ترجمي جي اصلاح ضروري سمجهي.
سڄي ڪتاب جي هڪ هڪ سٽ درست ڪيائين. ان طرح، ڪيترن
ئي ٻين ڪتابن جا نالا، مان ٻڌائي سگهان ٿو، جن تي
هن رات ڏينهن نور نچوئي کين هيري وانگر چمڪايو،
رڳو ايترو پر ”نيڪي ڪري، درياءَ ۾ وجهه“، واري
اصول تي عمل ڪيائين. بورڊ کان ان جو ڪوبه اجورو
ڪونه ورتائين. پر، انهن ڪتابن جي مترجمن ۽ لکندڙن
کي به احسان جو احساس ڪونه ڏنائين.
ڪنهن تي احسان ڪري ان جي مشهوري نه ڪرڻ (بلڪ ان کي
لڪائڻ) وڏي ۾ وڏو احسان جو ڪم آهي. قرآن ڪريم جي
تعليم آهي ته احسان جو بدلو احسان آهي.
سنڌ ۾، جويو صاحب اهڙن ٿورڙن بزرگن ۾ باقي بچيو
آهي جن کي سنڌ جي مٽيءَ سان عشق آهي. عشق عجب نعمت
آهي، پر جنهن کي نصيب ٿئي! عشق جي عظمت اها آهي ته
الله ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جي وچ ۾
به عشق آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي حفاظت ۽ ترقي، سنڌ جي تاريخ
جو حب الوطنيءَ جي ذهني لاڙي سان مطالبو ۽ سنڌ جي
حقن جي حفاظت لاءِ ٻيا ته ٺهيو، پر سياسي پلئٽفارم
تان جدوجهد ڪرڻ ۾ به جويو صاحب ٻين سان گڏ هوندو،
بلڪه بعضي ڪجهه اڳڀرو.
اسلام آباد ۾، هڪ پٺاڻ ليڊر، اجمل خٽڪ، مون وٽ
اڪيڊمي آف ليٽرس ۾ پٺاڻ اديبن ۽ شاعرن جون
درخواستون کڻي ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي مختصر
ڪچهري به ٿي ويندي هئي. مون کان پڇندو هو ته:
”وہ
کہاں ہیں"؟
مان پڇندو هو مانس ته ”اوهان ڪنهن جو ٿا پڇو؟“
چوندو هو ته: "اسکا
نام یاد نہیں، لیکن وہ ہیڈ ماسٹر تھا۔۔۔ وہ ہیڈ
ماسٹر!"
هڪ ڀيري مون کي اوچتو خيال آيو، ته ڪنهن زماني ۾
جويو صاحب جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو.
سرحد صوبي جي ڪوهاٽ ۾ ماسترن جي ٽريننگ ڪاليج جو
پرنسيپال به هو.
سو، چيومانس ته ”محمد ابراهيم جويو صاحب.“
ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته ”ہاں!
جویو صاحب.“
هيءَ به دلچسپ ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ڪيترائي ڪتابي
سلسلا ۽ رسالا نڪرن ٿا، پر اهو اعزاز محترمه ثمينه
وقار جي قسمت ۾ لکيل هو ته هن ماهنامي ”نئين
زندگي“ جو ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“ نمبر ڪڍڻ کان پوءِ
”جويو صاحب نمبر“ شايع ڪيو.
(”نئين زندگي“ حيدرآباد جنوري 2002ع تان ورتل -
ادارو)
سنڌ جو محسن
عبدالواحد آريسر
محمد ابراهيم جويو سرزمين جو سنڌ جو اهو ڇٽيهه
لکڻو پٽ آهي، جنهن ڪتابن سان گڏ ادارن کي به جنم
ڏنو، پاليو، وڏو ڪيو ۽ تندرست ۽ توانو بنايو آهي.
آءٌ جڏهن 1958ع ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيو هئس، اُن وقت
جيڪو ڪتاب، سڀ کان پهرئين منهنجي سامهون آيو، ان
جي لکندڙن ۽ ايڊيٽرن ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب جو
نالو شامل هو ۽ جڏهن مون سنڌ جي آزاديءَ جي واٽ
ورتي، ان وقت به منهنجي سامهون محمد ابراهيم جويي
جو ڪتاب ”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ (Save
Sindh, Save the Continent) موجود
هو.
اهوئي سبب آهي ته هڪ ادبي ميڙاڪي ۾ ڳالهائيندي مون
چيو هو ته: هن وقت ڪوبه اديب ۽ شاعر اسان لاءِ پوپ
پال ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري، ڇو ته اسين پاپن مان
بيزار ٿي چڪا آهيون، پر هڪ ماڻهو، جنهن لاءِ اسان
جون عقيدتون، محبتون، احترام ۽ چمپاڪليون ۽ خوابن
جون خوبصورتيون وقف ٿيل آهن، اهو آهي- محمد
ابراهيم جويو!
ڇوته هيءُ اهو شخص آهي، جنهن جي هٿ ۾ ورهاڱي کان
اڳ هڪ بئنر هو- ’سنڌ بچايو، کنڊ بچايو‘، ۽ اڄ به
هن هي هٿ ۾ اهوئي بئنر، آب ۽ تاب سان جهولي رهيو
آهي. هن جون سموريون تقريرون، هن جا سڀ مقالا، هن
جون سڀ تحريرون، هن جا سڀ مهاڳ، هن جا سڀ خواب، اڄ
ڏينهن تائين، انهيءَ بئنر جي تشريح ۽ تعبير لاءِ
وقف ٿيل آهن:
۽ اهو ابراهيم جويي صاحب جو ئي ڪمال آهي جو هن
شعري سطح تي جيڪو قدم پهرئين ڏينهن رکيو، ان تي اڄ
ڏينهن تائين قائم آهي. ان سلسلي ۾ هن کي ڇا ڇا نه
سَهڻو پيو آهي، ڪيترائي ذهني ۽ جسماني عذابن جا
درياء کيس پار ڪرڻا پيا آهن، ۽ ڪيتريون ئي راتيون،
هن اُنهن عذابن کي سهندي، ۽ ڪنهن روشن صبح جي
انتظار ۾ اوجاڳا ڪندي ڪاٽيون آهن.
اصلي مسئلو اهو ناهي ته ڪو ماڻهو، ڪهڙي وقت، ڪهڙي
چڱي ڳالهه ڪري ٿو. پر مسئلو، اهميت ان وقت اختيار
ڪري ٿو، جڏهن ڪو ماڻهو سوچيل سمجهيل راءِ قائم ڪري
ٿو ۽ ان کي پنهنجو نصب العين قرار ڏئي ٿو. ان لاءِ
وٽس موجود وسيلن آهر استقامت سان جدوجهد ڪري ٿو.
اهوئي سبب آهي، جو ننڍي کنڊي جي آزاديءَ جي تحريڪ
جي روح روان مولانا محمود الحسن ديوبنديءَ اِهو
چيو هو ته ”استقامت ڪرامت کان مٿي آهي.“ ميدان
جدوجهد ۾ بيٺل گناهگار بندو روز ڪرامتون بدلائيندڙ
وليءَ کان مٿي آهي، ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب اڄ
ڏينهن تائين جنهن مسلڪ تي بيٺو آهي، اها سندس
استقامت، يقيناً وقتي طرح خوش نما جلوا ڏيکاريندڙ
تصويرن وارن اوليائن کان هزار ڀيرا بلند آهي.
جويي صاحب پنهنجي انهيءَ مسلڪ جي روشنيءَ ۾ سنڌ
اندر وڏيون تبديليون آنديون آهن، اهي تبديليون
ڪچهرين کان وٺي علم، ادب ۽ فلسفي تائين پکڙيل آهن.
خاص ڪري هن سنڌي ادب جي رفتار ۽ رخ ۾ جيڪا تبديلي
آندي آهي، تنهن کي اڄ کڻي ڪوئي ’ڪوتاهه قدر‘ نه
مڃي، پر سنڌ جي وسيع ميدانن ۽ وسيع ريگستانن ۾
منعقد ٿيندڙ هزارين محفلون ۽ مجلسون، جن ڀونءِ جو
ڀاڳ ئي ڦيري ڇڏيو آهي، سي هن ڳالهه جون شاهد آهن،
ته انهن مجلسن ذريعي ماضيءَ جي مڪروهه ۽ غلاظت
ڀرئي رويي جي خلاف جيڪا سهڻي ۽ مهڪار ڀريل هوا
گهُلي رهي آهي، سا ان پيريءَ ۾ نوجوانن کان وڌيڪ
جذبو رکندڙ شخص محمد ابراهيم جويي صاحب جي اڻٿڪ
پورهئي جونتيجو ۽ ثمر آهي.
محمد
ابراهيم جويو- سنڌ جي تاريخ
مظهرالحق صديقي
سائين محمد ابراهيم جويو سان منهنجو تعلق نهايت ئي
پراڻو آهي، ۽ سندس لکڻين سان ان کان به وڌيڪ
پراڻو. هو سنڌ جو اهو ڏاهو آهي، جنهن پنهنجي وس ۽
وت کان وڌيڪ سنڌ ڌرتي ۽ ڏتڙيل سنڌي قوم ۾ سماجي ۽
سياسي سجاڳي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، ان لاءِ
هن پنهنجي ذاتي توڙي گهريلو زندگيءَ جي قرباني به
ڏني.
ڌرتي ماءُ جي اهنجن، تڪليفن جو جيڪو احساس وٽس
آهي، تنهن جو اندازو سندس لکڻين مان لڳائي سگهجي
ٿو. آئون ڪو اديب نه آهيان جو سندس بابت ڪو ادبي
ليک لکان، پر مون جيئن کيس ڏٺو ۽ ڄاتو آهي، ان ئي
حوالي سان هيءُ مختصر ليک لکيو اٿم.
محمد ابراهيم جوئي، ننڍپڻ کان پوءِ لاوارثي ۽
ننڌڻڪي ماحول ۾ زندگي گذاري. محرومين ۽ يتيميءَ جي
احساس کيس اڃا به پچائي پختو ۽ پڪو ڪيو، ۽ اها
پختگي جسماني ته نه ٿي سگهي، جو اسان کيس هميشه
سنهڙو سيپڪڙو ئي ڏٺو، پر سندس ذهني پختگيءَ جو
مثال ملڻ محال آهي، سندس ذهن هميشه ولوڙجندو رهيو
۽ ان ولوڙ جي نتيجي ۾ جيڪي ڪجهه پچي راس ٿيو، تنهن
کي هن ڏتڙيل سنڌي قوم جي ذهنن ۾ اوتڻ جي ڀرپور ۽
اثرائتي ڪوشش ڪئي آهي.
سنڌي علم ۽ ادب جي آبياري ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾
رهندي هن ڪيترن ئي قدآور اديبن ۽ ليکڪن جي نه فقط
علمي ۽ ادبي آبياري ڪئي، پر انهن جي ذهني اوسر ۾
پڻ نمايان ڪردار ادا ڪيو. مختلف اديبن، عالمن ۽
ليکڪن جي ڪتابن جا لکيل مهاڳ ان جو جيئرو جاڳندو
ثبوت آهن، بلڪه مون کي اهو لکندي ڪا هٻڪ محسوس نه
ٿي ٿئي، ته ڪيترن ئي ليکڪن جا ڪتاب جويو صاحب جي
لکيل مهاڳن جي ڪري ئي ڪتاب سڏجن ٿا ۽ جيڪڏهن جويو
صاحب جي مهاڳن کي انهن ڪتابن مان ڪڍي ڇڏجي ته، اهي
بي جان ۽ بي مقصد ٿي پون.
شيخ اياز جي شاعريءَ جي مجموعن جي لکيل مهاڳن کي
جيڪڏهن پڙهجي ته اهي جديد سنڌ جو تصور پيش ڪن ٿا،
بلڪه اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته، انهن مهاڳن جديد
سنڌ جي ذهني جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو آهي
۽ شيخ اياز کي ’نئين سنڌ جو نئون آواز‘ يا ’شيخ
اياز سنڌ جو آواز‘ ڪري ڪوٺيو آهي. حقيقت ۾ محمد
ابراهيم جويي جھڙا دانشمند ڏاها قومن لاءِ وڏي وٿ
هوندا آهن.
محمد ابراهيم جويو بنيادي طور تي هڪ استاد هو، پاڻ
اها ڳالهه ڪيترائي ڀيرا ورجائي اٿس ته، جڏهين
نوڪري ڪرڻ جو مرحلو آيو، ته ڪيترن ئي دوستن ۽ سڄڻن
کيس صلاحون ڏنيون ته، هو پوليس کاتي ۾ وڃي، ڪن کيس
مختيارڪار ٿيڻ جي صلاح ڏني، ڪن ٻين کاتن ۾ وڃي
نوڪري ڪرڻ لاءِ همٿايو، پر پاڻ استاد ٿيڻ کي ترجيح
ڏنائون، ۽ پنهنجي ئي اسڪول سنڌ مدرسي ۾ استاد مقرر
ٿيا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ هڪ اهڙي
پيشي سان پاڻ کي وابسته ڪيائون، جيڪو پيغمبري جي
پوئلڳي هو. پاڻ جيتوڻيڪ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان ٿورو ئي
عرصو واڳيل رهيا، پر ذهني طور تي هميشه استاد ئي
رهيا، ڪڏهين شاگردن جي ڪڏهين، اديبن ۽ شاعرن جي،
ڪڏهين سياسي اڳواڻن جي، ته وري ڪڏهن سياسي ڪارڪنن
جي تربيت ۽ رهنمائي ڪندا رهيا. سندس رويو سڀني سان
هميشه هڪ شفيق استاد وارو ئي رهيو، ۽ هر طبقي هر
فڪر ۽ سوچ ۽ هر عمر ۽ هر جنس جي شخص کانئن لاڀ
پرايو، سکيو ۽ سمجهيو آهي. سندن لکڻين مان ان دور
جي سنڌ، ان جي معاشي، اقتصادي، سماجي، علمي ۽ ادبي
حالتن جي ڀرپور عڪاسي ٿيندي رهي آهي، ۽ اهي عڪس ۽
اولڙا سنڌ جي تاريخ جي ورقن جي صورت اختيار ڪندا
رهيا آهن، جن کي جيڪڏهين يڪجا ڪجي ته گذريل هڪ
صديءَ جي تاريخ مرتب ڪري سگهجي ٿي.
سائين محمد ابراهيم جويو جي زندگيءَ جو داستان، هڪ
اهڙي شخصيت جو داستان آهي، جيڪو پنهنجي جيئري ئي
هڪ داستاني ڪردار Legendary
Character بڻجي
چڪو آهي. سندس حياتي لڳاتار جاکوڙ جي هڪ قابل
تقليد آکاڻي آهي، هو قلم قبيلي ۾ هڪ گهڻي رُخي،
گهڻ صفتي، هڪ باعمل عالم، ڏاهو ۽ آدرش وادي آهي،
جنهن پنهنجي فڪر ۽ نظرئي جي اظهار ۾ ڪڏهن ڪنهن
مصلحتن ۾ هٿ ٺوڪين ٺاهن کان ڪم نه ورتو آهي، ۽
پنهنجي قلم وسيلي پنهنجي مقصد ۽ مشن لاءِ هر وقت
اڻٿڪ محنت ڪئي آهي، ۽ پنهنجن همعصرن ۾ هڪ رول ماڊل
رهيو آهي. پاڻ سنڌ بلڪه ننڍي کنڊ جي جيئري جاڳندي،
چرندڙ پرندڙ تاريخ آهي، جنهن کي ٿورو ڌوڻيو ته
تاريخ جا ڪيترائي وڻندڙ ۽ تلخ دؤر ڇڻي، اوهان جي
آڏو پکڙجي پوندا.
سائين محمد ابراهيم جويو پنهنجي زندگيءَ جا 99 سال
مڪمل ڪيا آهن، ۽ سوين سال ۾ داخل ٿيو آهي.
ڪجهه سڄاڻ دوستن، سندس سوين سال کي مانائتي ۽
شانائتي نموني ملهائڻ ۽ سندس علمي، ادبي، تاريخ،
ثقافتي ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيل خدمتن تي ڀيٽا
پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي، جيڪا سڄو سال
پروگرام ڪندي ۽ سائينءَ جي ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتابن کي
مختلف ادارن جي سهڪار سان شايع ڪرائيندي.
خوشقسمتيءَ سان مان ان ڪاميٽيءَ جو چيئرمين آهيان،
ڪوشش هوندي ته، سائينءَ کي
سندن خدمتن جي شايانِ شان ڀيٽا پيش ڪيون.
محمد ابراهيم جويو: نئين سنڌ جو معمار
مهتاب اڪبر راشدي
ڪيڏي نه خوش نصيبي اٿم، جو اڄ اُن ٻاجهاري روح جي
سامهون بيٺي آهيان، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جو سفر،
شانت من ۽ ايڪانت سان طئي ڪندو، هڪ صديءَ جي چانئٺ
تي پير پائي رهيو آهي. سونهاري سنڌ جو هيءُ پڪو
عاشق عشق جا هڙئي مرحلا ايئن ٽپي ۽ اهڙي نموني ئي
نڀائي آيو آهي، جيئن عشق جي ڪتاب ۾ لکيل هوندا
آهن. جنهن جو پهريون اصول ئي هوندو آهي. پاڻ
ارپڻ، خود سپردگي بس، پنهنجي محبوب کي ڏسندو وڃ،
هو جيڪو چوي اُهو ڪندو وڃ، موٽ ۾ اُن کان ڪجهه گهر
نه، ڇو ته ان محبوب وٽ اڳ ۾ ئي ڏيڻ لاءِ ايترو
ڪجهه آهي، جو جهولن جا جهول ڀري به ميڙيندا وڃون
ته سندس ڏنل خزانا کٽڻ جا ناهن.
محمد ابراهيم جوئي جو اهو محبوب آهي، امڙ وانگر
مٺڙي، سٻاجهي، ٻاجهاري”سنڌ“ ۽ هيءُ اُن جو ٻڌو
ٻانهو. اسان مان جنهن به جوئي صاحب کي ويجهي کان
ڏٺو، هنن جي تحريرن کي پڙهيو آهي، ته
اهو يقيناً ان
نتيجي تي پهتو هوندو ته ، هن جي سوچ جو محُرڪ ۽
مرڪز هن جو وطن ۽ اُن جا ماڻهو رهيا آهن. اها
ڳالهه مان ڏاڍي پختي يقين سان چوان ٿي ته نوانوي
سالن ۾ گهاريل، سندس زندگيءَ جي هر گهڙي، سندس وات
مان نڪتل هر گفتو ۽ قلم مان سرجيل ڏاهپ ۽ سوچ جا
هڙئي نُڪتا،
هن جي ديس ۽ ديس واسين لاءِ ئي چيل ۽ لکيل
آهن. پنهنجي محبتن ۾ ته ماڻهو خود غرض ٿي ويندا
آهن پر هُو
جيڪو انتها درجي جو وطن دوست آهي، هن
جو ته عشق ئي عجيب آهي. هٿ وٺي سڀني کي پنهنجي
اکين سان اُن محبوب ڌرتيءَ جي حسناڪي ٿو ڏيکارڻ
چاهي، جيڪا
سندن اکين ۾ صديءَ کان سمايل آهي. ڌرتيءَ سان
سندس محبت جي فلسفي ۾، سندس اهو پختو يقين آهي ته
وطن جي محبت ماڻڻ لاءِ،
توهان پاڻ به اهڙائي ٿي وڃو. جهڙو توهان پنهنجي
ڌرتيءَ کي ڏسو ٿا، ڌرتي
جا نقش ونگار، اُن
جون روايتون ۽ اُن جو اخلاق.
محمد ابراهيم جوئي، جنهن سنڌ کي سچائيءَ، ان
جي روايتن ۾ انسانيت کي زندهه ڏٺو
آهي. اهڙي انسانيت، جنهن جو مقصد ئي اهو هجي ته
ڪنهن کي ڪو هاڃو نه رسي،ڪنهن
کي ڪو نقصان نه پهچي. اها ئي ته سنڌ جي روايت آهي
۽ جڏهن سراج الحق ميمڻ، سائين ابراهيم جوئي جو
ويجهو دوست اسان کي اهو ٻڌائي ته، محمد ابراهيم
جوئي جو عقيدو آهي ته سنڌ پنهنجي حيثيت ۾ مڪمل
ترين وطن آهي، ملڪ آهي، جنهن ۾ هر اُها شئي آهي
جيڪا هڪ ملڪ، هڪ وطن ۾ هئڻ گهرجي. هن وٽ هڪ سمنڊ
آهي، هڪ درياء آهي.
هن وٽ ڪارونجهر ۽ هالار جهڙا جبل آهن. هن وٽ ٿر
جهڙو ريگستان آهي، ماٿريون آهن، ڇپر ۽ ڇانورا آهن.
هن جا صبح حسين ۽ شامون سحر انگيز آهن، ته
انهن سڀني شين کي آڏو
رکندي سنڌ جي هيءَ شخصيت، سنڌ واسين کان ”همه
گيريت“ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿي سگهي.
اڄ سنڌ جي سٻاجهڙي سپوت، نئين سنڌ جي معمار نوانوي
سالن جي جوان همت شخص جي سنڌ واسين مٿان ڪيل ٿورن
لاهڻ جو موقعو آيو آهي. سنڌ واسين به پاڻ ملهايو
آهي. هن جي شان ۽ مان مطابق کيس ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. سنڌي اخبارن سهڻي نموني پنهنجي فرض
ادائگي ڪئي آهي. سئو سالا جشن جي رٿ جوڙيندڙ
ڪميٽيءَ پوري طرح فعال آهي. اڄ ان سلسلي جي هيءَ
پهرين ڪڙي آهي ۽ هيءُ سنڌ
ڄائو، هن صديءَ جو هيءُ مهان
ڏاهو، اسان
جي وچ ۾ ويٺو آهي، دل ۾ هو به مطمئن هوندو ته دل
جي جنهن ويساھ سان هن سنڌ ۽ سنڌ واسين جي روايتن
تي يقين ڪيو، اُهي سڀ سچيون آهن. سنڌ واسي محبت
ڪري به ڄاڻن ۽ اوتري ئي محبت مُور سوڌي
موٽائي به ڄاڻن، اڄوڪي هن تقريب ۾، ۽
اڳتي رٿيل مختلف رهاڻين ۾ محمد ابراهيم جوئي جي هڪ
صديءَ جي پورهئي تي ڪيترائي مقالا لکيا ويندا. هن
جي ڪيل ڪمن جي اپٽار ٿيندي، سندس تحريرن تي تجزيا
۽ تبصرا ٿيندا. اهو هڪ نه کٽندڙ سلسلو ٿيندو، جيڪو
اسان جي اُسرندڙ نسل کي هن جي سوچ جي همه گيريت،
سنڌ جي ترقيءَ لاءِ سندس اکين ۾ سرجيل سپنن ۽ سندس
قلم مان نڪتل مقصد جي حصول لاءِ جدوجهد جي رهبريءَ
کان آگاهه ڪندو رهندو، پر مان سندس زندگيءَ جي
انهن گوشن ۾ جهاتي پائڻ ٿي چاهيان، جيڪي اڄ به
سندس يادگيرين ۾ چٽا آهن، اُهي هنڌ جن هن کي
ڪائنات جي آفاقيت کان روشناس ڪرايو، اُهي سيبتيون
مايون، جن رت جي مختلف رشتن ۾ ٻڌجي کيس انهن
لاڳاپن جي عزت ۽ محبت ڪرڻ سيکاري ۽ اُهو اُستاد،
جنهن آڱر پڪڙي کيس سندس ننڍڙي
ڳوٺ آباد جي پرسڪون دنيا مان ڪڍي، هڪ پرهجوم ۽
مسئلن سان ٽمٽار دنيا ۾ همت ۽ اعتماد سان پنهنجي
سڃاڻ ۽ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪري روانو ڪيو.
عورت هئڻ جي ناتي،
ان ڳالهه ۾ پڪو ويساھ اٿم ته هر ماڻهوءَ جي شخصيت
تي انهن عورتن جو ضرور ڪونه ڪو اثر پوي ٿو، جن سان
هنن پنهنجو ٻاروتڻ گذاريو هجي. جوئي صاحب جي
ساروڻين ۾ به، پنهنجي اُن ڏاڏيءَ جي ياد، ڏيئي جي
روشنيءَ مثل جرڪي ٿي، جنهن ۾ پرڀات مهل مصلي تي
نماز پڙهڻ کان پوءِ مداحون کيس مٺڙي ننڊ مان
جاڳائينديون هيون، هو ستي ستي، اهي مداحون ٻڌي، هن
جي مٺڙي سُر ۾ گم ٿي ويندو هو. کانئس اُهو صبح به
نه ٿو وسري، جڏهن سندس ڏاڏيءَ کيس پهرين ڏينهن
اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ڪيو، هن کي ياد آهن سڀ کان
پهرين بسم الله پڙهي، الحمد پڙهيو ۽
بُڪ کڻي دعا گهريائين. سندس ڏاڏو، هن لاءِ احمد
موچيءَ کان خاص جُتي جوڙائي آيو هو، سندس امڙ،
اسڪول وڃڻ لاءِ ڪپڙن جو
نئون وڳو سبيو هو، ٽونئر سان ٽڪن واري ٽوپي به
ٺاهي، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بجڪي تيار ڪئي هئي،
جنهن کي ٽِڪون
جڙي، سهڻي ڀرت سان سينگاري پوءِ ننڍڙو محمد
ابراهيم، نئون جوڙو اوڍي، نئين جتي پائي، مٿي ۾ ٽونئرن
واري ٽوپي ۽ ڪُلهي ۾ بُجڪي
وجهي ڏاڏيءَ جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي، پهرين ڏينهن اسڪول
ويو.
مان سوچيان ٿي ته اها ڪيڏي نه خوشبختي هئي، ننڍڙي
محمد ابراهيم جي، جنهن لاءِ علم جو دروازو، هڪ
عورت کوليو. هڪ سڄاڻ، بااعتماد ۽ ٻاجهاري مائي،
جيڪا جڏهن اسڪول جي اڱڻ ۾ داخل ٿي ته، اُستاد به
اُٿي بيٺو ۽ ساڻس گڏ سندس ساڃاھه وند
شاگرد
به اُٿي بيٺا. اهو ڄڻ ته سنڌ جي انهن سهڻين روايتن
جو مظهر هو، جنهن ۾ عورت جي عزت ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ، سڀ
کان مٿانهون گڻ ليکيو ويندو هو. اُها سيبتي ڏاڏي،
پنهنجي پوٽي کي اسڪول داخل ڪرائڻ جي خوشيءَ ۾
پتاشن سان ڀريل ٽٻڻي به کڻي وئي جيڪي هن ٻارن ۾
ورهايا.
جوئي صاحب جي دل ۽ دماغ تي، پنهنجي مٺڙي امڙ جي
زندگيءَ جا هڙئي ڏک ڏاکڙا اڄ به ايئن ئي نقش آهن،
جيئن اُن ڪچي وهيءَ ۾ هن کي سهندي ڏٺا ۽ محسوس ڪيا
هئا. سندس امڙ جڏهن گذاري ويئي تڏهن، جويو صاحب
ڪراچيءَ ۾ ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هو، هن
جو موت حادثاتي ٿيو، درياء جي
ڪپ تي ٽِينُ ڪپڙن
جو ڌوئڻ وئي هئي ته پير ترڪي ويس، بلڪل ايئن جيئن
سندس پهروٺي ڌيءَ ڀاڳڀري به ڪجهه سال اڳ اهڙي ئي
نموني لهرن جي حوالي ٿي هئي، ۽ ڪناري ته بيٺل هٿ
مهٽيندا رهجي ويا، کيس بچائي نه سگهيا، پنهنجي
مٺڙيءَ ماءُ جي وڇوڙي تي، پنهنجن يادگيرين کي
جيئندي، جويو صاحب لکي ٿو:
”اڄ امڙ جو مان هڪڙوئي پٽ اوڻانوي ورهين جي عمر ۾
اڃا جيان پيو، سچ
ته مائون ويچاريون نورَ نوازيل، نيڪ دل نماڻيون،
جيءَ جياريندڙ،پاڻ گهوريندڙ ۽ ڇا ڇا نه جڳ کي دان
ڏيئي ويندڙ پر عيوض ۾ ڪجهه نه ڪنهن کان گهرندڙ ٿين
ٿيون. هن گهڙيءَ به سڀ کان وڌيڪ چاهنا منهنجي
پاڻيءَ ۾ پاڻيءَ جي دنيا سان ملڻ جي آهي، جت
منهنجي يتيم ڀيڻ ڀاڳڀري ۽ منهنجي
دکياري امڙ ڪامل ٻائي کي پوئين دم کڻڻ جي مهلت ملي
سگهي هئي.“
محمد ابراهيم جوئي صاحب تي، اولين تاثر ڇڏڻ وارن ۾
سندس پهريون استاد سائين ٽيڪڻ مل هو جيڪو هنن جو
استاد به هو، ته
ڳوٺ ۾ بيماري سيماريءَ ۾ شاگردن کي کنگهه مهل چاٽا
به چٽائيندو هو، ته
بخار ويل ڪوئنين جون ڪوڙيون ٽڪيون به کارائيندو هو
جيڪو سنڌي ڪتابن مان ڪهاڻيون ڪڍي، انهن مان
زندگيءَ جو فلسفو به سمجهائيندو هو. اهڙي ئي هڪڙي
ڪتي ۽ سندس پاڇي واري ڪهاڻي به هئي ۽ ان ڪهاڻيءَ
مان پنج لفظ ڪامُ (سڌ) ڪروڌ (ڪاوڙ) لوڀ (هٻڇ)،
موهه (انڌو چاھ)، اهنڪار (وڏائي) ڪڍي انهن جي
معنيٰ ٻڌائي، شاگردن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي
ته اهو ڪتو جيئن ته ڪامي، ڪروڌي، لوڀي، موهي ۽
اهنڪاري هو، اهي پنج ئي خرابيون ان ۾ هيون ۽
اهي ئي پنج خراب عادتون يا ڪُلڇڻ ماڻهوءَ جا به وڏي
۾ وڏا دشمن آهن. جيڪو ماڻهو انهن کان بچي ٿو، سوئي
ماڻهو، ماڻهو سڏجڻ جي لائق ٿو بڻجي.
جڏهن محمد ابراهيم کي چوٿون درجو پهرين نمبر سان
پاس ڪرڻ تي امتحانن واري وڏي صاحب کيس ٻه ڪتاب،
هڪ ”گلدستو“ سنڌ ادب جا چونڊ مضمون، جيڪي ديوان
ڏيارام وسڻ مل ۽ ديوان ليلارام پريم چند جي گڏيل
ڪاوش هئي،
ٻيو مرزا قليچ بيگ جو ”گلن جي ٽوڪري“ جيڪو هڪ
مشهور جرمن ناول جي انگريزي ترجمي جو بهترين سنڌي
ترجمو هو، کيس مليا، ته سائين ٽيڪن مل
کيس مبارڪباد ڏيندي چيو ته ”پٽ ابراهيم تون ڏاڍو
ڀاڳ وارو آهين جو اهڙا ٻه ڪتاب، هن ئي عمر ۾، توکي
مليا آهن، اهي ڪتاب تون وري وري پڙهج، تون انهن جي
پڙهڻ مان ڪڏهن به ڪو نه ٿڪبين، انهن جون ڳالهيون
توکي سڄي عمر ڪم اينديون،“ ۽ پوءِ جويو صاحب لکي
ٿو:
”آءٌ انهيءَ
هدايت لاءِ پنهنجي پياري سائين ٽيڪن مل
جو شڪرگذار آهيان. جو سندن اها هدايت مون سورنهن
آنا سچي ۽ صحيح ڏٺي ۽ ان تي پورو عمل ڪيم. هن وقت آءٌ ذهني
طرح ۽ عملي دنيا ۾ جيئن به آهيان ۽ جو ڪجهه به آهي، ان
لاءِ اهي ٻه ڪتاب آءٌ پنهنجا
محترم ۽ مشفق استاد سمجهان ٿو.“
اهڙي طرح ئي جوئي صاحب جي ان مهل اُسرندڙ شخصيت تي ڪامريڊ
ايم.اين.راءِ
جي فڪر ۽ فلسفي جا گهاٽا اثر نظر اچن ٿا. جيڪي هنن
پاڻ تمام تفصيل سان هڪ مضمون، ”ڪامريڊ ايم.اين.راءِ
۽ منهنجو فڪري سفر “ ۾ بيان ڪيا آهن، پر
اڄ اسان جنهن شخصيت کي هن جي سامهون سندس سوچ ۽
فڪر جي مڃتا لاءِ گڏ ٿيا آهيون، تڏهن معاشري ۾ ادا
ڪيل سندس هاڪاري ڪردار ۽ تحرير مان جيڪا ڳالهه
اُڀري ۽ نکرجي سامهون آئي آهي، اها
هيءَ ته هن سندس سڄي زندگي نيڪي جي پرچار ڪندي
گذاري. هن علم کي ئي ترقيءَ ۽ سجاڳيءَ جو اهڃاڻ
ڄاتو آهي. هو سماجي مت ڀيد ۽ ڇوت ڇات ۾ يقين نه
رکندڙ ۽ انسانيت ۾ ويساھه رکندڙ
روح آهي. هو پنهنجي ڌرتيءَ جو عاشق ۽ هن ۾ ويساھ
رکندڙ آهي. هن جي سوچ ۾ عقليت پسندي آهي، هو هر
وقت هر معاملي ۾ متحرڪ نظر اچي ٿو. هو پنهنجي سماج
کي، انڌن اونڌن وهمن ۽ عقيدن کان ٻاهر ڏسڻ ٿو
چاهي. شڪست خوردگيءَ جي هن جي لغت ۾ ڪا جاءِ
ڪانهي. وڏيراشاهي ڪامورا شاهي ۽ پيرپرستيءَ کي هو
سنڌ واسين لاءِ زهر قاتل ٿو سمجهي. هن جي قلم جي
جنگ هميشه رجعت پسند سوچ جي خلاف رهي آهي. هو
حقيقت شناسيءَ جو پرچار رهيو آهي ۽ سندس سوچ هميشه
انسان جي اعليٰ قدرن جي گرد ڦرندي رهي آهي.
محمد ابراهيم جوئي کي جڏهن اسان نئين سنڌ جو معمار
چئون ٿا ته، يقين رکو هن ان سوچ جو بنياد ئي،
بنيادي انساني لڳ لاڳاپن، ۽ بهترين انساني قدرن تي
رکيو آهي. جيڪو هُو پنهنجي ديس واسين ۾ ڏسڻ چاهي
ٿو ۽ کيس يقين آهي ته جي
هو چاهي ته انهن لاءِ هن سماج کي بدلائڻ ۾ دير نه
لڳندي.
…ته
دوستو! اچو ته اسان جوئي صاحب جي انهن اکين ۾
جهاتي پايون، جنهن سنڌ لاءِ سندر سپنا جوڙيا آهن،
ايڪتا، محبت ۽ ترقيءَ جا خواب ڏٺا آهن، اهو جيئرو
جاڳندو شخص جنهن
پنهنجو نور نچوئي، راتيون جاڳي پنهنجي سُتل
قوم کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اها قوم، اڄ هن کي
ڀيٽا ڏيڻ مهل اهو به وچن ڪري ته، هن جي ڏٺل، سپنن
کي هوءَ ساڀيان ڪندي، جيڪا سنڌ، جوئي صاحب پنهنجي
سپنن ۾ سوچي، تنهن جي تعمير ڪندي اهو ئي هن لاءِ
سالگرھ جو وڏي ۾ وڏو تحفو هوندو.
محمد ابراهيم جوئي جي سئو سالا جشن جي تقريب ۾
پڙهيل. |